ڪتاب جو نالو: اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا
مصنف: ڊاڪٽرشاهمراد چانڊيو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: تعليم
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 31 ڊسمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 597 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 289 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • ٻه اکر
  • تاثرات: شاهمراد جي محنت رنگ لائيندي
  • پيش لفظ
  • پنهنجي پاران
  • باب پهريون

  • دنيا ۾ اعليٰ تعليم جو رجحان
  • ايشيا ۾ اعليٰ تعليم
  • باب ٻيون

  • اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ اعليٰ تعليم ۽ هن خطي جي اهميت
  • جپان جا تعليمي ادارا ۽ سندن اعليٰ تعليم
  • عوامي جمهوريه ڪوريا جو اعليٰ تعليمي نظام
  • هانگ ڪانگ ۾ تعليمي نظام ۽ موقعا
  • تائيوان ۾ تعليمي ادارا ۽ موقعا
  • چائنا ۾ اعليٰ تعليم
  • باب ٽيون

  • ڏکڻ-اوڀر ايشيا جا ملڪ Southeast Asian countries.
  • سنگاپور ۾ اعليٰ تعليمي ادارا ۽ موقعا
  • ٿائلينڊ جو اعليٰ تعليمي نظام
  • ملائشيا جو تعليمي نظام
  • ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون:
  • ملائشيا جون پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج
  • ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ داخلا جوطريقيڪار
  • ملائشيا ۾ شاگردن لاءِ ويزا جو طريقيڪار
  • ملائشيا ۾ فيس ، رهائش ، کائڻ پيئڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جو خرچ :
  • ملائشيا ۾ اسڪالرشپون
  • ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگرد
  • ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ سنڌي پروفيسر
  • باب چوٿون

  • شاگرد يونين ۽ هيلٿ انشورنس
  • شاگردن لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي
  • باب پنجون

  • مڊل ايسٽ ۾ اعليٰ تعليمي رجحان
  • باب ڇهون

  • سينٽرل ايشيا جا تعليمي ادارا ۽ موقعا
  • باب ستون

  • ڏکڻ ايشيا ۾ تعليمي نظام ۽ رجحان
  • باب اٺون

  • يوريشين ملڪ روس ۽ ترڪي ۾ اعليٰ تعليم
  • روس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا
  • ترڪيءَ ۾ اعليٰ تعليم
  • باب نائون

  • بين الاقوامي تعليم ادارن ۾ داخلا وٺڻ ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم صلاحون
  • باب ڏهون

  • پروفيسر ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه جو انٽرويو

  • اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

    (دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب)



    ڊاڪٽرشاهمراد چانڊيو




    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر




    BOOK NO: (222)

    اعلي تعليم جا بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا
    (علمي ۽ تحقيقي مضمون)
    ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو
    ڇاپو پهريون: سيپٽمبر 2018ع
    ٽائيٽل : سعيد سومرو
    ڪمپوزنگ : شاهمراد چانڊيو
    ايڊيٽنگ: نور راهوجو، دين محمد ڪلهوڙو
    ڪنول پبليڪيشن، قنبر




    قيمت: 200 Rs.


    ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
    سمباره/ڪنول بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو – سليمان برادرس، نواب شاهه
    انڊس ويلي بڪ شاپ، دادو – مدني بڪ اسٽور، دادو
    سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر - ٿرڪتاب گهر، مٺي.
    ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد. تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس –
    مهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ، سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    جيجل امڙ آسيت خاتون،
    بابا سائين محمد صلاح چانڊيو،
    چاچا حريف خان چانڊيو،
    پرائمري استاد اميد علي وئينس،
    پي ايڇ ڊي جي نگران پروفيسر ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه سميت
    پنهنجن سمورن مهربان استادن جي نالي.
    ۽
    سنڌي عوام جي بهتر تعليم لاءِ
    لانگ مارچ ڪندڙ ۽
    جاکوڙيندڙ سمورن ڪارڪنن جي نالي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ اوهان اڳيان پيش آهي. دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪندڙ علمي ۽ تحقيقي مضمونن جي هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيوآهي.
    جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
    هي ڪتاب سيپٽمبر 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو صاحب جا جنهن هي نڪور ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي پنهنجي ننڍي وهيءَ ۾ جنهن تعليمي پد تائين رسائي ماڻي آهي، سا جستجو ۽ جاکوڙ کيس ورثي ۾ ملي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ نه رڳو پاڻ کي پر ٻين ساٿين کي به اڳتي وڌڻ ۽ بهتر کان بهتر ٿيڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي تڙپ ۽ تمنا رکي ٿو.
    سندس تعليمي ڪاميابيون سندس الڳ سڃاڻپ ڪارڊ آهن پر علمي ۽ ادبي دنيا ۾ به پنهنجي وت ۽ وس آهر پهريان پختا پير رکندي، پنهنجي علائقائي واسين کي دنيا جي ڪجهه پاسن ۾ موجود بهترين تعليمي حاصلاتن جي ڄاڻ لاءِ، نهايت آسان ۽ سرل ٻوليءَ ۾ ’’اعليٰ تعليم جا بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا‘‘ لکي، پنهنجي ادبي ۽ علمي ڏاهپ کي خاص عوامي ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي کان اڳ ۾ تعليم بابت مفصل تحقيقي ڪتاب گهٽ لکيا ويا آهن. خاص ڪري سنڌيءَ ۾ بنهه نه جي برابر آهن. جنهن سبب نئون اسرندڙ شاگر د پنهنجي تعليمي مستقبل جي امڪانن ۽ مونجهارن ۾ ڦاسي، درست فيصلي جي قوت وڃائي ويهي ٿو. جي اُن جي اڳيان هڪ رستو ۽ ان تي موجود سمورين شين جي پڌرائي ڪجي ته جيڪر اُهو منجهيل مسافر پنهنجي تعليمي سفر کي نه رڳو بهتر پر اڃان به بهتر ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو پاڻ به ان تعليمي شاهراهه تان گذريو آهي، ۽ هُن ٻين لاءِ ان رستي تي هڪ مشعل ٻاري آهي، جنهن جو نالو ’’اعليٰ تعليم جا بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا‘‘ آهي. هيءَ اُها شمع آهي، جيڪا هر نئين شاگرد سان گڏ ٻين اڳتي وڌڻ جو چاهه رکندڙ دوستن لاءِ وڏي گائيڊ لائين آهي.
    پنهنجي وطن جي سڀني مسئلن جو پهريون حل تعليم آهي. بنا ڄاڻ جي ڪير به اڳتي وڌي نٿو سگهي. جيڪڏهن پنهنجي مستقبل ۽ ان سان گڏ وطن جي سينڌ سنوارڻ جي سوچ رکبي ته دنيا جا اعليٰ کان اعليٰ آسمان ان جي قدمن ۾ هوندا.


    سعـيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro44@gmail.com


    مهاڳ

    شاگردن لاءِ ”گولڊ مائن“ جي حيثيت رکندڙ ڪتاب

    تقريباَ 36 سال پهرين واره تعلقي جي ڳوٺ نهال تنئي ۾ مشهور سياسي، سماجي ڪارڪن محمد صلاح چانڊئي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي پنهنجي پڙهائيءَ جي شروعات،گورنمينٽ پرائمري اسڪول نهال تنيو، واره، قنبر کان شروع ڪندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول واره مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي پهتو. سنڌ يونيورسٽي جي انفرميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ شاگرديءَ واري وقت ۾ مان سندس استاد رهيو آهيان. پڙهائيءَ سان گڏ شاهمراد چانڊيو هميشه سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ ٻين کوڙ سارن محاذن تي پنهنجي پوري ديانت ۽ سچائيءَ سان معاشري، قوم، ملڪ ۽ عالمي انسانيت لاءِ تفڪر۽ تدبر سان گڏ عملي جدوجهد ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. سندس بيپناه ذهني صلاحيتن ۽ بهترين علمي ۽ عملي حاصلاتن جي ڪري فوري طور ميرٽ جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرري ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان هو نـ صرف منهنجو ڪليگ ۽ دوست رهيو آهي پر سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن جي ميمبر جي حيثيت ۾ هو منهنجو هم خيال ۽ مون سان گڏ مختلف تنظيمي عهدن تي پڻ ڪم ڪري چڪو آهي.آءُ سندس سنڌ يونيورسٽي کان چين ۽ چين کان ملائشيا ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي سمورن لوازمات جي پوري ڄاڻ رکان ٿو.جڏهن به ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي سان علمي بحث مباحثه ٿيا آهن تـ هن هميشه شين کي مختلف پهلوئن سان ۽ تمام گهرائيءَ سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ سٺي محقق جي بهترين خوبين مان هڪ خوبي اها به آهي تـ هو شين ۽ لقائن کي ائين سمجهي ۽ سمجهائي، جيئن هو پنهنجي اصل جوهر ۾ آهن. اها خوبي ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي کي هڪ عام استاد ۽ محقق کان تمام گهڻو منفرد ڪري بيهاري ٿي ۽ هو هميشه ان اصول تي ڪم ڪندي وقت، حالتن ۽ نتيجن جي پرواه ڪرڻ بجاءِپنهنجي منزل طرف وڌنڌو رهي ٿو ۽ نتيجي ۾ ڪائنات جون تمام حسين ڪاميابيون سندس قدم چمنديون رهن ٿيون. سندس اهڙين جاکوڙي ڪوششن جي ڪري ملائشيا ۾ پي ايڇ.ڊي دوران ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي ڪيترين ئي ڪانفرنسن، ورڪشاپن، تربيتي ۽ فلاحي پروگرامن ۾ پڻ حصو ورتو ۽ ميرٽ تي اعزاز پڻ ماڻيا. ان کان علاوه ملائيشيا ۾ پوسٽ گريجوئيٽ اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَجو ميمبر ۽ اڪيڊمڪ ۽ هيومن ڊولپمينٽ بورڊ جو صدر پڻ رهيو آهي،جنهنڪري هن نه صرف ملائشيا پر پوري دنيا جي اعليٰ تعليمي نظام ۽ خاص ڪري شاگردن جي گهرجن، ضرورتن، سهوليتن ۽ مسئلن کان تمام گهڻو واقف رهيو آهي.
    ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي هميشه دنيا جي مختلف قومن ۽ ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ اعليٰ تعليم جي ڪردار بابت وڏي تحقيق ڪئي آهي. هو سمجهي ٿو ته عالمي سطح تي سائنسي بنيادن تحت اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته فردي، سماجي، قومي ۽ ملڪي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اعليٰ تعليم تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. فردي سطح تي معاشي خوشحالي، بهتر روزگار ۽ صحت کان وٺي ملڪي ۽ عالمي سطح تي اعليٰ تعليم جي ذريعي ڪيترين ئي سماجي براين جهڙوڪ بک، بدحالي، جهالت، ويڙه ۽ غربت کي ختم ڪري امن امان، ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته دنيا ۾ باشعور فردن، سماجن، قومن ۽ ملڪن ۾ جيئن پوءِ تيئن اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي شرح وڌي رهي آهي ۽ اهڙي واڌ کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان ئي سلسلي ۾ سنڌ ڄائي ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي جو هي ڪتاب اعليٰ تعليم جا بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا(دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاء رهنمائي ڪندڙ ڪتاب) هڪ ڪڙي آهي.
    جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
    اعليٰ تعليم جا بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا هڪاهڙو ڪتاب آهي جيڪوهڪ عالمي اعليٰ تعليمي سفرنامي جي انداز ۾ لکيل آهي. موضوعن جي گهڻائي، گهڻ رخي ۽ گهرائيءَ جيڪري پرهندڙ جي دلچسپي جيئن پوءِ تيئن وڌڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ڪوشش اها رهي ٿي ته ڪتاب پوري ڪرڻ کان پهرين ڪنهن ٻئي ڪم ۾ هٿ نه وجهجي. دنيا جي هر ملڪ جو دلچسپ تاريخي پسمنظر، ان ملڪ جي ماڻهن جو تاريخي، سماجي، سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي پسمنظر، سندن رهڻي ڪهڻي، مزاج کان وٺي مڪمل تعليمي نظام ۽ خاص ڪري اعليٰ تعليم جي نظام جي جوڙجڪ، يونيورسٽين جي رينڪنگ، سيميسٽر شروع ٿيڻ جا مهينا، داخلا جو طريقو، اسڪالرشپ جا ذريعا، ويزا وٺڻ جو طريقو، ويب سائٽس، شاگرد تنظيمن جو ڪاروهنوار، رهائش ۽ کاڌي پيتي جا خرچ، پارٽ ٽائم جاب حاصل ڪرڻ جا طريقا، تفريحي ماڳ ۽ ٻين انيڪ موضوعن سان گڏ ان سموري ڄاڻ جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ۽ نهايت ڪارآمد ۽ بهتر رهنمائي ڪندڙ صلاحن سان مالا مال هيءُ ڪتاب سنڌ جي علمي ۽ ادبي خزاني ۾ هڪ نئين باب جي سنگ بنياد جي حيثيت رکي ٿو.سنڌيت ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ اعليٰ تعليمي اتساه پئدا ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي جي هن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي مختلف يونيورسٽين مان اسڪالرشپ جي بنياد تي جن سنڌيڄاوَنپنهنجي تعليم حاصل ڪئي آهي، انهن جي مڪملتفصيلن سان گڏ ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي استادن جا تفصيل پڻ شامل آهن. اعليٰ تعليم جي مختلف موضوعن، تقاضائن ۽ سهوليتن سان گڏ عالمي تعليمي نظام جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ ملائشيا ۾ سنڌي پروفيسر ڊاڪٽر سيداسدالله شاه جو تفصيلي انٽرويو پڻ هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهي.
    ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي جي هن ڪتاب جي اهميت انڪري بـ وڌي وڃي ٿي جو سنڌ جي تعليمي نظام خاص ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٻارن جي اڳتي پڙهڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ گائيڊنس ۽ ڪائونسلنگ وارن شعبن جي مڪمل کوٽ ۽ غير فعالي آهي. نتيجي طور ڪيترائي نوجوان، بهتر ۽ مناسب اعليٰ تعليم ۽ روزگار کان محروم رهجي وڃن ٿا. هيءُ ڪتاب، اهڙن نوجوانن لاءِ هڪ مشعلِ راه آهي ۽ گڏو گڏ هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان سنڌ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي انتظاميا کي پڻ تمام وڏي مدد ملي سگهي ٿي ته اهي شاگردن جي گائيڊنس ۽ ڪائونسلنگ لاءِ جديد تقاضائن مطابق سهوليتون مهيا ڪن. مان شاهمراد چانڊئي کي هن قيمتي سوکڙي پيش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو.


    پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاه


    ٻه اکر

    نوجوان شاهمراد چانڊيو تازو ملائشيا مان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي. هيءُ نوجوان پنهنجي علائقي جي هر دلعزيز سماجي اڳواڻ ۽ اسان جي پياري دوست ساٿي سائين محمد صلاح چانڊئي جو نينگر آهي. سندس تعلق قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي انتهائي پٺتي پيل شهر واره سان آهي. قنبر-شهدادڪوٽ ضلعو قبائلي طرح ٻن حريف قبيلن چانڊين ۽ مگسين جي نوابيءَ ۽ سرداريءَ ۾ اچي ٿو. هتان جا ماڻهون صدين کان اڪثر ڪري نفسياتي طرح وڏيرن، نوابن ۽ جاگيردارن جا غلام رهندا پيا اچن. اتي گذريل ڪيترن ايامن ۽ ورهين کان غريب ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ شهر ممنوعه بڻيل رهي آهي، مگر ڪجهه ڏهاڪن کان پوءِ اُتي جي ماڻهن ۾ شعوري طرح تبديلي آئي آهي جو هُو تعليم جي اهميت کان واقف ٿي رهيا آهن ۽ هنن پنهنجا پيٽ ڪَٽي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ جي هڪڙي مهم شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ نوجوان شاهمراد چانڊيو به هڪ آهي. هن جو خاندان 70 واري ڏهاڪي کان سياسي ۽ سماجي طرح سجاڳ رهندو پيو اچي، ان جو نتيجو شاهمرا جي پنهنجي ملڪ کان چين ۽ ملائشيا وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ آهي. سڌريل قوم جا فرد رڳو پنهنجي لاءِ نه سوچيندا آهن، پر هنن جي نظر مستقبل ۾ هوندي آهي ۽ حال کي هٿ مان ڇڏڻ نه ڏيندا آهن ۽ هو پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندا آهن. شاهمراد چانڊئي هيءُ ڪتاب لکي ڄڻ ته سڌريل قوم جي فرد هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي تڙپ ۽ لوچ پوچ آهي، جيڪا پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان ڪنهن به محڪوم، مجبور ۽ بي ساعت قوم کي شعوري طرح سجاڳ ڪري ۽ نئين عزم ولولي سان هم ڪنار به ڪري ٿي. هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته شاهمراد چانڊيو رڳو ٻار پڙهائيندڙ هڪ عام استاد نه آهي، پر هن جي اک سماج جي هر لڪيل گوشي کي تمام ويجهي کان نه رڳو ڏسي ٿي پر سندس ذهن ان جي مناسب علاج جو ادراڪ به رکي ٿو.
    هيءُ ڪتاب نئين نسل کي ڀٽڪڻ بجاءِ هڪ اهڙي گس تي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، جنهن جي اڄ اسان جي قوم جي نسل کي سخت ضرورت آهي. اسان جي قوم کي هن وقت اهڙي سائنسي تعليم جي ضرورت آهي، جيڪا اسان جي مظلوم ۽ محڪوم قوم کي غلاميءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍي هڪ صاف ۽ شفاف وڻندڙ ۽ خوشگوار ماحول عطا ڪري. اسان جي نئين نسل کي اهڙي تعليم گھرجي، جيڪا جاگيردرانه ۽ سرمائيدارنه صدين واري سماج کي پرزا پرزا ڪري سگھي. جنهن سان اسان جي سنڌ شاهوڪار ۽ پرامن بڻجي سگھي. هيءُ ڪتاب اهڙي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪتاب مختلف ڄاڻ سان ڀرپور آهي ۽ سندس لکڻ جو اسٽائيل سفرنامي وانگر آهي. هن جيڪا ڳالهه سمجهائڻ چاهي آهي، اها نهايت دلپزير ۽ آسان پيرايي ۾ بيان ڪري ويو آهي. اها وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته اسان وٽ وڏا وڏا اديب هوندا آهن، پر جڏهن هو پنهنجي مقصد بيان ڪرڻ ويهندا آهن، ته ڪري نه سگھندا آهن، پر شاهمراد چانڊئي سان ائين نه ٿيو آهي، هن ڪتاب ۾ جيڪا ڳالهه سلڻ چاهي آهي، اها ڀرپور نموني ۾ سلي ويو آهي. نوجوان شاهمراد چانڊئي کي هن ڪتاب لکڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. ۽ اها تمنا پڻ رکان ٿو ته شل هيءُ ڪتاب، ليکڪ جي انهن خوابن جي ساڀيان ماڻي، جيڪي خواب هن ڏٺا آهن.

    دين محمد ڪلهوڙو
    ايم.سي.پي واپڊا ڪالوني
    ڄامشورو سنڌ
    سومر، آگسٽ-27، 2018ع


    تاثرات: شاهمراد جي محنت رنگ لائيندي

    بابا سائين جي وفات کان پوءِ، اسان جي وڏي ڀاءُ محمد صلاح چانڊئي کي آخري پٽ ڄائو، ته اسان کي بي انتها خوشي ٿي ۽ مٿس شاهمراد نالو رکيوسين. شاهمراد، اسان جي بابا سائين جو نالو هو. ماڻهوءَ جي مزاج ۽ طبعيت تي نالي جا به اثر پون ٿا ۽ اسان جي ڀائٽي تي به بابي سائين جي نالي جا اثر پوڻ شروع ٿيا. اسان چاهيو ته هيءُ نينگر وڏو ٿي اسان جي والد صاحب جو نالو روشن ڪري ۽ بابا سائين جي نالي سان ترقي ڪري ته جيئن هِن ماڊرن دور ۾ اسان جي بابا سائين جي نئين سڃاڻپ ٿي. اسان جو والد بزرگوار شاهمراد چانڊيو پنهنجي دور جو وڏو مهمان نواز ۽ اوطاقي مڙس هو. ماڻهن سان آئي وئيءَ مهل گڏ بيهي رهڻ، ٻن وڙهيل ڀائرن کي پاڻ ۾ پرچائڻ بابي سائينءَ جي سڃاڻپ هئي. اڄ اسان جي، پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪا به عزت آهي، اها بابا سائين جن جي خوسگوار سماجي لاڳاپن ۽ روين جي ڪري آهي. انڪري اسان چاهيون ٿا ته بابي سائين جي نالي سان منهنجو ڀائٽيو شاهمراد به ترقي ڪري ۽ عزت ڪمائي.
    اسان جو ڀائٽيو شاهمراد ننڍپڻ کان ئي شرميلو، گھٽ ڳالهائو رهيو آهي. ننڍپڻ کان جيڪا هن جي تعليمي تربيت ٿيڻ گھربي هئي، اها غربت سبب نه ڪري سگھياسين، پر پنهنجي وس ۽ وت آهر هن جي مدد ضرور ڪئي. شاهمراد انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل سائنس جي فيلڊ ۾ چونڊجي نه سگهيو. هن جو خواب هو ته هُو ڊاڪٽر ٿئي. ميڊيڪل ۾ پاس نه ٿيڻ سبب هو، گھڻو مايوس ٿيو، پر سندس اندر ۾ مسلسل محنت ڪندڙ هڪ انسان ويٺل هو، جنهن شاهمراد کي اڳتي وٺي هلڻ ۾ اتساه ڀريندو رهيو جو سندس محنت رنگ لاٿو ۽ ميرٽ جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پوءِ اسڪالرشپ ذريعي ملائشيا وڃي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جهڙي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري آيو آهي. شاهمراد جي ڪاميابيءَ تي اسان کي انتهائي خوشي ٿي آهي جو هو لڳاتار محنت ڪري پنهنجي قابليت تي ٻاهران اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيو آهي، جيڪا اسان جي خاندان ۾ اڳ ڪنهن به حاصل نه ڪئي آهي. سندس تربيت ۾ هن جي والد يعني منهنجي وڏي ڀاءُ محمد صلاح چانڊئي جو وڏو هٿ آهي. محمد صلاح چانڊيو پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هن عوامي تحريڪ جي پليٽفارم تان ايم.آر.ڊي جي تحريڪ ۾ 15 –آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي پاڪستان چوڪ تان گرفتاري ڏني، کيس سينٽرل جيل سکر ۾ رکيو ويو. ان کان پوءِ ملٽري ڪورٽ محمد صلاح کي 10 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي، کيس 10 ڪوڙا هنيا ويا. شاهمراد جو والد به پنهنجي والد صاحب وانگر پنهنجي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سان پيار ڪندڙ، ڏکن سکن ۾ انهن جو ساٿ ڏيندڙ، مهمانواز ۽ اوطاقي مڙس آهي. اسان جو گھر 70 واري ڏهاڪي کان سياسي طرح سجاڳ رهيو آهي، اسان جي خاندان مان عبدالله چانڊيو، محمد نواز چانڊيو، امير بخش چانڊيو ۽ ڊاڪٽر حسن چانڊيو اهڙا ڪردار رهيا آهن، جيڪي ايم. آر.ڊي جي تحريڪ ۾ به سرگرم رهيا ۽ سياسي طرح عوامي تحريڪ ۾ موجود رهيا جن جو پنهنجي علائقي ۾ سياسي اثر رهيو آهي. گھر ۾ مسلسل اهڙي سياسي ۽ سماجي ماحول جو شاهمراد تي به ننڍپڻ کان اثر پيو آهي، وٽس علم جو خزانو آهي، جيڪوهن ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. اسان جي خاندان ۾ اڳ ڪنهن به ڪتاب نه لکيو آهي ۽ هيءُ ڪتاب، اسان جي پوري سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعور کي پنهنجو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته هيءُ ڪتاب، سنڌ ۾ بگڙيل تعليم کي سنوارڻ ، سڌارڻ ۽ نئين نسل ۾ تعليم جي شعور ڦوڪڻ ۾ اڳتي هلي سنگِ ميل ثابت ٿيندو ۽ اسان جو ڪيل پورهيو ضرور صابِ پونديو.

    حريف چانڊيو
    شاهمراد چانڊئي جو چاچو
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    خميس 23، آگسٽ 2018ع


    پيش لفظ

    پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم جا خواب ڏيکاريندڙ

    اسان جهڙن پوئتي پيل سماجن ۾ جڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي صلاحيتن، محنت يا ڪن اتفاقن سبب اڳتي وڌندا آهن، ۽ سندن طبقو تبديل ٿيڻ لڳندو آهي، تڏهن اهي پاڻ کي خلائي مخلوق سمجهڻ لڳندا آهن ۽ آهستي آهستي نه رڳو پنهنجي اصليت کي وساري ڇڏيندا آهن پر هڪڙي حد کان پوءِ، پنهنجي طبقي، وطن، ڌرتي ۽ ديس واسين کي سست، ڪاهل، ڪم چور ۽ نه ڄاڻ ته ڇاڇا چئي نفرت جو اظهار ڪندا آهن. پر ڪي ماڻهو اهڙا به ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي روين، خيالن، سوچن ۽ عملن جي ذريعي پنهنجي قوم جي ڦٽل نصيب سنوارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان جو پيارو ڀائٽيو، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو به انهن ئي مڻيادار مڙس ماڻهن جي ڪهڪشان جو هڪڙو سندائين مهڪندڙ، ٻهڪندڙ، جرڪندڙ ۽ جڳمگائيندڙ روشن ستارو آهي جيڪي پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي ترقي ۽ تعمير لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا آهن.
    سندس هيءُ ڪتاب ”اعليٰ تعليم جا بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا“ پڻ سندس ان ئي ڪاوش جي پهرين ڪڙي آهي. توڙي جو اسان جا ڪيترائي مانوارا استاد ۽ دوست Ph.D ڪري آيا آهن پر کين الائي ڇو پنهنجي ان تجربي کي قلم بند ڪرڻ ۽ نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو خيال نه آيو. توڙي جو هو پنهنجن انهن تجربن ۽ ڪارنامان جو ذڪر ذاتي محفلن ۾ بارها ڪندا رهيا آهن.
    منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو جو هي ڪتاب نه رڳو اڳتي وڌڻ ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش مند شاگردن پر پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جا خواب ڏسنڙ والدين لاءِ شروعاتي ئي صحيح پر هڪڙي ”گائيڊ بڪ“ جي حيثيت رکي ٿو.
    هن ڪتاب جي پروف ريڊنگ ۽ پڙهڻ دوران اهو احساس باربار اڀريو ٿي ته : ڪاش! ڪو اهڙو مرد مجاهد اسي واري ڏهاڪي ۾ به پيدا ٿئي ها ۽ اسان سان ائين ويچار ونڊي ها ته ان دور جا مون جهڙا ڪيترائي نوجوان ڀٽڪڻ بجاءِ شايد اعليٰ تعليم جي ان شاندار شاهراه جا پانڌيئڙا ٿي پون ها ۽ قوم جي گھاءُ گھاءُ ٿيل وجود تي تعليم ۽ ترقيءَ جا پها ۽ پٽيون رکي سگھن ها!.
    اميد ته اسان جو نوجوان نسل هن تحرير مان لاڀ حاصل ڪندو ۽ پنهنجي تعليمي ڪيريئر کي وڌائڻ لاءِ رهنمائي حاصل ڪندو ۽ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جيان پنهنجن تجربن، خواهشن ۽ خيالن کي پنهنجي ايندڙ نسل جي رهنمائي ۽ رهبريءَ لاءِ قلم بند ڪندو.
    جيڪڏهن اسان ان سلسلي کي جاري رکڻ، پنهنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ ۽ پنهنجي استادن کي سماج اندر جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد کي لڳاتار ۽ مسلسل قائم رکيو اينداسين ته يقينن هڪ ڏينهن پنهنجي وطن ۽ عوام کي دنيا جي مهذب، ترقي يا فته ۽ تعليم يا فته قومن جي صفن ۾ شانائتي ۽ مانائتي جاءِ تي ضرور پهچائينداسين.

    علم لاءِ جاکوڙيندڙ قافلي جو ادنيٰ سپاهي

    نور راهوجو
    ڀريا وليج ڄام شورو ڦاٽڪ
    27-8-2018


    پنهنجي پاران

    هي ڪتاب ڪيئن لکجي ويو ، مون کي اڄان يقين ڪونه ٿو اچي، حقيقت ۾ مون ڪي گھڻا ڪتاب به ڪون پڙهيا آهن، پر پوءِ به منهنجي ادب ۾ پسنديده صنف صوفين بابت ڪتاب پڙهڻ کان علاوه سفرنامه ئي رهيا آهن. سفرنامه پڙهندي اهو سوچيندو هيس ته جڏهن ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ ٿيو ته سفرنامون ضرور لکندس. ملائشيا ۾ رهندي به سفرنامون لکڻ جو سوچيو، ۽ ضروري شيون ڊائري تي نوٽ ڪندو پئي ويس، ته ملائشيا بابت الطاف شيخ جا سفرنامه نئي سري سان پڙهندو به ويس. مونکي هميشه محسوس ٿيو ٿه آءَ ڪجهه نئون ڪون لکي رهيو آهيان، ۽ نه ئي الطاف شيخ جهڙي ليجنڊ ليکڪ جي ڊزن کان مٿي ملائشيا بابت سفرنامنن هوندي منهنجي ڪتاب جي ڪا ضرورت به آهي، پر ان سوچ ويچار هوندي دليون هڻندي به ڊائري ۾ ملائشيا بابت ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهيس، پر آءُ مطمئن نه هيس، ان وچ ۾ ڪجهه سنڌي ڪتاب جيڪي آءٌ پاڪستان مان ملائشيا کڻي آيو هيس، انهن ڪتابن مان هڪ ڏينهن پنهنجي چاچي حريف خان طرفان ڏنل ڪتاب ”تعليمي انقلاب“ پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن ڪتاب جي هڪ حصي ۾ تعليم جي اهميت تي ڪيترائي مضمون آهن، ته وري ٻئي حصي ۾ سنڌ جي اندر اسڪولن، ڪاليجن جي تباهي ۽ يونيورسٽين اندر جديد تعليمي سهولتن جي کوٽ ۽ صحتمند ماحول نه هجڻ جا داستان هئا. حالانڪ اهو ڪتاب پهرين پاڪستان ۾ به پڙهي ڇڏيو هو، پر شايد ملائشيا ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جو ماحول ۽ معيار جو اکين اڳيان هو ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ جو پنهنجي تعليمي ادارن جو خراب نقشو سامهون آيو ته پريشاني ٿي ۽ ڪنهن سوچ ۾ ٻڏي ويس. ڪولالمپور ۾ ڪجهه سرڪاري پرائمري اسڪولن، جي اڳيان لگھندي جڏهن اسڪول جي بلڊنگ اڳيان تمام وڏي گرائونڊ تي ٻار راند رهندي، يا صاف سٿري ڪينٽينن تي ماني کائيندي، يا ڪلاس ۾ لڳل ايئر ڪنڊيشنس تي نظر پوندي هئي ته سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۽ هاءِ اسڪولن جي حالت اکين اڳيان اچي ويندي هئي. ان ئي سوچ ۾ رهندي خيال آيون ته ڇونه ملائشيا جي تعليمي نظام جي ڪاميابي بابت پڙهان ۽ ملائشيا ۾ موجود تعليمي موقعن بابت لکان جنهن سان ٿي سگھي ٿو پنهنجي نوجوانن لاءِ ڪا نئي راه نڪري پئي. پهرين مون صرف ملائشيا جي بابت ۽ ملائشيا ۾ تعليمي ادارن بابت لکڻ شروع ڪيو. پر پوءِ ملائشيا سان گڏ چائنا بابت لکڻ جو سوچيو، هڪ ڪالم به لکيو جنهن جو عنوان رکيو ايشيا ۾ اعلي تعليم جا موقعا ۽ ملائشيا جيڪو سنڌ ايڪسپريس ۾ 29 آڪٽوبر 2015 ۾ ڇپيو.ان دوران هڪ ڪتاب ”ايشيا ايندڙ وقت ۾ اعلي تعليم حوالي سان سپرپاور“ به انٽرنيٽ تي نظر آيو ته ارادو ڪيم ته منهنجو ڪتاب فقط ملائشيا ۽ چائنا بابت نه پر ايشيا بابت هجڻ گھرجي جنهن جو عنوان رکيو ”ايشيا ۾ اعلي تعليم جا موقعا“.ان ڪري ڪتاب ۾ ايشيا جي سمورن اهم علائقن جي ملڪن بابت تعليمي نظام بابت تفصيل شامل ڪرڻ جو سوچيو،ان بعد مختلف ڪتابن، انٽرنيٽ، گورنمينٽ ويبسائيٽس ۽ ريسرچ آرٽيڪل ڏسڻ شروع ڪيا.ته آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان سال 2015ع جي دنيا جي تعليمي ادارن بابت رپورٽ پڙهي، ان رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ آءَ پنهنجي اندر هڪ ڳالهه واضع محسوس ڪئي ته مون کي ڪتاب لکڻ گھرجي ، ”اعلي تعليم: بين الاقوامي رجحان ۽ موقعا“. جنهن ڪري مختلف ملڪن ۾ سنڌي دوستن سان رابطه ڪري تعليمي ماحول، اسڪالرشپس بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ شروع ڪئي، ڪجهه کان انٽرويو به ڪيا آهن، نيٺ ان نتيجي تي پهتس ته ڪتاب اعلي تعليم بابت پوري دنيا ۾ آيل رجحان ۽ موقعن بابت هجڻ گھرجي. جنهن جو هي پهريون ڀاڱو آهي. جنهن ۾ گھڻو فوڪس ايشيا جي ملڪن تي ڪيل آهي. هن ڪتاب لکڻ جو مقصد سنڌ جي ذهين ۽ قابل شاگردن کي دنيا جي بهترين ادارن ۾ وڃي اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتساه ڏيڻو آهي کين اتي موجود موقعن بابت رهنمائي ڏيڻ آهي ۽ کين اهو ٻڌائڻو آهي ته دنيا هن وقت ذهانت جو قدر ڪري ٿي، سڄي دنيا جي تعليمي ادران جا دروازا ذهين ۽ سوچيندڙ ذهنن لاءِ کليل آهن، اچو ته پنهنجي لاءِ نوان رستا ۽ نيون راهون تلاش ڪيون. ٻاهر وڃي پڙهڻ سان نه صرف ماڻهون ڊگري حاصل ڪري ٿو پر بين الاقومي ادارن ۾ روزگار به حاصل ڪري سگھي ٿو، پنهنجي خاندا ، ڳوٺ ۽ شهر جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ پائيدار ۽ سونهون بڻجي سگھي ٿو. پنهنجي قوم ۽ وطن جو نالو روشن ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته هن ڪتاب مان نوجوان لاڀ حاصل ڪندا.
    آءُ نهايت ئي شڪر گذار آهيان چاچي نور نبي راهوجو صاحب ۽ سائين دين محمد ڪلهوڙو صاحب جو، جن منهنجي ڪتاب ۾ موجود لاتعداد صورتختي جي غلطين کي نه فقط صحيح ڪيو پر ٻولي کي به درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حقيقت ۾ هي ڪتاب مون پاڻ ٽائيپ ڪيو جيڪا منهنجي سنڌي ٽاپيپ ڪرڻ جي شروعات به هئي، جنهن ڪري هر صفحي تي ٽيهه کان چاليهه سيڪڙو غلطيون هيون، آءَ سمجهان ٿو ته اهو سائين دين محمد صاحب ۽ چاچي نور نبي راهوجو جي علم دوستي ۽ اسان جي خاندان سان پنهنجائپ ۽ لحاظ ئي آهي جو هي بي تريب ۽ غلطين سان ڀرپور ڪتاب کي پڙهڻ جهڙو ڪيو اٿن.
    ڪنول پبليڪشن جي سرواڻ سعيد سومرو جي به وڏي مهرباني، جنهن هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. آءُ نهايت ٿورائتو آهيان، انهن سمورن ساٿين جو، جن هن ڪتاب کي پنهنجو ڪري، سنڌ جي نوجوانن تائين پهچايو آهي.
    آءَ شڪر گذار آهيان پروفيسر ڊاڪٽراظهر علي شاه صاحب جو ،جنهن پنهجي مصروفيتن جي باوجود به منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکي هن ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. آءُ پنهنجي پياري دوست ۽ ناول نويس منير چانڊيو جو شڪر گذار آهيان، جيڪو مون سان ملائشيا ۾ به رابطي ۾ رهيو ۽ سندائين ڪجهه نه ڪجهه لکي اچڻ لاءِ اتساهيدو رهيو. سندس ٻه اکر مون لاءِ تمام گھڻي اهميت رکن ٿا.
    آءُ نهايت خوش آهيان ته هن ڪتاب تي منهنجي چاچي حريف خان به پنهجنا تاثرايت لکيا آهن، حقيقت ۾ منهنجي هميشه کان اها خواهش رهي هئي ته آءُ ڪجهه اهڙي ڪاميابي حاصل ڪريان جو چاچو حريف خان مون کي شاباس ڏي.، ۽ منهنجي ان ڪاميابي کي پنهنجي دوستن ۾ ساراهي،حالانڪمون ايترا ڪتاب ڪونه پڙهيا آهن جيترو چاچي حريف خان، بابا سائين ۽ سندسن سماجي، سياسي دوستن جي ڪچهرين ۾ ويهي علمي بحث مباحثه ٻڌا آهن، تنهنڪري هي ڪتاب آءُ بابا سائين محمد صلاح چانڊيو، چاچا حريف خان چانڊيو ۽ سندن فڪري دوستن سان گڏ ٻڌل ڪچهرين جو نتيجو سمجهان ٿو.
    آخر ۾ آءُ دل سان پنهنجي گھرواري عابده ڪنول جي ساراه ڪرڻ نه وساريندس جنهن منهنجي ڪتاب لکڻ جو ارادو پروڙي ورتو ۽ پنهنجي طرفان فرمائش ڪئي ته آءُ به ڪو ڪتاب يعني سفرنامون لکان، جنهن ڪري هن ڪڏهن به مونکي لکڻ کان نه روڪيو، حقيقت اها آهي ته ملائشيا ۾ رهندي مون ڪيترائي نوٽ بڪ ۽ ڊائريون لکي ڀري ڇڏيون آهن جن ۾ معياري مواد ته شايد ئي گھٽ هجي، پر مون پنهنجي فيملي جو ٽائيم ضرور انهن سٽن لکڻ ۾ ڏنو آهي، ڪڏهن موڪل واري ڏينهن ۾ ته ڪڏهن روزاني رات جو دير تائين ويهي ڪري لکندو يا مواد هٿ ڪندو رهيس. حالانڪ عابده ۽ ٻارن کي ئي تڪليف ٿي، جوهفتي جا پنج ڏينهن ته يونيورسٽي ويندو هيس پر موڪل وارن ڏينهن ۾ به گھر ويٺي الڳ ڪمري ۾ لکڻ پڙهن جو ڪم ڪندو رهيس پر عابده نه صرف ٻارن کي سنڀاليو، منهنجي چانهه ۽ جوس جو به خيال ڪيو. عابده پاڻ به ملائشيا مان ريگيولر ماسٽرس جي ڊگري لائبرري سائسن ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ 84 سيڪڙو سان ڪئي. اسان جو يونيورسٽي وڃڻ جو ٽائيم الڳ الڳ هوندو هيو، عابده جو ڪلاس جي صبح جو هو ته آءُ ريسرچ ليب ۾ منجهند جو ويندو هيس پر جي عابده جو ڪلاس شام جو هوندو هيو ته آءُ صبح سوير نڪري ويندو هيس ۽ منجهند جو واپس اچي ويندو هئس. ان سموري ڀڃ ڀڃان ۾ 4 سال ڪيئن گذريا اسان ڪيئين هڪٻئي کي ۽ ٻارن کي ٽائيم ڏنو ، ڪيئين گھمياسين ، جي سوچجي ٿو ته مونکي سمجهه ۾ صرف ايترو اچي ٿو ته اها عابده جي صبر، همٿ،محنت، قرباني، ۽ تعاون هيو جنهن ڪري اسان ڪامياب ٿي موٽي آيا آهيون. آءُ هڪ والد جي حيثيت سان پنهنجي ٻارن حسنين حيدر ۽ رباب زهرا کان ته معذرت خواه آهيان جو کين وڌ کان وڌ ٽائيم ڏيڻ بجاءَ پنهنجا ڪم وڌائيندو رهيس. پر آءُ سمجهان ٿو ته هڪ استاد جي حيثيت سان سنڌ جي سمورن نوجوانن جو به مون تي حق ٿئي ٿو، تنهنڪري سمورن سنڌي شاگردن لاءِ هي ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اميد آهي ته هي محنت سنڌ جي سمورن نوجوانن کي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي.

    ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو


    باب پهريون

    دنيا ۾ اعليٰ تعليم جو رجحان

    دنيا ۾ ٻي مها ڀاري لڙائيءَ(1939-1945) کان پوءِ تمام گھڻيون تبديليون آيون آهن، جتي آمريڪا ۽ يورپ پاڻ سنڀالي اڳتي هلڻ شروي ڪيو آهي، اتي 1970ع کان پوءِ ايشيا جي ڪجهه ملڪن به عملي طور پاڻ کي اڳڀرو ڪيو آهي. گذريل 50 سالن ۾ يورپ ۽ آمريڪا سان گڏوگڏ ايشيا ۾ به معاشي ، سائنسي ، سماجي، ۽ ثقافتي طرح استحڪام آيو آهي. ايشيا جي ڪجهه ملڪن ڪٿي، آمريڪا ۽ يورپ جي پوئواري ڪئي آهي ته ڪٿي انهن کان به اڳڀرا ٿيا آهن جيئن سينگاپور، جپان، ڏکڻ ڪوريا، چائنا ۽ ملائشيا وغيره. هاڻي اهي ملڪ ايشيا ۾ ته اڳيان اڳيان آهن پر آمريڪا، اسٽريليا ۽ يورپ جي ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن.
    ان لحاظ کان جيڪڏهن اهڙي ترقي ۽ استحڪام جو سبب ڳولهجي ته اهو طاقت ، پيسو، زمين يا آبادي جي گھڻائي نه پر علم ۽ تعليم تي بيٺل نظر ايندو. اڄ جو انسان چنڊ تي پهتو آهي ته سمنڊ جي اندر به لٿو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تعليم ۽ علم جي ڪري ٿيو آهي. دنيا جي اڄوڪي سموري ترقي، جتي هزارين سالن کان ڪيل کوجنائن جو نتيجو آهي، اتي اڄوڪي دور ۾ تڪڙيون تڪڙيون ايجادون ۽ ترقيون به ٿين پيون، جو سالن جا ڪم ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳا آهن ۽ ڏينهن جا ڪلاڪن ۽ منٽن ۾، اهوسڀڪجهه دنيا ۾ منطم نموني سان سائنس ۽ ريسرچ جا ادارا ٺاهي سڄي دنيا جي دماغن ۽ ڏاهپ کي گڏيل پليٽفارم تي آڻڻ جي ڪري ٿيو آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا به وڌيا آهن ته نيون کوجنائون به تڪڙيون ٿيڻ لڳيون آهن. آڪسفرڊ يونيورسٽي جي رپورٽ سال 2015ع مطابق، سال 2014ع ۾ 5 ملين يعني 50 لک شاگرد پنهنجي ملڪ کان ٻاهر تعليم پرائين ٿا. جيڪو تعداد سال 2000ع ۾ 2.1 ملين هو!
    ان حساب سان ڏسجي ته ٻين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي تعداد ۾ هر سال 10 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. ان اندازي مطابق سال 2025ع تائين بين الاقوامي شاگردن جو تعداد 8 ملين يعني 80 لک ٿي ويندو. انهن شاگردن ۾ گھڻو تعداد ايشيا کنڊ جو آهي، جن ۾ چائنا ، ڀارت ۽ سائوٿ ڪوريا سڀ کان اڳيان آهن،۽ تقريباَ 53 سيڪڙو شاگرد ايشيا سان واسطو رکن ٿا، جن ۾ وري هر ڇهون شاگرد چائنا مان آهي. هن وقت برطانيا ۾ ايندڙ شاگردن ۾ سڀ کان گھڻو تعداد ڀارت جي شاگردن جو ۽ ٻئي نمبر تي چائنيز جو آهي. آمريڪا ۾ وري سڀ کان گھڻو تعداد چائنيز جو آهي.
    ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ مشهور ملڪ: برطانيا، آمريڪا ، ان کان پوءِ جرمني، فرانس وغيره رهيا آهن، يا وري آسٽريليا ۽ ڪيناڊا. هاڻي به بين الاقوامي شاگردن جو اڌ حصو تقريباَ انهن ڇهن ملڪن ۾ ئي اعليٰ تعليم پرائي رهيو آهي. هن وقت دنيا جي بدلجندڙ ۽ غير يقيني واري حالتن ۾ به نوجوانن ۽ انهن جي والدين کي اميد جي روشني صرف اعليٰ تعليم ۾ ئي نظر اچي ٿي جو اڪثر ايشيا ۽ آفريقا جي خطن جا شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهڻ لاءِ نڪرن ٿا. اندازو آهي ته نائجيريا جهڙي گھرو مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ جا شاگرد به تيزيءَ سان ٻاهرين دنيا ڏانهن نڪري رهيا آهن. ماهرن جي راءِ مطابق ايندڙ ڪجهه سالن ۾ برطانيا ۾ نائجيريا جي شاگردن جو تعداد ڀارت جي شاگردن کان اڳتي نڪري ويندو. گذريل 5 سالن ۾ صرف آڪسفرڊ يونيورسٽي ۾ ئي نائجيريا ۽ گھانا جي شاگردن ۾ ٻيڻ تي اصافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ بدلجندڙ سياسي ۽ اقتصادي حالتن ۾ علائقائي تعليم جو رجحان به تمام گھڻو وڌيو آهي. مختلف خطن جون سهڪاري تنظيمون هڪٻئي لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا به کولي رهيون آهن ته موقعا ۽ وظيفا به ميسر ڪري رهيون آهن، جتي مٿين ملڪن ۾ ويزائن جون سختيون ۽ مهانگيون فيون يا رهائشي خرچ آهن، اتي علائقائي سطح تي تعليم به سستي آهي، ته رهائشي خرچ به گھٽ ۽ وظيفا الڳ ميسر ڪيا ويا آهن، جنهنڪري ان رجحان ۾ تيزي آئي آهي، مثال طور، جپان ۾ تقريباَ 81 سيڪڙو ۽ سائوٿ ڪوريا ۾ تقريباَ 75 سيڪڙو ٻاهرين ملڪن جي شاگردن جو تعداد سندن ڀر وارن ملڪن مان آهي. ائين ئي ملائشيا ۽ چائنا ۾ به ساڳيو رجحان آهي.
    اهڙي طرح آسيان ملڪ جن ۾ ملائشيا ۽ سندس پاڙيسري ملڪ شامل آهن، اهي ملڪ به پنهنجن نوجوانن کي علائقائي سطح تي تعليم پرائڻ لاءِ اتساهين پيا ۽ ڪامن اسپيس آف هاير ايجوڪيشن نالي هڪ تنظيم جوڙي هن عمل کي هيٺينءَ سطح تائين کڻي ويا آهن. هن پروگرام ۾ 59 يونيورسٽيون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ في الحال آسيان مان ستن ملڪن جون يونيورسٽيون شامل ڪيون ويون آهن. هن پروگرام تحت شاگردن لاءِ ورچوئل ٽوئر،اسٽڊي ٽوئر ڪرايا ويندا، گڏيل ايڪسچينج پروگرام سان ڊگري پروگرام به ڪرايا ويندا. ائين ليٽن آمريڪا جي ملڪن ۾ به خاص طور برازيل ۽ ڪولمبيا ۾ علائقائي شاگردن جو زور وڌي رهيو آهي. ساڳِيءَ طرح آفريقا جي سب سهارا کنڊ جا اڌ کان وڌيڪ ٻاهر ويندڙ شاگرد پنهنجي علائقائي ملڪن ڏکڻ آفريقا ۾ پڙهن ٿا.
    مٿي اسين دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي تعليم پرائڻ جي رجحان جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ علائقائي سطح تي نئون رخ به سامهون آيو آهي پر اسان هيٺ ڏسون ٿا ته عالمي سطح تي دنيا جا ڪجهه اهم ۽ مختلف ملڪ، حڪومتي سطح تي ان رجحان کي ڪيئن وڌائين پيا ۽ ڪيئن موقعا پيدا ڪري ڏين پيا.
    1. روس: روسي حڪومت جو منصوبو آهي ته سال 2020ع تائين روس جون ڪي به پنج يونيورسٽيون دنيا جي هڪ سئو بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿين، ۽ انهن ۾ 10سيڪڙو فيڪلٽي ميمبر ۽ 15 سيڪڙو شاگرد ٻاهران آندا وڃن. ان جو مقصد دنيا ۾ روس کي ريسرچ ۽ تعليم ۾ ٻين ملڪن جي مد مقابل آڻڻ، روسي ٻولي کي وڌائڻ ۽ خود روس اندر چٽاڀيٽي واري رجحان کي وڌائڻ آهي. ان لاءِ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ روسي ٻولي ۽ ادب ۾ فائونڊيشن ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ انهن کي سڀ کان پهرين داخلا وٺڻي پوندي. ان سلسلي ۾ ڏٺو وڃي ته اعليٰ تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ روس ۾ پڙهائڻ جو موقعو به پيدا ٿئي ٿو. اهڙي طرح روس پنهنجن 3000 شاگردن کي 2020ع تائين دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ موڪلي رهيو آهي ته جيئن سندس نوجوان دنيا ۾ هلندڙ تعليمي رجحان ۽ کوجنائن کان واقف ٿين.
    2. جرمني: جرمني جا ته ٽيون حصو پوسٽ گريجوئيٽ ڪندڙ شاگرد ٻاهر پڙهن ٿا پر هاڻي جرمن حڪومت جو منصوبوآهي ته اهو سيڪڙو اڌواڌ هجي، ان لاءِ 2020ع تائين جرمنيءَ مان 50 سيڪڙو اعليٰ تعليم جي لاءِ شاگردن کي ٻاهران ڊگريون ڪرايون وينديون ۽ گورنمينٽ ان لاءِ فنڊس ميسر ڪندي، هن وقت 118000 شاگردن لاٰءِ فنڊس ميسر آهن جن کي ٻيڻو ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح جرمني ٻاهرين شاگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ جتي ٽيوشن فيس ختم ڪري ڇڏي آهي، اتي اسڪالرشپ جا موقعا به ميسر ڪيا آهن، ۽ حڪومت جو منصوبوآهي ته جرمني ۾ ٻاهران آيل شاگردن جي 17 سيڪڙو تعداد کي اسڪالرشپون ميسر ڪري ڏنيون وڃن .
    3. آمريڪا: آمريڪا جي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف هاير ايجوڪيشن جو نئون پروگرام جنريشن اسٽدي ابراڊ آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا جي موجوده ٻاهر پڙهندڙ شاگردن جي تعداد کي 2020ع تائين ٻيڻ تي ڪرڻو آهي. جيئن سال 2015ع ۾ آمريڪا جي ٻاهر پڙهندڙ شاگردن جو تعداد 295000 آهي، جنهن کي 2020ع تائين 600000 ڪرڻو اٿن.
    اهڙي طرح ترقي يافته ملڪن وٽ اهو تصور آهي ته سندن شاگرد ٻين ملڪن ۾ وڃن، اتي پڙهن ، اتي جي ڪلچر ۽ ثقافت کان واقف ٿين، اتان جون سٺيون روايتون پنهجي ملڪ ۾ کڻي اچن. ان سان گڏ اسان جي ايشيا جي ملڪن مان چائنا ، ڪوريا، جپان ۽ ملائشيا به اعليٰ تعليم لاءِ نه صرف پنهنجا شاگرد هزارن جي تعداد ۾ ٻاهر موڪليندا رهيا آهن پر هاڻي ته هزارين ٻاهريان شاگرد به پنهنجي ملڪن ۾، وظيفا ميسر ڪري گھرائي رهيا آهن ته جيئن سندن ملڪ جي اهميت ٿئي، ماڻهن جو اچڻ ٿئي ته اقتصادي، معاشي ۽ سماجي مٽاسٽا ٿئي. ان سلسلي ۾ چائنا ان جو وڏي ۾ وڏو مثال آهي، جتي بين الاقوامي شاگردن مان هر ڇهون شاگرد چائنا جو آهي ته اتي هن وقت هزارن جي تعداد ۾ چائنا گورنمينٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت ٻين ملڪن جي شاگردن کي پاڻ وٽ گھرائي رهيو آهي. ڏکڻ ڪوريا آهي، ڪنهن حد تائين ملائشيا ۽ جپان گورنمينٽ به اسڪالرشپون ڏِين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي عرب امارات ، سعودي عرب، قطر ۽ ايران حڪومتون به ريسرچ ۽ سائنس جي ڊوڙ ۾ اسڪالرشپون مهيا ڪن، تنهنڪري اسان کي هر ملندڙ موقعي لاءِ تيار رهڻ گھرجي.
    ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر اها سهوليت موجود آهي، جنهن سان سندن نوجوانن لاءِ بهترين تعليم ميسر ٿي سگھي ٿي، پر پوءِ به اهي پنهنجي نوجوان نسل کي نه صرف ڀر وارن ملڪن پر ٻين خِطن ڏانهن به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، ڇو ته هو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿئي پئي، ائين ئي نوڪرين لاءِ، واپارلاءِ گھربل فن ۽ مهارت جون گھرجون به تبديل پيون ٿين، تنهنڪري جتي اهڙين حالتن جي تياري سڌريل ملڪ به ڪري رهيا آهن ته اسان کي به سوچڻ گھرجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون!؟ جتي سڄي دنيا اهل ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪري پئي ۽ گڏوگڏ ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به اسڪالرشپون ميسر ڪري پئي ڏئي، انڪري اسان کي ان مان ضرور فائدو وٺڻ گھرجي. اسين به دنيا جي آبادي جو هڪ سيڪڙو آهيون ، جو اسان سنڌ جي آباديءَ مان تقريباَ ست ڪروڙ آهيون ۽ دنيا جي ست ارب، ته ان حساب سان اسان دنيا جي آباديءَ جو هڪ سيڪڙو ٿياسين. اهڙي لحاظ کان جيڪڏهن اسان دنيا جي آبادي جي بنيادي گھرجن مطابق پنهنجو هڪ سيڪڙو وٺڻ جا اهل ٿيون ته پوءِ اسان اڳتي هلي هن دنيا لاءِ وڌيڪ ڪارائتا ڪم به ڪري سگھون ٿا.
    هن وقت جتي دنيا جي بين الاقوامي شاگردن جوڪل تعداد 50 لک آهي ته ان حساب سان اسان سنڌين جو هڪ سيڪڙو ٿئي ٿو 50000 شاگرد، پر هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جو تعداد لڳ ڀڳ پنج هزار نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اها ڳالهه به انتهائي خوشيءَ جي آهي ، همٿائڻ جي آهي پر اسان جو ٽارگيٽ اڃا گھڻو پري آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعدي انفرادي، توڙي ادارن جي صورت ۾، ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون وٺي سنڌي شاگردن کي ٻاهرين دنيا جي ملڪن ۾ وڌ کان وڌ موقعا حاصل ڪري ڏين. مٿي ٻڌايل پنج هزار تعداد به هڪ اندازو آهي، جو ايشيا جي چند ملڪن ۾ ئي سنڌي شاگردن جو تعداد هزار جي برابر يا اڃا به مٿي آهي. هن وقت ملائشيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد 300 کان به مٿي آهي. اهڙي طرح چائنا ۾ تقريباَ 500 کان مٿي آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ به 50 جي قريب شاگرد آهن، ضرور ڪجهه جپان ۾ به هوندا، ڪجهه سنگاپور ۾ به ته ڀارت ۾ به، ته سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ ۾ به،. ته وري هانگ ڪانگ ۽ تائيوان کان وٺي دبئي، ايران ۽ سعودي عرب، قطر، بحرين ۾ به. اهڙي طرح جتي وڌ کان وڌ سنڌي شاگردن جو رجحان انگلينڊ سميت يورپ جي مڙني ملڪن ڏانهن رهيو آهي، اتي 2 هزار کان مٿي ئي شاگرد هوندا. آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، نيوزيليند ۾ به چڱو خاصو تعداد هوندو. ٿي سگهي ٿو ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ليٽن آمريڪا جي ملڪن برازيل ۽ ارجنٽينا ۾ به هجن. اهڙيءَ طرح آمريڪا جي پاڙي واري ملڪ ڪيوبا ۾ ميڊيڪل جي ڊگري لاءِ به ڪافي سنڌي شاگرد سليڪٽ ٿيا هئا.
    ڳالهه اها آهي ته اسان جي پنهنجي ملڪ ۾، جيڪڏهن اسان سنڌين کي موقعا گھٽ ملن ٿا ته سڄي دنيا ۾ موقعا آهن، ڳالهه صرف انهن موقعن مان ڀرپور فائدي وٺڻ جي آهي، جنهن سان نه صرف پنهنجو مستقبل پر گھر، خاندان، ڳوٺ کان ويندي پنهنجن شهرن ، پنهنجي صوبي ۽ ملڪ لاءِ دنيا ۾ نالو پيدا ڪري سگھجي ٿو. دنيا هاڻي قابليتن ۽ صلاحيتن جو قدر ڪري ٿي ، اسان کي رڳو پاڻ باخبر رهي صرف ملندڙ موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻو آهي.
    اهڙي حالتن ۾ جتي اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار دنيا کان ڪيترائي درجا پوئتي هجي، اتي پڙهي ڪري به اسان جا هزارين نوجوان ٻاهرين دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري اسڪالرشپون ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن باقاعده طريقي سان اسان دنيا ۾ موجود موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ته ڪيترو نه سٺو ٿئي جو اسان کي به ته دنيا سان گڏوگڏ هلڻو آهي. جتي آبادي وڌندي رهندي، اتي وڌيڪ موقعا به فراهم ٿيندا، ته وڌيڪ چٽاڀيٽي ۽ مقابلي وارو رجحان به جنم وٺندو، ان لاءِ اسان جي نوجوانن کي جتي پنهنجي شهر ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ گھربل ڪوٽا لاءِ جدوجهد جاري رکڻي آهي، اتي ان کي دنيا ۾ به پنهنجو هڪ سيڪڙو حصو حاصل ڪرڻو آهي، جيڪو صرف ميرٽ يعني اسڪالرشپن مان کڻڻ کپي. باقي سڄي دنيا ۾ سيلف تي يا پاڪستان حڪومت جي خرچ تي جيترا وڃي سگھن، ضرور وڃن جو علم ۽ سفر جتي انسان کي باشعور ۽ پختو بڻائي ٿو، اتي قوم کي طاقتور، مشهوري ۽ مڃتا ڏياري ٿو. اسان جي قوم کي عالمي سطح تي پاڻ مڃرائڻو آهي. اسان جي بقا ۽ ترقي صرف بهتر تعليم سان مشروط آهي. هاڻي جڏهن سنڌ جي تعليم تي ڪم ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته صوبائي هيڪ کي فعال ڪري. ان لاءِ سنڌ هيڪ هڪ الڳ ڪميٽي جوڙي جيڪا فارين اسڪالرشپن تي نظر رکي ۽ پنهنجي نوجوانن کي وقت سر آگاه به ڪري ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کان ويندي سندن پرڏيهي کاتن ۾ پنهنجي صوبي جي شاگردن لاءِ ڪي مخصوص موقعا تلاش ڪري ڏئي. ان سان گڏوگڏ صوبائي هيڪ به شاگردن لا ساليانيون اسڪارشپون مهيا ڪري ڏئي ته جيئن دنيا ۾ هلندڙ سائنس ۽ ترقيءَ مان اسان جي صوبي جا شاگرد تيار ٿي اچن ۽ اسان کي مستقبل لاءِ سٺا پروفيشنل ماهر ملي سگھن. ان سموري ماحول ۾ تعليم جي وزارت جو ڪم آهي ته اعليٰ تعليم جي لاءِ ڪو ويزن پيش ڪري يا ڪو حدف مقرر ڪري. ڇو ته دنيا ۾ پرائمري کان ڪاليج سطح تائين سئو سيڪڙو خواندگي جو حدف مقرر هوندو آهي، اتي اعليٰ تعليم جنهن ۾ ريسرچ اسٽڊي به اچي وڃي ٿي، لاءِ ڪٿي 30 سيڪڙو آهي ته ڪٿي 40 کان وٺي 60 سيڪڙو تائين جو حدف مقرر ڪيل هوندو آهي، پر اسان جي حالت اها آهي جو اسان اڃا پرائمري ۾ ئي 60 سيڪڙو خواندگي حاصل ڪري نه سگھيا آهيون، نه وري هاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾، ته پوءِ يونيورسٽي سطح جي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي ڪهڙي حالت هوندي؟ ٿي سگھي ٿو اسان وٽ ڊگري يا فته شاگردن جو سيڪڙو 15 به نه هجي! اهڙي حالت ۾ جتي الحاقي ڪاليج بغير ڪنهن گھربل ڪلاس هلائڻ جي يا بهتر امتحان وٺڻ جي، ڊگريون به ورهائيندا هجن، پوءِ ته معياري اعليٰ ڊگري رکندڙ شاگرد 5 سيڪڙو به مس هوندا.
    اهڙي حالت ۾ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ملڪي ويزن 2030ع تائين ڊگري واري تعليم لاءِ 40 سيڪڙو تائين خواندگي جو ٽارگيٽ رکي ، جن مان گھٽ ۾ گھٽ 20 سيڪڙو ريگيولر شاگردن کي ايڪسچينج پروگرام تحت ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. ان سان گڏوگڌ سنڌ جي گھٽ ۾ گھٽ پنج يونيورسٽين کي ريسرچ جو درجو ڏئي سندن بجيٽ ٻيڻي ڪري کين انڊسٽري سان جوڙي کين ٽارگيٽيڊ پراجيڪٽ ڏنا وڃن، جنهن سان اسان جي يونيورسٽين ۾ به دنيا وانگي ريسرچ جو ماحول جڙندو ۽ عالمي سطح جا اڪيڊمڪ ماهر به پيدا ٿيندا ۽ اسان جي سنڌ جون يونيورسٽون به عالمي رينڪنگ ۾ اچي وينديون.
    اسان جي شاگردن کي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو جتي هو پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ هجن ، سندن پرسنٽيج سٺي هجي ، اتي کين جي آر اي (GRE) به سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيل هجي ۽ آءِليٽس (IELTS)يا ٽافل (TOEFL)جو امتحان به پاس ٿيل هجي، ته ائين آهي جيئن سون تي سهاڳو. آءٌ ٻڌائيندو هلان ته ڊاڪٽر عطاءَ الرحمٰن جي دور ۾ جڏهن هيڪ 8 هزار تائين اسڪالرشپون مهيا ڪيون ته لاهور جي سينٽرن ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ پنجابي شاگرد تياري ڇڏي جي آر اي ، آءِليٽس يا ٽافل ڪرڻ لڳا ته جيئن اهي ٻاهر وڃي اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھن. اسان کي به پنهنجو پاڻ کي اڳواٽ تيار ڪرڻو پوندو، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ کان انگلش آءِ ليٽس جي تياري ڪرڻ گھرجي ڇو ته اسڪالرشپون نه صرف ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ اچن ٿيون پر بيچلر ڊگريءَ لاءِ به اينديون آهن، پوءِ ڇو نه ان لاءِ به ڪوشش جاري رکجي. اهڙي طرح جي آر اي جي تياري به جاري رهي. ان امتحان جي ويهڻ جي لاءِ بيچلر يا ماسٽر ڊگري هجي ته جلد کان جلد اها پاس ڪري ڇڏجي جو اڪثر ٻاهريان ملڪ ته ڇا پر جڏهن هيڪ طرفان ڪنهن اسڪالرشپ جو اشتهار ايندو آهي ته جي آر اي جو شرط ضرور هوندو آهي، پوءِ جي اها پاس نه هوندي ته معنيٰ ماڻهو ان ڪم لاءِ امتحان کان پهرين ئي نااهل ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ وقت به وقت مختلف پروگرام ته انائونس ٿين ٿا پر جيئن ته ڪلچرل اسڪالرشپ، ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ، فل برائِيٽ اسڪالرشپ، چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپ، سائوٿ ڪوريا گورنمينٽ اسڪالرشپ، ملائشين گورنمينٽ اسڪالرشپ وغيره به هر سال اينديون رهن ٿيون، ان لاءِ اسان کي سندن حڪومت جي ويب سائيٽس تي مسلسل ڏسڻ گهرجي، ان کان علاوه يونائيٽڊ نيشن ، پاڪستان گورنمينٽ يا هاير ايجوڪيشن جون اسڪالرشپون ته اينديون ئي رهن ٿيون، انهن تي به نظر هجڻ گھرجي.
    منهنجي هن سموري ڳالهه جو مقصد هيءُ آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي دنيا ۾ ڦهلجڻ گھرجي، پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ گهرجي. هر ملڪ ۾ سنڌي شاگرد ايسوسيئيشن يا ڪو گڏيل گروپ هجي ته ان کي کپي ته هو ايندڙ موقعن بابت آگاهي ڏئي. هن وقت اسان کي صرف منظم ٿي هڪ آواز ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن وقت به جيڪي هزارين شاگرد ٻين ملڪن ۾ روزگار يا تعليم لاءِ موجود آهن، انهن کي ٻين نوجوانن لاءِ مشعل راه ٿيڻو پوندو، هر ملڪ ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن يا پڙهائيندڙ سنڌي استادن کي هڪ ڪامن پليٽ فارم ٺاهڻ گھرجي، جنهن سان هڪٻئي تائين رسائي ۾ آساني ٿئي. تازو ”سنڌ ويزن“ نالي سان هڪ سماجي گروپ فيس بڪ تي اسڪالرشپس ۽ نوڪرين بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه تجويز آهي ته سگا بين الاقوامي چيپٽر قائم ڪري ، جنهن جو نالو سنڌ اوورسيزگريجوئيٽس ايسوسئيشن رکيو وڃي ، سندس هڪ ويب سائيٽ جوڙي وڃي ، الڳ سان مرڪزي باڊي ٺاهي مختلف ملڪن جا چيپٽر ٺاهيا وڃن. اصل ۾ هي ڪم به سنڌ هيڪ کي ڪرڻ گھرجي يا وزارت تعليم کي پر اتان اهڙي ڪا اميد في الحال نظر نٿي اچي. پر انهن سڀني شين جي اڻاٺ هوندي به سنڌي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا آهن، اها انهن جي انفرادي محنت ۽ جذبو آهي. انشاءَالله اهو ڏينهن پري نه آهي جو سنڌ جي اعليٰ تعليم ۾ انهن جي ڪري نوان موڙ ۽ نوان رستا کلن ۽ اسان وٽ نوبل پرائز کٽڻ جهڙا ماهر سامهون اچن.


