شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

جڏھين به توکي وسارڻ چاھيم

جڏھين به توکي وسارڻ چاھيم

جڏھن به،
توکي وسارڻ چاھيم
تنھنجي ھر ياد،
سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،
ذھن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پيئي آ،
منھنجي دل،
مون سان وڙھي پيئي آ.

جڏھن به،
توکي وسارڻ چاھيم
تنھنجي ھر ياد،
ڪنھن ڏاج جي جوڙي ۾ رچيل،
سدا ملوڪ، شوخ، شرميلي،
خمار گاڏھين خوشبوءِ وانگر،
چؤطرف من ۾ ٽڙي پيئي آ،
منھنجي دل،
مونسان وڙھي پيئي آ.

جڏھن به،
توکي وسارڻ چاھيم،
تنھنجي ھر ياد،
ڪينسر جي وارڊ ۾
لادوا مريض جيان،
دلاسڙن جي دوائن تي ڌتاريل دلڙي،
پنھنجي ويڄن سان وڙھي پيئي آ،
منھنجي دل،
مونسان وڙھي پيئي آ،
جڏھن به توکي وسارڻ چاھيم.