شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

اسان جي مئاسين

اسان جي مئاسين

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

اسان جو جڏھين خون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙھا وطن جا به واسي ڇڏيندو،
جڏھين ٻارڙي ڪنھن، ڪئي ٻولي ٻاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

اسانجون ھي ٻانھون، اسان جو نگاھون،
ازل کان لوچين ٿيون اھڙيون راھون،
انھيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

جڏھن منھنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جُھرندا،
ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

جڏھين وڏ ڦڙو ڪو ولھارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنوھارن تي وسندو،
نه رھندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.