    ايشيا ۾ اعليٰ تعليم

    جيئن اسان جا والدين پنهنجي هر ٻار کي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيندو ڏسڻ چاهيندا آهن، بلڪل ائين وري اسان جا شاگرد پنهنجي اندر ۾ اعليٰ تعليم پرائِڻ لاءِ سڀ کان پهرين سوچ برطانيا، آمريڪا ، آسٽريليا ۽ ڪيناڊا ، نه ته وري به يورپ جي ٻين ملڪن، جن ۾ جرمني ، فرانس، روم ، سوئيڊن، ڊينمارڪ، نيڌرلينڊ وغيره اچن ٿا، ڏانهن وڃڻ جي دل ۾ خواهش رکندا آهن. ضروري نه آهي ته هر ماڻهو کي پسند مطابق موَقعو ملي، يا ماڻهو جيڪو پنهنجي لاءِ بهتر سمجهي ٿو، ان کان وڌيڪ بهتر سندس لاءِ نه هجي. جنهنڪري آءٌ سمجهان ٿو ته ضروري نه آهي ته مٿي ٻڌايل شعبن ۾ داخلا نه ملڻ ڪري ڪو علم ۽ ترقي کان رهجي وڃبو ۽ نه وري مٿين ملڪن ۾ علم پرائڻ جو موقعو نه ملڻ ڪري ڪو ٻاهر وڃي انهن ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن ۾ سٺي تعليم پرائڻ کان محروم رهجي وڃبو.
    دنيا ۾ چٽا ڀيٽي هلندڙ آهي ، ڪنهن به شعبي ۾ محنت ڪجي ته موقعا کوڙسارا نڪري اچن ٿا. علم چند شعبن ۽ چند ملڪن جو محتاج نه آهي، بس موقعي ۽ محنت جي ضرورت آهي، پوءِ جنهن کي جتي ملي، ان کي اُتي محنت ڪرڻ گھرجي. خوشقسمتيءَ سان اسان سنڌي ماڻهن ۾ هاڻي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ سان گڏ ٻين شعبن ۾ به پڙهڻ جو رجحان وڌندو پيو وڃي ، ان سان گڏوگڏ سنڌي نوجوانن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ نڪرڻ شروع به ڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ هتي مٿين ذڪر ڪيل ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن جو به ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جتي جي تعليم ڪنهن به صورت ۾ يورپ يا آمريڪا جي ترقي يافته ملڪن کان گھٽ معيار جي نه آهي. خاص طور ايشيا جا اهي ملڪ جن سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي علمن ۾ پاڻ مڃايو آهي، جن جي تعليمي سرشتي ۽ ماحول کان پڙهندڙن کي واقف ڪرائڻ چاهيان ٿو. منهنجي خيال ۾ ڀلي پهرين پسند مٿيان انگريزي ڳالهائڻ وارا ملڪ يا يورپ جا ڪجهه ملڪ هجن، ۽ انهن ڏانهن وڃڻ لاءِ ضرور ڪوشش به ڪجي، پر حقيقت ا ها به آهي ته هر ماڻهو کي نه سندس پسند مطابق موقعو ملندو آهي، ۽ نه ئي ضروري آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪيل چوائس مان اڳتي هلي مطمئن رهي، ۽ نه ئي وري سڀ افورڊ به ڪري سگهن ٿا ته پسند جي شعبي ۾ پڙهڻ لاءِ پسند جي يونيورسٽي واري ملڪ ۾ داخلا ملي. ان ڪري جتي به جنهن به ملڪ ۾ موقعو ملي، ضرور وڃڻ گھرجي. اسان جي نبي ڪريم صلعم جي حديث مبارڪ آهي ته: علم حاصل ڪريو، پوءِ چاهي اوهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي.
    اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي اڪانامي ايڏي مضبوط نه آهي جو هر ماڻهو ٻاهر وڃي سگھي يا افورڊ ڪري سگھي، ان ڪري دنيا اندر وظيفي تي وڃڻ لاءِ جنهن به ملڪ ۾ موقعو ملي، وڃڻ گھرجي، باقي جيڪو افورڊ ڪري اهو ڀلي برطانيا يا آمريڪا يا ڪنهن ٻئي پسند جي ملڪ وڃي. حقيقي نظر سان ڏٺو وڃي ته انهن ملڪن ۾ اعليٰ تعليم مهانگي هجڻ ڪري يا وري ويزا جي سختي هجڻ ڪري ۽ گڏوگڏ ايشيا جي ملڪن ۾ به سٺا موقعا ملڻ ڪري، اسان جا سنڌي نوجوان هاڻي دنيا جي هر ملڪ سان گڏ ايشيا جي ملڪن ۾ به چڱي ّتعداد ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، ۽ انهن ملڪن ۾ ملائشيا، سنگاپور، چائنا، جپان، سائوٿ ڪوريا، ٿائلينڊ وغيره شامل آهن.
    جتي آمريڪا ، برطانيا، آسٽريليا ۽ ٻين اسرندڙ يورپي ملڪن اسان جي ملڪ يا پوئتِي پيل ملڪن لاءِ وظيفا گھٽايا آهن يا محدود ڪيا آهن، ته ساڳئي وقت ايشيا جي مٿي ذڪر ڪيل ملڪن نه صرف اسڪالرشپون وڌايون آهن پر ويزا ڏيڻ به آسان ڪئي آهي. اِن لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هر ملڪ ۾ موقعا پئدا ٿيا آهن، جتي به ملن، وڃڻ گھرجي. پر جن ماڻهن وٽ خانداني ملڪيت ۽ پيسو آهي ان جو اڄ به پهريون آپشن اهي يورپي ، آسٽريليا، آمريڪا، ڪيناڊا جهڙا ملڪ آهن جو اتي ٻولي انگلش آهي ۽ مستقل رهائش جا موقعا آهن، ان جي بنسبت ايشيا جي ملڪن ۾ نه مستقل رهائش آهي نه ئي وري نوڪرين ۽ وقتي ڪمائَڻ جا ايترا موقعا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته جپان ، ڪوريا، چائنا ۾ امن ۽ سلامتي جيتري اسان ماڻهن لاءِ آهي ايتري وري آمريڪا يا برطانيه ۾ نه آهي، ۽ نه ئي انهن ايشيا جي ملڪن ۾ ڪا ٽيڪنالاجي مٿين مغربي ملڪن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ آهي. پر مٿي جيئن ته آءٌ واضع ڪري آيو آهيان ته، نه هر ماڻهو ڊاڪٽر، انجنيئر ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي هر ماڻهو يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ملڪن ڏانهن وڃي سگھي ٿو، اِهو ماڻهوءَ جي خوشحالي، ذهانت، موقعي سان گڏوگڏ قسمت تي به منحصر آهي، جي اهي سڀ حقيقتون اسان کي سمجھ ۾ اچن ٿيون، ته پوءِ دنيا ۾ ڀلي، بهتر کان بهتر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪجي پر ان سان گڏ ان ڳالهه جو به خيال ضرور رکجي ته دنيا ۾ موقعا گھٽ ۽ مقابلا وڌيڪ آهن، ان ڪري جتي به موقعو ميسر ٿئي، ته ضرور حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.
    هاڻي ته پاڪستان حڪومت ۽ هاير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان به ايشيا يا گھٽ فيس وارن ملڪن لاءِ وظيفا ڏِيڻ شروع ڪيا آهن ،تنهنڪري سڀ کان پهرين ٻاهرين ملڪن طرفان يا وري پاڪستان حڪومت طرفان موقعو حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو موقعو نه ملي ۽ ماڻهو افورڊ ڪري سگھي ٿو ته پوءِ ايشيا ۾ ملائشيا به هڪ بهتر آپشن آهي، پنهنجن پيسن تي پڙهڻ لاءِ يا وري جرمني ملڪ جتي اعليٰ تعليم لاءِ ڪا فيس مقرر نه آهي. ملائشيا ۾ ان ڪري جو باقي ايشيا جي ملڪن جي نسبت ملائشيا ۾ فيس ڪجهه گھٽ آهي ۽ کاڌو پيتو يا موسم به اسان ماڻهن جي مزاج وٽان آهي، هتي جي تعليم وچين درجي جو ذميدار ۽ سٺي نوڪري رکندڙ ماڻهو افورڊ ڪري سگھي ٿو، هتي جي تعليم آمريڪا ، برطانيا ۽ آسٽريليا جي اڌ خرچ جيتري آهي، يا اڃا به گھٽ. پر ملائشيا جو آپشن تڏهن هجڻ گھرجي جڏهن ماڻهو موسم، يا کاڌي پيتي جي حوالي سان آساني چاهي يا گھٽ بجيٽ هجيس، يا وري انگريزي ۾ تعليم جاري رکڻ چاهي، نه ته اوڀر ايشيا جا ملڪ جپان، ڪوريا، چائنا جا تعليمي ادارا ملائشيا کان معيار ۾ وڌيڪ بهتر آهن، ۽ هنن ملڪن جا پروفيسر وري پڙهائي دوران هوشيار شاگردن کي وڌيڪ فنڊنگ ڏئي سگھن ٿا بنسبت ملائشيا جي تعليمي ادارن جي پروفيسرن جي. پر ملائشيا ۾ ٻاهرين اچي پڙهندڙن ۾ تمام گھڻو تعداد مسلمان ملڪن جي شاگردن جو آهي، يا وري مغربي ۽ آفريقا جي ملڪن جي مسلمان خاندان جي ٻارن جو، جن ۾ ايشيا سان گڌ آفريقا ۽ ليٽن آمريڪا تائين ويندي يورپ جي ملڪن بوسنيا، البينيا کان وچ يورپ جا مسلمان به پنهنجا ٻار ملائشيا موڪلين ٿا. اهڙي حالت جي ڪري ملائشيا پنهنجي اهمِيت کي سمجهندي هاڻي ٻين ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپون بلڪل ختم ڪري چڏيون آهن يا وري تمام گھٽائي ڇڏيون آهن، ۽ پنهنجي تعليمي شعبي کي بزنس طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
    حقيقت ۾ ڏسجي ته ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ گھربل سمورو انفراسٽرڪچر موجود آهي، سٺيون بلڊنگيون، جديد اوزار، ريسرچ لاءِ ماحول، امن امان، قدرتي خوبصورتي، ٻاهرين دنيا مان چونڊيل استاد (جن جو تعداد هاڻي گھٽائي رهيا آهن)، بهترين نصاب، جديد ٽيڪنالاجي، رهائش لاءِ سٺيون هاسٽلون، بجلي ، پاڻي جي ڪا پريشاني نه، جديد ٽرانسپورٽ، ويندي وچٿريون فيون، ۽ حلال کاڌا، سڀ کان اهم ڳالهه ته ٻولي انگريزي کي تعليمي ٻولي طور رکيو ويو آهي. هونءَ به ايشيا ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي حالتن، ايران تي پابندين ۽ انگريزي ٻوليءَ جي گھٽ هجڻ يا وري مخصوص فرقي جي ڇاپ لڳڻ ڪري، ۽ باقي عرب ملڪن جي مجموعي نااهلي جي ڪري، ڀارت ۾ به مسلمانن جي دانهن يا ڪرپشن هجڻ ڪري، وچ ايشيا جي رياستن جا حال به سائنسي تعليم ۾ پورا هجڻ ڪري ، افغانستان، عراق ۾ مجموعي حالتون خراب رهڻ ڪري، وري يورپ جي ملڪ ترڪي ۾ مهگائي ۽ يورپي ڪلچر جي اثر هجڻ ڪري، مذهب يا وري رهڻي ڪهڻي ۾ محتاط ماڻهن لاءِ بهترين آپشن هاڻي ملائشيا ئي وڃي بچي ٿو، (جيڪو ڪنهن وقت پاڪستان هيو، ۽ هاڻي به ٿي سگھي ٿو جي امن امان ۽ حڪمرانن ۾ ايمانداري اچي ته). ملائشيا جي ماڻهن ۾خوشحالي هجڻ ڪري، خاص طور نوڪري ڪندڙ مسلمان موڪل وارن ڏينهن ۾ ڪم نه ٿا ڪن يا تمام گھٽ ڪن ٿا، تنهنڪري هتي پنهنجي خرچ تي آيل دوستن لاءِ يورپ جيان پارٽ ٽائِيم جي اجازت آهي، بهرحال آءٌ اها ڳالهه واضع ڪريان ته نه آءٌ علم کي مذهب سان ڳنڍڻ وارن خيالن جو حامي آهيان نه ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو. مٿي مسلمانن لاءِ بهترين آپشن طور ملائشيا لکڻ جو مقصد دنيا جي حالتن ۽ ملائشيا ۾ موجود دنيا جي مختلف خِطن جي مسلمان ماڻهن جي اڪثريت هجڻ ڪري ڪيو، نه ته آءٌ سمجهان ٿو ته جنهن وقت نبي پاڪ صلعم جن تي پهرين وحي نازل ٿي، ان وقت به پڙهڻ جي يا علم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو. ان وقت ته قرآن پاڪ جي ان پهرين آيتن کان سواءِ اسلام لاءِ اڃان ڪجهه به نازل نه ٿيو هيو. ان آيت جي تشريح ۾ ملائشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد ٻڌائي ٿو ته ٿي سگھي ٿو پاڻ سڳورن کي ان وقت موجود علمن کي به پڙهڻ لاءِ چيو ويو هجي. ڀلا نبي سائين جنهن جنگ بدر جي غير مسلم قيدين کي ان شرط تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڇو ڏنو ته جيڪو به قيدي ڪنهن هڪ مسلمان کي پڙهڻ سيکاريندو ته ان کي آزاد ڪيو ويندو، ظاهر آ غير مسلم ته دنيا جو علم ڏيندو نه ڪي قرآن پاڪ جو، يا وري حضور صلعم جي مشهور حديث ڇو هجي ها ته علم حاصل ڪريو، پوءِ توهان کي چاهي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي ، ظاهر آ چين ۾ اسلام جي باري ۾ ته نه پڙهايو ويندو هو. اهي سڀ ڳالهيون واضع ڪن ٿيون ته علم حاصل ڪجي چاهي ڪٿان به ملي. انسان جي پيدائش سان گڏ ان کي علم سيکاريو ويو، سو انسان علم سان ئي آهي، ۽ علم جستجوءَ سان آهي ، پوءِ اهو جتان به ملي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏا به ڪشالا ڪرڻا پون ڪجن. اهو علم ئي آهي، جنهن کي اولهه جي ملڪن سائنس جو نالو ڏنو آهي جنهن کي وري اسان جا مذهبي ٺيڪيدار مذهب جي خلاف ٿا سمجهن، حالانڪي سائنس علم جو ٻيو نالو آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعالي آسماني ڪتابن ۾ فرمايو ته زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي خزانا لڪيل آهن، اهي توهان لاءِ آهن ۽ انهن کي ڳولهڻ لاءِ ئي تجربا ڪرڻا ٿا پون، ته پوءِ سائنس يا ڄاڻ جي کوجنا ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟، تنهنڪري علم کي نه ڪنهن مذهب سان ڳنڍي سگھجي ٿو نه ڪي ڪنهن زبان ۽ علائِقي سان. علم ته رستو آهي پنهنجي پاڻ کي ۽ ڪائنات کي سڃاڻڻ جو، هن دنيا کي سمجهڻ ۽ دنيا کي بدلائي پنهجي لاءِ بهتر کان بهتر ٺاهڻ جو ۽ ڪائنات جي خالق جي ويجهو ٿيڻ جو.
    ايشيا ۾ ملائشيا کان علاوه سندس پاڙيسري ملڪ سينگاپور به آهي ته وري دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ترقي ۾ نالو پيدا ڪندڙ ملڪ جپان، ڪورِيا، چائنا، تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ ٿائلينڊ به آهن جيڪي ڪجهه ڪميونسٽ نظرئي ته وري گھڻي ڀاڱي ٻڌ مذهب وارا آهن، ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن ملڪن جو تعليمي معيار ملائشيا کان بهتر آهي، پرٻولي يا وري فيون تمام گھڻيون مهانگيون آهن، خاص طور سينگاپور ۽ جپان ۾ ته رهائش ۽ تعليم برطانيا ۽ آسٽريليا وانگر مهانگي آهي، تنهنڪري پاڪستان جو هر ماڻهو افورڊ نه ٿو ڪري سگھي. ان کان پوءِ ايشيا جو وڏي آبادي وارو ۽ ايراضي وارو ملڪ چين آهي، جنهن طرفان تمام گھڻيون اسڪالرشپون به ڏنيون وڃن ٿيون، انهن وٽ اسان پاڪستانين لاءِ تمام گھڻي عزت به آهي، ۽ چين ۾ گھڻي مهانگائي به نه آهي، جنهن سبب ڪري هڪ ته چائنا حڪومت جي اسڪالرشپن سان گڏ، پنهنجي خرچ تي به تمام گھڻا سنڌي نوجوان خاص طور ميڊيڪل جي ڊگري لاءِ اوڏانهن وڃن پيا، پر حقيقت ۾ چائنا ۾ ٻولي ، کاڌي پيتي، ۽ موسم جو شديد مسئِلو آهي، جيڪو ملائشيا ۾ بلڪل نه آهي، جيڪڏهن چائنا جي حڪومت جي طرفان يا وري پاڪستان حڪومت يا اقوام متحده جي ڪنهن به ذيلي اداري يا ڪنهن تنظيم جي طرفان چائنا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ته ضرور حاصل ڪجي ۽ِ اوڏانهن وڃجي، ڇو ته اعليٰ تعليم ڪٿي به حاصل ڪجي، اها خرچ کائي ٿي، جيڪو اسان جو هر ماڻهو افورڊ نه ٿو ڪري سگھي، ان لاءِ جي چين جهڙي ملڪ ۾ وڃڻ جو موقعو ملي ته ضرور وڃجي ۽ اهڙي اسڪالرشپ کي ڪنهن غنيمت کان گھٽ به نه سمجهجي، جو مستقبل ۾ چائنا جي پاڪستان ۾ سيڙپ جي ڪري تمام گھڻا موقعا پيدا به ٿيندا. ائين ئي ڏکڻ ڪوريا جون اسڪالرشپون به اينديون رهن ٿيون، اوڏانهن به ضرور وڃجي، يا وري جپان آهي، جپان جي گورنمينٽ به اسڪالرشپون ڏيندي رهي ٿي اهو آپشن به بهترين آهي، وري چائِنا جو حصو هانگ ڪانگ جنهن کي خودمختيار حيثيت حاصل آهي، يا وري پراڻي چائنا جو حصو ۽ الڳ ملڪ تائيوان به بهتر آپشن آهي. هِنن ملڪن ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ملهايو آهي سندن يونيورسٽين جي درجا بندي به عالمي سطح تي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. ايشيا ۾ به سينگاپور کان پوءِ اوڀر يورپ جون ئي يونيورسٽيون مٿين درجي تي آهن، سو انهن ملڪن ۾ اسان لاءِ صرف مسئلو آهي ٻولي، اها به صرف رابطي لاءِ، پر ماڻهو اتي رهڻ سان سکي وڃي ٿو. موسم ، کاڌي جو مسئلو پنهنجي جڳهه تي آهي. باقي خرچ پکي ۾ جپان ، تائيوان، ۽ ڪورِيا ٽئي ملڪ چائنا کان ته تمام گھڻا مهانگا آهن پر ملائشيا کان به مهانگا آهن، سو اهڙن ترقي يافته ۽ منفرد تهذيب وارن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا اسڪالرشپ ملي ٿي، ته اها ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه سمجهڻ گھرجي. هڪ حقيقت وڌيڪ بيان ڪندو هلان ته ملائشيا جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي يا شاگردن لاءِ سائنسي اوزار ۽ تجربي گاهن سان گڏ فنڊنگ به اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ تمام گھڻي آهي جيڪا ملائشيا ۾ ڪافي محدود آهي. ملائشيا جو پروفيسر اوڀر ايشيا جي پروفيسرن جي ڀيٽ ۾ گھٽ تعاون ڪندڙ ٿئي ٿو، خاص طور پيسن جي معاملن ۾. ملائشيا بنيادي طور سمورو انفراسٽرڪچر ته ميسر ڪيو آهي، پر سندن پروفيسر اوڀر ايشيا جي ملڪن جيتري محنت نه ٿا ڪن، تنهنڪري ڪو شاگرد پاڻ کي موسم، کاڌي پيتي جي آساني کان ڪڍي وڌيڪ سکڻ چاهي ۽ پيسا ڀري سگھي ته پوءِ جپان، سينگاپور، ڪوريا، ۽ چائنا ايشيا ۾ سڀ کان بهتر آپشن آهن. ايشيا ۾ انهن ملڪن سان گڏ ٿائلينڊ به آهي، جتي جو ادارو ايشين انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي دنيا جي بهترين ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن کي يونائيٽڊ نيشنس طرفان فنڊنگ به گھڻي ملي ٿي، جنهن ڪري هيءُ ادارو ريسرچ لاءِ الڳ اسڪالرشپون آفر ڪندو رهي ٿو.
    آءٌ هيٺ ايشيا جي يونيورسٽين جي 2018ع ۾ آيل درجا بندي ڏيان ٿو ته جيئن اسين ايشيا جي مختلف ملڪن جي تعليمي نظام کي بهتر نموني سمجهي سگھون ۽ صحيح فيصلو ڪري سگھون. هونءَ ته دنيا اندر اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن جي درجا بندي ڪرڻ جا ڪيترائي ادارا آهن پر آءٌ هتي مثال طور، درجا بندي ڪندڙ تنظيم، ڪيو ايس ورلڊ ريڪنگ ۾ مثال ڏيان ٿو. نوٽ هيٺ صرف ايشيا جي ملڪن جي درجا بندي ڏنل آهي.
    ٽاپ 100 يونيورسٽين ۾ سنگاپور جي NTU يونيورسٽي پهرين نمبر تي آهي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور ٻئي نمبر تي آهي. جيڪڏهن پهرين هڪ سئو يونيورسٽين ۾ ڏسجي ته سينگاپور جون 2 يونيورسٽيون پهرين ۽ ٻئي نمبر تي، هانگ ڪانگ جون 7 يونيورسٽيون ترتيبوار3، 5، 8، 10، 27 64 ۽ 100 نمبر تي آهن، جپان جون 16 يونيورسٽيون آهن، جيڪي ترتيبوار 13، 14، 15، 17، 20، 27، 29، 31، 36، 39، 40، 60، 67، 68، 85 ۽ 98 نمبر تي آهن، چائنا جون 23 يونيورسٽيون آهن، پر 7،6، 9، 21، 22، 23، 26، 42، 45، 52، 53، 55، 61، 63، 73، 74، 76، 80، 81، 83، 84، 89 ۽ 94، 96 نمبر تي آهن. اهڙيءَ طرح سائوٿ ڪوريا جون وري ايشيا جي حساب سان پهرين هڪ سئو يونيورسٽين ۾ شامل 17 يونيورسٽيون آهن، جيڪي هن ريت آهن: 4، 11، 12، 16، 18، 19، 30، 33، 44، 57، 69، 78، 82، 88، 90، 92، ءِ 95. اهڙي طرح تائيوان جون 11 يونيورسٽيون آهن، جيڪي درجا بنديءَ جي حساب سان 25، 32، 35، 36، 47، 56، 65، 70، 76، 79 ۽ 87 تي آهن. ٿائلينڊ جون صرف 3 يونيورسٽيون آهن جيڪي ، 50، 8 ۽ 97 نمبر تي آهن. مٿي ذڪر نه ڪيل پر اهميت لائق ملڪ ڀارت جون وري 9 يونيورسٽيون شامل آهن جيڪي ترتيبوار 34، 41، 48، 51، 59، 62، 72، 93 ۽ 98 نمبر تي آهن، اهميت لائق ان ڪري جو آباديءَ جي لحاظ کان جتي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي اتي مسلمانن جي آبادي جي لحاظ کان به ٻئي نمبر تي آهي ۽ اسان جو پاڙيسري ملڪ به آهي، وڏي ڳالهه ته ٻولي ۽ ڪلچر ۾ به اسان جون ڀارت سان تمام گھڻيون هڪجهڙايون آهن، اهڙي طرح مسملمانن جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو ملڪ انڊونيشيا آهي جنهن جون به فقط 3 يونيورسٽيون ايشيا جي ٽاپ 100 ۾ شامل آهن سي به 54، 65، ۽ 85 نمبر تي. فلپائِين جتي موسم ملائشيا جهڙي ۽ ٻولي به انگلش هلي ٿي پر سندس اعليٰ تعليم ۾ اڃان ڪا گھڻي اڳڀرائي نه ٿي ڏسجي ، هن جون صرف ٻه يونيورسٽيون 75 ۽ 95 نمبر تي شامل آهن.
    اهڙي طرح ملائشيا جون به صرف 5 يونيورسٽيون هن 100 جي ريڪنگ ۾ اچن ٿيون، جيڪي ترتيبوار 24، 36، 43، 46، ۽ 49 نمبر تي آهن، جن ۾ يو ايم، يو ايس ايم، يو ڪي ايم، يو پي ايم ءِ يو ٽي ايم شامل آهن. جتي مذهب ، ڪلچر، ٻولي ، خرچ ، ۽ موسم جي ڪري ته ملائشيا بهترين آهي، اُتي علم ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اوڀر ايشيا جي ملڪن جو تعليمي معيار ملائشيا کان به وڌيڪ بهتر لڳي ٿو.
    مٿين انگن اکرن مطابق ايشيا جي ٽوٽل 48 ملڪن ۽ 5 خودمختيار رياستن ۾ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي فقط هڪ يونيورسٽي NUST آهي جيڪا به 91 نمبر تي آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ افعانستان يا ايران جي ڪا به يونيورسٽي شامل آهي، نه ئي وري عرب مسلمان ملڪن جي ڪا يونيورسٽي، البته ڀارت جون ضرور آهن، پر ڀارت سان هميشه نازڪ لاڳاپا وڏي رڪاوٽ آهن جنهن ڪري ڪو حل ڪونهي ان ملڪ مان تعليم پرائڻ جو.
    هاڻي ڏسو ته دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي ۽ 30 سيڪڙو ايراضي رکندڙ کنڊ ايشيا ۾ مٿي ذڪر ڪيل ملڪ ئي آهن جتي اعليٰ تعليم جا بهترين موقعا ميسر آهن، انهن ملڪن کان علاوه اسان جي پراڻي حصي بنگلاديش جا به حال پورا آهن جو سندس ڪا به يونيورسٽي ٽاپ 100 ۾ نه آهي، پر سندس 2 يونيورسٽيون 300 اندر اچن ٿيون، ائين سريلنڪا 97 سيڪڙو لٽريسي هجڻ جي باوجود اڃا تائين مٿين ملڪن جي مقابلي ۾ نه اچي سگھيو آهي. ڪامريڊن جي ملڪ ويٽنام جون به صرف 2 يونيورسٽيون آهن، جيڪي ايشيا جي 300 واري درجا بندي ۾ اچن ٿيون.
    تنهنڪري ملائشيا ايشيا اندر تڏهن بهتر آپشن آهي جڏهن پنهنجن پيسن تي اچجي، نه ته نئين ٻولي ۽ نئين ڪلچر ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ به هڪ اعليٰ قسم جو موقعو آهي، اهو هرگز به نه وڃائڻ گھرجي. هونءَ به جپان، ڪوريا ۽ چائنا، هانگ ڪانگ، تائيوان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ملائشيا جي ماڻهن کان اڳتي آهن، ملائشيا ته خصوصن ٽيڪنالاجي ۾ جپان ۽ ڪوريا کان ڪافي سکيو آهي، حقيقت اها آهي ته ملائشيا باوجود مسلمان ملڪ هجڻ جي، صاف سٿري دريسنگ هجڻ جي، ويجهو هجڻ جي، حلال کاڌو ميسر هجڻ جي پنهنجن روين ۾ چائنا ۽ جپان جي ماڻهن کان بهتر نه آهن، هُو عربن جهڙا مغرور نه ته به نفسياتي طرح احساس برتريءَ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي ماڻهن کي اڻسڌيءَ طرح پاڻ کان گھٽ ئي سمجهن ٿا. ظاهري طرح اظهار ته نه ٿا ڪن پر وري به محسوس ٿئي ٿو. صرف سعودي عرب جي مسلمانن کي بهتر سمجهندا آهن ۽ عام ملئي پاڻ کي سعودي عرب جهڙا مسلمان سمجهندا آهن. ته وري پڙهيل لکيل ملئي پاڻ کي آمريڪا جو شهري ۽ باقي ماڻهن کي پاڻ کان گھٽ سمجهي ٿو، دوستي ڪرڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ يا سوشل ٿيڻ ۾ تمام ڪنجوس آهن، نارمل رليشن رکندا به ۽ وري مرضي سان نه به سڃاڻندا، جيڪڏهن ملئي ماڻهو جو ڪم پئي يا وري توهان مسلسل کين اهميت ڏيو، سندن روين کي درگذر ڪيو ته پوءِ دوستيون برقرار رهي سگھن ٿيون. آءٌ چائنا ۾ رهي آيو آهيان، اتي جا ماڻهو هنن کان تمام گهڻا بهتر آهن. بازار ۾ گھمندي، بس يا ٽرين يا خريداري ڪندي هر هنڌ محسوس ٿيندو ته چائني اسان کي کلي مسڪرائي پيا ڏسن، پڇندا ڪٿان آيا آهيو ، ڇا پيا ڪيو ، تصوير گڏ ڪڍرائِيندا، مطلب ته کين مزو پيو ايندو، اهو گڻ وري ملائشيا جي ماڻهن ۾ صفا نه آهي، جنهنڪري آءٌسوچيندو آهيان ته ملائشيا ۾ قدرتي ماحول ۾ خوبصورتي شايد ان ڪري رکيل آهي، جو ماڻهو کي ان دلفريب نظارن ڏسڻ مان فرصت ئي نه ملي جو هو ڪنهن جي روين تي ويهي سوچي، تنهنڪري بهتر لاءِ ضرور وڃجي، ڀرپور ڪوشش به ڪجي پر ڪنهن ڳالهه ۾ اٽڪي موقعو هٿان وڃائڻ نه گهرجي. سچل سائين فرمايو آهي، ته:

    ڇو ڪرين ٿو ارمان، جيڪي آهين، سو ئي ٿيندين!
    اتر، اوڀر، اولهه، ڏکڻ، سر زمين ڇا اهو آسمان،
    پاڻون ڄاڻي ، پير گھماِئيي، ٿي صورت ۾ انسان،
    اٿڻ ويهڻ ڄاڻ اهو ئي آهي ”ڪل يوم هو في شان“.


    باب ٻيون

    اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ اعليٰ تعليم ۽ هن خطي جي اهميت

    اوڀر ايشيا ۾ ايندڙ ملڪ هن ريت آهن چائنا )هانگ ڪانگ، ميڪائو(، جپان، ڏکڻ ڪوريا، اترڪوريا، تائيوان، منگوليا. مجموعي طرح هي خطو باقي ايشيا کان نه فقط ترقيءَ ۽ واپار ۾ پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به ڪافي اڳيان آهي، ۽ هي ئي خطو يورپ جهڙي ترقي ۽ آمريڪا جهڙي طاقت جو مالڪ آهي، جنهن ۾ موجود سمورا ملڪ سواءِ منگوليا جي، عالمي اقتصادي طرح ٽاپ وارن ملڪن ۾ شامل ٿين ٿا. البته منگوليا جو ماضيءَ ۾ تقريباَ هنن سمورن ملڪن تي قبضو رهيو آهي پر وقت ثابت ڪيو ته جبر ۽ طاقت سان قبضو ته ڪري سگھجي ٿو پر علم جي بنياد تي زير تسلط رياستون وقت اچڻ تي ڪافي اڳيان نڪري وڃن ٿيون، ۽ طاقت يا جبر جي بنياد تي ٺهندڙ رياستن کي وقت ڪمزور بڻائي ڇڏي ٿو. اڄ چائنا جنهن منگولن جي ڊپ کان ديوار چين ٺاهي هئي، اهي عالمي طرح سپر پاور آهن ۽ منگوليا جو ڪافي حصو سندن سرحدن اندر اندروني منگوليا صوبي جي صورت ۾ موجود آهي. هي اهو ئي منگوليا آهي، جنهن جي رهبرن ٻين ملڪن تي چڙهايو ڪري ماڻهو ماريا، ملڪ تباه ڪيا ۽۽ اتان جون لائبرريون ساڙيون ۽ عالمن کي ماريو پر اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو ته اهي غلط هئا ۽ اڄ سندن پاڙيسري علم جي بنياد تي نه فقط پنهنجي لاءِ پر منگوليا ۽ سموري دنيا جي ملڪن لاءِ سهولتون ڏئي رهيا آهن ۽ منگوليا کي به ترقي ڪرڻ لاءِ علم جي واٽ ئي نظر آئي آهي.





    جپان جا تعليمي ادارا ۽ سندن اعليٰ تعليم

    جپان اهو ملڪ آهي، جتان ڌرتيءَ تي سج جا پهريان ڪرڻا پون ٿا، جنهنڪري ان کي سج اڀرڻ واري زمين به چيو وڃي ٿو. جپان دنيا ۾ اهو واحد ملڪ آهي، جنهن ائٽم بم جهڙي عذاب کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي، پر ان عذاب يا ظلم کين ڪمزور نه ڪيو ۽ کين پنهنجي پيرن تي وري بيهڻ ۾ شايد سندن اهو مقولو ڪم اچي ويو ته ”ست دفعا ڪرڻ کان پوءِ به اٺين دفعي وري ضرور اٿي بيهڻ گھرجي.“
    جپاني قوم جنگ ، ارڏائي ۽ هٺ ڌرمي ڇڏي نياز نوڙت ، محنت، محبت ۽ تعليم طرف ڌيان ڏنو، اڄ جپان جا ماڻهو دنيا جا وڌيڪ محنت ڪندڙ ۽ پر امن ماڻهو به سمجهيا وڃن ٿا، ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به سر فهرست هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سادگي پسند ۽ صاف سٿري قوم طور به مشهور آهن. اهو جپان ئي آهي، جنهن جديد دور ۾ ايشيا ۾ سڀ کان پهرين يورپ ۽ آمريڪا وانگر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ قدم به قدم ترقي ڪئي. هي ملڪ ايشيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راه بڻيو آهي. ايشيا کي سائنس، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ واپار ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ وارو اعتماد جپان ئي ڏنو. سينگاپور هجي يا چين ، ڪوريا يا ملائشيا ۽ ٿائلينڊ انهن ملڪن هن ملڪ کان ضرور همٿ ورتي هوندي، هن ملڪ جي ترقيءَ مان سکيو هوندو يا گھٽ ۾ گھٽ ان سان مقابلي لاءِ محنت ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ اسان وٽ جپان جو ايترو معيار آهي جو جپان جي نالي سان ڪا به شيءِ ڄڻ ته گارنٽي آهي. اڄ بحري جهاز هجن يا هوائي جهاز، تيز ترين ٽرينون هجن، يا ڪارون ۽ بسون، گھريلو استعال جون شيون هجن، زراعت، ڪپڙو هجي يا وري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي دنيا بشمول روبوٽس، دنيا جي هر معياري شيءِ کان معياري شيءِ جپان ٺاهڻ ڄاڻي ٿو. جپان تقريباَ هر ڪيٽيگري ۾ نوبل پرائز کنيا آهن، جپان هن وقت نوبل پرائز حاصل ڪرڻ وارن ايشيا جي ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي، جوجپان ايشيا مان سڀ کان وڌيڪ نوبل پرائز حاصل ڪيا آهن. هن وقت تائين جپان ڪل 24 نوبل پرائز حاصل ڪيا آهن. ان حساب سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي. اها سموري ترقي ائين مزدوري ڪرڻ سان نه پر ذهني کوجنا ۽ جستجو جو نتيجو آهي، جيڪو سندن تعليم جو معيار ثابت ڪري ٿو. جپان جيڪو يورپ ۽ آمريڪا جي معيار جي سائنس ، ٽيڪنالاجي ، زراعت ۽ توانائي ۾ ترقي ڪري ويٺو آهي، ان جي تعليمي ادارن جو معيار ڪنهن به ريت هارورڊ يا ڪيمبرج يونيورسٽيءَ کان گھٽ نه هوندو. جپانين پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي انگريز ، فرينچ ، جرمن ، سوئيڊش ۽ رشين ٻولي ۾ ريسرچ ڪندڙ تعليمي ماهرن ۽ سائنسدانن جو پنهنجي ٻولي جپاني ۾ مقابلو ڪيو آهي، ته پوءِ جي ڪو به جپان جي تعليمي ادارن ۾ پڙهي، جپاني ٻولي سکي ماهر ٿي نڪري ته ان کي انگريزيءَ جو نه پر انگريز قوم جي ادارن کي هن جي ضرورت پئجي سگھي ٿي.
    اها به حقيقت آهي ته دنيا ۾ انگريزي جو مان مٿانهون آهي، پر جيڪڏهن ڏسجي ته جپان ، چائنا، ڪوريا، يا جرمن ، فرانس ، سوئيڊن وغيره تي ڪو فرق نٿو پوي پر پوءِ به هو انگريزي سکن ٿا ۽ آمريڪا يا انگلينڊ جا ماڻهو پنهنجي پاڙيسري ملڪن جون ٻوليون سکڻ کان علاوه ايشين يا آفريقن ملڪن جون ٻوليون به سکن ٿا. ڪا به ٻولي خاص طور ڪامياب قوم جي ٻولي به هڪ هنر مثل آهي، جيڪا به ڪارائتي رهندي، ڪو محنت ڪري سکي وٺي ته، اڄڪلهه جي دور ۾ دنيا ننڍڙو ڳوٺ آهي، هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائندڙ ماڻهو کي پنهنجي ڪم جي مهارت سان گڏ اضافي فائدو ڏين ٿيون ، جي پاڪستان ۾ چائنز يا جپاني ڪمپني هجي ۽ اميدوار کي انگريزي ، اردو سان گڏ ڪمپني جي به ٻولي ڳالهائڻ اچي ته سمجهو اهو ئي مضبوط اميدوار هوندو ان مخصوص نوڪري لاءِ. ان ڪري هر اها ٻولي اهميت واري آهي، جنهن ٻولي کي ڳالهائڻ وارا ڪامياب آهن، جن وٽ علم جي دولت ۽ ترقي آهي. ڪامياب ملڪن جي زبان سکڻ ، اتان تعليم پرائڻ انهن جي ڪلچر کي اپنائڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. اسان لاءِ اهم ڳاله اها آهي، سو اهڙن موقعن کي صرف انگريزي يا يورپ جي ملڪن تائين محدود ڪنداسين. ته باقي دنيا جي انيڪ موقعن حاصل ڪرڻ کان رهجي وينداسين، هونءَ به مستقبل جي ٻولي چائنيز آهي يا انگريزي يا اسپينش يا جپانيز يا وڌيڪ ائين چئجي جيڪو وڌيڪ ٻوليون ڄاڻي ٿو، مستقبل ۾ اوتريون نوڪريون به ان جون محفوظ آهن، ته وڌآءٌ نه ٿيندو.
    دنيا جي کوڙ ٻين ملڪن وانگر جپان حڪومت طرفان به تعليمي وظيفا ايندا رهن ٿا. اسان جي نوجوانن کي اهڙن موقعن مان به فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي. هتي آءٌجپان جي تعليمي ادارن ۽ ملندڙ اسڪالرشپن ، خرچ پکي ، فيسن ۽ ويزائن وغيره يا ڪجهه جنرل اصولن ۽ ضابطن جو مختصر ذڪر ڪندس وڌيڪ تفصيل سندن سفارتخاني مان يا وري جپان حڪومت جي ويب سائيٽن مان تعليم جي وزارت واري لنڪ تي پيل رهنمائي واري ڪتاب مان به معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي .
    جپان حڪومت طرفان ڇهن قسمن جون اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
    1. ريسرچ اسٽوڊنٽ اسڪالرشپ
    2. ٽيچرس ٽريننگ اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
    3. انڊر گريجوئيٽ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
    4. جپان اسٽڊيز اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
    5. ڪاليج آف ٽيڪنالاجي اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
    6. اسپيشل ٽريننگ اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
    انهن مان ڪا به اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اميدوار وٽ يا ته جپان جي سفارتخاني جي رڪمينڊيشن هجي يا وري جپان جي ڪنهن به يونيوسٽي يا ڪنهن به تعليمي اداري جي ڊگري. اهم ڳالهه ته جپان ۾ اڳ۾ ئي پنهنجي خرچ تي پڙهندڙ ڪوبه شاگرد به ان لاءِ درخواست ڏئي سگھي ٿو.
    هي اسڪالرشپون خاص طور ترقي پذير ملڪن جي شاگردن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جن جو ماهوار وظيفو تقريباَ هزار ڊالر کان 1300 ڊالرن تائين آهي، ان کان علاوه داخلا ۽ ٽيوشن فيس پڻ الڳ سان معاف آهي يا جپان حڪومت طرفان ڏني وڃي ٿي. ان قسم جي گورنمينٽ اسڪالرشپ کان علاوه جپان جي مختلف يونيورسٽين يا لوڪل گورنمينٽس يا پرائيويٽ ايسوسيئيٽس ۽ آرگينائزيشنس ، يا بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ يونائيٽڊ نيشنس يا وري يونيسيف وغيره طرفان ترقي پزير ملڪن لاءِ به جپان جي ادارن ۾ پڙهڻ لاءِ الڳ سان مختلف ٽريننگ ۽ ايجوڪيشن جي لاءِ اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون. خاص طور جپان اسٽوڊنٽ آرگينائيزشن طرفان به اسڪالرشپون مهيا ڪيون وڃن ٿيون.
    جپان ۾ رهائش يا کاڌي پيتي جو ماهوار خرچ مختلف شهرن جي حساب سان 580 ڊالرن کان ويندي 750 ڊالرن تائين آهي. ان ۾ گھٽ يا وڌيڪ خرچ جو تناسب شاگرد جي پنهنجي زندگي گذارڻ جي لوازمات تي به منحصر ڪري ٿو ، نه ته هي ايوريج خرچ عام جپاني ماڻهو جي خرچ ڪرڻ جي صلاحيت مطابق ڏنل آهي. هن خرچ ۾ شاگرد جي انشورنس، رهائش جي جڳهه جو ڪرايو، ٽرانسپورٽ ، کاڌو پيتو، مواصلاتي رابطو ۽ وندر يا سير تفريح به شامل آهي، جپان جي ٽيوشن في آمريڪا ، برطانيا يا آسٽريليا جي حساب سان ته اڌ جيتري آهي پر ملائشيا جي حساب سان مهانگي بلڪ ملائشيا کان ٻيڻي آهي، پر جيڪڏهن اسڪالرشپ ملي وڃي ته هي ملڪ انگريزي ٻولي وارن ملڪن کان به وڌيڪ پرسڪون ماڻهن جو ملڪ آهي، جتي وڃي پڙهڻ به ڪنهن نعمت کان گھٽ نه آهي، جپان جي حڪومت جي ٽارگيٽ مطابق کين 2020ع تائين 3 لک پرڏيهي شاگردن جو تعداد سندن تعليمي ادارن ۾ گھربل آهي، جيڪو هينئر تعداد تقريباَ اڍائي لکن جي لڳ ڀڳ بيٺو آهي، جن ۾ 1 مئي 2016ع جي تفصيل موجب، سڀ کان وڌيڪ شاگرد ايشيا کنڊ مان 22627 ، ٻئي نمبر تي يورپ مان 7986، نارٿ آمريڪا مان 3009، ليٽن آمريڪا مان 1390، آفريقا مان 1932، مڊل ايسٽ مان 1674 ۽ اوسينيا مان 663 آهن. سڀ کان وڌيڪ شاگردن جو تعداد گريجوئيٽ اسڪول ۾ آهي يعني ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي وارن شاگردن جو آهي، ٻئي نمبر تي يونيورسٽي انڊر گريجوئيٽس جو ۽ ٽئين نمبر تي پروفيشنل ٽريننگ ڪاليج ۾شاگردن تعداد جو آهي، هي 3 لک شاگرد هجڻ جو ٽارگيٽ ته جپان گورنمينٽ 2008ع ۾ طئي ڪيو هو جو ان مهل هنن وٽ ٻاهران آيل شاگردن جو تعداد ڏيڍ لک کن هو ، ۽ 2003ع ۾ جيڪو تعداد هڪ لک هو.
    جپان حڪومت سمجهي ٿي ته تعليم بين الاقوامي تعلقات ۽ ملڪي واپار ۽ سياحت لاءِ اهم جزو آهي ۽ پرڏيهي شاگرد اهڙو بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. نه فقط ايترو پر بين الاقوامي ذهين شاگرد جپان جي ماحول ۾ اچي سندن تعليمي ادارن ۾ نين ايجادن ۽ نظرين لاءِ به اهم ثابت ٿيندا، ويندي جپان جي نئين نسل جي گھٽجندڙ آبادي ۽ پوڙهن ماڻهن ۾ مسلسل اضافي جي حل لاءِ به ٻاهران آندل ذهين شاگرد سندن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سٺي ۾ سٺو متبادل هوندا، جيڪي سندن هيومن ريسورس جي طور ڪم اچي سگھن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو جپان ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ انٽرنشپ کان ويندي سال لاءِ ورڪ ويزا پرمٽ جو به قانون آهي ، ويندي ڪنهن شاگرد کي جپان جي ڪا ڪمپني نوڪري ڏئي ٿي ته ان کي ويزا اسٽيٽس ورڪ پرمٽ يا ايمپلائمينٽ وارو ڪيو وڃي ٿو پر اها به حقيقت آهي ته جپان ۾ پڙهڻ يا اتان جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ کان به وڌيڪ ڏکيو مرحلو، اتي نوڪري حاصل ڪرڻ آهي جو جپان ۾ پرڏيهي اميدوار کي پنهنجي ذهانت ۽ قابليت سان اتان جي ڪمپني جي مالڪن کي متاثر ڪرڻو پوي ٿو. جپان ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا ۽ داخلا جو طريقي ڪار هن ريت آهي:
    1. ڪاليجز آف ٽيڪنالاجي
    2. پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجز
    3. جونيئر ڪاليجز
    4. يونيورسٽيز (انڊر گريجوئيٽ)
    5. گريجوئيٽ اسڪولس
    اهي سمورا تعليمي ادارا ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهن ، نيشنل ، لوڪل پبلڪ ۽ پرائيويٽ. جپان ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ 5 سال، ماسٽرس لاءِ 2 سال، بيچلر ڊگريءَ لاءِ 4 سال، ڊپلوما لاءِ 2 سال، ايڊوانس ڊپلوما لاءِ 4 سال، ايسوسيئيٽ ڊگريءَ لاءِ 2 کان 3 سال، ۽ ايسوسيئيٽ لاءِ 3 سال 6 مهينا وقت رکيل آهي. پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرس، گريجوئيٽ اسڪول مان ڪري سگھجي ٿي، جڏهن ته بيچلر ڊگري يونيورسٽين مان ۽ ايڊوانس ڊپلوما ۽ ڊپلوما، اسپيشلائزڊ يا پروفيشنل ٽرينگ ڪاليجز مان ، جڏهن ته جونيئر ڪاليجز مان ايسوسيئيٽ ڊگري ۽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي مان ايسوسئيٽ جو ڪورس ڪرايو وڃي ٿو.
    جپان ۾ نئون تعليمي سال اپريل کان شروع ٿئي ٿو ، سال ۾ ٻه سيمسٽر ٿين ٿا، هڪ اپريل کان سيپٽمبر، ٻيو آڪٽوبر کان مارچ، پر ڪجهه يونيورسٽين ۾ ٽن کان چار سيمسٽر به ٿين، داخلائون اڪثر اپريل واري سيشن ۾ ڪيون وڃن ٿيون، پر ڪجهه سيپٽمبر يا آڪٽوبر سيشن ۾ به ڪيون وڃن ٿيون. جپان ۾ به اعليٰ تعليم 12 سال بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جيڪا پهرين 6 سال بنيادي تعليم ، 3 سال لوئر سيڪنڊري ۽ باقي 3 سال اپر سيڪنڊري چئي وڃي ٿي.
    داخلا لاءِ ڪوبه گريجوئيٽ اسڪول ، يونيورسٽي يا ڪاليج اميدوار جي موڪليل ڊاڪومينٽس مان مطمئن ٿيڻ سان به داخلا ڏني وڃي ٿي، ته وري ڪافي ڪيسن ۾ آن لائين انٽرويو يا وري اميدوار جي ملڪ ۾ داخلا ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي، اهو جپان جي تعليمي اداري جي پنهنجي داخلا پاليسي تي منحصر ڪري ٿو ته هو نئين شاگرد کي ڪهڙي بنياد تي داخلا ڏئي ٿو. جپان ۾ هينئر گريجوئيٽ اسڪولن ۽ ڪجهه يونيورسٽين ۾ انگريزي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، باقي ڪاليجز آف ٽيڪنالاجي، جونيئر ڪاليجز ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجز وٽ ڪوبه پروگرام انگريزيءَ ۾ نه آهي، جپان ۾ داخلا لاءِ داخلا فارم ۽ ڊاڪومينٽس سان گڏ گارنٽي ڏيڻ به ضروري آهي جيڪڏهن اسڪالرشپ نه آهي، ته والدين يا ڪنهن به گارنٽيئر طرفان فيس ۽ ٻين خرچن جو ذمو کڻڻ لاءِ بينڪ اسٽيٽمنيٽ جمع ڪرائي سگھجي ٿي ته جيئن يونيورسٽي ڪنهن به معاملي ۾ ڪوتاهي وغيره ٿيڻ جي ڪري ان ضامن سان رابطو ڪري سگھي. ان کان علاوه جپاني ٻولي جي بنيادي معلومات به لازمي آهي، ان لاءِ جپاني ٻولي کي ڪجهه پنهنجي ملڪ ۾ پڙهڻ گھرجي ۽ جپانيز ايز اي فارين لينگئيج Japanese as a foreign language Exam (EJU)جو امتحان ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪا يونيورسٽي ڪنهن اسڪالرشپ وغيره هجڻ ڪري ٿي سگھي ٿو جپانيز لينگيئج پروفيشنسي ٽيسٽ (JLPT) Japanese language proficiency test وٺي سگھي ٿي، جنهن ۾ سائنس ، مئٿ سان گڏ جپان ۽ دنيا بابت جنرل ناليج به شامل هوندي آهي. جنهن ٽيسٽ کي پاس ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪنهن خاص مضمون يا شعبي ۾ اسڪالرشپ وغيره سان گڏ داخلا ملي سگھي ٿي يا صرف داخلا لاءِ ڪو به ادارو هي ٽيسٽ وٺي سگھي ٿو، پر اهو تعليمي ادارن جي پاليسي يا اسڪالرشپ ڏيندڙ ايجنسي جي پاليسي تي دارومدار رکي ٿو، نه ته داخلا صرف ڊاڪومينٽس جمع ڪرائڻ سان به ٿي سگھي ٿي.
    جپان جي تعليمي ادارن ۾ جتي بين الاقوامي شاگردن کي داخلا ملي ٿي، انهن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل سان لکجي ٿو.

    1. جپاني ٻولي پڙهائيندڙ ادارا
    (Japanese Language Institutes)
    جپان جي يونيورسٽين ۽ جونيئر ڪاليجز کان علاوه جپاني ٻولي پڙهائڻ لاءَ مخصوص ادارن ۾ به ٻولي پڙهائي وڃي ٿي. جپاني ٻولي پڙهڻ لاءِ ڪيئي فائدا ٿي سگهن ٿا، جن ۾ جپان جي تعليمي ادارن ۾ داخلا ملڻ يا داخلا ملڻ کان پوءِ اتي رهڻ ۾ وڌيڪ ڪشش يا دلچسپي پيدا ٿي سگھي ٿي، ۽ جپاني ٻوليءَ ۾ پڙهڻو پوي ته آساني ٿيندي ويندي. جپان ۾ نوڪري ڪرڻ يا جپان جي ڪنهن به بين الاقوامي ڪمپني ۾ دنيا اندر ڪٿي به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ اضافي فائدو ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو جپان مان امپورٽ يا ايڪسپورٽ جي ڪاروبار ڪري ٿو ته اُن کي به جپان مان واپارڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.
    مون کي ياد آهي ته هڪ دفعو ڪولمبو ايئرپورٽ تي سال 2014ع ۾ مون سان گڏ ويٺل نوجوان جيڪو انٽر ڪرڻ بعد جپاني ٻولي سکڻ لاءِ اتان جي ڪنهن انسٽيٽيوٽ ۾ جپاني بزنس ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو سال جو ڪورس پورو ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪراچي اچي رهيو هو. هو شايد بوهري هو، وڌيڪ اعليٰ تعليم به جپان مان ڪرڻ جو سندس ارادو هو. هن جو چوڻ هو ته گھر وارن جي چوڻ تي هن جپاني ٻولي سکي آهي. وڌيڪ هو بعد ۾ فيصلو ڪندو ته بزنس سنڀالڻي آهي يا وري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻي آهي.

    2. يونيورسٽيون ۽ جونيئر ڪاليج
    جپان جي ڪنهن به يونيورسٽي يا جونيئر ڪاليج ۾ داخلا لاءِ پهرين 12 سالا تعليم ۽ عمر جو 18 سال هجڻ لازمي آهي. يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ڊگري پروگرام 4 سال تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ جونئير ڪاليج طرفان ايسوسيئيٽ جي ڊگري يا ايسوسيئيٽ جو سرٽيفڪيٽ ٿئي ٿو، جنهن ۾ 2 يا 3 سال جا پروگرام ٿين ٿا. انهن ادارن ۾ داخلا لاءِ 12 جماعت تائين جا سرٽيفڪيٽ، گذريل اسڪول يا ڪاليج جي پرنسپال يا ڪنهن به سينئر استاد طرفان سفارشي خط، جپاني يا انگريزي ٻولي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ، يا ان کان علاوه ڪنهن به يونيورسٽي يا جونيئر ڪاليج طرفان ڪا ٻي گھرج ٿيل هجي، ته اهي ڪاغذات، داخلا ڪنهن به اميدوار جي موڪليل سرٽيفڪيٽن تي به ٿي سگھي ٿي، پر ٽيسٽ يا انٽرويو به ٿي سگھي ٿو، شارٽ مضمون به لکرائي ٽيسٽ ڪري سگھن ٿا، يا وري سندن اسٽينڊرڊ ٽيسٽون ( EJU, JLPT) جن جو ذڪر پهرين ڪري آيا آهيون، اهي ٻئي يا ڪا به هڪ وٺي سگھن ٿا.

    3. ڪاليجز آف ٽيڪنالاجيز (جن کي جپاني ٻولي ۾ Kosen چئجي ٿو).
    هن قسم جي ڪاليجن ۾ پروگرام پنج يا ساڍن پنج سالن تي مشتمل ٿين ٿا، پر انٽرنيشنل شاگردن کي ڊائريڪٽ ٽئين سال ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي. هنن ڪاليجن ۾ داخلا جونيئر هاءِ اسڪول جي شاگردن کي ڏني وڃي ٿي. هنن ڪاليجن ۾ مرچنٽ نيوي ۽ انجنيئرنگ جي ٻين شعبن بابت پڙهايو وڃي ٿو. اهم ڳالهه ته هن قسم جي پروگرامن ۾ ٿيوري بجاءِ پريڪٽيل تي فوڪس ڪيو وڃي ٿو، سموري پروگرام جو زور ليب ۽ پريڪٽيڪل ورڪ تي هوندو آهي، ته جيئن ورلڊ ڪلاس انجنيئر تيار ٿين جيڪي پنهنجي فيلڊ جو هر ڪم پاڻ ڪرڻ جا ماهر ٿي نڪرن، جن کي پنهجي فيلڊ ۾ جديد کان جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ هجي، پوءِ کين ايسوسئيٽ جو سرٽيفيڪيٽ ڏنو وڃي ٿو، پر هن قسم جي ڪورس ڪرڻ ۾ هڪ آپشن ٻيو به آهي ته بنيادي سال ڪورس جا پورا ڪرڻ کان پوءِ جي ڪو وڌيڪ ٻه سال پڙهي ته ان کي بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ NIAD-QE امتحان ۾ ويهڻو پوي ٿو، اهو جيڪڏهن پاس ڪري ته کيس بيچلر ڊگري ڏني وڃي ٿي.

    4. پروفيشنل ٽريننگ ڪاليج يا اسپيشلائيزڊ ٽريننگ ڪاليج
    هن قسم جي ڪاليجن ۾ فيلڊ اسپيشلسٽ پيدا ڪيا وڃن ٿا، جيڪي انڊسٽريءَ ۾ گهربل ضرورت پوري ڪري سگھن، مثال طور: موسيقي خاص طور پاپ ڪلچر، ڪامڪ ڪلچر، اينيميشن، گيمز، فيشن، انوائرنمينٽ، انرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ڪيريئر، ۽ ويلفيئر جي باري ۾ شاگردن کي سکيا ڏني وڃي ٿي. ان قسم جي گريجوئيٽس جي روزگار جو تناسب هميشه مٿي ئي رهيو آهي. هنن پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجن ۾ صرف جپاني ٻولي ۾ ئي پڙهايو وڃي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن ڪو 6 مهينن جو جپاني ٻولي جو ڪورس ڪري، پوءِ ئي درخواست ڏئي داخلا لاءِ. ان کان علاوه جپان فائونڊيشن يا جپان ايجوڪيشن ايڪسچينج طرفان جپاني ٻولي جي سطح N1 يا N2 پاس ڪيل هجي ، يا وري EJU ۾ 200 پوائنٽس سان پاس هجي. هن پروگرام ۾ داخلا لاٰءِ اميدوار جو انٽرميڊييئٽ جي سرٽيفيڪيٽ کان علاوه ٻين بنيادي مٿي ذڪر ڪيل ضروري ڊاڪومينٽس سميت ڪنهن به ڪاليج جتي داخلا وٺڻي هجي، انهن جي داخلا فارم سميت درخواست موڪلجي. هن ۾ ڊپلوما 2 سال ۽ ايڊوانس ڊپلوما 4 سال يا اڃا به ڪجهه وڌيڪ ٽائيم لڳي سگھي ٿو.

    5. گريجوئيٽ اسڪول
    هن قسم جي اسڪولن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري ڪرايا وڃن ٿا. جن لاءِ ترتيبوار 16 ۽ 18 سالا تعليم هجڻ جو شرط آهي. داخلا لاءِ درخواست جنوري کان مارچ يا وري جون جولاءِ ۽ سيپٽمبر ۾ به ورتيون وڃن ٿيون. ماسٽرس 2 سال ۽ پي ايڇ ڊي 5 سال تي مشتمل هوندي آهي. ڪنهن به گريجوئيٽ اسڪول جي درخواست فارم ، انٽرميڊئيٽ سطح تائين جي سرٽيفڪيٽن، گارنٽي ليٽرن، رڪمينڊيشن ليٽرن، کان علاوه گريجوئيٽ اسڪول جي ڪنهن به پروفيسر طرفان به ايڪسيپٽنس يا رڪيمينڊيشن ليٽر جو هجڻ لازمي آهي، جي ڊگري پيور ريسرچ بيسڊ آهي ته اڪيڊمڪ ايڊوائزر ئي توهان کي پنهنجي سپرويزن ۾ ڪم ڪرائيندو. انڊپينڊنت ريسرچ پروگرام ۾ پنهنجي فيلڊ مطابق جپان جي ڪهن به اسڪول ۾ مختلف پروفيسرن سان رابطو ڪري انهن کي مطئن ڪرڻ سان ئي اهو ليٽر ملي سگھي ٿو. ان کان سواءِ داخلا ملڻ جا امڪان تمام گھٽ ٿين ٿا پوءِ ڀلي سيلف فنانس تي ماڻهو داخلا لاءِ درخواست موڪلي يا وري جپاني گورنمينٽ يا ان مخصوص اسڪول جي اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪندو هجي. ان ڪري اڪيڊمڪ سپروائزر جي ايڪسيپٽنس تمام اهم آهي. اهم ڳالهه ته گريجوئيٽ اسڪول جو پي ايڇ ڊي پروگرام ٻن مرحلن تي مشتمل ٿئي ٿو، پهريون مرحلو ٻن سالن جو آهي جيڪو فيز ون سڏجي ٿو، جنهن کي پاس ڪرڻ کان پوءِ وري ٽي سال ٻيا جنهن کي فيز 2 چيو وڃي ٿو.

    6. پروفيشنل ٽرينگ اسڪول
    هن قسم جا اسڪول پروفيشنل ڊگريون رکندڙ شاگردن لاءِ وڌيڪ بهتر ڄاڻ لاءِ پروگرام آهن جيڪي پروفيشنل ڊگري رکندڙ شاگردن لاءِ آهن. خاص طور، بزنس، اڪانامڪس ۽ سوشل سائنس يا قانون پبلڪ پاليسي وغيره ۾. هن ۾ ايم بي اي پروگرام به آهي، جنهن جا ڪلاس انگريزي ٻولي ۾ ٿين ٿا.
    نوٽ: جپان جي ڪافي گريجوئيٽ اسڪولن ، پروفيشنل ٽريننگ اسڪولن ۽ ڪجهه يونيورسٽين ۾ فل ٽائيم انگريزي ۾ ڪرايا ويندڙ ڊگري پروگرام به آهن جن لاءِ شروعات ۾ جپاني ٻولي اچڻ ضروري نه آهي، پر بعد ۾ بنيادي ڪورس انگريزي ۾ هجڻ سان گڏ جپاني ٻولي به سيکاري وڃي ٿي ۽ آخري سطح تي ڪجهه ڪورس مڪس جپاني يا انگلش ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. ان لاءِ جپان گائيڊ بڪ ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود پروگرامن بابت تفصيل سان پڙهڻ گھرجي. يا وري جپاني گورنمينٽ جي ايجوڪيشن منسٽري جي لنڪ تي پيل هدايتن کي پڙهڻ گھرجي.

    جپان ۾ ٽيوشن ۽ داخلا فيون
    پوري دنيا جيان بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ جپان ۾ به ڪافي مهانگي في رکيل آهي، ۽ ماسٽرس ۽ پي ايڇ. ڊي تي ڪجهه گھٽ. حقيقت ۾ پوري دنيا اندر پرڏيهي شاگردن لاءِ پوءِ ڪهڙو به ملڪ هجي، بنيادي پرائمري تعليم کان ويندي يونيورسٽي جي بيچلر ڊگري تائين، في ڪافي گھڻي رکيل ٿئي ٿي پر ماسٽرس ۾ اها في ڪجهه گھٽ ٿي وڃي ٿي، ويندي پي ايڇ. ڊي ۾ ماسٽرس کان به گھٽ. اهم ڳالهه ته پوري دنيا ۾ اڪثر ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرامن لاءِ ته اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون پر هيٺين پروگرامن لاءِ نه هجڻ جي برابر اسڪالرشپون آهن. اهو شايد ان ڪري جو ماسٽرس ۽ پي ايڇ. ڊي ۾ دنيا جي بهتر کان بهتر شاگردن کي گھرائي کا.نئن نئين ريسرچ ڪرائي وڃي ٿي، جنهن ريسرچ جو امپيڪٽ ملڪ جي معشيت ۽ ٽيڪنالاجي تي پوي ٿو، جنهن سان لوڪل حڪومت کي فائدو ٿئي ٿو ته انهن جو نالو به ٿئي ٿو. جپان ۾ بيچلر ڊگري پروگرام داخلا ۽ ٽيوشن في ته انگلينڊ ، آسٽريليا يا آمريڪا کان ڪجهه گھٽ يا وڌ آهي پر ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ انهن جي 50 کان 70 سيڪڙو جي برابر آهي، پر ملائشيا جي حساب سان وڌيڪ آهي.
    پرائيويٽ يونيورسٽيون يا ٻيا تعليمي ادارا ته جپان جي حڪومتي ادارن کان به مهانگا آهن انڪري ڪنهن به تعليمي اداري ۾ داخلا وٺڻ مهل اهو به ڏسڻ گھرجي ته آيا هي اسڪول ، ڪاليج يا يونيورسٽي خانگي آهي يا سرڪاري.
    جپان جي سرڪاري گريجوئيٽ اسڪولن ۾ پي ايڇ ڊي جي پهرين سال جي في 7 هزار ڊالرن کان ويندي 8 هزار ڊالرن تائين آهي، پرائيويٽ گريجوئيٽ اسڪول جي في به 6 هزار کان 10 هزار ڊالرن تائين آهي، فيس جو فرق شعبي جي حساب سان آهي، وري ماسٽرس جي فيس به 6 هزار کان 12 هزار ڊالرن تائين آهي، جيڪا بنسبت پي ايڇ ڊي جي ڪجهه وڌيڪ آهي. پر بيچلر ڊگري پروگرام ۾ سرڪاري يونيورسٽين ۾ ته وري به 7 کان 8 هزار ئي سالياني فيس آهي پر پرائيويٽ ۾ تمام مهنگي تعليم آهي، جن جي فيس 42 هزار ڊالرن تائين به آهي جيڪا ميڊيڪل جي پهرين سال ۾ ڏيڻي پوي ٿي، ائين وري انجنيئرنگ ڪجهه گھٽ 13 هزارن تائين آهي. فارميسي 18 هزار، ڊينٽيسري 36 هزار، آرٽس 14 هزار، قانون، ڪامرس ۽ ايڪانامڪس 10هزار جي لڳ ڀڳ. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته بيچلر ڊگري پروگرام پنهنجي ملڪ ۾ ڪجي ته بهتر آهي. ائين وري جونئر ڪاليجن ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجن جي في به 9 کان 12 هزار تائين آهي، باقي سڀ کان گھٽ في ڪاليج آف ٽيڪنالاجي جي آهي، جيڪا 2800 ڊالر آهي. جپانيز لينگيئج انسٽيٽيوٽس جي فيس پوري ڪورس لاءِ 3500 کان 7500 ڊالرن تائين ٿئي ٿي، جيڪڏهن ڪورس سال جو آهي، نه ته وري ايتري ئي في ٻئي سال لاءِ به ڏيڻي پوي ٿي.
    هي صرف پهرين سال جي داخلا ۽ ٽيوشن في آهي. انهن کان علاوه ٽريولنگ، انشورنس ، ڪتاب ، رهائش ۽ ٻيا خرچ به نڪري سگھن ٿا.

    جپان ۾ اسڪالرشپن جا موقعا
    جپان ۾ گھڻي ڀاڱي ڪنهن نه ڪنهن گريجوئيٽ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي، پر ڪجهه ڊائريڪٽ اسڪالرشپ تحت اپلاءِ ڪرڻ سان داخلا ملي سگهي ٿي. اسڪالرشپ ۾ ٽيوشن في فل معاف ٿيڻ يا ڪجهه گھٽ ٿيڻ کان علاوه رهائش کاڌي پيتي جو ماهوار الائونس به ملي سگھي ٿو، جپان گورنمينٽ جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي ڏسڻ گهرجي.
    www.jasso.go.jp/en/study_j/scholarship/index.html
    گورنمينٽ اسڪالرشپن کان علاوه مختلف يونيورسٽيون يا گريجوئيٽ اسڪول الڳ سان به پرڏيهي شاگردن لاءِ اسڪالرشپن جو اعلان ڪندا رهن ٿا. اهو اصل ۾ ڪنهن مخصوص پراجيڪٽ وغيره ۾ بهتر کان بهتر ذهين شاگرد کي گھرايو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي ڪنهن به اسڪالرشپ جي پڌرائي، جپاني حڪومت جي ايجوڪيشن منسٽري واري لنڪ تي يا وري دنيا ۾ موجود سندن سفارتخاني يا ڪائونسل خاني جي ويب سائيٽ تي ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه اسان جي پاڪستان حڪومت يا هيڪ به ٻاهر پڙهائڻ لاءِ اسڪالرشپون انائونس ڪن ٿا. ان لاءِ به جپان جو آپشن هوندو آهي يا ايشيا جي ڪجهه ٻين ملڪن جو، ڪڏهن ڪڏهن خاص جپان جي لاءِ به ڪي اسڪالرشپون ٿي سگھن ٿيون. دنيا جي مختلف تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن جيئن يونيسڪو، يا وري ڪنهن ٻئي اداري طرفان به ڪي اسڪالرشپ اچي سگھن ٿيون، انهن تي به نظر رکڻ گھرجي. جپان مان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ يا رهنمائي لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي وڌيڪ تفصيل موجود آهن.
    www.jasso.go.jp/en/study_j/scholarship/brochure.html ۽ www.studyjapan.go.jp/en/index.html

    پارٽ ٽائيم ڪم:
    جپان گورنمينٽ جي گائِيڊ بڪ ۾ ڏنل انگ اکرن مطابق لکيل آهي، ته هڪ اندازي مطابق جپان ۾ پنهنجي پيسن تي يا وري ڪنهن پرائيوٽ اداري جي مدد سان ايندڙ شاگردن مان 75 سيڪڙو شاگرد جپان ۾ پارٽ ٽائيم ڪن ٿا، جن جي ماهوار ايوريج ڪمائي 439 ڊالر آهي يعني 50000 پاڪستاني لڳ ڀڳ رقم، پر اهي پيسا رهائش لاءِ ته ڪم اچي سگھن ٿا، پر اسڪول جي في يا ٻين خرچن لاءِ يا پاڻ وٽ پيسا هجن يا وري ڪا اسڪالرشپ نه ته صرف پارٽ ٽائيم ملڻ جي آسري جپان ۾ نه اچڻ گھرجي، تنهنڪري جپان اچڻ کان پهرين هر شاگر وٽ سندس خرچ لاءِ الڳ سان سٺو منصوبوهجڻ گھرجي. هي پيسا جيڪي، ڪو، پارٽ ٽائيم ڪري ڪمائي به ٿو ته نه ڪي پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ، نه وري بچت لاءِ، پر اهو فقط مدد طور پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍڻ لاءِ. اهم ڳالهه ته هر شاگرد ايتري محنت ڪري جو پنهنجي پڙهائي ۾ به سٺا نتيجا حاصل ڪري ۽ پارٽ ٽائيم به ڪري سگھي، اهو سندس صلاحيتن ۽ طبعيت تي منحصر آهي.
    شاگردن لاءِ قاعدا قانون آهن جن کي پارٽ ٽائيم جي اجازت ملي ٿي ته مخصوص ڪلاڪ يا ڏينهن جي حساب سان ويندي ڪجهه جڳهن جيئن وندر يا بالغن جي ڪم ڪرڻ وارين جڳهن تي شاگردن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي. هڪ هفتي ۾ شاگرد کي وڌ ۾ وڌ 28 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. ان ڪم لاءِ شاگرد کي يونيورسٽي يا لوڪل ميونسپالٽي کان به اجازت وٺڻي پوي ٿي جيڪا قانوني طور اڪثر ڏني ويندي آهي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شاگرد جي داخلا ختم ڪئي وڃي ٿي، ويندي جنهن شاگردن جي حاضري گھٽ هجي ته ان کي به ڊي پورٽ ڪيو وڃي ٿو. جپان ۾ 8 ڊالر ايوريج في ڪلاڪ ڪم جا ڏنا وڃن ٿا، پر ايجنٽ يا مختلف ويبسائيٽس جتي وڌيڪ رقم ملڻ جي ڳالهه هجي، اهو ڪوڙ ٿي سگھي ٿو.
    پرڏيهي شاگردن لاءِ ڪم واريون جڳهون هن طرح آهن.
    فوڊ ۽ بيوريج، جتي سڀ کان وڌيڪ شاگردن کي ڪم ملي ٿو، ٻئي نمبر تي سيلز ۽ مارڪيٽنگ، پوءِ ٽيچنگ ۽ ريسرچ اسسٽنٽشپ، ٽرانسليشن، لئنگئيج انسٽرڪٽر، هوم ٽيوٽر وغيره. هنن لاءِ انگلش سٺي هجڻ گھرجي، ڪليننگ، هوٽلنگ ۽ ريسٽورينٽس سروس وغيره.

    جپان ۾ نوڪري ۽ انٽرنشپ ڪرڻ جا موقعا
    جپان ۾ شاگردن کي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ يا تعليم جي موڪلن دوران انٽرنشپ ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. ان کان علاوه گريجوئيشن ٿيڻ سان جپان لوڪل ميونسپالٽي گورنمينٽ کي درخواست ڏئي نوڪري ڳولهڻ يا ڪٿي انٽرنشپ ڪرڻ جي اجازت وٺڻي پوي ٿي، پر شاگرد جو اسٽيٽس گريجوئيشن ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي پاڻ کي اسٽوڊنٽ اسٽيٽس کان ڊيزگنيٽڊ ايڪٽو ٿيڻ گھرجي، جنهن سان 6 مهينا جپان ۾ رهي سگھجي ٿو ۽ ٻيهر درخواست ڏئي وڌيڪ 6 مهينا ٻيا به ملي سگھن ٿا. ان دوران جيڪڏهن جاب ملي وڃي ته ڪمپني جي رڪمينڊيشن ويزا جو اسٽيٽس تبديل ٿي ايمپلائيمنٽ ويزا ٿي سگھي ٿي. جپان ۾ موجود بين الاقوامي ڪمپنيون بِغير ڪنهن خاص ملڪ يا خطي جي، هڪ باصلاحيت ماهر ۽ ذهين ماڻهوءَ کي خاص طور پنهنجي فيلڊ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ جڳهه ڏين ٿيون، پر مقابلي سبب جاب ملڻ آسان نه آهي، پر جپان گورنمينٽ جي رپورٽ مطابق سال 2015 ۾ 16 هزار پرڏيهي شاگردن کي جپان ۾ نوڪريون مليون آهن، ۽ سندن ويزا جو اسٽيٽس اسٽوڊنٽ ويزا کان پوءِ ڊيزگنيٽڊ ويزا کان ٿيندو ورڪنگ ويزا اسٽيٽس منظور ٿيو آهي. جپان ۾ هن ريت مختلف ڪمپنين ۾ شاگردن کي نوڪريون مليون آهن.
    ڪامرس ۽ ٽريڊنگ ۾ 21.1 سيڪڙو، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ 10.1 سيڪڙو، ايجوڪيشن ۾ 7.5 سيڪڙو، اليڪٽرانڪ اپلائنسز ۾ 3.4 سيڪڙو ۽ فوڊ ۽ ڊرنڪس يا بيوريجس ۾ 3.2 سيڪڙو نوڪريون ڏنيون ويون آهن. جپان ۾ بنيادي پگھار 1800 ڊالرن کان 2200 ڊالرن تائين شروع ۾ ڏنو وڃي ٿو. پر ڪجهه ماڻهو 3 هزار ڊالرکان به مٿي کڻن ٿا.

    جپان ۾ تعليمي ادارن جو تعداد
    2016ع جي انگ اکرن مطابق، گريجوئيٽ اسڪول 624 ، يونيورسٽين جو تعداد 756 ، جونيئر ڪاليج 341، ڪاليج آف ٽيڪنالاجيز 57 ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪاليج 2770 آهن، ڪل ملائي ڪري اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو تعداد 4551 آهي، پر ڪجهه ويبسائيٽس مطابق 6500 جي لڳ ڀڳ آهي.

    جپان بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون:

    جپاني ماڻهو ٽائيم جا پابند ٿين ٿا.
    جپان ۾ ٽِپِ ڪون ورتي وڃي ٿي.
    جپان ۾ گم ٿيل شيءِ به واپس مليو وڃي.
    جپان جي ٺهيل ڪا به شيءِ سڀ کان وڌيڪ پائيدار ٿئي ٿي.
    جپاني ماڻهو روبوٽس وانگر محنتي ٿين ٿا.
    آخر ۾ جپاني چوڻي جيڪا مون الطاف شيخ جي ڪتاب ”رٺي آهي گھوٽ سان“ ۾ پڙهي، جا مون کي دل سان لڳي، چوڻي آهي ته، ”شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته چانور پوکجن“.
    اسان وٽ سنڌ ۾ ڏسجي ٿو ته شاعرن جو تعداد هنر مند ماڻهن کان شايد وڌيڪ هجي، شاعري به ڪجي پر ان کي پنهنجي زندگي نه ارپي ڇڏجي، بهتر آهي ته ڪو ڌنڌو يا هنر سکي پاڻ ۽ پنهنجن ماڻهن جي ڪم اچجي. اسان وٽ ڪچي عمر جا نوجوان رڳي سوچي سوچي پيا وقت گذاريندا ۽ شاعرٿيڻ جي ڪوشش ڪندا، جي اهي نوجوان واندا نه هجن ڪنهن نه ڪنهن هنر سان هجن ته شايد شاعري ڪرڻ جو شوق نه ٿئين. اسان کي جپاني قوم جي مٿئين چوڻي مان ڪافي سبق ملي ٿو. علم ادب ۽ شاعري جي احساسن سان گڏ پروفيشنل يا اسپيشلائزيشن جا ڪورس ڪرڻ گھرجن ، جن لاٰءِ اسڪول يا ڪاليج جي شروعات کان ئي ٻارن کي اهڙو ڪو ڌنڌو سکڻ لاءِ لڳائي ڇڏجي.
    سال 2018ع جي QS World University Ranking موجب، هن وقت ايشيا جي بهترين چار سئو يونيورسٽين ۾ جپان جون 77 يونيورسٽيون شامل آهن جيڪي 13، 14 ، 15، 17 ، 20، 27 ، 29، 31، 36، 39، 40، 60، 67، 68، 85، 98، 116، 119، 120، 122، 123، 135، 137، 140، 140، 143، 148، 10، 161، 168، 170، 1755، 183، 190، 194، ۽ باقي 200 کان 400 جي وچ ۾ اچي وڃن ٿيون. جپان ۾ ڪنهن به اداري ۾ داخلا پنهنجي پيسن يا پنهنجي ملڪ جي طرفان اسڪالرشپ تي وٺجي ته ڪوشش ڪري جپان جي بهتر کان بهتر يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ وٺجي ۽ انهن جي ريڪنگ ڏسجي ته آيا اهي ايشيا جي 400 بهترين تعليمي ادارن ۾ شامل آهن يا دنيا جي بهترين هزار ادارن ۾ شامل آهن پر جيڪڏهن جپان حڪومت جي اسڪالرشپ ملي يا ڪنهن جپان جي اداري طرفان ته پوءِ ضرور ايڊميشن وٺجي، چاهي هن رينڪنگ ۾ نه به شامل هجي پر ان جي جپان گورنمينٽ جي ويب سائيٽ تي وڃي تصديق ضرور ڪجي خاص طور جي سرڪاري ادارو هجي ته بنا جهجهڪ ايڊميشن وٺجي، نه ته به ڪجهه سينئر دوستن يا تعليمدانن کان مشورو ضرور وٺجي. حقيقت جپان هجي ، يا چائنا، يا ملائشيا ۽ ٿائلينڊ ، سڀني جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ ته معيار يا سهوليتون اسان جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ کان بهتر هونديون پر پرائيويٽ يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ ٿي سگھي ٿو ڪجهه گھٽ معيار وارا ادارا به هجن جو تعليم ڪمائيءَ جو ذريعو به بڻجي وئي آهي، انڪري پرائيوِيٽ ادارن ۾ تعليم وٺڻ مهل گھڻ طرفي جاچ ڪرڻ بهتر عمل آهي. هونءَ به اسان جي انجنيئرنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽي يا جنرل ايجوڪيشن ۾ قائد اعظم يونيورسٽي وغيره جو معيار عالمي سطح تي به بهتر آهي. بهرحال جپان جون ٽاپ ٽين يونيورسٽيون هن ريت آهن، انهن ۾ پڙهڻ جو موقعو قسمت بدلائي سگھي ٿو.
    The University of Tokyo
    Tokyo Institute of Technology
    Osaka University
    Kyoto University
    Tohoku University
    Nagoya University
    Kyushu University
    Hokkaido University
    Keio University
    Waseda University


    عوامي جمهوريه ڪوريا جو اعليٰ تعليمي نظام

    عوامي جمهوريه ڪوريا ۾ اعليٰ تعليم ڏيندڙ ادارا ٽن مختلف قسمن ۾ ورهايل آهن ، جن ۾ جونيئaTTر ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ گريجوئيٽ اسڪول شامل آهن، پر هاڻي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت ۽ دور جي حساب سان الڳ سان سائبر يونيورسٽيون به قائم ڪيون ويون آهن جتي تعليم اليڪٽرانڪ سکيا طور ڏني وڃي ٿي. جيتوڻيڪ گريجوئيٽ اسڪول، يونيورسٽين جو ئي حصو رهيا آهن پر اڄڪلهه ڪجهه الڳ سان بغير ڪنهن يونيورسٽي سان الحاق هجڻ جي، آزاد ڪم ڪندڙ گريجوئيٽ اسڪولن جو به قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي ۽ ڪجهه عملي طرح ڪم به ڪري رهيا آهن.
    ڪوريا جون يونيورسٽون ٽن قسمن جون آهن هڪڙيون اهي جيڪي سينٽرل گورنمينٽ جي زير نگراني ڪم ڪري رهيون آهن، ٻيون لوڪل گورنمينٽ ۽ ٽيون پرائيويٽ يونيورسٽيون. هتان جي تعليم پرائيويٽ يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ سرڪاري يونيورسٽين ۾ ڪجهه گھٽ خرچ کائي ٿي. البته سمورين پرائيويٽ يونيورسٽين کي به وزارت تعليم طرفان مقرر ڪيل استاد، نصاب، سهولتن ۽ ڊگري پروگرامن جي قاعدن مطابق جاچ پڙتال کان پوءِ ئي منطوري ڏني وڃي ٿي.
    ڪوريا جي وزارت تعليم بين الاقوامي رجحان کي ڌيان ۾ رکندي به عالمگيريت جي اثر هيٺ پنهنجي ملڪ ۾ به پرڏيهي شاگردن جي لاءِ موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان قسم جي رجحان کي وڌيڪ پذيرائي ڏئي رهي آهي ته جيئن بين الاقوامي اچ وڃ ۽ تعلقات کي وڌائجي. اپريل 2016 جي انگن اکرن مطاق ڪوريا ۾ موجود پرڏيهي شاگردن جو ڪل تعداد ٿلهي ليکي 104000 جي لڳ ڀڳ آهي.

    ڪجهه اهم ڳالهيون هن طرح آهن.
    • جونيئر ڪاليج ۾ 2 کان 3 سال جا پروگرام آهن.
    • يونيورسٽيءَ ۾ 4 سالا ڊگري پروگرام آهن.
    • ڊگري پروگرام ڪورين يا انگلش ٻوليءَ ۾ ڪرايا وڃن ٿا، جيئن ته ڪوريا جي اڪثر يونيورسٽين جي عالمگيريت طرف خصوصي دلچسپي آهي، انڪري 30 سيڪڙو تائين ڪورس انگريزي ۾ ڪرايا وڃن ٿا.
    • ايڪسچينج اسٽوڊنٽ پروگرام ۾ مختلف پرڏيهي يونيورسٽين سان ٿيل معاهدن تحت شاگردن کي داخلا ڏني وڃي ٿي.
    • اڪٽر يونيورسٽين ۾ ڪورين ٻولي پڙهائڻ لاءِ لئنگئيج انسٽيٽيوٽ آهن جتي ڪورين ٻولي پڙهائي وڃي ٿي.
    • گريجوئيشن اسڪولن جتي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام ڪرايا وڃن ٿا، اهي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا جنرل اسڪول جتي جنرل اڪيڊمڪ پروگرام ڪرايا وڃن ٿا، ۽ ٻيا پروفيشنل گريجوئيٽ اسڪول آهن، جتي پريڪٽيڪل اسڪلز لاءِ پروگرام ڪرايا وڃن ٿا.
    • ماسٽرس پروگرام 2 سال يا ڪجهه وڌيڪ وقت لاءِ آهن ، جن ۾ 24 اڪيڊمڪ ڪريڊٽ هَوَر شامل آهن، اهي پورا ڪرڻ کان پوءِ ئي شاگرد ماسٽرس جي ٿيسز تي ڪم ڪري، لکي جمع ڪرائي سگھن ٿا.
    • جڏهن ته ڊاڪٽرل پروگرام 3 سال جو آهي، يا ان کان ڪجهه وقت وڌيڪ به لڳي سگھي ٿو، ان پروگرام ۾ 36 ڪريڊٽ هَوَر (ڪلاڪ) ڪورس ورڪ جا شامل آهن، اهي سمورا ڪريڊٽ هَوَر ڪاميابيءَ سان پاس ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪامپريهينسو ڪواليفڪيشن ايگزيم پاس ڪرڻو پوي ٿو ، ان بعد ئي شاگرد پي ايڇ ڊي ٿيسز تي ڪم جاري ڪري سگھي ٿو يا ٿيسز لکي سگھي ٿو.
    • پوسٽ ڊاڪٽرل پروگرام انهن شاگردن لاءِ آهي، جيڪي پي ايڇ ڊي پوري ڪرڻ کان پوءِ به ريسرچ جاري رکڻ چاهين ٿا.
    • ڪوريا جي ڪنهن به ڪاليج يا يونيورسٽي يا گريجوئيٽ اسڪول ۾ داخلا لاءِ سڀ کان پهرين ڪنهن به اسڪالرشپ جي تحت رڪمينڊ ٿيل يونيورسٽي يا ڊائريڪٽ ڪنهن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ وزٽ ڪري، اتي موجود درخواست لاءِ ڏنل طريقي ڪار مطابق ، درخواست فارم ۽ گھربل ڊاڪومينٽ تيار ڪجن. گھڻي ڀاڱي ڪورين يونيورسٽين لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگھجي ٿي ۽ ڊاڪومينٽ اسڪين ڪري اپلوڊ ڪري سگھجن ٿا يا اي ميل ذريعي به موڪلي سگھجن ٿا.
    • داخلا ٿي وڃڻ کان پوءِ ويزا لاءِ گھربل معلومات يا گھربل ڪاغذ لاءِ پاڪستان ۾ موجود ڪورين ايمبيسي کان رهنمائي وٺڻ گھرجي. ان لاءِ ڪورين ايمبيسي جي ويب سائيٽ يا وري فون تي رهنمائي حاصل ڪري سگھجي ٿي يا ڪو دوست ڪوريا مان تعليم پوري ڪري آيو آهي ته ان کان به مشورو وٺڻ گھرجي.
    • ڪوريا ۾ داخلائن لاءِ درخواست سال ۾ ٻه دفعا ڏئي سگھجي ٿي، هڪ بهار سيمسٽر لاءِ سيپٽمبر کان نومبر وچ ۾، ۽ ٻيو خزان سيمسٽر لاءِ درخواست جو وقت مئي ۽ جون آهي. اڪثر داخلا گھربل ڊاڪومينٽ جي رڪارڊ مان ٿيو وڃي پر ڪجهه يونيورسٽيون انٽرويو يا ٽيسٽ به وٺي سگھن ٿيون.
    • داخلا لاءِ گھربل يونيورسٽي وائيز يا خصوصي اسڪالرشپ مطابق درخواسٽ فارم سان گڏ پنهنجي سي. وي ۽ اسٽڊي پلان به ڏيڻ ضروري آهي، ان کان علاوه گذريل مارڪشيٽس ۽ سرٽيفڪيٽ، پاسپورٽ جي ڦوٽو ڪاپي، ڪورين زبان يا انگريزي ٻولي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ به ڏئي سگھجن ٿا.
    • اسڪالرشپ هجي ته ٺيڪ نه ته مالي طور مستحڪم هجڻ جو سرٽيفڪيٽ يا گارنٽيئر وغيره، جو ليٽر ۽ بينڪ اسٽيٽمينٽ ڏيڻ ضروري آهي.

    ٽيوشن فيس:
    عام طور تي نيشنل يونيورسٽين جي فيس پرائيويٽ يونيورسٽين کان ڪجهه گھٽ ئي هوندي آهي، پر پروگرام مطابق فيس الڳ الڳ ٿي سگھي ٿي.
    فيس هن طرح آهي: هيومنٽيز لاءِ سيمسٽر فيس 1100 ڊالرن کان 13300 ڊالرن تائين، سائنس سبجيڪٽس ۾ فيس 1500 کان 8600 ، آرٽس ۾ 1500 کان 6400، انجنيئرنگ ۾ 1600 کان 20900 ۽ ميڊيسن ۾ فيس 2300 کان 10600 ڊالر فيس آهي.

    رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ خرچ :
    هاسٽل ۾ رهائش لاءِ سيمسٽر جي فيس شيئرڊ روم ۾ جتي 2 پارٽنر هجن ته 900 کان 1400 ڊالر ۽ جيڪڏهن 4 پارٽنر هجن ته 600 کان 900 ڊالر هوندي آهي.
    کاڌي پيتي لاءِ ماهوار 300 ڊالر خرچ اچي ٿو، ميڊيڪل انشورنس لاءِ 20 ڊالر، ٽرانسپورٽ ۾ 40 ڊالر، انٽرنيٽ 30 ڊالر. اهڙي طرح اندازي مطابق رهائش جي خرچ کان علاوه 400 کان500 ڊالر جي لڳ ڀڳ هڪ شاگرد جو ايوريج خرچ اچي ٿو.

    ڪوريا حڪومت جو اسڪالرشپ پروگرام:

    بين الاقوامي شاگردن لاءِ ڪوريا حڪومت طرفان انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ ليول جي ڊگري پروگرامس لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون وڃن ٿيون. ساليانو 170 اسڪالرشپون بيچلر ڊگري پروگرامن لاءِ ۽ 700 جي لڳ ڀڳ اسڪالرشپون ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن لاءِ مهيا ڪيون وڃن ٿيون. ان اسڪالرشپ پروگرام ۾ هڪ سال ڪورين ٻولي ڪرڻ جو ڪورس به شامل آهي، جيڪو به داخلا ملندڙ يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ عي ڪرايو وڃي ٿو، پر جي ڪنهن شاگرد جي پهرين کان ئي ڪورين ٻوليءَ ۾ سٺي مهارت آهي، ته ان کي هي ڪورس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن قسم جي اسڪالرشپ جو اعلان گريجوئيٽ پروگرامس لاءِ فيبروري ۾ ٿئي ٿو. شاگردن جي شارٽ لسٽنگ ايمبيسي يا ڪنهن به ڪورين يونيورسٽي طرفان مارچ يا اپريل ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ته اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن جو اعلان جون ۾ ڪيو وڃي ٿو، جنهن کان پوءِ ويزا پراسيس ٿئي ٿو. تقريباَ آگسٽ جي آخر ۾ اميدوار کي ڪوريا پهچڻو هوندو آهي.
    انهن اسڪالرشپ ۾ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ، شروعات ۾ خرچ پکي لاءِ تقريبن 2 لک ڪورين ڪرنسي ، ماهوار رهائشي خرچ 9 لک ڪورين وون، ٽيوشن فيس، ريسرچ سپورٽ لاءِ هر سيمسٽر ۾ تقريباَ 2 لک کان ڪجهه وڌيڪ ڪورين ڪرنسي ، ٿيسز پرنٽنگ جو خرچ، گريجوئيٽ ٿيڻ جي گرانٽ وغيره کان علاوه، ڪورين ٻولي پڙهڻ جو خرچ وغيره به ڏنو وڃي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪوريا جي تعليم ۽ رهائش ويندي کاڌو پيتو ڪافي مهانگو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪوريا جي اسڪالرشپ جو ملندڙ وظيفو به ڪافي مناسب آهي. تنهنڪري ڪوريا اسڪالرشپ لاءِ ضرور ڪوشش ڪجي. هن قسم جي اسڪارشپ لاءِ عمر جي حد بيچلر ڊگري لاءِ 25 سال ۽ ماسٽرس ڊگري يا پي ايڇ ڊي لاءِ 40 سال آهي.

    درخواست ڏيڻ جو طريقڪار:

    نيشنل انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل ايجوڪيشن ڪوريا (NIIED) طرفان مختلف اسڪالرشپس لاءِ اعلان ڪيو ويندو آهي، جنهن لاءِ درخواست ڪوريا جي مقرر ڪيل يونيورسٽين يا سندن ايمبيسي ۾ ڪرائجي ٿي ، ان کان پوءِ مقرر ڪيل يونيورسٽين يا ايمبيسيز طرفان شارٽ لسٽ ڪيل اميدوار جا ڪاغذات NIIED کي موڪليا وڃن ٿا، جيڪا حتمي اميدوارن جو اعلان ڪري ٿي.
    مٿي ٻڌايل پروگرام کان علاوه ڪجهه عرصي لاءِ ايڪسچينج پروگرام تحت به شاگردن لاءِ اسڪالرشپ آفر ڪيون وڃن ٿيون، ان کان علاوه به مختلف ڪيٽيگريز تحت وقت به وقت ڪورين گورنمينٽ طرفان اسڪالرشپن جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. الڳ سان مختلف ڪورين يونيورسٽين طرفان به اسڪالرشپون آفر ٿينديون رهن ٿيون، ان لاءِ عالمي رينڪنگ ۾ ايندڙ ڪوريا جي بهترين يونيورسٽين جي ويب سائيٽس کي ضرور وزٽ ڪرڻ گھرجي. ان لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڌيڪ معلومات ملي ويندي.www.studykorea.go.kr/eng يا وري سندن www.niied.go.kr/eng تي وڌيڪ تفصيل پڙهڻ گھرجي. ان کان علاوه جي ڪوريا جي تعليمي نظام ۽ طريقيڪار بابت وڌيڪ دلچسپي هجي ته سندن تعليم واري وزارت جي ويب سائيٽ تي ڪافي تفصيل سان سندن تعليم بابت سمجهايل آهي. اتان به ڪافي بهتر رهنمائي ٿي سگھي ٿي. آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ هن لنڪ تي فارم ڀرڻ گھرجي.
    www.studyyinkorea.go.kr/en/sub/oversears_info
    يا www.studyinkorea.go.kr/en/sub/gks/allnew_schoarship_universities.do#
    انهن لنڪس تي وڃي اورسيز اسٽڊي ايپليڪيشن وزارڊ تي رجسٽر ٿي درخواست ڏجي، جتي يونيورسٽين جا لنڪ وغيره ۽ گھربل معلومات لاءِ لنڪس اڳي ئي ڏنل آهن.

    ايشيا ۽ عالمي ليول تي سائوٿ ڪوريا جي يونيورسٽين جي درجا بندي:

    QS 2018ع مطابق ايشيا جي بهترين 400 يونيورسٽين ۾ صرف سائوٿ ڪوريا جون 44 يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ سندن ڪورين ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي چوٿين نمبر تي ۽ سيول يونيورسٽي 11 نمبر تي آهي. ان کان علاوه پهنگ يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي 12 نمبر تي، ۽ ڪوريا يونيورسٽي 16 نمبر تي آهي. سندن ايشيا جي پهرين سو واري ڪيٽيگري ۾ 17 يونيورسٽيون آهن. اهم ڳالهه ته ايشيا جي پهرين ۽ ٻئي نمبر تي يونيورسٽيون سينگاپور جون آهن ۽ ٽئين نمبر تي هانگ ڪانگ جي. ۽ ان کان پوءِ چوٿين نمبر تي آيل يونيورسٽي ڪوريا جي آهي. اهڙي طرح ايشيا جي پهرين ڏهن يونيورسٽين ۾ سائوٿ ڪوريا جي هڪ يونيورسٽي شامل آهي. اهڙي طرح عالمي ليول تي پهرين هزار وارين بهترين يونيورسٽين ۾ سائوٿ ڪوريا جون 29 يونيورسٽيون شامل آهن جن ۾ سيول نيشنل يونيورسٽي عالمي ليول تي 36 نمبر تي آهي، ۽ ڪوريا انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي 41 نمبر تي، پهنگ يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي 71 ۽ ڪوريا يونيورسٽي 90 نمبر تي آهي. اهڙي طرح عالمي ليول تي ڪيو ايس ريڪنگ 2018ع مطابق پهرين سئو ۾ سائوٿ ڪوريا جون چار يونيورسٽيون شامل آهن.

    سائوٿ ڪوريا ۾ سنڌي استاد ۽ شاگرد

    سائوٿ ڪوريا جي Hankuk University of Foreign Studies ۾ سنڌي پروفيسر سائين ڇتن شاهه آهي، ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي جا ٻه استاد جيڪي فارميسي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري واپس آيا آهن جن ۾ سائين احمد شاهه ۽ محمد اڪرم کتري صاحب شامل آهن، ٻئي استاد هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهن. ان کان علاوه سندر خواجا جيڪو پڻ سنڌ يونيورسٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جو استاد آهي، اهو به سائوٿ ڪوريا جي HUFS-Hankuk university of foreign affairs مان مشين لرننگ ۽ ڪمپيوٽنگ تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. سائين احمد شاهه جيڪو College of Pharmacy Hanyyang University Erica Ansan Korea مان ايم ايس لينڊگ ٽو پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي، ان ٻڌايو ته سنڌ جا تقريباَ سئو جي لڳ ڀڳ شاگرد سائوٿ ڪوريا جي مختلف ادارن ۾ زير تعليم آهن، جيڪي ڪجهه ڪورين حڪومت جي اسڪالرشپ تي ۽ ڪجهه پاڪستان هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي طرفان اسڪالرشپ تي پڙهي رهيا آهن.


    هانگ ڪانگ ۾ تعليمي نظام ۽ موقعا

    هانگ ڪانگ جيئن ته چائنا جو حصو آهي، پر خود مختيار هجڻ ڪري دنيا ۾ هڪ الڳ حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ جي خودمختيار هجڻ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته مين لينڊ چائنا جي ماڻهن کي به ويزا لڳرائي هانگ ڪانگ اچڻو پوي ٿو، ويندي اهي هانگ ڪانگ ۾ ڪا به پراپرٽي وغيره به خريد نٿا ڪري سگھن. اهو چائنيز حڪومت جو تمام بهترين فيصلو به لڳي ٿو، جو 99 سال انگريزن جي انتظامڪاريءَ ۾ رهندي هانگ ڪانگ جي ماڻهن جا مزاج باقي چائنا جي ماڻهن کان ڪافي الڳ به آهن تنهنڪري مين لينڊ چائنا جو ماڻهو جيڪڏهن هڪدم گھڙي به پيو ته هانگ ڪانگ جو ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي يا وري وسيلن ۾ شيئر برداشت نه ڪري. ان ڪري چائنا جي حڪومت جي دورانديشي جو داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي. ويندي جي ڪنهن فارينر کي هانگ ڪانگ گھمڻ جي ويزا گھرجي ته اها چائنيز سفارتاخاني مان ٿي ملي پر هانگ ڪانگ ۽ چائنا لاءِ الڳ سان ويزا ڏني وڃي ٿي. هانگ ڪانگ دنيا ۾ بزنس انڊسٽري ڪري تمام گھڻو مشهور آهي. هانگ ڪانگ جي تعليمي ادارن جو شمار نه صرف ايشيا جي پر دنيا جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن وقت سال 2017ع ۽ 2018ع جي يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ ايشيا جي 400 بهترين يونيورسٽين مان پهرين 100 يونيورسٽين ۾ هانگ ڪانگ جون ست يونيورسٽيون شامل آهن جن مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ته ٽئين نمبر تي آهي، يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ پنجين نمبر تي، سٽي يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ اٺين نمبر تي آهي ۽ چائنيز يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ ڏهين نمبر تي.
    ان حساب سان ڏسجي ته ايشيا ۾ سينگاپور جي تعليمي ادارن کان پوءِ بهترين تعليمي ادارا هانگ ڪانگ ۾ آهن. ان کان علاوه هانگ ڪانگ پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي 27 نمبر تي، هانگ ڪانگ بيپٽسٽ يونيورسٽِي 64 نمبر تي، لنگنان يونيورسٽي 100 نمبر تي آهي. هونءَ ته هانگ ڪانگ ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ يونيورسٽين يا ڪاليجن جو تعداد 12 آهي جيڪي سڀ اعليٰ معيار رکن ٿا. جن مان جيڪڏهن دنيا جي ريڪنگ ۾ به ڏسجي ته دنيا جي بهترين 100 يونيورسٽين ۾ به هانگ ڪانگ جون پنج يونيورسٽيون اچي وڃن ٿيون. هانگ ڪانگ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن طرفان هيٺين اَٺن يونيورسٽين کي فنڊنگ ڏني وڃي ٿي، جتي سنڌ جي ڪنهن به شاگرد کي انهن يونيورسٽين ۾ ڪا اسڪالرشپ يا ڪو به موقعو نظر اچي ته لازمي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. وڌيڪ معلومات لاءِ سندن تعليم واري وزارت جي لنڪ تي تفصيل پڙهي سگھجن ٿا.
    http://www.edb.gov.hk/en/edu-ystem/postsecondary/index.html.
    مختلف اسڪالرشپون هيٺين يونيورسٽين لاءِ آهن جتي پڙهندڙ ٻاهريون شاگرد يا ٻاهران اپلاءِ ڪندڙ شاگرد لاءِ هانگ ڪانگ يونيورسٽِي گرانٽ ڪميشن طرفان. مخصوص فنڊنگ ميسر ڪري ڏني وئي آهي،

    1. City University of Hong Kong (CityU)
    2. Hong Kong Baptist University (HKBU)
    3. Lingnan University (LU)
    4. The Chinese University of Hong Kong (CUHK)
    5. The Education University of Hong Kong (EdUHK)
    6. The Hong Kong Polytechnic University (PolyU)
    7. The Hong Kong University of Science and Technology (HKUST)
    8. The University of Hong Kong (HKU)
    9. The Hongkong Academy for Performing Arts (HKAPA)

    هانگ ڪانگ بابت مضمون جو مٿيون حصو ڪجهه ڏينهن پهرين لکيو هو، ۽ سوچيم پئي ته هن مضمون ۾ اسڪالرشپ جي حوالي سان اضافو ڪيان، ته اڄ هڪ ڪراچي جي دوست اماد الدين موٽن سان ڪچهري ٿيندي ان ٻڌايو ته ان جو ننڍو ڀاءُ هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي بايو ميڊيڪل شعبي ۾ بيچلر ڊگري پروگرام ۾ اسڪالرشپ تي پڙهي رهيو آهي. وڌيڪ چيائين ته سندس ساڳي ئي ڀاءَ جي قطر جي Carnegie Mellon University in Qatar ۾ به اسڪالرشپ ٿي ويئي هئي جيڪا يونيورسٽي آمريڪا جي آهي ۽ ان جو ڪيمپس قطر ۾ آهي، پر هن پاڻ هانگ ڪانگ يونيورسٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ الحمدالله تمام گھڻو خوش آهي، ۽ ان کي به سندن يونيورسٽي جي بيورو آف ڪيئريئر ڪائونسلنگ ۽ انڊسٽريل لنڪ طرفان الائونس سان گڏ هڪ ڪمپني ۾ انٽرنشپ به ملي آهي جتي هو موڪلن جي ڏينهن ۾ وڃي ٿو. ۽ تمام بهترين الائونس به ڏينس ٿا جيڪو يونيورسٽِي طرفان ملندڙ اسڪالرشپ کان به وڌيڪ آهي. ايتري حد تائين ڪيئريئر ڪائونسلنگ ادارو سندن مدد ڪري ٿو جو انهن منهنجي ڀاءُ کي چيو آهي ته آخري سال جو پراجيڪٽ به توهان کي ڪنهن ڪمپني طرفان اسپونسر ڪرائي ڏينداسين ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته تمام گھڻا چانسز آهن، ته اها ڪمپني ڀآءٌ کي نوڪري جي آفر به ڏئي. اماد الدين موٽن صاحب ان فيملي مان آهي، جنهن فيملي جو آئشا ڀواني ٽرسٽ ۽ اسڪول آهي. سندس جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ان قسم جي رهنمائي نه هجڻ ڪري يا جيڪڏهن آهي به ته اسان جي ملڪ ۾ موجود مارڪيٽنگ جا ادارا وڌيڪ پئسا ڪمائڻ لاءِ ماڻهن کي آمريڪا، آسٽريليا ۽ انگلينڊ وغيره جي حوالي سان مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ويندي اسڪالرشپ جو ذڪر گھٽ اتان جي گليمرس لائف جي چمڪ تي وڌيڪ ڳالهائي سرندي وارن جي ٻارن کي تيار ڪندا، باقي ٻيا ماڻهو انهن جي اهڙين ڳالهين مان مايوس ٿيو وڃن ۽ سمجهن ته سندن ٻارن کي ٻاهر اعليٰ تعليم ڏيارڻ سندن وس ۾ ئي نه آهي، پر ايشيا جي اڀرندي ملڪن ۾ اسڪالرشپون به وڌيڪ آهن ته وري تعليم ۽ زندگي جي لوازمات جي حوالي سان انگريز يا يورپ جي ٻين ملڪن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهن. بهرحال آءٌهيٺ هانگ ڪانگ ۾ ملندڙ اسڪالرشپن جي حوالي سان تفصيل ڏيان ٿو.

    هانگ ڪانگ اسپيشل ايڊمنسٽريٽو ريجن گورنمينٽ اسڪالرشپ :
    هن اسڪالرشپ ڏيڻ جي شروعات هانگ جي حڪومت 2008ع ۾ هڪ بلين هانگ ڪانگ ڊالرس جي فنڊنگ ٻين ملڪن جي ذهين شاگردن لاءِ مخصوص ڪرڻ سان ڪئي، جنهن فنڊنگ ۾ وقت به وقت اضافو ڪيو وڃي ٿو. هن اسڪالرشپ تحت نان لوڪل اسٽوڊنٽس خاص طور جيڪي هانگ ڪانگ جي يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن يا وري جيڪي هن اسڪيم تحت اپلاءِ ڪن ٿا انهن کي گهربل معيار تي پوري لهڻ تي ڏني وڃي ٿي. هن اسڪالرشپ ۾ ڀارت ، آسيان ۽ ڪوريا جي شاگردن کي خصوصي طور اوليت ڏني وڃي ٿي پر ان کان علاوه ٻين مختلف ملڪن جي شاگردن لاءِ به امڪان ضرور رهي ٿو ۽ حڪومت مختلف وقتن تي ٻين ملڪن کي به ان اسڪيم ۾ شامل ڪندي رهي ٿي. هن اسڪيم تحت تقريباَ ساليانو وظيفو 10 هزار ڊالر جي برابر هوندو آهي ۽ يونيورسٽي ۾ داخلا به مفت ملي ٿي. ان کان علاوه به APEC ملڪن لاءِ الڳ سان هانگ ڪانگ طرفان اسڪالرشپون آهن.
    Talent Development Scholarship (TDS)
    هن پروگرام تحت انهن شاگردن کي جيڪي نان اڪيڊمڪ ايڪٽوٽيز ۾ انتهائي ڪارائتي ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا، انهن لاءِ مخصوص اسڪالرشپ آهي، جنهن تحت راندين ، موسيقي، ڊزائين، ڪلچر ۽ ڪنهن خاص انوويشن يا ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ، ڪورسن ۽ ڊپلوما ۽ ايسوسيئيٽ سب ڊگري پروگرام ڪرائڻ لاءِ اسڪالرشپ ميسر ڪئي وڃي ٿي.
    Reaching Out Award (ROA)
    هن پروگرام ۾ اهي ميريٽوريس شاگرد ، جيڪي مختلف قسم جي هنري پروگرامن جي سکڻ خاص طور پريڪٽيڪل ٽريننگس، انٽرنشپس ۽ مختلف ڏيهي پرڏيهي مقابلن ۽ چٽاڀيٽي جي پروگرامن لاءِ مخصوص اسڪالرشپون آهن، جنهن تحت مختلف شعبن ۾ اسپونسر ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه معذور ٻارن جي تعليم لاءِ به هڪ مخصوص فنڊنگ اسڪيم آهي، جنهن کي Endeavour Merit Award چئجي ٿو.
    Belt & Road Scholarships
    هي اسڪالرشپ هانگ ڪانگ جي پبلڪ يونيورسٽِين ۾ بيچلرس ڊگري پروگرام ڪرڻ لاءِ آهن، جيڪي انهن ملڪن جي شاگردن لاءِ مخصوص آهن جيڪي ون بيلٽ ون روڊ واري خطي ۾ اچن ٿا. ان لاءِ مختلف يونيورسٽين ۾ اپلاءِ ڪجي ته جيئن هيءَ اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھجي.

    هانگ ڪانگ پي ايڇ .ڊي فيلوشپ اسڪيم

    هي پروگرام، هانگ گرانٽ ڪائونسل طرفان 2009ع کان موجود آهي، جنهن تحت دنيا جي بهترين ۽ ذهين شاگردن کي پي اايڇ ڊي اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي. هن پروگرام ۾ دنيا جي ڪهڙي به خطي، رنگ، نسل ۽ ٻولي وارو نوجوان درخواست ڏئي سگھي ٿو. هن پروگرام لاءِ مٿي ذڪر ڪيل سڀني يونيورسٽِين ۾ درخواست ڏيڻ گھرجي. ان کان علاوه به پوسٽ ڊاڪٽريٽ يا شارٽ فيلوشپ پروگرام لاءِ به وقتاَ به وقت دنيا جي مختلف شاگردن لاءِ پروگرام انائونس ڪيا وڃن ٿا. هانگ ڪانگ جي منسٽري جي لنڪ کان علاوه جيڪو مٿي ڏنل آهي، هيٺين لنڪس تي وڃي رهنمائي حاصل ڪري سگھجي ٿي.
    http://www.ugc.edu.hk/eng/ugc/index.htm. ۽
    http://www.edb.gov.hk/en/edu-system/postsecondary/index.html
    http://www.edb.gov.hk/en/edu-system/postsecondary/local-higher-edu/publicly-funded-programmmes/scholarship.html
    http://www.studyinhongkong.edu.hk/en/hong-kong-education/scholarships.php
    هانگ ڪانگ جي تعليم واري وزارت جي ويب سائيٽ يا وري يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن جي لنڪ تي مون کي پڙهندي ڪٿي به ڊائريڪٽ درخواست ڏيڻ جي لنڪ نه ملي پر اها هدايت مليل هئي ته پبلڪ فنڊيڊ يونيورسٽين ۾ ڊائريڪٽ اپلاءِ ڪيو ۽ هي اسڪالرشپون به انهن ادارن جي مقرر ڪيل معيار تحت انهن طرفان رڪمينڊ ڪيل شاگردن کي ڏنيون وينديون. سو بهتر ائين ئي ٿيندو ته مٿي ڏنل هانگ ڪانگ جي يونيورسٽين مان ڪنهن به هڪ يونيورسٽي کي شروعاتي طور سليڪٽ ڪري ان جي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست ڏيڻ ۽ اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ گھربل ٻين ضروري شين کي سمجهي ان مطابق اپلاءِ ڪجي، پوءِ وڌيڪ چانس وٺڻ لاءِ هانگ ڪانگ جي ڀلي ڪجهه وڌيڪ يونيورسٽين ۾ به اپلاءِ ڪرڻ گھرجي. پر شروعات ۾ ڪنهن به هڪ يا ٻن يونيورسٽين جي مخصوص شعبي تي ڌيان ڏيڻ سان سڄي طريقيڪار سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي.

    يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ

    هانگ ڪانگ جي هن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي شاگردن جو تعداد وڌ ۾ وڌ آهي. هن يونيورسٽي کي پهريان، انگريزي زبان واري چائنا جي واحد يونيورسٽي بڻائڻ جو به ارادو ڪيو ويو هو، پر مختلف پروگرام هجڻ ڪري يا خطي جي مختلف شاگردن جي ڪري انگريزي ۽ چيني ٻولي ٻنهي جو استعمال ٿئي ٿو. هن يونيورسٽي کي عالمي ليول جي بهترين يونيورسٽين کي نظر ۾ رکي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته دنيا جي بهترين يونيورسٽين وانگر هتي به ساڳيو ماحول ۽ انفرا سٽرڪچر هجي. ان لاءِ هن يونيورسٽي جو ويزن 2016-2025ع تيار ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق هيءَ يونيورسٽي پنهجي پوري طرح بين الاقوامي يونيورسٽي هوندي، جنهن جو معيار دنيا جي عظيم يونيورسٽين جيان هوندو. هن يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي فيڪلٽي، بين الاقوامي شاگردن ۽ معياري ريسرچ لاءِ موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن. هي يونيورسٽي اسڪالرشپس ، ٽريننگس ۽ ايڪسچينج پروگرام به ڪرائي رهي آهي. هن يونيورسٽي جو نعرو آهي 3+1 Is جنهن ۾ عالمگيريت Internationalization ، ايجاد Innovation ، گڏيل ڪم Interdisciplinary ، ۽ افاديت Impact اچي وڃن ٿا. هنن نعرن تحت هن يونيورسٽي جو ويزن طئ ڪيو ويو آهي.
    هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ www.hku.hk تي وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ ملندو. هتي خاص ذڪر ڪرڻ جو مقصد هن يونيورسٽي ڏانهن توهان پڙهندڙن جو خصوصي ڌيان ڇڪائڻو هو. باقي هانگ ڪانگ چائنا کان مختلف به آهي ته ڪافي بهتر به. ان ڪري هانگ ڪانگ ۾ ملندڙ ڪو به موقعو انيڪ رستا کولي سگهي ٿو. چائنا جي ڀيٽ ۾ هتي روزگار ۽ واپار ڪرڻ جا موقعا مليو وڃن ٿا. ان ڪري ايشيا ۾ ملندڙ ڪنهن به اسڪالرشپ ، ٽريننگ ۽ فيلو شپ لاءِ هانگ ڪانگ جي پبلڪ يونيورسٽين خاص طور هن يونيورسٽي ۾ ضرور موقعا ڳولهڻ گھرجن.


    تائيوان ۾ تعليمي ادارا ۽ موقعا

    تقريباَ 36197 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي ۽ اڍائي ڪروڙ آبادي رکندڙ جزيري نما تائيوان جيڪو اڃا به پاڻ کي ريپلڪ آف چائنا سمجهي ٿو، ان جي گاديءَ جو شهر تائپي Taipei آهي، سموري ملڪ ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو تعداد 158 آهي جن مان 13 جونيئر ڪاليج آهن ۽ باقي 145 يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. تائيوان جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به اهم ڪردار آهي، دنيا جون بهترين ٽيڪنالاجي پراڊڪٽس تائيوان ۾ ٺهن ثيون. تائيوان جي اعليٰ معيار جي تعليم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ايشيا جي ٽاپ 400 يونيورسٽين ۾ تائيوان جون 35 يونيورسٽيون شامل آهن جن مان 10 ته پهرين 100 ۾ شامل آهن، جن مان نيشنل تائيوان يونيورسٽي 25 نمبر تي آهي، ۽ نيشنل تسنگهئا يونيورسٽي 32 نمبر تي آهي، NCKU يونيورسٽي 35 نمبر تي آهي، نيشنل چئاو تونگ يونيورسٽي 36 نمبر تي ، جڏهن ته نيشنل تائيوان يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي 47 نمبر تي ۽ نيشنل تائيوان نارمل يونيورسٽي 56 نمبر تي آهي. ٻين يونيورسٽين کان علاوه چيني قوم جي عظيم ليڊر سن يات سين جي نالي سان منسوب يونيورسٽي نيشنل سان يات سين يونيورسٽي به آهي جيڪا ايشيا ۾ ته 65 نمبر تي آهي پر مون کي نالي جي ڪري هي يونيورسٽي سڀني کان اهم يونيورسٽي لڳي. ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿين ٿا جن جي نالي تي جيڪڏهن ڪو تعليمي ادارو هجي ته ان ۾ پڙهندڙ شاگرد نه صرف پنهجي پنهنجي شعبي ۾ ڄاڻ حاصل ڪن ٿا پر ان عظيم انسان جي ليگسي جو به حصو ٿي وڃن ٿا. ڇو ته ان اداري ۾ پڙهندي ضرور شاگرد ان ڪردار جي باري ۾ پنهنجائپ محسوس ڪندو ۽ ان بابت بنيادي ڄاڻ حاصل ڪندو ۽ ان مان متاثر ٿيڻ جا امڪان به وڌيڪ هوندا آهن. ان ڪري اهڙين يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جا ٻه فائدا آهن، هڪ پنهنجي شعبي ۾ مهارت، ٻيو ڪنهن عظيم انسان جي ليگسي جو پوئلڳ ٿيڻ . جنهن سان ماڻهو پنهجي شعبي ۽ سماج لاءِ وڌيڪ فڪر وارو ٿئي ٿو، ۽ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
    بهرحال يونيورسٽي واقعي ڪنهن عظيم سائنسي يا سماجي ڪردار تي هجي، نه ڪي ڪنهن نسل پرست يا شائونسٽ اڳواڻ جي نالي تي. نه ته نتيجا ابتا به نڪري سگھن ٿا.

    تائيوان ۾ انگريزي ٻولي
    تائيوان ۾ مدارين سان گڏ ڪافي پروگرام انگريزي ٻوليءَ ۾ به شروع ڪيا ويا آهن، خاص طور ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامس . تائيوان منسٽري آف ايجوڪيشن جي مطابق سال 2012ع ۾ 45 پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري پروگرام انگريزي ۾ شروع ڪيا ويا آهن، انهن پروگرامن ۾ داخلا لاءِ انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي،

    تائيوان حڪومت طرفان وظيفا ۽ انٽرنشپ
    تائيوان حڪومت طرفان بين الاقوامي شاگردن لاءِ علائقائي تعاون تنظيمن ۽ حڪومتن سان ڪلچرل معاهدن تحت مختلف اسڪالرشپون آفر ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ شارٽ ٽرم ريسرچ ايوارڊ، تائيوان اسڪالرشپ ايشيا پيسفڪ اڪانامڪ ڪوآپريشن اسڪالرشپون، تائيوان ايڪسپيرينس ايجوڪيشن پروگرام TEEP هن پروگرام تحت بين الاقوامي شاگرن کي ڪجهه مهنين لاءِ تائيوان جي يونيورسٽين ۾ ٿوري وقت لاءِ 2 مهينن کان 6 مهينن لاءِ گھرايو وڃي ٿو، ته جيئن تائيوان جي تعليمي ادارن کي بين الاقوامي شاگردن اڳيان نه صرف روشناس ڪرائجي پر بين الاقوامي شاگردن کي تائيوان جي اعليٰ تعليم ۽ انڊسٽري مان فائدو وٺڻ جو به موقعو ڏجي. ڪو به پرڏيهي شاگرد درخواست ڏئي هن پروگرام تحت فيلوشپ حاصل ڪري سگھي ٿو بشرطيڪ سندس درخواست گھربل معيار تي پوري هجي. وڌيڪ معلومات لاءِ تائيوان حڪومت جي تعليم واري وزارت جي هن لنڪ تي ڏسي سگھجي ٿو. http://english.moe.gov.tw.
    تائيوان اسڪالرشپ تحت بيچلر ڊگري، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي تائين اسڪالرشپون آفر ڪيون وڃن ٿيون. مجموعي طرح داخلا فيس چائنا جيان مهانگي آهي پر اسڪالرشپ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي جڏهن به اهڙن ملڪن ۾ وڃجي جتي هونءَ ئي موسم، کاڌي پيتي ۽ ٻوليءَ ۾ ڏکيائي هجي پر ماڻهو اسڪالرشپ جو فائدو هجڻ ڪري ايتري ڏکيائين باوجود مضبوط ٿي محنت ڪندو ته ضرور ڪامياب ٿيندو پر پنهنجي پيسن تي اوڏانهن وڃڻ بهتر آهي، جتي انگريزي ٻولي، کاڌي پيتي ۽ موسم جو گھڻو مسئلو نه هجي يا وري پوري يورپ جو چارم هجي.


    چائنا ۾ اعليٰ تعليم

    چين جيڪو قديم تهذيب ۽ ثقافت رکي ٿو، جتي دنيا جي سڀ کاون وڌيڪ آبادي رهي ٿي، جيڪو ڪنفيوشس، تائو جهڙن عالمن جو ملڪ آهي ته وري سن يات سين، چيئرمين چو اين لا، مائوزيتونگ کان ويندي هن وقت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڦڙتيلي ليڊر شي جنپئانگ جو ملڪ به آهي، جيڪو عظيم ديوار چين جو ملڪ آهي، جنهن ملڪ هر عام ماڻهو کي تاجر ٺاهي ڇڏيو آهي، جن ڪنهن شارٽ ڪٽ کان سواءِ مسلسل محنت ۽ صبر سان ترقي ڪئي آهي، جيڪي اڄ به ڊسيپلين ۾ آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙجي به رهيا آهن، اڳتي هلي اسان کي به هنن ئي ماڻهن سان مقابلو ڪرڻو آهي ، چٽاڀيٽي ڪرڻي آهي. جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به پنهنجو پاڙون هڻي رهيا آهن.
    هنن لاءِ مشهور آهي ته جيڏانهن به ويندا آهن ماکي جي مکين جيان هڪٻئي جي پويان لڳا ايندا آهن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ مان ٻه، ٻن مان چار ۽ چار مان سوين هزارين ٿي پهچي ويندا آهن ، انڪري اهڙي قوم جيڪا پوري دنيا ۾ پنهنجي محنت سان پاڻ مڃائي چڪي هجي ۽ وري هجي به اسان جي پاڙيسري، ته ضرور ان مان ڪجهه سکڻ گھرجي. ان لاءِ چائنا جون اسڪالرشپون ڪنهن به نعمت کان گھٽ نه آهن. جتي اڄ سڄي دنيا اهي اسڪالرشپون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، اتي اسان کي به وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. دنيا ۾ چيني ٻولي جو مستقبل آهي اها سکڻ کپي، چين جو مستقبل آهي، اتي وڃڻ کپي، چين جي تعليم اعليٰ معيار جي آهي، اتان پڙهڻ گھرجي، نه صرف اسڪالرشپ تي پر جيڪڏهن ڪو افورڊ به ڪري سگھي ٿو ته ضرور چين جي بهترين يونيورسٽين مان پڙهي اچي ۽ يورپ جهڙي کنڊ کان وڏي ايراضي ۽ گھڻي آبادي واري ملڪ چين مان فائدو ضرور حاصل ڪرڻ گھرجي. چيني ماڻهو دنيا جي گھڻن ماڻهن کان سٺا آهن، اتي وڃجي، انهن کان سکي اچجي، ته پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي قوم لاءِ ڪارائتو ٿي سگھجي ٿو.

    چين ۾ داخلا جو طريقيڪار
    چين جي تعليمي ادارن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين انهن جي تعليم واري وزارت جي لنڪ تي وڃي، انهن جي تعليمي پاليسين، ويزا ۽ موقعن جي باري ۾ سرسري ڄاڻ حاصل ڪجي، جنهن جي لنڪ هن ريت آهي http://en.moe.gov.cn/ . ان کان پوءِ چين جي تعليمي ادارن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪجي. چين ۾ هن وقت اعليٰ تعليمي ادارن جو تعداد هزارن ۾ آهي ، پر گورنمينٽ طرفان 252 يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپون ميسر ڪري ڏنيون ويون آهن، جن لاءِ چائنا اسڪالرشپ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست فارم ڀرڻ گھرجي، جنهن جي لنڪ هن ريت آهي، www.csc.edu.cn/laihua يا وري www.campuschina.org تي وڃي چائنيز اسڪالرشپ آپشن سليڪٽ ڪري درخواست فارم ڀرجي.
    چائنا ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏيڻ جي شروعات جنوري کان ٿئي ٿي ۽ اپريل تائين اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو. ڪلاس سيپٽمبر کان شروع ٿين ٿا، ۽ آفر ليٽر جون جولاءِ تائين جن جي داخلا ٿي يا اسڪالرشپ ٿئي ٿي، انهن کي مليو وڃي، جيڪو پوسٽ ذريعي موڪليو وڃي ٿو.

    چين ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادار ۽ موسم
    سال 2016ع جي انگن اکرن مطابق چين ۾ اعليٰ تعليم لاءِ قائم ڪيل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو تعداد 2596 آهي، جڏهن ته Adult education لاءِ الڳ سان 284 ادارا آهن. ووڪيشنل ايجوڪيشن لاءِ 1359 انسٽيٽيوشن آهن، پرائيويٽ اعليٰ تعليمي ادارن جو تعداد 813 آهي، ان کان علاوه انڊپينڊنٽ ريسرچ انسٽيٽيوشن جو تعداد 217 آهي ، جيڪڏهن ٽوٽل تعليمي ادارا جن جو تعلق هنري، ۽ ريگيولر ڊگري پروگرامس سان ڏسجي ته 8 هزار جي لڳ ڀڳ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا آهن، جن ۾ ريگيولر يونيورسٽيون، ڪاليج، سينٽر، ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، ووڪيشنل اسڪول ۽ ڪاليج، ريسرچ انسٽيٽيوشن وغيره اچي وڃن ٿا.
    داخلا وٺڻ لاءِ چائنا جي جاگرافيڪل علائقن کي ضرور ڏسڻ گھرجي آيا جنهن صوبي جي، جنهن شهر ۾ آءٌداخلا وٺي رهيو آهيان، اهو بيجنگ کان ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترو پري آهي، اتي موسم ڪيئن آهي ۽ يونيورسٽي جي عالمي ريڪنگ ڪهڙي آهي. ڇاڪاڻ ته چائنا جي ايراضي وڏي هجڻ ڪري مختلف علائقن جي موسم ۽ ٻولي ۾ فرق آهي، ان ڪري ڪنهن به يونيورسٽي کي سليڪٽ ته پنهنجي پسند جي سبجيڪٽ ۽ اتي موجود پروفيسر جي ڪم ۾ دلچسپي هجڻ ڪري ڪجي ٿو يا وري اڪثر ائين به ٿئي ٿو ته اسان جا ڪي دوست اتي جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ پهرين کان موجود آهن ته گھڻي ڀاڱي اتي داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. ان سان هڪ طرح جي مدد به ملي ٿي ۽ اعتماد به ٿئي ٿو، پر جي اهڙو ڪوبه دوست اتي نه هجي يا وري اهڙي يونيورسٽي جي ريڪنگ سٺي نه هجي يا پسند جو پروفيسر نه هجي، ته پوءِ آزاد ٿي پنهنجي حساب سان چائنا جي ڪنهن به صوبي ۾ خاص طور ماڻهو بيجنگ يا ان جي پسگردائي ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر اتي چٽاڀيٽي وڌيڪ آهي، ان ڪري ٻين صوبن ۾ به ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
    مختلف صوبن يا خودمختيار رياستن اندر موجود ادارن ۾ به سهوليتون تقريباَ اهڙيون ئي هونديون آهن، جهڙيون گادي واري شهر بيجنگ ۾ البته، جهاز جو سفر ڊگھو ٿي وڃي ٿو ته موسم به مٽجندي وڃي ٿي. جو بيجنگ ۾ سردي به ٿئي ته ڪجهه وقت گرمي به پر چائنا جا ڪجهه اهڙا صوبا به آهن جتي ٻارهو ئي سردي ٿئي. پر گھڻائي ۾ اَٺَ مهينا سردي جيڪا آڪٽوبر کان مارچ تائين ٿئي. باقي چار مهينا اپريل کان سيپٽمبر تائين هلڪي ٿڌ يا گرم موسم به رهي ٿي. مجموعي طور ائين به چئي سگھجي ٿو ته چائنا ٿڌو ملڪ آهي.
    عام طور داخلا جو سيشن سيپٽمبر کان شروع ٿئي ٿو، ان ڪري وڃڻ وقت هلڪي ٿڌ هوندي پر پوءِ به سوئيٽر ضرور ساڻ کڻجي، باقي سخت سردي ۾ ته مائنس ۾ پارو هوندو آهي، ان لاءِ جيترو به ٿڌ کان بچڻ لاءِ پائجي، اهو ضرور پائجي. اسان وٽ اڪثر روس جي ٿڌ مشهور آهي پر چائنا جي نومبر، ڊسمبر، جنوري ، فيبروري ويندي مارچ تائين ٿڌ روس کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ ناهي، صفا جسم چيري ڇڏي ٿي، ان ڪري وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ گھرجي.

    چائنا ۾ اسڪالرشپون
    چائنا ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا موقعا تمام گھڻا آهن، جن ۾ عام طرح ته چائنا حڪومت طرفان ملندڙ اسڪالرشپ آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون اسڪالرشپون آهن جيڪي اتان جي لوڪل گورنمينٽ يا خود يونيورسٽين طرفان به ملن ٿيون، ائين به ٿئي ٿو ته دنيا جي ٻين ملڪن يا ادارن طرفان به اسڪالرشپون دنيا جي مختلف ملڪن جي ادارن ۾ پڙهڻ لاءِ آفر ٿين ٿيون جيڪي به چائنا ۾ به ڏنيون وڃن ٿيون. اهي سموريون اسڪالرشپون هن ريت آهن، چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپس، ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ اسڪالرشپون ، چائنيز لوڪل گورنمينٽ اسڪالرشپون ، فارين گورنمينٽ اسڪالرشپون ، فارين انسٽيٽيوٽس اسڪالرشپون جيئن TWAS ، يونائٽيڊ نيشن اسڪالرشپون، ڪلچرل اسڪالرشپون، يونيورسٽي اسڪالرشپون، انٽرپرائيز اسڪالرشپون وغيره. انهن مان هتي سڀ کان وڌيڪ ملندڙ ۽ اهم اسڪالرشپ چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپ جو تفصيل ڏجي ٿو.

    چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپون
    Chinese Government Scholarships
    هيءُ پروگرام، چائنا حڪومت جي تعليم واري وزارت جي زير نگراني سڄي دنيا جي ملڪن جي هونهار شاگردن، استادن ۽ ريسرچ لاءِ ميسر ڪيو ويو آهي، ته جيئن چائنا ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ باهمي تعلقات سميت علم ۽ کوجنا ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪري سگھجي، ۽ چائنا جي تعليمي ادارن کي دنيا جي ٻين تعليمي ادارن سان گڏيل سهڪار طور سائنسي ۽ سماجي علم بابت گڏيل کوجنا ڪري سگهجي. هن وقت تعليم واري وزارت چائنا جي 279 تعليمي ادارن کي هن اسڪيم تحت داخلائون ڏيڻ جو پابند ڪيو آهي، جيڪي سائنس ، انجنيئرنگ، زراعت، ميڊيسن، اقتصاديات، قانون، تعليم، مينجيمينٽ، تاريخ، ادب، فلاسافي ۽ فائن آرٽس جي شعبن ۾ داخلا ڏين ٿا.
    هن پروگرام مطابق ملندڙ اسڪالرشپن کي هن ريت ورهايو ويو آهي: گڏيل پروگرام Bilateral Program هن مطابق انهن ملڪن يا يونيورسٽين يا خود مختيار ادارن جي شاگردن کي فل يا پارشل اسڪالرشپ آفر ڪئي وڃي ٿي جن سان چائنا جي تعليم واري وزارت جو گڏيل سهڪار تحت ايڪسچينج پروگرام تحت معاهدو ٿيل آهي. ان لاءِ مقرر ڪيل ايجنسي يا اداري کي درخواست موڪلڻ گھرجي. هي اسڪالرشپ ئي CSC پروگرام تحت آهي ۽ نهايت جهجهي تعداد ۾ اسڪالرشپون ميسر آهن.
    ان کان علاوه چائنيز يونيورسٽي پروگرام Chinese university program تحت چائنا جي مختلف طئي ٿيل يونيورسٽين يا ڪجهه خودمختيار علائقن ۾ موجود يونيورسٽيِن ۾ داخلا لاءِ فل اسڪالرشپ مقرر آهي، جنهن موجب، دنيا مان بهترين رڪارڊ رکندڙ شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. ان لاءِ درخواست صرف مقرر ڪيل يونيورسٽين ڏانهن ئي موڪلڻ گھرجي.
    Great wall اسڪالرشپ پروگرام: هيءُ پروگرام يونيسڪو طرفان سينيئر اسڪالرس لاءِ يا جنرل اسڪالرس لاءِ آهي، جنهن جي فنڊنگ يونيسڪو ڪري ٿي، هن لاءِ درخواست به يونيسڪو جي لوڪل ملڪ ۾ موجود ڪميشن آفيس کي ڏيڻ گھرجي. ان کان علاوه ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن WMO طرفان چائنا ۾ ميٽرولاجي، هائڊرولاجي ۽ واٽر ريسورسس سپرويزن ۽ مينجمينٽ تي تحقيق ۽ ڊگري لاءِ اسڪالرشپ ميسر ڪئي وئي آهي، جنهن لاٰءِ درخواست به WMO وارن کي سڌي طرح ڏيڻ گهرجي.

    چائنا ۾ ڊگري پروگرامن جو وقت هن طرح آهي:
    انڊر گريجوئيٽ ڊگري 4 کان 5 سال پر بنيادي چائنيز ٻولي به الڳ سان پڙهڻي پوي ٿي، جنهن جو مدو هڪ کان ٻه سال آهي، جنهن ڪري ٽوٽل وقت نارمل 4 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 7 سال به لڳي سگھي ٿو. ائين وري ماسٽرس ڊگري پروگرام جو مقرر وقت 2 کان 3 سال آهي پر ان کان علاوه ٻولي پڙهڻ لاءِ 1 کان 2 سال مقرر آهن، جنهن ڪري ماسٽرس ڪرڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 5 سال به لڳي سگھن ٿا. اهڙي طرح ڊاڪٽرل يعني پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ مقرر وقت 3 کان 4 سال آهي، پر چائنيز ٻوليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ سال کان 2 سال لڳي سگھن ٿا جنهن ڪري پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ٽوٽل وقت 3 کان 6 سال آهي، باقي مختلف مخصوص ڪورسن يا اسپيشلائزيشن يا پوسٽ ڊاڪٽريٽ جو وڌ ۾ وڌ مقرر ٽائيم هڪ سال آهي. جنهن کان علاوه چيني ٻولي سکڻ لاءِ مقرر وقت الڳ آهي. ائين به آهي ته پي ايڇ. ڊي ڊگري لاءِ اڪثر ٻاهران آيل شاگردن کي انگريزيءَ ۾ ٿيسز لکڻي هوندي آهي، جنهن ڪري ڪجهه شاگرد چائنيز ٻولي جي آپشن کي سليڪٽ نه ٿا ڪن، پوءِ ڏکيو سکيو وقت چائنا ۾ ڪڍي به وڃن ٿا.

    چيني ٻولي:
    چيني ٻولي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چيني ماڻهن جي آبادي هجڻ ڪري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي، اتي بغير چائنيز ٻولي اچڻ جي، چائنا ۾ رهڻ تمام ڏکيائيون پيدا ڪري سگھي ٿو. سياڻپ ان ۾ آهي ته چائنيز ٻولي ضررو سکجي، اهڙي ملڪ ۾ جتي پروفيسرن جي انگريزي به انڌي منڊي هجي، اتي باقي عام ماڻهن جي ڪهڙي انگريزي هوندي، تنهنڪري 3 کان 4 سال گذارڻ بغير مقامي ٻولي اچڻ جي ائين ئي هوندو ڄڻ ماڻهو بيمار هجي ۽ کيس هر شيءِ کائڻ کان ڪِرِي هجي. ڪنهن به ملڪ ۾ جتي ڪا ٻاهرين ٻولي عام طرح سمجهي نه وڃي اتي جي ٻولي سکڻ بغير گذارڻ تمام ڏکيو آهي. آءٌجڏهن چائنا ۾ هئس ته پهرين انٽرنيٽ تان يونيورسٽي يا اسپتال يا ڪنهن به گھمڻ واري جڳهه جو نالو ۽ ڪجهه تصويرون ڊائونلوڊ ڪري رکندو هيس جيڪي موبائيل اسڪرين سامهون ڪري ٽيڪسي ڊرائيور يا وري ڪنهن ماڻهو کان ان بابت پڇا ڪري وٺندو هيس. البته ائين به ٿئي ٿو ته جي ڪو سينيئر سنڌي دوست ان يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي ته ڪافي آساني ٿي سگھي ٿي پر بشرطيڪ اهو پهرين سڃاڻو هجي يا چڱو ماڻهو هجي نه ته ڪنهن تي پوري طرح ڀاڙڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪري سگھي ٿو.
    آءٌ چائنا ۾ هيس ته بيجنگ ۾ به ٽيڪسي وارو ايئرپورٽ به نه سمجهيو، نيٺ کيس هٿ سان جهاز اڏائڻ وارو اشارو ڪيو تڏهن وڃي سمجهيو ۽ اسان کي ايئرپورٽ وٺي ويو، اها ٻي ڳالهه آهي ته ايئرپورٽ 3 بجاءِ 1 تي ڇڏيائين، جتان اسان وري بس تي چڙهي ايئرپورٽ 1 تي پهتاسين. ائين وري ديوار چين گھمي واپس اچڻ مهل به بس ملڻ مسئلو ٿيو جو بيجنگ وڃڻ واري بس جو اسٽاپ ڪير به نه پئي ٻڌائي سگھيو، نه وري ديوار چين ڏانهن وڃڻ وارو رستو جتان ٽڪيٽ به ملي سگھي، اتي وڃڻ لاءِ به چيني ڪونه پئي ٻڌائي سگهيا. نيٺ اسان جي مدد ٻن انگريز عورتن ڪئي، جيڪي ديوار چين گھمي واپس پئي آيون، جن اسان کي سونهون ڪيو. سو چائنا ۾ چائنيز ٻولي نه اچڻ سان گھڻيون ڏکيائون ٿين ٿيون، ويتر وري بيچلر ڊگري پروگرام ته آهي ئي چائنيز ٻوليءَ ۾، جنهن ڪري چائنيز ٻوليءَ ۾ داخلا وٺڻ ڪمپلسري آهي. اهو ڪورس پاس ڪرڻ کا ن پوءِ ئي شاگرد پنهنجي ميجر ڪورس ۾ رجسٽر ٿي سگھي ٿو، باقي ماسٽرس ۾ ڪافي ڊگري پروگرام انگريزيءَ ۾ به آفر ڪن ٿا، پر ٿئي ائين ٿو ته پروفيسر، ليڪچر وري به چائنيز ٻوليءَ ۾ ڏين ٿا جنهنڪري وري بين الاقوامي شاگرد سان مارڪن ۾ خيال ڪن ۽ سبجيڪٽ پاس ڪري ڇڏين پر ان هوندي به چوندا ته ريسرچ پيپر ڪوشش ڪيو ته ڪڍي ڏيو يا اسائنمينٽ وغيره انگريزيءَ ۾ ٺهرائيندا. ائين وري پي ايڇ ڊي ۾ به شروع واري سيمسٽر ۾ ڪجهه ڪورس ڪرڻا پون ٿا اهي به گھڻي ڀاڱي پروفيسرن چائنيز ۾ پڙهائين يا ڪجهه انگريزي به ڳالهائين پر وري به بين الاقوامي شاگرد کي ڏکيائي نه ٿئي ڪجهه سهوليت ضرور ڏين ان لاءِ پريزنٽيشن ، اسائنمينٽ يا وري ريسرچ پيپر تي ڪم ڪرائين ، پر ڪجهه استاد محنت وڌيڪ ڪرائي وڃن ۽ الڳ سان ٽائيم به ڏين ٿا. جيئن ته چائنيز ٻوليءَ جو ڪورس به منظور ٿيل هوندو آهي، اهو ڪري پوءِ ئي ڪورس ۾ رجسٽر ٿين ان کان پوءِ ليڪچر سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو ۽ آساني سان ڪري وڃن ٿا. چائنا جي يونيورسٽين جون اڪثر ويب پورٽل چائنيز ۾ ٿين، ان ڪري اتي وڃي رجسٽر ٿيڻ وغيره ۾ به انگريزي بجاءِ چائنيز جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري بهتر آهي ته چائنز جو ڪورس ماڻهو شروع واري ڇهن مهينن يا سال ۾ ڪري ڇڏي، جنهن سان زندگي آسان ٿي ويندي، نه ته ڏکيائي ٿي سگھي ٿي. بحرحال ڪجهه انگلش ۾ سيکاريا ويندڙ پروگرام آهن ۽ ڪجهه بلڪل چائنيز ۾.

    داخلا وٺڻ جو طريقيڪار:
    داخلا وٺڻ لاءِ سڀ کان پهرين هن پيج تي وڃي رجسٽر ٿجي http://studyinchina.csc.edu.cn/#/login پوءِ آن لائين داخلا فارم ڀرجي جيڪو پرنٽ ڪري پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام لاءِ http://www.csc.edu.cn/laihua هن لنڪ تي وڃي تفصيل سان پڙهندا ته ڪمپيوٽر اسڪرين تي توهان جي کاٻي اک جي سامهون هڪ هيڊنگ نظر ايندي Application online for International Students ان تي وڃي ڪلڪ ڪبو ته آن لائين اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجهه هدايتون لکيل هونديون، ان ۾ اسڪالرشپ ڪيٽيگري B جو تفصيل پڙهندا ته اها چائنا گورنمينٽ اسڪالرشپ جي باري ۾ هوندي، جتي يونيورسٽين ۾ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ايجنسي نمبر ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هوندي ، اهو ايجنسي نمبر ان يونيورسٽي جو هوندو آهي جتي توهان داخلا لاءِ چوائس ڏيندا. هڪ درخواست ۾ ڪن به ٽن يونيورسٽين جي چوائس رکي سگھجي ٿي ۽ انهن ٽن يونيورسٽين جا الڳ الڳ ايجنسي نمبر ٿين ٿا جيڪي هر چوائس سامهون لکڻ گھرجن. ان ۾ ان پيچ جي آخر ۾ Next جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان آن لائين رجسٽريشن فارم کُلي اچي ٿو، جنهن تي پهرين رجسٽر ٿي، پنهنجو اڪائونٽ ٺاهڻو آهي ۽ پوءِ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ تفصيل ڏيڻا پون ٿا. وري به سڀ مرحلا هيٺ ترتيب سان ڏجن ٿا.
    سڀ کان پهرين اهم ڳالهه اسڪالرشپ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي وڃي اپلاءِ ڪرڻ کان پهرين سمورا ڊاڪومينٽ اسڪين ڪري رکجن ته جيئن گھربل سمورا ڪاغذ اپلوڊ ڪري سگھجن جو اپلاءِ ڪرڻ وقت اهي ڊاڪومينٽ اٽيچ ڪرڻا ٿا پون. اهي گھربل ڪاغذ هن ريت آهن
    تصوير، پاسپورٽ، بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري، ٽرانسڪرپٽ، ريفرنس ليٽر ڪن به ٻن پروفيسرن کان، سي وي، ريسرچ پروپوزل پوءِ جيترو سٺو ايترو بهتر پر گھٽ ۾ گھٽ هڪ پيج جو ضرور هجي، سي وي ۽ پروپوزل لاءِ الڳ سان ڏنل تفصيل وري پڙهو، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جنهن جو فارميٽ به ويب سائيٽ تي پيل آهي ان ۾ ئي رپورٽ ۽ سائن ڪرائبي ميڊيڪل ڊاڪٽر کان . ان کان علاوه انگريزي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ. اسان وٽ اڪٽر تعليمي ادارا يا يونيورسٽيون English proficiency certificate ڏيندا آهن، اهو به گھربل هوندو آهي، حالانڪ اڪثر ملڪن ۾ ته انگريزي جو پروفيشنل سرٽيفڪيٽ جيئنIELTS يا TOEFL گھربل هوندو آهي، پر چائنا يا ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پهرين ڊگري انگريزي ميڊيم ۾ ڪيل هجي، ته قبول ڪن ٿا. ان لاءِ اسان جون يونيورسٽيون انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏينديون آهن، جنهن ۾ اهو ئي لکيل هوندو آهي ته هتي پڙهائي ويندڙ ٻولي انگريزي آهي، جنهنڪري اميدوار کي انگريزي ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ اچي ٿي. اهم ڳالهه ته اهي سمورا ڊاڪومينٽ اسڪين ٿيڻ کان پوءِ ان جو هڪ فائيل پي ڊي ايف ۾ ڪري رکجي ۽ جنهن سان اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وقت لنڪ تي اپلوڊ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ان سمورن ڊاڪومينٽس کي گڏ رکي فائيل ٺاهڻ کان پوءِ CSC ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿي اپلاءِ ڪجي، گھربل معلومات ڏيڻ دوران توهان کي پهرين کان ڪن به ٽن يونيورسٽين جو ايجنسي نمبر ڌيان ۾ رکڻ گھرجي جو ان سان ئي درخواست کي جاچيو ويندو آهي، ته درخواست ڪهڙي يونيورسٽي لاءِ آهي؟ ان ڪري ايجنسي نمبر جي خبر هجڻ گھرجي. ان کان پوءِ آخر ۾ درخواسٽ فارم پرنٽ ڪرڻ جو آپشن ايندو جڪيو پرنٽ ڪري وري سمورن ڊاڪومينٽس سميت فائيل ٺاهبو. مٿي ٻڌايل سمورا مرحلا ترتيبوار هيٺ ڏجن ٿا.
    • CSC ويب سائيٽ تي وڃي رجسٽر ٿيڻ
    • آن لائن درخواست فارم ڀرڻ
    • سمورا گھربل ڪاغذ، ڦوٽو، ڦاسپورٽ سميت اٽيچ ڪرڻ
    • جيڪو اخر ۾ پي ڊي ايف لنڪ ڏيندو، اهو ڊائونلوڊ ڪري پرنٽ ڪرڻ
    • هيلٿ فارم ڊائونلوڊ ڪرڻ
    • لاڳاپيل يونيورسٽين جن جا توهان تفصيل سي ايس سي لنڪ تي لکي آيا آهيو انهن يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست فار۾ آن لائين ڀرڻ يا فارم ڊائونلوڊ ڪري ڀرڻ
    • پوءِ سي ايس سي وارو فارم ۽ يونيورسٽي ايڊميشن فارم سميت سمورا تعليمي ڊگري سرٽيفڪيٽ يا مارڪشيٽس جيڪي نوٽُرائيزڊ هجن، جيڪي سيشن ڪورٽ يا سول ڪورٽ سامهون ويٺل اوٿ ڪمشنرن کان ٿين ٿا، جيڪي ڦڪي ٽڪلي ۽ ڪجهه ٺپا هڻي اٽيسٽ ڪري ڏين ٿا. اهي سموريون گھربل شيون گڏائي پاسپورٽ ، ميڊيڪل رپورٽ ۽ ڦوٽن ۽ ٻه ريفرنس ليٽرس (ڪن به ٻن پي ايڇ. ڊي ڪري آيل پروفيسرن کان جيڪي توهان جا استاد رهيا هجن، بيچلر ڊگري ڪرڻ دوران انهن سميت سمورا لاڳاپيل ڪاغذ ، چائنا جي ان يونيورسٽين جتي توهان اپلاءِ ڪيو ان جي انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ايڊمين برانچ واري ايڊريس تي DHL ڪرڻ گھرجن يا جيڪڏهن ڪو دوست انهيءَ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو آهي، ته ان کي هٿو هٿ ڏيو، نه ته وري انهن دوستن ڏانهن به پوسٽ ڪري سگھجي ٿو، باقي يونيورسٽين کي جيڪي توهان واڌو ٻين يونيورسٽين ۾ به داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي ته انهن ڏانهن اتان لوڪل پوسٽ ڪري ڪافي ڊي ايڇ ايل وارا پيسا بچائي سگھو ٿا.
    • سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا مٿي تفصيل ۾ لکيل نه آهي، اها هيءَ آهي ته چائنا جي جن يونيورسٽين ۾ توهان جي پسند جو سبجيڪٽ آهي اتي واري شعبي جي ڪنهن پروفيسر کان ايڪسيپٽنس ليٽر وٺڻ جيڪو هجڻ سان اسڪالرشپ ملڻ جا چانسز ڪافي وڌي وڃن ٿا. ان ايڪسيپٽنس يا رڪمينڊيشن ليٽر وٺڻ لاءِ اميدوار کي درخواست فارم ڏيڻ واري تاريخن کان به پهرين ڪوشش ڪرڻ گھرجي بلڪه سڄي سال ۾ اها ڪوشش جاري ڪندو رهڻ گھرجي جو درخواست ڏيڻ جو وقت ته مخصوص چار يا پنج مهينا آهي پر ڪنهن به پروفيسر کي ڪيڏيءَ مهل به اي ميل ڪري رابطو ڪري سگھجي ٿو. انڪري پنهنجي پسند مطابق جتي يونيورستي يا پروفيسر پنهنجي فيلڊ مطابق هجي، اتي جي پروفيسرن کي اي ميل ڪجي انهن کي پنهجي دلچسپي بابت ۽ پنهنجي مهارت بابت ٻڌائجي ۽ کين چئجي ته هو توهان کي سي ايس سي اسڪالرشپ لاءِ رڪمينڊيشن ليٽر ڏين. ان لاءِ ڀلي گھڻين يونيورسٽين ۾ ڪوشش ڪجي پر جتان به ليٽر ملي، ان يونيورسٽي ۾ ضرور اپلاءِ ڪجي جو پروفيسر جي رڪمينڊيشن ملڻ سان اسڪالرشپ ملڻ جا موقعا وڌي وڃن ٿا.
    • هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي اها به آهي ته چائنيز پروفيسر انگريزيءَ ۾ ڪمزور هجڻ ڪري يا وري تمام گھڻن اي ميلس اچڻ جي ڪري يا وري دلچسپي نه هجڻ جي ڪري، ٿي سگھي ٿو گھڻي ڀاڱي جواب نه ڏين يا نه ۾ ڏين، ته به ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن نه ڪنهن پروفيسر جو جواب ها ۾ به ضرور اچي وڃي ٿو. ان لاءِ ڪجهه انتظار به ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن به پروفيسر کي رمائنڊر لاءِ ٻي اي ميل جلد نه ڪرڻ گھرجي.
    • جي توهان جو ڪو دوست چائنا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي ته اهو ڪنهن به پروفيسر کان رڪمينڊيشن ليٽر وٺڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو، آءٌ جڏهن چائنا ۾ هيس ته ڪافي دوست پنهنجي دوستن لاءِ مختلف پروفيسرن کان ايڪسيپٽنس ليٽر وٺي ايندا هئا، مون کي به ايڪسيپٽنس منهنجي دوست ئي وٺي موڪلي هئي ، اهو چائنا ۾ ڪامن ٽرينڊ آهي ته پروفيسرن وٽ جيڪي پهرين اسٽوڊنٽ پڙهي رهيا آهن ۽ جي انهن جي پنهنجي ڪارڪردگي سٺي آهي ۽ پروفيسر انهن مان مطمئن آهي ته ان جي چوڻ تي سندس دوست لاءِ ليٽر ڏيو ڇڏين ٿا. بهرحال ڪنهن به پروفيسر جي ايڪسيپٽنس ملڻ سان اسڪالرشپ ملڻ ڪو سئو سيڪڙو پڪ نه آهي پر اسڪالرشپ ملڻ جا موقعا ضرور وڌي وڃن ٿا. ائين ئي وري جي ڪنهن کي ڪا به ايڪسيپسٽن نه ملي آهي، ته به ان کي اسڪالرشپ ملڻ جو آسرو ضرور آهي جي ڪافي دوستن جون ائين به اسڪالرشپون منظور ٿي آيون آهن، جو انهن وٽ ڪنهن به پروفيسر طرفان ليٽر ته نه هو پر انهن جي درخواست تي سي ايس سي وارن اسڪالرشپ منظور ڪئي.
    • اهم ڳالهه ته داخلا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ جڏهن پوسٽ وسيلي داخلا فارم ملي وڃي ته پوءِ اڳيون مرحلو ويزا لڳرائڻ جو آهي پنهنجي ملڪ ۾ موجوڊ چائنا سفارتخاني مان ، جنهن لاءِ به پوليس ڪليئرنس رپورٽ ۽ ميڊيڪل سرٽيفيڪيٽ گھربل هوندا آهن.
    چين جي تعليمي ادارن جي رينڪنگ
    سال 2018ع جي QS Asia ranking مطاابق ايشيا جي 400 بهترين يونيورسٽين مان 103 چائنا جون يونيورسٽيون آهن جن مان ٽاپ ٽين ۾ 3 ۽ ٽاپ 100 ۾ 23 يونيورسٽيون چائنا جون آهن. 100 کان 200 جي وچ واري ڪيٽيگري ۾ به وڌيڪ 23 يونيورسٽيون شامل آهين. باقي سڀ 200 کان 400 جي وچ ۾ آهن.
    اهڙي طرح ڏسجي ته چائنا نه صرف آبادي ۾ پر تعليم ۾ به باقي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ معياري تعليمي نظام رکي ٿو، جو ان ملڪ جون سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٽاپ 400 ۾ شامل آهن .ان کان علاوه جي تائيوان ، هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جيڪي به چائنا جو حصو آهن، جي انهن جون يونيورسٽيون ملائجن ته تعداد 147 ٿي وڃي ٿو جيڪو پوري ايشيا جو 37 سيڪڙو ٿئي ٿو. ان حساب سان ڏسجي ته چائنا يا ان جون آزاد ۽ خومختيار رياستون به تعليمي معيار جي حوالي سان ڪافي اڳتي آهن.
    چائنا جون بهترين ٽاپ 100 ۾ ايندڙ يونيورسٽيون هن ريت آهن Tsinghua University نمبر هڪ ، Fudan University نمبر ٻه ، Peking University نمبر ٽئين، Zhejiang University نمبر چار. هيءَ اها يونيورسٽي آهي جتي چائنا جي وزيرن جي پوري ڪابينا جي بشمول وزيراعظم ۽ صدر جي، ڪجهه عرصي لاءِ ٽريننگ ٿئي ٿي يا ائين کڻي چئجي ته سندن وزارت جي ذميواري مطابق کين انهن جي رهنمائي لاءِ ڪجهه پروفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرائي وڃي ٿي ۽ تعليمي ماهر پروفيسرن سان به ملڪي پاليسي تي به ڳالهايو ۽ بحث ڪيو وڃي ٿو، ان کان علاوه Shanghai Jiao Tong University نمبر پنج ، University of Science and Technology of China نمبر ڇهه، Nanjing University نمبر ست ، Wuhan University نمبر اَٺَ، Sun Yat-sen University نمبر نَوَ ۽ Beijing Normal University ڏهين نمبر تي يونيورسٽي آهي، Tongji University نمبر يارنهن، Xi’an Jiaotong University نمبر ٻارنهن، Nankai University نمبر تيرنهن ، Harbin Institute of Technology نمبر چوڏهن تي ,۽ Renmin (People's) University of China نمبر پندرنهن تي آهي. Shanghai University سورنهن نمبر تي، Beijing Institute of Technology سترنهن نمبر تي، Tianjin University ارڙنهن نمبر تي، Xiamen University اڻويهه نمبر تي، Huazhong University of Science and Technology ويهه نمبر تي، Beihang University (former BUAA) ايڪويهه نمبر تي، East China Normal University ٻاويهه نمبر تي، Jilin University ٽيويهه نمبر تي آهن.
    هيءَ ترتيب چائنا جي حوالي سان نمبر وار ڏني وئي آهي، نه ته ايشيا يونيورسٽين جي ريڪنگ ۾ اهي سموريون يونيورستيون ٽاپ 100 ۾ شامل آهن جيڪي ترتيب وار 6،7،9،21،22،23،26،42،45،52،53،55،61،63،73،74،76،80،81،83،84،89،94 تي آهن.
    چائنا ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد
    چائنا ۾ پڙهي آيل دوستن سان ڪچهريءَ دوران هڪ محتاط اندازي مطابق چئي سگھجي ٿو ته چائنا ۾ هيئنر 500 جي لڳ ڀڳ سنڌي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جن ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۽ جنرل شعبن ۾ بيچلر ڊگري کان علاوه ماسٽر، پي ايڇ. ڊي پروگرامن ۾ پڙهندر شاگرد شامل آهن، جن جو چڱو خاصو تعداد آهي ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ پروگرام ۾ به ڪافي سارا شاگرد آهن.

    چائنا ۾ سنڌي استاد
    چائنا جي جنان يونيورسٽي ۾ هن وقت هڪ سنڌي پروفيسر سائين شبير محسن هاشمي به آهي جيڪو دادو ضلعي جي ننڍڙي شهر ڪڪڙ جو آهي، هن جو شمار چائنا جي ٽاپ A ڪيٽيگري جو پروفيسرن ۾ ٿئي ٿو. سائين جو شعبو اڪانامڪس ۽ فنائنس آهي.
    Ocean University of China
    هن کي چائنيز ۾ هيانگ تاشوي به چيو وڃي ٿو.
    هن يونيورسٽي ۾ آءٌ پڙهي آيو آهيان، ان ڪري هن يونيورسٽي بابت احوال خصوساَ شامل ڪريان پيو، هيءَ يونيورسٽي چائنا ۾ ميرين سائنس ، انوائرنمينٽ ۽ بايولاجيڪل سائنسز جي حوالي سان وڌيڪ بهتر سمجهي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ ان وقت 2013ع کان 2014ع ۾ عبدالنبي ميرجت ، سليم چانگ، شهمير، ڪرن شيخ، رابعا کوکر، شفيق ڪانڌڙو ، عامر ميمڻ ، خادم ميمڻ ، ڪلهوڙو، جن مان هينئر ته ڪافي پي ايڇ ڊي ڪري واپس به اچي ويا آهن. انهن ٻڌايو ته هتان پهرين شير خان جيڪو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ فوزيا سيال جيڪا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهي آهي، ۽ ڪجهه ٻيا سنڌي شاگرد پڙهي ويا آهن ، هاڻي به چار کان پنج سنڌي شاگرد هن يونيورسٽِي ۾ پڙهي رهيا آهن. هي يونيورسٽِي چائنا جي شهر چندائو Qindao ۾ آهي جيڪو چائنا جي صوبي شنتونگ Shandong جو جنان شهر کان پوءِ وڏو شهر آهي. هيءُ صوبو ئي عظيم داناءَ ڪنفيوشس جي جنم ڀومي آهي، جيڪو جنان شهر کان ڪجهه سئو جي ڪلوميٽر تي شهر ڪيفو Qufu جو هيو، جتي اڄ به سندس ۽ سندس خاندان جي حوالي سان پوري تاريخي سائيٽ محفوظ آهي ۽ سڄي دنيا جا ماڻهو اتي سياحت تي اچن ٿا.
    ان کان علاوه هن صوبي ۾ مائونٽ تائيشان يا مائونٽ تائي جي حوالي سان به هڪ تائوزم جو مقدس مقام آهي، جتي هر چائنيز تقريباَ وڃڻ چاهيندو آهي. هن ئي پهاڙ تي چڙهندي اسان جي سنڌ يونيورسٽي جو دوست ليڪچرار سکيو مل گھڻي ٿڌ لڳڻ ڪري دل جو دورو پوڻ يا دماغ جي رڳن جي نقصان ٿيڻ ڪري ديهانت ڪري وي. هي جڳهه عام چيني ماڻهن لاءِ ائين آهي جيئن اسان لاءِ عمرو ڪرڻ، هن پهاڙ تي چڙهڻ لاءِ تقريباَ 6 هزار کان به مٿي ڏاڪا آهن ۽ عقيدت يا مهم جوئي جي چڪر ۾ ماڻهو پنڌ چڙهن ٿا، جيڪو سفر آهستي آهستي ساهي پٽيندو چڙهڻ سان به 5 کان 8 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. دل جي مريضن يا ڪمزور صحت ۽ سگريٽ وغيره پيئندڙ ماڻهن کي سختيءَ سان چڙهڻ جي منع آهي، پر پوءِ به ساليانو 5 کان 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا، سنڌي شاگرد جيڪي چائنا وڃن ٿا، انهن کي ان قسم جي مهم جوئي کان پاسيرو رهڻ گھرجي ته سٺو. اسان سرڳواسي سکيو مل جي ان بي مهلي سرڳواس ٿيڻ تي ڏاڍي صدمي ۾ رهياسين، الله سائين، مرحوم آسيس بخشي. هي شهر جنان تان ئي شايد چائنا جي موٽرسيائيڪل جنان آهي، باقي چندائو چائنا جي خوبصورٽ شهرن مان هڪ آهي جتي چائنا جو تمام وڏو پورٽ به آهي ، ان شهر جي سمنڊ پار ٻئي پاسي سائوٿ ڪوريا جو ملڪ آهي، چندائون ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ به ڪافي ڀارتي ۽ پاڪستاني پشتون پاسي جا شاگرد ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه هن شهر ۾ پنجاب جي شاگردن جي به اڪثريت هئي جيڪي انجنيئرنگ ڊگري ڪري رهيا هئا. هن ئي شهر ۾ ڪجهه پنجابي شاگردن جون چائنيز عورتن سان شاديون به ٿيل هيون، اسان جي هڪ بيحد پر خلوص دوست وسيم صاحب سان ڪافي اچڻ وڃڻ ٿيو، جيڪو اتي ڪاروبار جي حوالي سان ڪافي سالن کان رهيل هو. تقريباَ 10 سالن کان. جيڪو هر جمعي تي نماز کان پوءِ شاگردن جي هاسٽل تي ايندو هئو، تقريباَ سڀ ڀارتي ۽ پاڪستاني سندس تمام گھڻي عزت ڪندا هئا ، سنڀيءَ کي اويل سويل ڪم اچڻ وارو ماڻهو، رهنمائي ڪرڻ وارو ماڻهو هو ، سمورين گڏجاڻين ۽ راندين جو روح ان ۾ هو نه ته ڪافي ڀيرا مختلف علائقن جا شاگردن جا پاڻ ۾ اختلاف به هوندا هئا، پر هن جي اچڻ ڪري ماني گڏجي تيار ٿيندي هئي ۽ سڀ گڏجي ويهندا هيا. بهرحال چندائو وڃڻ لاءِ ڪراچي مان چائنيز ايئر لائين جي جهاز ۾ وڃبو آهي، جيڪو پهرين چائنا جي صوبي سيچئان جي شهر چيندو ۾ اسٽاپ ڪندو هو، جيڪو سفر تقريباَ پنجن کان ڇهن ڪلاڪ جو آهي، هتي ئي چائنا اميگريشن جون فارملٽيز ٿينديون هيون. ان کان پوءِ جي فلائيٽ وايا بيجنگ. آهي ته ساڳي ئي جهاز ۾ بيجنگ ڏانهن سفر، جيڪو سفر ٻن اڍائي ڪلاڪن جو هو، پوءِ بيجنگ ائيرپورٽ کان ٻي فلائيٽ ۾ چندائو وڃبو جيڪو سفر وري تقريباَ سوا ڪلاڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ جو آهي، پر ائين به آهي ته بيجنگ وڃڻ بجاءِ چيندو کان ڊائريڪٽ فلائيٽ چندائو جي هجي ته تقريباَ ساڍا ٽي ڪلاڪن جو سفر آهي، جتان ايئرپورٽ کا ٽيڪسي سئو يوئان وٺي ڪلاڪ سوا جي سفر کان پوءِ يونيورسٽِي پهچائي ٿي. پر ٻيو طريقو اهو به آهي ته بيجنگ کان پوءِ چندائو فاسٽ ٽرين ۾ وڃجي ته به تقريباَ 1200 ڪلوميٽر جو هي سفر به ٽي کان ساڍا ٽي ڪلاڪ ۾ بلٽ ٽرين طئي ڪري ٿي ۽ ماڻهو چندائو ريلوي اسٽيشن تي پهچي ٽيڪسي ڪري 10 يوئان ۾ يونيورسٽي پهچي سگھي ٿو . پر يونيورسٽي جا ٽي ڪيمپس آهن هن ئي شهر ۾ هڪ تائوشان ، فيوشان ۽ لوشان ، تائوشان هن ٽرين اسٽيشن ڀرسان آهي، جتي ميرين ، بايولاجي ۽ اوشنوگرافي انوائرنميٽ وغيره سان رليٽيڊ شعبا آهن پر انجينيرنگ جا شعبا لائوشان ڪيمپس ۾ آهن جيڪو وري هتان ٽيڪسي ذريعي هڪ ڪلاڪ جو سفر آهي جنهن لاءِ ٽيڪسي تقريباَ 70 کان 100 جي قريب يوئان وٺي سگھي ٿي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته هنن ٻنهي ڪيمپسس جي وچ تي ٺهيل ڪيمپس فيوشان آهي، جتي بين الاقوامي شاگردن جي رهنمائي لاءِ آفيسون آهن جن جو ڪم ويزا ۽ رهائش وغيره ڏيڻ کان ويندي داخلا جي سمورن مرحلن ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ماڻهو ڏينهن جو پهچي ته سڌو اتي وڃي يا ان ڪيمپس، جنهن ۾ داخلا ٿي هجي. ان ۾ وڃي رهائش لاءِ هاسٽلن واري ڪائونٽر تي پنهنجو داخلا فارم ڏيکاري ڪمرو وٺڻ جي ڪوشش ڪري . آفيس جي ٽائيم کان بعد ۾ به هي مدد ڪندا آهن پر آفيس ٽائيم ۾ ڪوشش ڪري ان آفيس وڃجي، جتي اچڻ لاءِ آفر ليٽر تي رڪمينڊيشن هجي. باقي ان شهر يا يونيورسٽي ۾ ڪو به دوست هجي ته سڌو ان وٽ وڃڻ سان ڪافي پريشانين يا خفن کان بچي سگھجي ٿو.


    باب ٽيون

    ڏکڻ-اوڀر ايشيا جا ملڪ Southeast Asian countries.

    ايشيا جي هن خطي ۾ شامل ڪجهه ملڪ مشرق ايشيا جيان ڪافي ترقي وارا ملڪ به آهن ته وري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جيان ڏتڙيل ملڪ به. مجموعي طور هي ملڪ ڏکڻ-اوڀر ايشيا ۾ شامل آهن: ملائشيا، سينگاپور، انڊونيشيا، فلپائين، ميانيمر، لائوس، ڪمبوڊيا، ايسٽ تيمور، برونائي، ويٽنام، ٿائلينڊ.


    سنگاپور ۾ اعليٰ تعليمي ادارا ۽ موقعا

    سنگاپور صرف 721.5 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل هڪ ننڍو ٻيت نما ملڪ آهي. سڄي ملڪ جي ايراضي، سنڌ جي ضلعي مٽياري جيتر ٿيندي، پر هن وقت دنيا جون بهترين يونيورسٽيون سنگاپور ۾ آهن. عالمي سطح تي سنگاپور جون ٻه يونيورسٽيون يارهين ۽ ٻارهين نمبر تي آهن ۽ ايشيا ۾ پهرين ۽ ٻئي نمبر تي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ملڪ سنگاپور جو آهي ۽ تقريبن دنيا جي 150 جي قريب ملڪن ۾ هن ملڪ جي شهرين کي پهچڻ شرط ويزا ڏني وڃي ٿي. سائنس، ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ۽ سروسز ۾ هي ملڪ دنيا ۾ تمام وڏو نالو رکي ٿو. هن ننڍڙي ملڪ ۾ ڪيترن ئي نسلن ۽ مذهبن جا ماڻهو امن امان سان رهيا پيا آهن. ڪنهن زماني ۾ هي ننڍو ملڪ،مڇي ماري گذر سفر ڪندڙ ماڻهن جو ملڪ هو، پر اڄ هڪ خوبصورت ۽ عظيم ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي دنيا ڀر جا سياح گھمڻ ۽ شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا. سنگاپور ۾ موجود مختلف تعليمي ادارن جي باري ۾ تفصيل ڏجي ٿو.

    جونيئر ڪاليجز ۽ ملينيا انسٽيٽيوٽس
    جونيئر ڪاليجز ٽن قسمن جي تعليم ڏين ٿا. زندگي گذارڻ جي فن ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي فن سان گڏوگڏ مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ ڏيڻ. هن ۾ سينگاپور ڪيمبرج A سطح جو نصاب شامل آهي. اصل ۾ هن قسم جي ڪاليجن ۾ شاگردن جو سندن پسند جي مضمون مطابق بنياد ٺاهڻ آهي ته جيئن هو اعليٰ تعليم لاءِ بهتر ۽ پنهنجي پسند مطابق فيلڊ منتخب ڪن ۽ گڏوگڏ کين زندگي ۽ ڄاڻ جي اهميت ۽ سندن جي ذميوارين کان به واقف ڪرايو وڃي.
    جيئنlife skills ۾ ڪو ڪريڪيولر ايڪٽوٽز Extra-Curricular Activities، انساني اخلاق ۽ ذميوار شهري character & citizenship education هجڻ جي باري ۾ آگاهي, ان ۾ سائبر وَيلِنيس ۽ ڪيئريئر گائيڊنس جي ڄاڻ به شامل آهي، عملي قدر values in action، ۽ جسماني تعليم Physical Education بابت سکيا شامل آهي. ائين وري Knowledge skills ۾ ڄاڻ ۽ کوجنا، پراجيڪٽ ورڪ، ۽ جنرل پيپر شامل آهن.
    انهن ٻن اهم قسمن کان علاوه Subject Discipline ۾ ٻولي جنهن ۾ ٽن مادري ٻولين سان گڏ انگريزي ٻولي، فرينچ ، جپانيز وغيره مئٿميٽڪس ۽ سائنس جن ۾ بايولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس ۽ ڪمپيوٽر شامل آهن. هيومنٽيز ۽ آرٽس جا مضمون شامل آهن ، جن ۾ ، ٻوليون، لٽريچر، اڪانامڪس، ميوزڪ ، ڊراما ، ٿيٽر، جاگرافي، ۽ هسٽري وِغيره به اچي وڃن ٿا. هر شاگرد کي پنهنجي پسند مطابق سبجيڪٽ جي چونڊ ڪرڻ سان گڏ لائف اسڪلس ۽ ناليج اسڪلس لازمي پڙهڻا پون ٿا. ائين به آهي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد آرٽس ۾ يا سوشل سائنس ۾ دلچسپي رکي ٿو ته هن اسٽيج تي کيس هڪ يا ٻه سائنس جا سبجيڪٽ به کڻڻا پون ٿا، ته جيئن هو پنهنجي ذهني وسعت ۽ مختلف ڄاڻ جي باري ۾ باخبر هجي، ۽ ان سبجيڪٽن جي اهميت کان به واقف هجي. البته اڳتي هلي يونيورسٽي سطح جي تعليم ۾ کيس پنهنجي پسند جو شعبو ۽ ان سان لاڳاپيل مضمون ئي پڙهڻا پون ٿا. اصل ۾ جونيئر ڪاليج ۾ شاگردن کي مڪمل طرح سان ان قابل بڻايو وڃي ٿو ته هو پنهنجي جسماني ۽ ذهني پيمانن کي سمجهن ۽ وڌ کان وڌ پنهنجو پاڻ کي ايڪسپلور ڪن، ته جيئن هو اڳيان هلي اعليٰ تعليم يعني يونيورسٽي لاءِ مڪمل طرح سان تيار هجن. هي جونيئر ڪاليج دنيا جي حساب سان A LEVEL جي تعيليم ڏين ٿا. اسان وٽ اها ساڳي تعليم، ڪاليج ۾ انٽرميڊئيٽ ٿئي ٿي. پر فرق صاف ظاهر آهي ته اسان وٽ نه ذميوارانه شهري هجڻ جي مشق ٿئي ٿي، نه وري ڪو ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز تي ايترو ڌيان ڏنو ٿو وڃي، نه وري ميوزڪ يا ڊرامن ۽ ٿيٽر تي، نه وري فزيڪل ايجوڪيشن ۽ راندِين تي. اسان وٽ ته پري ميڊيڪل يا انجيئرنگ جي نصاب کي رٽايو ٿو وڃي پر اهو به ڪٿي، اڪثر ڪاليج ته بند ئي رهندا آهن يا جي کليل به آهن ته ڪجهه شاگرد ۽ ڪجهه استاد ريگيولر اچن ٿا باقي اڪثريت شاگردن جي يا ٽيوشن سينترس تي بند ڪمرن ۾ پڙهي يا وري ٻهراڙي جو شاگرد زمينن تي ڪم ڪري ۽ صرف امتحان ۾ ويهڻ اچي. اصل ۾ ڪاليج جي اهميت يونيورسٽي کان به وڌيڪ آهي جتان شاگرد نه صرف ذميوار شهري پر پنهنجي زندگي ۽ لاڳاپيل تعليم جي مقصد کي واضع نموني سان سمجهي نڪري، جتان صحتمند جسم سان گڏ سالم ۽ سوچيندڙ دماغ کڻي يونيورسٽي تائين پهچي پر اسان وٽ الٽو ڪم آهي! ڪاليج ۾ پڙهڻ بجاءِ ٽيوشن سينٽنس تان پڙهي، امتحان ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿئي، نه کيس ذميوار شهري ۽ چست نوجوان هجڻ جي تعليم ملي، نه ئي کيس پنهنجو پاڻ کي ماپڻ ۽ جاچڻ جو موقعو ملي! هاڻي جيڪو به آهي، اچي کيس يونيورسٽي ۾ ڪرڻو آهي، اهو ائين ئي آهي جيئن اسان وٽ اڪثر سنڌ ۾ بگڙيل نوجوان لاءِ چوندا آهن، ته شادي ڪرايوس ته سڌري ويندو، سو اسان وٽ به والدين ائين ئي سوچين ٿا ته ڪيئن به ڪري ڪاليج مان پاس ٿي يونيورسٽي پهچي، پوءِ پاڻ ئي پڙهي وٺندو. همراه واقعي به پڙهي نڪري ٿو! پر ڇا پڙهي نڪري ٿو !؟، ان جو اندازو اسان جي اڪثر گريجوئيٽس جي نه صرف بيروزگار هجڻ پر سماج لاءِ هاڃيڪار هجڻ مان اندازو ڪري سگھجي ٿو. ائين به ٿئي ٿو ته ڪافي ڪمزور شاگردن کي يونيورسٽي ۾ هوندي يا يونيورسٽي مان نڪري وڃڻ کان پوءِ احساس ٿئي ٿو، پر وري به هو اهو ئي سوچين ٿا ته کين نه ماحول مليو نه موقعو، جيڪا ڳالهه بلڪل صحيح به آهي. اسان جي تعليمي نظام يا معاشري جي بگاڙ جو ذميورا اسان جا حڪمران ئي آهن، انهن کي ئي پاليسيون جوڙڻيون آهن ۽ ان تي عمل ڪرائڻو آهي جيئن سنگاپور سميت سمورا ترقي يا فته ملڪ ڪري رهيا آهن.
    جونيئر ڪاليج کان علاوه ملينيا انسٽيٽيوٽس ۾ به A ليول جو سليبس ئي پڙهايو وڃي ٿو، پر بزنس سان لاڳاپيل مضمونن تي جنهن ۾ اڪائونٽنگ، مينجمينٽ ، ليڊر شپ ۽ مارڪيٽنگ تي وڌيڪ ڌيان اٿن، ۽ گڏوگڏ لائيف ۽ ناليج اسڪلس تي. سراسري هڪ ڪلاس ۾ 26 شاگرد هوندا آهن. هر هڪ شاگرد کي هڪ جيترو موقعو ۽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن قسم جي ڪاليجن جو بنياد، دنيا ۾ وڌندڙ اقتصادي چٽاڀيٽيءَ کي ڌيان ۾ رکندي 2004ع ۾ رکيوويو.

    پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽس Polytechnics
    پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ به آهن جن ۾ انڊسٽري سان لاڳاپيل شعبن متعلق پڙهايو وڃي ٿو ۽ شاگردن کي انڊسٽري ۾ پريڪٽيڪل ڪرايا وڃن ٿا. هن قسم جا پنج ادارا آهن، جن ۾ 70 هزار کان مٿي شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ 40 کان وڌيڪ مضمون پڙهايا وڃن ٿا. هتان شاگرد نڪري 90 سيڪڙو انڊسٽريءَ ۾ لڳيو وڃن . باقي اعليٰ تعليم لاٰءِ يونيورسٽي ۾ رليٽيڊ سبجيڪٽ ۾ داخلا وٺن ٿا. هن قسم جي پوليٽيڪنيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ O (او) ليول جي سرٽيفڪيٽ يا ايڪيوويلينٽ تعليم هجڻ لازمي آهي.

    انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن (ITE)
    هن قسم جي انسٽيٽيوٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي وارا شعبا پڙهايا وڃن ٿا. خاص طور ايرواسپيس، ميرين ۽ آفشور ٽيڪنالاجي، انرجي مينيجمينٽ، انوائرنمينٽ، هيلٿ مينيجمينٽ ، پيسٽري، فوڊ ۽ بيوريجز، هوٽل سروس مينجمينٽ، نرسنگ ، پيراميٽرڪ ۽ ايمرجنسي ڪيئر وغيره .

    آرٽس انسٽيٽيوشنس، سينگاپور ۾ ٻه خاص آرٽس اسڪول آهن جتي آرٽس سان لاڳاپيل سمورن شعبن ۾ ڊپلوما سان گڌ اعليٰ تعليم يعني ڊگري ڪورس به ڪرايا وڃن ٿا.

    يونيورسٽيون
    سنگاپور جون ڇهه سرڪاري يونيورسٽيون اعليٰ تعليم يعني بيچلرس ، ماسٽرس ، پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ پي ايڇ ڊي ڪورسس ڪرائين ٿيون. سينگاپور جون اهي ڇهه گورنمينٽ يونيورسٽيون هن طرح آهن: نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور، ننيانگ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي، سينگاپور مينيجمينٽ يونيورسٽي، سينگاپور يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ ڊزائين. سينگاپور انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، سينگاپور يونيورسٽي آف سوشل سائنسز.
    مٿين 6 يونيورسٽين مان 2 يونيورسٽيون ننيانگ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور ترتيبوار ايشيا جي ٽاپ 400 يونيورسٽين مان پهرين ۽ ٻي نمبر تي آهن، ان حساب سان ڏسجي ته ايشيا ۾ موجود جپان، چائنا، ڪوريا جي ملڪن جي يونيورسٽين کان به وڌيڪ معيار سينگاپور جي تعليمي ادارن جو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته ايشيا جي هن نمبر 1 يونيورسٽي ۾ هڪ سنڌي پروفيسر به آهي، جنهن جو نالو محمد يعقوب سيال آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف سنڌ جو گريجوئيٽ آهي. ڪاليج آف انجيئرنگ ننيانگ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، سندس ڳاڻيٽُو دنيا جي بهترين پروفيسرن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪيل ڪم ۽ لکيل سائنسي مضمون هن وقت تائين تقريباَ 40 هزار دفعا دنيا جي مختلف سائنسدانن ۽ استادن پنهنجي ڪيل ڪم ۾ حوالي طور استعمال ڪيا آهن. هي سنڌين جي سائنسي شعور رکندڙ سوچ جو سڀ کان اعليٰ مثال چئي سگھجي ٿو.

    سينگاپور جي تعليمي ادارن ۾ فيس:
    سينگاپور ۾ فيس جتي سينگاپور جي شهرين لاءِ نه هئڻ برابر آهي، اتي بين الاقوامي شاگردن لاءِ تمام گھڻي آهي، جيئن جونيئر ڪاليجز جي فيس سينگاپور جي شهرين لاءِ ته صرف 72 ڊالر آهي پر پرڏيهي شاگردن لاءِ اها 15600 ڊالر آهي. ITE ۾ وري مقامي شاگردن لاءِ صرف 350 کان 590 ڊالر آهي، ته وري پرڏيهي شاگردن لاءِ 12450 ڊالر کان 20360 ڊالر ساليانه آهي. ائين ئي وري پوليٽڪنڪس ۾ لوڪل لاءِ 2700 ڊالر فيس آهي ته انٽرنيشنل لاٰءِ 9600 ڊالر. يونيورسٽيز ۾ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام لاءِ لوڪل شاگردن جي فيس 7810 کان 33700 ڊالر آهي، ته انٽرنيشنل شاگردن لاءِ ساليانه في 17450 ڊالر کان 72100 ڊالر آهي.


    ٿائلينڊ جو اعليٰ تعليمي نظام

    ٿائلينڊ به ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين اهم ملڪن خاص ڪري سنگاپور ۽ ملائشيا کان پوءِ ڪافي حد تائين پاڻ مڃايو آهي، نه صرف انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ پر امن امان ۽ تعليم جي حوالي سان به. سياحت ۽ وندر حوالي سان پوري ايشيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ ٽوئرزم شايد ٿائلينڊ ۾ هجي.
    ايشيا جي حوالي سان QS World Ranking مطابق ايشيا جي 400 بهترين يونيورسٽين ۾ ٿائلينڊ جون 14 يونيورسٽيون به شامل آهن، جن مان ترتيب وار پهريون ٽي 50، 58 ۽ 97 نمبر تي آهن. پهرين Chulalongkorn University ٻي Mahidol University جتان اسان جو دوست ۽ ڪليگ سنڌ يونيورسٽي جو استاد سائين عبدالرحمان ڪلوئي ڪمپيريٽو رليجن تي پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي، ۽ ٽئين نمبر تي يونيورسٽي آهي Thammasat University. ان کان علاوه 100 کان 200 واري ڪيٽيگري ۾ پنج يونيورسٽيون آهن جن ۾ ڇنگ مائي يونيورسٽِي Chiang Mai University، ڪسيٽسارٽ يونيورسٽي Chiang Mai University، ڪنگ مونگٽس يونيورسٽي King Mongkut's University ، ڪو کائين يونيورسٽي Khon Kaen University، ۽ پرنس آف سونگلا يونيورسٽِي، هن پرنس آف سونگلا يونيورسٽِي Prince of Songkla University مان به اسان جي دوست ۽ سنڌ يونيورسٽي مير پور خاص جي ڪليگ ڊاڪٽر حميدالله ڀُٽي به پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. باقي يونيورسٽين مان ڪجهه 200 کان 300 ۽ ڪجهه 300 کان 400 واري ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. ٿائلينڊ حڪومت جي پنهنجي تعليمي ادارن کان علاوه بين الاقوامي فنڊنگ سان هلندڙ هڪ ادارو Asian Institute of Technology به آهي، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

    Asian Institute of Technology
    مٿي ٻڌايل يونيورسٽين کان علاوه ٿائليڊ ۾ موجود خود مختيار اداري ۽ يونائيٽڊ نيشن ۽ مختلف ملڪن ۽ ادارن جي فنڊنگ جي مدد سان هلندڙ Asian Institute of Technology جو خاص مقام آهي، جيڪو دنيا سطح تي مڃيل آهي. هن اداري جو موٽو (مقصد) ئي آهي، سرحدن بنا سکڻ learning beyond the boundaries. هن ۾ ٽيڪنالاجي، اڪانامڪس ۽ پلاننگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن انسٽيٽيوٽ طرفان مختلف اسڪالرشپون به اينديون رهن ٿيون، ته وري هن ۾ ڪم ڪندڙ پروفيسرن وٽ به فنڊنگ جهجهي تعداد ۾ هوندي آهي. انڪري جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ سٺو پروپوزل آهي يا ڪنهن پروفيسر وٽ هلندڙ پراجيڪٽ ۾ دلچسپي ۽ ڄاڻ اٿس ته ان پروفيسر سان اي ميل تي ضرور رابطو ڪرڻ گھرجي، ڪافي چانسز هوندا آهن ته اسڪالرشپ تي اهو پروفيسر گھرائي يا گھٽ ۾ گھٽ فيس معاف ڪرائي ڏي.

    ٿائلينڊ ۾ اسڪالرشپون ۽ ٽريننگون

    ٿائلينڊ جي پرڏيهي وزارت جي نگهبانيءَ ۾ Thailand International Cooperation Agency (TICA) آهي، جنهن طرفان ساليانه مختلف اسڪالرشپون ۽ ٽريننگ فيلوشپس ترقي پذير ملڪن جي شاگردن لاءِ انائونس ٿينديون رهن ٿيون،. جن مان گھڻي ڀاڱي مختلف ملڪن پرڏيهي وزارت جي ذريعي سندن ايمبيسي طرفان درخواستون گھرايون وڃن ٿيون. ان لاءِ هن ويب لنڪ http://www.tica.thaigov.net/main/ تي معلومات ڏسي سگھجي ٿي، يا ان سان گڏوگڏ رايل ٿائي گورنمينٽ طرفان الڳ سان به اسڪالرشپون انائونس ٿينديون رهن ٿيون. پر ٿائلينڊ گورنمينٽ جي طرفان اسڪالرشپن جو تعداد ايترو گھڻو نه آهي جيترو چائنا، جپان يا ڪوريا ۽ ملائشيا جي طرفان آهي.

    ماهيدول يونيورسٽي

    هيءَ ٿائلينڊ جي سڀ کان وڏي ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ تقريباَ 30 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد سرٽيفڪيٽ ڪورسس، ڊپلوما ، بيچلر ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري ڪورسس ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، انهن مان تقريبن هڪ هزار جي لڳ ڀڳ پرڏيهي شاگرد آهن جن مان گھڻائي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ آهي. هن يونيورسٽي جا ڇهه ڪيمپس آهن، جن ۾ سوشل سائنس، ميڊيسن، فارميسي، آرٽس ۽ مينجيمينٽ سائنس ويندي لنگئسٽڪ ۽ انجنيئرنگ ، ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت تعليم ڏني وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي سال 2018ع لاءِ به اسڪالرشپ جي لنڪ ڏنل آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي شاگردن لاءِ 50 فل اسڪالرشپون ۽ 450 پارشل اسڪالرشپن بابت تفصيل ڏنل آهن، جن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هن يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ملڪن جي شاگردن کي مائل ڪرڻ لاءِ فنڊ مهيا ڪيا پيا وڃن. هيءَ يونيورسٽي، ايشيا ليول تي ريڪنگ ۾ 58 نمبر تي آهي ۽ عالمي ليول تي 334 نمبر تي ۽ ٿائلينڊ جي پهرين نمبر تي آهي.
    ٿائلينڊ ۾ ٽيوشن فيس ۽ رهائشي خرچ تقريباَ ملائشيا جيترو آهي، جو ماڻهو ايوريج 300 ڊالر مان مهينو ڪڍي سگھي ٿو ۽ ٽيوشن فيس به ايوريج سيمسٽر 1500 ڊالر ئي آهي.
    ماهيدول يونيورسٽيءَ مان اسان جي دوست عبدالرحمان ڪلوئي صاحب پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.


    ملائشيا جو تعليمي نظام

    ملائشيا ۾ اسڪول جي تعليم 4 سال جي عمر کان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي پري اسڪول ايجوڪيشن چيو وڃي ٿو، جيڪا ٻه سال تي مشتمل آهي، ان کان پوءِ ئي پرائمري اسڪول جي تعليم شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ٻار جي عمر 6 سال رکي وئي آهي. هتي پرائمري تعليم 6 سال لاءِ آهي ان کان پوءِ سيڪنڊري تعليم 5 سالن تي مشتمل آهي ، سيڪنڊري جا پنج سال پورا ڪرڻ کان پوءِ SPM جو امتحان ٿئي ٿو جيڪو سمجهو اسان جي مئٽرڪ جهڙو امتحان آهي، اهو اڳتي پڙهڻ لاءِ لازمي پاس ڪرڻو آهي، ملائشيا ۾ پرائمري کان سيڪنڊري تائين تعليم نه فقط مفت ۾ آهي پر ٻار کي ناشتو۽ مانجهاندو به ڪرايو وڃي ٿو، ڪتاب ۽ يونيفارم به مهيا ڪيا وڃن ٿا. ان کان پوءِ يعني يارنهين ۽ ٻارنهين جيان هتي جي تعليم ڪمپلسري نه آهي. مئٽرڪ تائين تعليم گورنمينٽ طرفان هتي ضروري تعليم ڪئي ويئي آهي پر ان کان مٿي ٻار جي گريڊ ۽ سندس مٿي ڪلاس ۾ داخلا جو ٿيڻ ۽ سندس طرفان پنهنجي خرچ تي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي جو انٽرميڊيئيٽ تعليم يا گريجوئيٽ سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ هتي ايڏو مهانگو نه آهي، ۽ ڪيتريون ئي اسڪالرشپون الڳ سان ميسر آهن. جيڪي به هونهار ٻار حاصل ڪري وري گورنمينٽ جي خرچ تي پڙهي سگھن ٿا. SPM جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پري يونيورسٽي ڪواليفڪيشن پروگرام آهي جنهن ۾ کين پڙهي ڪري پاس ڪرڻو پوندو، جيئن اسان وٽ انٽرميڊئيٽ آهي، يا ڪاليج ايجوڪيشن چيو وڃي ٿو ، پر هتي ان کي پري يونيورسٽي پروگرام چيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ ئي يونيورسٽي سطح تي ڪنهن اسپيشلائيزڊ فيلڊ ۾ شاگرد وڃن ٿا، هي پروگرام اسان وانگي فڪس ٻن سال جو نه پر هڪ سال کان ٻن سالن جو ٿئي ٿو، جن کي STAM ۽ STPM امتحان چيو وڃي ٿو، STAM کي ميئٽريوڪيوليشن چيو وڃي ٿو، هن ۾ شاگردن کي هڪ سال لڳي ٿو، ۽ ٻئي پروگرام کي STPM ۽ Aليول به چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڏيڍ سال کان ٻه سال لڳيو وڃن ٿا. ان لحاظ سان SPM جي امتحان کان پوءِ ٻار جي عمر تقريباَ 17 سال ٿيو وڃي، ۽ STPM پري يونيورسٽي ڪواليفيڪيشن امتحان کان پوءِ ٻار جي عمر تقريباَ 19 سال ٿيو وڃي ٿي. اهڙي طرح ملائشيا ۾ مڪمل تعليمي سال هيٺينءَ ريت آهن:
     پري اسڪول 2 سال يعني، 4 سال جي عمر کان 5 سال جي عمر تائين.
     پرائمري اسڪولنگ 6 ، سال يعني 6 سال کان 11 سال جي عمر تائين.
     سيڪنڊري ايجوڪيشن 5 سال يعني 12 سال کان 17 سال جي عمر تائين From 1 to Form 5 .
     پوءِ مئٽروڪيوليشن جو امتحان جنهن کي SPM چون ٿا جيڪو اسان جي مئٽرڪ برابر آهي.
     پري يونيورسٽي ايجوڪيشن، جنهن کي STAM ۽ STPM چيو وڄي ٿو، جنهن ۾ 1 کان 2 سال لڳي وڃن يعني 18 سالن جي عمر کان 19 سال. هن کي وري 6 Form به چون ٿا، اهڙي طرح يونيورسٽي يا اعليٰ ڊگري لاءِ فارم 6 جو امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪرڻ لازمي آهي ڪنهن سٺي سرڪاري يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ.
     هتان جي سيڪنڊري تعليم ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ، لوئر سيڪنڊري يعني اٺين جماعت تائين جنهن کي فارم 3 به چون ۽ اپر سيڪنڊري يعني نائين ۽ ڏهين، جنهن کي فارم 5 چون ٿا، سو فارم 3 پاس ڪرڻ کان پوءِ به چوائس آهي شاگردن وٽ ته اپر سيڪنڊري لاءِ ڪهڙي فيلڊ کي سليڪٽ ڪن ٿا، اڳيان پڙهڻ لاءِ، جنهن ۾ هيٺيان آپشن آهن:
     اڪيڊمڪ سيڪنڊري ايجوڪيشن
     ٽيڪنيڪل سيڪنڊري ايجوڪيشن
     ووڪيشنل سيڪنڊري ايجوڪيشن
     رليجيس سيڪنڊري ايجوڪيشن
    انهن مان چوائس مطابق اپر سيڪنڊري جي تعليم حاصل ڪري سگھجي ٿي.
    اهڙي طرح پوسٽ سيڪنڊري يعني پري يونيورسٽي تعليم جيڪا 17 سال کان پوءِ شروع ٿئي ٿي ان ۾ به ڪجهه ڪيٽيگريز آهن جن ۾
    فارم 6 ۽ STPM آهن جيڪي سال کان ڏيڍ سال جي عرصي جون آهن
    مئيٽريڪيوليشن سرٽيفڪيٽ هڪ سال لاءِ آهي،
    STAM هي به هڪ سال لاءِ آهي.
    ملائشيا ڪيتريون ئي تهذيبون، ثقافتون، مذهب ۽ ٻوليون رکندڙ ملڪ آهي، ان ڪري سڀني ڪميونٽيز جي سهوليتن لاءِ هتي اسڪول سسٽم مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهن، ته جيئن سڀني سان انصاف ۽ ملڪ ۾ هڪجههڙائي وارو نطام هجي ۽ سڀني لاءِ تعليم هڪجهڙي هجي.
    سڀني قومن کي نظر ۾ رکندي ملڪ جو تعليمي نظام هن ريت مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهي:
    1. گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر (K-G) ڪنڊرگارٽنس اسڪول
    2. گورنمينٽ اسڪولس جن کي نيشنل اسڪول به چئجي ٿو
    3. گورنمينٽ ائڊيڊ اسڪول يا نيشنل ٽائيپ پرائمري اسڪول
    4. پرائيويٽ فنڊيڊ اسڪول
    5. انڊپينڊنٽ چائنيز سيڪنڊري اسڪول
    6. فارين سسٽم اسڪول

    اعليٰ تعليم Higher Education
    هيءَ تعليم 17 کان 19 سالن جي عمر کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما، بيچلر ڊگري، ماسٽرس ڊگري، ۽ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون اچي وڃن ٿيون، هن ۾ ٽيچرس ايجوڪيشن به شامل آهي.
    اعليٰ تعليم لاءِ ڪيترائي ادارا آهن، جن ۾ پبلڪ يونيورسٽيون، پوليٽيڪنڪ ۽ ڪميونٽي ڪاليج، پبلڪ ڪاليج وغيره شامل آهن. پرائيويٽ يونيورسٽيون، جن ۾ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين جا ڪئمپس به شامل آهن ته فارين يونيورسٽي برانچ ڪئمپس به.
    ملائشيا ۾ بين الا قوامي شاگردن لاءِ هر سطح تي داخلا جي پاليسي جي شروعات 1991ع کان ڪئي وئي آهي.

    فنڊس فار هاير ايجوڪيشن:

    ملائشيا جي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ به آسان آهي، فيون ايتريون گھڻيون نه آهن يا وري اڪثر حڪومت طرفان شاگردن لاءِ اسڪالرشپون يا وري مختلف مددي وظيفا ۽ کاڌي پيتي جون ضروري شيون مهيا ڪيون وڃن ٿيون، ان کان علاوه ملائشيا جي شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به آسانيءَ سان مليو وڃي ٿو.
    باقي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ تعليم، پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مهانگي ته آهي جو جتي شاگردن کي فل فيس ئي ڀرڻي پوي ٿي. بحرحال گورنمينٽ کان قرض يا وظيفو وٺي پرائيويٽ يونيورسٽي ۾ به داخلا وٺي سگھجي ٿي.
    ملائشيا جي حڪومت وٽ هونهار شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪيترائي فنڊ ميسر ڪري ڏنا ويا آهن، جن ۾ هيٺيان ادارا ذ ميوار آهن:
    • منسٽري آف هاير ايجوڪيشن اسڪالرشپ ڊويزن
    • پبلڪ سروس ڊپارٽمينٽ
    • مختلف فائونڊيشنس
    • مختلف گورنمينٽ ڪميشنس ۽ ذيلي ادارا
    ان کان علاوه پرائيوٽ سيڪٽر جون مختلف بزنس آرگنائيزيشنس ۽ ٽرسٽ طرفان به وقت به وقت اسڪالرشپ انائونس ٿينديون رهن ٿيون يا قرض به ڏين.

    بين الاقوامي شاگردن لاءِ اسڪالرشپون:
    لوڪل شاگردن سان گڏوگڏ، بين الاقوامي شاگردن لاءِ به اسڪالرشپون ۽ مختلف مددي فنڊ به موجود آهن ، ان لاءِ حڪومت ملائشيا طرفان الڳ سان هر سال گورنمينٽ آف ملائيشا اسڪالرشپون انائونس ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه منسٽري آف ايجوڪيشن اسڪالرشپون ۽ مختلف هاير ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽس طرفان به اسڪالرشپون انائونس ڪيون وڃن ٿيون. جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال هن وقت يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پئٽروناس آهي، جتي هن وقت 100 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد جن ۾30 کان مٿي سنڌي شاگرد به شامل آهن. اهي سڀ هن يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ حاصل ڪري رهيا آهن، جن بابت تفصيلي ذڪر UTP يونيورسٽي جي الڳ باب ۾ ڪيو آهي.
    اهڙي ئي طرح هي پرائيويٽ يونيورسٽي آهي ائين ٻيون به پرائيويٽ ۽ گورنمينٽ يونيورسٽيون، گورنمينٽ جي اسڪالرشپس کان الڳ به اسڪالرشپون ڏينديون رهن ٿيون. پر انهن ۾ اڪثر مختلف پروفيسرن وٽ موجود پراجيڪٽ بيسڊ فنڊنگ هوندي آهي، ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جي سهڪاري تنظيمن جيئن يورپين يونين، آسيان، او. آءِ .سي، ورلڊ بينڪ، يواين ڊي پي يا يواين او يا ايشن بئنڪ يا وري ورلڊ بئينڪ طرفان به ڪي اسڪالرشپون هن خطي جي يا ايشيا جي مختلف ملڪن يا دنيا جي پوئتي پيل ملڪن لاءِ انائونس ڪيون وڃن ٿيون، ته انهن جو ڪجهه حصو ملائشيا جي ملڪ ۾ به پڙهڻ ويندڙ شاگردن لاءِ به ميسر هوندو آهي. اهڙي طرح دنيا جون مختلف اسڪالرشپون وٺي به ملائشيا اچڻ جو موقعو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

    ميڊيم آف انسٽرڪشن:
    هتي مختلف اسڪول نظام هجڻ ڪري ٻوليون به مختلف آهن، جو هتي نيشنل اسڪولن ۾ ٻولي ”ڀاسا ملايو“ آهي، پر انگلش جو سبجيڪٽ ضروري سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي ٿو،
    ان کان علاوه نيشنل ٽائيپ اسڪولس ۾ وري تامل ۽ چائنيز اسڪول هجڻ جي حساب سان پهرين اها ٻولي آهي پر ان سان گڏ ڀاسا ملايو ۽ انگلش ضروري سبجيڪٽ طور پڙهايا وڃن ٿا.
    هڪ ڳالهه جيڪا ذڪر جوڳي آهي ته 2003ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم پرائمري کان وٺي سائنس ۽ مئيٿميٽڪس لاءِ انگلش ۾ پڙهائڻ ضروري ڪري ڇڏيو هو، پر 2012ع کان هن وقت جي وزيراعطم اهو فيصلو واپس وٺندي نيشنل اسڪولن ۾ ”ڀاسا ملايو“ ۽ نيشنل ٽائيپ اسڪولن ۾ تامل ۽ چيني ٻولين ۾ هي سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ چيو ويو.

    سيڪنڊري اسڪول :
    هن سطح تي به ڀاسا ملائشيا رائج آهي پر انگلش ٻي ٻولي طور رائج آهي، هي ٻئي سبجيڪٽ لازمي ڪيا ويا آهن، تامل، چيني ۽ عربي واڌو مضمون طور آفر ڪيا وڃن ٿا، ان کان علاوه فرينچ ، ڊچ کي آپشنل ٻولين طور شامل ڪيو ويو آهي.

    هاير ايجوڪيشن ۾ رائج ٻولي
    گورنمينٽ يونيورسٽين ۾ تقريباَ ڊگري پروگرام انگلش ۽ ملئي ٻنهي ۾ مڪس آهن پر بيچلر ۾ اڪثر پڙهائي ويندڙ زبان ڀاسا ملئي ئي آهي، باقي ماسٽرس ۾ به انگلش پروگرام الڳ آهن جن ۾ بزنس ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جا پروگرام اچي وڃن ٿا، نه ته اڪثر سوشل سائنس ۽ آرٽس مضمونن ۾ هتي ڀاسا ملئي ئي هلي ٿي. حالانڪ ماسٽرس جي ڊگري ۾ ٻين ملڪن جا شاگرد به هوندا آهن جنهنڪري ٻنهي ٻولين ۾ پڙهايو ويندو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ سڀني يونيورسٽين ۾ انگريزي ئي رائج آهي.
    ان جي ابتڙ پرائويٽ يونيورسٽين ۾ ڊپلوما کان ويندي بيچلر ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي تائين انگلش آهي.

    هاير ايجوڪيشن ڪواليفڪيشن ايجنسي :
    هي ايجنسي ملائشين ڪواليفڪيشن فريم ورڪ کي امپليمينٽ ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي. ، هن لاءِ هيٺيون گھرجون آهن. ڊاڪٽرل ڊگري، ماسٽرس، ريسرچ يا 40 ڪريڊٽ هَورس ڪورس ورڪ، پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما 30 ڪريدٽ هَورس، بيچلر ڊگري 120 ڪريڊٽ هَورس ، گريجوئيٽ ڊپلوما 60 ڪريڊٽ هَورس، گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ 30 ڪريڊٽ هَورس، ايڊوانسڊ ڊپلوما 40 ڪريڊٽ هَورس، ڊپلوما 90 ڪريڊٽ هَورس، سرٽيفڪيٽ 60 ڪريڊٽ هَورس.

    اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم :
    ملائشيا ۾ ڪوٽا سسٽم تمام گھڻو پراڻو آهي پر 2002ع ۾ ان کي ختم ڪري ميرٽ جي بنياد تي ڪيو ويو آهي پر وري به ان سسٽم ۾ ملئي ڀوميپترا (ملئي، ڌرتي ڄاوا) کي وڌيڪ رعايت مليل آهي: خصوصي رعايتون ، پيڪج ، اسڪالرشپون ڏئي کين وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا. ان جي مقابلي ۾ ٻين ڪميونٽيز چائنيز ۽ انڊين لاءِ ايترا گھڻا موقعا نه آهن، سواءِ عام ميرٽ جي. جنهنڪري وڌيڪ گريڊ هجڻ باوجود به ٻيا رهجي وڃن ٿا ۽ ڀوميپترا ڪنهن نه ڪنهن خصوصي رعايت يا پيڪيج جي ڪري يونيورسٽين تائين وڌيڪ تعداد ۾ پهچيو وڃن ٿا.
    هتي قانوني طرح سان ڀوميپترا وڌيڪ حقدار آهن، جو انهن کي وڌيڪ شهريت جا حق مليل آهن، هتي ملئي ماڻهن کي سستا گھر، نوڪريون، يونيورسٽين ۾ داخلائون، بزنس لائسنس آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا.
    بي بي سي BBC جي رپورٽ 2013ع مطابق هن سال پهرين داخلا سيشن ۾ 41573 سيٽون ميسر هيون جن مان صرف 19 سيڪڙو، چائنيز کي مليون، ۽ صرف 4 سيڪڙو انڊين ڪميونٽي کي، باقي سڀ ملئي شاگردن کي مليون.
    ايتري تعداد ۾ ملئي ماڻهن جي وڌيڪ داخلائن جي ڪري ڪجهه ماڻهن جو خاص طور چائنيز ۽ انڊين سياستدانن جو خيال آهي ته هاڻي ته انهن جي نوجوانن کي ڪوٽا سسٽم کان به گھٽ حصو مليو آهي. پر ملئي ماڻهن جو خيال آهي ته سيڪڙو جي حساب سان ته چائنيز ڪميونٽي جي شاگردن جون وڌيڪ داخلائون ٿيون آهن، جيئن 2013ع _2014ع ۾ ڪامياب شاگردن جو سيڪڙو ڏٺو وڃي ته چائنيز شاگردن جي ملندڙ درخواستن مان کين 76 سيڪڙو کي داخلائون مليون آهن ان جي ڀيٽ ۾ ملئي شاگردن جي درخواست ڪندڙن مان ڪل 72 سيڪڙو کي ۽ انڊين ڪميونٽي جي شاگردن جي 69 سڪڙو کي داخلائون مليون آهن. سو ان حساب سان ڏٺو وڃي ته وري به چائنيز کي وڌيڪ داخلائون مليون آهن جڏهن ته انڊين به ملئي شاگردن جي تقريباَ برابر ئي آهن پوءِ دانهون ڇا لاءِ ڪيون پيون وڃن. ان ۾ڪهڙي ناانصافي ٿي آهي. پر انڊين ۽ چائنيز ڪميونٽي جو خيال آهي ته سسٽم ۽ اصولن ۾ ضرور فرق رکيو ويو آهي، جنهنڪري ملئي گھٽ سيڪڙو رکندڙ شاگرد کي فائدو رسي ٿو ۽ چائنيز سڀ اي گريڊ رکندڙ شاگرد به رهجي وڃن ٿا.

    ڪوٽا سسٽم کان سواءِ داخلا جو طريقيڪار۽ ان تي اٿندڙ اعتراض:
    • داخلا جو طريقي ڪار 90 سيڪڙو مارڪن تي رکيل آهي ۽ 10 سيڪڙو ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز تي آهي. ان کان پوءِ انٽرويو به آهي. انٽرويو ۾ بهتر پرفارم نه ڪرڻ جي ڪري A گريڊ رکندڙ شاگرد به داخلا ملڻ کان رهجي سگھي ٿو ۽ ان کان گھٽ سيڪڙو مارڪون رکندڙ شاگرد پاس ٿي سگھي ٿو. ڊپٽي ايجوڪيشن منسٽر مطابق سڀ ميرٽ جي بنياد تي آهي ڪا به نسل پرستي نه پئي ڪئي وڃي. اصل ۾هن طريقيڪار تي اعتراض آهي ته انٽرويو ۾ ملئي شاگردن کي فيور ڏني وڃي ٿي
    • ٻيو مسئلو پري يونيورسٽي پروگرامن ۾ اڻبرابري هجڻ جو آهي، جو پري يونيورسٽي پروگرام ٻن قسمن جا آهن، هڪڙو آهي مئٽريڪيوليشن جيڪو ڀوميپترن لاءِ آهي اهو تقريباَ هڪ سال يا ڏيڍ سال ۾ پورو ٿي وڃي ٿو، پر ان جي ڀيٽ ۾ STPM پروگرام جيڪو نان ملئي يعني چائنيز ۽ تاملن لاءِ آهي، ان ۾ تقريباَ ٻه سال لڳيو وڃن ٿا ۽ هي وڌيڪل ڏکيو پروگرام آهي، پر هي دنيا سطح تي A سطح جي برابر مڃيو ويندڙ پروگرام آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ ته هن پروگرام جي وڌيڪ اهميت آهي پر ملائشيا اندر ان ۾ وڌيڪ ٽائيم لڳڻ ڪري ملئي شاگرد مئٽريڪيوليشن انهن کان پهرين ڪري وڃن ٿا جنهنڪري سال جي داخلائن جي پهرين ۽ وڏي سيشن ۾ تقريباَ ملئي شاگردن کي ئي فائدو رسي ٿو.
    • ٻيون ڪميونٽيز اهو سمجهن ٿيون ته پِري يونيورسٽي پروگرام جي ڪري سندن شاگردن لاءِ اڳتي هلي پبلڪ ادارن ۾ داخلا ملڻ مشڪل ٿئي ٿي. ساڳي طريقي سان يونيورسٽين مان پهرين گريجوئيٽ به ڀوميپترا ٿين ٿا جنهنڪري کين نوڪرين ۾ به پهرين موقعو ملي ٿو.
    • ان جي ڪري چائنيز ته ان کي وڌيڪ چيلينج سمجهي اڪثر پنهنجي ٻارن کي ملڪ کان ٻاهراعليٰ تعليم لاءِ موڪلين ٿا يا وري هتي ئي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ داخلا ڏيارين ٿا. ان سان گڏوگڏ مختلف چائنيز ڪمپنين جا مالڪ يا مختلف چائنيز ڪميونٽي جا ٽرسٽ پنهنجي ڪميونٽي جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپون ۽ قرض اسڪيمون به انائونس ڪندا رهن ٿا.
    • اهو چئي سگھجي ٿو ته جتي گورنمينٽ گھڻي آبادي هجڻ ۽ پوئتي پيل هجڻ ڪري ملئي نوجوان کي همٿايو آهي اتي چائنيز ۽ ڀارتي به ان پاليسيءَ تي گوڙ ڪرڻ ۽ پريشان ٿيڻ بجاءِ پنهنجي آبادي مطابق سيڪڙو حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ پاڻ پنهنجي لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. جنهنڪري هتي ڪير به ڪنهن تي نه بار ٿئي ٿو، نه وري ڪنهن جو انتظار يا ڪنهن تي ملامت ڪري پنهجو ٽائيم وڃائي ٿو.


    ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون:

    ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ڪيئي گورنمينٽ پبلڪ يونيورسٽيون، گورنمينٽ پوليٽيڪنڪس انسٽيٽيوٽس، گورنمينٽ ڪميونٽيز ڪاليج وغيره ۽ پرائيويٽ هاير ايجوڪيشن جا ادارا آهن، جن ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيون، يونيورسٽي ڪاليج، پرائيويٽ ڪاليج، فارين يونيورسٽي برانچ به شامل آهن.
    ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪرڻ لاٰ 20 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن، ان کان علاوه 30 پوليٽيڪنيڪل ڪاليج آهن ،72 ڪميونٽي ڪاليج آهن، ۽ 27 ملائشين انسٽيٽيوٽس آف ٽيچر ايجوڪيشن به آهن. يونيورسٽيون سڀ کان گھڻيون وزيراعظم مهاتيرمحمد جي دور ۾ کليون، جن جو تعداد 12 آهي، جيڪي سندس 22 سالا وزارت اعظميٰ جيڪا 1981ع کان 2003ع تائين رهي ان ۾ کوليون ويون. ان کان پهرين صرف پنج يونيورسٽيون هيون ،جيڪي ترتيبوار 1962ع، 1969ع، 1970ع، 1971ع، 1975ع ۾ کوليون ويون هيون، باقي صرف 3 يونيورسٽون مهاتيرمحمد کان پوءِ کوليون ويون آهن جيڪي کانئس پوءِ اقتدار ۾ ايندڙ عبدالله احمد بداوي جي دور ۾ کوليون. ملائشيا جي هر رياست ۾ يونيورسٽي ضرور آهي پر ٽوٽل 13 رياستن مان سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون سلينگور رياست جنهن ۾ ڪولالمپور ۽ پتراجايا جا شهر به اچي وڃن ٿا ۾ آهن، جن جو تعداد 6 آهي باقي ٻه يونيورسٽيون جوهر رياست ۾ آهن ۽ ٻه وري ترنگانو رياست ۾ آهن.
    سڀني يونيورسٽين مان صرف 5 يونيورسٽين کي ريسرچ يونيورسٽين جو اسٽيٽس مليل آهي، 12 يونيورسٽيون اسپيشلائيزڊ يونيورسٽيون آهن، ۽ 3 براڊ بيسڊ يعني جنرل يونيورسٽيون آهن، ريسرچ يونيورسٽين ۾ هتان جي نمبر 1 يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ملايا (UM ) آهي، ان کان پوءِ UKM, UPM, USM, UTM يونيورسٽيون شامل آهن.
    هي يونيورسٽيون اڪثر ٽاپ پنج جي مليشن ريڪنگ ۾ ئي رهن ٿيون. باقي انهن کان علاوه يونيورسٽين ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي آف ملائشيا آهي، جتي به بين الاقوامي شاگردن جي گھڻائي داخلا وٺي ٿي، اهڙي طرح باقي يونيورسٽين به پنهنجي پنهنجي لوڪيشن ۽ اسپيشلائيزيشن جي ڪري پاڻ مڃايو آهي پر فنڊس، سائنسي اوزارن ۽ سهوليتن ۾ هي يونيورسٽيون ٻين کان اڳتي آهن. هر يونيورسٽي جي پنهنجي اهميت آهي، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي يو ايم ۾ داخلا نه ملي، ته هو اها ئي ڊگري ڪنهن ٻي يونيورسٽي مان به وڌيڪ سستي يا وري وڌيڪ وظيفي ملڻ سان ڪري سگھي ٿو.
    منهنجي خيال ۾ مجموعي طرح ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ ڊسيپلين آهي، صاف سٿرو ماحول آهي، جنهنڪري هر يونيورسٽي مان بهتر سکي سگھجي ٿو. ٻيو هتي ريسرچ جي حوالي سان هڪ يونيورسٽي جو شاگرد ٻي يونيورسٽي جي ليب ۾ وڃي خاص اجازت وٺي ڪري ڪم ڪري سگھي ٿو.

    ملائشيا جون پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون

    يونيورسٽي ڪيٽيگري رياست ريڪنگ لوڪل ريڪنگ ايشيا
    يونيورسٽي ملايا جنرل پر انجينيئرنگ فيڪلٽي اَمنگ ٽاپ ان ورلڊ سلينگور 1 24
    يونيورسٽِي پترا ملائشيا ايگريڪلچر ڪولالمپور سلينگور 2 36
    يونيورسٽي ڪمبگسم ملائشيا جنرل ڪولالمپور 3 43
    يونيورسٽي سائنس ملائسشيا انجينئرنگ پنانگ 4 46
    يونيورسٽِي ٽيڪنالاجي ملائشيا ٽيڪنالاجي ۽ انجينرنگ جوهر 5 49
    انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ملائشيا اسلامڪ ۽ جنرل ، ڪولالمپور 6 163
    يونيورسٽِي مارا جنرل پر صرف ملئي شاگردن لاءِ سلينگور 7 158
    يونيورسٽي ملائشيا پرلس انجينئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي پرلس 8 221
    يونيورسٽي اتارا ملائشيا مينيجميٽ ڪيده 9 131
    يونيورسٽي تن حسين اون ملائشيا انجينئرنگ جوهر 10 301
    يونيورسٽِي ملائشيا پهانگ انجينئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي پهانگ 11 ------------
    يونيورسٽي ملائشيا صبا ------------ صبا اوڀر ملائشيا 12 222
    يونيورسٽي ملائشيا سراواڪ ------------ سراواڪ اوڀر ملائشيا 13 247
    يونيورسٽي ٽيڪنيڪل ملائشيا ٽيڪنالاجي ملاڪا 14 -------------
    يونيورسٽي ملائشيا ترنگانو فشريز ۽ جنرل ترنگانو 15 ----------
    سلطان ادريس يونيورسٽي آف ايجوڪيشن ايجوڪيشن پيراق 16 -----------
    يونيورسٽي اسلام سائسن ملائشيا اسلامڪ سمبيلان 17 ------------
    يونيورسٽي ملائشيا ڪئلانتن جنرل ڪئلانتن 18 ----------
    UPNM ڊفينس ڪولالپور 19 ------------
    يونيورسٽي سلطان زين العابدين جنرل ترنگانو 20 351


    يونيورسٽي ملايا University Malaya
    يونيورسٽي ملايا، ملائشيا جي سڀ کان بهترين، پهرين ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي، هن يونيورسٽيءَ کي ملائشيا جي اعليٰ تعليم جي شروعات ڪرڻ جو اعزاز آهي. هن يونيورسٽي کي سنڌ يونيورسٽي جيان مادري علمي به چيو وڃي ٿو. تقريباَ سڀني يونيورسٽين سندس ئي ڪُک مان جنم ورتو آهي. سنڌ يونيورسٽي کي جتي پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ پهرين قائَم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ سنڌ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي. هنن ٻنهي يونيورسٽين ۾ تاريخي حوالي سان ته ڪافي هڪجهڙائيون آهن، پر افسوس سان چوڻون پوي ٿو ته تعليمي معيار ۽ ڊسيپلين جي حوالي کان تمام وڏو فرق آهي، ملايا يونيورسٽي اڄ جتي ملائشيا جي نمبر ا ، ايشيا ۾ 28 نمبر تي ۽ عالمي سطح تي 87 جي ريڪنگ ۾ آهي اتي سنڌ يونيورسٽي عالمي معيار جي ڪنهن به رينڪنگ ۾ ته ٺهيو پر پنهنجي ملڪ جي ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ به شامل نه آهي، ان جا سبب ڪيترا ئي آهن پر خاص طور سياسي ۽ انتظامي سبب آهن. ملايا يونيورسٽي پنهنجي ملڪ جي لاءِ جتي اعليٰ پائي جا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر پيدا ڪيا آهن، اتي سياستدان به پيدا ڪيا آهن جن ۾ مهاتير محمد جهڙو اعليٰ پائي جو سياستدان هجي يا وري سينگاپور جو باني لي ڪئان يو، ان کان علاوه ملائشيا جا ٻه ٻيا وزير اعظم جن ۾ ملائشيا جو ٻيو وزير اعظم عبدالرزاق هجي يا وري پنجون وزيراعظم احمد بداوي. ان کان علاوه ملائشيا جو نائب وزيراعّظم رهندڙ انوار ابراهيم هجي. هن ئي يونيورسٽي جا اليومنائي آهن. هن يونيورسٽي جو بنياد 1949ع ۾ پيو جڏهن ڪاليج آف ميڊيسن ۽ ريفل ڪاليج کي ملائي يونيورسٽي آف ملايا جونالو ڏنو ويو. جيڪو ان وقت برٽش ملايا ڪالوني هيٺ سنگاپور ۾ قائم ڪيو ويو. بعد ۾ ڪولالمپور ۾ هڪ الڳ يونيورسٽي ساڳي نالي سان 1962ع ۾ قائم ڪئي وئي. ائين ڏٺو وڃي ته هيءَ يونيورسٽي اسان جي سنڌ يونيورسٽي کان به پوءِ قائم ٿي آهي، هن يونيورسٽي ۾ جتي هر شعبي ۾ داخلا وٺڻ لاء مارڪون سٺيون ۽ سي جي پي اي سٺي هجڻ لازم آهي اتي داخلا ملڻ جو مقابلو به سخت آهي پر افسوس اسان وٽ صرف ٽيسٽ ۾ ويهڻ لازمي آهي باقي مارڪون ڪيترون به اچن جو تمام ٿورين مارڪن کڻندڙن کي به فلاسافي ، سائيڪالاجي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جهڙا اهم ۽ ڏکيا شعبا مليو وڃن.
    هن وقت يونيورسٽي آف ملايا ۾ داخلا وٺندڙن شاگردن جو تناسب هن ريت آهي: لوڪل انڊر گريجوئيٽ شاگر 7257 آهن، پوسٽ گريجوئيٽ 5968 آهن، بين الاقوامي شاگردن جو تعداد انڊرگريجوئيٽ ۾ گهٽ لڳي ٿو جيڪي 792 آهن. پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جو تعداد چڱو خاصو آهي، جيڪي 3175 آهن. تقريباَ 45 ملڪن جا شاگرد هتي تعليم پرائي رهيا آهن. هن يونيورسٽي ۾ هن وقت 27 هزار کان مٿي شاگرد ، 1700 استاد ۽ 17 فيڪلٽيون ۽ ريسرچ سينٽر آهن. هيءَ يونيورستي جتي ملائشين شاگردن لاءِ هميشه پهرين چوائس آهي، اتي ملائشيا ۾ پڙهڻ لاءِ ٻاهران ايندڙ شاگردن لاءِ به پهرين چوائس هوندي آهي.
    لوڪل شاگردن کي تقريباَ ڪانووڪيشن واري ڏينهن ئي نوڪري مليو وڃي. هنن جي ويب سائيٽ مطابق ته 87 سيڪڙو شاگردن کي ڪانووڪيشن واري ڏينهن نوڪري ملڻ جو لکيل آهي، هن يونيورسٽي ۾ ٽوٽل اڪيڊمڪ اسٽاف يعني ٽيچنگ ۽ ريسرچ ڪرڻ وارا ملائي ڪري 2578 آهن جن مان 791 استاد ٻاهريان يعني ٻين ملڪن جا آهن، جيڪي ٽوٽل اڪيڊمڪ اسٽاف جو 27 سيڪڙو ٿين ٿا. ايتري تعداد ۾ ٻاهرين استادن جي هجڻ ڪري يونيورسٽي ۾ تعليمي معيار وڌي ٿو. ٻاهريان آيل استادن جي چونڊ سندن ذهني قابليت جي بنياد تي ٿئي ٿي ۽ اهي هتي اچي وڌ کان وڌ محنت ڪن ٿا جو انهن لاءِ پاڻ مڃائڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ اهم آهي جو هو هتي رهي سگهن، جنهنجي ڪري لوڪل استاد به چٽاڀيٽي واري ماحول ۾ رهن ٿا ۽ انهن کي به وڌ کان وڌ محنت ڪرڻي پوي ٿي، اهڙي ريت بين الاقوامي استادن جي موجودگي نه صرف معيار ۽ ڊسيپلين وڌائڻ جوسبب بڻجن ٿا پر پنهنجي پنهنجي ملڪ جي شاگردن جي لاءِ ڪشش جو به سبب ٿين ٿا، جو هو ڄڻ پڙهائڻ سان گڏ يونيورسٽي جا ايمبيسڊر به هوندا آهن ۽ اڻسڌيءَ طرح يونيورسٽي جي مشهوري به ڪن ٿا. ان جو مثال اڳتي هلي سائين اسدالله شاهه جي صورت ۾ ڏيندس جيڪو آهي ته پنهنجي سنڌ پاڪستان جو پر هتي هجڻ ڪري هر سال سندس نالي ۽ ريفرنس ڪري ڪيترائي شاگرد وٽس پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ اچن ٿا، ۽ ڪيترائي والدين کانئس مشورا وٺي هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءَ موڪليندا رهن ٿا. پر افسوس جو اسان جي ملڪ خاص طور پنهنجي صوبي سنڌ جي يونيورسٽين تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته ڪاري وارا ڪک آهن جو اتي ٻاهران استاد ته ٺهيو پر ٻئي صوبي جا استاد به مشڪل سان نظر ايندا، ويتر ته اڄڪلهه وري اهو رواج به پيو آهي ته جيڪو جنهن علائقي يا شهر جو آهي ان کي اتي ڪم ڪرڻ جو شوق آهي يا وري حڪومت جي اها پاليسي آهي. ٻيو وري سنڌ اندر مهاجر سنڌي تعصب به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جنهن ڪري جتي جنهن جو اثر آهي، اهو ان علائقي ۾ پنهنجا ماڻهو رکڻ چاهي ٿو جنهن ڪري نه بين الاقوامي مقابلي وارو ماحول جڙي ٿو ۽ نه ئي وري صوبائي سطح تي چٽاڀيٽي ٿئي ٿي، ويتر ساڳي علائقي، ساڳي ذات ، قوم ۽ مٽي مائٽي جي ڪري هڪٻئي کي فيور ڏني وڃي ٿي ۽ سفارش جو ڪلچر عام ٿي ويو آهي، استادن ۽ تحقيق ڪندڙن پنهنجي تحقيق کي صرف مختلف گريڊ حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو مقرري وقت کان وٺي اڳئي گريڊ لاءِ مخصوص گهرج آهي جيڪا جلد پوري ڪري هر ڪو ٿڌو ٿي ويهي رهي ٿو پوءِ نه ريسرچ ڪن نه شاگردن لاءِ نوان آئيڊيا نوان رجھان آڻين. پر جي ڪجهه سنجيده تحقيقدان هجن به ٿا ته انتظامي رويي يا ريسورس جي اڻ پورائي ڪري ڪم جاري نه ٿا ڪري سگھن، صرف اهو نه پر علائقائي استاد پنهنجي شاگردن لاءِ به سُستي ۽ ڪاهلي جو سبب ٿين ٿا، جو شاگرد محنت ڪرڻ بجاءِ استادن سان مٽيون مائٽيون دوستيون ياريون ڪڍي پاس ٿيو وڃن ۽ ڊگري حاصل ڪري وٺن ٿا. جنهن ڪري هڪ طرف نااهل گريجوئيٽ ٿا پيدا ٿين ته ٻئي طرف معاشرتي بگاڙ جو سبب بنجن ٿا. اهڙن ئي سببن جي ڪري عالمي ته ٺهيو پر ملڪي سطح تي به چتا ڀيٽي جي امتحانن ۾ نقصان ٿئي ٿو، ادارن ۾ نه ڊسيپلين رهي ٿو نه وري امن امان . حقيقت ۾ اصل سبب ته سياست جون خرابيون ۽ حڪومت جي نااهلي آهي جو ائين اعليٰ تعليمي ادارن کي به علائقن ۾ محدود ڪيو ويو آهي، اسان جي ادارن جو معيار تڏهن وڌندو جڏهن نه صرف ملڪي سطح تي صوبن اندر استادن جي مقرري مختلف صوبن ۾ ٿيندي پر بين الاقوامي استاد به مقرر ڪيا ويندا.

    يونيورسٽي ملايا ۾ داخلا فيس:
    هتي لوڪل شاگردن لاءِ فيس تمام سستي آهي، ٻيووري وظيفا به ڏنا وڃن ٿا، پر بين الاقوامي شاگردن لاءِ به فيس انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي، انڊر گريجوئيٽ لاءِ فيس سال لاءِ ست هزار رنگٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ لاءِ 11 کان 12 هزار آهي، جيڪا آمريڪي ڊالر 3 کا 4 هزار کن آهي، جيڪا انگلينڊ ، آسٽريليا جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ آهي.
    يونيورسٽي ملايا جي تاريخ:
    هيءَ يونيورسٽي جنوري 1962ع ۾ ڪولالمپور ۾ قائم ٿي، ۽ 750 ايڪڙ تي ڦهليل آهي. پهريون چانسلر هن ملڪ جو باني يعني پهريون وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان رهيو آهي. هن يونيورسٽي جو نالو هن علائقي جي تاريخي نالي پٺيان آهي. پهرين هي ملڪ ملايا ئي هيو پر پوءِ ملائشيا ٿيو، هي ڪولامپور شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ آهي، هن يونيورسٽيءَ ۾ هر نسل ۽ مذهب جي ماڻهن لاءِ آهي، هن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مشهور مئيٿميٽيشن پروفيسر اوپنهيم آهي، اڄڪلهه جو چانسلر پيراق رياست جو سلطان نذرن مئيرالدين شاهه آهي، ۽ وائيس چانسلر پروفيسر داتو ڊاڪٽر محمد امين جلاالدين آهي، جيڪو هن يونيورسٽي جو مجمعوعي طور يارنهون وائيس چانسلر آهي.

    دورانديشي ۽ مقصد:
    ريسرچ، ايجاد ۽ مقالن ۽ پڙهائڻ ۾عالمي طور تي مڃتا ماڻڻ.

    داخلا لاءِ گھرجون:
    ماسٽرس ۾ داخلا لاءِ بيچلر ڊگري واسطيدار سبجيڪٽ ۾ لازمي آهي، ۽ سي جي پي اي به سٺي هجڻ گهرجي، پر جي سي جي پي اي 3.7 آهي ٽوتل 4 مان يا ان کان مٿي آهي، ته ڊائريڪٽ پي ايڇ ڊي ۾ ڊائريڪٽ اپلاءِ ڪري سگهجي ٿو. باقي بيچلر ۾ داخلا لاءِ ڪاليج جا رزلٽ سٺا هجڻ گھرجن يعني ٻا رهين جماعت جا. يا ميٽرڪ کان پوءِ ڪا ڊپلوما آهي ته به درخواست ڪنسيڊر ڪئي ويندي آهي.

    انگلش جو شرط :
    ان کان علاوه انگلش لينگئيج به شرط آهي، جنهن لاءِ آء ليٽس ۾ 6 بينڊ ۽ ٽافل پيپر بيسڊ ۾ 550 ، ڪمپيوٽر بيسڊ ۾ 213 يا انٽرنيٽ بيسڊ م 80 هجڻ لازمي آهي. پر جي ڪنهن جي پهرين ڊگري انگلش ميڊيم ۾ ڪيل آهي ته اهو سرٽيفڪيٽ يعني پڙهي آيل اداري ما انگلش جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچجي ۽ ثبوت طور جمع ڪرائجي ته اڪثر اهو به قبول ڪري انگلش ٽيسٽ جو شرط ختم ڪيو وڃي ٿو، پر اهو ڪڏهن ڪڏهن نه به مڃين ٿا جو اهو واسطيدار پروفيسر کان به لکرائي وٺن ٿا ته شاگرد جي انگلش مان هو مطمئن آهي پوءِ ڪو مسئلو ڪونه ٿو ٿئي،. پر جي ڪنهن شاگرد وٽ ن آءِ ليٽس آهي نه ٽافل ۽ نه ئي وري انگلش ميڊيم جو سرٽيفڪيٽ يا وري پنهنجي پهرين اداري طرفان انگلش جو سرٽيفڪيٽ ته آهي پر يونيورسٽي نه ٿي مڃي، ان لاءِ پوءِ هڪڙو حل اڃا به اهو آهي ته پروفيسر کان لکرائي وٺجي پر جي اهو به نه مڃين يا پروفيسر نه لکي ڏئي، ته پوءِ يونيورسٽي پاڻ به نئي سيشن ۾ انگلش ٽيسٽ وٺي ٿي، اها ڏيڻ گهرجي جيڪا پاس ٿيڻ جي صورت ۾ انگلش جو مسئلو حل ٿيو وڃي، پر جي اها انگلش جي ٽيست پهرين اٽيمپٽ ۾ پاس نه ٿئي ته پوءِ نئين آيل شاگرد جي ايڊميشن ته ڪريو ڇڏين پر کيس انگلش ڪلاسن ۾ رکن ۽ هر 3 يا 4 مهينن کان پوء ٽيسٽ وٺندا رهن ٿا، جيستائين وڃي انگلش پاس ڪري، تيستائين يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهيو پيو هجي سمجهو ته آفيشلي شاگرد آهي پر جيستائين وڃي انگلش پاس نه ٿو ڪري تيستائين سندس ڪورس جا ڪلاس نه ٿو وٺي سگهي، بهرحل اڪثر شاگرد ته آءِ ليٽ يا پهرين ڊگري جو انگلش ۾ هجڻ ڪري هن مرحلي مان آسانيءَ سان نڪريو وڃن پر ڪجهه کي هتي انگلش جو هڪڙو سيمسٽر لڳيو وڃي جنهن ۾ فيس گھٽ هوندي آهي. تنهنڪري آءِ ليٽس ڪري اچجي ته وڌيڪ آساني آهي جو ان ۾ ڪو به رسڪ نه ٿو رهي.
    باقي جي ڳالهه ڪجي سنڌ جي يونيورسٽين جي ته اتي انگلش جو ڪو شرط نه آهي جو اسان جي پري يونيورسٽي يعني ڪاليج سائيڊ جي تعليم جي ميڊيم انگلش ئي آهي پر حقيقت اها آهي ته اڪٽر شاگردن جي انگلش ايتري بهتر نه آهي ۽ ڪجهه جي ته وري ايتري خراب آهي جو پري ميديڪل ۽ پري انجنيئرنگ به صحيح ڪو نه لکي سگھن، اهڙا شاگرد ڀلي کڻي 10 سيڪڙو هجن پر انهن جو داخلا ٿيڻ کان وٺي ڊگري ايوارڊ ٿيڻ تائين اداري تي ٻين شاگردن ۽ استادن تي معاشري تي ويندي نوڪرين ۽ روزگار ملڻ تي تمام گهڻو ناڪاره اثر پون ٿا. هيٺئين سطح تي ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليم صفا تباه ڪري ڇڌي آهي، جنهن ڪري اعليٰ تعليم لاءِ ايندڙ شاگرد به انهن ئي نالي ماتر پڙهيلن مان هوندا آهن، جتي 80 سيڪڙو ٻار سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اچن ٿا جن جو تعليمي معيار صفا ڪريل آهي، باقي 20 سيڪڙو پرائيوِيٽ ادارن مان اچن ٿا جن مان به سڀ پڙهڻ وارا نه آهن. ها ائين به نه آهي ته سرڪاري اسڪولن مان سڀ ڪي هڪجهڙا آهن پر اها به حقيقت آهي ته 70 سيڪڙو شاگردن جي انگلش تمام خراب آهي، 20 سيڪڙو جي نارمل ۽ باقي 10 سيڪڙو جي سٺي آهي، ان ڪري جي بهتر ٿئي اسان وت به يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انگلش جو شرط رکيو وڃي.

    درجا بندي.
    هن يونيورسٽي جي ڪيو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ هن وقت 87 نمبر تي آهي. ايشيا ۾ 28 نمبر تي ۽ ملائشيا ۾ پهرين نمبر تي. ملائشيا جي حڪومت هن يونيورسٽي کي عالمي طور تي مڃرائڻ لاءَ خاص توجهه ڏنو آهي، ۽ تمام گھڻي محنت ڪئي آهي. کيس ريسرچ يونيورسٽيءَ جو مرتبو آهي جنهنڪري بجيٽ به چڱي خاصي اٿس ، ته جيئن ريسرچ لاءِ فنڊس جي کوٽ نه ٿئي. حڪومت طرفان مختلف پراجيڪٽ به هن يونيورستي کي ڏنا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي جي بجيٽ 184423177 رنگٽ آهي. جيڪا رقم پاڪستاني 5509394557 روپيا ٿئي ٿي. ٻي اهم ڳالهه ته هيءَ بجيٽ صرف ريسرچ لاءِ آهي ، باقي ڊولپمينٽ ۽ پگهارن لاءِ الڳ پيسا آهن.
    ايتري بجيٽ هجڻ جي ڪري هِن يونيورسٽي ريسرچ جي ميدان ۾ ڪم به سٺو ڪيو آهي، جو هن وقت تائين هن يونيورسٽيءَ دنيا جي ٽاپ ريسرچ انڊيڪس آءٌ ايس آءِ ۾ 14179 آرٽيڪل اچي چڪا آهن جيڪي دنيا سطح تي 69200 دفعا ريفرينس طور استعمال به ڪيا ويا آهن ان کان پوءِ اسڪوپس انڊيڪس ۾ 17317 ريسرچ پيپر ڇپيا آهن جيڪي به 88370 دفعا سائيٽ ٿي چڪا آهن، انهن ريسرچ پبليڪيشنس کان علاوه 594 مختلف قسم جون ايجادون ڪيون آهن. 728 پيٽنٽ ۽ 34 ڪمرشل پراڊڪٽ ڏنيون آهن.

    يونيورسٽي ملايا جون منفرد ڳالهيون:
    هن يونيورسٽيءَ ۾ 80 ايڪڙن تي مشتمل باٽنيڪل گارڊن آهي، جيڪو ريسرچ جي ڪم لاءِ خاص ٺاهيو ويو آهي، ان کان علاوه هڪ تجربيگاه به آهي جيڪو ست هيڪٽرس تي مشتمل آهي،جنهن ۾ ڪيٽل، فش، پولٽري، فلاور، ۽ فروٽ آهن، جتي انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد ۽ استاد ريسرچ ڪن ۽ سکن ٿا. هتي ميوزيم آف ايشين آرٽ به آهي ته ميوزيم آف ذولاجي به آهي، هن ميوزيم ۾ 50 هزار جيت، 150 کير ڏيندڙ جانور ان کان علاوه مختلف فيلڊس تي اسٽڊي سينٽرس به آهن جتي لاڳاپيل شعبن ۾ تحقيق ڪئي وڃي ٿي.

    يونيورسٽي ۾ ٻيون سهوليتون:
    لائبرري، سيڪيورٽي آفيس، پوسٽ آفيس، بئنڪ ، ڪلينڪ، ڪيفيٽيريا، ٽرانسپورٽ، ٽريول ايجنسي، اسپورٽس گرائونڊ، رهائشي ڪامپليڪس، آڊيٽوريم ۽ ڪانفرنس هال وغيره. ان کان علاوه يونيورسٽي طرفان ميسيج سروس به آهي جنهن ذريعي شاگردن کي پنهنجي رزلٽ، فيس ، ڪورس تفصيل، ٽائيم ٽيبل ۽ ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي ٿي.
    رهائش:
    هتي رهائش لاءِ 13 رهائشي ڪاليج آهن، هن يونيورسٽي ۾ هاسٽل کي ڪاليج چون ٿا، جن ۾ اٽڪل 12 هزار شاگرد رهي سگهن ٿا. هينئر 65 پرسنٽ ڪاليج انڊر گريجوئيٽ لاءِ آهن، جنهن جي فيس روزاني حساب سان 8 کان 12 رنگٽ آهي، يعني مهيو 200 کان 300 رنگٽ. اها رقم 5000 هزار کان 7500 روپيا پاڪستاني ٿي. پر اهم ڳالهه ته انهن پيسن ۾ شاگردن کي ماني به ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته ماني کان بغير وارن جي فيس 4.50 کان 6.50 آهي، بين الاقوامي شاگردن لاءِ فيس ڪجهه وڌيڪ آهي، انٽرنيشنل شاگردن لاء هڪ رهائِش يونيورسٽي آف ملايا انٽرنيشنل هاسٽل آهي جيڪا يونيورسٽي کان 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي جنهن ۾ 4 بلاڪ آهن ۽ 90 يونٽ آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل ست ها سٽلون آهن جن ۾ گنجائش کان وڌيڪ شاگرد رهائڻ کان پوءِ به 2500 کان 3000 هزار شاگرد ئي رهن پيا ، جڏهن ته هي 10 سيڪڙو شاگرد ٿين ٿا، باقي شاگرد يونيورسٽي کان ٻاهر رهن جنهنڪري انهن جو ٽائيم به ضايع ٿئي ته وري پيسو به ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا الڳ ، ته ٽراسپورٽ جي مشڪلاتن کي الڳ منهن ڏين. ڪجهه شاگردن کي ڀرواري شهرن ۾ ضرور پنهنجا گھر آهن پر هي يونيورسٽي جيئن ته صوبي جي وڏي ۾ وڏي ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي جنهن ڪري سڄي صوبي جا شاگرد هن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺن ٿا، ڪراچي کان ڪشمور جي لاءِ هن يونيورسٽي جا دروازا ته کليل آهن پر افسوس ٻين سهوليتن سان گڏ رهائشي سهولتن جي به شديد کوٽ رهي آهي، جنهنڪري شاگرد ٻاهر رهڻ تي مجبور آهن. مون ته ملائشيا ۾ اهو به ڏٺو آهي ته لوڪل شهر جا شاگرد به هاسٽل تي رهن ٿا ته جيئن هو فل ٽائيم پنهنجي پڙهائي ۽ ڪيمپس تي ٿيندڙ ايڪسٽرا ڪرڪيولم ايڪٽوٽيز ۾ حصو وٺي سگهن ۽ امتحانن ۾ ٻين دوستن سان گڏيل تياري ڪري سگھن، نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽي ملايا جي جتي پکيڙ صرف 750 ايڪڙن تي مشتمل آهي اتي يونيورسٽي آف سنڌ کي باوجود قبضا مافيا جي هينئر به 8000 هزار ايڪڙ زمين اڃا تائين آهي. هاڻي نه زمين جو مسئلو آهي نه شاگردن جي کوٽ جو بس ويزن ۽ دلچسپي جي ڳالهه آهي جتي ٽرانسپورٽ تي يونيورسٽي لکين روپيا مهينو خرچ ڪري ٿي اتي جي ڪجهه هاسٽلون وڌيڪ ٺهرا.ئي ته ٽرانسپورٽ مان به پيسا بچت ٿين، ۽ وري هاسٽل جي فيس مان به.. پر اسان وٽ الٽو حساب آهي شاگردن کي رهائشي سهولتون نه ڏئي هڪ ته يونيورسٽي پنهنجي پيسي جو زيان ڪري رهي آهي ٻيو وري شاگردن جي تعليم جو، سڄي دنيا ۾ شاگرد هاسٽلن ۾ رهن پر اسان وٽ 80 کان 90 سيڪڙو شاگرد يونيورسٽين کان ٻاهر!. مون ڪيترن ئي شاگردن کي پريشان ٿيندي ڏٺو آهي. بحرحال هتي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جي هر پنجن سالن جي منصوبي ۾ هڪ 500 ڪمرن جي نئي هاسٽل ڇوڪرن ۽ هڪ ڇوڪرين لاءِ جوڙائي وڃي ته مسئلو ٻن ڏهاڪن ۾ حل ٿي ويندو. ٺهڻ ته هڪ دفعي ئي 10 هاسٽلون ايمرجنسي بنياد تي گھرجن. جتي اسان جي پٺتي پيل سماج ۾ ڇوڪرا وري به ڌڪا ٿاٻا کائي وقت گذاري سگهن ٿا پر ڇوڪرين لاءِ ڄڻ ناممڪن آهي ته فيملي کان سواءِ رهن پر جي اجارت ملين به ته هاسٽل کان ٻاهر رهي سگھن، اسان وٽ ڇوڪرين جي هاسٽل جي حالت اها آهي جو ٽي وي حال ۽ ڪاريڊورس ۾ به رهايو پيو وڃي. جتي ڇوڪريون ٻاهرين معاشري جي غير موافق حالتن ڪري رهڻ تي مجبور آهن پر اڪثر يونيورسٽي ۾ اهڙي قسم جي رهائش به نه ملڻ جي ڪري وڌيڪ پرِيشان ٿي ٻاهر رهڻ تي مجبور آهن يا مرڳو يونيورسٽي ئي ڇڏي وڃن ٿيون .
    اسان وٽ جتي ڪمرو ملي ته گنجائش کان وڌيڪ شاگرد رهن. ٻن جي جڳهه تي چار ۽ ٽن جي جڳهه تي پنج، اهڙي حالت ۾ ڪمري اندر فرنيچر يعني ٽيبل ڪرسي جي گنجائش ساڳي رهي ٿي ، پوءَ شاگر ويچارا سمهڻ لاءِ به پريشا ٿين ٿا ته وري پڙهڻ لاءِ به پريشان.
    ملائشيا ۾ ته اڪثر هر شاگرد جو ڪمرو الڳ آهي جنهن ۾ ڪرسي ٽيبل ۽ بيڊ به پيل آهي ته اٽيج باٿروم به. پرائيوسي به ملي ٿي، جنهنڪري پڙهائي ۽ آرام به بهتر ٿئي.

    فيڪلٽيز:
    هن يونيورسٽيءَ ۾ ڪل 12 فيڪلٽيون آهن، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل 8 فيڪلٽيون آهن، جن مان صرف ٻه فيڪلٽيون ساڳي نالي سان آهن جيئن فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ۽ فيڪلٽي آف لا، باقي هي ٽي فيڪلٽيون ته سنڌ يونيورسٽي ۾ آهن ئي ڪون جن ۾ ڊينٽيسري، انجنيئرنگ، بلٽ انوائرنمينٽ. ڪجهه اهڙيون فيڪلٽيون آهن جيڪي سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبن جي حيثيت ۾ ڪنهن فيڪلٽي ۾ ضم ٿيل آهن جيئن اسان وٽ آهي اڪانامڪس شعبو ، پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبو ، اهي ٻئي شعبا هتي الڳ فيڪلٽي جنهن کي فيڪلٽي آف اڪانامڪس ۽ ايڊمنسٽريشن ٿا چون ، ان ۾ گڏ آهن پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وري سوشل سائنس فيڪلٽي ۾ ضم ٿيل آهن، اهڙي طرح هتي فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي آهي پر اسان وٽ ان سان لاڳاپيل شعبا فيڪلٽي آف نيچرل سائنس ۾ آهن. حالانڪ دنيا سڄي ۾ هي شعبا الڳ فيڪلٽي جي حيثيت ۾ آهن پر اسان وٽ نه. ائين ئي وري هتي فيڪلٽي آف سائنس آهي ۽ اسان وٽ فيڪلٽي آف نيچرل سائنس. پر فرق اهو آهي ته جتي اسان وٽ ڪمپيوٽر ، آءِ ٽي به هن ۾ گڏ آهي ته اتي ڪيمسٽري، بايولاجي، انوائرنمينٽ، آرڪيالاجي ۽ اينٿروپالاجي به، پر ملائشيا جي هن پهرين نمبر يونيورسٽي ۾ ائين نه آهي هتي سائنس ۾ اهي ذڪر ڪيل شعبن مان ڪافي ته الڳ فيڪلٽي جي حيثيت ۾ آهن جيئن فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، فيڪلٽي آف بلٽ انوائرنمينٽ. ان کان علاوه اينٿرو ۽ آرڪيالاجي، جاگرافي جا شعبا ته فيڪلٽي آف سوشيولاجي ۾ آهن نه ڪي فيڪلٽي آف نيچرل سائنس ۾.
    ان حساب سان ڏٺو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف نيچرل سائنس جيڪا اڌ کان وڌيڪ يونيورسٽي تي مشتمل آهي، ان کي جيڪڏهن ٽوڙي وڌيڪ فيڪلٽيون ٺاهيون وڃن ته بهتر نموني سان ڪم ڪري سگھن ٿيون، جو هڪڙي ڊين کي ڪيترن ئي مختلف ۽ اڻواقف شعبن کي هلائڻ کان بهتر آهي ته ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڊين آف فيڪلٽي بڻايو وڃي. تنهنڪري هن فيڪلٽي کي بهتر هلائڻ لا پنجن فيڪلٽيز ۾ ٽوڙيو وڃي جيئن فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، فيڪلٽي آف انوائرنمينٽ سائنس ۽ جيالاجي، فيڪلٽي آف ڪيميڪل سائنس ، فيڪلٽي آف بايولاجيڪل سائنس، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ ۽ مئٿميٽڪس، پر نه ته به فيڪلٽي آف سائسن کي وڌيڪ ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ان ۾ فيڪلٽي آف نيچرل سائنس ، فيڪلٽي آف آرٽيفيشل سائنس، فيڪلٽي آف انوائرنمينٽ ۽ جيالاجي قائم ڪيون وڃن. اهڙي طرح فيڪلٽي آف آرٽس ۾ شامل ٻولين کي الڳ ڪري فيڪلٽي آف لينگئيج ۽ لٽريچر قائم ڪئي وڃي ان کان علاوه باقي فيڪلٽي آف آرٽس کي نئين سر فيڪلٽي آف آرٽس ۽ فلاسافي جو نالو ڏنو وڃي، اهڙي طرح سان سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئن هن وقت فيڪلٽي آف انجينئرنگ ۽ ميڊيسن موجود نه آهن .ان ڪري هي ٻئي فيڪلٽيون الڳ سان نئي سر قائم ڪيون وڃن ته جيئن يونيورسٽي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ فائيديمند به ٿي سگهي ۽ دنيا سطح تي هڪ مڪمل يونيورسٽي هجي جتي دنيا جي مڃيل سڀني شعبن ۾ تعليم ڏني وڃي. حالانڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪک مان جنم ورتل مهراڻ ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنس ڀرسان ئي موجود آهن پر سنڌ جي آدمشماري ايتري آهي جو سنڌ يونيورسٽي پنهنجي ايراضي ۽ وسيلن مان ته هي ٻه وڌيڪ فيڪلٽيون به کولي سگھي ٿي، حالانڪ زمين جو مسئلو ته بلڪن به نه آهي جو هن وقت به هزارين ايڪڙ زمين خالي پئي آهي ۽ اجايا پيا قبضا ٿين.
    اهڙي طرح فيڪلٽي آف سوشل سائنس مان به هڪ وڌيڪ فيڪلٽي ٺاهي وڃي، جنهن کي فيڪلٽي آف اڪانامڪس ۽ ايڊمنسٽريشن جو نالو ڏنو وڃي.

    ملائشيا ۾ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽيون ۽ ڪاليج :
    ملائشيا ۾ ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن ته ڪيترا ئي ڪاليج به شامل آهن. ان کان علاوه فارين يونيورسٽي برانچ ڪئمپس به هتي ڪم ڪن ٿا، جن جي بين الاقوامي سطح تي سٺي رينڪنگ ۽ اهميت به آهي. هڪ اهم ڳالهه ته ملائشيا جي هر شاگرد جي پهرين چوائس هتان جون پبلڪ يونيورسٽيون هونديون آهن پر ميرٽ تي داخلا نه ملڻ يا اسڪالرشپ جي نه ملڻ ڪري پوءِ هو پرائيويٽ يونيورسٽين ڏانهن ڊوڙي ٿو، جتي به سخت مقابلو هوندو آهي. هتي جي 20 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ جتي هونئن شاگردن جو تناست استادن ۽ ڪلاسن جي تناست يعني سهوليتن پٽاندڙ هوندو آهي، نه ڪي اسان جي ملڪ وانگر ته ميرٽ کان پوٰءِ جيترا به سيلف فنانس تي فارم آيا، داخلا ڏئي ڇڏين پوءِ رهڻ لاءِ ڀلي هاسٽل ۾ ڪمرو به نه ملي يا وري شهر مان ڪئمپس اچڻ لاءِ پراڻي بس ۾ به بيٺو ۽ لڙڪندو اچڻو پوي يا وري ڪلاس ۾ پويان ويهڻ جي جڳهه ملي جتي استاد جو نه آواز سمجهه ۾ اچي نه وري بورڊ تي اکر چٽا ڏسڻ ۾ اچن، نه وري ڪينٽين تي ماني آساني سان ملي، نه واش روم ۾ صفائي سٿرائي جو انتظام هجي. بهرحال ملائشيا جي پرائيويٽ ادارن ۾ وري هتان جي چيني آبادي جو زور هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو گورنمينٽ يونيورسٽين ۾ سندن داخلا جو تناسب تمام گھٽ آهي، جنهنڪري انهن کي پرائيويٽ ادارن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو، جتي اڪثر استاد به چيني يا فارينر هجڻ ڪري انهن لاءِ ڪشش وڌيڪ هوندي آهي، ٻيو سبب هتان جي گورنمينٽ يونيورسٽين ۾ چينين ۽ انڊين ڪميونٽي لاءِ تمام ٿوريون سيٽون هجڻ ڪري هو پرائيويٽ يونيورسٽين ڏانهن رخ ڪن ٿا، جنهنڪري به پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ معيار آهي ۽ مقابلو به. حالناڪ سهوليتون خاص طرح ڪئمپس جو ڪشادو هجڻ، فيس گھٽ هجڻ، رهائش جي آساني ۽ ٻين سهولتن ۾ گورنميٽ يونيورسٽيون وڌيڪ بهتر آهن. بحرحال ملائشيا جا پرائيويٽ تعليمي ادارا ايڪٽ 1996ع هيٺ رجسٽرڊ آهن، جن ۾ 40 کان 45 جي لڳ ڀڳ پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي پرائيويٽ هاير ايجوڪيشن ڪاليج آهن، جن جو تعداد لڳ ڀڳ 30 ٿيندو. ۽ 9 فارين يونيورسٽي برانچ ڪئمپس آهن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

    1 موناش يونيورسٽي سلينگور آسٽريليا
    2 ڪرٽن Curtin يونيورسٽي سرواڪ آسٽريليا
    3. يونيورسٽي ناٽنگهم سلينگور ۽ ڪولالمپور برطانيا
    4. سونبرن Swinburn يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي سراواڪ آسٽريليا
    5. نيو ڪيسل New castle يونيورسٽي ميڊيسن ملائشيا جوهر برطانيا
    6. يونيورسٽي آف سائوٿمپٽن Soutampton ملائشيا جوهر برطانيا
    7. هيرئوٽ وال Heriot-wall يونيورسٽي ملائشيا جوهر برطانيا
    8. يونيورسٽي ريڊ نگ ملائشيا جوهر برطانيا
    9. زائمن Xiamen يونيورسٽي ملائشيا سيپانگ، سلينگور چائنا


    ملائشيا جون پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج

    ملائشيا ۾ تقريباَ 45 جي قريب پرائيويٽ يونيورسٽيون آهن انهن کان علاوه مختلف ڪاليج به آهن جيڪي هاير ايجوڪيشن مطابق ڊگري پروگرام ڪرائين ٿا جن جو تعداد تقريباَ 30 ٿيندو.. هتي پرائيويٽ يونيورسٽين جا نالا ڏجن ٿا، جن مان ڪجهه اهم يونيورسٽين جي باري ۾ تفصيل به شامل آهي. پرائيويٽ يونيورسٽيون هن ريت آهن:
    ملٽي ميڊيا يونيورسٽي، يونيورسٽي تينگا نيشنل، يونيورسٽي تن عبدالرزاق، يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس، انٽرنيشنل ميڊيڪل يونيورسٽي، يونيورسٽي سلينگور، اوپن يونيورسٽي ملائشيا، ملائشيا يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ائمسٽ يونيورسٽي، يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان، يونيورسٽي ڪولالمپور، ووسن اوپن يونيورسٽي، البخاري انٽرنيشنل يونيورسٽي، المدينه انٽرنيشنل يونيورسٽي، انٽرنيشنل سينٽر فار ايجوڪيشن فار اسلامڪ فائنانس، لنڪونگ يونيورسٽي آف ڪريئيٽو ٽيڪنالاجي، مئنجمينٽ ۽ سائنس يونيورسٽي، ايشيا ِاي يونيورسٽي، يوسي ايس آءِ يونيورسٽي، ٽيلر يونيورسٽي، سن وي يونيورسٽي، مني پال انٽرنيشنل يونيورسٽي، پردانا يونيورسٽي، يونيٽار انٽرنيشنل يونيورسٽي، ريفلس يونيورسٽي اسڪندر، ملائشيا انسٽيٽيوٽ آف سپلاءِ چين، نيلائي يونيورسٽي، سيجي يونيورسٽي، ايشيا پيسفڪ يونيورسٽي آف ٽيڪنالجي اينڊ انووشن، بائنري يونيورسٽي آف مينجيمينٽ اينڊ انٽرپرينرشپ، انفراسٽرڪچر يونيورسٽي آف ڪولالمپور، ايشيا ميٽروپوليٽن يونيورسٽي، پترا بزنس اسڪول، گلوبل اين ايڪس ٽي يونيورسٽي، ماشا يونيورسٽي، انٽرنيشنل يونيورسٽي آف ملايا ويلس، يونيورسٽي آف ملائشيا آف ڪمپيوٽر سائس اينڊ انجينيرنگ، يونيورسٽي اسلام ملائشيا سائبرجايا، DRB-HICOM University Automotive Malaysia، ۽ ايشيا اسڪول آف بزنس وغيره شامل آهن. پرائيويٽ يونيورسٽيون گھڻي ڀاڱي ڪولالمپور فيڊرل ايريا ۾ يا وري ان جي ڀرسان واري رياست سلينگور ۾ آهن. يا سندن مين ڪئمپس ڪولالمپور ۾ آهن ته ايڊيشنل ڪئمپس ٻين رياستن جي مختلف شهرن ۾. ڪجهه پرائيويٽ يونيورسٽين جا مين ڪئمپس به ٻين رياستن ۾ ضرور آهن. جيئن يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس، يا يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان وغيره.
    مٿي ذڪر ڪيل سڀني پرائيويٽ يونيورسٽين جو ڇا معيار آهي، يا ڪهڙي اهميت آهي، ڪا ڳالهه پوري يقين سان ته نٿي ڪري سگھجي پر ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته ملائشيا جي حڪومت هروڀرو ڪنهن اداري کي يونيورسٽي جو اسٽيٽس نه ڏيندي. تنهنڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته هتان جون پرائيويٽ يونيورسٽيون به بهتر هونديون. باقي اهو آهي ته ڪئمپس جي ايراضي ۽ شعبن جو تعداد گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿو. اڪثر يونيورسٽيون صرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي آهن جو پرائيويٽ ادارن جو سڄو فوڪس ڪمائڻ تي آهي، ۽ ڪمائڻ وارا سبجيڪٽ جن ۾ اڄڪلهه نوجوانن جو رجحان آهي، انهن ئي شعبن کي اڪثر پرائيويٽ يونيورسٽيون اوليت ڏين ٿيون. باقي يونيورسٽي جي ڪئمپس جي ايراضي جي شايد ڪنهن وٽ اهميت نه هجي پر آءٌ هميشه سوچيندو آهيان ته هڪ بنگلي وارو ڪاليج يا يونيورسٽي انسان جي مزاج ۾ تنگي پيدا ڪن ٿا، ۽ کليل ڪئمپس انسان کي قدرت جي ويجهو ۽ کليل دل وارو ڪري ٿو، جتي وڻڪاري ، وڏا ميدان هجن، وڏا پيچرا به ته قدرتي آبهوا ۾ ساه کڻڻ جي سهولت به. ان ڪري منهنجي راءِ اها آهي ته جنهن به اعليٰ تعليمي اداري ۾ داخلا وٺجي اهو ڪو هڪ بنگلي تي مشتمل نه هجي جو ائين لڳي ته ماڻهو ڄڻ ٽيوشن سينٽر تي پيو پڙهي نه ڪي ڪنهن يونيورسٽي ۾. بهرحال آءٌ ملائشيا جون پرائيويٽ يونيرسٽيون ته ڪون ڏسي سگھيس تنهنڪري ايتري خاطري سان سڀني پرائيويٽ ادارن جي باري ۾ نٿو لکي سگھان، پر ڪجهه پرائيويٽ يونيورسٽين بابت وڌيڪ ٻڌڻ ۾ آيو يا جن جو ايشيا جي معياري يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿو، انهن مان ڪجهه اهم يونيورسٽين جو ذڪر هتي ڏيان ٿو، ان ۾ 1، ملٽي ميڊيا يونيورسٽي MMU ، 2 يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس UTP ، 3، يونيورسٽي ڪولالمپور UNIVERSITY KUALALUMPUR UniKl، 4، سيجي يونيورسٽي SEGI University ، 5 يونيورسٽي تنڪو غبدالرحمان ,6 ٽيلر يونيورسٽي اچي وڃن ٿيون.
    هونءَ ته ملائشيا جي گورنمينٽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پرائيويٽ يونيورسٽين کي ڪجهه فنڊنگ ۽ وظيفا ضرور ڏئي ٿي. پر ڪِن کي وڌيڪ ۽ ڪِن کي گھٽ. جيئن مددي فنڊ يا وري حڪومت جي ڪنهن اداري جي طرفان فنڊنگ ٿئي، جنهنڪري وري هنن ادارن کي حڪومت طرفان جيڪا بين الاقوامي شاگرد اسڪالرشپ آهي انهي جي تحت به هنن ادارن ۾ داخلا وٺندڙ، پبلڪ يونيورسٽين جيان درخواست ڏيڻ جا اهل آهن. حڪومت جي ان اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھن باقي رهيل ٻيون يونيورسٽيون به يقيناَ بهتر ئي هونديون پر آءِ هتي هنن يونيورسٽين جو ذڪر ان ڪري ڪري رهيو آهيان جو انهن مان ڪجهه ۾ سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن جيڪي انهن يونيورسٽين مان مطمئن آهن ٻيو هتي جي حڪومت جي سپورٽ به انهن يونيورسٽين کي ضرور آهي.. ان کان علاوه فارين يونيورسٽي برانچ يا ڪئمپس جي اهميت پنهجي جڳهه تي جو انگلينڊ يا آسٽريليا جي ڊگري هتي ملائشيا ۾ مليو وڃي ٿي.
    منهنجي راءِ انهن ادارن جي باري ۾ ائين بيهي ٿي ته جي انهن مان ڪا اسڪالرشپ ملي وڃي ته ضرور پڙهجي، نه ته پنهنجن پيسن تي اچي ملائشيا جي ڪنهن سٺي يونيورسٽي ۾ پڙهجي باقي پنهنجو ملڪ ڇڏي ملائشيا اچجي ۽ وري ڊگري وٺجي آسٽرليا يا يورپ يا وري آمريڪا جي ڪنهن اداري مان ته ڪهڙو فائدو يا ته ماڻهو انهن ملڪن ڏانهن وڃي پڙهي يا وري پاڪستان ۾ ئي انهن يونيورسٽين جون برانچون قائم آهن، اتي ئي پڙهجي. باقي ملائشيا ۾ رهي ڪري ملائشيا جي ڪنهن يونيورسٽي جي ڊگري وٺجي ته دل سان ڳالهه لڳي ٿي، نه ته وري به اهو ئي احساس ۽ وضاحتون ته ڊگري فلاڻي يونيورسٽي جي فلاڻي ملڪ جي آهي بس ملائشيا ۾ برانچ اٿن اتان ڪئي آهي، هر ڪنهن جو پنهنجو خيال هوندو آهي، منهنجا ڪجهه دوست چوندا آهن ته مستقبل ته وري آسٽريليا ،نيوزيلينڊ ، ڪيناڊا يا وري يورپ ۾ آهي، تنهنڪري ڊگري اتان جي يونيورسٽين جي حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ ملائشيا اچڻ سان سولي ملي وڃي ٿي ته پوءِ ڇو نه فائدو وٺجي، ملائشيا وارا ته نه مستقل رهائش ڏين نه وري هاڻي نوڪريون عام پيا ڏين، ويتر وڃي سندن حڪومت ٻاهرين ماڻهن لاءِ ڏينهون ڏينهن رعايتون گھٽائيندي پئي وڃي.
    هيٺ آءٌ مختلف پرائيويٽ يونيورسٽين جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان ان ڪري ڪري رهيو آهيان جن ۾ ڪجهه سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ اهي مطمئن به آهن، باقي وڌيڪ هتي موجود پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ جي ڪنهن کي هتان جي اسڪالرشپ ملي ته ضرور پڙهڻ اچي نه ته پبلڪ يونيورسٽيون يا هي تفصيل سان ٻڌايل پرائيويٽ يونيورسٽيون ئي اهم آهن.

    (ا) يونيورسٽي ملائشيا پيٽروناس (UTP)
    جيئن ته آءٌ پاڻ هي يونيورسٽي پيٽروناس گھمي آيو آهيان جتي منهنجي پروفيسر سائين اسدلله شاهه صاحب کي پي ايڇ ڊي جي شاگرد جو امتحان وٺڻو هيو ته سائين چيو پنڌ پري آهي هلو ته گڏجي هلون توهان به يونيورسٽي ۽ علائقو گھمي وٺندا ۽ مون کي به ڪمپني ملي ويندي، ان يونيورسٽي ۾ اسان جي تقريباَ 15 کان 16 سنڌي شاگردن سان ملاقات ٿي، جن ۾ احسان ابڙو جيڪو آءِ بي سکر ۾ ليڪچرر آهي ۽ هتي اسٽڊي ليو تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيو، ان سان گڏ عبدالرحمان گلال جيڪو به احسان ابڙو سان گڏ سکر ۾ ڪم ڪندو هيو ٻئي هتي موڪل تي آيل هئا، ٻيو اسان جو دوست عبدلستار ساند جيڪو قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي طرفان هتي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، انهن دوستن ٻڌايو ته هتي تقريباَ 30 کان 35 سنڌي شاگرد ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن، جن مان 90 سيڪڙو هن يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي آيل آهن. هي يونيورسٽي جيتوڻيڪ ڪولالمپور کان ڪافي پري پيراق رياست جي گادي واري شهر اپوه کان به 25 ڪلوميٽر پري بلڪل ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ اسڪندريا ۾ آهي پر ڏاڍي خوبصورت ۽ عاليشان آرڪيٽيڪچر سان جديد عمارت هجڻ ڪري ڏاڍي وڻي. يونيورسٽي جي ڪري کڻي ميڪڊونلد يا وري ڪجهه انٽرنيشنل ليول جا شاپنگ سينٽر به يونيورسٽي جي ڀر ۾ ٺهي ويا آهن، پر رستي ۾ زمينون ۽ ننڍا ننڍا ڳوٺ ئي هيا ، جنهن ڪري دوستن ٻڌايو ته يونيورسٽي کان ٻاهر ڳوٺن ۾ ماڻهن جا گھر سٺا ٺهيل آهن جيڪي سستا ڪرائي تي ملي وڃن ٿا جنهنڪري اڪثر شاگرد يونيورسٽي جي ڀر وارن گھرن ۾ رهن ٿا خاص طور اهي شاگرد جيڪي پاڻ سان فيملي گڏ وٺي آيا آهن. هي يونيورسٽي جيئن ته هتي جي تيل ڪمپني پيٽروناس وارن جي ٺهيل آهي جنهن ڪري هن يونيورسٽي وٽ تمام گھڻي بجيٽ آهي، ان سبب ڪافي اسڪالرشپس ڏين ٿا. جنهن سبب 200 کن پاڪستاني شاگرد هتي آهن جن ۾ 35 کان 40 سنڌ جا شاگرد به شامل آهن . بس يونيورسٽي طرفان سٺي ڪارڪردگي ۽ ريسرچ پيپر سان گڏ هفتي ۾ ڪجهه ڪلاڪ هتان جي لوڪل شاگردن کي بيچلر ڊگري پروگرام ۾ پڙهائڻو پوي ٿو، جنهن ڪري اسان کي فيس به معاف ٿي آهي ته ماهوار وظيفو به ملي ٿو، سندن چوڻ هيو ته محنت ضرور وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي پر سکيو ۽ پرايو تمام گھڻو آهي ٻيو مفت ۾ پرائي ملڪ ۾ ايترو رهڻ پنهجي ڊگري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو اسان کي ڇا گهرجي. هو ڏاڍا خوش نظر آيا ، سندن خوش هجڻ جو سبب اهو به هيو ته ايترا سارا پاڻ ۾ هجڻ ڪري هو پاڻ کي اڪيلا محسوس نه ٿا ڪن، نه وري گھر وڃڻ جي ڪا وڏي سڪ لڳين ٿي. هن يونيورسٽي جو چيئرمين ملائشيا جو اڳوڻو وزيراعظم مهاتير محمد آهي.جنهن بابت دوستن ٻڌايو ته وقت به وقت هتي ايندو رهي ٿو هنن به سندس ڪيئي تقريرون ٻڌيون آهن، شايد مهاتير محمد جي ئي محنت آهي جو پرائيوِيٽ يونيورسٽين ۾ انجينيرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان هي يوينورسٽي سڀ کان بهتر معيار واري ليکي وڃي ٿي. هي يونيورسٽي ايشيا جي درجه بندي ۾ 101 نمبر تي آهي.

    .(2) يونيورسٽي ڪولالپور
    (University Kualalumpr Unikl)
    www.unikl.edu.my
    هي يونيورسٽي خاص ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل آهي جنهن ۾ هڪ انسٽيٽيوٽ هڪ ٽيڪنالاجي جي پاليسي تحت جوڙيا ويا آهن، جنهن ڪري مختلف ڪئمپس ۾ فقط هڪ فيڪلٽي هوندي آهي. هن يونيورسٽي جو خاص مقصد ملائشيا ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي ترقي ڏيارڻ آهي، هن يونيورسٽي جو هڪ ڪئمپس انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي ڀر ۾ هيو، جتي سنڌ جو هڪ استاد پروفيسر ڊاڪٽر فيض محمد جنهن جو تعلق سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سان آهي جنهن سان سائين اسدالله شاهه جي دوستي ڪري سلام دعا ٿي، ان وٽ سنڌي شاگرد ڪامران جويو به پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، ته وري ٻيا ڪجهه پنجابي دوست به. انهن کان علاوه هالا جو شاهه سلام به هن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. ان ئي يونيورسٽي سان اسان جي سنڌ مدرسته لاسلام يونيورسٽي ڪراچي جو ميمورينڊم به ٿيل آهي، هي يورنيورسٽي به پرائيوِت يونيورسٽي هوندي به آسودي يونيورسٽي آهي، جو کيس يورپين يونين جي ڪيترن ئي ملڪن جي فنڊنگ سان گڏ ملائشيا گورنمينٽ جي فنڊنگ به ميسر آهي، ڊاڪٽر فيض ۽ ڪامران جويو مطابق اسڪالرشپس به آهن ته ڪيترا ئي پراجيڪيٽس به. جنهن ڪري ذهين شاگردن کي جيڪي خاص طور انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل آهن انهن کي هن يونيورسٽي ۾ اوليت ڏني وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جا ڪولالمپور شهر ۾ ئي 5 ڪئمپس آهن ڪولالمپور جي ڀرسان واري رياست سلينگور ۾ 4 ڪئمپس آهن باقي ٻه ڪئمپس اتر وارين ٻن رياستن ڪيداه ۽ پيراق ۾ آهن ته وري ٻه ڪئمپس اوڀر وارين رياستن ملاڪا ۽ جوهر ۾ به آهن. مطلب پوري ملائشيا ۾ ڪل ملائي ڪري 14 ڪئمپس يا انسٽيٽيوٽ آهن جو هن يونيورسٽي جي خاص ڳالهه 14 انسٽيٽيوٽ معني 14 مختلف اسپيشلائزيشن جا پروگرام آهن مطلب هر انسٽيٽوٽ ۾ هڪ خاص فيلڊ ۽ ان سان لاڳاپيل شعبا پڙهايا وڃن ٿا. هن جي مختلف انسٽيٽيوٽس مان اسان جي ڀرسان واراو انسٽيٽيوٽ برٽش ملائشيا يونيورسٽي ڪولالمپور انسٽيٽيوٽ هيو، اهڙي ريت ٻيا ڪجهه هن ريت آهن، يونيورسٽِي ڪولالمپور ملائشيا فرانس انسٽيٽيوٽ، يونيورسٽي ڪولالمپور اسپينش ملائشيا انسٽيٽوٽ وغيره.

    (3) ٽيلر يونيورسٽِي Taylor University
    ٽيلر يونيورسٽي ۾ نالي وارو سنڌي اديب ليکڪ گل بليدي استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي. ته سندس ٻار به هن يونيورسٽي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن. ان کان علاوه سنڌ جي نالي واري دانشور جامي چانڊيو جو پٽ عاطف جامي به هن يونيورسٽي جي لاڳاپيل ڪاليج مان A ليول ڪئي آهي. تنهن ڪري هن يونيورسٽي جي تعليم ۽ معيار سان گڌ مڃيل اداري هجڻ تي ڪو به شڪ نه آهي. هي يونيورسٽي به هتي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ مڃيل اداري جي حيثيت رکي ٿي. پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ هن يونيورسٽي جي ڪئمپس به ڪولالمپور ۾ هجڻ باوجود تمام خوبصورت ۽ ڪافي گھڻي ايراضي تي پکڙيل آهي. مختلف اسڪالرشپس ڏيڻ جي حوالي سان به هي يونيورسٽي ڪافي مشهور آهي. تنهنڪري هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي اسڪالرشپس لاءِ ضرور معلومات ڏسڻ گھرجي. ايشيا جي ريڪنگ ۾ هي يونيورسٽي 150 نمبر تي اچي ٿي.

    (4) سيجي يونيورسٽي SEGI University
    سيجي يا سيگي يونيورسٽِي ۽ ڪاليج هتان جا مڃيل ۽ مشهور ادارا آهن، هن ۾ سائين پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله جو پٽ به پڙهي رهيو آهي، سائين مطابق مهانگو ادارو آهي پر معيار تمام اعليٰ اٿس ۽ ملائشيا ۾ پرائويٽ هوندي گورنمينٽ جي يونيورسٽين جيتري اهميت اٿس، ته وري تمام سخت انتطاميه به، جنهن ڪري ٻار هڪ ڊسيپلين ۾ رهي محنت ڪري ٿو

    (5) يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان UTAR University
    هن يونيوسٽي جي پيراق رياست واري ڪئمپس ۾ سنڌي پروفيسر ظفرالله نظاماڻي به آهي، هن يونيورسٽي جا 2 ڪئمپس آهن ، مين ڪئمپس ڪمپار آهي جيڪو پيراق رياست جي شهر ڪمپار ۾ آهي ۽ ٻيو ڪئمپس سلينگور رياست جي شهر ڪجنگ ۾ ڪولالمپور ڀرسان واقع آهي، هن يونيورسٽي جو مين ڪئمپس ڪمپار پيراق رياست جي گادي واري شهر اپوه کان تقريباَ 35 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي ، هن رياست ۾ جيئين ته هڪ ٻي مشهور پرائيويٽ يونيورسٽي يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس به آهي. انهن ٻنهي يونيورسٽين ۾ 28 ڪلو ميٽر جو مفاصلو آهي، هي يونيورسٽي هتان جي سياسي پارٽي MCA (Malaysian Chinese Association) جي طرفان ٺاهي ويئي آهي، جنهن جي شروعات هڪ ڪاليج کان ٿي جيڪو اڄ به ڪولالمپور ۾ آهي جنهن جو نالو ملائشيا جي پهرين وزير اعظم تنڪو عبالرحمان جي نالي پٺيان رکيو ويو يعني ڪاليج تنڪو عبدالرحمانKTAR پر پوءِ الڳ سان ساڳي پراجيڪٽ مان گورنمينٽ جي منظوري سان هي يونيورسٽي به قائم ڪئي وئي، جنهن جو نالو آهي يونيورسٽي ٽيڪنالاجي تنڪو عبدالرحمان UTAR . هنن جو ڪاليج اڄ به سيتاپاڪ Setapak ڪولالمپور جي علائقي ۾ موجود آهي باقي يونيورسٽي جا ٻه ڪئمپس الڳ سان موجود آهن. هن يونيورسٽي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ بزنس جي بيچلر ڊگريز تي خصوصي توجهه ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي به ڪرائي وڃي ٿي. بين الاقوامي شاگردن لاءِ ميرٽ تي ڪجهه اسڪالرشپون به آفر ٿين ٿيون. هن يونيورسٽي جو افتتاح 2002ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم مهاتير محمد ڪيو. هن يونيورسٽي جي ورلڊ ينگ يونيورسٽيز جي ٽائمس ريڪنگ ۾ نمبر ٽاپ 111-120 اندر آهي ۽ ايشيا يونيورسٽي ريڪنگ ۾ ٽاپ 251 نمبر ۾آهي. ۽ ملائشيا اندر بهترين پرائپويٽ يونيورسٽين ۾ اچي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ چائنيز جي گھڻائي آهي جو هڪ پرائيويٽ ٻيو چائينِز پوليٽيڪل پارٽي جي سنڀال هيٺ هجڻ ڪري ٻين ڪميونٽيز جي ڀيٽ ۾ چائنيز لاءِ وڌيڪ فنڊنگ ۽ موقعا به آهن.


    ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ داخلا جوطريقيڪار

    ملائشيا توڙي دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ طريقيڪار تقريباَ هڪجهڙو آهي. سڀ کان پهرين شاگرد کي پنهنجي پسند يا قوت مطابق ملڪ چونڊڻ گھرجي، پوءِ يونيورسٽي ۽ پنهنجي پسند جو سبجيڪٽ، جنهن ۾ ڊگري ڪرڻي آهي، پوءِ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي ۽ گھربل ڊاڪومينٽيشن ۽ گهرجون پوريون ڪرڻ گھرجن. بلڪل پوري دنيا جيان ملائشيا جي به ڪنهن به گورنمينٽ يا پرائيويٽ ڪاليج، يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ ڪنهن ايجنٽ کان سئو دفعا بهتر آهي ته ماڻهو انٽرنيٽ تي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي گھربل معلومات سمجهي، پنهنجي داخلا لاءِ پراسيس شروع ڪري ڏئي، نه ته ڪنهن واسطي واري سينيئر دوست يا مٽ مائٽ کان پڇجي. جيڪڏهن صفا به سمجهه ۾ نه اچي يا ٽائيم نه هجي يا وري اداري طرفان ڪو مقرر ايجنٽ هجي ته پوءِ ايجنٽ کان ڀلي مدد وٺجي.
    ملائشيا ۾ داخلا لاءِ سڀ کان اهم ٻه ڳالهيون آهن جن ۾ سڀ کان پهرين يونيورسٽي جي ويب سائيٽ آهي، ٻيو آهي ايجوڪيشن ملائشيا گلوبل سروس، جنهن کي EMGS چئجي ٿو، جيڪا شاگرد جي ويزا پراسس لاءِ ذميوار آهي. تنهنڪري جتي ملائشيا جي ڪنهن اعليٰ تعليمي اداري ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن به يونيورسٽي جي داخلا هجي، ان سان گڏ ملائشيا اچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويزا جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ وري ويزا اپروول ليٽر گھرجي ٿو، جنهن کي وال VAL چئجي ٿو اهو نهايت ضروري آهي. جنهن جي بنياد تي ئي هتي اسٽوڊنٽ ويزا ملي سگھي ٿو، نه ته شاگردن کي هتي داخلا نه ملندي، پوءِ ڀلي هتي وزٽ ويزا تي اچي به چڪو هجي پر کيس ايگزٽ ڪرڻو پوندو. سو اهي ٻه اهم ڳالهيون آهن، جن جي بنياد تي هتي اچي پڙهائي ڪري سگھجي ٿي. اهي ٻئي سهوليتون شاگرد کي آسانيءَ سان گھر ويٺي ملي سگھن ٿيون، جيڪڏهن شاگرد پاڻ ٽائيم ڏئي ۽ رابطو ڪري. پر جيڪڏهن پيسا آهن ۽ وقت نه آهي، ته پوءِ ڀلي ڪنهن ايجنٽ کان داخلا لاءِ مدد وٺجي. پر ايجنٽ کان صرف داخلا لاءِ مدد وٺجي، نه ڪي يونيورسٽي ۽ ڪاليج لاءِ به ان تي ڀاڙجي. جو اڄڪلهه ڪوڙا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به گھڻيون ٿي پيون آهن، تنهنڪري شاگرد کي پاڻ هُرتو پهرين ڪا يونيورسٽي يا ڪاليج جي چونڊ ضرور ڪرڻ گھرجي ۽ اها پڪ ڪرڻ گھرجي ته جنهن اداري ۾ هو داخلا وٺڻ جو ارادو رکي ٿو اهو آيا پبلڪ سيڪٽر آهي يا پرائيويٽ ۽ سٺي رينڪنگ يا نالي وارو آهي به يا نه، گورنمينٽ وٽ رجسٽرڊ آهي يا نه ، ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جي هاير ايجوڪيشن وٽ به مڃتا اٿس يا نه. ان لاءِ ان اداري جي باري ۾ ماڻهن جا ڪمينٽس ڏسجن، انٽرنيٽ تي به ، ته وري دوستن، سينئر ٽيچرس کان به ضرور راءِ وٺجي، پوءِ ئي ايجنٽ تي ڀاڙجي، نه ته ڊائريڪيٽ ايجنٽ جي آسري تي مڙئي ڪنهن به ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نه وٺجي، پوءِ ڀلي پڙهائيءَ سان گڏ نوڪري ملڻ يا اسڪالرشپ ملڻ جو ڏٽو به هجي. اهي سڀ طريقا آهن ماڻهن کي ڦاسائڻ جا، نه ته اسڪالرشپون يا نوڪريون يا وري ڪي ٻيا فائدا، ڊائريڪٽ گورنمينٽ يا ادارا انائونس به ڪندا رهندا آهن پر اڄ تائين پڙهڻ سان گڏ نوڪري ڏيڻ جو اشتهار ڪنهن به دنيا جي مڃيل يونيورسٽي يا ڪاليج نه ڏنو آهي. تنهنڪري اهڙي ڪا نوڪري جي ڳالهه واري اداري تي ته پهرين نظر ۾ئي شڪ ڪرڻ گھرجي، ته آيا ائين آهي به يا نه؟ تقريباَ ائين ڪونه ٿيندو آهي جو پڙهڻ سان گڏ نوڪري به ڏني وڃي.
    پوري ڪوشش ڪجي ته پنهنجو پاڻ ئي داخلا وٺجي، ان لاءِ هي ڳالهيون تجويز ڪريان ٿو. سڀ کان پهرين پنهنجي پهچ مطابق،دلچسپي، موقعي، يا اسڪالرشپ مطابق ڪو به ملڪ چونڊ ڪيو پوءِ ان ملڪ جي ڪنهن به يونيورسٽي کي جنهن ۾ توهان جي پسند جو شعبو به هجي، ته پروفيسر به، ۽ وري پسند جو شهر به. حقيقت ۾ شهر کان وڌيڪ ضروري آهي پسند جو شعبو، پوءِ يونيورسٽي، پوءِ شهر پوءِ ملڪ، پر انهن ڳالهين کان به اهم آهي ته آيا توهان پنهنجن پيسن تي پيا پڙهڻ وڃو يا اسڪالرشپ تي ۽ اسڪالرشپ به ڪنهن جي طرفان آهي. اسڪالرشپ پنهنجي ملڪ جي گورنمينٽ طرفا ن به ٿي سگھي ٿي ته وري ٻاهرين ملڪ جي گورنمينت طرفان به يا وري پنهنجي ملڪ جي ڪنهن اداري طرفان به ته وري ٻاهرين ملڪ جي يونيورسٽي طرفان يا ڪنهن پروفيسر طرفان به. ايترا سارا آپشن هجڻ ڪري توهان کي جيڪو بهتر آپشن لڳي ته اهو ڪيو، جنهن لاءِ آءٌ پهرين هڪ مضمون ايشيا ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا لکي آيو آهيان، جنهن جي پڙهڻ سان توهان کي به فيصلي ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي يا ڪجهه رهنمائي ضرور ملندي. منهنجو خيال اهو ئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهو افورڊ ڪري سگھي ٿو ته وڃي ڀلي آڪسفرڊ يا ڪئمبرج ۽ هارورڊ ۾ پڙهي پر جي افورڊ نه ڪري سگهي ته جتان به اسڪالرشپ ملي، ان موقعي کي غنيمت سمجهي حاصل ڪرڻ گھرجي. ائين به نه ڪجي ته آمريڪا مان يا آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي اسڪالرشپ ملڻ جي آسري ۾ ٻئي ڪنهن ملڪ مان ملندڙ اسڪالرشپ يا ڪو موقعو ڇڏي ڏجي. تنهنڪري جتي ملائشيا يا چائنا، يا وري سريلنڪا ۽ روس مان به ڪا اسڪالرشپ ملي، ته ضرور حاصل ڪرڻ گھرجي. وڌيڪ رهي ڳالهه پنهنجن پئسن تي ٻاهر وڃي پڙهڻ جي، ته ان ۾ تمام گھڻو احتياط ڪرڻ گھرجي. ڪوشش ڪري پنهنجي پهچ مطابق ۽ پسند مطابق ملڪ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ گھرجي.
    هن مضمون جو اصل مقصد آهي ملائشيا جي تعليمي ادارن خصوصاَ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلا جو طريقيڪار آهي، جنهن لاءِ ڪجهه ضروري تجويزون ڏجن ٿيون. انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ سان گڏ پنهنجا سمورا ڪاغذ تيار ڪرڻ گھرجن جيڪي ٻاهر ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ڪم ايندا. جيئن پنهنجن سمورن ڪاغذن جي انٽرميدئيٽ بورڊ مان ۽ هاير ايجوڪيشن ڪميشن مان تصديق ڪرائڻ گھرجي، ڊاڪومينٽس جو سيٽ ٺاهي ڪورٽ مان نوٽورائزڊ ڪرائي ڪجهه سيٽ رکڻ گهرجن، پنهنجا سڀ جا سڀ ڊاڪومينٽ اسڪين به ڪري رکڻ گھرجن، پاسپورٽ جي اسڪين ڪاپي به لازمي هجڻ گھرجي، پنهنجي سي وي به تيار ڪري ڪمپيوٽر ۾ سَيوِ ڪري ڇڏڻ گهرجي ، ان سان گڏ پاڪستان مان جنهن به اداري يعني ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان توهان جي ڊگري آهي، ان جي ڪن به ٻن سينيئر استادن کان ريفرنس ليٽر به وٺڻ گهرجن، جو اهي ريفرنس ليٽر تصديق ڪندا ته توهان جو ڪردار به پڙهڻ دوران سٺو رهيو آهي ۽ اوهين هونهار شاگرد به رهيا آهيو. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ هاڻي توهان ملائشيا جي يا دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو جنهن لاءِ ڪجهه وڌيڪ صلاحون هيٺ ڏجن ٿيون.
    • سڀ کان پهرين يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجي پسند جو شعبو ڏسجي ۽ ان يونيورسٽيءَ کي نوٽ ڪري ڊائري ۾ لکجي.
    • ان شعبي جي پروفيسرن جي لسٽ ۾ وڃي پنهنجي دلچسپي مطابق پروفيسر ڳولجي، جنهن جو ڪم توهان جي مهارت مطابق هجي، پوءِ ان جي اي ميل نوٽ ڪجي
    • پوءِ ان پروفيسر کي اي ميل ڪجي ته توهان ان وٽ پي ايڇ ڊي يا وري ماسٽرس باءِ ريسرچ ڪرڻ چاهيو ٿا. ان اي ميل ۾ ضرور پنهجي سي وي ۽ ان سان گڏوگڏ ريسرچ پروپوزل، ڀلي کڻي گھٽ ۾ گھٽ هڪ پيج جو هجي موڪلڻ گھرجي.
    • پروفيسر وٽ ڪا اسڪالرشپ هجي يا ڪو پراجيڪٽ ته کيس ضرور ان ۾ ڪم ڪرڻ لاٰءِ دلچسپي ڏيکارجي ۽ کيس ٻڌائجي ته منهنجي پسند جي فيلڊ آهي ۽ ان پراجيڪٽ ۾ مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.
    • ان کان علاوه به جيڪڏهن پروفيسر وٽ پراجيڪٽ يا ڪا فنڊنگ نه هجي، ته ان يونيورسٽي يا ملائشيا گورنمينٽ جي ڪا اسڪالرشپ هجي، ته ان جي لاءِ پروفيسر کي لکجي ته توهان کي رڪمينڊيشن ليٽر ڏئي، ته جيئن توهان ان لاءِ پنهنجي داخلا فارم سان گڏ پروفيسر جو ملندڙ ليٽر جمع ڪرائيندا ته داخلا سان گڏ اسڪالرشپ ملڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.
    • پهرين ڳالهه ته جيڪڏهن توهان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته صرف ملائشيا جي ڪنهن به هڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻي آهي، جيئن ڪولالمپور ۾ يونيورسٽي ملايا ته پوءِ صرف ان جي پروفيسر کي ٽراءِ ڪيو يا وري صرف ان يونيورسٽي ۾ داخلا فارم ڀرايو، پر جي ائين نه آهي، ته وڌيڪ بهتر به ائين آهي ته هڪ کان وڌيڪ يونيورسٽين ۾ ڪوشش ڪجي يا گھٽ ۾ گھٽ اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ لاءِ ته سڀني يونيورسٽين جي ويب سائيٽن تي ڏسجي، ان لاءِ جتي به اسڪالرشپ جو چانس هجي پوءِ چاهي پبلڪ يا وري پرائيويٽ، اتي ضرور اپلاءِ ڪجي. جيڪڏهن اسڪالرشپ نه آهي يا ان آسري ۾ ويهي توهان ٽائيم نه ٿا وڃائڻ چاهيو ته پوءِ ڀلي پنهنجي پسند جي شهر ۾ يا پنهنجي پسند جي يونيورسٽيءَ ۾ يا وري داخلا جي فيس مطابق ۽ رهڻ جي خرچ مطابق جيڪا يونيورسٽي توهان کي پسند هجي، اتي درخواست جمع ڪرائي ڇڏيو.
    • دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ٻن صورتن ۾ داخلا ملڻ جا وڌ کان وڌ موقعا هوندا آهن، هڪ توهان جي پهرين ڊگريءَ ۾ رزلٽ سٺي آهي، يا وري توهان سيلف فنانس تي اپلاءِ ڪريو ٿا.
    • تقريباَ هر يونيورسٽي جي ويب سائيٽ ۾ انٽرنيشنل شاگردن لاٰءِ داخلا جي لاءِ ضروري هدايتون رکيل آهن، اهي پڙهي ان مطابق عمل ڪجي.
    • داخلا لاءِ سڄو سال درخواستون ورتيون وڃن ٿيون پر سيشن جي هلڻ جو ٽائيم مقرر آهي، جيئن ته ملائشيا ۾ سال ۾ ٻه دفعا نئين بيچ سليڪٽ ڪن ٿا، ان ڪري يا ته فيبروري ۾ يا وري سيپٽمبر ۾ سيشن شروع ٿئي ٿو .
    • درخواست ڏيڻ جي ڪا خاص تاريخ نه آهي جو توهان جيڪڏهن ڪنهن هڪ سيشن مان ليٽ ٿي ويا آهيو ته ايندڙ سيشن لاءِ درخواست فارم ضرور ڀرائي ڇڏيو، بجاءِ سيشن شروع ٿيڻ جي، ويجهن ڏينهن ۾ ڀرايو، ان لاءِ درخواست ۾ توهان پنهنجي پسند جو سيشن به لکي سگھو ٿا جيڪو توهان جنهن ٽائيم تي اچڻ چاهيو ٿا ان مطابق هجي.
    • ڪافي يونيورسٽيون آن لائين ئي اسڪين ٿيل ڊاڪومينٽس وٺي يا وري اي ميل تي ڊاڪومينٽس وٺي ايڊميشن ڏين ٿيون پر ان لاٰءِ وري رجسٽريشن فارم فيس به ٿيندي آهي جيڪا بئنڪ آرڊر جي ڪاپي به اسڪين ٿيل هجي ۽ ان اي ميل يا لنڪ ۾ ضرور اٽيچ ڪرڻ گھرجي.
    • اهو ضروري نه آهي ته سڀ يونيورسٽيون آن لائين ڊاڪومينٽ وٺي داخلا ڏين پر اڪثر ائين آهي ته آن لائين ڊيٽا فيڊ ڪرڻ سان گڏ انهن جي طرفان مليل فارم سان گڏ وري اٽيسٽيڊ ڊاڪومينٽس پوسٽ ذريعي گھربل هوندا آهن، جيڪي توهان پنهنجي ملڪ مان نوٽورائزڊ ڪري ميڊيڪل رپورٽ درخواست فارم پرنٽ ڪري ڀري سائن ڪري ، تصويرن ۽ پاسپورٽ جي ڪاپين سان گڏ پاڪستان پوسٽ يا ڊي ايڇ ايل ذريعي موڪلي سگھو ٿا. يا توهان جو ڪو دوست ويندو هجي ته ان کي ڏيو يا وري ڪنهن دوست کي اي ميل ڪريو ته اهو وري پرنٽ ڪري توهان طرفان جمع ڪرائي ڇڏي.
    • اهو ضرور ٻڌائيندو هلان ته ملائشيا پهچڻ کان پهرين درخواست فارم سان گڏ به پري ارائيول ميڊيڪل چيڪ اپ رپورٽ ڏيڻي آهي ته وري هتي اچي پوسٽ ميڊيڪل چيڪ اپ به ٿيڻو آهي ان ڪري اهي ٻئي فارم درخواست فارم سان گڏ ڊائونلوڊ ڪري ڇڏڻ گهرجن، ۽ پري ارائيول رپورٽ ان فارم تي ڪنهن به رجسٽرڊ ميڊيڪل سينٽر يا آفيسر کان ڪرائي موڪلڻ گھرجي.
    • ان لاءِ گورنمينٽ سروس اسپتال يا پرائيويٽ اسپتال جي ڊاڪٽر جي تصديق ٿيل رپورٽ نهايت ضروري آهي .
    • اها ڳالهه به اهم آهي ته ماسٽرس باءِ ڪورس ورڪ يا وري بيچلر ڊگري ۾ داخلا لاءِ ڪنهن به پروفيسر جي ايڪسيپٽنس جي ضرورت نه آهي ان لاءِ ڊائريڪٽ درخواست ڪري سگھجي ٿيم بغير ڪنهن پروفيسر جي ريفرنس جي.
    • پروفيسر جو ريفرنس ليٽر يا ايڪسيپٽنس ليٽر صرف ۽ صرف ريسرچ اسٽوڊنٽ لاءِ ضروري آهي.
    • داخلا ٿي وڃي ته توهان وٽ اي ميل ايندي يا وري ان يونيورسٽي تي ڪا لنڪ هوندي جتي انائونس ڪندا آهن، ان کي ريگيولر ڏسڻ گھرجي. ائين به ٿيندو آهي ته ڪي يونيورسٽون وري پوسٽ ذريعي به ايڊميشن ليٽر موڪلينديون آهن، پر اهو گھٽ ٿيندو آهي. اڪثر آن لائين لنڪ ۾ ئي ايڊميشن ليٽر رکيو ويندو آهي جتان شاگرد پرنٽ ڪري پاڻ سان رکي ٿو ۽ ٻيون ضروري هدايتون به هونديون آهن جيڪي ملائشيا اچڻ لاءِ ويزا پراسيس متعلق هونديون آهن، جن تي عمل ڪري ويزا لاءِ ڪوشش ڪجي.
    • ويزا ڊائريڪٽ ايڊميشن ليٽر کان پوءِ نه ملندي آهي پر ان لاءِ ويزا اپروول ليٽر گھربل هوندو آهي جيڪو وري يونيورسٽي جي هٿ وس نه آهي بلڪه ان لاءِ الڳ ادارو آهي ايجوڪيشن ملائشيا گلوبل سروس، جيڪو ذميوار آهي توهان کي ويزا اپروول ليٽر ڏيڻ جو، اهو ادارو توهان کي ويزا اپروول اليٽر تڏهن ڏيندو، جڏهن توهان انهن کي ايڊميشن ليٽر موڪليندا. ان لاءِ سڄو پراسيس ايجوڪيشن ملائشيا جي گلوبل سروس EMGS جي ويب سائيٽ تي ڪرڻو آهي. جنهن جا تفصيل مون الڳ مضمون، ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وال VAL ضروري آهي جي عنوان ۾ ڏنا آهن ، آءٌ هتي ايترو لکندس ته ڪڏهن به وال کان سواءِ ڪنهن به شاگرد کي ايڊميشن ليٽر کڻي سوشل ويزا تي ملائشيا نه اچڻ گھرجي، جو وال کان سواءِ ايڊميشن لاءِ رجسٽر ئي نه ڪندا، پوءِ ڀلي توهان کي هتي اچي وال ملي به وڃي پر توهان کي هتان واپس وڃڻو پوندو ۽ ايمبيسي مان اسٽوڊنٽ وال ويزا تحت واپس اچڻو پوندو، حالانڪ اها ويزا ڪا الڳ نه آهي، ساڳي ئي سوشل وزٽ ويزا هڻندا آهن پر وال هجڻ جي تصديق ڪندا آهن ته ان کي اسٽوڊنٽ وزٽ ويزا ڪائونٽ ڪندا آهن ۽ هتي جو اميگريشن ڊپارٽمينٽ به ايئرپورٽ تي پنهنجي رڪارڊ ۾ توهان کي اسٽوڊنٽ طور لکندو، ۽ توهان جو رڪارڊ ملائشيا ۾ هڪ اسٽوڊنٽ طور هوندو. بهرحال هي صرف ملائشيا ۾ انٽري لاءِ ويزا آهي ۽ هڪ مهيني لاءِ هوندي آهي، ان ڪري توهان کي هتي پهچڻ سان بغير وقت وڃائڻ جي جلد کان جلد يونيورسٽي ۾ رجسٽر ٿي مڪمل پڙهائي واري عرصي لاءِ ويزا يعني اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ داخلا جون فارملٽيز پوريون ڪرڻ کان پوءِ ئي پاسپورٽ جمع ڪري سگھجي ٿو.
    • هتي هر يونيورسٽي ۾ اميگريشن يونٽ آهي، جيڪو بهتر نموني سان نه فقط رهنمائي ڪري ٿو پر پاڻ ئي ذميواريءَ سان توهان کان گھربل ڊاڪومينٽ، گهربل فيس وٺي توهان کي ويزا لڳرائي ڏيندو.


    ملائشيا ۾ شاگردن لاءِ ويزا جو طريقيڪار

    ملائشيا ۾ ڏينهون ڏينهن ويزا جي حوالي سان نوان قاعدا اچن پيا، سال 2013ع کان پهرين هتي داخلا ٿيڻ کان پوءِ سوشل وزٽ ويزا تي اچڻ کان پوءِ هتي اچي ڪري لاڳاپيل يونيورسٽي آسانيءَ سان اسٽوڊنٽ ويزا لڳرائي ڏيندي هئي. پوءِ وري سال 2013 کان ويزا اپروول ليٽر جي ڪنڊيشن لڳائي ويئي يعني داخلا ٿيڻ کان پوءِ به ڪنهن کي سوشل ويزا تي اچي هتي يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽر ته ڪيو ويندو هو پر سوشل ويزا کي اسٽوڊنٽ ويزا ۾ ايستائين ڪنورٽ نه ڪيو ويندو هو جيستائين ويزا اپروول ليٽر VAL ان شاگرد کي نه ملندو هو، ان ڪري اڪثر شاگرد وال وٺڻ کان پوءِ ايندا هئا يا وري سوشل ويزا تي اچي هتي مهيني اندر يا نه ته سوشل ويزا هڪ مهينو وڌيڪ ايڪسٽينڊ ڪرائي رهي پوندا هئا ۽ ڪلاس اٽينڊ ڪندا هئا، جيستائين سندن وال اچي ويندي هئي ۽ پوءِ ان شاگرد جي ويزا اسٽوڊنٽ ويزا ۾ ڪنورٽ ڪيو ويندو هو، پر سال 2015ع کان وري ان سهوليت کي ختم ڪري ڇڏيو اٿن جو ڪير ڀلي داخلا ٿيڻ کان پوءِ هتي اچي به وڃي پر سندس يونيورسٽي ۾ رجسٽريشن ايستائين نه ڪندا آهن جو جيستائين وٽس ويزا اپرووئل ليٽر سان اسٽوڊنٽ سوشل ويزا تي آيو نه هجي. ائين کڻي سمجهو ته هو وال اتي پنهنجي ملڪ ۾ موجود ملائشيا جي ايميسي ۾ ڪاپي ڏيئي ويزا لڳرائي آيو هجي، نه ته هتي اچڻ کان پوءِ وال جو ملڻ ڪارائتو نٿو رهي. ان لاءِ هاڻي اهو شرط آهي ته هتان ايگزٽ ڪري ۽ پنهجي ملڪ مان وري ايمبيسي مان ٻيهر ويزا هڻائي اچي ۽ پوءِ ڪولالمپور ۾ اميگريشن وارا کيس اسٽوڊنٽ طور ويزا جاري ڪندا آهن. ان کان پوءِ لاڳاپيل يونيورسٽي نه صرف رجسٽر ڪندي پر سندس ڪيس جلد کان جلد اميگريشن ڊپارٽمينٽ کي سال لاٰءِ اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ موڪليندي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن به دوست جي هتي داخلا ٿئي ٿي، ته سڀ کان پهرين ڪمEMGS جي ويب سائيٽ تي وڃي وال جنهن کي وي ڊي آر به چئجي ٿو، ان لاءِ اپلاءِ ڪرڻ آهي. جيستائين وال نه ملي ملائشيا وزٽ ويزا لڳرائي نه اچڻ گھرجي پوءِ چاهي هتي رجسٽريشن جي تاريخ اچي به وڃي جو بغير وال جي اچڻ جو ڪو فائدو نه آهي، يونيورسٽي نه رجسٽر ڪندي نه وري اسٽوڊنٽ ويزا ۾ ڪيس ڪنورٽ ٿيندو. ان ڪري بهتر آهي ته سيمسٽر ايڪسٽينڊ ڪرائي ڊفرمينٽ وٺجي۽ ايندڙ سيمسٽر لاءِ. پر هرو ڀرو خرچ پکو ڪري ملائشيا نه وڃجي. گذريل سال به ڪجهه دوسٽ ائين ملائشيا آيا پر انهن کي واپس وڃڻو پيو، ان ڪري وال جي اهميت کي سمجهڻ کپي.
    وال حاصل ڪرڻ لاءِ هي طريقو آهي ته سڀ کان پهرين توهان وٽ داخلا ليٽر يا يونيورسٽي يا ڪنهن ڪاليج طرفان آفر ليٽر هجي، جنهن ۾ توهان کي داخلا ملڻ جو لکيل هجي، ان کان پوءِ www.educationmalaysia.gov.my تي وڃي وال لاٰءِ ضروري هدايتن مطابق عمل ڪجي، جن مان ڪجهه ڳالهيون هي آهن:

    • توهان وٽ ڪنهن گورنمينٽ يونيورسٽي يا پرائيويٽ يونيورسٽي يا ڪاليج کان لازمي آفر ليٽر هجي. نوٽ هن ۾ اسڪول يا ٽيڪنيڪل يا اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ڪرائيندڙ ادارا شامل نه آهن انهن جو پراسيس ان اداري جي ذريعي ئي ٿيندو، پر اعليٰ تعليم ڏيندڙ گورنمينٽ يونيورسٽيون يا وري پرائيويٽ هاير ايجوڪيشن انسٽيٽوٽس جا شاگرد ئي هن آن لائين سهولت کي استعمال ڪري سگھن ٿا.
    • پوءِ هن لنڪ تي وڃي گھربل ڊيٽا فل ڪري درخواست اپلوڊ ڪري ڇڏجي. ان لاءِ هيٺيون هدايتون ڏنل آهن، جن جو ترجمو ڪري توهان آڏو رکان ٿو.
    • سڀ کان پهرين هن ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿيڻو آهي.
    • پوءِ فيس جي انفارميشن ڏيڻي آهي، ان لاءِ رجسٽريشن کان پوءِ لنڪ ڏنل آهي
    • اهڙي طرح آفر ليٽر جي اسڪين ڪاپي لنڪ ۾ اپلوڊ ڪرڻي آهي.
    • پاسپورٽ جو انفارميشن پيج، يا وري گورنمينٽ ڊٽيل پيج يا وري ڪا ويزا لڳل هجي ته اهو پيج لنڪ ۾ اپلوڊ ڪرڻو آهي، هتي پاسپورٽ جا سڀ پيجز نه پر اهي جن ۾ ڪا انفارميشن هجي .
    • هڪ ڳالهه جو خاص خيال ڪجي ته سمورا ڊاڪومينٽ پي ڊي ايف ۾ سيو ڪري اپلوڊ ڪجن، نه ڪي اميج يا ڪنهن ٻئي فارميٽ ۾.
    • پاسپورٽ جي انفارميشن ۽ ان تي لڳل ڦوٽو ڪليئر هجڻ گهرجن.
    • سمورا ڊاڪومينٽس جن ۾ ڊگري يا پاس سرٽيفڪيٽ يا وري مارڪشيٽس اچي وڃن ٿا، اهي به اپلوڊ ڪرڻا آهن، پر پي ڊي ايف ۾، ۽ هڪ ئي فائيل ۾.
    • پري ارائيول ميڊيڪل رپورٽ، ليبارٽري رپورٽس، چيسٽ ايڪسري رپورٽس به لنڪ ۾ اپلوڊ ڪجي پر اسڪين ٿيل ڪاپي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ هڪ ئي فائيل ۾ هجي، نه ڪي الڳ الڳ پيج باءِ پيج.
    • هر لنڪ اڳيان فائيل جي سائيز جو به ٻڌايل آهي، ان جو خيال ڪجي ته ڪو به فائيل ان سائيز کان وڌي نه وڃي.
    • پوءِ جنهن اداري يعني يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا ٿي آهي ۽ ڪهڙي سبجيڪٽ ۾، ان جا تفصيل ڏيڻا آهن.
    • ڪورس سطح جا سڀ آپشن آٽوميٽڪ لنڪ ۾ ايندا، توهان کي صرف پنهنجي آفر ليٽر مطابق آپشن سليڪٽ ڪرڻو آهي.
    • پوءِ توهان کي پنهنجون تصويرون اپلوڊ ڪرڻيون آهن، پر تصوير تمام حساس معاملو آهي، جنهن لاءِ خاص سائيز ۽ ڪلر رکيل آهي جي تصوير گھربل فارميٽ مطابق نه هوندي، ته توهان جي درخواست منظور ٿيڻ ۾ دير ٿي سگھي ٿي. هينئر سندن ويب سائيٽ تي تصوير لاءِ وائيٽ بيڪ گرائونڊ ۽ جي پي جي JPG فارميٽ ۾ لکيل آهي، جنهن جي وڊٿ 217 px ۽ هائيٽ 310 px ڏنل آهي.
    • ان کان پوءِ توهان جو نالو ۽ ٻيا تفصيل گهربل هوندا، جن جا لنڪ فارم تي ايندا ويندا .
    • ان کان پوءِ توهان جي پاسپورٽ جا تفصيل آهن، جيڪي ڏيڻا آهن.
    • ان کان پوءِ ويزا جي باري ۾ فيلڊ آهي ته آيا توهان کي پوري اسٽڊي ڊيوريشن لاءِ ويزا کپي يا هڪ سال لاءِ. پر جي هڪ سال جي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪندا ته هر سال ملائشيا ۾ توهان کي الڳ الڳ ويزا جي لاءِ اپلاءِ ڪرڻو پوندو. جن جي فيس الڳ الڳ آهي، باقي سمورن سالن جي لاءِ ون آف اسٽوڊنٽ پاس لڳرائڻ بهتر ٿيندو، هر سال جي ويزا جي جهنجهٽ کان بچڻ لاءِ.
    • انشورنس پاليسي جو آپشن اي ايم جي ايس بجاءِ انسٽيٽوشن تي ٽِڪ مارڪ ڪجي ته بهتر آهي، ڇو ته هر ادارو شاگرد جي انشورنس في لڳائي ٿو، تنهنڪري يونيورسٽي ۾ داخلا فارم سان گڏ ئي انشورنس ڪرائي ڇڏيندي آهي.
    • وال VAL بجاءِ شاگرد کي پاڻ کي ٽپال ڪرڻ يا اي ميل ڪرڻ جي اميگريشن وارا يونيورسٽي کي ڪوريئر ڪندا آهن يا وي يونيورسٽي جو ڪو نمائندو، انهن وٽان کڻي ويندو آهي، جيڪي پوءِ اها وال شاگرد کي اي ميل ڪندا آهن.
    • وال لاٰءِ اميگريشن وٽ جيڪڏهن يونيورسٽي جو نمائندو نه کڻڻ وڃي ته ڪوريئر ته ڪندا آهن پر ان جا 10 رنگٽ چارجز آهن جيڪي شاگرد کي ڏيڻا آهن ان لاٰءِ آن لائين آپشن به ڏنل آهي.
    • وال لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جا ٻه طريقا آهن يا ته توهان انسٽيٽوٽ جي ذريعي فيس جمع ڪرايو يا وري سڌو سنئون آن لائين ڪريڊٽ ڪارڊ جي ذريعي جمع ڪرايو، پر ان لاءِ لاڳاپيل انسٽيتوٽ کان به رهنمائي وٺجي، انهن کي اي ميل ڪجي ته بهتر آهي، جيڪڏهن لاڳاپيل انسٽيٽيوٽ مان جواب نه اچي ته ڊائريۡڪٽ ڪري ڇڏجي، يا وري ڪو دوست لاڳاپيل يونيورسٽي ۾ هجي ته ان ذريعي وڌيڪ پڪ ڪجي ته وال لاءِ ڪيئن اپلاءِ ڪجي يا فيس ڪيئن جمع ڪجي، جو ملائشيا جي اميگريشن ڊپارٽمينٽ جا قاعدا ۽ قانون اڪثر تبديل ٿيندا رهن ٿا.
    • وال جو پراسيس چوڻ لاءِ ته 15 کان هڪ مهيني جو آهي پر ان ۾ اڪثر مهيني کان ٻه مهينا لڳيو وڃن ٿا، ان ڪري وال لاءِ آفر ليٽر ملڻ کان پوءِ جلد کان جلد اپلاءِ ڪجي، هڪ ڏينهن به نه وڃائجي ته بهتر آهي، جو وري وال جي دير ٿيڻ جي ڪري ايندڙ سيمسٽر ۾ رجسٽر ٿيڻ کان رهجي به سگھجي ٿو ۽ ڊفرمينٽ وٺڻي پوي ٿي جنهنڪري اڌ سال ته ضايع ٿئي ٿو، ٻيو ماڻهو جو سڄو پلان خراب ٿيو وڃي ٿو ۽ ڊفرمينٽ جي فيس الڳ ڀرڻي پوي ٿي.
    • اڪثر شاگرد آن لائين سڄو پراسيس ڪري به لاڳاپيل يونيورسٽي يا انسٽيٽيوٽ سان رابطي ۾رهڻ گھرجي ۽ آن لائين اِي اَيم ِجي اَيس جي ويب سائيٽ تي به پنهنجي وال جي لاءِ ڏنل درخواست جي پراگريس ڏسندو رهڻ گھرجي.
    • اڪثر داخلا ملندڙ شاگردن کي وري يونيورسٽي الڳ سان لکندي آهي ته جمع ڪرايل آن لائين درخواست جي ريفرنس نمبر ۽ جمع ڪيل فيس جا تفصيل ۽ گھربل ڊاڪومينٽ انهن کي به اي ميل ڪريو يا هارڊ ڪاپي ۾ جمع ڪرايو جنهن جي بنياد تي هو وري هتان اي ايم جي ايس کي الڳ سان فائيل جمع ڪرائيندا آهن ۽ اتان ئي ڏسي توهان جي فائيل کي فالو به ڪندا آهن ته اي ايم جي ايس کي تصديق به ڏيندا آهن.
    • ان ڪري آن لائين وال جي پراسيس ڪرڻ کان پوءِ سمورا ڊاڪومينٽس ، ريفرنس نمبر ۽ فيس جي پرنٽ ڪاپي ضرور لاڳاپيل اداري کي به اي ميل يا ڪنهن دوست کي اي ميل ڪري سندس ذريعي ان اداري ۾ هارڊ ڪاپي جمع ڪرائڻ لاءِ چئجي ته بهتر آهي.


    ملائشيا ۾ فيس ، رهائش ، کائڻ پيئڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جو خرچ :

    ملائشيا جي يونيورسٽين جي فيس آمريڪا، برطانيا ، آسٽريليا جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي سستي آهي ، جتي مٿين ملڪن ۾ سالياني ٽيوشن فيس 8 کان 15 هزار ڊالر آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ملائشيا ۾ 2 هزار ڊالر کان 4 هزار ڊالر فيس آهي. ان حساب سان اڌ کان به گھٽ فيس چئبي ، پر ان سان گڏ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ جتي فيس گھٽ يا وري فيس بلڪل به نه آهي جيئن جرمني جتي ٽيوشن فيس ختم ڪري ڇڏي اٿن ته وري رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ ملائشيا کان ڪافي وڌيڪ آهي ته وري ويزا پراسيس هتان کان ڪافي سخت آهي. باقي يورپ جا ٻيا ملڪ فرانس، ڊينمارڪ کان ويندي آسٽريا، سوئيڊن، نيڌرلينڊس يا وري آئرلينڊ، فن لينڊ کان ويندي ناروي تائين ماسٽرس فيس ته ڪافي وڌيڪ آهي پر ڊاڪٽريٽ لاءِ ڪٿي فيس وڌيڪ آهي ته ڪٿي گھٽ به. پر هوشيار شاگردن لاءِ پراجيڪٽ بيسڊ اسڪالرشپن سان گڏ فري ۾ داخلا ملڻ پروفيسرن جي هٿ وس ۾هوندو آهي، پر ان قسم جي داخلائون تمام گھٽ ماڻهن کي ملن ٿيون، اڪثر اتان جا پروفيسر به فري ايڊميشن ڪرائڻ ۾ تڏهن مدد ڪن ٿا جڏهن شاگرد وٽ اتي رهڻ جو خرچ هجي، جنهن لاءِ يا کيس اسڪالرشپ هجي يا وري وٽس خرچ لاءِ گھروارن جي مدد ۽ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ هجي.
    ملائشيا جي سمورن پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ هاسٽل جي سهوليت موجود آهي، جنهن جي فيس تقريباَ 300 نارمل ڪمري جي آهي، جنهن ۾ هڪ پکو، بيڊ، ڪرسي ۽ ٽيبل هوندي ۽ ڪامن ڀاٿروم. ان کان سواءِ 600 رنگٽ ماهوار تي به ڪمرو ملي ٿو ته وري 1000 هزار رنگٽ ماهوار ۾ ايگزيڪيوٽو ڪمرا به آهن، ته وري فيملي اپارٽمينٽ ٽائيپ فليٽ، جن ۾ ٻن کان ٽي ڪمرا 1800 رنگٽ مسواڙ ۾ ملي وڃن ٿا، جنهن ۾ وري بيچلر شاگرد پاڻ ۾ شيئر ڪري اپارٽمينٽ به وٺي سگھن ٿا. هتي تقريباَ دوست نارمل ڪمري ۾ رهن يا فيملي وارا فيملي حساب سان يونيورسٽي ۾ يا يونيورسٽي کان ٻاهر گھر وٺي رهن يا وري ڪجهه دوسٽ گڏجي اپارٽمينٽ وٺن ٿا. فيملي اپارٽمينٽ سستا به آهن جيئن ڪجهه يونيورسٽين ۾ ته صرف 500 سئو ۾ فيملي اپارٽمينٽ به مليو وڃن، ائين ڪل ملائي روزاني کائڻ پيئڻ جو خرچ جنهن ۾ نيرن ، مانجهاندو ۽ رات جي ماني ، چانهه يا وري جوس، شربت ملائي وڌ ۾ وڌ 20 کان 25 رنگٽ ٿي ويندو، نه ته وچٿرو خرچ ڪندڙ دوست 15 رنگٽ ۾ به ڏينهن گّذاري ٿا وڃن. يعني ايوريج پوءِ 20 رنگٽ جي ڪڍجي ته مناسب رهندو. ان حساب سان مهيني جا ٿيا 600 رنگٽ ۽ مسواڙ جا 300 ملائجن ٿا ته ٿين ٿا 900 رنگٽ. باقي جي مهيني ۾يونيورسٽي کان ٻاهر گھمڻ جا سئو رنگٽ لڳائجن ۽ ڪجهه پين ڪتاب ، ڦوٽو ڪاپي ۽ پرنٽ ڪرائڻ جا لڳائجن 100 رنگٽ ته ٽوٽل ٿيا 1100 رنگٽ معنيٰ 30000 هزار روپيا ماهوار خرچ ، جنهن ۾ رهائش، کاڌو پيتو، گھمڻ ڦرڻ، ۽ ڪتاب نوٽس غيره شامل آهن.. باقي هر سيمسٽر ۾ ملائشيا اندر ڪا ٽوئر ڪجي يا وري سال ۾ پاڪستان جو چڪر لڳائجي ته اهو خرچ الڳ آهي. جيڪڏهن ملائي سلائي سال جو خرچ ڪڍجي ته سال جي فيس3 لک، رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ 3.5 لک، هتي گھمڻ ڦرڻ لاءِ 50 هزار ۽ 50 هزار پاڪسٽان اچڻ وڃڻ لاءِ ته ان حساب سان سال جو خرچ ٿيندو 7 لک ۽ 50 هزار روپيا. پر جي هتي گھمڻ ڦرڻ ۾ گروپ ٽوئر ٿين ٿا يا يونيورسٽي جي طرفان آفيشل ته اهي پيسا به بچائي سگھجن ٿا، ۽ جي ماڻهو پاڪستان هرسال نه اچي ۽ يڪو ڪورس پورو ڪري اچي ٿو، ته اهي پيسا بچت ٿيندا. پر ضروري آهي ته ماڻهو سال ۾ هڪ چڪر گھر لڳائي اچي جنهن ڪري ماڻهو سڪون محسوس ڪري ٿو، مضبوط ٿئي ٿو۽ بهتر ڪم ڪرڻ جي سگھ پاڻ سان کڻي اچي ٿو.
    پر جيڪڏهن پاڪستان مان ڪا به اسڪالرشپ آهي ته پوءِ ان اسڪالرشپ مان هتي آرام سان مينيج ڪري سگھجي ٿو، يا وري هتان جي گورنمينٽ جي يا پروفيسر يا يونيورسٽي جي اسڪالرشپ آهي، ته به سولائيءَ سان وقت گذاري ويندو، جو کيس رهڻ لاءِ فيس کان علاوه 28 کان 30 هزار روپيا کپن يا وڌ ۾ وڌ 40 هزار روپيا. ان صورت ۾ جي رهائش يونيورسٽي ۾ نٿي ملي يا وري مهانگي ملي ٿي، نه ته 30 هزار کوڙ آهن .اڄڪلهه اڪثر پاڪستان مان ملندڙ اسڪالرشپن لاءِ به گھٽ ٽيوشن فيس وارن ملڪن ۾ ايڊميشن وٺڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ان حساب سان جي ملائشيا اچجي ته هي ملڪ آئيڊيل آهي، جو واقعي هنن جي فيس ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ ئي آهي. هتي پارٽ ٽائيم ڪم ڪري ڪجهه پيسا به ڪمائي سگھجن ٿا ۽ ٿورو محنت ڪري پنهنجو خرچ به ڪڍي سگھجي ٿو جو هتي يونيورسٽين اندر يا وري ٻاهر ڪم ملي به سگھي ٿو ۽ گورنمينٽ طرفان بين الاقوامي شاگردن کي موڪلن جي ڏينهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪن جي اجازت مليل آهن پر ان لاءِ شاگرد کي پاڻ هٿ پير هڻي پارٽ ٽائيم ڳولهڻو آهي، نه ڪي يونيورسٽي يا حڪومت جي ذميواري آهي.


    ملائشيا ۾ اسڪالرشپون

    ملائشيا انٽرنيشنل اسڪالرشپ MIS
    ملائشيا حڪومت هر سال هيءَ اسڪالرشپ ڏيندڙ آهي، جنهن جو بنيادي مقصد پنهنجي ملڪ کان ٻاهر جي بهترين دماغن کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻڻ ۽ کانئن بهتر ريسرچ ڪرائي پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي تعليمي ادارن جو نالو روشن ڪرڻ آهي. تقريباَ دنيا جي سڌريل ملڪن طرفان اهڙي قسم جا موقعا پيدا ڪري دنيا جي مختلف خِطَن مان بهترين شاگرد پاڻ وٽ گھرائي سٺو ماحول ڏئي ، ٻاهران ايندڙ شاگردن کان نئين ريسرچ ڪرائين ٿا، ان سان نه صرف ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو پر بين الاقوامي رابطا، ڀائيچارو، هڪٻئي تي اعتماد ۽ سياحت ۾ به اضافو ٿئي، ته وري بزنس اڪانامي به وڌي ٿي. دنيا جي بهترين ريسرچ انسٽيٽيوٽس يا يونيورسٽيز ۾ ڪنهن هڪ ملڪ جا نه پر سڄي دنيا مان آيل شاگرد ۽ پروفيسر ملندا. مثال طور آڪسفرڊ يونيورسٽي، ڪئمبرج، هارورڊ يونيورسٽي هجي يا وري ناسا جو ريسرچ ڪندڙ ادارو هجي، اتي تقريباَ ڪيترن ئي ملڪن جا استاد ۽ سائنسدان ملندا. ائين ئي سوئيڊن جا تعليمي ادارا هجن يا جرمني جا يا ڊئنمارڪ جا ، بلڪه ملائشيا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ لوڪل پروفيسرن سان گڏ ڪم ڪندي ٻين ملڪن جا پروفيسر به پيا نظر ايندا.
    چائنا جنهن نموني سان بين الاقوامي شاگردن لاءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن، ان جو سبب به اهو ئي آهي، ڇو ته دنيا سمجهي ٿي ته گڏيل تعليم ۽ ريسرچ سان علمي ماحول وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ۽ کوجنا بهتر ٿئي ٿي. ان ڪري ئي هن تيز رفتار ترقي ڪندڙ دور ۾ هر وڌندڙ، ترقي ڪندڙ ملڪ جي اها اهم پاليسي رهي آهي ته انهن جي تعليمي ادارن ۾ سموري دنيا مان بهتر کان بهتر شاگرد اچن. نتيجي ۾ جتي ملڪ کان ٻاهر تعليم جو رجحان وڌيو آهي، اتي مقابلو به وڌيو آهي ، انڪري ئي مختلف ملڪن اسڪالرشپون ڏيڻ شروع ڪيون آهن، ته جيئن چونڊ ڪري بهتر شاگرد پنهنجي ملڪ آڻي سگھجن، جنهن جي تيز دماغ مان ڪجهه مسئلا يا پراجيڪٽ به حل ڪرائجن ته ان جي آئيڊياز مان فائدو وٺجي ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو به روشن ٿئي.
    اهڙي طرح ملائشيا حڪومت به هيءَ اسڪالرشپ بين الاقوامي شاگردن لاءِ ميسر ڪري ٿي جيڪا صرف دنيا ما ن چونڊ ذهن ئي ماڻي سگھن ٿا جو ان جي حاصل ڪرڻ جي ڪرائيٽيريا ئي اهڙي ٺاهي ويئي آهي جو بهتر کان بهتر ماڻهو اچي سندن اداري ۾ ڪم ڪن .
    پهرين ته هيءَ اسڪالرشپ ماسٽرس، پي ايڇ ڊي يعني پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽرل اسٽڊيز وارن لاءِ آهي
    هيءَ اسڪالرشپ پبلڪ توڙي پرائيويٽ يونيورسٽين ٻنهي لاءِ آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ڪرائيٽيريا آهي:
    • ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ 40 سال کان مٿي عمر نه هجي
    • پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ 45 سال کان مٿي عمر نه هجي
    • ماسٽرس اسٽڊي لاءِ جي پي اي بيچلرز ۾ 3.5 هجي 4 مان ۽ پي ايچ ڊي اسٽڊي لاءِ جي پي اي 3.5 هجي 4 مان ماسٽرس ۾.
    • ائين پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ وري ريسرچ پيپرز ۽ ڇپيل ڪتابن جو معيار ۽ تعداد ڏٺو ويندو آهي.
    • انگلش ليئگئيج پروفيشني آءِ ليٽس ۾ 6.5 بينڊ يا ٽافل پيپر بيسڊ 580 اسڪور، ڪمپيوٽر بيسڊ 230 اسڪور يا انٽرنيٽ بيسڊ ۾ 92 اسڪور گھربل آهي.
    • ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفيڪيٽ
    • پروپوزل لاڳاپيل فيلڊ ۾
    • ملائشيا جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ داخلا هجيس يا ڪنهن پروفيسر يا يونيورسٽيءَ جي ڪنڊيشنل ايڪسيپٽنس آفر ليٽر هجيس.
    • اهي سڀ شرط پورا ڪندڙ هن اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏيڻ جو اهل هوندو ۽ اسڪالرشپ ملڻ جو فيصلو ميرٽ تي ڪميٽي جي هٿ وس آهي.
    ان اسڪالرشپن لاءِ تقريباَ ملائشيا جي سمورين ڀ گورنمينٽ سيڪٽر يونيورسٽين ۾اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو پر ان سان گڏ ڪيتريون ئي ملائشيا جون پرائيويٽ يونيورسٽيون به شامل آهن

    اسڪالرشپ الائونس :
    • هن اسڪالرشپ ۾ ٽڪيٽ، ٽيوشن فيس، ماهوار خرچ، ساليانو ڪتابن جو فڪس خرچ، هيلٿ انشورنس، ٿيسز الائونس، ويزا الائونس وغيره شامل آهن.

    اسڪالرشپ ۾ شامل فيلڊس :
    • سائنس ۽ انجنيئرنگ، ايگريڪلچر ۽ فشريز،اڪانامڪس ۽ اسلامڪ فنائنس.، انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي،بايوٽيڪنالاجي ۽ فوڊ سيفٽي، انفراسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي، انوائرنمينٽل اسٽڊيز، بايو سيڪيورٽي وغيره.

    اسڪالرشپ ملڻ جا موقعا:
    • ڪنهن به درخواسٽ ڏيندڙ شاگرد جي داخلا ٿيڻ جا امڪان سندس بهترين اڪيڊمڪ رڪارڊ، سندس بهترين ريسرچ پروپوزل، جنهن سان ٽيڪنالاجي يا ان فيلڊ جي واڌاري ۽ انساني ڀلائيءَ لاءِ بهتر ڪم هجي ۽ سندس انگلش ڪميونيڪيشن، جنهن مان سندس اڪيڊمڪ رائيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشن سان گڏ ٻولي جي مهارت جي به خبر پئي، سان مشروط آهي.

    اسڪالرشپ حاصل ڪندڙلاءِ ضروري ڳالهيون:
    • کيس ملائشيا ۾ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر ڪم ڪرڻو آهي، ڇو ته اسڪالرشپ به ملائشيا جي آهي ته ڪم به ملائشيا جي ادارن جي نظر ۾ ٿيڻ گھرجي.
    • سندس سالياني ڪارڪردگي بهتر هجي،
    • ڪنهن بيماري وغيره يا ذاتي موڪل جي ڪري ماهوار الائونس نه ملندو.
    • صرف منطور ٿيل ٽاپڪ تي ڪم ڪرڻو آهي يا وري سپروائيزر ، يونيورسٽي ۽ منسٽري جي منطوري سان ٽاپڪ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
    • ڪنهن به قسم جي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه آهي
    • ڪو به غير قانوني ڪم يا يونيورسٽي ڪوڊ يا ملائشيا قانون خلاف نه وڃڻو آهي.
    • داخلا جي ٿيڻ يا اسڪالرشپ جي ٿيڻ سان ويزا جو ملڻ ضروري نه آهي جو ويزا نج الڳ مسئلو آهي، جيڪو اميگريشن ڊپارٽمينٽ جي اختيار ۾ آهي.
    • اسڪالرشپ انائونس ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پسند جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند جي فيلڊ جي ڪنهن پروفيسر سان به ضرور رابطو ڪرڻ گھرجي ۽ ان وٽ پنهنجي دلچسپي ظاهر ڪرڻ گھرجي بلڪ ان يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏڻ گهرجي جو جڏهن به هي اسڪالرشپون انائونس ٿين ته ماڻهو جون سموريون گھرجون پوريون هجن ۽ بغير ٽائيم وڃائڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي اپلاءِ ڪرڻ ڇڏڻ گهرجي.
    • ايڊميشن ٿيل هجڻ جتي ٻاهرين ڪنهن ملڪ جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر اميد پيدا ڪري ٿي، اتي اها ئي ايڊميشن پنهنجي ملڪ جي هاير ايجوڪيشن ڪميشن يا وري ڪنهن حڪومتي منسٽري طرفان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي. جنهنڪري ڪنهن به اهڙي موقعي لاءِ توهان وٽ اڳواٽ داخلا جو هجڻ فائيديمند ثابت ٿيندو.
    ڏٺو وڃي ته جتي هي اسڪالرشپ انتهائي بهترين موقعو آهي، جنهن ۾ سٺن پيسن ۽ بهتر ريسرچ ڪرڻ جو موقعو آهي، اتي انتهائي هاءِ قسم جي ڪرائيٽيريا به آهي، هن قسم جي اسڪالرشپ کي حاصل ڪرڻ آسان نه آهي.
    ان جي ڀيٽ ۾ چائنا ۽ ڪوريا جون اسڪالرشپون حاصل ڪرڻ ڪجهه آسان آهن جو ان لاءِ شرط ڪجهه گھٽ آهن يا انهن جي اسڪالرشپ ۾ ايڏي سختي نه آهي، جيڏي ملائشيا گورنمينٽ اسڪالرشپ ۾ آهي.
    هن اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ لاٰ هيٺين لنڪ تي وڃي گھربل ڊاڪومينٽس ۽ ڊيٽا اپڊيٽ ڪري سگھجي ٿي. http://www.mohe.gov.my/en/scholarship/international/mis
    هونءَ به ملائشيا جي ڪنهن به اسڪالرشپ جي انائونسمينٽ يونيورسٽين جي ذريعي ٿئي ٿي پر اڪثر هنن جي ايجوڪيشن منسٽري جي ويب سائيٽ تي به ڪئي ويندي آهي.

    ملائيشين ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ۽ فيلوشپ پلان: CSFP
    هي اسڪالرشپ ڪامن ويلٿ ميمبر ملڪن جي شاگردن لاءِ ملائشيا حڪومت جي طرفان آهي، جنهن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون (يعني ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي اسٽڊي لاءِ) .هي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ اسڪيم آهي، جنهن ۾ ڪو ايڊيشنل بانڊ وغيره شاگرد کي نه ڀرڻوآهي. هن ۾ شاگرد کي فل ٽائيم اسٽڊي پروگرام ۾ داخلا وٺڻي آهي.

    ملائشين ٽيڪنيڪل ۽ ڪوآپريشن پروگرام MTCP
    هي پروگرام به گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ آهي، جنهن ۾ هوشيار ۽ قابل شاگردن کي جيڪي اعليٰ تعليم پرائي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي بهتر ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هجن، انهن لاءِ آهي. هن پروگرام تحت به 12 کان 24 مهينن لاءِ ماسٽرس پروگرام ۽ ٽن سالن لاءِ پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون.

    اسپيسفڪ يونيورسٽي اسڪالرشپ:
    هن قسم جون اسڪالرشپون اڪثر يونيورسٽين جي ويب سائيٽن تي ئي انائونس ٿين ٿيون، جنهن جي لاءِ هر شاگرد کي پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ کي روزانو وزٽ ڪرڻ گھرجي ۽ جڏهن به ڪو اهڙو موقعو اچي ته هڪدم اپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ته جيئن ٽائيم نه وڃائجي ۽ وقت تي ماڻهو اپلاءِ ڪري ڇڏي. ائين ئي ملائشيا جي مختلف يونيورسٽي ۾ ريڪٽر اسڪالرشپون، پريزيڊنٽ اسڪالرشپ، نيڊ بيسڊ اسڪالرشپون ۽ فيس رڊڪشن اسڪالرشپون جيڪي پهرين کان پڙهندڙ شاگردن لاءِ آهن ۽ هر سال انائونس ٿينديون رهن ٿيون جيئن سال 2015ع ۾ آءٌ ملائشيا جي اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ ميمبر هئس ته ان وقت ڊين ميٽنگ ۾ اهو ٻڌايو هو ته هن سال 40 شاگردن کي اسڪالرشپ ۾ ايڊجسٽ ڪنداسين، جن مان ڪجهه جي فل في معاف ٿيندي ته وري ڪجهه کي هڪ سال جي، ڪجهه کي وري هڪ سيمسٽر لاءِ معاف ٿيندي.

    اسپيسفڪ پراجيڪٽ فنڊنگ ايٽ پروفيسرفار اسڪالرشپ :
    ٻين سڌريل ملڪن جيان ملائشيا ۾ به پروفيسرن وٽ هلندڙ پراجيڪٽس ٿين ٿا، جن ۾ جتي ذهين شاگردن جي ڪم ڪرڻ لاءِ هميشه گنجائش ٿئي ٿي ۽ پروفيسرن وٽ به ان پراجيڪٽ جي فنڊنگ مان ايندڙ شاگردن کي وظيفو مهيا ڪري ڏيڻ جيترا پيسا هجن ٿا. ان ڪري ملائشيا جي سٺين يونيورسٽين خاص طور تي ريسرچ يونيورسٽين ۾ شامل يونيورسٽيون جيڪي ٽاپ پنج يونيورسٽيون آهن، انهن جي ويب سائيٽ تي جيڪڏهن وقتاَ به وقت واندڪائيءَ ۾ پنهنجي فيلڊ مطابق پروفيسرن جو پروفائيل ڏسي ڇڏجي، انهن وٽ ڪي پراجيڪٽ هجن يا پروپوزڊ پراجيڪٽ لاءِ ڪا فنڊنگ هجي ته ان سان ضرور رابطو ڪجي ۽ کانئن اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. هن قسم جي اسڪالرشپ سڀ کان آسان فنڊنگ آهي، جنهن لاءِ پروفيسر سان سڌي طرح رابطو ڪجي ٿو، جنهن ڪري وڌيڪ گھڻن جاين تي درخواست موڪلڻ جي ضرورت نه ٿي پوي. ٻي ڳالهه ته پهرين ڏينهن کان پروفيسرن کي متاثر ڪرڻ ڪري انهن جي اعتبار حاصل ڪرڻ سان پڙهڻ دوران پنهنجي پروفيسر سان ڪو ڪميونيڪيشن جو گيپ به نٿو رهي.
    هن قسم جي فنڊنگ ترقي يافته ملڪن جي اهم يونيورسٽين جي پروفيسرن وٽ تمام گھڻي هوندي آهي.

    انٽرنيشنل فنڊنگ فارانٽرنيشنل اسٽوڊنٽس فار اسٽڊي ان ملائشيا
    هن قسم جي اسڪالرشپ دنيا جي سڌريل ملڪن طرفان يا وري مّختلف ملڪن جي گڏيل يونين طرفان يا وري يونائيٽڊ نيشن جي فنڊنگ ايجنسين طرفان يا وري ڪنهن پرائيويٽ ٽرسٽ يا هيومن ڊولپمينٽ تنظيم يا وري تعليم جي لاٰءِ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻهن يا ملڪن طرفان مختلف ملڪن جي بهترين يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپون ميسر ڪري ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي ترقي پذير ملڪن جي شاگردن لاءِ ٿين ٿيون، ته جيئن اهي دنيا جي مختلف خطن جي مختلف يونيورسٽين ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن، جنهن سان سندن ملڪ ۽ قوم جو ته ڀلو ٿئي ٿو پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فيلڊ ۾ به واڌارو اچي ٿو. مثال طور TWAS (The World Academy of Science) Scholarships آهي.
    هي اسڪالرشپون ترقي پذير ملڪن ۾ سائنس جي ترقيءَ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون. هن ئي اسڪالرشپ تي منهنجا ڪجهه دوست جن ۾ اختر مرکنڊ، عبدالشڪور مستوئي چائنا مان پڙهي آيا آهن.
    هيءَ اسڪالرشپ ملائشيا جي ڪجهه يونيورسٽين ۾ به انائونس ڪئي وڃي ٿي، تواس تنظيم جي تعاون سان جيڪا ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ٻين ملڪن جي شاگردن کي ڏني وڃي ٿي، جنهن لاءِ گذريل سال يونيورسٽي ملايا ۾ ڏني وئي، ۽ هاڻي وري يونيورسٽي سائنس ملائيشا ۾ انائونس ٿي آهي. هن ئي اسڪالرشپ تي يونيورسٽي سائنس ملائشيا ۾ محمد بخش نظاماڻي پي ايڇ ڊي ڪري ويو آهي.
    هن اسڪالرشپ تحت تمام گھڻا پيسا ملن ٿا ۽ تمام بهترين پروفيسرن ۽ يونيورسٽين ۾ هيءَ ڏني وڃي ٿي. هن اسڪالرشپ کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام وڏو مقابلو ٿئي ٿو جو سڄي ايشيا ۽ آفريقا تائين جا شاگرد اپلاءِ ڪن ٿا. هي اسڪالرشپ پراجيڪٽ ڪنهن ٻئي نه پر پاڪستان جي نوبل لاريٽ ڊاڪٽر عبدالسلام جي ڪوشش سان نه فقط شروع ٿيو پر بلڪه کيس ان پروگرام جو باني به مڃيو وڃي ٿو. هن اسڪالرشپ جو بنياد ڊاڪٽر عبدالسلام جي ڪوشش سان 1983ع ۾ پيو، جنهن جو مقصد غريب ملڪن ۾ سائنس ، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ، ان لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏيڻ ته جيئن ڄاڻ ۽ هنر سان غريب ملڪن مان غربت ۽ صحت جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اٽلي جي ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڪجهه سائنسدانن، ڊاڪٽر عبدالسلام سان تعاون ڪيو. هن تنظيم جو افتتاح يونائيٽد نيشن جي سيڪريٽري جنرل 1985 ۾ ڪيو هو. هن تنظيم جو نالو شروعات ۾ ”ٿرڊ ورلڊ اڪيڊمي“ رکيو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت 42 فيلو ميمبر ٿيا، جن ۾ 9 نوبل انعام يا فته سائنسدان به شامل هئا. هاڻي هن تنظيم ۾ 1176 فيلوز آهن جيڪي 90 مختلف ملڪن سان لاڳاپيل آهن، جن مان 15 نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدان به آهن، تقريباَ 85 سيڪڙو فيلو ترقي پذير ملڪن مان آهن ۽ باقي ترقي يافته ملڪن جا آهن. هن اڪيڊميءَ ۾ سڀ سائنس جا ماهر شامل آهن جن جي ڪم جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي گهرو اثر آهي.


    ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگرد

    هن وقت هڪ محتاط اندازي مطابق 250 کان 300 تائين سنڌي شاگرد ملائشيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ آهن، جن مان ڪجهه نالا سندن يونيورسٽين مطابق لسٽ ۾ هيٺ ڏجن ٿا.

    يونيورسٽي آف ملايا:
    هن وقت تقريباَ 20 شاگرد آهن جن ۾1 ڪريم بخش شاهه 2 ميڊم نويده شاهه 3 ميڊم فضا قريشي، پي ايڇ ڊي بزنس مئنيجمينٽ، 4 علي خان گُھمرو پي ايڇ ڊي انٽرنيشنل رليشنس ،5 راشد علي کهڙو پي ايڇ ڊي ميڊيا سائنس 6 مدثر ميمڻ پي ايڇ ڊي سافٽ ويئر انجنيئرنگ، پرويز مهيسر پي ايڇ ڊي پوليٽيڪل سائنس 7 سردار علي شاهه پي ايڇ ڊي قانون.
    هي سڀ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهن سنڌ يونيورسٽي ۽ هيڪ جي گڏيل فيڪلٽي انهانسمينٽ پراجيڪٽ تحت اسڪالرشپ تي هتي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ آيل آهن. ان کان علاوه 8 ڪامران خواجه پي ايڇ ڊي ان ڪمپيوٽر سائنس . فياض ڪٽپر پي ايڇ ڊي ان انجنيئرنگ فيڪلٽي ،10. عبدالله کوسو،11 اسلم ڀنڀرو ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي ان سول انجنيئرنگ 12 طفيل ڪلوڙ ماسٽرس ان اليڪٽريڪل 13. نظام الدين ماسٽرس ان انجينيرنگ فيڪلٽي، 14. نويد رضا شاهه پي ايڇ ڊي 2016 سول انجنيئرنگ ،15. مهراڻ سميجو، مڪينيڪل. ان کان علاوه بيچلر ڊگري پروگرام ۾ 16. صهيب شاهه مڪينيڪل شعبي ۾ پڙهي رهيو آهي، هن جي اسڪولنگ به اسلامڪ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ ٿيل آهي، 17. زاهد ويسر پي ايڇ ڊي انگلش، 18 اسامه عباسي ماسٽرس پبلڪ ايڊمنسٽريشن. سردار علي شاهه ٻڌايو ته جن به دوستن کي پاڪستان گورنمينٽ يا هيڪ يا سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ آهي. انهن سمورن کان علاوه باقي تقريباَ سڀني کي هتي يونيورسٽي ملايا يا وري سندن پروفيسرن طرفان پراجيڪٽ فنڊنگ آهي يا وري اسسٽنٽ شپ مليل ٿئي ٿي. جنهن ڪري باقي شاگرد به پنهنجو خرچ پکو هتان ڪڍيو ويٺا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شاگردن کي 2500 رنگٽ کان 4000 هزار رنگٽ ماهوار ملن ٿا. جيڪڏهن هو يونيورسٽي ملايا جي اسڪالرشپ تي آهي يا وري پروفيسر جي اسڪالرشپ تي. پروفيسر کي جڏهن به نيشنل يا انٽرنيشنل پراجيڪٽ ملندو آهي، ته ان ڪم لاءِ شاگرد داخل ڪري انهن کان ئي ڪم ڪرائيندو آهي، جنهنڪري شاگردن کي پراجيڪٽ بيسڊ پي ايڇ ڊي آفر ڪري کين ماهوار وظيفو مقرر ڪري ڏيندو آهي. مدثر ميمڻ جو چوڻ هو ته مون پروفيسر طرفان مليل اسسٽنٽ شپ هڪ سيمسٽر هلائي پر پوءِ اها جيئن ته منهنجي ڪم سان لاڳاپيل موضوع تي نه هئي، ان ڪري مون ڇڏي ڏني ته جيئن پنهنجو ڪم بهتر ۽ جلد ڪري سگھان. جيئن ته هن سيلف فنانس تي داخلا ورتي هئي ۽ کيس ڪا اسڪالرشپ يا پراجيڪٽ نه هو، منهنجي پڇڻ تي ته سڀ کان وڌيڪ سنڌي شاگرد ڀلا انجنيئرنگ فيڪلٽي ۾ داخلا وٺندا آيا آهن ته چيائون سبب هي آهي ته هن يونيورسٽي جي انجنيئرنگ فيڪلٽي سڀ کان ٽاپ تي آهي ۽ پروفيسرن وٽ پراجيڪٽ به گھڻا هوندا آهن. مدثر ٻڌايو ته انجنيئرنگ ۾ هن يونيورسٽي جي رينڪنگ دنيا ۾ ريڪنگ 50 جي اندر آهي، ان ڪري ئي شايد سنڌي شاگردن جو لاڙو به وڌيڪ ان فيڪلٽيءَ ڏانهن رهيو آهي.

    يونيورسٽي پترا ملائشيا
    .1 منصور کهڙو، ماسٽرس ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي بزنس مئنيجمينٽ، .2 نوراحمد بروهي ماسٽرس ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي بزنس مئنيجمينٽ، هي ٻئي دوست هيڪ جي اسڪالرشپ تي آيل آهن، .3 عتيق الرحمان بيهڻ، .4 ذوالفقار مهر، هي ٻئي وري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسڪالرشپ تي آيل آهن، .5 سيف الله بلو، هي دوست ملائيشن انٽرنيشنل اسڪالرشپ تي آيل آهن ۽ ملائيشن گورنمينٽ جي خرچ تي پي ايڇ ڊي پوري ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي وري ان کي پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي اسڪالرشپ به سندس پروفيسر ڏني آهي. ،6 شگفته جبين هيءَ ميڊم سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي اسڪالرشپ تي آيل آهي. هي سڀ اهي آهن جن کي آءٌ ذاتي طور سڃاڻان ٿو. باقي دوست نور بروهي ٻڌايو ته هن وقت 15 جي قريب سنڌي شاگرد هتي اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن جن مان ڪجهه نالا هي آهن. 7 غلام مجتبيٰ ، پي ايڇ ڊي سوشل سائنس، 8 شڪيل احمد چنا، 9 نديم ڀٽي، 10 ساجد ڀٽي، هي ٻئي ڀٽي قائدِ عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه سان لاڳاپيل آهن ۽ انهيءِ جي اسڪالرشپ تي آيل آهن، 11 ڪامران سومرو ماسٽرس مڪينيڪل ،12 عرفان شيخ، 13 جاويد شيخ، باقي جيڪي دوست هتان 2012ع کان ويندي 2016ع تائين گريجوئيشن ڪري ويا آهن انهن ۾ تقريباَ 30 کن سنڌي شاگرد آهن ، جن ۾ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا، 1 عبيدالله ڪاڪا پي ايڇ ڊي 2016 سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ،2 انجنيئر عبدالرحيم چنا ماسٽرس انوائرنمينٽل سائنس 2015ع ، 3 ڊاڪٽر تنوير عبدالفتاح ابڙو پي ايڇ ڊي 2015ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، 4 عصمت الله ڪاڪا پي ايڇ ڊي 2015 وٽنري، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، 5 احمد تونيو، 6 عبدالرزاق ڇڇر ماسٽرس جنرلزم، 7 سعيد احمد گھلو،8 عطاء شاهه 2012، 9 عقيل احمد بيهڻ 2013 ،10 خليل ڌاريجو ۽ 11 سندس گھرواري 2012ع، 12 مهرالنساءِ ناريجو ،13 رابيل گانڌائي، 14 اسحاق مستوئي، 15 انيل اوڏ، 16 شفيق ميمڻ ،17 عبدالصمد چانڊيو، 18 عرفان گلال، 19 آغا مشتاق وغيره شامل آهن.
    دوستن وڌيڪ ٻڌايو پئي ته ٻيا به ڪيترا سينئرهئا جيڪي ڊگري ڪري ويا آهن، 2012ع کان هينئر تائين جن کي سڃائين پيا نه ته انهن جي خيال ۾ 2012ع کان اڳ ۾ به هتان ڪيترائي سنڌي شاگرد پڙهي ويا آهن.

    يو ڪي ايم
    National University of Malaysia (Universi Kanbugsam Malaysia)

    هن يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت پنج سنڌي شاگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن جن ۾ 1 عبدالرحمان نظاماڻي (اڪانامڪس) ، 2. پسند علي کوسو (سوشالاجي) ، 3. فاروق احمد لغاري (انٽرنيشنل رليشنس) هي دوست سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي آيل آهن. انهن کان علاوه ٻيا دوست 4 عبدالرحمان نطاماڻي (ڪمپيوٽر سائنس) ۽ 5.عبدالله کوسو (ڪمپيوٽر سائنس) به آهن.
    يو ايس ايم University Sains Malaysia
    هن يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت سيد فيصل حيدر شاهه پي ايڇ ڊي (سوشالاجي) ، امير علي ٻرڙو پي ايڇ ڊي (وومين اسٽڊيز)، هي ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اسڪالرشپ تي آهن ان کان علاوه عبدالحڪيم ميمڻ پي ايڇ ڊي فارميسي، محمد بخش نطاماڻي پي ايڇ ڊي (هيلٿ فزڪس) هي دوست انٽرنيشنل اسڪالرشپ TWAS تي آهي. ڪجهه دوست جيڪي حال ۾ گريجوئيشن ڪري ويا، انهن ۾ دلنواز هَڪڙي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کان علاوه چار سنڌي شاگردياڻيون به هتي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيون آهن.

    يو ٽي ايم University Technology Malaysia

    عبيدالله راشدي ماسٽرس (بزنس ايڊمنسٽريشن) ڪولالمپور، ڊاڪٽر سراج پانڌياڻي پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي) جوهر مين ڪئمپس، عرفان احمد چانڊيون پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي).
    هي پنج يونيورسٽيون جن ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جا نالا لکي آيو آهيان، ملائشيا جون ٽاپ پنج يونيورسٽون آهن جن کي ريسرچ اسٽيٽس مليل هجڻ ڪري ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فنڊنگ ۽ سهولتون مليل آهن، جن ۾ اڪثر شاگردن کي به ٽيچنگ اسسٽنٽ شپ يا وري اسڪالرشپون به مليون وڃن يا وري هنن يونيورسٽين ۾ پراجيڪٽ بيسڊ ريسرچ هجڻ ڪري به پروفيسرن کان اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھڻ جا موقعا وڌيڪ آهن. ان ڪري ڪوشش ڪري ان يونيورسٽين جي ويب سائيٽس تي يا ان يونيورسٽين جي پروفيسرن جي لنڪ تي وڃي پنهنجي فيلڊ مطابق ڪو پراجيڪٽ يا ڪم ڏسڻ ۾ اچي ته ضرور ان پروفيسر يا يونيورسٽي ايڊميشن ڊائريڪٽ ۾ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي ان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ داخلا سيشنس کان پهرين يا وري واندڪائيءَ ۾ انهن يونيورسٽين جي ويب سائيٽن کي وزٽ ضرور ڪرڻ گھرجي.
    انهن يونيورسٽين کان علاوه به ملائشيا جون باقي يونيورسٽيون به سونهن ۽ سهولتن ۾ لاجواب آهن، جن ۾ به هر يونيورسٽيءَ ۾ تقريباَ سنڌ ۽ سڄي پاڪستان جا شاگرد ملن ٿا، جو هتي پوري ملائشيا ۾ امن آهي، بهتر ماحول آهي، آساني آهي، قدرتي سونهن آهي ۽ نظارا آهن، سڀني يونيورسٽين ۾ بنيادي سهولتون آهن. ان ڪري ملائشيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ جي موقعو ملي ته نه وڃائڻ گھرجي. بهرحال ملائيشا جي سمورين يونيورسٽين ۾ مٿين يونيورسٽين جيان اسڪالرشپون ۽ پراجيڪٽ بيسڊ فنڊگس ضرور هوندا آهن پوءِ انهن جو تعداد ٿورو گھٽ ضرور هوندو آهي نه ته موقعا ضرور آهن جو مليشن انٽرنيشنل اسڪالرشپون يا پروفيسرن وٽ فنڊنگ ته هوندي ئي هوندي آهي پوءِ ٿوري گھڻي فرق سان ضرور آهي ، ان ڪري جتي مٿين پنج ريسرچ يونيورسٽين جي لاءِ حڪومت وٽ اسپيشل گرانٽس ڪجهه وڌيڪ ضرور آهن پر ٻين لاءِ به سٺي بجيٽ ضرور هوندي آهي، ان ڪري سڀني يونيورسٽين ۾ موقعو ڳولهڻ گھرجي، پوءِ پبلڪ يونيورسٽي هجي يا پرائيويٽ يونيورسٽي. هتي پرائيوِيٽ يونيورسٽين ۾ به ڪافي موقعا هوندا آهن، ان ڪري نظر سڀني يونيورسٽين تي هجڻ گھرجي.

    International Islamic University Malaysia
    هن يونيورسٽيءَ کي ملائشيا ۾ ٻين سڀني يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منفرد حيثيت مليل آهي. هي يونيورسٽي ڪولالمپور شهر جي ڀرسان گومبڪ علائقي ۾ آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه جي شاگردن جو تمام گھڻو تعداد اعليٰ تعليم پرائي رهيو آهي. هتي ميڊيم آف انسٽرڪشن انگلش آهي، ۽ اسلامڪ ويليوز ۽ ورچوز تي خاص توجهه ڏنو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ هيءَ يونيورسٽي ملائشيا جي سڀ کان خوبصورٽ يونيورسٽي آهي هتي نه صرف سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن، پر سنڌي پروفيسر به پڙهائي رهيا آهن. انهن ۾ آرڪيٽيڪچر شعبي ۾ سائين علي رضا سومرو، ميڊيسن ۽ فزڪس ۾ سائين پروفيسر عنايت الله شاهه ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ۽ شعبي جو ڊائريڪٽر سائين اسدالله شاهه صاحب شامل آهن. ان کان علاو شاگردن جو چڱو خاصو تعداد هن وقت تعليم پرائي رهيو آهي جن ۾ عرفان شيخ پي ايڇ ڊي (تاريخ) ، محمد يعقوب ڪونڌر پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، محمد جنيد مغل پي ايڇ ڊي (اسلامڪ شريعه)، نجما چنا پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، امتياز علي بروهي پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، ارجمند بانو سومرو پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، شاهمراد چانڊيو پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، عابده ڪنول پٺاڻ، ماسٽرس لائبرري سائنس)، راحيلا شاهه پي ايڇ ڊي (ميڊيڪل فزڪس)، مظفر حسين اڄڻ پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، حميز احمد شيخ پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، غلام دستگير راجپوت پي ايڇ ڊي (قانون)، ذوالفقار علي سولنگي پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، نرمل شاهه بيچلرس (سائيڪالاجي)، سونيا سومرو ماسٽرس (بزنس)، بلال شاهه بيچلرس (سول انجنيئرنگ)، وغيره شامل آهن. انهن کان علاوه ڪجهه دوست جيڪي ڊگري ڪري ويا آهن، انهن ۾ محمد ملوڪ رند، نويد گل سومرو، زوهيب شيخ، منيبه ميمڻ، ذيشان ڀٽي، عبدالوحيد مهيسر، طٰحيٰ سنڌي وغيره ياد اچن پيا.


    ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ سنڌي پروفيسر

    نالو شهر يونيورسٽي پبلڪ يا پرا.ئيويٽ شهر سال
    عبدالرحمان ميمڻ هالا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مارا شاهه عالم. هاڻي يونيورسٽي آهي پبلڪ شاهه عالم 1977ع کان 1981ع ملائشيا ۾پهريون سنڌي استاد
    الطاف شيخ هالا ----------- پبلڪ ملاڪا 1982 کان 1991 تائين
    مخدوم احمد محمود هالا ----------- پبلڪ ملاڪا -----------
    قاضي عبدالقدوس روهڙي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پبلڪ گومبڪ ڪولالمپور 1983ع
    علي رضا سومرو خير پور ناٿن شاهه انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي
    Limkokwing University پبلڪ
    پرائيويٽ ڪولالمپور 2002ع کان 2017ع
    2017ع کان هينئر تائين
    پروفيسر لڇمڻ تارا چند هالا UCSI پرائيويٽ ڪولالمپور -----------
    عنايت الله شاهه نيوسعيد آباد انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پبلڪ گومبڪ ڪولالمپور -----------
    پروفيسر اسدالله شاهه نيوسعيد آباد انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پبلڪ گومبڪ ڪولالمپور 2011 کان هينئر تائين
    حامد علي قاضي ----------- سائنس ۽ مينيجمينٽ يونيورسٽي پرائيويٽ شاهه عالم 2012 کان 2016 تائين
    گل بلوچ لاڙڪاڻو ٽيلرز يونيورسٽي پرائيويٽ ڪولالمپور -----------
    محمد شفيع نظاماڻي ٽنڊو قيصر ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا پبلڪ شاهه عالم -----------
    پروفيسر عبدالله ساند ----------- ----------- ----------- ----------- -----------
    منصور شيخ ----------- ----------- ----------- ----------- -----------
    ولي الله شاهه سعيد آباد يونيورسٽي سائنس ملائشيا پبلڪ پنانگ 2005 کان 2012 تائين
    منظور حسين هاشماڻي ----------- يونيورسٽِي پيٽروناس ملائشيا پرائيويٽ سيمي گورنمينت پيراق اپوه 2016 کان هينئر تائين
    ظفرالله نظاماڻي ٽنڊوقيصر يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان پرائيويٽ ڪمپار پيراق 2014 کان هينئر تائين

    مٿي ڏنل نالن کان علاوه به، ڪرشن ڪمار نالي هڪ پروفيسر ڪولالمپور ايئرپورٽ تي مليو هو جنهن جو تعلق ميرپور خاص سان آهي. ملائشيا جي ڪنهن پرائيويٽ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. تنهڪري ائين ٿي سگھي ٿو ته ٻيا به ڪيترائي سنڌي استاد ملائشيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا هجن. اهو به ٻڌائيندو هلان ته مون الطاف شيخ جي سفرنامي ”هليو آ هليو آ ملائشيا“ ۾ سنڌي پروفيسر قاضي عبدالقدوس روهڙي واري جو نالو پڙهيو، جيڪو انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شروعاتي سال 1983ع ۾ هتي آيو هو. مجموعي طرح پهريون سنڌي استاد جنهن هتي اچي پڙهايو سن 1977ع کان 1981ع تائين، اهو پروفيسر عبدالرحمان ميمڻ هالا جو جيڪو بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو (الطاف شيخ جو سفرنامو هليو آ هليو ملائشيا )، سائين عبدالرحمان ميمڻ صاحب يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا جيڪا ان وقت ڪاليج هئي ۾ رهيا. انهن کان علاوه هن وقت گل بلوچ سينيئر ليڪچرار ٽيلر يونيورسٽي جيڪا پرائيويٽ يونيورسٽي آهي ۾ آهي، اهڙي طرح پرائيويٽ يونيورسٽي UCSI ۾ پروفيسر ۽ ڊپٽي وائيس چانسلر لڇمڻ تارا چند آهي سندن ذڪر به مون الطاف شيخ صاحب جي سفرنامي ملائشيا 12 سال بعد ۽ هليو آ هليو آ ملائشيا ۾ پڙهيو آهي. ان کان علاوه هتان جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا (UiTM) ۾ سنڌي پروفيسر محمد شفيع نطاماڻي آهي. هي يونيورسٽي شاهه عالم ۾ آهي، هن يونيورسٽي ۾ 99 سيڪڙو ملئي ئي پڙهن ٿا، ان ڪري هي يونيورسٽي هتان جي سڀ کان اهم يونيورسٽي سمجهي وڃي ٿي، هي يونيورسٽي خصوصي طور تي پوئتي پيل ملئي ماڻهن کي دنيا ۽ پنهنجن هم وطنن چينين سان هم پلئه ڪرڻ لاءِ کين خاص رعايتون ۽ وظيفا ڏيئي پڙهڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي ٿو!.


    باب چوٿون

    شاگرد يونين ۽ هيلٿ انشورنس

    هي مضمون, سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ شاگرد يونين يا شاگرد ونگ جي نالي سان آيل آهي, جنهن جو مڪمل متن هت ڏجي ٿو.

    ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ اها خبر پڙهيم ته عوامي جمهوري پارِٽي جي شاگرد ونگ ايس.ايس.او جي مرڪزي سالياني اجلاس ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سياسي پارٽين جي شاگرد ونگن تي پابندي هنئي وڃي. ان سان گڏ وري نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي سنڌ باب جي حيدرآباد واري اجلاس ۾ ساڳي ئي جاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ وري اهو مطالبو ڪيو ويو ته شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي. ان کان پوءِ اخبارن ۾ مختلف دوستن جا رايا به آيا جن ۾ اڪثريت شاگرد سياست جي حمايت ۾ لکيو. آءٌ به جيئن ته هن وقت اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهيان ۽ ملائشيا ۾ هڪ يونيورسٽي اندر شاگرد ڪائونسل جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جو نه صرف ميمبر آهيان پر اڪيڊمڪ شعبي جو هيڊ به آهيان، ان ڪري خيال آيو ته سنڌ وطن ۾ آيل ان راءِ کي اڳتي وڌائيندي، بين الاقوامي سطح تي موجود شاگرد سرگرمين جي روشنيءَ ۾ پنهنجي راءِ سڀني دوستن اڳيان رکان. ان لاءِ شاگرد سياست جي ٻن رخن شاگرد يونين ۽ شاگرد ونگ ۾ فرق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ مختلف ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ موجود شاگرد سياست جي مثالن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي راءِ ڏيندس ته اسان لاءِ وڌيڪ بهتر ڪهڙي ڳالهه آهي.
    عام خيال آهي ته: شاگرد يونين تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي، جنهن ذريعي شاگردن جي ڀلائي، رهنمائي، سهوليتن جي لاءِ آواز اٿاريو وڃي ٿو.
    شاگرد يونين جو مقصد تعليمي ادارن اندر نج شاگردن جي ڀلائي هوندو آهي، ان سان گڏ يونيورسٽين ۽ِ ڪاليجن جي بهتري ۽ نالي لاءِ انتظاميه سان سهڪار ڪرڻ هوندو آهي. شاگرد يونين جي پليٽفارم تان نه صرف پنهنجي درسگاه بلڪ علائقائي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ چٽاڀيٽي جي مقابلن، راندين، ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به حصو وٺن ٿا. دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي تقريباَ سڀني اعليٰ تعليمي ادارن ۾ باقاعده شاگرد يونين جون نمائنده تنظيمون آهن، انهن وٽ ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ نه صرف آفيسون آهن پر بجيٽ به هوندي آهي ۽ اتي جي شاگرد يونين جي باڊي جي هر سال اليڪشن به ڪرائي وڃي ٿي، ته جيئن عام شاگرد ان ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجي اهميت کي سمجهن ۽ ان پليٽفارم تي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺي پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪن ۽ منجهن مختلف ڪم ڪرڻ جي نه صرف صلاحيت پر ادارن هلائڻ جي قائدانه خاصيت به پيدا ٿئي.
    شاگردن جي رهنمائي لاءِ ادارن ۾ سهڪاري آفيسر مقرر ڪيل هوندا آهن، جن ۾ڪلارڪ، اسسٽنٽ، ڊائريڪٽر، ڊين اسٽوڊنث افيئرس کان وٺي پرو وي سي يا ڊپٽي ريڪٽر اسٽوڊنث افيئرس جهڙو وڏو عهدو به هوندو آهي، جيڪي شاگرد يونين جي اڳواڻن جي نه صرف رهنمائي ڪن ٿا پر کين مختلف پروگرام رکرائي ڏين ٿا. منجهن اڳواڻي ڪرڻ جهڙيون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ مختلف ليڪچر ۽ ٽريننگس ڪرائين ٿا، کين سال جي سرگرمين جو منصوبوٺاهڻ ۾ مدد ڪن ثا ، گڏوگڏ وسائل مهيا ڪري ڏين ٿا ۽ کين مختلف ادارن ۾ ٿيندڙ سرگرمين کان آگاه به رکن ٿا. شاگرد يونين جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي 10 کان 15 ميمبرن تي مشتمل هوندي آهي، جنهن جو صدر يا سيڪريٽري اداري جي فيصلا ڪندڙ مختلف ڪميٽين ۽ گورننگ باڊيز جو ميمبر هوندو آهي، جتي هو شاگردن جي مختلف ڀلي جا معاملا حل ڪرائڻ يا وري وڌيڪ بهتر نموني سان حل ڪرڻ لاءِ پيش ڪري ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينون موجود آهن، انهن مان ڪجهه جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڊينمارڪ، فنلينڊ، فرانس، جرمني، برطانيا، ڪيناڊا، آمريڪا، برازيل، چائنا، هانگ ڪانگ، سينگاپور، جپان، روس، ملائشيا وغيره. هنن سڀني ملڪن جو ذڪر ان ڪري ڪيو ته انهن مان ڪجهه ملڪ ترقي يافته آهن يا وري ڪجهه ترقي پذير ملڪن ۾ ٻين کان اڳيان اڳيان آهن. هنن مان اڪثر ملڪن جي هر تعليمي اداري ۾ شاگرد يونين هجڻ سان گڏوگڏ قومي سطح تي به تعليم جي وزارت جي سهڪار سان هڪ نيشنل اسٽوڊنٽ آرگينائيزيشن هوندي آهي، جيڪا سڀني تنظيمن کي هڪ پليٽفارم مهيا ڪري ڏئي ٿي ۽ انهن تي نظر رکي ٿي. يورپ ۾ ته هر ملڪ جي مرڪزي سطح جي تنظيم کان علاوه هتي کنڊ سطح تي يونين آهي، جنهن کي يورپين اسٽوڊنٽس يونين چيو وڃي ٿو. هيءَ تنظيم هڪ ڇٽي طور يورپ جي سمورن شاگردن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي، هن ۾ تقريباَ يورپ جي 38 ملڪن جون 45 کان مٿي نمائنده شاگرد تنظيمون ميمبر آهن. دنيا جي وڏي آباديءَ واري ۽ ڪميونسٽ نظرئي طور ڪامياب ويندڙ ملڪ چائنا ۾ به هر اداري جي شاگرد تنظيم ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي يوٿ ليگ آف چائنا جي ميمبر به هوندي آهي. آءٌ وڌيڪ ٻين ملڪن يا ادارن ۾ موجود شاگرد تنطيمن تي تفصيلي لکڻ بجاءِ مختصر دنيا تي حڪمراني ڪندڙ ملڪ برطانيا جي آڪسفرڊ يونيورسٽي، جتان سڀ کان وڌيڪ اڳواڻ به پيدا ٿيا، جو مثال ڏيان ٿو ۽ ايشيا جي ملڪن يا ترقي پذير ملڪن ۾ سڀ کان تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ملڪ ملائشيا جو مثال ڏيان ته ڪافي ٿيندو، جنهن سان ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڪامياب شاگرد سياست جو تعليمي ادارن جي اندر ڪردار ۽ دائرو واضح ٿي اسان جي سامهون ايندو، آڪسفورڊ يونيورسٽي مان هينئر تائين ڪيئي دنيا جا اڳواڻ پيدا ٿيا آهن جن ۾ صرف برطانيا جا 26 وزيراعظم ۽ دنيا جي ٻين مختلف ملڪن جا 30 کان مٿي سربراه ٿي چڪا آهن. اسان جي ملڪ جا سربراه رهندڙ ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، مقبول سياستدان عمران خان ۽ ناميارو ليکڪ طارق علي به هن يونيورسٽي مان پڙهيا آهن. پاڙيسري ملڪ انڊيا جي اندرا گانڌي به هن يونيورسٽي جي گريجوئيٽ هئي. هي سڀ ماڻهو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جا نه صرف ميمبر پر مختلف عهدن تي به رهيا ، هي سڀ ماڻهو پنهنجي پڙهائي دوران ٿي سگهي ٿو پنهنجي پنهنجي ملڪ يا برطانيا ۾ موجود سياسي پارٽين سان همدرد يا لاڳاپيل به هجن، پر يونيورسٽي اندر هو صرف شاگرد يونين جا ماڻهو هئا، هنن ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين پارٽي جي اڳواڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن نعرا يونيورسٽيءَ ۾ نه هنيا، پر يونيورسٽي يونين جي قاعدي ۽ قانون جي پوئواري ڪئي، ۽ سندن سموريون سرگرميون پڙهائي، چٽاڀيٽي، ثقافتي، راندين ۽ شاگردن جي ڀلي لاءِ رهيون، هنن نه آڪسفرڊ يونيورسٽي ۾ پ پ پ جو يونٽ کوليو، نه ڪانگريس جو ۽ نه ئي وري ليبر پارٽي يا ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو. جنهنڪري اهڙن ادارن ۾ ڪڏهن به شاگردن جي گروهن ۾ نه جهيڙا ٿيا ۽ نه ئي وري ڪو سندن وچ ۾ فساد ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو اداري ۾ موجود ڊسيپلين ۽ ٽريننگس هنن کي نه صرف مختلف پارٽين جو سربراه بڻايو پر مختلف ملڪن جا هو سربراه ٿيا.
    هن يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين کي او يو ايس يو يعني آڪسفرڊ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين چيو وڃي ٿو، دنيا جي ڪامياب ترين مثال کان پوءِ ملائشيا جو مثال ان ڪري ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو جو متان اسان برطانيا جي ملڪ جي ڪامياب شاگرد سياست جي ڀيٽ پنهنجي لاءِ مناسب نه سمجهون، جو اسان جي ادارن يا ملڪ جي حيثيت ان اڳيان نه صرف ثانوي پر معمولي ۽ غير منطقي لڳي ٿي، تنهنڪري ملائشيا جيڪو نه صرف اسان جي کنڊ پر ڏکڻ اوڀر ايشيا خطي جو مسلمانن جي گھڻائيءَ وارو ڪامياب ويندڙ ملڪ آهي، جنهن به آزادي اسان کان ڏهاڪو سال پوءِ برطانيا کان ورتي. هي ملڪ هاڻي بزنس انڊسٽريءَ سان گڏ تعليم لاءِ به گهڻو مقبول ٿي ويو آهي، جو هتي پوري دنيا مان ماڻهو اعليٰ تعليم پرائڻ اچن ٿا، ۽ هن ملڪ جا تعليمي ادارا به ڏينهون ڏينهن دنيا ۾ نالو پيا ڪمائين. آءٌ پاڻ به نه فقط ملائشيا جي هڪ اهم يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم پرائي رهيو آهيان پر يونيورسٽيءَ ۾ موجود شاگرد يونين جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ اڪيڊمڪ سرگرمين واري شعبي جو عهديدار آهيان، هن لاءِ آءٌ سالياني اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪامياب ٿيس، اسان جي چونڊجڻ کان پوءِ اسان کي اسٽوڊنٽ افيئرس شعبي ويلڪم ڪيو، ۽ سڀ کان پهرين ليڊرشپ اسڪل وڌائڻ لاءِ ٽريننگ رکي وئي ۽ پوءِ پونيورسٽي ۾ شاگردن لاءِ امڪاني مسئلن ۽ ان جي امڪاني حل ٻڌائڻ لاءِ بريفنگ رکي وئي ، جنهن بعد اسان کي شاگرد يونين جي مختلف شعبن جي مقصدن کان آگاه ڪرائڻ کان پوءِ هلندڙ سال لاءِ ورڪ پلان تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن ۾ هلندڙ سال جي سموري پروگرامن جي پلاننگ آهي.
    ملائشيا ۾ شاگرد يونين هر يونيورسٽي توڙي ڪاليج ۾ موجود آهي، ايتريقدر جو مرڪزي ڪميٽيءَ سان گڏ هر فيڪلٽي ۾ ذيلي تنظيم به هوندي آهي، جيڪا مرڪزي ڪميٽيءَ سان سهڪار ۾ ته رهي ٿي پر سندس فيڪلٽي سطح تي الڳ آفيس ، بجيٽ ۽ ورڪنگ پلان به هوندو آهي. ان کان علاوه ملڪي سطح تي به وزارت تعليم ۽ وزارت ثقافت جي تعاون سان هڪ مرڪزي ملڪي سطح تي نيشنل اسٽوڊنٽ ڪائونسل به آهي، جيڪا ڏيهي توڙي پرڏيهي سرگرمين لاءِ مختلف يونيورسٽين ۾ موجود تنظيمن جي سهڪار سان مختلف پروگرام ڪرائيندي رهي ٿي. عام طور تي دنيا اندر شاگرد يونين جي لاءِ هي ڪم مخّصوص ٿيل هوندا آهن، جيئن نون آيل شاگردن جو آڌر ڀاءُ، سندن رهنمائي، جنهن ۾ سندن داخلا فارملٽيز، رجسٽريشن، رهائش، ۽ ڪلاس ڳولڻ ۾ مدد ڪرڻ جهڙا ڪم هوندا آهن. نون شاگردن لاءِ ٽوئر رکرائڻ، اڪيڊمڪ سال دوران مختلف راندين ۽ ڪلچرل پروگرام رکرائڻ، نامور ۽ ڪامياب شخصيتن توڙي شعبي جي حوالي سان ليڪچر رکرائڻ، يونيورسٽي توڙي ملڪ کي مختلف ملڪن ۾ نمائندگي ڪرڻ. غريب شاگردن لاءَ وظيفا مهياڪرڻ، قدرتي آفتن ۾ حڪومت لاءِ رضاڪار طور ڪم ڪرڻ وغيره شامل آهن.
    هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته دنيا اندر هر شاگرد کي شاگرد يونين جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر يا عهديدار ٿيڻ جو موقعو ميسر ناهي، جو ان لاءِ ڪجهه اصول ڪي قاعدا قانون مقرر ٿيل آهن، جن مان ڪجهه مختصر هيٺ ڏجن ٿا :
    شاگر جا گريڊ سٺا هجن، شاگرد جي حاضري پوري هجي، ڪي گهڻيون شڪايتون نه هجن، ڪا سزا يا ڏنڊ نه پيو هجيس، سندس ڪردار سٺو هجي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيمسٽر ٿي چڪو هجيس يا آخري سيمسٽر نه هجيس وغيره ته هو شاگرد يونين جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اليڪشن لاءِ نامزد ٿي سگهي ٿو.
    پر جن ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين نه هوندي آهي، يا کڻي چئجي ته شاگردن لاءِ سرڪاري سطح تي آفيسر ته مقرر هجن پر شاگردن کي اداري اندر نمائندگي مليل نه هجي، ته اتي شاگرد پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ يا مسئلن کي انتظاميه تائين پهچائڻ لاءِ گڏجي مختلف تعميري سرگرميون ڪرڻ لاءِ هڪ پرائيويٽ يونين به جوڙي سگهن ٿا، پر سندس دائرو ظاهر آهي ننڍو هوندو ۽ وسائل گھٽ هجڻ. جنهنڪري ان تي ٻاهرين سياسي قوتن جو اثر به ٿي سگهي ٿو، پر اهو نوجوانن جي سکيا ۽ معاشري جي مضبوطي تي منحصر آهي. ڪافي ملڪن جي ادارن ۾ ائين آهي به، خود آمريڪا اندر ڪجهه ٽائيم لاءِ ادارتي سطح تي يونين نه هجڻ ڪري شاگردن پنهنجون پرائيويٽ تنظيمون ٺاهيون، جنهن جو هڪ فرق واضح ٿي سامهون آيو جو اداري اندر شاگردن ٻاهرين مدد تي به انحصار ڪيو، جنهنڪري ٻاهرين مداخلت ٿي ۽ شاگردن ۾ ڊسيپلين جا مسئلا ٿيا. سو اهڙي نج گڏيل شاگردن جي پرائيويٽ تنظيم به ٻاهرين اثر ڪري گھربل نتيجا نٿي ڏئي سگهي يا جٽادار نٿي رهي سگهي ته پوءِ ڪيئن اسان جي ملڪ خاص طور سنڌ اندر تعليمي ادارن ۾ مختلف پارٽين جون سياسي شاخون پائيدار ٿي سگھن ٿيون!؟ ۽ انهن پارٽين جو تعداد به چڱو خاصو آهي. ظاهر آهي اهڙي صورتحال ۾ ڪلاس ۽ ڪئمپس اندر ملڪي سياست اچي جڳهه والاري ٿي، ۽ شاگرد مختلف پارٽين سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿا وڃن ، جنهن جي نتيجي ۾ نه پاڻ ۾ متحد رهي ٿا سگهن ۽ نه ئي وري مختلف سرگرمين ۾ هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا. هڪ ٻئي کان بهتر ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ منجهن فساد جنم وٺي ٿو تشدد جو رستو اختيار ڪن ٿا، سندن توجهه پڙهائيءَ تان گھٽجي رڳو سياسي تنظيم جي سرگرمين تي مرڪوز ٿي وڃي ٿو، جنهن ڪري پارٽي مفادن خاطر يا ذاتي مفادن خاطر استادن کي بليڪ ميل ڪن ٿا يا وري انتظاميا کي تنگ ڪن ٿا. تنهنڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته شاگرد يونين جو نه هجڻ ڪري مختلف سياسي پارٽين جون سياسي ونگيون ان خال کي ڀرين ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ داداگيري ۽ ڏاڍ مڙسيءَ جو ماحول جڙي ٿو، جنهن سبب ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعا رونما ٿين ٿا ۽ نتيجو صرف ڪلاسن جا بائيڪاٽ، سامان جو نقصان، بليڪ ميلنگ تي محدود نه ٿو رهي پر قتل و غارت جهڙي نوبت به اچي وڃي ٿي، جنهن جا ڪيترائي مثال آهن. شهيد عاشق جوڻيجي جو قتل هجي يا وري حال ۾ اسد عباسي، عبدالنبي بروهي، بابر سنديلي جو قتل. انهن سببن ڪري پڙهڻ وارو، سمجهه وارو، ذميوار، ايماندار ۽ محنتي شاگرد، شاگرد سياست کان پاڻمرادو پاسيرو ٿي وڃي ٿو، ڇو ته اهڙن سياسي سڏائيندڙ ٽولن جي حيثيت سندن وٽ نيم حڪيم جهڙي ٿئي ٿي، جن وٽ شاگردن جي مسئلن جي حقيقي حل بجاءِ ٽرڙائپ، داداگيري ۽ سکڻي نعريبازي هوندي آهي، جيڪا هڪ ذميوار شاگرد کي ڪڏهن به سونهين نه ٿي، ڇو ته، کيس نعريبازي کان وڌيڪ ڊائلاگ پسند ٿئي ٿو، کيس تشدد نه پر ڳالهين جو رستو وڻي ٿو، کيس دٻدٻي کان وڌيڪ نماڻائي اچي ٿي، کيس مسئلن جو حل سائنسي بنيادن تي ڪرڻ اچي ٿو، نه ڪي ڏيکاءَ خاطر. سو اهڙي صورتحال ۾ اسان کي شاگرد سياست مان نڪمي ليڊرشپ ملي ٿي جيڪا اڳتي هلي ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. شايد اهڙي قسم جي سياست جو خطرو مشهور ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ جي ليکڪ پرنس پيٽر ڪرو پاٽڪن کي به هو جيڪو پنهنجي پوري ڪتاب ۾ پڙهائي پوري ڪري نڪرندڙ شاگردن کي مخاطب ٿيوآهي نه ڪي پڙهائي جاري رکندڙ شاگرد کي.
    اسان جي ملڪ ۾ شاگرد يونين تي 1980ع ۾ پابندي وڌي وئي، جنهن جي جڳهه مختلف سياسي تنظيمن جي شاگرد ونگن ورتي، جنهن ڪري هر تعليمي اداري ۾ ڪيئي پارٽين جا سرگرم ٽولا وجود ۾ آيا. هي ڪم هٿ وٺي بدنيتي سان ڪيو ويو، جنهن سان شاگرد سياست کي نه فقط انتهائي وڏو هاڃو رسيو پر اڄ تائين ملڪي سطح جي سياست به پنهنجي صحيح رخ ۾ نه اچي سگهي آهي، هاڻي ته شاگرد سياست جا پئمانا ۽ وصف ئي تبديل ڪئي وئي آهي، ۽ ڪير به چاهي اسٽيبلشمينٽ هجي يا وري وفاقي ۽ قومپرست سياسي قوتون، اهي سڀ شاگرد وانگن واري سياست کي ئي اصل شاگرد سياست سمجهن ٿيون ۽ تعليمي ادارن اندر پنهنجي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، ۽ عام شاگرد به ان کي صحيح سمجهي ٿو. اڄ جو شاگرد سياسي پارٽين جي رحم و ڪرم تي آهي، سياسي پارٽين جي نمائندگي ڪندڙ شاگرد پاڻ کي هيرو ته سمجهن ٿا پر عملي ميدان ۾ ٻڙي ثابت ٿين ٿا.
    سو ضياءَ شاهي ۽ سندس ٽولي جي سازش اڄ تائين ڪامياب آهي جو ان پابندي کي عملي طرح ختم ڪرڻ جي اڄ تائين ڪنهن به سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي،ان جو سبب جمهوري پارٽين ۾ موجود وڏيرڪو عنصر آهي ته وري قومپرست پارٽين ۾ موجود نااهل ۽ ذاتي مفاد رکندڙ ليڊرشپ. نج عوامي پارٽيءَ جو اعزاز رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي به پهرين ٻن دورن ۾ ان معاملي کي جيئن جوتيئن رهڻ ڏنو، پر گذريل حڪومت ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو پر ان تي عمل ڪونه ڪرايائون، ڇو ته نام نهاد وڏيرن کي ملڪ جي مستقبل جا معمار پنهنجي قبضي ۾ رکڻا آهن ۽ هو نه ٿا چاهين ته نوجوانن جي صحيح نموني شعوري اوسر ٿئي ۽ ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد ڊگريون ملڻ باوجود به سندن رحم ڪرم تي رهن. اهڙي طرح قوم پرست ڌريون به هن قسم جي پابندي مان خوش رهيون آهن، جو کين به مفت ۾ ڪچو ذهن رکندڙ نوجوان ملي وڃي ٿو جنهن کي هو جيئن چاهين استعمال ڪن ٿا، هنن ڌرين جا اڳواڻ به نشي جي عادي جيان ٿين ٿا، جن کي صرف نعريبازن جو ٽولو گھربل هوندو آهي، جيڪي سندن ڳلا ڦاڙي نعرا هڻي، سندن لاءِ ڀتاخوري ڪري، قبضا ڪري ڏي. ادارن جي سربراهن کان ناجائز مراعتون ۽ پيسا وٺرائي ڏين. انهن ئي سببن ڪري نه سنڌ جي سياست ۾ ڪا نواڻ آئي آهي، نه نوان رجحان ٿا پيدا ٿين . نه ئي وري پارٽين جا مزاج ٿا بدلجن، ۽ نه ئي وري قوم پرست پارٽين جي طاقت ۾ يا عوامي پاور ۾ ڪا واڌ اچي ٿي، ائين لڳي ٿو سڀ ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي ويٺا آهن، جنهن مسجد جو مولوي به سدائين ساڳي خاندان مان ٿئي ٿو، جي ڪنهن کي اڳتي هلي ڪا ڳالهه نه ٿي وڻي ته اهو وري الڳ سان پنهنجي مسجد جوڙي ٿو ۽ پاڻ کي وڏو ملا سمجهي ٿو، سو هاڻي جيڪو ڪم سنڌ مخالف ڌرين کي ڪرڻو هو يا ان لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوين هان اهو ڪم اسان پاڻ پيا ڪيون. هن (ٽه طرفي) مطلب سنڌ مخالف ڌرين، وڏيري ۽ نام نهاد قومپرست سياستدان جي وچ ۾ اسان جي سنڌ کي پيڙيو پيو وڃي، قدرت طرفان سڀ ڪجهه هوندي سوندي بک بدحالي عام آهي، هر ڪو دانهون به ڪري پيو ته ايماندار، هوشيار ۽ ڪامياب ، انصاف پسند ليڊرشپ جي کوٽ آهي، ليڊرشپ گيپ آهي، ظاهر آهي جڏهن قوم جي نوجوان کي اسرڻ ئي نه ڏينداسين، کيس سندس صلاحيتن آڌار ڪم ڪرڻ ئي نه ڏينداسين، کين عملي ۽ صحيح رخ کان پري رکنداسين ، ٻه نمبر نااهل ماڻهو سندن مٿان ٿاڦينداسين ته پوءِ صحيح ليڊر ڪيئن پيدا ٿيندا؟ هي هڪ حساس ارتقائي عمل آهي، جنهن اڳيان اسان نااهليت جي ديوار بيهاري ڇڏي آهي جنهن کي شاگرد سياسي ونگ جو نالو ڏنو ويو آهي، سو جيسيتائن ان جي جڳهه حقيقي شاگرد سياست يعني شاگرد يونين نه وٺندي تيسيتائين اسان جي قسمت بدلجڻ جي اميد اجائي آهي، جنهن لاءِ هڪ مثال پنهنجو ڏيان ٿو، آءٌ خود حيران آهيان ته هتي اچي ڪيئن شاگردن جو نمائندو چونڊجي ويس، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران مون شاگرد اڳواڻن جا نعرا ٻڌنڌي ڪيئي دفعا پنهنجي ڪمري جو دروازو ڪينٽين وارن يا هاسٽل جي عملي وارن کان ٻاهران بند ڪرايو ته جيئن آرام سان امتحان جي تياري ڪري سگھجي يا هنن کان پيسا بچائي سگهجن، جو موصوفن کي هلندڙ امتحانن ۾ شاگردن جا مسئلا ياد ايندا هئا ۽ شاگردن کي زوري ٻاهر ڪڍي ڌرڻا هڻائيندا هئا. مون کي عوامي جمهوري پارٽي طرفان شاگرد سياست تي پابندي جو مطالبو ٻڌي انڌيري ۾ روشني جو ڪرڻو نظر آيو آهي. اميد ٿو ڪريان ته هي عملي طرح ڪورٽ ۾ وڃي شاگرد سياسي ٽولن تي پابندي ۽ شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندا ۽ اسان جي نوجوان کي صحيح آگاھي ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽائيندا.


    شاگردن لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي

    دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ صحت جون سموريون سهوليتون ميسر هجڻ باوجود به هر ماڻهو هيلٿ انشورنس پاليسي ڪرائيندا آهن، جنهن سان هو وقت اچڻ تي پنهنجو علاج ڪمپنيءَ طرفان ڪرائي سگھن ٿا. بلڪل ائين ئي پوري دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي هوندي آهي، ته جيئن شاگرد کي ڪنهن تڪليف يا بيماريءَ سبب علاج جي بر وقت سهوليت ملي سگھي.
    ائين ملائشيا ۾ به سڀني شاگردن پوءِ چاهي انٽرنيشنل شاگرد هجي يا وري نيشنل، ان کي هيلٿ انشورنس ڪرائڻ لازمي آهي، جيڪا يونيورسٽيءَ جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي ۽ سال جي انشورنس جا پيسا شاگرد جي فيس ۾ ئي شامل ٿين ٿا ، جنهنڪري نه فقط ڪنهن ايمرجنسي ۾ شاگرد جو علاج ممڪن هوندو آهي پر عام علاج معالجي لاءِ به شاگرد کي يونيورسٽي ۾ موجود ڪلينڪ يا هاسپيٽل ۾ مفت ۾ دوا ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري علاج ۾ آساني هجڻ ڪري شاگردن جي صحت سلامت به رهي ٿي ۽ هو سڪون سان پڙهائي به ڪري سگهي ٿو، هينئر منهنجي هيلٿ انشورنس هجڻ ڪري يونيورسٽي ڪلينڪ ۾ منهنجي او پي ڊي ته مفت آهي پر منهنجي ڪري فيملي جي به او پي ڊي مفت آهي جو منهنجي گھرواري ۽ ٻنهي ٻارن جا ڪڏهن به پيسا نه ورتا اٿن. ائين به نه آهي جيئن اسان وٽ يونيورسٽين ۾ موجود ڪلينڪ تي بغير پيڪنگ واريون کليل ٽڪيون ڏئي ٿرڪايو وڃي ٿو ۽ اهڙي علاج ڪري شاگردن کي نه مٿي ۾ سور ڇڏي، نه پيٽ ۾ سور. آخر شاگرد ڪنهن پرئيويٽ ڊاڪٽر کي ڏيکاري ٺيڪ ٿئي ٿو يا وري موڪلون ڪري پاڻ کڻائي ڳوٺ وڃي مالڪن وٽ رهي، علاج ڪرائي، يا ائين به ٿئي ٿو ته اسان وٽ هاسٽلن ۾رهندڙ ڪيترائي شاگرد مختلف بيمارين جي وچڙي وڃڻ ڪري موت جو شڪار به ٿيا آهن پر اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ موجود ڪلينڪ ۾ صرف ڊسپينسري ٽائيپ دوائون ۽ جڳاڙي ڊاڪٽر نه پر فزيشن ۽ ماهر ڊاڪٽر به هوندا آهن. سموريون دوائون موجود هجن ٿيون، بلڊ ٽيسٽ لاءِ بهترين ليبارٽري، ايڪسري مشين، دل جي ڌڙڪڻ چيڪ ڪرڻ لاءِ مشين کان ويندي ڊينٽلسٽ به موجود رهن ٿا، ان ڪري هتي اسان جي پرائيويٽ اسپتالن ۾ ويٺل ڊاڪٽرن کان به بهتر علاج ٿئي ٿو جو هتي دوا نه ڪنهن ٻاهرين ميڊيڪل اسٽور تان وٺڻي پوي ٿي، نه ئي وري ڪنهن ميڊيڪل ريپ يا ڪمپني کي خوش ڪرڻ لاءِ دوائون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. مون ته ملائشيا ۾ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتال ۾ ڪٿي به ميڊيڪل ريپ نه ڏٺو آهي. وڏي ڳالهه ته هتي دوا ٻاهر ڪنهن فارميسي شاپ تان وٺڻ لاءِ لکي ڏيڻ جي روايت بلڪل نه هجڻ برابر آهي. هر اسپتال اندر فارميسي شاپ آهي جتان دوا به مليو وڃي، سو ڳالهه پئي ڪئي سين هيلٿ انشورنس پاليسي جي ته اها ڪيترو فائديمند ۽ ضروري آهي، منهنجي هتي هيلٿ انشورن پهرين سال فقط 300 رنگٽ جيڪو 2014ع جي ڪرنسي ريٽ مطابق 9000 هزار ۾ ٿي، جيڪا هائي 2016ع ۾ 400 رنگٽ ۾ ٽوٽل 10،000 ۾ ٿي، جنهن جي علاج جي حد وري 25 هزار رنگٽ جي علاج ڪرائڻ جيتري آهي جيڪي پاڪستاني ڪرنسي ۾ ٿين ٿا 6 لک روپيا، جيڪو منهنجي حساب سان ڪافي سارو سهارو آهي، جو منهنجي زال ۽ ٻارن جي او پي ڊي به ان ۾ شامل آهي. اسان وٽ به جيڪر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي تحت ايڊميشن ڪئي وڃي ته تمام بهتر ٿئي ۽ ڪنهن بيماري جي صورت ۾ شاگرد ڪنهن ڳاٽي ڀڳي خرچ کان بچي وڃي. سندس والدين کي به سولائي ٿئي، جو اسان وٽ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ملندڙ شيون ۽ کاڌا معياري نه آهن، نه وري ڪو صفائي ۽ احتياط آهي. بلڪه يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن ۾ ته هيپيٽائٽس جا تمام گھڻا ڪيس ٿين ٿا جيڪي آخري اسٽيج تي اچي ظاهر ٿين ٿا، جنهنڪري شاگردن جي زندگي خطري ۾ پئجيو وڃي، سو جيڪڏهن يونيورسٽيءَ اندر سٺي ليبارٽري ۽ ڪلينڪ هجي جيڪا علاج ڪري يا وري ضرورت مطابق شاگرد کي انشورنس هجڻ ڪري ڪنهن سٺي اسپتال ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ چوي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ۽ ڪيترائي شاگرد ۽ سندن والدين ڪافي پريشانين کان بچي وڃن. هن وقت مون کي هي لکندي پنهنجو مرحوم چاچو هادي بخش ۽ دوست الاهي بخش ياد اچن ٿا جن جو موت سندن پڙهائي دوران ٿيو، جن کي هيپيٽائٽس بي ٿي ويئي هئي جنهن جي خبر تڏهن پئي جڏهن هو بيهوش ٿيڻ جهڙا ٿيا، نه ته يونيورسٽي ڪلينڪ تان بخار جو علاج وٺندا رهيا يا وري وڌ ۾ وڌ لمس جي او پي ڊي ۾ پاڻ ڏيکاريندا رهيا پر ڪو فائدو ٿيڻ بجاءِ ڪمزور ٿيندا ويا ته سندن دوستن گھر فون ڪري اطلاع ڏنو پر ڪو فرق نه پيو هي ٻئي فوت ٿيا، جي منهنجي ننڍڙي شهر واره مان منهنجا پنهنجا فوت ٿيا آهن ته ڇا سڄي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي هاسٽلن ۽ شهرن جي فليٽن ۾ رهندڙ شاگرد موذي مرضن ۾ نه وچڙندا هوندا؟. انڪري جي ڪاليج ۽ يونيورسٽي انتظاميه شاگردن جي هيلٿ انشورنس پاليسي ڪرائي ته تمام سٺو ٿئي ۽ شاگردن جي ذهني اوسر ۽ نشونما به بهتر ٿئي ۽ ڪيئي جانيون به بچي وڃن.
    هڪ اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو هلان ته اسان وٽ يونيورسٽين ۾ داخلا ٿيڻ وقت هيلٿ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ته گھربل هوندو آهي پر اڪثر ڪري اهو ڪوڙو يعني ڪنهن واسطي واري ڊاڪٽر کان ٺهرائي داخلا فارم سان گڏ جمع ڪرايو ويندو آهي، نه ڪا ٽيسٽ ٿئي، نه ڪا چڪاس، پر ملائشيا ۾ يا دنيا جي مختلف سڌريل ملڪن ۾ ائين نه آهي جو هر داخلا وٺندڙ شاگرد کي بلڊ ، يورين ٽيسٽ ، ايڪسري ۽ اِي سِي جِي ٽيست ڪرائڻيون پون ٿيون ۽ ميڊيڪل رپورٽن جي نيگيٽو اچڻ تي ئي داخلا ملي ٿي، نه ته وري شاگرد کي علاج ڪرائڻو پوي ٿو جيستائين ٺيڪ نه ٿو ٿئي تيستائين ان کي داخلا نه ٿي ملي، پر اسان وٽ ته ڪم پيو هلي، جنهن ۾ يونيورسٽي انتطاميا ته اکٻوٽ جو مظاهرو ڪري ٿي پر شاگردن جا والدين به سُسِتِي ۽ لاپرواهيءَ کان ڪم وٺن ٿا. جنهنڪري شاگرد کي، جيڪڏهن ڪو صحت جو مسئلو ٿئي ٿو ته ان جي وقت تي خبر نه هجڻ ڪري هاسٽل لائيف ۾ اهو مسئلو گنڀير ٿيو وڃي ۽ پوءِ شاگرد سان گڏ والدين به تڪليف ۾ ته اداري کي به نقصان جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. شاگرد يونيورسٽي اڌ ۾ ڇڏي وڃي يا وري بيمار هجڻ ڪري بهتر نموني سان پڙهائي به ڪري نه ٿو سگھي. پوءِ گھٽ مارڪون کڻي پاس ٿيڻ تي به اداري جو اميج خراب ٿئي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن اها پريڪٽس بند ڪئي وڃي ۽ هر شاگرد جي ميڊيڪل ٽيسٽ يونيورسٽين ۾ موجود ليبارٽرين ۾ ڪئي وڃي ته بهتر آهي يا وري گھٽ ۾ گھٽ والدين کي پنهنجي ٻار سان سچائي ڪرڻ گهرجي جو ان جي ٽيست ڪنهن ليبارٽري مان ڪرائين، گڏوگڏ فزيشن کي به ڏيکارين ته بهتر آهي ۽ تسلي سان پنهجي ٻار کي يونيورسٽي موڪلين، حالانڪ اسان وٽ ڪراچي کان ويندي ڄامشوري، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي تائين ڪجهه ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هجڻ ڪري عام شاگردن علاج ڪرائڻ جي سهولت موجود هجڻ گھرجي، پر اسان وٽ سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون بلڪل به نه آهن، يا ڊاڪٽر نه ملندا يا دوائون اڻلڀ هونديون.
    ان صورت ۾ انهن اسپتالن تي ڀاڙڻ جو ڪو فائدو نه آهي. تنهنڪري هر يونيورسٽي خاص طور جنرل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيون جتي ڪو خاص بندوبست نه آهي، اتي به جيڪڏهن ڪا 10 کان 50 بسترن تي مشتمل اسپتال ٺاهي وڃي ته تمام بهترين ٿيندو، ان لاءِ جي حڪومت تعاون نه ڪري يا وري يونيورسٽي وٽ وسائل نه هجن، ته يونيورسٽي جي اليومنائيز شعبو تحرڪ وٺي، يونيورسٽي جي ڪامياب اليومنائيز کان چندو ڪري ڪلينڪ کولي سگھجي ٿي، مان سمجهان ٿو ته جي هڪ لک اليومناءِ به 5000 هزار ايوريج ڏين ته ٿيندا 50 ڪروڙ روپيا ۽ ان سان گڏ يونيورسٽين جو اسٽاف پاڻ به هڪ هفتي جي پگھار ڏئي ته ان مان به گھڻا پيسا جمع ٿيندا ته پوءِ ڇا انهن پيسن مان ڪا سٺي اسپتال 10 ڪمرن واري نه ٿي ٺهي سگھي؟ ۽ مختلف ماڻهن تي 100 کان 5000 هزار تائين ماهوار ڊونيشن رکيو وڃي ته ڇا شاگردن جي دوا دارون جا پيسا گڏ نه ٿي سگھندا. بس ضرورت آهي سنجيدگي ۽ محنت جي، جن سان هي ڪم آساني سان ٿي سگھي ٿو. وڌيڪ هيلٿ انشورسن لاءِ نون شاگردن کان ملندڙ پيسن کي به ڪنهن سٺي اسپتال جي تعاون سان هلائي سگھجي ٿو ته يونيورسٽِي ۾ موجود ڪلينڪ ۾ به اهي پيسا ڪتب آڻي سگھجن ٿا. هي ڪم ممڪن آهي جي اليومنائي چيپٽرس محنت ڪن، ڇا ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي کان ويندي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه مان لکين پڙهي نڪتل شاگردن مان ڪو هڪ لک به اهڙا اليومنائي نه هوندا جيڪي پنهنجي پنهنجي مادري علمي ۾ ڊونيٽ ڪري سگھن . ضرورت سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي آهي، ان ۾ جي استاد به شامل ٿين، ته ڪم آساني سان ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه جي اليومنائي چيپٽر طرفان اسڪالرشپ فنڊ به قائم ڪيو وڃي، جنهن مطابق مسڪين ۽ محنتي ٻارن کي جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ فنڊس ڏنا وڃن ته ڪيڏو نه بهتر عمل ٿئي، منهنجي خيال ۾اليومنائيز کان تمام سٺا ۽ گهڻا ڪم وٺي سگھجن ٿا، جن ۾ اليومنائي هيلٿ ۽ اسڪالرشپ قائم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي انتظاميا کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.


    باب پنجون

    مڊل ايسٽ ۾ اعليٰ تعليمي رجحان

    وچ اوڀر جي ملڪن جن ۾ اڪثريت عرب ملڪن جي آهي، ان ۾ شامل عراق، شام، سعودي عرب، بحرين، قطر، امان، ڪويت، لبنان، فلسطين، اردن، يمن، يونائيٽڊ عرب ايمريٽس جي هونءَ ته ڪا به يونيورسٽي ايشيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شامل نه آهي پر عرب ورلڊ ، جنهن ۾ ايشيا ۽ آفريقا کنڊ جا سمورا عرب ملڪ شامل به ڪجن ٿا ته ڪافي يونيورسٽيون علمي سطح تي ٽاپ هزار واري ريڪنگ ۾ اچي وڃن ٿيون. البته صرف عرب ورلڊ جي تعليمي معيار جي حوالي سان ڪيو ايس جي ٽاپ 100 يونيورسٽين جي ريڪنگ ۾ پهرين نمبر تي ته لبنان جي آمريڪن يونيورسٽي آف بيروت آهي. ان کان علاوه لبنان جون ٻيون به 7 يونيورسٽيون پهرين سئو واري ريڪنگ ۾ شامل آهن. سعودي عرب جون سڀ کان وڌيڪ 21 يونيورسٽيون ٽاپ 100 ۾ شامل آهن، جنهن ۾ King Fahd University of Petroleum & Minerals ٻئي نمبر تي، King Saud University ٽين نمبر تي ۽ King Abdulaziz University (KAU) چوٿين نمبر تي آهن. سعودي عرب جون وڌيڪ 18 يونيورسٽيون جيڪي ٽاپ 100 ۾ شامل آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: Umm Al-Qura University ارڙهين نمبر تي، King Khalid University چوويهين نمبر تي، King Faisal University ستاويهين نمبر تي آهن، هن وقت عرب ورلڊ مان سعودي عرب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پوري دنيا جي مختلف يونيورسٽين ڏانهن پنهنجا نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلي رهيو آهي. يونائيٽڊ عرب ايمريٽس جون به 12 يونيورسٽيون هن 100 يونيورسٽين ۾ شامل آهن، جن مان United Arab Emirates University پنجين نمبر تي آهي. اهڙي طرح American University of Sharjah اٺين نمبر تي Zayed University ويهين نمبر تي ، Khalifa University ايڪويهين نمبر تي، University of Sharjah به نمبر ايڪويهه تي، جڏهن ته Abu Dhabi University ٻٽيهين نمبر تي آهي. قطر جي Qatar University جيڪا ست نمبر تي آهي، پرقطر جي صرف هڪ ئي يونيورسٽي آهي، جيڪا ٽاپ 100 واري ريڪنگ ۾ شامل آهي. بحرين جي Arabian Gulf University اٺاويهين نمبر تي، University of Bahrain ٻٽيهين نمبر تي، Ahlia University پنجٽيهين نمبر تي آهي.
    اردن ملڪ جون به 13 يونيورسٽيون آهن جن مان University of Jordan نائين نمبر تي آهي. ڪويت جون ٻه يونيورسٽيون ڪويت يونيورسٽي ۽ گلف يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترتيبوار 19 ۽ 49 نمبر تي آهن. عظيم ماضي رکندڙ ملڪ عراق جون به 11 يونيورسٽيون شامل آهن، جن مان يونيورسٽي آف بغداد تيرهين ۽ يونيورسٽي آف بيبلون ٽيويهين نمبر تي آهن. امان ملڪ جي سلطان قابوص يونيورسٽي ڏهين نمبر تي آهي. دنيا جي مظلوم عوام جي ملڪ فلسطين جون به چار يونيورسٽيون هن ٽاپ 100 واري فهرست ۾ شامل آهن. باقي ڪجهه وڌيڪ شامل يونيورسٽيون آفريقا کنڊ ۾ موجود عرب ملڪ جن ۾ موروڪو، مصر، سوڊان، الجيريا، تنسيا وغيره اچي وڃن ٿا. انهن جون يونيورسٽيون آهن.
    مجموعي طرح ڏسجي ته مڊل ايسٽ ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ هڪ لبنان جي، ٽي سعودي عرب جون ، يو اي اي جون ٻه، قطر جي هڪ، اردن جي هڪ ۽ امان جي هڪ يونيورسٽي شامل آهي.
    منهنجي خيال ۾ عرب ملڪ جن ۾ امن امان هجي، ان ملڪ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ جي اسڪالرشپ ملي خاص طور ٽاپ وارين 10 يونيورسٽين ۾ ته ضرور وڃڻ گھرجي. پر ٽاپ سئو وارين يونيورسٽين ۾ به جيڪڏهن اسڪالرشپ ملي ته وڃڻ گھرجي، جو مفت پڙهڻ سان گڏ انهن ملڪن ۾ نوڪري ملڻ جا موقعا به وڌيڪ ٿين ٿا، هينئر به پاڪستان جي سمورن علائقن جا ماڻهو عرب ملڪن جي تعليمي ادارن ، اسپتالن، صنعتن ۾ سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان ڪري عرب دنيا جي اهڙي يونيورسٽي جنهن جي ڪجهه ريپوٽيشن هجي، اتي اسڪالرشپ جو موقعو نه وڃائڻ گھرجي. بهرحال ايران به جيئن ته وچ اوڀر واري ملڪن ۾ اچي ٿو پر مٿي جيئن ته عرب ورلڊ جي يونيورسٽين جي ترتيب جو ذڪر آهي، ان ڪري ايران جي تعليمي ادارن کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، البته سموري دنيا جي ٽاپ 1000 واري ترتيب ۾ ايران جي يونيورسٽي Iran University of Science and Technology 959 نمبر تي آهي.
    منهنجي خيال ۾ عرب ورلڊ يا سائوٿ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا جي ملڪن کان ايراني ماڻهو ذهين ٿين ٿا، پر جيئن ته ايران تي پابندين ڪري ٻاهرين دنيا جي شاگردن جو گھٽ اچڻ ۽ فارين فيڪلٽي نه هئڻ ۽ ايران جا تعليمي ادارا نظر انداز هجڻ ڪري سندس ادارا عالمي رينڪنگ ۾ گھٽ ضرور آهن پر معيار بهتر اٿن. ايران ۾ به هاڻي ڪجهه يونيورسٽين ۾انگريزي پروگرام به شروع ڪيا ويا آهن، مئٿميٽڪس ۽ فزڪس ۾ ته ايراني ماڻهو دنيا ۾ مشهور رهيا آهن ۽ هينئر به برطانيا ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ ايراني پروفيسر مقرر آهن، آءٌ چائنا ۾ به ڏسي آيو آهيان ۽ ملائشيا ۾ به ڪافي ايرانين سان مليو آهيان، اسان جي ليب ۾ به 3 ايراني شاگرد، سائين اسدالله شاهه صاحب وٽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن، جن جي به سائين هر وقت تعريف ڪندو آهي، ائين سنڌ يونيورسٽي جا استاد جيڪي ڪافي يورپ مان به پي ايڇ. ڊي ڪري رهيا آهن اهي سڀ ايراني همعصر شاگردن کان متاثر آهن ۽ سندن ذهانت کي ساراهين ٿا. جيئن ته ايران خود دنيا جي پابندين جي نظر آهي ۽ ريڪنگ جي ڪرائٽيريا ۾ ڪافي ڳالهيون آهن، جن ۾ ڏيهي پرڏيهي ڪمپنين شاگردن کي ملندڙ نوڪرين سميت عالمي تاثر جو به اثر رهي ٿو، شايد ان ڪري ممڪن آهي ته ايران جي تعليمي ادارن کي عالمي ريڪنگ ۾ نظر انداز ڪيو ويو هجي.


    باب ڇهون

    سينٽرل ايشيا جا تعليمي ادارا ۽ موقعا

    سينٽرل ايشيا ۾ شامل ملڪ هن طرح آهن، ڪازڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرجستان. ان خطي جي سونهن جا چرچا ته هميشه تاريخي ڳالهين جو حصو رهيا آهن ۽ هي سڀئي مُلڪَ سهڻن ماڻهن جا مُلڪَ به سمجهيا وڃن ٿا. هن سموري علائقي تي روس جي حڪومت رهي آهي ۽ سوويت يونين جو حصو رهيا آهن، ۽ اڄ به سندن ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي روس جو اثر آهي، ۽ اڪثريت نوڪري ۽ تعليم حوالي سان روس ڏانهن وڃي ٿي. هن علائقي ۾ ڪجهه مشهور چوڻيون هن طرح آهن، ”جڏهن توهان جو ساڄو هث ناراض ٿئي ته پنهنجي کاٻي هٿ سان ان کي پڪڙڻ گھرجي. توهان جو دوست توهان جي اکين ۾ ڏسندو ۽ توهان جو دشمن توهان جي پيرن ۾، پنهنجي وطن جهڙي ٻي ڪا به جڳهه دنيا ۾ نه آهي، هڪ بصر ماکي کان به وڌيڪ مٺو ٿي سگھي ٿو جي اهو پنهنجي وطن ۾ پوکيل هجي“.
    خير پاڻ تعليم جي حوالي سان ذڪر ڪري رهيا آهيون، هن پاسي منهنجو ڪوبه ذاتي دوست ته پڙهڻ نه ويو آهي پر اڪثر سنڌي اخبارن ۾ هنن ملڪن لاءِ به ميڊيڪل ۽ انجينئرنگ ڪاليجن ۾ پڙهڻ لاءِ سستي فيس يا اسڪالرشپ جي ڳالهه ڪيل هوندي آهي، جيئن ته اهي اشتهار لوڪل ايجنٽن جي طرفان هوندا آهن، ان ڪري انهن تي ڀروسو ته نٿو ڪري سگھجي. تنهنڪري انهن ملڪن ۾ داخلا وٺڻ کان پهرين يونيورسٽين جي معيار بابت ضرور جاچ ڪرڻ گھرجي، جنهن لاءِ دنيا ۾ مڃيل تحقيق ڪري درجه بندي ڪندڙ ادارن جي رپورٽ ضرور ڏسڻ گھرجي، جن مان هڪ ڪيو ايس ورلڊ رينڪنگ ڪندڙ ادارو به آهي.
    QS world ranking مطابق ڪازڪستان جون دنيا جي بهترين هزار يونيورسٽين ۾ ڇهه يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ Al-Farabi Kazakh National University دنيا ۾ 236 نمبر تي آهي، L.N. Gumilyov Eurasian National University ، Abai Kazakh National Pedagogical University، هي ٻئي يونيورسٽيون چار سو کان پنج سو واري ڪيٽيگري ۾ آهن، Auezov South Kazakhstan State University (SKSU)، ،Kazakh-British Technical University، Kazakh Ablai Khan University of International Relations and World Languages، پنج سئو کان هزار واري ڪيٽيگري ۾ اچن ٿيون.
    ان حساب سان ڏسجي ته پاڪستان جي يونيورسٽين جيان هن ملڪ جي يونيورسٽين جي به تقريباَ ساڳي پوزيشن لڳي ٿي. جو پاڪستان جون به ڇهه يونيورسٽيون آهن دنيا جي بهترين هزار يونيورسٽين ۾ جن مان NUST يونيورسٽي چار کان پنج سو واري ڪيٽيگري ۾ آهي جڏهن ته ڪازڪستان جي فرابي ڪزاڪ نيشنل يونيورسٽي 236 نمبر تي آهي. بهرحال عالمي رينڪنگ ۾ ڪزاڪستان جي هنن ڇهن يونيورسٽين کان علاوه وچ ايشيا جي باقي چار ملڪن جي ڪابه يونيورسٽي شامل نه آهي. ايشيا جي رينڪنگ ۾ هن خطي جي يونيورسٽيون شامل نه ڪيل آهن ان ڪري باقي ايشيا سان هنن يونيورسٽين جي ڀيٽ عالمي ريڪنگ جي تناظر ۾ لکي جنهن ۾ ڪزاڪستان جون هي يونيورٽيون مشرق ايشيا جي ملڪن جي معيار جون نه صحيح پر ننڍي کنڊ جي يونيورسٽين جي معيار جهڙيون يونيورسٽيون ضرور آهن. اهم ڳالهه ته هڪ الڳ ڪيٽيگري ۾ هنن ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مشرق يورپ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي گڏيل ريڪنگ ڏنل آهي، ان ۾ هيٺيان پنج ملڪ ۽ اولهه ايشيا جا ڪجهه ملڪ جن ۾ آذربائيجان، آرمينيا، جارجيا ۽ سائپرس شامل آهن. ان کان علاوه اوڀر يورپ جا ملڪ جيڪي رشيا، چيڪ ريپبلڪ، ڪروٽا، پولينڊ، سلواڪيا، سربيا، هنگري، رومانيا، ليٿانيا، سلوينيا، بلگيريا، يوڪرين، البينيا، ڪوسوو، بوسنيا ۽ هزگوينا وغيره آهن، به شامل آهن.
    مجموعي طرح ته رشيا، هنگري، چيڪ ريپبلڪ ۽ ترڪي جي ريڪنگ ته وچ ايشيا ۽ اولهه ايشيا جي ملڪن کان سٺي آهي پر وري به هن ڪيٽيگري ۾ ٽاپ 300 يونيورسٽين ۾ 22 ڪازڪستان جون يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ 10 نمبر تي الفرابي ڪزاڪ يونيورسٽي آهي جيڪا عالمي رينڪنگ ۾ 236 نمبر تي آهي، ڪرجستان جي هڪ آمريڪن يونيورسٽي آف سينٽرل ايشيا شامل آهي، باقي وڌيڪ اولهه ايشيا يا ڏور ايشيا جي ملڪ آذربائيجان جون ڇهه يونيورسٽيون شامل آهن جن مان بڪو اسٽيٽ يونيورسٽي 95 نمبر تي ۽ خضر يونيورسٽي 100 نمبر تي آهي، باقي 100 کان مٿي واري رينڪنگ ۾ شامل آهن. اڄڪلهه آذربائيجان ملڪ جو شهر بڪو سياحت جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي، ۽ پاڪستان اندر دوائن جي ڪمپنين جي طرفان ڊاڪٽرن کي گھمائڻ جو هنڌ به. ڏور اولهه ايشيا جي ملڪ ارمينيا جون فقط 2 يونيورسٽيون هن ريڪنگ ۾ شامل آهن جن مان هڪ سئو کان مٿي ۽ ٻي 200 کان مٿي واري ريڪنگ ۾ شامل آهن. يوريشيا يا ويسٽرن ايشيا جي ملڪ جارجيا جي فقط هڪ جارجيا ٽيڪنيڪل يونيورسٽي شامل آهن جيڪا 200 کان مٿي واري فهرست ۾ آهي. باقي سائپرس، جنهن جي يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ اڪثر سنڌي اخبارن ۾ اشتهار ايندا رهن ٿا، ان جي هڪ به يونيورستي هن رينڪنگ ۾ شامل نه آهي نه ئي عالمي رينڪنگ ۾ آهي. سينٽرل ايشين ملڪ ۽ ويسٽرن ايشن ملڪ نه فقط سياحت ۽ سونهن حوالي سان پر تاريخي اهميت به رکن ٿا، جتان جي ثقافت ۽ تهذيب دنيا سطح تي مڃيل آهي.
    هي سمورا ملڪ مولانا رومي کان ويندي مسلم سائنسدان الخوارزمي وغيره کي به پنهنجي پنهنجي ملڪ جو سمجهن ٿا ، حالنڪ اسان وٽ ته انهن کي افِغانستان، ايران، عراق، ويندي ترڪي جي مناسبت سان ذڪر ٿيندو آهي. پر هنن ملڪ جي دعويٰ به آهي ۽ حقيقت ۾ به لڳي ٿو جو تاريخي طور ايران، افغانستان کا ويندي هي سينٽرل ايشيا جا سڀ اسٽيٽس يا فارس جي زير تسلط ۾ رهيا آهن يا وري ترڪن جي ۽ هي سمورو خطو پاڻ ۾ گڏيل ئي رهيو آهي. سندن شڪل شبيهه کان ويندي ٻولين، رسمن رواجن ۾ به ڪافي حد تائين ايران، افغانستان ۽ هنن رياستن جي پاڻ ۾ ويجهڙائپ رهي آهي. ان ڪري ئي مشهور تاريخي ڪردار هنن سمورن علائقن ۾ رهيا آهن ۽ انهن تي هي سڀ پنهنجو هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ ۾ به حق بجانب آهن. هتي اسان جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ملائشيا ۾ مختلف ملڪن جي ثقافتي اسٽال تي جڏهن ازبڪستان ۽ افغانستان جي اسٽال تي وڃڻ ٿيو ته الخوارزمي، مولانا رومي کان علاوه ٻيا ڪيترائي ٻڌل صوفي ۽ مسلم سائنسي ڪردار ٻنهي جي اسٽالن تي نظر آيا.
    بهرحال هن وچ ايشيا، اولهه ايشيا ۽ اوڀر ايشيا ۽ يورو ايشين ملڪن جي يونيورسٽين ۾ سڀ کان وڌيڪ معيار روس جي يونيورسٽين جو آهي، جنهن جون 95 يونيورسٽيون هنن 300 ۾ شامل آهن ۽ پهرين ۽ ٻئي نمبر تي به روس جون ئي يونيورسٽيون آهن، ترڪي جون 44 يونيورسٽيون به شامل آهن، ان کان علاوه چيڪ ريپبلڪ جون 22، پولينڊ جون 18، هنگري جون 8 يونيورسٽيون شامل آهن.
    اها به حقيقت آهي ته مشرق يورپ جا ملڪ سينٽرل يورپ يا اولهه يورپ جي ملڪن جيترا ڀل ترقي يافته نه هجن، ته به ايشيا جي گھڻن ملڪن کان وڌيڪ سڌريل ۽ ترقي يافته آهن. انهن مان ترڪي ۽ روس نه فقط ايشيا کي يورپ سان ملائين ٿا پر انهن ملڪن جو ڳچ حصو ايشيا ۾ به آهي، ۽ ڪافي ترقي وارا ملڪ به آهن، ان ڪري انهن ملڪن جو ذڪر خاص طور هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. اسڪالرشپ جيڪڏهن وچ ايشيا جي ملڪن مان ملي يا وري اولهه ايشيا يا مشرق يورپ جي ڪنهن به ملڪ مان عالمي رينڪنگ جي ڪنهن به ڪرائٽيريا ۾، جيڪڏهن ڪابه انهن ملڪن جي يونيورسٽِي اچي ٿي ته ضرور وڃڻ گھرجي پر جي عالمي رينڪنگ ۾ نه هجي، ته به اوڏانهن وڃڻ جو ضرور سوچڻ گھرجي ۽ مليل اسڪالرشپ کي ڪڏهن نه ڇڏڻ گھرجي، جيستائين ان کان بهتر ڪو ٻيو آپشن نه هجي.
    منهنجي خيال ۾ هن مضمون تي وڌيڪ تفصيل ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، وڌيڪ ڪوشش ڪندس ته جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو ملي وڃي جيڪو هنن ملڪن مان پڙهي آيو هجي ته ان جو انٽرويو ڪريان ۽ ڪڏهن ٻئي ڪتاب يا هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ڏيان ته جيئن بهتر کان بهتر معلومات ملي سگھي. هي ڳالهه صرف ايشا جي ملڪن جي آهي، باقي مشرق يورپ جي ملڪن ۾ روس جهڙو ملڪ به شامل آهي، جتي وڃڻ جو خواب به ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا ۽ چائنا وڃڻ کان گھٽ نه آهي، جي زندگي رهي ته ضرور ڪا ٽرينگ يا فيلو شپ گھٽ ۾ گھٽ هن ملڪ مان ضرور ڪرڻ جو سوچيو آهي. منهنجي گهرواري عابده به هميشه چوندي آهي ته روس آمريڪا، برطانيا جهڙن ملڪن جي ڀيٽ ۾ هزار دفعا بهترپاليسي رکندڙ ملڪ آهي، اوڏانهن هڪ دفعو ضرور هلنداسين. سو پڙهندڙ دوستن کي به اها ئي صلاح آهي ته روس وڃڻ جو موقعو ڳولهي لهڻ گھرجي. هي ڪامريڊ لينن جو ملڪ دنيا جو پهريون ڌرتي ڌوڏيندڙ پورهيت انقلاب آڻيندڙ ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جو هميشه ضامن رهيو آهي، ان ملڪ ۾ پڙهڻ به گھرجي ته گھمڻ به گھرجي.


    باب ستون

    ڏکڻ ايشيا ۾ تعليمي نظام ۽ رجحان

    ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان، ڀارت، افعانستان، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، مالديپ، سريلنڪا وغيره شامل آهن. ايشيا سطح تي يونيورسٽين جي معيار جي حوالي سان انهن سمورن ملڪن مان ڀارت جون 35 يونيورسٽيون، پاڪستان جون 16، بنگلاديش جون 4، سريلنڪا جون 3، باقي نيپال، ڀوٽان، مالديپ ۽ افغانستان جي ڪابه يونيورسٽي شامل نه آهي.
    ڏٺو وڃي ته ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان سٺي تعليم جو معيار رکندڙ ادارا ڀارت ۾ وڌيڪ آهن جنهن جا 9 تعليمي ادارا پهرين سئو واري ڪيٽيگري ۾ آهن جن ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بمبئي 34 نمبر تي آهي، جڏهن ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي دهلي، 41، مدراس 48، بينگلور 51، ڪانپور59، ڪرگپور 62، رورڪي 93 ، گواٿي 98 نمبر تي آهن. البته يونيورسٽي آف دهلي 72 نمبر تي آهي. ڀارت جا هي ادارا ايشيا جي بهترين چار سئو اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن ۾ پهرين سو واري ڪيٽيگري ۾ آهن. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي صرف هڪ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پهرين سئو واري ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي، جيڪا به 91 نمبر تي آهي. بنگلاديش جي يونيورسٽي آف ڍاڪا 124 نمبر تي آهي. سريلنڪا جي يونيورسٽي آف ڪولمبو 156 تي آهي، جيڪا به سريلنڪا جي واحد يونيورسٽي آهي، پهرين 200 ٽاپ يونيورسٽين ۾ شامل آهي. ان حساب سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڀارت جا ادارا پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ٻين سڀني ملڪن کان ڪافي اڳتي آهن. بهرحال پاڪستان جي 16 ٽاپ يونيورسٽين مان سنڌ جي ڪراچي يونيورسٽي 193 نمبر تي آهي، ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي 351 کان 400 واري ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي. باقي سمورا ادار پنجاب مان ۽ اسلام آباد مان آهن جن ۾ LUMS 103 نمبر تي، PIES 128 نمبر تي، قائداعظم يونيورسٽي 133، COMSAT 190 نمبر تي، UET 200 نمبر تي، پنجاب يونيورسٽي 232 تي، آغا خان 234 تي، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي 271 کان 280 نمبر تي، ايگريڪلچر يونيورسٽي فيصل آباد 291 کان 300 جي وچ ۾. ان کان علاوه NED, ، لاهور يونيورسٽِي، يونيورسٽِي آف وٽرنري ۽ اينيمل سائنس، جي سي يونيورسٽِي لاهور 300 کان 400 واري ڪيٽيگري ۾ اچن ٿيون.
    ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي تعليم جو معيار جيڪڏهن ڏسجي ته صفا خراب به نه آهي، ائين به چئي سگھجي ٿو پاڪستان جي تعليمي ادارن جو معيار خاص طور پنجاب ۽ اسلام آباد جي يونيورسٽين جو معيار عرب ملڪن، وچ ايشيائي ملڪن، اولهه ايشيا جي ملڪن ۽ ڪافي ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن (سواءِ ڀارت جي) کان به بهتر آهي، پر مسئلو امن امان ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جو آهي، سهوليتون نه هجڻ جو آهي، جو خراب انتظام هجڻ ڪري ادارن ۾ معياري ڪم جي کوٽ ٿئي ٿي، نه ته ماحول ۽ سهوليتون پيدا ڪيون وڃن ته پاڪستان، ڀارت جي اعليٰ تعليمي ادارن سان ته ڇا پر اوڀر ايشيا جي ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ملڪن چائنا، جپان، ڪوريا، تائيوان ، هانگ ڪانگ ، يا ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي اهم ملڪن سينگاپور، ٿائلينڊ ۽ ملائشيا سان به مد مقابل ٿي سگھي ٿو. هاڻي به اسان کي ٻين ملڪن نه صحيح ملائشيا جي تعليمي ماڊل کي ضرور اپنائڻ گھرجي،. جنهن کي سکڻ ۽ سمجهڻ به آسان آهي ۽ عمل ڪرڻ به ، جو اسان وٽ به مختلف ٻولين ۽ قومن جا ماڻهو آهن ۽ ملائشيا ۾ به ائين ئي آهي، پر ملائشيا ڪيئن پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ امن لاءِ سڀني کي گڏي کڻي هلي ٿو، ۽ ڪيئن تعليمي ادارن جي پاليسي ڪري اڄ سڀ پڙهي پيا آهن. اسان کي به ملائشيا مان سکڻ گهرجي.


    ڏکڻ ايشيا يونيورسٽي
    South Asian University (SAU)
    (www.sau.int)
    هي يونيورسٽي Knowledge without borders جي نعري تحت سارڪ ملڪن طرفان قائم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سارڪ ملڪن جي شاگردن کي هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. هن يونيورسٽي جو ڪئمپس دهلي ۾ آهي.
    هن ۾ في الوقت پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن ۾ داخلا ڏني پئي وڃي، جن ۾ هي شعبا شامل آهن، اپلائيڊ مئٿميٽڪس، بايوٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، اڪانامڪس، انٽرنيشنل رليشنس، ليگل اسٽڊيز ۽ سوشيالاجي وغيره.
    داخلا لاءِ آن لائين درخواست ڏئي سگھجي ٿي، جڏهن ته ايڊميشن ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ جي شرط تي داخلا ملي ٿي، ان لاءِ سمورن ميمبر ملڪن ۾ ٽيسٽ منعقد ڪئي وڃي ٿي. هن وقت ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام ڪرايا پيا وڃن.
    سمورن سارڪ ملڪن ۾ هن يونيورسٽي جي ڊگري جي تصديق ٿيل آهي، وقت به وقت سارڪ ملڪن جي گڏيل فنڊس مان اسڪالرشپون به ميسر ڪيون وڃن ٿيون. ان لاءِ هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي خاص طور تي سال جي شروع واري تاريخن ۾ نظر رکڻ گهرجي، جو نئين سال جي داخلا انائونس ٿيڻ سان اسڪالرشپون به انائونس ڪيون وڃن ٿيون.

    پريزيڊنٽ اسڪالرشپ
    هي اسڪالرشپ ٻن قسمن جون ٿين ٿيون، جيڪي انٽري ٽيسٽ ۾ ٽاپ ڪندڙ شاگرد لاءِ هونديِون آهن. جنهن تحت هڪ اسڪالرشپ انڊيا جي ٽاپ اسٽوڊنٽ کي ڏني وڃي ٿي ته ٻي اسڪالرشپ باقي سارڪ ملڪن مان ٽاپ ڪندڙ شاگرد کي ڏني وڃي ٿي. هي اسڪالرشپون ايم اي، ايم اي سي، ۽ ايل ايل ايم ڊگري پرگرامس تحت هر شعبي لاءِ الڳ الڳ هونديون آهن.

    سارڪ انڊيا سلور جوبلي اسڪالرشپ
    هن پروگرام تحت 100 اسڪالرشپ آهن جيڪي افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان، مالديپ، ۽ نيپال جي ملڪن جي ذهين شاگردن لاءِ انڊين گورنمينٽ طرفان ڏنيون وڃن ٿيون.

    سارڪ يونيورسٽي ميرٽ اسڪالرشپ
    هي اسڪالرشپ به هر شعبي جي ٻن شاگردن لاءِ هوندي آهي، جيڪي پريزيڊنٽ اسڪالرشپ کان پوءِ ٽاپ تي هوندا آهن، ۽ ساڳي طرح انڊين ۽ باقي سارڪ ملڪن جي شاگردن لاءِ الڳ سان ٻه ٻه اسڪارشپون هونديون آهن پر صرف ماسٽرس ڊگري پروگرام تحت هر هڪ شعبي ۾ هونديون آهن .

    سارڪ يونيورسٽي فريشپ پروگرام

    هي فريشپ صرف ۽ صرف يونيورسٽي ۾ پهرين کان پڙهندڙ شاگردن لاءِ هوندي آهي، جنهن تحت غريب ۽ مستحق شاگردن لاءِ ڪجهه مالي مدد ڪئي وڃي ٿي.
    سارڪ يونيورسٽي پي ايڇ ڊي شاگرد لاءِ مالي مدد ۽ ٽيوشن فيس اسڪالرشپ
    هن پروگرام تحت سارڪ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ اهڙو پي ايڇ ڊي شاگرد، جنهن کي ڪابه نوڪري يا اسڪالرشپ نه هجي، ان کي مالي مدد سان گڏ ٽيوشن فيس به نه ورتي ويندي آهي، پر اهو سندس ڪارڪردگي سان گڏ يونيورسٽي ۾ موجود فنڊس تي به منحصر ڪري ٿو.
    مٿي ٻڌايل سموريون اسڪالرشپون شروعات ۾ صرف هڪ سال لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون، بعد ۾ شاگرد جي ڪارڪردگي، ڊسيپلين ، وغيره تي جاري ڪيون وڃن ٿيون. باقي جنهن به شاگرد کي ڪنهن ٻي ايجنسي يا سندس ملڪ طرفان اسڪالرشپ آهي، ته اهو پنهنجي ان اداري جي پاليسي تحت اسڪالرشپ رکندڙ هوندو جنهن سان سارڪ يونيورسٽي جي پاليسي جو ڪو به تعلق نه آهي. جيئن ته اسڪالرشپن جو تعداد گھٽ آهي پر پوءِ به ٽيسٽ پاس ڪري داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ وقتاَ به وقت مختلف قسمن جون فيلوشپس ۽ مالي معاونت ڪئي ويندي آهي، جيڪا صرف هڪ قسم جي مدد هوندي آهي، نه ڪي پورو پڙهائي جو خرچ ، جنهن ۾ به ميرٽ تي فيصلو ڪيو وڃي ٿو. وڌيڪ معلومات لاءِ سارڪ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي تفصيل پڙهڻ گھرجي.


    باب اٺون

    يوريشين ملڪ روس ۽ ترڪي ۾ اعليٰ تعليم

    هنن ٻن اهم ملڪن جي تعليمي ادارن ۽ انهن ۾ موجود تعليمي موقعن جي حوالي سان تفصيل خاص طور شامل ڪيل آهي، انهن ملڪن جي اهميت ۽ ترقيءَ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي. هي ٻئي ملڪ ڪجهه حوالن سان پاڪستان جي عوام جا انتهائي ويجها ملڪ آهن جيئن ترڪي جا پاڪستان حڪومت سان هميشه ويجها تعلقات رهيا آهن ته وري روس بابت هڪ طبقو جنهن کي کاٻي ڌر چئون ٿا، هميشه کان پنهنجائپ محسوس ڪندو رهيو آهي.


    روس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا

    روس پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، ۽ عالمي ليول تي طاقتور ترين ملڪن ۾ شامل آهي. روس عالمي طور تي سرمائيداري ۽ مذهبي رجعت پرستن خلاف هڪ نج انسان دوست نظرئي سماجواد مطابق ڌرتي ڌوڏيندڙ انقلاب آڻي پوري دنيا جي مزدور، هاري، محڪوم طبقن لاءِ مشعل راه رهيو آهي. اڄ به عالمي ليول تي دنيا جي سمورن دانشورن ۽ انسان دوست عالمن طرفان سماجواد نظرئي کي ئي برابري وارو نظام سمجهيو وڃي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته دنيا جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرمائيداري جي ڦرلٽ نت نون طريقيڪارن ڪري اڄ به مظلوم طبقو حاڪم طبقي جي زير تسلط آهي. روس به هاڻي نه اهو لينن وارو رهيو آهي ۽ نه ئي وري اسٽالن وارو، پر پوءِ به ڏٺو وڃي ته يورپين يونين ۽ آمريڪا جي هوندي پنهنجو الڳ مقام رکي ٿو ۽ طاقت جي توازن ۾ برابر بيٺو آهي. روس به دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن جيان نه صرف سياسي، عسڪري، پر سائنسي، علمي، ادبي ، سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ به دنيا ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي. روس ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ به بهترين ڄاڻ ۽ تجربو ڏئي ٿو. جيئن آمريڪا يا برطانيا وڃڻ هڪ قسم جي نفسيات پيدا ڪري سگھي ٿو ته دنيا تي حڪمراني ڪندڙ ملڪن ۾ ماڻهو گھمي پيو ۽ ٿي سگھي ٿو ماڻهو پاڻ کي به باقي ٻين ملڪن کان بهتر سمجهڻ لڳي. هنن ٻنهي ملڪن آمريڪا ۽ برطانيه ۾ گھمڻ سان هڪ حاڪمانه سوچ پيدا ٿي سگھي ٿي، پر روس گھمڻ سان مظلوم طبقن لاءِ همدردي ۽ آواز اٿارڻ جي سوچ پيدا ٿي سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ انهن ٽنهي ملڪن جا حوالا مختلف آهن ۽ ماڻهو اوڏانهن ويندي يا اتي رهندي سندن تاريخ کي ويجهو کان ڏسندو ۽ متاثر ٿيندو.
    جتي روس انقلاب جي علامت رهيو آهي ته انگلينڊ قبضاگيري ۽ آمريڪا دهشت جي سڃاڻپ رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اتي وري اسان مجموعي طرح انگريز ۽ انگريزي جي ويجهو رهيا آهيون ۽ انهن جو ئي سسٽم يا ماحول پسند ڪرين ٿا، ان ڪري روس جتي موسم ۾ بلڪل ٿڌو ملڪ آهي، اتي سهڻن ماڻهن جو ملڪ به آهي جيڪو ايشيا کان شروع ٿي يورپ ۾ پهچي ٿو. ان ملڪ ۾ رهڻ جو تجربو نئين زندگي مثل هوندو، جنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي روس ۾ پڙهڻ يا پڙهائڻ جو موقعو ملي ته خوشنصيبي چئبي.

    روس ۾ يونيورسٽين جو تعداد ۽ رينڪنگ
    هن وقت رشيا ۾ 896 يونيورسٽيون آهن، انهن مان ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي ريڪنگ 2018ع مطابق رشيا جون 24 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ 1000 يونيورسٽين ۾ شامل آهن جن مان Lomonsov Mocscow university, عالمي ليول تي 95 نمبر تي هجڻ ڪري پهرين سئو بهترين يونيورسٽين ۾ اچي ٿي. ان کان علاوه سينٽ پيٽرسبرگ اسٽيٽ يونيورسٽي، نووسبرسڪ اسٽيٽ يونيورسٽي، بومن ماسڪو اسٽيٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، ٽومسڪ اسٽيٽ يونيورسٽي، ماسڪو انسٽيٽيوٽ آف فزڪس اينڊ ٽيڪنالاجي، ماسڪو اسٽيٽ انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنس، ڪازان فيڊرل يونيورسٽي، ارل يونيورسٽي وغيره پهرين 500 واري عالمي رينڪنگ ۾ اچن ٿيون.
    ان حساب سان ڏسجي ته عالمي ليول تي روس جي تعليم جو معيار ڪنهن به حوالي سان گھٽ نه آهي، البته جيڪا برطانيا ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جي عالمي رينڪنگ ۾ هڪ هٽي آهي ان جو هڪ سبب ته يونيورسٽي رينڪنگ ۾ موجود ڪرائٽيريا ته عالمي شاگرد گھڻا آهن، يا ٻاهريان استاد گھڻا آهن، به ٿي سگھي ٿو. ٻيو دنيا اندر انگريزي ۾ ڪيل تحقيق يا ٻين ملڪن جي تحقيق کي انگريزي ۾ اچڻ کان پوءِ پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري به جيڪو ريسرچ ريفرنسنگ وغيره آهي يا امپيڪٽ آهي، ان ۾ به انگريز ملڪن جون يونيورسٽيون اڳيان ٿي وڃن ٿيون حالانڪه چائنا، جپان، رشيا ڪنهن به ريت ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۾ انهن ملڪن کان گھٽ نه آهن. رشيا خود عالمي ليول تي هاڻي تعليمي ڊوڙ ۾ نئين انداز ۾ اچڻ چاهي ٿو. روس جو پروگرام آهي ته 2020ع تائين روس جون ڪي به پنج يونيورسٽيون دنيا جي بهترين هڪ سئو يونيورسٽين ۾ شامل ٿين، ۽ انهن ۾ 10سيڪڙو فيڪلٽي ميمبر ۽ 15 سيڪڙو شاگرد ٻين ملڪن جا هجن. ان جو مقصد دنيا ۾ روس کي ريسرچ ۽ تعليم ۾ ٻين ملڪن جي مد مقابل آڻڻ، رشين ٻولي کي ترقي ڏيارڻ ۽ خود رشيا اندر چٽاڀيٽي واري رجحان کي وڌائڻ آهي. ان لاءِ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رشين ٻولي ۽ ادب ۾ فائونڊيشن ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي ، جنهن ۾ انهن کي سڀ کان پهرين داخلا وٺڻي پوندي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ روس ۾ پڙهائڻ جو موقعو به پيدا ٿئي ٿو. اهڙي طرح روس پنهنجن 3000 شاگردن کي 2020ع تائين دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ موڪلي رهيو آهي ته جيئن سندس نوجوان دنيا ۾ هلندڙ تعليمي رجحان ۽ ٿيندڙ کوجنائن کان واقف ٿي اچن.

    روس ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپون
    روس هن وقت ساليانه پرڏيهي شاگردن لاءِ 15000 هزار اسڪالرشپون آفر ڪري رهيو آهي، جن تحت شاگرد جي داخلا، ٽيوشن فيس ۽ مينٽيننس الائونس وغيره اچي وڃي ٿو، ۽ رهائش پڻ ڏني وڃي ٿي. پر ڪافي اسڪالرشپن جو تعداد اهڙو به آهي جنهن ۾ رهڻ جو ماهوار خرچ نه ٿو ڏنو وڃي. ان ڪري رشيا جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وقت ماهوار خرچ ضرور ڏسڻ گهرجي ته اهو شامل آهي يا نه ، جي نه آهي ته گذر سفر لاءِ ڪا ٻي سهولت ان يونيورسٽي ۾ موجود ٿي سگھي ٿي، يا ڪو اهڙو موقعو اتي وڃڻ کان پوءِ به ملي سگھي ٿو.
    روس ۾ اسڪالرشپ وغيره جي معلومات لاءِ سندن ويب سائيٽ studyinrussia.ru.en کي وزٽ ڪرڻ گھرجي. ان کان علاوه رشين فيڊريشن جي منسٽري آف ايجوڪيشن ۽ سائنس طرفان مختلف ملڪن ۾ نمائنده آفيسن مان به رهنمائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. پاڪستان ۾ معلومات وٺڻ لاءِ هن لنڪ تي تفصيل ڏسي سگهجن ٿا. Pak.rs.gov.ru/en ۽ اِي ميل pakistan@rs.gov.ru ڪري تفصيل به پڇي سگھجي ٿو.
    ان کان علاوه آن لائين ڊائريڪٽ اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ به ڪري سگھجي ٿو جنهن لاءِ هن لنڪ تان مدد وٺڻ گھرجي. http://studyinginrussia.ru/en/study-in-russia/scholarship .

    رشيا ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
    هڪ شاگرد جو ايوريج مهيني جو خرچ 300 کان 400 ڊالر اچي سگھي ٿو، جيڪو شاگرد جي پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي ڪار، ۽ رهائشي علائقي وغيره جي ڪري مختلف به ٿي سگھي ٿو. ٿلهي ليکي جيڪو خرچ اچي سگهي ٿو، ان جو تفصيل هن ريت آهي. هاسٽل رهائش، 100 ڊالر جي قريب پر جيڪڏهن اسڪالرشپ آهي ته اها مفت ٿئي ٿي، کاڌي پيتي تي تقريباَ 200 ڊالر، ٽرانسپورت، موبائيل، انٽرنيٽ ۽ گھمڻ ڦرڻ وغيره تي ڪل ملائي 100 ڊالر، يعني ٽوٽل 400 ڊالر ٿين ٿا.


    ترڪيءَ ۾ اعليٰ تعليم

    ترڪي جيئن ته ايشيا ۽ يورپ کنڊ وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. جنهن جي پکيڙ ٻنهي براعظم ۾ اچي ٿي. اهم ڳالهه ته گادي وارو هنڌ انقره جتي ايشيا ۾ اچي ٿو ته وري دنيا جو مشهور شهر ۽ ترڪي جو وڏي ۾ وڏو شهر استنبول وري يورپ ۾ اچي ٿو. هونءَ ته 95 سيڪڙو ترڪيءَ جو علائقو ايشيا ۾ اچي ٿو ۽ 99 سيڪڙو آبادي مسلمان ئي آهي پر ترڪيءَ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ، ڪلچر يورپ جهڙو ئي محسوس ٿيندو آهي، ماڻهن جو ڏيک به يورپ جي ماڻهن جهڙو ئي آهي. ترڪي يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جي به ڪافي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، بهرحال ترڪيءَ جي گھڻي آبادي جيئن ته ايشا جي علائقي ۾ رهي ٿي. حالانڪ ايشيا جي يونيورسٽِين جي رينڪنگ وارن ادارن جي ڪيل رينڪنگ ۾ ترڪي شامل نه آهي ترڪي کي يورپ ۾ شامل ڪري ڏيکاريو ويو آهي، البت ورلڊ يونيورسٽِي رينڪنگ ۾ ترڪيءَ جون 11 يونيورسٽيون دنيا جي بهترن 1000 هزار يونيورسٽين ۾ شامل آهن ، جن ۾ Bilkent University دنيا ۾ 421 کان 430 واري ڪيٽيگري ۾ جڏهن ته Koç University Graduate School of Business، Sabanci University، Sabanci University، Middle East Technical University، Bogaziçi Üniversitesi، استنبول ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، Hacettepe University، انقره يونيورسٽِي، Cukurova University، غازي يونيورسٽي Gazi Üniversitesi، ۽ استنبول يونيورسٽِي 431 کان 1000 واري ڪيتيگري ۾ اچي وڃن ٿيون. ڏٺو وڃي ته عالمي سطح تي پهرين پنج سو ٽاپ وارين يونيورسٽين ۾ 400 کان 500 واري ڪيٽيگري ۾ ترڪي جون 5 پنج يونيورسٽيون شامل آهن ۽ 5 باقي 500 کان 1000 واري ڪيٽيگري ۾ آهن، حالانڪ ترڪي ۾ 200 جي لڳ ڀڳ يونيورسٽيون آهن، جن مان وري اوڀر يورپ ملڪن ۽ سينٽرل ايشيا جي ملڪن جي الڳ سان گڏيل رينڪنگ ۾ ترڪي جون 44 يونيورسٽيون شامل آهن پهرين ٽاپ 300 يونيورسٽين مان ،جن ۾ پهرين سئو ۾ ترڪي جون 13 يونيورسٽيون به شامل آهن، ان مان ٽاپ ٽين ۾ ايندڙ يونيورسٽين ۾ Bogaziçi Üniversitesi 7 نمبر تي Middle East Technical University 9 نمبر تي آهن.
    هن ڪيٽيگري کي اڀرندڙ يورپ ۽ وچ ايشيا Emerging Europe and central Asia (EEC جو نالو به ڏنو وڃي ٿو. هن ڪيٽيگري ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ترڪي جون ئي آهن. ترڪي ٽوئرزم، تاريخ، ثقافت ۽ ترقي ۾ يورپ جي ٻين ملڪن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهي. ان جو مسلم دنيا ۾ به الڳ منفرد مقام ۽ تاريخ آهي، ته وري انقلابي ليڊر سلطان ڪمال اتاترڪ جو به ملڪ آهي، ان ملڪ ۾ وڃي پڙهڻ لاءِ به موقعو ملي ته ضرور وڃجي.

    ترڪي حڪومت طرفان اسڪالرشپون
    ترڪي گورنمينٽ طرفان پرڏيهي شاگردن کي پنهنجي ملڪ آڻڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي لاءِ اسڪالرشپون به ميسر آهن. هي اسڪالرشپون مختلف پروگرامن تحت آهن، جن ۾ انڊرگريجوئيٽ پروگرام، گريجوئيٽ پروگرام ۽ شارٽ ٽرم پروگرام اچي وڃن ٿا، جن ۾ وري مختلف خِطن ۽ فيلڊن لاءِ الڳ الڳ قسم جون اسڪالرشپون ٿين ٿيون. ڪجهه هن طرح آهن: علي ڪوسو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اسڪالرشپ، ابن خلدون سوشل سائنس اسڪالرشپ، ترڪي لئنگيج اسڪالرشپ، سڪسيس اسڪالرشپ (هي اسڪالرشپ شارٽ ٽرم اسڪالرشپ ڪيٽيگري) ۾ اچي ٿي، جنهن تحت اهي ڪامياب شاگرد جيڪي ترڪيءَ ۾ پنهنجي خرچ تي پڙهندي سٺي رزلٽ حاصل ڪن ٿا، انهن لاءِ آهن.
    انهن اسڪالرشپن کان علاوه ريسرچ اسڪالرشپون وغيره به آهن. هڪ اهم اسڪالرشپ Harran Scholarship Program به آهي جنهن تحت انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي ميڊيڪل سائنس ۾ به اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون. حالانڪ دنيا ۾ ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گھٽ اسڪالرشپس ڏنيو وڃن ٿيون پر ترڪي حڪومت هن فيلڊ ۾ به اسڪالرشپ ڏئي ٿي. هن پروگرام ۾ صرف ميڊيڪل نه پر اسلامڪ ۽ ترڪي حوالي سان به ڪافي پروگرام شامل آهن. ترڪي جي حڪومت طرفان ملندڙ سمورين اسڪالرشپس جي اپلاءِ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي اپلاءِ ڪرڻ گھرجي www.turkiyeburslari.gov.tr. هي ترڪي حڪومت طرفان ڏنل لنڪ آهي، جنهن تي وڃي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ سمورو تفصيل پڙهي، گھربل ڪاغذات تيار ڪري، اسڪين ڪاپيون ڪري پوءِ هن لنڪ تي وڃي رجسٽر ٿي درخواست فارم ڀرڻ گهرجن.
    ترڪي گورنمينٽ طرفان اسڪارشپ بيچلر، ماسٽرس، پي ايڇ ڊي ڊگري ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ تائين انائونس ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه به شارٽ ٽرم پروگرام به انائونس ٿيندا رهن ٿا. جن لاءِ درخواست جو طريقيڪار وري ريگيولر اسڪالرشپن کان ڪجهه الڳ آهي. البته ريگيولر ڊگري پروگرام اسڪالرشپ لاءِ عمر جي حد مختلف ۽ ٻين پروگرامن لاءِ مختلف آهي جيڪا مٿي لنڪ تي اسڪالرشپ انائونسمنيٽ واري پيج تي ڏنل آهي، پر گھڻي ڀاڱي بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ 21 سال، ماسٽرس لاءِ 30 سال ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ 35 سال عمر جي حد مقرر آهي. ان کان علاوه اميدوار جو گذريل تعليمي رڪارڊ بهتر هجڻ سان کيس ميرٽ ۾ اچڻ جا امڪان وڌيڪ ٿين ٿا.
    هي اسڪالرشپون پهرين مرحلي نومبر کان جنوري ۾ ۽ ٻئي مرحلي ۾ فيبروري کان مارچ تائين ۽ ٽين مرحلي ۾، اپريل کان مئي تائين به آفر ٿين ٿيون. هي مرحلا مختلف پروگرام ۽ ملڪن جي حساب سان ٿين ٿا، ان ڪري ڪڏهن اسڪالرشپون الڳ الڳ مختلف ملڪن جي حساب سان مٿي ويب سائيٽ تي انائونس ٿينديون رهن ٿيون، يا وري گڏيل طور تي به انائونس ٿينديون رهن ٿيون.
    مٿي ذڪر ڪيل ويب سائيٽ تي جيڪڏهن ڪا شيءِ سمجهه ۾ نه اچي، ته هن اي ميل info@turkiyeburslari.org تي رابطو ڪري وڌيڪ تفصيل پڇا ڪري سگھجن ٿا.


    باب نائون

    بين الاقوامي تعليم ادارن ۾ داخلا وٺڻ ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم صلاحون

    1. سڀ کان پهرين انٽرنيٽ تي پنهنجي پسند جي ملڪ جي ٽاپ 10 يونيورسٽين ۾ پنهنجي پسند جو شعبو تلاش ڪرڻ يا جنهن به ملڪ ۾ اسڪالرشپ انائونس ٿيل هجي، ان ملڪ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ پسند جو شعبو تلاش ڪرڻ. يا وري ڪنهن خاص يونيورسٽي جي اسڪالرشپ هجي ته ان ۾ پنهنجي پسند جو شعبو تلاش ڪرڻ.
    2. جنهن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند جو شعبو هجي، ان يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جا پروفائيل ڏسجن ۽ پنهنجي ڪم سان لاڳاپيل پروفيسر جي چونڊ ڪجي.
    3. جنهن پروفيسر جو پروفائيل توهان جي پسند مطابق هجي، ان جي ڪيل ڪم کي ڏسجي. ان وٽ هلندڙ پراجيڪٽن کي ڏسجي ۽ ان مان جيڪڏهن ڪنهن به پراجيڪٽ ۾ توهان جي دلچسپي ٿئي ته ان پروفيسر کي اي ميل ڪجي ۽ پنهنجي سي وي سان گڏ، سندس ڪيل ڪم ۾ دلچسپي ۽ توهان جي طرفان ڪنهن نئين يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪم جي باري ۾ پروپوزل موڪلڻ گھرجي. پوءِ اهو ڀلي هڪ پيج تي ئي ڇو نه هجي.
    4. ائين به آهي ته الڳ سان ڪنهن به ملڪ جي حڪومت يا يونيورسٽي طرفان اسڪالرشپ انائونس نه به ٿيل هجي، ته به توهان پنهنجي پسند جي ملڪ يا پسند جي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي موضوع مطابق پروفيسر ڳولهي، ان وٽ هلندڙ پراجيڪٽ ۾ پنهنجي دلچسپي ظاهر ڪري، ان کي اي ميل ڪيو. جي پروفيسر توهان جي پروپوزل ۽ سي وي مان متاثر ٿيو ته پڪ سمجهو پاڻ ئي توهان کي اسڪالرشپ آفر ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو شاگرد پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ آهي ته بلڪل دنيا جي ڪنهن به بهترين پروفيسر سان ڪهڙي به بهترين معياري يونيورسٽي ۾ رابطو ڪري هن قسم جي اسڪالرشپ جيڪا ڊائريڪٽ پروفيسر کان ملي سگھي ٿو، حاصل ڪري سگھي ٿو. ۽ هي اسڪالرشپ منفرد ۽ سڀ کان سٺي اسڪالرشپ چئي سگھجي ٿي.
    5. اسڪالرشپ کان علاوه جيڪڏهن ڪو پنهنجي پئسن تي وڃڻ چاهي ته به داخلا وٺڻ لاءِ ساڳيو مٿيون طريقو آهي.
    6. بهتر ائين به آهي ته داخلا لاءِ جيڪي پهرين گھربل شيون آهن، اهي به پوريون هجڻ گھرجن، جيئن انگريزي ڳالهائي ويندڙ ملڪن: انگلينڊ، سينگاپور، ڪينادا، آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۾ ته IELTS يا TOEFL جو سرٽيفيڪيٽ هجڻ ضروري هوندو آهي. ان لاءِ پهرين اهو ڪيل هجي. ڪٿي ڪٿي GRE گھربل هوندي آهي، پهرين اها پاس ڪيل هجي ته بهتر آهي، حالانڪ GRE جو گھڻو تعلق اسڪالرشپ سان آهي، نه ڪي ايڊميشن وٺڻ سان.
    7. پنهجي سي وي کي اپ ڊيٽ رکڻ ۽ پنهنجي پسند جي موضوع ۾ بنيادي ريسرچ پروپوزل تيار رکڻ.
    8. ائين به آهي ته دنيا ۾ ڪافي شاگرد اهڙا به آهن جيئن آءٌ ملائشيا ۾ ئي ڪيترن دوستن کي سڃاڻان ٿو، جيڪي هتي آيا ته سيلف فنانس تي صرف هڪ سال جي فيس ۽ ٻن يا ڇهن مهينن جو خرچ کڻي پر انهن هتي اچي ڪجهه هٿ پير هڻي محنت ڪري ٽيوشن يا پارٽ ٽائيم ڪري پنهنجو خرچ ڪڍي ورتو آهي. ائين ٻين ملڪن ۾ به شاگرد ڪندا آهن. ائين به ٿئي ٿو ته ٻاهر وڃڻ کان پوءِ به ڪجهه شاگردن کي ٻئي سال کان سندن پروفيسر طرفان يا وري يونيورسٽي طرفان اسڪالرشپ مليو وڃي ٿي. يا ڪا فيس جي مد ۾ مدد مليو وڃي ٿي. ڇو ته سيلف فنائنس تي داخلا ملڻ کان پوءِ به جي شاگرد محنت ڪري ٿو ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن لاءِ گرانٽس يا فنڊنگ يونيورسٽيون آفر ڪنديون رهن ٿيون.
    9. بهرحال اسٽڊي منصوبي ۾ سيف سائيڊ تي رهڻ لاءِ اهو به ڏسجي ته سال جي ڪيتري فيس آهي ۽ ٽوٽل ڪورس جي دوران ڪيتري فيس ٿيندي ۽ پوءِ ڏسي فيصلو ڪجي.
    10. دنيا جي ملڪن جا وڏا شهر خاص طور گادي وارا هنڌ مهانگا ٿين ٿا، ڪٿي ته اهڙن شهرن ۾ موجود يونيورسٽين جي فيس به وڌيڪ هوندي آهي، ان ڪري پنهنجي پهچ مطابق ماڻهو ننڍن يا پري وارن شهرن ۾ به داخلا وٺي سگھي ٿو. ان سان فيس سان گڏ رهائشي خرچ به گھٽ ٿئي ٿو.
    11. دنيا جي جنهن به يونيورسٽيءَ ۾ توهان داخلا وٺي رهيا آهيو ، ان لاءِ ان جي رينڪنگ ، ريپوٽيشن ، سهوليتن ، ٻولي ، فنڊس ، فيس ، ۽ گرانٽس حوالي سان پوري جاچ ڪريو ۽ اها به ڪوشش ڪريو ته جي خبر پئجي وڃي ته ان يونيورسٽي مان ڪو سنڌي دوست يا ڪو ٻيو پاڪستاني ماڻهو پڙهي آيو آهي ته ان کان به معلومات ضرور وٺو. يا ٻيو طريقو ان يونيورسٽي جي باري ۾ مختلف سوشل ميڊيا جي پليٽفارمن تي ان جي باري ۾ سوال ڇڏيو ته ڪي جواب ضرور ڪليئر ٿيندا.
    12. آخر ۾ وري به هي ڳالهه ورجايان ٿو ته جنهن به دوست کي ٻاهر وڃي پڙهڻ جو شوق آهي ته مهرباني ڪري انگريزيءَ لاءِ مقرر ٽيسٽ IELTS يا TOEFL ضرور ڪري.
    13. ، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو شوق آهي ته GRE پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ائين به نه آهي ته جي.آر.اي کان سواءِ اسڪالرشپ نه ملندي. هي ته انگريز ڳالهائيندڙ يا يورپ جي ڪجهه ملڪن يا پاڪستان حڪومت ۽ هاير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان ضروري شرط آهن، نه ته چائنا، ملائشيا يا ڪوريا ، جپان ، ٿائلينڊ ۾ انگريزي ميڊيم ۾ ڊگري هجڻ ئي ڪافي آهي ۽ ڪافي اسڪالرشپن لاءِ ته جي.آر.اي جي به ضرورت نه هوندي آهي.
    14. هن سموري عمل ۾ ڪاميابي لاءِ صبر، محنت ۽ مسلسل ڪوشش جي ضرورت آهي، موقعو ملندي ويرم نه لڳندي آهي، بس ان لاءِ ماڻهو کي ڪوشش ڪندو رهڻ گھرجي. ان ۾ ڪجهه مهينن کان ويندي سال يا ٻه سال يا چار سال به لڳن ته مايوس نه ٿجي، ڇو ته سياڻا چوندا آهن ته ڪامياب ٿيڻ جو موقعو ايستائين آهي جيستائين توهان ڪوشش ڪندا رهو ٿا. منهنجي دعا آهي ته توهان هي ڪوشش ضرور ڪيو.


    باب ڏهون

    پروفيسر ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه جو انٽرويو

    اسدالله شاهه صاحب 2011 ع کان انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ملائشيا ۾ پروفيسر آهن. سندن پي ايڇ ڊي يونيورسٽي آف سَري انگلينڊ مان ڪيل آهي. پنهنجي فيلڊ ۾ 17 ڪتابن ۽ سوين آرٽيڪلن جا ليکڪ آهن، ملائشيا ۾ ڪافي سال شعبي انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ڊائريڪٽر به رهيا آهن ته وري ريسرچ ڊپارٽمينٽ جا به ڪجهه سال چيئرمين رهيا آهن. ان کان علاوه ملائشيا ۾ ETSS Malaysia نالي هڪ تنظيم جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري ٿي، ان جا بانيڪار به آهن. اسدالله شاهه صاحب مختلف عرب ملڪن بحرين، عرب اميريٽس، ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ملائشيا، ٿائلينڊ، سنگاپور، کان ويندي آفريقا جي ملڪ يوگنڊا ، موروڪو ۽ يورپ جي ملڪ آسٽريا ۾ به مختلف ليڪچر، ڪانفرنسون ۽ ورڪشاپ ڪيا آهن. هن وقت تائين 20 جي قريب پي ايڇ ڊي ۽ ڪيئي ماسٽرس ۽ ايم فل جا شاگرد سندس نگرانيءَ ۾ ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. سندن گريجوئيشن ۽ ڪيريئر جي شروعات سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ٿي، پوءَ تقريباَ 12 سال اسرا يونيورسي ۾ پڙهايو اٿن، پاڻ اسرا ۾ به شعبي جا سربراه ۽ ڊين ٿي رهيا. هن ڪتاب ۾ سندس تفصيلي انٽريو شامل ڪرڻ جو مقصد هڪ ته سندس تجربي ۽ مشورن کي عام سنڌي شاگرد تائين پهچائڻ آهي ته جيئن اسان جو نوجوان سندن ڳالهين مان لاڀ حاصل ڪري سگھن، ان کان علاوه هڪ ڪامياب مثال به اسان جي نوجوانن لاءِ آهي ته هڪ عام ڳوٺ مان سرڪاري اسڪول ، ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان پڙهي هن وقت ملائشيا ۾ پروفيسر آهن. اصل مقصد عملي طور تعليم سان لاڳاپيل ڪامياب سنڌيءَ جو مثال ڏيڻ آهي ته جيئن اسين سڀ سمجهون ته اسين به ڪامياب ٿي سگھون ٿا. بس ارادي، مضبوطي ۽ سخت محنت جي ضرورت آهي.

    شاهمراد چانڊيو: سائين اسدالله شاه صاحب، توهان جي وڏي مهرباني انٽرويو لاءِ ٽائيم ڏنو. سڀ کان پهرين توهان جي تعارف کان شروعات ڪنداسين ۽ بعد ۾ توهان جي ڄاڻ ، توهان جي تجربي، توهان جو مختلف عهدن تي رهڻ ۽ توهان جي سڀني تجربن بشمول نوڪري ڪرڻ جي تجربي کي آهستي آهستي انٽرويو ۾ آڻينداسين. توهان سڀ کان اڳ مهرباني فرمائي پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي خاندان، والدين ، ويجهن مٽن مائٽن جي بابت ٻڌايو ۽ توهان تعليم حاصل ڪرن لاءِ ڪٿان شروعات ڪئي؟
    اسدالله شاهه: پهرين ته توهان جي وڏي مهرباني شاهمراد چانڊيو صاحب، ۽ اهو تمام ضروري آهي ته ماڻهو زندگيءَ جو تجربوshare ڪري، انهي کان پهرين جو ماڻهو مري وڃي، ۽ پوءِ سڀ ڪجهه دفن ٿي وڃي، تنهن ڪري بهتر آهي ته ماڻهوshare ڪري، جنهن مان ڪجهه نوجوانن کي فائدو ٿئي، تنهن ڪري وڏي مهرباني. توهان جي پهرين سوال جو جواب اهو آهي ته آءٌ هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ حاجي امين لاکي ۾ ڄائو هيس، جيڪو هاڻ سعيد آباد تعلقي ۽ مٽياري ڊسٽرڪٽ ۾ اچي ٿو، پر اهو پهرين حيدرآباد ڊسٽرڪٽ جي تعلقي هالا جو ڳوٺ هو.
    اسان جي خاندان جي تعليم سان دلچسپي آهي، پڙهيو لکيو خاندان آهي. ماضيءَ ۾ ان ۾ ڪافي مشهور ماڻهو رهيا آهن، ان مان تمام گھڻو مشهور نالو ڊاڪٽر وڏل شاهه جو رهيو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو Pioneer به رهيو. اهو منهنجو مامو آهي، اسين تڏهن ننڍا هئاسين پر ان جي تعليم جي جيڪا progress هئي يا انهيءَ جي جيڪا تعليمي ميدان ۾ خدمت هئي، ان ننڍي هوندي ڏاڍو inspire ڪيو، ته اسين به ان وانگر ٿيون ۽ پوءِ لڳ ڀڳ جيڪي ڳوٺ کي ويجها اسڪول هئا، جيئن پير جهنڊي ۾ ٿورڙو پڙهياسين، منصوره ۾ پڙهياسين. منصوره هالا جي ڀرسان هڪڙو ڳوٺ آهي، ڏيپر به سڏبو آهي. اتي اٺون درجو پڙهياسين. هالا ۾ نائون، ڏهون، يارنهون، ٻارنهون پاس ڪيوسين ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ورتيسين. ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿي پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي استاد ٿيس.
    شاهمراد: توهان پير جهنڊي واري ڳوٺ جي اسڪول ۽ منصوره جي اسڪول ۽ هالا جي اسڪول جو نالو کنيو، انهن اسڪولن جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندا؟
    اسدالله شاهه: پير جهنڊي ۾ ڪجهه ڳوٺ آهن پيرن جا پر جيڪو وڏو ڳوٺ آهي، اتي مڊل اسڪول هو. اهو مڊل اسڪول پير جهنڊو شريف سڏبو هو، ۽ اڃان به آهي. هاڻي ته شايد هاءِ اسڪول ٿي ويو هجي، ان ۾ پڙهيس. منصوره ۾ هاءِ اسڪول هو، ۽ اهو جڏهن 1970ع ۾ Nationalize ٿيو ته ان ۾ منهنجو مامو ايڪٽنگ هيڊ ماستر ٿيو ۽ مامو اسان کي پڙهائڻ جي رجحان سان پاڻ سان گڏ وٺي ويو. اسين پنج ست ٻار هئاسين، جيڪي سڀ پاڻ ۾ سئوٽ ماسات هئاسين. منصوره ۾ ئي رهندا هئاسين ۽ اوسي پاسي جي علائقن جا ٻار به هوندا هئا، سو اهو منصوره ڏيپر هالا کي ويجهو آهي ۽ ديني تعليم جي حوالي سان به ڪافي مشهور ڳوٺ آهي. ان کان علاوه هالا ۾ ته سروري اسلاميه هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج هو، جتان نائون، ڏهون ۽ يارنهون ٻارنهون به پاس ڪيم. انهيءَ کان پوءِ ڪوشش ته اها هئي ته انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيون ، جيئن اڄ تائين هلندو اچي، پر some how سليڪشن ڪا نه ٿي سگھي، پوءِ سوچيم ته سڀ علم هڪجهڙا آهن ۽ سنڌ يونيورسٽي پنهنجو هڪ عظيم ادارو آهي، سو ان ۾ ٽيسٽ ڏنم، qualify به ڪيم ۽ تڏهن نئين نئين انفارميشين ٽيڪنالاجي شعبي جي شروعات ٿي هئي، نوان پروگرام هئا، جن ۾ اليڪٽرانڪس ۾ سال 1980/1981ع ۾ B.sc ۾ داخلا ورتم.

    شاهمراد: سائين توهان هاسٽل ۾ رهيا ؟
    اسدالله شاهه: نه. پنهنجو گھر هو پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ ان ۾ رهندا هئاسين ۽ پوءِ وري ڄام شوري ۾ ڦاٽڪ تي، اسان جي مامي گھر ٺهرايو هو. پوءِ اسين سڀ ڪزن اتي گڏجي رهندا هئاسين ۽ جڏهن مون کي نوڪري ملي يونيورسٽيءَ ۾، ته به ڪجهه ڏينهن انهيءَ گھر ۾ رهيس.
    شاهمراد: توهان يونيورسٽيءَ ۾ تعليم سٺن نمبرن ۾ پاس ڪئي. تڏهن توهان اتي ليڪچرار طور مقرر ٿيا ؟
    اسد الله شاهه: ها ان وقت يونيورسٽي ۾ ماسٽرس ڊگري پروگرام ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ پوزيشن کنئي ۽ يڪدم مون کي ايڊهاڪ ليڪچرار طور نوڪري جي آڇ ٿي ۽ 25 جنوري 1986ع منهنجو پهريون ڏينهن هو سنڌ يونيورستي ۾ ليڪچرار طور. مطلب منهنجو career 25 جنوري 1986ع کان شروع ٿئي ٿو. هاڻي ته 32 سال ٿي ويا آهن، حالانڪ لڳن نه ٿا ته ڪيئن گذريا پر گذري ويا آهن ۽ اهو سلسلو اتان کان شروع ٿيو. علم حاصل ڪرڻ ۽ علم ڏيڻ جو ۽ اهو شايد دلي طور تي شوق به هو ته استاد ٿي ماڻهو ان فيلڊ ۾ خدمت ڪري، اها نوڪري به آهي، ته Humanity به آهي، پيغمبراڻو پيشو به آهي، سو دل چيو ان کي ئي جاري رکجي ۽ ان سان ئي اڄ ڏيهن تائين سلهاڙيل آهيان.
    شاهمراد: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ توهان شاگرد رهيا ۽ ان کان پوءِ ڪافي سال توهان اتي پڙهايو ۽ پوءِ توهان سنڌ يونيورسٽي ڇڏي. توهان ٻڌائيندا ته توهان جي پڙهڻ دوران سنڌ يونيورسٽي جو ماحول ڪيئن هو، ۽ توهان جي پڙهائڻ دوران ڪيئن هو، ۽ پوءِ توهان جي يونيورسٽي ڇڏڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟
    اسدالله شاهه:. جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسين پڙهندا هئاسين ته ماحول ٺيڪ هو، پر خراب ٿيندي اسان ڏٺو. اصل ۾ اها ڏک جي ڳالهه آهي، ۽ پوءِ جڏهن آءٌ استاد ٿيس ته ان دوران ماحول اڃان وڌيڪ خراب ٿيندو ويو. پوءِ ڪجهه سال موڪل ڪري وري لنڊن مان پڙهي آياسين ته وڌيڪ ماحول خراب ٿي چڪو هو. سو اهو پوئتي پئي ويو! جنهن ۾ ڪافي رجحان پڙهڻ کان هٽي ڪري ٻين ڳالهين تي هوندو هو، جنهن ۾ اسين سڀ هڪ جهڙا هئاسين، استادن جو به ڏوهه هو، ان ۾ شاگردن جو به ڏوهه هو، پوليٽيڪل سسٽم جو به ڏوهه آهي، ۽ اهو خراب ٿيندو ويو. ان ۾ هڪڙو سبب منهنجو سنڌ يونيورسٽي کي وڏي دلي ڏک سان ڇڏڻ جو اهو به هو. ڇاڪاڻ ته اتي مون کي career نظر نه پئي آيو، پنهنجو career جيڪو مون کي plan ۾هيو، ته هتي contributeڪيون. ٻارن کي P.hD’s ڪرايون. هتي سيکاريون. هتي سکڻ وارا هوندا، پويان لڳي ايندا ۽ اچي سکندا. اسين انهن جي پويان لڳنداسين پر ان وقت اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي. جڏهن آءٌ انگلينڊ مان واپس آيس 1998ع ۾، اهو به اتفاق سان جنوري جو مهينو هو، ۽ تاريخ 26 جنوري تي مون واپس اچي Join ڪيو. Ph.d ڪري اچڻ کان پوءِ. ماحول خراب ٿيندو ويو ته ان کي سڌرندي نه ڏٺوسين. پوءِ سوچيوسين ته هاڻي جي اسين به هتي رهي ٿا پئون ته اهڙا ئي ٿينداسين جهڙا باقي آهن، ان ماحول جو حصو ٿي وينداسين. جيئن ته اهو مون کي ڪڏهن به پسند نه هو. ڇاڪاڻ ته آءٌ سمجهندو هئس ته ڪنهن تعليم واري ماڻهوءَ جو موت آهي زندگي ۾ ته علم ۽ علم سان دلچسپي کڄي وڃي ۽ خدمت نه ڪري، سو مون مرڻ نه ٿي چاهيو، ۽ مون سنڌ يونيورسٽي ڇڏي.
    شاهمراد: جڏهن توهان Ph.D ڪري آيا هئا ته توهان کي جوائن ڪرڻ وقت يا ان کان پوءِ ڪا پوسٽ آفر ٿي هئي؟
    اسدالله شاهه: پرووسٽ جي پوسٽ مون کي اڳي ئي آفر ٿي هئي، جڏهن اڃا آءٌ لنڊن مان پي ايڇ. ڊي ختم ڪري اچڻ وارو هيس، ته هتان فونون آيون ڪجهه دوستن جون. انهن چيو ته اسان توهان لاءِ هي پوسٽ رکي آهي. جنهن لاءِ صحيح ياد ڪونهي ته مون انهن دوستن کي ها چيو هجي يا نه ڪئي هجي پر منهنجي دل ۾ اهو هو ته مون کي پي ايڇ. ڊي ڪري اچڻ کان پوءِ پرووسٽ ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. پرووسٽ ته آءٌ پي ايڇ. ڊي کان سواءِ به ٿي پئي سگھيس. مون سمجهيو پئي ته بهتر آهي ته مون کي ريسرچ related activities ۾involve ڪيو وڃي، پوءِ ڀلي ڇونه Immediately ڪا Co Supervision ئي ڇو نه هجي. اهو منهنجو preference هو، جيڪو بدقسمتيءَ سان ڪونه ٿي سگھيو.
    شاهمراد: اسان وٽ سڀني تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي يونيورسٽين ۾ استادن جو لاڙو رهيو آهي ته جڏهن هو پنهنجي ڪيريئر ۾ سينيئر ٿيندا ويندا آهن ته پوءِ admin Job or charge وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن! استادن جو اهو لاڙو يا رجحان شاگردن ۽ خود سندن اڪيڊمڪ ڪيريئر تي ڪيترو اثرانداز ٿي سگھي ٿو، ۽ يونيورسٽيءَ لاءِ ڪيترو فائديمند يا نقصانڪار ٿي سگھي ٿو.؟
    اسدالله شاهه: آءٌ سمجهان ٿو ته يونيورسٽين کي اهو Identify ڪرڻ کپي ته ڪهڙو ماڻهو سٺو ايڊمنسٽريٽر اڪيڊميشن ٿي سگھي ٿو يا ڪهڙو ماڻهو سٺو ريسرچ اڪيڊميشن ٿي سگھي ٿو. ڪهڙو ماڻهو سٺو ٽيچر ٿي سگھي ٿو. هر ماڻهو کي ائين بغير سوچي سمجهي ڪنهن پوزيشن تي رکڻ اهو نقصانده آهي ۽ اهو ٿيو آهي. گھڻو ڪري سينيئر ماڻهو کي رکڻو آهي، ضروري ڪونهي ته سينيئر سٺو ايڊمنسٽريٽر هجي، اهو سٺو ريسرچر به ٿي سگھي ٿو ۽ سٺو اڪيڊميشن به ٿي سگھي ٿو پر سٺو ايڊمنسٽريٽر به هجي. اهوضروري ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ان جي برعڪس ڪم ٿئي ٿو ان ڪري هر ماڻهو جي ڪوشش آهي ۽ ان کي پوءِ ان پوزيشن ۾ رهڻ کان پوءِ ان ڦرڻي ڪرسي جو ايڏو مزو ٿو اچي وڃي جو چون ٿا ته ان تي ويٺا هجون! ڇاڪاڻ ته ڪم ڪونهي آرڊر هلائڻو آهي، ۽ پوءِ ائين اسان جو ٽيلينٽ سڄو ضايع ٿي ٿو وڃي ۽ اهو توهان به ڏٺو آهي اسان به ڏٺو آهي، باقي exceptional ماڻهو ملندا توهان کي جيڪي انهن سڀني شين کي ڇڏي اڳتي وڌيا ۽ نڪري ويا آهن. اڪثر پي ايڇ. ڊي اچڻ کان پوءِ اهو ايترو ته common trend هو جو UK ۾ جڏهن مون پي ايڇ. ڊي پئي ڪئي ته تڏهن منهنجو جيڪو Examiner هو پروفيسر جيڪو اڃا به زنده آهي، پروفيسر ڊاڪٽر بالا چندر مون اڄ به ان کي اي ميل ڪئي آهي، انهي مون کي چيو هو ته اسد مون ٻڌو آهي، ته پاڪستان ۾ تو جهڙن ماڻهن کي يا اوهان جهڙن ماڻهن کي ڦرڻي ڪرسي تي ويهارين ٿا ۽ اهي پوءِ سڄي عمر پيا ڦرن ان ڦرڻي ڪرسيءَ تي ۽ ڪم نه ٿا ڪن، ۽ تون پنهنجي پاڻ کي ضايع نه ڪجانءِ . پهرين ته توهان رهي پئو هتي، پوءِ Indirectly ان جا ميسيج مون کي ايندا رهيا ايئرپورٽ تائين به آيا. پر مون چيو ته نه مون کي واپس وڃڻو آهي. انشاءَ الله I will try my level best ته اسين ان سڄي سينارئي کي تبديل ڪريون. ڪوشش ڪئيسين، ڪري نه سگھياسين. پوءِ چيوسين ته ٺيڪ آهي ادارا ته سڀ ادارا آهن، سو سنڌ يونيورسٽي نه سهي، ڪو ٻيو ادارو سهي. پوءِ مون سنڌ يونيورسٽي ڇڏي ۽ مون پنهنجو ڪم continue ڪيو.
    شاهمراد: سائين توهان ٻڌائيندا ته توهان جي بيچلر توڙي ماسٽرس ۽ پي ايڇ. ڊي دوران روٽين ڪيئن هوندي هئي؟ توهان جو پنهنجي پڙهائي تي ڪيترو زور رهيو، يا توهان جي سوچ ڇا هوندي هئي ته ڪيئن پڙهجي ۽ اڄ جي شاگردن لاءِ توهان ڪيئن ٿا مشورو ڏيو ته هو پنهنجي يونيورسٽي لائف ڪيئن گذارين؟
    اسدالله شاهه: اسان جي زماني ۾ ٽيڪنالاجي اڃا نئين نئين ايجوڪيشن ۾ اچڻ شروع ٿي هئي. اسان جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽرس ڪئي ته Macintosh ڪمپيوٽر هڪڙو هو، سو به مخصوص آفيس ڪم لاءِ هو، اسان کي رڳو پري کان ڏيکاريندا هئا پر اسان ڊگري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ ڪئي پر ٽيڪنالاجي اچڻ شروع ٿي ويئي هئي سو اسان ته پڙهڻ دوران ٽيڪنالاجي جو ايترو استعمال نه ڪري سگھياسين، ڇاڪاڻ ته تڏهن ٽيڪنالاجي افورڊ ڪرڻ به مشڪل ڪم هو، ۽ مهانگو هو، پر اسان سامهون اهو بلڪل صاف ۽ چٽو هو ته هاڻي جيڪا ايجوڪيشن ٿيندي، ان ۾ ٽيڪنالاجي جو ڪردار تمام اهم هوندو ۽ اهو توهان به ڏسو پيا ته موجوده وقت ڪمپيوٽر يا انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي. ان کان سواءِ هاڻي ته ايجوڪيشن حاصل ئي نه ٿي ڪري سگھجي، سو منهنجو ته ميسيج اهو آهي ته اسان جو نوجوان، اڄ جي دور ۾ جيڪي به Technological applications آهن، اهي علم حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري، ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڀلي اهي سوشل ميڊيا جون ڇو نه هجن يا اهي باقي جيڪي ٽيڪنالاجيز available آهن اهيuse ڪن ۽ دنيا هاڻي open ٿي وئي آهي.every body is connected with every one, all around the globe , you can have lectures from MIT, you can have recorded lectures from oxford university, even free online available سو نوجوانن کي ميسيج ڏيان ٿو ته مهرباني ڪري توهان انهن رسورسز مان فائدو وٺو، ٽيڪنالاجي available آهي، پاڪستان ۾ يا پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ايتري ڪا shortage نه آهي. هاڻي ٽيڪنالاجي جو، انٽرنيٽ هجي، نيٽورڪنگ هجي، بينڊوڊٿ هجي ڪمپيوٽرس هجن ، هاڻي ته آرام سان هر ماڻهو وٽ ڪمپيوٽر ٿي ويو آهي. اسڪولن جا ٻار به ڪمپيوٽر استعمال پيا ڪن، سمارٽ فون اچي ويا آهن، سو انهي مان فائدو وٺو ۽ انهن کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو.
    شاهمراد : سائين اهو ٻڌايو ته سنڌ جي يونيورسٽين جو جيڪو عروج هيو 1980ع کان پهرين، ان ٽائيم تي به ضرور ادارن ۾ بهتر ماڻهو هوندا، انهن مان ڪجهه ماڻهو جي توهان کي ياد هجن جن توهان کي متاثر ڪيو هجي يا توهان جي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران توهان کي ڪنهن متاثر ڪيو هجي، جيئن ڪي استاد جن کان توهان متاثر ٿيا هجو، جن کي ڏسي توهان کي لڳندو هجي ته هي مڪمل استاد آهي. ائين توهان پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول ويندي يونيورسٽي بيچرل ماسٽرس ۽ پي ايڇ. ڊي تائين پنهنجي ڪجهه استادن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندا؟
    اسدالله شاهه: استاد ته سڀ عزت وارا آهن، اسان کي پڙهايو اٿن ٻه لفظ به پڙهايائون ته اسان جا استاد آهن، سو هاڻي انهن جي لاءِ ته ڪا غلط ڳالهه نٿي ڪري سگھجي. استاد ته استاد آهي ۽ ٻه لفظ به سيکاريائين تڏهن به اسان جو استاد ٿي ويو پر انهن ۾ تمام سٺا، ايوريج ٿي سگھن ٿا. ان قسم جي توهان ڪلاسيفڪيشن ڪري سگھو ٿا. چند استاد هئا جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ اسان جي زماني ۾ تمامcompetent ائين کڻي چئجي ورلڊ ڪلاس جا هئا. جن ۾ هڪڙو سائين عيسيٰ دائودپوٽو صاحب اسان جو استاد رهيو، ان به اسان کي پڙهايو. اهو اڃا به زنده آهي اسلام آباد ۾ رهي ٿو، فري لانس رائيٽر آهي ۽ اسان سڀني کي ان تي فخر ٿيڻ کپي ته هو اسان جو آهي، هو اسان جو استاد رهيو آهي ۽ اسان کي ان پڙهايو ۽ هڪ ٻه ٻيا به استاد هئا جن کان مان ڪافي متاثر ٿيس. انهن مان هينئر ڪجهه پاڪستان ۾ آهن، ڪجهه نه آهن. ڪجهه ڇڏي ويا آهن. پاڪستان کان ٻاهر نوڪري پيا ڪن. يونائيٽڊ اسٽيٽس ۾ ويري امپريسو پرسنلٽيز هيون ۽ اڃان به آهن اسان وٽ ورلڊ ڪلاس جا استاد هاڻي به پروڊيوس ڪري سگھجن ٿا ۽ آهن به پر تمام ٿورائي ۾ آهن ۽ انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب شايد اهو به آهي ته استاد جي overall سوسائٽي مان respect گھٽجي ويئي آهي. يا ته اهو استاد وارو جاب نه ٿو ڪري يا ته ماڻهن کي استاد جو جاب وڻي نه ٿو، تنهنڪري استاد کي اها سوسائٽي ۾ ريسپيڪٽ ڪانه پئي ملي ڀلي پوءِ اهو ڪهڙو به استاد ڇونه هجي پرائمري جو هجي، سيڪنڊري جو هجي يا ڪاليج ۽ يونيورسٽي جو هجي . انهي ڪري آءٌ سمجهان ٿو ته استاد اسان وٽ ويچارو ٿي ويو آهي، هاڻي جنهن قوم ۾ استاد جي عزت ڪانهي اهو وري قوم کي ڇا ڏيندو؟ اهو به توهان ڏسو پيا! سو آهي vice versa . استاد کي عزت ڏيو، استاد به ڏيندو. وڌيڪ محنت ڪندو، پيسا ته نه ٿا ڏيوس پر عزت ته ڏيوس، پر جي پيسا به نه ڏيوس ۽ عزت به نه ڏيوس ته پوءِ استاد ان قوم کي ڇا ڏيندو! ڪجهه به نه ڏيندو ۽ اسان وٽ اهو ئي ٿئي پيو پر اميد آهي ته انشاءَ الله زندگي ۾ اهو ڏينهن ڏسبو، جڏهن استاد کي وڏي عزت هوندي ۽ استاد وري پنهنجي مرتبي تي پهچندو ۽ اڳ جيان معتبر سڏبو، اها ئي اميد آهي انشاءَ الله .
    شاهمراد: سائين جيئن توهان ٻڌايو ته توهان جي فيملي هڪ پڙهي لکي فيملي آهي ۽ سنڌ ۾ تمام گھٽ پڙهيل لکيل فيمليون رهيون آهن. توهان ته 1960ع يا 1970ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه پيا ڪيو ته تڏهن توهان جي مامي پي ايڇ. ڊي ڪئي، اهو ڪيئن ٿيو؟ توهان جي فيملي ۾ پڙهڻ جو رجحان ڪيئن آيو، ۽ هاڻي توهان جي فيملي ۾ رجحان ڪيئن آهي، آ يا ساڳيو تسلسل آهي؟
    اسدالله شاهه: ادا فيملي اسان جي صفا ننڍڙي آهي، ۽ بقول وڏن جي، ته اسان بلوچستان جي ڪنهن حصي مان ڪو صدي ڏيڍ اڳي لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺاسين ، سو پنج ڇهه گهر آهن اسان جا، باقي ٻين سيدن سان مٽيون مائٽيون ڪيون اٿئون سو ٿورا اهي گڏ ٿيا آهن سو اسين بنيادي طور پنج ڇهه گھر ئي آهيون..
    تعليم جو رجحان ائين ٿيو، جو جڏهن پاڪستان ٺهيو پئي ته vacum پيدا ٿيو. هندو استاد جيڪي ڇڏي پئي ويا ته جيڪي ٿورا گھڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئا، انهن ۾ اسان جا جيڪي ماما يا چاچا هئا، اهي به هيا. جنهن ۾ منهنجو والد صاحب به پڙهيو لکيو هيو، انهن ۾ سڀ کان پهرين جيڪو اسان جو وڏو مامو هيو ڊاڪٽر محمد صالح شاهه، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري به ٿيو، پوءِ رٽائر ٿيو. اهو اسان جي خاندان جو ليڊر ٿيو پڙهائي ۾. اهو پرائمري تعليم حاصل ڪري چڪو هو، پهرين ماستري مليس. پوءِ مختلف ٽريننگون ڪيائون. پوءِ ڪاليج جو ليڪچرار ٿيو. پوءِ پرنسپال ٿيو. ڪيترن ئي سنڌ جي ڪاليجن ۾ جنهن ۾ ٽنڊو جان محمد ۽ خيرپور. اڃا سوڌا به ان جا شاگرد اسان کي ملندا آهن. پوءِ هو اها نوڪري ڇڏي اچي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيو. پوءِ شايد سيڪريٽري به ٿيو، پر مون کي سينيئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيڻ تائين پڪ آهي، يا خبر آهي اهو ٿيو. ان کان پوءِ انهي ئي رجحان پنهنجي ئي خاندان ۾ ۽ اردگرد جي ڳوٺن ۾ جيڪي ماڻهو هئا، جن کي ٿورو تعليم ڏانهن رجحان هو، انهن تي اثر ٿيو. ائين منهنجو ٻيو مامو قادر بخش شاهه جنهن کي اسين اڪثر قادن شاهه سڏيندا هئاسين، اهو به هو. ان به پنهنجي لائف ۾ پي ايڇ. ڊي ڪري ختم ڪئي پر ويچاري کي ٽائيم ڪونه مليو، ٿيسز جمع ڪئي هيائين، سنڌي لينگئيج ۾ پر ان کان اڳ ۾ ان جي وفات ٿي وئي. ان کان پوءِ اسان جي خاندان ۾منهنجو چاچو هو، جيڪو وڌيڪ ته نه پڙهيو پر استاد ٿيو ۽ بهترين پرائمري استاد رهيو. جنهن اسان کي تعليم ڏني. ان جو نالو سائين لعل شاهه هو. ڏاڍو بهترين استاد پنهنجي ان سڄي علائقي ۾ مڃيل ماڻهوهو. ايماندار ماڻهو اڪيلو پيو پنجاهه يا سئو ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ تمام competent پر پرائمري ٽيچر ٿي، هيڊ ماسٽريءَ تان رٽائر ٿيو. جنهن جي به هاڻي وفات ٿي چڪي آهي. ان سان گڏوگڏ اسان جو ٻيو استاد اسان جو ئي سوٽ آهي، جيڪو اڃا زنده آهي ۽ سندس خير شاهه نالو آهي، اهو به تعليم ۾ آيو. اڇا انهن جي لڳ ڀڳ جيڪي اسان جي خاندان ۾ ٻيا هئا، انهي ۾ ڊاڪٽر وڏل شاهه، جيڪو سڀني کان اڳيان نڪتو، ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪيائين. ان کان پوءِ پي ايڇ، ڊي امپيريل ڪاليج لنڊن مان ڪيائين ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪيائين. سو تقريباَ اهي ماڻهو اسان جي خاندان جي تعليم سان لاڳاپيل پهرين کيپ هئي جن اسان جي خاندان ۾ تعليم جو رجحان وڌو ان کان پوءِ سڀني انهن جي پوئواري ڪئي آهي. اسان جي خاندان ۾ ڪو به ڇوڪرو اڻ پڙهيل نه آهي، ۽ اسين جيڪي انهن وڏن کان پوءِ ڇڏي ٽين جنريشن ۾ اسين ڪي ڇهه پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهيون سوٽ ماسات پاڻ ۾. هينئر به اسان جي خاندان مان تازو تازو ڊاڪٽر ثناءَ الله شاهه پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ڪراچي يونيورسٽي مان ۽ ڊاڪٽر شهنواز شاهه جيڪو انشاءَالله جلد ڊاڪٽر ٿيندو، اهو چائنا ۾ پي ايڇ. ڊي تي ڪم ڪري پيو. ان جي گھرواري چائنا ۾ ڪري پئي ۽ شهنواز شاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار به آهي، ان سان گڏ عبدالسلام شاهه جيڪو منهنجو نياڻو به ٿئي، اهو پي ايڇ. ڊي ڪري پيو ملائشيا مان ۽ تمام گھڻو ذهين آهي. ڊاڪٽر عنايت الله شاهه جيڪو هتي ملائشيا جي هن انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو فيڪلٽي آف الائيڊ ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنس ۾ ڪوانتن ڪيمپس ۾ هن ئي يونيورسٽي ۾ آءٌ به آهيان ڪولالمپور گومبڪ ڪئمپس ۾ آهيان، اهو به لنڊن مان پي ايڇ ڊي آهي ۽ هتي ملائشيا ۾ آهي. ڊاڪٽر ولي الله شاهه جيڪو هاڻي ڪيناڊا ۾ آهي ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ اتي رهي ٿو. ان جي گھرواري به ڊاڪٽر آهي، ان کان علاوه ثناءُ الله شاهه، جنهن جو ذڪر آءٌ پهرين ڪري به آيس، اهو ڪراچي ۾ سپارڪو ۾ جنرل مئنيجر آهي ۽ ان جي گھرواري به ڊاڪٽر آهي epthomologist آهي. ال ابراهيم هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾. هاڻي اها اسان جي ٽئين کان چوٿين جنريشن آهي، پڙهيل لکيلن جي. باقي انهيءَ کان پهرين جيڪي اسان جا وڏڙا هئا، انهن کي ٿوريون گھڻيون زمينون هيون، جيڪي اڃا به آهن اسان جي ڳوٺ جي اردگر ۾. جن مان ڪجهه ٻيلي کاتي ۾ اچي ويون آهن، ڪجهه پڪي تي آهن. آءٌ ذڪر ڪندس خير شاهه جو، جيڪو منهنجو ٿئي ته مامو پر اسين ادا ادا ڪندا آهيون، جيڪو پرنسپال ٿيو ۽ ڪافي سنڌي ٻولي جو ماهر آ، اخبارن ۾ به لکندو آهي ان جو سمورو اولاد پڙهيو لکيو آهي. ٻيو مامو ميرل شاهه آهي، جيڪو هالا ۾ رهندو هو، هاڻي وفات ٿي وئي اٿس، انهيءَ جو سمورو اولاد پڙهيو لکيو آهي، ڊاڪٽر وڏل شاهه جو، ننڍو نوجوان پٽ آهي، اهو آرمي آفيسر رهيو ۽ پوءِ ADC رهيو پريزيڊنٽ آصف زرداري جو. هاڻي ڊائريڪٽر جنرل آهي ڪراچي ۾سنڌ Sindh Disaster Management cell جو ۽ نوجوان آهي. هاڻي اهو به وري MBA ڪري پيو لنڊن مان. سو ائين خاندان اسان جو ايجوڪيشن ۾ ڪافي مڃيل خاندان آهي. سٺا استاد ۽ سٺا محقق ريسرچر ۽ علم وارا ماڻهوپيدا ٿيا آهن ان ننڍڙي ڳوٺڙي مان پر پوءِ ڪجهه شفٽ ٿي شهر ۾ به وڃي ويٺا آهن پر تعلق اڃان اسان جو پنهنجي ڳوٺ سان ائين آهي جيئن اسان جو شروع کان هو. گھر، مال متاع ۽ مٽ مائٽ به اٿئون، اتي ايندا ويندا به آهيون، عيدون به اتي ڪيون، دفن به اتي ٿيون. اهي اسان جي پوري خاندان جون روٽس پنهنجي جاءِ تي قائم آهن. باقي هاڻي ڪي ڪراچيءَ ۾ به رهن ٿا، ڪي حيدرآباد ۾ رهن ٿا، ڪي ٻين جاين تي رهن ٿا. منهنجو ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ فارميسي ۾ فارماسٽ اينالائسٽ آهي، ڪافي سينيئر پوزيشن تي آهي. سيف الله شاهه آهي، اهو جيڪو آ، سو سڪرنڊ ڪاليج آهي جيڪو ان ۾ ايگرانامي جو ليڪچرار آهي، سو تقريباَ اسان جو ڪو به اهڙو نوجوان ڪونهي. ها فيض الله شاهه هو، جيڪو ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان ڊين ٿي رٽائر ٿيو انگلش لينگئيج جو پروفيسر هو ۽ ٻيا به اسان جا سوٽ ماسات آهن، سي پڙهيا لکيا آهن. سو تقريباَ اسان جو جيڪو سڄو خاندان تعليم سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ جو بنياد وڏي مامي وڌو، جنهن جو نالو ڊاڪٽر محمد صالح شاهه هو، جنهن قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. اها شروعات هئي جيڪو جاري ڪندو آيو آخر عمر تائين، سو انسپائريشن بنيادي طور ان کان شروع ٿي. ٻي انسپائريشن پنهجي ئي خاندان ۾ پنهنجي ننڍي مامي ڊاڪٽر وڏل شاهه کان ٿي، جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪافي نالو رکي ٿو. ان کان پوِءِ اهو سلسلو هلي پيو آهي، سو پيو هلندو، تعليم سان. ڪڏهن به رشتو ختم بند نه ٿيندو انشاءَالله.
    شاهمراد: سائين توهان اڄ ملائشيا ۾انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جا ڊائريڪٽر آهيو، پهرين توهان سنڌ يونيورسٽي ۾ به پڙهايو. پوءِ اسرا يونيورسٽي حيدرآباد، سکر آءِ بي اي ۽ سي ايم بي ڪراچي ۾ به پروفيسر ٿي ڪم ڪيو آهي، اهو توهان جو تجربو هڪ استاد، پروفيسر جي حيثيت سان ڪيئن رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ کان نڪري اسرا يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن ۾ ڪيئن ماحول نظر آيو؟ گڏوگڏ ملائشيا ۾ ڪافي سالن کان آهيو، هتي ڪئين محسوس ڪريو پيا؟ ان کان علاوه توهان جو پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان ڇا چوڻ آهي، توهان پاڻ کي پڙهائڻ ۽ ريسرچ ڪرڻ ۾ ڪيئن ٿا ڏسو ؟
    اسدالله شاهه: ها ادا مون ٻن يا ٽن ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي، مون جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڇڏي اسرا يونيورسٽي جوائن ڪئي ته اتي مون کي ڪمپيوٽر سائنس شعبي جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو ۽ آءٌ اتي اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيس. ڇاڪاڻ ته آءٌ تازي تازي پي ايڇ. ڊي ڪري آيو هيس، ان کان پوءِ مون کي ڏيڍ سال ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر ڪيو ويو ۽ وري ڏيڍ سال وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان پوءِ مون کي پروفيسر ڪيو ويو. سو اسسٽنٽ پروفيسر کان پروفيسر ٿيڻ تائين مون کي ٽي يا سوا ٽي سال لڳا ۽ پروفيسر ٿيڻ جي ٽن مهينن کان پوِءِ آئون ڊين ٿيس فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر ۽ مينجيمينٽ سائنس ۾. اسرا يونيورسٽي ۾ منهنجو تجربو تمام سٺو رهيو. اسرا يونيورسٽي ۾ مون کي سکڻ لاءِ الاهي ڪجهه مليو. ڇاڪاڻ ته اتي قاضي اسدالله صاحب جيڪو وائيس چانسلر هو. ان وقت ۽ اڃا به آهي، منهنجو دوست به آهي. تمام ورلڊ ڪلاس لرنيڊ ماڻهو آهي، انهي جي تجربي مان مون کي تمام گھڻو فائدو ٿيو، مون ان کان ڏاڍو سکيو. تعليمي پراسيس جيڪي به آهن علم جا پڙهائڻ کان وٺي ادارا هلائڻ تائين، اهي مون سڀ ڪم ان سان گڏ ويهي سکيا ۽ ان سيکاريا. ۽ اهو منهنجو تمام سٺو تجربو رهيو ته ڪنهن competent ماڻهو سان جيڪو اسان کان ڪافي اڳيان آهي. انهي عمر ۾ جنهن کان سکڻ جو موقعو مليو ۽ مون ڪافي ڪجهه سکيو ان ۽ ان دل سان سيکاريو ۽ اتي آءٌ يارنهن سال رهيس تقريباَ لڳ ڀڳ ساڍا ڏه سال يارنهن سال رهيس، پرائيويٽ ادارو آهي ۽ سٺي عزت ڏنائون ۽ آخر تائين ڏنائون. انهي کان پوءِ مون کي شوق ٿيو ته آءٌ ڪجهه دنيا ڏسان ٻاهر نڪران. سو اپلاءِ ڪيوسون، ٻن ٽن جاين تي حالانڪ اسرا يونيورسٽي ڇڏڻ جو ڏک به ٿيو پئي پر پوءِ نوڪري به ملي وئي، ڇاڪاڻ ته اتي ٽريننگ اهڙي ٿي هئي ۽ اتي جيئن ته ڪم ڪرڻ جو رجحان هو انڊپينڊنٽلي ڪم ڪرڻ جو، ڪا به ڊسڪريجمينٽ ڪانه هئي. ان ڪري مون جيڪو ڪرڻ چاهيو پئي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اتفاق سان نه ڪري سگھيس. اهو مون اسرا ۾ ڪيو. مون اسرا ۾ نوجوانن جون ٽريننگون شروع ڪيون، انهن کي ريسرچ ڪرائڻ شروع ڪرايو، انهن کي پيپر لکرائڻ شروع ڪيا. هاڻي ڪيترن نوجوانن جا نالا ٻڌايان جيڪي دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ هينئر ڪم پيا ڪن ۽ خوش آهن ۽ سڀ جا سڀ مون سان رابطي ۾ آهن. بهرحال پوءِ سکر ۾ به ويس سال کن. ڇاڪاڻ ته اتي ڪو ايڏو وڏو تجربو رهيو ئي ڪونه سال کن رهيس سکر IBA جو اُٿڪ هو تڏهن رجحان هو ۽ ڏاڍي سٺيdirection ۾ پئي ويو اهو ادارو پر اتفاق سان اتي رهي نه سگھيس ڪجهه پرسنل ريزنس جي ڪري. پوءِ آءٌ وري ڪراچي جيڪا IOBM آهي CBM جي نالي سان به مشهور آهي، اتي آءٌ رهيس اتي به اتفاق سان سال کن رهيس پر جڏهن مون اسرا يونيورسٽي ڇڏي پئي ته مون اپلاءِ ڪيو هيو انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي پوزيشن لاءِ ۽ منهنجي سليڪشن ٿي وئي هئي پر مون کي خبر ئي ڪانه پئي. انهي کان پوءِ آئون سکر ويس ته مون کي ڪال آئي جيڪا فائنل ڪال هئي. حالانڪ آءٌ ملائشيا وڃڻ واري ڳالهه وساري ڇڏي هئي ۽ سال کن ڪراچي CBM ۾ رهيس پر پوءِ وري مون کي شوق ٿيو ڪراچي جون حالتون ڏسي مون سوچيو هاڻي ٻاهر وڃجي هتي ته ڪراچي جون حالتون سڌرن نه پيون، روز فائرنگ پئي ٿي، ڪڏهن ته اسين اداري ۾ بند پيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ٻاهر گڙٻڙ هوندي هئي چوندا هيا ته توهان انتظار ڪيو ويٺا هجو، جڏهن گڙٻڙ بند ٿيندي تڏهن هتان نڪرنداسين. شام جي پنج جي جاءِ تي رات جو ستين بجي نڪرندا هئاسين، اهو به مختلف گس ڏئي مين رستو ڇڏي گاڏيون ڦيرائي اچي گھرن تي ڇڏيندا هئا. جوهر ۾ آءٌ رهندو هيس تڏهن. سو اها ڏاڍي تڪليف واري صورتحال هئي. انهيءَ ڪري مون فيصلو ڪيو ته آءٌ ٽراءِ ڪريان ٻاهر. انهيءَ دوران جيئن ته اپلاءِ ٿيل هيو، سو مون اپروچ ڪئي اسلامڪ يونيورسٽي ملائشيا ۾ ته هنن چيو ته توهان جي ته اسان وٽ مقرري ٿي پئي آهي، توهان آهيو ڪٿي، اسين ته ڳولهيون پيا. مون هنن کي چيو ته ليٽر توهان وري مون ڏانهن موڪليو ۽ هن ايڊريس تي موڪليو ۽ ٿي سگھي ٿو پهرين وارو ليٽر ڪنهن غلط ايڊريس تي ويو هجي، پوءِ انهن وري ليٽر مون ڏانهن موڪليو ۽ مون فيصلو ڪيو ته هاڻي مون کي هتان ڇڏڻو آهي. انهيءَ ۾ سٺي ڳالهه اها به هئي جنهن مون کي وڌيڪ appeal ڪيو ته آءٌ پنهنجي وطن مان هڪ ٻئي ڌاري وطن ۾ جيڪو اسان کان ايجوڪيشن ۾ ڪافي اڳيان آهي well established آهي ان ۾ مون کي پروفيسر ڪيو پئي ويو ان ڳالهه مون کي ڏاڍو اپيل ڪيو. ان وقت منهنجا ڪجهه دوست هئا، جيڪي به چون پيا ته ان کان وڌيڪ ماڻهو کي ڪهڙي opportunity ملندي، انهن توهان کي پروفيسر ڪري مقرر ڪيو آهي، هاڻي جي توهان نه ويندا ته اها ڪا عقلمندي ته ڪانهي ۽ حالتن اڳي ئي Discourage ڪري ڇڏيو هو، سو مون فيصلو ڪيو هيڏانهن اچڻ جو ۽ آءٌ جنوري يارنهن 2011ع تي هتي اچي جوائننگ ڪئي پروفيسر طور ڪمپيوٽر سائنس شعبي ۾، پوءِ وري هنن کي سال ڏيڍ کان پوءِ انفارميشن سسٽمس ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر جي ضرورت پئي، جتي ڪجهه نوان پروگرام شروع ڪرڻا هئا ته مون کي وري ڪمپيوٽر سائنسن مان وري هيڏانهن انفارميشن سسٽمس شعبي ۾ ساڳي ئي فيڪلٽي ۾ پروفيسر ڪيو ويو. انهي دوران آءٌ هيڊ آف ريسرچ ٿيس. تقريباَ اڍائي سال هيڊ آف ريسرچ ٿي رهيس وري سال کن ٿوري ريسٽ ڪئي سين. وري مون کي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڪيائون انفارميشن سسٽمز ۾ ساڳي ئي فيڪلٽي ۾ جيڪو آءٌ اڃا تائين آهيان ۽ اڄ ڏينهن تائين ته آهيان ٿي سگھي ٿو پوءِ نه هجان، پر اڍائي سال کن آءٌ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيو آهيان.
    هن يونيورسٽي ۾ مون کي International appearance لڳو، smooth process آهي ۽ پروفيسر کي سٺي ريسپيڪٽ آهي، ماڻهو independently ڪم ڪري سگھي ٿو، ۽ مون وٽ ٻار اچن ٿا پي ايڇ. ڊي ڪرڻ ۽ توهان کي خبر آهي ته پاڻ وٽان پنهنجي سنڌ ۽ پوري پاڪستان مان ڪافي ٻار پي ايڇ. ڊي ڪري ويا آهن ۽ ڪافي اڃا آهن منهنجي سپرويزن ۾، آءٌ سمجهان ٿو ته جيڪا هتي منهنجي Achievement ٿي آهي، سا پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي سگھي ها. منهنجو مطلب آهي in terms of research and Ph.D production ، ڪافي نوجوانن کي جنهن ۾ توهان به ڊاڪٽر ٿيڻ وارا آهيو، ڊاڪٽر يعقوب ڪونڌر صاحب ، ملوڪ رند صاحب آهي، عبدالحفيظ آهي، ذيشان ڀٽي آهي، عبدالوحيد مهيسر، احمد وقاص جيڪو هينئر سکر IBA ۾ آهي ان جو ڪو سپروائيزر رهيس، ايراني شاگرد ڊاڪٽر مصطفيٰ هيو، سسٽر نور النوها ڪري ويئي آ، جيڪا سعودي عرب جي آهي. اهڙي طرح ٻه چار ٻيا شاگرد جن جي سپروائيزري ڪميٽي ۾ آءِ چيئرمين رهيس ان ۾ ڊاڪٽر لبده ڪري ويئي آ، ڊاڪٽر تامي جيڪو ڪويت جو آهي، اهڙي طرح ٻه ٽي ريسرچ ۾ ماسٽرس ڪڍيا آهن. سو انهن ڇهن ستن سالن جي عرصي ۾ ڪي 13 يا 14 پي ايڇ. ڊي ڪڍيا آهن، جيڪو آءٌ سمجهان ٿو ته هڪڙو سٺو ڪنٽريبيوشن آهي، ۽ اهو هتان جي يونيورسٽي وارا به سمجهن ٿا ۽ جيستائين منهنجو writing جو experience آهي، ته گڏي سڏي ڪل 17 کن ڪتاب لکيا اٿم. ان کان علاوه چار کن ڪتاب ٻيا ايڊيٽنگ پراسيس ۾ آهن، جيڪي شايد ڪجهه مهينن ۾ پبلش ٿي وڃن، هي سڀ ڪتاب منهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ آهن ، انهن ڪتابن مان جيڪي prominent ڪتاب ڪري لکيو آهي. اهي ڪتاب Research Methodologies تي هئا، ۽ انهي ۾ جيڪو خاص فوڪس آهي سوIslamic perspective تي آهي، جنهن ۾ اسلامڪ ريسرچ ميٿوڊولاجيڪل پرسپيڪٽو ميٿڊس تي ۽ ميٿوڊولاجيز تي هجي يا فلاسافي آف ناليج تي هجي. اهي ٿورا منفرد ڪتاب آهن منهنجي نظر ۾، ڇاڪاڻ ته اهي تمام ضروري هئا ته جيئن جيڪا Human knowledge آهي، ان جي Orientation صحيح طرف ۾ رکي سگھجي، جنهن ۾ Issues آهن، جن تي آءٌ هينئر وڌيڪ ڪم ڪريان پيو. ان کان علاوه پبليڪيشن جي حوالي سان ڪتابن کي ڇڏي ڪري 190کن جنرلس ۾ پبليڪيشنس آهن جيڪي آن لائين آهن. ماڻهو انهن کي ڏسي پڙهي سگھن ٿا ، ڊائونلوڊ ڪري سگھن ٿا ، سو آءٌ سمجهان ٿو ته ڪو تمام وڏو ڪنٽريبيوشن ته ڪونهي پر ڇهن ستن سالن جي ننڍڙي عرصي ۾هن اداري ۾ رهي ڪري اهو جيڪو ڪنٽريبيوشن آهي، سو ٺيڪ آهي ايڏو خراب به ڪونهي .
    شاهمراد : سائين ملائشيا ۾ پروفيسرسن جي پراگريس جي حوالي سان هتان جي منسٽري آف ايجوڪيشن ڪجهه انگ اکر جاري ڪيا هئا، ان ۾ به شايد ٽاپ وارن پروفيسرن ۾ توهان جو نالو هو، ان جي باري ۾ ڪجهه تفصيل ٻڌائيندا؟
    اسدالله شاهه: ها ملائشيا ۾ Ministry of Education ، مختلف ريسرچرز جي ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ assessment ڪندي آهي ته هنن ڪيترا جنرل آرٽيڪل لکيا آهن ۽ انهن جا ڪيترن ريسرچ آرٽيڪل ٻاهرين دنيا ۾ سائيٽ ڪيا ويا آهن، سيلف سائيٽڊ نه بلڪ، ٻين ريسرچ ڪندڙن ٻاهرين دنيا ۾ سائيٽ ڪيا هجن، ان ۾ سال 2014ع ۽ 2015ع جي جيڪا Assessment هئي، جيڪي facts & figures هئا، سي اسان جي يونيورسٽي ۾ به شيئر ڪيا ويا، انهي ۾ Among top 20 cited researchers of IIUM ۾ منهنجو نالو به هو، جيڪو 14 نمبر تي هو، جيڪو I wish it would have been number one ڇاڪاڻ ته ائين ڪونه هو، اهو سمورو ڪم un intentional هو، ۽ اهو ٻاهرين ريسرچرن تي آهي ته اهي اسان کي ڪيترو سائيٽ ٿا ڪن، انهي ڪري اها پوزيشن ٺيڪ آهي، سو مون پنهنجي حساب سان انهي رپورٽ مطابق ratio ڪڍيو، سڀ ملائشين ريسرچر ملائي پوري ملائشيا جي يونيورسٽين کي گڏائي ته اهي رزلٽ جيڪي پوري ملائشيا جي ٽاپ 20 سيڪڙو ريسرچر تي مشتمل آهن، انهيءَ ۾ منهنجي پوزيشن ٽاپ 2 سيڪڙو وارن ۾ بيهي ٿي. انهيءَ حساب سان اها وڏي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته سڀني کي جڏهن Merge ڪبو پاڻ ۾، ته اسين وڃي انهيءَ رينج ۾ بيهنداسين. سو آءٌ سمجهان ٿو، اها ئي منهنجي achievement آهي، هڪ ته توهان فارين ملڪ ۾ ٻيو توهان جي ايتري سائيٽيشنس ٿي پيپرس جي، سا به ٻاهرين دنيا ۾ ٿئي، سا به ماڊرن ورلڊ ۾، ته اها هڪڙي appreciation آهي.
    شاهمراد: ان جو مطلب اهو ٿيو ته ملائشيا جي منسٽري آف ايجوڪيشن پروفيسرن جي ڪيل ڪم تي نظر رکي ٿي ۽ ان کي باقاعده evaluate ڪري ٿي ۽ بهتر پروفيسرن کي انعام به ڏيئي ٿي. مطلب ته ايجوڪيشنسٽ قسم جا ماڻهو ملائشين گورنمينٽ ۾ آهن.
    اسدالله شاهه : ها بلڪل منهنجي نظر ۾ ته آهن اهڙو ڪجهه جيئن پاڪستان ۾ هاير ايجوڪيشن ڪميشن ڪري ٿي ۽ Best Teacher Award ڏئي ٿي، ڪتاب لکڻ تي پيسا ڏئي ٿي، پر هي جيڪي هائلي سائيٽيڊ ريسرچر يا great number of article writers هجن. اهڙي قسم جي ڪا ايپريسيئيشن منهنجي نظر مان ڪانه گذري پاڪستان ۾. پر هتي جيڪا اها اسيسمينٽ ٿي انهيءَ کان پوءِ هتي يونيورسٽيءَ طرفان بيسٽ ريسرچر اوارڊ ڏنو ويو. منسٽري ڊائريڪٽ ته اوارڊ ڪونه ڏنا پر انهن رپورٽ ڏئي هنن کي ٻڌائي ڇڏيو ته توهان جا فلاڻا ريسرچر جيڪي آهن سي هن ٽاپ رينج ۾ اچن ٿا، پوءِ يونيورسٽي هڪ تقريب ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اسان کي انهن شيلڊون به ڏنيون ۽ اسان کي سرٽيفڪيٽ به ڏنا، Best researcher award ۽ هڪ سرٽيفيڪِيٽ ڏنائون، پوءِ جيڪي هن سڄي يونيورسٽي مان جيڪي ٽاپ 20 ريسرچ هئاسين، انهن کي مليا. پر پاڪستان ۾ آءٌ سمجهان ٿو اهو ڏاڍو سٺو ٿيندو ته جيڪر اهڙي قسم جي initiative ورتو وڃي. يونيورسٽي سطح تي يا هاير ايجوڪيشن ڪميشن وٺي ته جيئن جيڪي سٺا ريسرچر آهن ۽ Dedicated worker آهن، انهن کي ڪنهن نموني سان انهن جي محنت جو روارڊ ملي. آءٌ ان جي بلڪل حق ۾ آهيان ته ائين ٿيڻ کپي.
    شاهمراد : سائين ملائشيا جي يونيورسٽين ۽ پاڪستاني يونيورسٽين جي ماحول کي ڪمپئير ڪندا؟
    اسدالله شاهه : يونيورسٽيون هلنديون آهن ٽن Pillars تي، هڪڙو پلر انهن جا شاگرد آهن، ٻيو پلر استاد ۽ ٽيون پلر ايڊمن آهي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اهي ٽئي پلر الڳ الڳ آهن، ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪ فائونڊيشن رکن ئي نه ٿا. اسٽوڊنٽس تي پوليٽيڪل اثر رهيو آهي، پوءِ ٻاهريون هجي يا لوڪل هجي، اهي پنهنجي منهن آهن. استاد پنهنجي منهن آهن. اهي به پوليٽڪس ۾ شامل ٿي ٿا وڃن، جيڪي فلاحي تنظيمون انهن ٺاهيون آهن، اهي پوليٽيڪل پرپز لاءِ ۽ پريشر گروپ ٿي ويا آهن، ۽ ايڊمنسٽريشن انهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ وري پنهنجا گروپ ٺاهيا آهن، سو اها گروپنگ تمام گھڻي آهي. ۽ انهي گروپنگ جي ڪري تعليمي رجحان يا تعليم جو جيڪو اصل مقصد آهي، پورو نه ٿو ٿئي. سڀ پوليٽڪس ۾، سڀ Leg-pulling ۾ شامل آهن. ان جي مقابلي ۾ هتي ملائشيا ۾ وري اسٽوڊنٽس سوسائٽيز جي اليڪشن ڪرائبي آهي، پر اهي پوليٽيڪل نه آهن، هتي منسٽري جي طرفان هدايتون آهن ته هر يونيورسٽي جي هر فيڪلٽي کي اليڪشن ڪرائڻي آهي، يونيورسٽي سطح تي به ڪرائڻي آهي ۽ فيڪلٽي سطح تي به ڪرائڻي آهي، ته جيئن انهن جا نمائندا هجن پر پوليٽيڪل بلڪل به نه آهن. هتي استادن جي تنظيم به آهي، پر ستن سالن جي عرصي ۾ مون انهن جي هڪڙي ميٽنگ اٽينڊ نه ڪئي آهي. مون کي خبر ئي نه آهي، ته اسان جي استادن جي تنظيم جو صدر ڪير آهي؟ سال تي هڪڙي دعوت ڪندا آهن رمضان جي مهيني کان پوءِ ته دعوت نامو ملندو آهي، ته آءٌ ڪوشش ڪندو آهيان ته اها تنظيم آهي ڪهڙي، جيڪا اسان کي ماني جي دعوت پئي ڏئي. صرف هڪ ڀيرو مون ان استاد تنطيم جي ماني کاڌي جو ان وقت ان جو صدر اسان جي فيڪلٽي جو ڊاڪٽر پروفيسر فوزان هو. جنهن چيو ته اچو براءِ مهرباني ان بهاني سان ماني کائڻ وارا ته گڏ ٿيون. سو ماڻهو ئي ڪونه هئا، ڪو پريشر ڪونهي، پراسيس ٺهيا پيا آهن هر ماڻهو کي فالو ڪرڻو آهي، انهيءَ پراسيس کي، شاگرد به انهيءِ پراسس کي فالو ڪندا آهن ، استاد به انهي کي فالو ڪندا آهن ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ، ڊين فيڪلٽي ويندي وائيس چانسلر تائين هر ڪو پراسيس کي ئي فالو ڪندو آهي، سو Authority جيڪا آهي سا Delicate ٿئي ٿي مٿان کان. منسٽري اهي سڄا پراسيس ٺاهي هنن کي ڏئي ڇڏيا آهن، ته توهان اهي execute ڪيو . So things are quite controlled and appears to be very normal پر اسان وٽ پاڪستان خاص طور سنڌ ۾ ائين ناهي، بادشاهه ويٺا آهن پوءِ جيئن بادشاهت هلائين، هلي ته هلي، نه هلي ته احتجاج. نه هلي ته جهيڙا، سو اهو فرق آهي اسان جي ۽ ملائشيا جي ادارن جي اندر ماحول ۾. باقي آءٌ گارنٽي سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ ۽ اسان جي سنڌ ۾ جيڪو ٽيلنٽ آهي، شايد دنيا جي جيڪي Best countries آهن، انهن جيترو ئي آهي، اسان جو نوجوان ايترو ذهين ۽ ڪامپيٽنٽ آهي، جو ان کي جيڪڏهن اهڙو ماحول ملي ڀلي آمريڪا جهڙو نه پر رڳو ملائشيا جهڙو ماحول به ڏيو، ته به اهو سڄي دنيا کي اٿلائي ڇڏيندو، ايترو ذهين آهي. منهنجو ذاتي تجربو انهن سان اڄ کان ويهه سال اڳ کان آهي جڏهن آءٌ پي ايڇ. ڊي ڪري موٽي آيس. پاڪستان ۾ به جڏهن مون اهو پراسيس شروع ڪيو ته ٽيلنٽ نڪتو، جنهن جا آءٌ نالا کڻي ٿڪجي ٿو پوان، ايترا نالا آهن سڄي دنيا ۾ ويٺا آهن،. ڪيناڊا کان وٺي ڪري آسٽريليا تائين ويٺا آهن، هڪ ٻه به نه، سون جي حساب سان، جيڪي مون سان هينئر به رابطي ۾ آهن، ۽ وڏين پوزيشنن تي ويٺا آهن. سو انهن ۾ ٽيلنٽ هو تڏهن ته نڪتا، بس اسان انهن جي ٿورڙي پالش ڪرڻ شروع ڪئي ته اڃان وڌيڪ shine ٿيا، سو هر شيءِ الله سائين اسان کي ڏني آهي، ذهين ٻار، ذهين نياڻيون، اسان کي رڳو ماحول ٿورڙو رليڪس ڪرڻ کپي، ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کپي. سنڌين جا ادارا، پاڪستان جا ادارا، پاڪستان جو ٽيلنٽ سڄي دنيا ۾ پکڙجي سگھي ٿو، جنهن جو تمام گھڻو فائدو اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي ٿيندو.
    شاهمراد : سائين توهان انگلينڊ ۾ به رهيا آهيو ۽ انگلينڊ اهو ملڪ آهي، جو ڪي زمانه سندن بادشاهت جو سج نه لهندو هو ، اهي ماڻهو پنهنجي روين ۾ پنهنجي سسٽم ۾ ڪيئن هئا ۽ توهان جو تجربو ڪيئن رهيو، توهان انگلينڊ ۾ رهيا، پڙهي پي ايڇ. ڊي ڪئي. سو ٿورو ڪمپئير ڪندا؟ انهن جا رويا ڪيئن هيا ۽ اسان جي ماڻهن جا رويا ڪيئن آهن، خاص طور اسان جي انهن ماڻهن جا رويا، جيڪي ٿورا گھڻا ڪامياب ٿين ٿا؟
    اسد الله شاهه: ادا انگليڊ جي باري ۾ منهنجو ته خيال آهي ته هنن جي بادشاهت جو سج اڃان به ڪونه ٿو لهي Queen اڃا به انگلينڊ جي راڻي آهي، ته وري آسٽريليا جي به راڻي آهي، ۽ هنن جيڪو attitude develop ڪيو آهي، Towards education and system مون کي رڳو هڪڙي ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، اسين رڳو اتي پڙهي ٿا اچون انهن جي سسٽم ۾ پنج پنج سال پي ايڇ. ڊيز ڪري ٿا اچون پر اسين اچڻ ساڻ ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچون ٿا يا پاڪستان ۾ لهون ٿا ته اسين مٽجيو وڃون، ابتا ٿيو وڃون. بنيادي طور تي انگلينڊ وارن يا سڌريل ملڪن ايڏو ته سسٽم سموٿ ٺاهي ڇڏيو آهي، جو ڪم ڪرڻ واري کي ڪم ڪرڻ ڏيندا ، competent ماڻهو کي اڳيان آڻيندا، پاڻ نه ڪري سگھندا ته ٻين کان ڪم ڪرائي ويندا، مدد ڪندا هنن وٽ نه آهي ئي نه، ڪوشش ڪندا ته اسين هنن جو مسئلو حل ڪريون ، نه ٿي سگھيو ته sorry ڪندا، پر اسان وٽ انهيءَءُ جي ابتڙ آهي، ڪوشش ڪندا ته اهو ڪم نه ڪيون، پر جي صفا زور آ ته اسين نه ڪيون ، پر ڪم ته ٿي ويندو پر ٿيندو ابتي نموني سان، سبتي نموني سان نه ٿيندو، سو اسان ان ابتي ۽ سبتي واري چڪر ۾ ڦاسي پيا آهيون. ڊين چوندو سڀ منهنجا جهڙو نوڪر هجن، جيئن آءٌ چوان ائين ڪن. پراسيس نه آهي، جو سڀني کي فالو ڪرڻو هجي، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آ، چوندو ته سڀ منهنجا نوڪر هجن، ان ڪري سڀ ڪو ڪوشش ٿو ڪري ته اسان کي به ڪا پوزيشن ملي ته اسين صاحب ٿي ويهون، ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي. منهنجا دوست به آهن، اهي ڏاڍا ڏکيا لفظ آهن. مون کي چوڻ به نه کپن پر ڏک جي ڳالهه آهي. اسان جي سوچ اها آهي، ته بجاءِ جو اسين serve ڪيون اسين پنهنجي پاڻ کي serve ٿا ڪرايون، ته سڀ ماڻهو اسان کي سائين سائين ڪن، اسان جا نوڪر ٿي هلن، اسان جي اڳيان پويان ٿين، اسان کي دعوتون کارائين ، گاڏيون اسان جون ڊرائيو ڪن، اسان کي فيور ڪن ۽ اسين به انهن کي فيور ڪريون. ڇاڪاڻ ته سسٽم اسان کي اجازت ٿو ڏئي، ۽ جيستائين اسين ويٺا هونداسين تيستائين اهي مزا هوندا، سو مزا ويٺا ڪن. سو ڪم ڇو ڪن، انگريز جي ملڪ ۾ منهنجو ذاتي تجربو آهي، ته اسان جو پروفيسر رٽائر ٿيو، سو ڪافي عرصي کان پوءِ مليو ته پڇا ڪئيسون ته Professor, What are you doing after your retirement, چيائين I am enjoying my life now, after retirement. سو Basically, they enjoy life after retirement. پراسان we enjoy life while we are in service, سو فرق آهي، انگريز جيڪڏهن سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي آهي. ته هو بلڪل Deserving Nation آهي، ڀلا اسين اهڙا ڇو ڪون ٿا ٿيون، يا اهڙا ٿيون پوءِ اسين به دنيا تي حڪومت ڪيون پر ان جو مطلب آ ته اسان ماڻهن انهن کان ڪجهه سکيو ئي ڪونهي، وڃون ٿا پي ايڇ. ڊي ڪرڻ ، پي ايڇ. ڊي ڪرڻ کان پوءِ اسين سوچيون ٿا ته هاڻي لفظ به ناهي پڙهڻو، علم سڀ اسان کي اچي ويو آ، هاڻي ويهي اسان کي کائڻو آهي. ڀلي کائو پر اهو ورهايو به ته سهي نه ، علم ته وڌندو ورهائڻ سان، پر ائين ڪرڻ لاءِ اسين تيار ئي نه آهيون، گھڻا پروفيسر آهن اسان جي يونيورسٽين ۾، جيڪي پي ايڇ. ڊي ڪري آيا هجن ۽ وري انهن پنج پنج پي ايڇ. ڊي ڪڍيا هجن. تمام جيڪي سٺا هوندا سي يا ڊين ٿيندا يا پرو وائيس چانسلر ٿيندا، يا ڊائريڪٽر ٿيندا ڪيمپس جا. ڀلا پي ايڇ ڊيز گھڻيون ڪرايون اٿن، پيپر گھڻا لکيا اٿن، انهن جون سائيٽيشنس گھڻيون آهن، ڪتاب گھڻا لکيا اٿن، ڀلا ڪتاب چيپٽر لکيا اٿن، دنيا ۾ گھڻيون ڪانفرنسون ڪرايون اٿن، گھڻن ڪانفرنسزن ۾ جنرل چيئر ٿيا آهن، ڪِيترا نوٽ اسپيڪر ٿيا آهن، گھڻا سيشن چيئر ڪيا اٿن، نيگليجيبل زيرو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان وٽ پڙهي اچڻ کان پوءِ به Attitude تبديل نه ٿو ٿئي، جيڪو ٿيڻ کپي، اسان جو جنهن ڏينهن رويو تبديل ٿيو، ۽ رجحان اسان جو ائين ئي ٿيو، جيئن انگلينڊ ۾ آهي، آمريڪا ۾ آهي ته اسين بلڪل انهن جهڙي قوم ٿي سگھون ٿا ۽ اسين آهيون. اسان ۾ وڏو ٽيلنٽ آهي، اسين تڏهن ڪامياب ٿينداسين، جڏهن اسان کي پنهنجي ذميواري جو احساس ٿيندو، ان لاءِ اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. نه ته ان کان پهرين ائين سوچڻ ته اسين انهن جهڙا ٿينداسين يا وري انهن کان اڳيان وينداسين ته ڪڏهن به نه ٿي سگهنداسين .
    شاهمراد : توهان ريسرچ جي باري ۾ڳالهه پئي ڪئي ۽ پنهنجي ڪتابن ۽ ريسرچ پيپرن جي باري ۾ به ٻڌايو ان کان علاوه توهان هتي ڪجهه ڪانفرنسون به ڪرايو پيا، توهان پنهنجي ڪوشش سان هڪ ادارو به ٺاهيو آ ته جيئن علم، تعليم، ريسرچ ڪرڻ لاءِ Motivation and opportunity ميسر ٿين، ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو ۽ هينئر تائين توهان پنهنجي اداري طرفان ڪيتريون ڪانفرنسون ڪرايون آهن ۽ توهان پنهنجي هن تجربي جي باري ۾ ڇا چوندا؟
    اسدالله شاهه: اها آرگنائيزشن رجسٽرڊ آهي اسان جو دوست جيڪو ملائشين آهي، اوريجنلي اهو پاڪستاني آهي پر هاڻي هتي جو ڀومي آهي،. انهيءَ دوست جي نالي تي اها رجسٽرڊ آرگينائيزيشن آهي. ان دوست جو مقصد هو ته هو ڪنهن نموني سان ماڻهن جي تعليم جي ميدان ۾خدمت ڪري سگھي. پاڻ ڊاڪٽر آهي ۽ پڙهيو به پاڪستان ۾ آهي، ۽ هتي تمام سٺي نموني سان سيٽل آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جا واسطا اڃا به آهن، حالانڪ هتي ڪافي عرصي کان رهي ٿو پر ان جي باوجود به جيئن ته هن جون روٽس پوئتي آهن لنڪس پوئتي آهن. ان آرگنائيزيشن پويان مقصد ته ڪانفرنسون، ورڪشاپس سيمينار ٽريننگس ڪرائجن، جيڪي دنيا ۾ لٽرري ماڻهو آهن very competent مڃيل ماڻهن کي وٺي اچي نوجوانن کي ٻڌرائجي. ان سلسلي ۾ پهريون قدم ڪانفرنسن جو شروع ٿي چڪو آهي، ۽ هينئر اسان جي پنجين يا ڇهين ڪانفرنس آهي، جيڪا اسان IEEE جي پليٽ فارم تان ڪيون ٿا، ته جيئن اسان جي ريسرچر IEEE جي ڊيٽابيسس تي ڊجيٽل لائبرري ۾ هجن ۽ کين وڌ کان وڌ اهميت ۽ سائيٽيشن جا موقعا ملن. تجربو ڏاڍو سٺو رهيو آهي، ٿوري دير ٿي ويئي آهي، پر ڪم تمام سٺو آ ۽ ڪا ڳالهه ڪانهي، ۽ دير سان ڪيو درست ڪيو، تڏهن به سهي آ، سو انهيءَ اداري ۾ اسان کي فائدو اهو ٿيو آهي، ته آءٌ جنرل چيئر آهيان ۽ اها Volunteer پوزيشن آهي، ماڻهو ڪافي سڃاڻن ٿا، هاڻي انهيءَ ڪري انٽرنيشنل اداري ڪري ۽ ڪانفرنس جي ڪري، دنيا جي مختلف حصن مان ماڻهو ريسرچ پيپر موڪلين ٿا. تنهن ڪري دنيا جي مختلف ريسرچر سان لهه وچڙ ٿئي ٿي ۽ اسان جي ڪانفرنسن ۾ اچن ٿا. سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 ڪانفرنسون ٿين ٿيون. ٻيو فائدو ان ۾ اهو ٿئي ٿو ته اسان جا جيڪي لوڪل ٻار جيڪي پنهنجي سنڌ يا پاڪستان مان آيا آهن انهن ۾ ايڏو ته اعتماد Build up ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان انهن کي مختلف ڪاميٽين ۾ ورهائي رکيو آهي. ڪو، ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو ميمبر آهي، ڪو، ڪانفرنس آرگنائيزنگ ڪميٽي جو ميمبر آهي، ڪو، سيشين چيئر آ، ڪو آرگينائيزيشن ۾ ريجنل يا ڪنٽري ڊائريڪٽر، ڪو ريپريزنٽيٽيو آ، انهيءَ ۾ توهان ڏسندا ته پنهنجون جيڪي ٽپيڪل ذاتيون آهن، جيئن چانڊيه، رند، ڪونڌر، بروهي، چنو، اڄڻ انهن ذاتين سان تعلق رکندڙ ٻار ملندا. توهان ڏسندا اسان جي تنظيم جي ويب سائيٽ تي ته اهي نالا توهان کي اتي ملندا. آءٌ سمجهان ٿو ته اها به هڪڙي خدمت آهي، جو اهي دوست نه صرف پي ايڇ. ڊي پيا ڪن پر انهن پراسيس مان به گذرن ٿا، جن سان اهي جڏهن هتان ڪامياب ٿي واپس پوئتي پنهنجي ملڪ ويندا ته اتي به ان قسم جا پروگرام، ڪانفرنسون ڪرائيندا. ٽرينڊ ٿيل هوندا ته انهن ۾ اعتماد هوندو، انهن کي دنيا سڃاڻندي هوندي، جنهن سان دنيا انهن کي فائدو ڏيندي ۽ هو فائدو وٺندا. تنهنڪري آءٌ سمجهان ٿو ته اسان هڪ قسم جي خدمت پيا ڪيون، جلد اسان انشاءٌالله گلوبل ايوينٽ ڪنداسين، اسان جي گذريل ڪانفرنس بحرين ۾ ٿي، اتان جي هڪ تمام سٺي يونيورسٽي AMA University ۾، انهن سان گڏ ڪولابوريشن به ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ به تمام گھڻا ريسرچ اسڪالر آيا. سائوٿ آفريقا کان وٺي نيوزيلينڊ تائين تقريبن سورنهن سترنهن ملڪن جا ماڻهو آيا، جن پيپر پيش ڪيا. جن سان اسان جي هڪ قسم جي لنڪ پيدا ٿي، اسان جي نوجوانن جي ٿي، سو آءٌ سمجهان ٿو ته اها تمام بهترين پروفيشنل اڪيڊمي آهي جيڪا اسان شروع ڪئي آهي. حالانڪ اسان ان کي ڪجهه عرصو پهرين به شروع ڪري سگھياسين پئي پر خير آهي، هر شيءِ پنهنجي ٽائيم تي ٿئي ٿي، هاڻي ته هي پليٽ فارم ميسر آهي، اسان جا نوجوان هن پليٽ فارم تان پوري دنيا سان ڳنڍيل آهن. مان نوجوانن کي انهن جي موجودگي جي حساب سان مختلف ملڪن جو ڪوآرڊينيٽر ڪري ڇڏيو آهي، ڪو عرب ملڪن ۾ آهي ته ڪو يورپ جي ملڪن ۾ يا آسٽريليا يا ايشيا جي ٻين ملڪن ۾. هاڻي ته اهي سڀ سنڌ جا نوجوان هڪٻئي سان رابطي ۾ آهن. ٻيو اهو ٿو ٿئي ته اهي جيڪي سڀ نوجوان scattered هئا، اهي هاڻ سڀ لنڪ ٿي ٿا وڃن . ڪير ڪٿي آهي، ڪير ڇا پيو ڪري ، ڪير ڪنهن کي ڇا ڏئي سگھي ٿو، ڇا اسين ڏئي سگھون ٿا انهيءَ کي. اسين انهيءَ پليٽ فارم تي ڪم ڪريون پيا. آءٌ خوش آهيان. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو تمام وڏو ڪم آهي جيڪو اسين ڪريون پيا، سو اهو پليٽ فارم اڃا به وڌائي سگھجي ٿو، ۽ ارادو آهي ته مستقبل ۾ به انٽرنيشنل ايوينٽ ڪندا رهون، ۽ سنڌ ۾ ڪيون ۽ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به ڪريون. اسان کي هاڻي سڄي دنيا جا پروفيشنل سڃاڻين ٿا، اهي اسان جي سڏ تي انشاءَ الله هليا ايندا. اسان اهڙا ايوينٽ مسلسل ڪرائينداسين ته جيئن اسان جي نوجوان لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ٿين، اسان جو نوجوان لنڪئج ڊولپ ڪري، وڌيڪ پڙهي، وڌيڪ سکي، فائدو ڏيڻ وارو ٿئي ۽ فائدو وٺي، ۽ ڏسي ته دنيا ڪٿي پهتي آهي ۽ اسين ڪٿي آهيون، اهو سمجهي ۽ اڳتي وڌي.
    شاهمراد : توهان جو ملائشيا ۾ هڪ يونيوسٽي ۾پروفيسر هجڻ ۽ ان کان علاوه الڳ سان ڪنهن تنظيم ۾ هجڻ تمام گھڻي خوشي جي ڳالهه آهي، پر آءٌ ڏسان پيو ته توهان پنهنجي هتي جي موجودگي مان پنهنجي ملڪ جي نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏئي رهيا آهيو، حالانڪ اهو سڀ رضاڪارانه آهي. پر وري به توهان ٻڌائيندا ته توهان جو ان ڪم پٺيان ڪهڙو آدرش آهي، حالانڪ اڪثر ماڻهو ٻين ملڪن ۾ وڃي سيٽل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ پوئتي وارن لاءِ گمنام ٿي ويندا آهن، پر توهان پنهنجي ماڻهن سان ايڏو لاڳاپيل رهڻ چاهيو ٿا، ان باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا ته ان پٺيان ڪهڙو ڪارڻ آهي يا ڪو جذبو آهي؟
    اسدالله شاهه : ادا منهنجون جڙون سنڌ سان آهن، اهي ٽُٽِي نه ٿيون سگھن ، مرندس ته دفن اتي ٿيندس، منهنجا ماءُ پيءُ اتي دفن آهن ۽ آءٌ به انشاءَ الله اتي ٿيندس. اهو ڳانڍاپو نه ٽٽڻ وارو آهي، باقي سنڌ ۾ تعليمي ادارا به الاهي آهن ، پر منهنجو جيڪو تجربو رهيو ته اسان وٽ نوجوانن کي اڳيان اچڻ جو موقعو ڏاڍو گھٽ ٿو ملي، هڪ اڌ ادارو آهي جيڪو موقعا ڏئي به ٿو پر اهي به هاڻي شروع ٿيا آهن، اڄ کان 20 سال اڳي جڏهن اسين هئاسين ته ڪونه هئا، سو اها فيلنگ منهنجي تڏهن کان به هئي، اهو مون سمجهيو ته اسان جي هڪڙي ڪمزوري آهي، جيڪي اسين سينئر آهيون يا جيڪي تجربي وارا ماڻهو آهيون اسين پنهنجي نوجوان کي ڇو نه ٿا اڳيان آڻيون، سو اسين پليٽ فارم اهڙو ڇونه پيدا ڪيون جو اسين سڀاڻي نه به هجون ته اهي نوجوان ساڳيو سلسلو جاري رکن. hierarchy build up ٿئي، اسين اولاد ته چوندا آهيون ته منهنجي پٽ کي پٽ ٿيڻ کپي ته اسان جي نسل جو سلسلو هلي، پر اسين استاد ڪڏهن ڪونه ٿا سوچيون ته جنهن جاءِ تي آءٌ آهيان ته منهنجو شاگرد به اڳيان ٿي هن جاءِ تي پهچي، ائين آهي ئي نه، سو منهنجو خيال آهي ته اسين اها Hierarchy build up ڪيون ته جيئن اسين نه هجون ته هي به اسان کي اولاد وانگي replace ڪن. اسان جو نعم البدل هجن، اڳيان نڪرن ۽ وري هي ٻين کي موقعا ڏين ۽ اهو سلسلو تا قيامت هلندو رهي. منهنجو مقصد آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي انهيءَ پليٽ فارم تي ايڏو ٽرينڊ ڪبو ته جيئن اسين جڏهن ڇڏيون يا اسين مري وڃون، تڏهن به اهو ادارو هلندو رهي ۽ اهو ائين ئي فائدو ڏيندو رهي اسان جي نوجوانن کي، تمام سخت ضرورت آهي تعليم جي، علم جي ۽ اڳتي وڌڻ جي ۽ دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ جي. اسان جو نوجوان پاڻ مڃرائي سگھي ٿو ان ۾ Talent آهي. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي، جنهن ۾ مون کي ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي، سو انهيءَ ڪري انشاءَ الله ان جذبي تحت ڪم کي جاري رکبو. اهو سلسلو هلندو رهندو.
    شاهمراد : سائين توهان سنڌي نوجوانن جي حوالي سان ڳالهايو پيا ۽ انهن ۾ موجود ٽيلنٽ جي حوالي سان ڳالهيون پيا ڪريو، ۽ توهان ۾ اهو پختو يقين ڏسڻ ۾ آيو ته انهن ۾ وڏو ٽيلنٽ آهي، جيڪي سڌريل ملڪن جي نوجوانن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهن، ڪجهه مثال به توهان ڏيو پيا. جيئن ته توهان ملائشيا ۾ آهيو ۽ هتي به توهان وٽ 10 کان 12 سنڌي شاگرد پڙهن پيا، جن ۾ ڪجهه نياڻيون به شامل آهن، ۽ ڪافي ٻيا دوست توهان وٽان پڙهي پاس ڪري به ويا آهن، سو نوجوانن جي توهان وٽ اچڻ جي ڪهڙي موٽيويشن آهي، اهي توهان کي ڇو فالو ٿا ڪن؟ ان جو سبب ڇا ٿي سگھي ٿو. ائين ئي توهان اسرا يونيورسٽي ۾ رهيا، اسرا يونيورسٽي جيڪا هڪ پرائيويٽ يونيورسٽي آهي ۽ اسان وٽ اڪثر پرائيويٽ ادارن ۾ ريسرچ ڪندڙ شاگردن بجاءِ بهترين مارڪن ۽ ڊسيپلين جي بنياد تي ڊگريون رکندڙ شاگرد مارڪيٽ جابس لاءِ تيار ٿيندا آهن، ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ خاص طور اسان وٽ ريسرچ تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي. پر توهان ذڪر ڪيو ته اتي به توهان ڪم ڪيو ريسرچ ڪئي. اسرا ۾ ريسرچ حوالي سان توهان وٽ ڪهڙا ڪليگس ۽ نوجوان تيار ٿيا ۽ اهي هينئر ڪٿي آهن، ۽ ملائشيا ۾ ڪهڙا سنڌي شاگر آهن.؟
    اسدالله شاهه : اسرا يونيورسٽي ۾ اچڻ جو سبب اهو هيو ته اتي مون کي Independently پنهنجي ڪم ڪرڻ کان سواءِ، آفيشل ڊيوٽي ڪرڻ کان سواءِ مطلب ته پنهنجي پڙهائڻ واري فرض ادا ڪرڻ سان گڏ سڪون سان ويهي پنهنجي ريسرچ کي جاري رکڻ جو موقعو مليو، نوجوان اسان جيڪي به اتي رکيا انهن کي اسان ميرٽ تي رکيو، پوءِ اهي اسان جا نوجوان ڇوڪرا هجن يا اسان جون نياڻيون هجن. سڀ ٽيلنٽ وارا رکياسين ۽ Irrespective of who they are and what they are? جيڪي به ذهين ٻار هيا اهي گھڻو ڪري سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ جا گريجوئيٽ هئا اڪثر حيدرآباد ۾ رهاڪو هئا، يا ڀرپاسي جا رهاڪو هئا ۽ انهن ۾ ذهين ٻار اسان کنيا، جنهن ۾ سڀئي ماڻهو اچي ويا، ۽ ٽارگيٽ منهنجو اهو هو ته انهن کي ريسرچ لاءِ آماده ڪجي ته جيئن اهي Knowledge Discovery ۾ مدد ڪري سگهن، انهن کي ته ڪو آئيڊيو هوندو نه هو، تنهن ڪري شروعات ۾ مون انهن کي پنهنجي ئي ٿيسز تي جيڪو اڳيان رهيل ڪم هو، ان تي پيپر لکرايا ، ۽ مون انهن کي پهريونauthor ڪيو۽ آءٌ پاڻ آخري Author ٿيس، انهي ۾ ٻڌايانوَ ٿو ته پوءِ ڇا ٿيو، اسان وٽ جيڪي ماڻهو آهن پوءِ انهن چيو ته هي آخري ليکڪ آهي، هن جو پهريون نالو ڪونهي سو انهيءِ لاءِ آءٌ جواب ڏئي سگھان ٿو پر پوءِ ڏيندس . بحرحال مون انهن کي ٽرينڊ ڪيو، هاڻي انهن ۾ جيڪي Prominent ٻار آهن جن جي ٽريننگ سهي سهي ڪئي،انهن مان ڪي شاگرد به نه هئا پر مون وٽ ڪم ڪيائون ٽريننگ ورتائون، تن ۾ ڊاڪٽر سراج پانڌياڻي آهي، هينئر سعودي عرب ۾ آهي، شمس لغاري صاحب آهي، همدرد يونيورسٽي ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي، پي ايڇ. ڊي ڪري پيو، ڏاڍيون منٿون ڪيو اٿمانس ته اچ اچي پي ايڇ. ڊي ڪر، توکي دير ٿي ويندي، مطيع الرحمان آرائين صاحب جنهن کي ايم فل ڪرايم انهيءَ هينئر پي ايڇ ڊي ڪري ختم ڪئي آهي، اسرا ۾ آهي. سائين ڪامران خواجا صاحب آهي، جيڪو يونيورسٽي ملايا مان پي ايڇ. ڊي ڪري ويو آهي، ۽ ٽاپ موسٽ ريسرچر آهي، سنڌ ۾ ۽ اسرا يونيورسٽي ۾ آرٽسٽڪ چلڊرين جو ۽ ڪافي هاءِ ڪوالٽي ريسرچ جنرلس جو آٿر آهي، جنهن ۾ Q1 ڪوالٽي جا جنرلس به اچي وڃن ٿا، سمبل خواجا جيڪا ان جي ڪزن آهي، هينئر زيبسٽ ۾ آهي ۽ پي ايڇ. ڊي ڪري پئي. اهي شروع ۾ جيڪي ماڻهو آيا اسان وٽ اسرا ۾، انهن کان علاوه به ڪجهه ماڻهو هئا، جن ۾ ڪجهه نياڻيون به شامل هيون جيڪي هاڻي ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پڙهن پيون. ڪن پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي، ڪن نه ڪئي آهي، جن ۾ قرت العين مهيسر ڇوڪري هئي جنهن جا ماءُ پيءِ ڊاڪٽر هيا اها پي ايڇ. ڊي ڪري آئي ، انهن کان ٻيا نوجوان جن ۾ عمر ميمڻ آهي، جيڪو هينئر آسٽريليا ۾ آهي، ۽ ڪنسلٽنٽ آهي اتي اميگريشن جو ڪافي ايڪٽو ماڻهو آهي، عمر سان گڏ عمر جي گھرواري آهي، جيڪا به اڪائونٽنٽ آهي هينئر آسٽريليا ۾ بينش ميمڻ . هي سڀ اسرا ۾ هيا، شروع شروع ۾. هنن نوجوانن کي پڙهائڻو به هوندو هيو ريسرچ به ڪرڻي هوندي هئي انهي دوران جيڪي ڪانفرنسون ٿيون، انهن ۾ مون هنن کي وٺي وڃي ريپبريزنٽ ڪيو، انهن کان علاوه به نالا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن. ڊاڪٽر نازش نواز حسيني جنهن ايم فل مون وٽ ڪئي. ڊاڪٽر صوبيا شاهه آهي، جيڪا به پي ايڇ. ڊي ڪري آئي آهي. هي ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسرن آهن هاڻي. انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ٻار هيا، بهرحال ٻيا به نوجوان ڪافي مون وٽان سکيا، جيڪي سکر آءِ بي اي ۾ به ٿيا ڪراچي ۾ پڙهايم اتي به ٿيا، بهرحال ڪجهه نالا ٿي سگھي ٿو مون کي ياد به نه هجن ڇاڪاڻ ته پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ هينئر سڀ ڳالهيون ۽ نالا ٿي سگھي ٿو ياد نه به ايندا هجن، بهرحال هڪ نالو جنيد شيخ به آهي جيڪو اسريٰ ۾ هوندو هيو هينئر اهو به آسٽريليا ۾ آهي. ثمير لغاري آهي جيڪو اسان وٽ گھڻو عرصو ته نه رهيو پر گريجوئيٽ ٿي نڪري ويو، اهو به آسٽريليا ۾ آهي، عمر شاهد آهي، علي شاهد آهي، اهي به اسان وٽان نڪري ويا ۽ هينئر آسٽريليا ۾ آهن ۽ ٻيا به الاهي آهن، ڪيناڊا ۾ به هڪ وڏو تعداد آهي، ڪجهه آمريڪا ۾ به آهن ۽ ڪجهه ٻين جاين تي به آهن. شير دائود پوٽو جيڪو هاڻي سکر آءِ بي اي ۾ ڊائريڪٽر آهي، اهو به اسان وٽ اسريٰ ۾ رهيو، مون سان ڪو آٿرهب آهي پيپرس ۾. هن AIT مان پي ايڇ. ڊي ڪئي، عاصم سميجو اهو به سينئر پوزيشن تي آهي، جيڪو پڻ سکر آءِ بي اي ۾ آهي، اهو به مون وٽ تيار ٿيو اسريٰ ۾ ، سو اهي سڀ هينئر پي ايڇ. ڊيز آهن جن مون سان گڏ ڪم به ڪيو مون کان سکيو به ، They are the best among the people available there. ، نواب ثمر ٽالپر جيڪو به هاڻي تازي پي ايڇ. ڊي ڪري آيو آهي، اهو به منهنجي انڊر ۾ اسسٽنٽ سسٽم ايڊمن هيو پوءِ وري سکر ويو اتان اسڪالرشپ مليس ، سو ڪنهن جا ڪنهن جا نالا ٻڌايان ، تمام گھڻا ماڻهو هئا جيڪي اتي ٽرينڊ ٿيا، ۽ ايترو نمبر ڇوڪرين جو به آهي، جيڪي پڙهي ويون بهترين نموني سان، هاڻي خبر ناهي الائي ڪٿي آهن ، مطلب خبر ته آهي ڪٿي پري پري ملڪن ۾ آهن پر اها خبر نه آهي ته تعليم جاري اٿن پي ايڇ. ڊي ڪن پيون يا نه پيون ڪن پر ايترو آهي ته ڪنٽريبوٽ ڪن پيون تعليمي ادارن ۾. اهو سموريون ڳالهيون اسريٰ ۾ شروعاتي دور جون آهن. توهان جو ٻيو سوال ته نوجوان اسان وٽ ملائشيا ۾ به ڇو ٿا اچن ته ان جو جواب مون وٽ ڏاڍو سادو آهي، ادا اڃيارو ڪيڏانهن ويندو جتي پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو، ۽ جتي سٺو ملندو ۽ جي اوهين پاڻي ڏيو سٺو ته توهان ڏانهن ايندا. مثال پنهنجي ڪنهن اداري ۾ ته اتي ويندا ڇو نه ويندا، هتي هلي مون وٽ اچن ٿا شايد هتي مون وٽ به کين سٺو پاڻي ٿو ملي، سو اهي علم جا اڃارا آهن مهرباني ڪري انهن جي اُڃَ ختم ڪريو، اهي پياسا آهن انهن کي پاڻي پياريو، اهي تعليم جا پياسا آهن ، پنهنجن ٻارن جي پنهنجن ئي ادارن ۾ سندن تعليم لاءِ اڃ کي علم سان اجهايو، شايد آءٌ پنهنجن شاگردن کي سٺو ٿو لڳان ، مون کي خبر نه آهي ته آءٌ سٺو آهيان يا نه. مون وٽ شاگرد رڳو سنڌ جا نه آهن پر پوري پاڪستان مان آهن، سڄي دنيا مان آهن. اهي سڀ اچن ٿا، انهيءَ ڪري جو هو تعليم حاصل ڪرڻ ٿا چاهين ۽ اسين ڏيڻ ٿا چاهيون، پوءِ جهڙو به حال آهي.
    شاهمراد : سائين هاڻي شاگردن جي ڳالهين کان ڪجهه اڳيان ڳالهه وڌايون ٿا، چوندا آهن ته هر انسان ڪجهه دوست ضرور ٺاهيندو آهي، يا هر انسان جي زندگي ۾ ڪجهه دوست ايندا آهن ، سو ان حوالي سان توهان جي زندگي ۾ ڪجهه سٺا دوست رهيا هجن جن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندا هجو، جن سان توهان جو سٺو وقت گذريو هجي؟
    اسدالله شاهه: منهنجا سٺي ۾ سٺا دوست منهنجا شاگرد آهن، هڪڙا منهنجا ساڄا هٿ ۽ ٻيا منهجا کاٻا هٿ آهن، ڪوبه منهنجو اهڙو شاگرد نه آهي جيڪو در کان نڪري ۽ مون کي نه سڃاڻي يا مون کي ائين لڳي ته هي منهنجو Right hand يا left hand ڪونهي. آءٌ پر اميد آهيان منهنجن شاگردن کان، اهي ئي منهنجا سٺي ۾ سٺا دوست آهن ۽ اهي ئي منهنجي اولاد وانگر آهن ۽ سڄي عمر جو رشتو آهي. توهان کي مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته جن ماڻهن مون سان اسريٰ ۾ 20 سال اڳي ڪم ڪيو هو، اهي هاڻي به 20 سالن کان پوءِ به پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن ۽ مون سان رابطي ۾ آهن، مون کان جدا نه ٿيا آهن، سو اهي منهنجا Right and left hands آهن ۽ جسم کان جدا ٿيندا ئي نه. باقي منهنجي سطح تي جيڪي منهجا دوست آهن، اهي ڪي گھڻا نه آهن، ٿورا آهن پر اهي به آهن جن سان منهنجو رابطو رهندو آهي، تمام معزز ۽ معتبر ماڻهو آهن ۽ وڏين پوزيشنز تي آهن ۽ هاڻي ته ڪيئي سارا يونيورسٽين جا وائيس چانسلر به ٿي ويا آهن يا پريزيڊنٽ آهن. اهي به منهجا سٺا دوست آهن، پر مون ذاتي طور تي پنهنجو دوست پنهنجن شاگردن کي سمجهيو آهي، ۽ ٻيا اهي منهنجا سٺا دوست جن مون کان سکيو آهي يا جن کان مون سکيو آهي ۽ منهنجا استاد به آهن، اهي منهجا سٺا دوست آهن، سو منهنجو سرڪل اهو آهي.
    شاهمراد : سائين توهان جي دوستن جي حوالي سان دلچسپ جواب کان پوءِ جيڪو سوال منهنجي ذهن ۾ اچي ٿو، اهو آهي ته توهان جو وقت گذارڻ جو طريقيڪار ڇا آهي، هر انسان جي زندگي ۾ ڏينهن جا 24 ڪلاڪ اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، انهن ۾ ماڻهو جي نوڪري به آ ، گھر به آ ، دوست به آهن، گھمڻ ڦرڻ به آهي. سو توهان پنهنجو ٽائيم ڪئين مينيج ڪندا آهيو؟
    اسدالله شاهه: منهنجو خيال آهي ته هر روز ڪجهه نه ڪجهه سکجي ۽ ڪجهه نه ڪجهه سيکارجي، جنهن ڏينهن ڪجهه نه سيکاريوسين ۽ نه ڪجهه سکيوسين اهو ڏينهن ضايع ٿي ويو، تنهنڪري ائين نه هجڻ کپي ، زندگي کٽي پئي ۽ هر ماڻهو جو ڏينهن پوئتي وڃي پيو، هر ڏينهن ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه سکي پيو، هر ڏينهن علم وڌي پيو، ماڻهو سيکاري ٿو ته به علم وڌي پيو، سو اهو رجحان هجڻ کپي، پر ڇاڪاڻ ته بيلنس لائف هجڻ جي لاءِ جو فيملي به آهي، ٻارڙا به آهن انهي ڪري ان سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ ٽائيم رکو، ۽ فيملي لاءِ به رکو، جڏهن سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٽائيم هجي ته صرف سکو ۽ سيکاريو ۽ جڏهن فيملي جو ٽائيم هجي ته صرف فيملي کي ٽائيم ڏيو. گھر ۾ ڪتاب ۽ قلم کڻي آءٌ نه ويهندو آهيان ، جو منهنجي زال منهنجي ڀرسان ويٺي هجي ۽ ٻارڙا ڪجهه ڳالهائيندا هجن ۽ آءٌ چوان ته ڀڄي وڃو پري ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪجهه لکان يا پڙهان پيو! نه ائين نه ڪجي، ڇاڪاڻ ته مون کي انهن کان به ڪجهه نه ڪجهه سکڻو ۽ سيکارڻو آهي ۽ مون کي انهن کي به ڪجهه ٽائيم ڏيڻو آهي، منهنجي گھر ۾ صرف منهنجي حساب سان نه پين ملندي نه پنو ملندو ، ڪمپيوٽر به ڪوشش ڪري آفيس ۾ ڇڏي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته آفيس جو ڪم آفيس ۾ ۽ گھر جو ڪم گھر ۾. اهو ائين بيلنسڊ آهي ۽ سمهڻ جي ٽائيم سمهندو آهيان، سو جيڪا پنهنجي جسماني ضرورت آ سا به، جيڪا ٻارن جي ضرورت آ سا به ۽ جيڪي منهنجون ساڄيون ۽ کاٻيون ٻانهون آهن انهن جي لاءِ به. ان کان پوءِ جيڪا ٿورڙي لائف بچي ٿي اها سوشلائيزيشن جي لاءِ ، ڪڏهن ڪو دوست اچي ويو، ان سان گڏ نڪري وياسين ۽ گڏ ماني کائي آياسين يا کارائي وڌيسين، يا ڪا ٻي ايڪٽوٽي، پر آهي ايتري ان کان وڌيڪ ڪا ٻي ايڪٽوٽي ڪونهي، سو سکجي روز ۽ سيکارجي روز ، ٻارن سان به روز ملجي ۽ کين روز ٻڌجي، ۽ روز ويهجي، پر ائين نه ته توهين پڙهو به پيا ۽ توهين ويٺا به گڏ آهيو، هڪڙي پاسي ٿيو، يعني One thing at a time, سو ائين سڄي عمر منهنجي رهي آ، گھر ۾ ڪڏهن مون کي ڪنهن جو ٽيليفون نمبر لکڻو هوندو آ ته آءٌ پين ڳولهيندو آهيان ته ڏيو ته سهي هي لکان، منهنجي گھر ۾ جهڙوڪ مون وٽ پين به نه هوندي آهي، مطلب ٻارن وٽ هونديون آهن پر مون وٽ نه هوندي آ، منهنجو ان سموري ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته گھر گھر آ، آفيس آفيس آ، دوست دوست آهن. تنهڪري سڀني کي توهان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سانچي ۾ وجهي ڇڏيو. بس ٻيو اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، پر جي توهان نه سکيو ۽ نه سيکاريو ته به آءٌ سمجهان ٿو ته ماڻهو ان ڏينهن به ڪجهه نه ڪجهه سکيو ۽ سيکاريو، سو ماڻهو پيو سکي. منهنجي زندگي ائين آهي، آفيس ۾ ويهي جي ڪا نئين ڳالهه سکي ته ڪوشش ڪندو آهيان ته ٻڌائي ڇڏيون ته نوجوان ٻڌن، انهيءَ تي بحث ڪن ته جيئن اسين به وڌيڪ سمجهون، ادا سلسلو ائين آهي اسان جو سکڻ ۽ سيکارڻ جو ۽ ٽائيم گذارڻ جو.
    شاهمراد : سائين زندگي کي ڪيئن ٿا ڏسو، نه انسان پنهنجي مرضي سان پيدا ٿيو آ، نه ئي وري پنهنجي مرضي سان زندگي ڇڏي ٿو، پر زندگي جي اهميت ڪيئن آهي، ان کي پازيٽو ڪيئن گذارجي يا ان کي پازيٽو ڪيئن ڪجي، ان حوالي سان توهان جا خيال ڪيئن آهن؟
    اسد الله شاهه : آءٌ سمجهان ٿو، ڪجهه ماڻهو ڄمن ٿا ۽ مري ٿا وڃن ۽ اهي مري ويا هميشه جي لاءِ ۽ ڪجهه ماڻهو ڄمن ٿا هميشه جي لاءِ ۽ اهي مرڻ کان پوءِ به نه ٿا مرن ، ۽ اهي جيڪي مرڻ کان پوءِ به نه ٿا مرن، اهي ڪجهه ڇڏي ٿا وڃن ۽ ان لاءِ منهنجو ريفرنس جيڪو ڇڏي وڃڻ لاءِ آهي، اهو آهي علم، تعليم، استاد، شاگرد ۽ صالح اولاد. جن کي ماڻهو سيکاري ڇڏي ته جيئنcurse نه ٿين ڪنهن مٿان، مصيبت نه ٿين ماڻهن جي لاءِ، سو اهڙو ماڻهو منهنجي خيال سان فزيڪلي ته مري ويو آ، پر سندس نالو هميشه روشن رهندو. اهڙا امر ماڻهو توهان کي دنيا ۾ ملندا، جيڪي هينئر دنيا ۾ جسماني طرح نه رهيا آهن پر ماڻهن کي اهي ياد آهن، ڪنهن جا ڪنهن جا نالا کڻجن، سوين، هزارين ماڻهو آهن پر ڪروڙين نه آهن اربين نه آهن. ان جو مطلب ٿيو ته اربين ڄمن ٿا پر سوين زنده رهن ٿا، باقي ٻيا مري ٿا وڃن، ڪنهن کي ياد ئي نه آهن ، منهنجي پاڙي ڳوٺ ۾ سوين ماڻهو منهنجي سامهون مري ويا پر مون کي ياد ئي نه آهن، پر ٿي سگھي ٿو ياد به هجن پر منهنجي اولاد کي ته خبر نه پوندي يا سندن اولاد جي اولاد کي به ٿي سگھي ٿو ياد نه پون ته ڪو اهو ماڻهو هتي ڄائو به هو. انهن جي پنهنجي اولاد کي به خبر نه پوندي ته اسان جو ڏاڏو به ڪو هو، سو اهڙا ماڻهو مرڻ سان مري ويا. انهن جو ڪنٽريبيوشن آهي ئي نه، هاڻي اها بدقسمتي آ ته انهن ماڻهن کي شايد اهڙو ڪو موقعو نه مليو، يا انهن ڪوشش نه ڪئي، پر جي موقعو مليو ۽ وڃائي ڇڏيو ته پوءِ اهي مرڻ سان مري به ويا. چوڻ جو مطلب آهي، ته زندگي علم سان آهي ۽ علم ئي انسان کي سدا حيات بڻائي ٿو، تنهنڪري زندگيءَ کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ علم ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ گھرجي.
    شاهمراد: سائين توهان ڏٺو هوندو ته اسان جي نوجوانن کي يارهين ۽ ٻارهين جماعت کان پوءِ ڊاڪٽر يا انجينئر ٿيڻ جي خواهش هوندي آهي، توهان ان خيال کي ڪيئن ٿا ڏسو، توهان جي ان باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي ؟
    اسد الله شاهه؛ ادا، اسان وٽ جيڪا ڊاڪٽري، انجنيئري آهي، سو معاشي مسئلو آهي، اهو تعليمي مسئلو ئي نه آهي، انهي ۾ جيئن ته معاشيات بهتر ٿي ٿئي، ماڻهو انجنيئر ٿيو، چيف آفيسر ٿيو، لکين ڪروڙين روپيا ڪمائيندو پوءِ پراجيڪٽ ملندا پوءِ جيڪي نمونا هلن ٿا، توهان کي سڀ خبر آهي. بدقسمتي سان ائين ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ٿيندو اسپيشلسٽ ٿيندو، وڃي پرائيويٽ ڪلينڪ کوليندو، لکين روپيا ڪمائيندو، اهو آهي ئي معاشي مسئلو، اها تعليم آهي ئي نه. آءٌ سمجهان ٿو ته ان کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ لاءِ ئي رکجي، پئسن ڪمائڻ لاءِ نه رکجي، پئسا ته بغير تعليم جي به ماڻهو ڪمائي ٿو وڃي، چوري ڪري به ڪمائي ٿو وڃي ، فراڊ ڪري به ڪمائي ٿو وڃي، سو تعليم جو مقصد آهي ته اصلاح ڪجي، پوءِ انجنيئر ٿي ڪجي يا ڊاڪٽر ٿي ڪجي، وڏا وڏا فلنٿراپسٽ ڊاڪٽر آهن جن کي پئسن جي لوڙ ۽ هٻڇ ڪانهي پر هو خدمت ٿا ڪن، ڪي اهڙا به آهن جيڪي مريض کي پنج سئو وٺڻ کان پهرين ڏسن ئي ڪونه ٿا، يا آپريشن تي وٺي وڃي ڪٽي، پوءِ چون ٿا هاڻي هيترا پئسا ڏيو، هي چهڪ به ٿورو وڌيڪ ڏيئي ڇڏيوسين پهرين هيترا ڳالهاياسين پر هاڻي هيترا وڌيڪ ٿيندا، معني لک بجاءِ هاڻي سوا لک روپيا ڏيو ته پوءِ اسين وري مريض کي ڏسون. ائين به آهي، پر اها تعليم ته نه ٿي، اهو معاشي مسئلو آهي، يا لالچ ٿي وڃي ٿي، باقي سڀ علم جيڪو آهي، ان جي هڪ جهڙي اهميت آهي.
    ڇا دنيا ۾ توهان کي فزڪس جا پروفيسر وڏي ۾ وڏا نه ملندا، اسٽيفن هانڪنگ سائنٽسٽ آهي فزڪس جو، هينئر ڇا ان وٽ پئسا يا عزت ڪانهي، هو ڊاڪٽر انجنيئر ته ڪونهي، اهو ته فزسٽ آهي، اهڙا توهان کي ڪيمسٽ ملندا، فارماسسٽ ملندا، سوشل سائنٽسٽ ملندا، ڦلنٿراپسٽ ملندا، سائڪالاجسٽ ملندا.
    علم تمام وڏو وسيع آهي، پر اسان جو جيڪو انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ وارو رجحان آهي سو معاشي آهي، ٻيو سوشل اسٽيٽس آهي ته منهنجو پٽ انجنيئر آهي. منهنجو پٽ ڊاڪٽر آهي، يا منهنجي ڌيءُ ڊاڪٽر آهي، شايد ان کي سٺو رشتو ملي وڃي، اهو به سبب آهي، مطلب اسان وٽ جيڪي سوشل اشوز آهن انهن کي سامهون رکي ڪري به ماڻهو فيصلا ڪن ٿا ته اسان جو اولاد انجنيئر ٿئي يا ڊاڪٽر ٿئي، ٻيو معاشي بهتري وارو پاسو به آهي، اهو به ڏسن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي پوري معاشري مان تمام ٿوري سيگمنيٽ هجڻ ڪري تمام سٺين پوزيشنس تي جلد پهچي سگھن ٿا، باقي ٻي جيڪا تعليم جيئن ليئنگئيج، فلاسافي، هسٽري وغيره آهن، انهن جو رجحان اڃا ان ڪري ڪونهي جو سوسائٽي اڃا انهن شعبن کي ان نظر سان ڏسي ئي نه ٿي، جنهن سان ڏسڻ کپي، مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ انگريزي ۾ پروفيسر يا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ، يا سنڌي ۾ پروفيسر آهي، ته ان کي ڀلا انجنيئر يا ڊاڪٽر کان گھٽ ڇو سمجهيو وڃي. ٿي سگھي ٿو هو سَوَنِ ڊاڪٽرن، انجنيئرن کان بهتر پروفيسر هجي، ٻاهرين دنيا ۾ اها Differentiation آهي ئي نه. ٻاهرين دنيا ۾ ڏسندا ته توهان ڇا ڪيو آهي ۽ توهان ڇا آهيو، پر اهو نه ڏسندا ته توهان انجنيئر يا ڊاڪٽر آهيو يا نه آهيو، ان جو ڪو فرق نه ٿو پوي.
    اتي شادي توهان جي سوشل اسٽيٽس کان سواءِ ئي ٿي ويندي، ان ۾ اهو نه ڏسندا ته توهان ڊاڪٽر آهيو يا نه پر اهو ڏسندا ته توهان جي دل آهي، دل وارا آهيو اسان جهڙا آهيو يا نه آهيو، پر اهو نه ڏسندا ته توهان پي ايڇ. ڊي آهيو يا اسپيشلسٽ آهيو، يا ڊاڪٽر آهيو يا انجنيئر، سو اسان اڃا انهيءَ سوشل خول مان نڪري نه سگھيا آهيون. تنهنڪري رجحان به اهڙا ئي آهن، آءٌ به ننڍڙو هيس ته اهو ئي سوچيندو هيس ته يار انجنيئر ٿي وڃان يا ڊاڪٽر ٿي وڃان، سيکاريندا هيا What’s the purpose of your life ? ته اسين جواب ڏيندا هياسين ته Either Engineer or Doctor, ، ٿياسين ته نه پر اسين رهجي ته نه وياسين ، ڪيئي دوست منهنجا انجينئر ۽ ڊاڪٽر آهن پر 50 هزار رپيا به مهيني ۾ نه ٿا ڪمائين ۽ پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري نه سگھيا آهن ، آءٌ نه انجنيئر آهيان، نه ميڊيڪل ڊاڪٽر پر ٻاهرين دنيا ۾ ڪم پيو ڪيان ۽ ڪمايان پيو، حق حلال جو ڪمايان پيو، ۽ سوشل اسٽيٽس به مون کي سٺو آ، الاهين کان، جنرلي ٿا ڳالهايون.
    سڀ تعليم هڪ جهڙي آهي، صرف اهو آهي ته توهان ان ۾ ڪيترا in آهيو، ڪيترو توهان کي ان تعليم ۾ اچي ٿو، دنيا ۾ جڏهن compete ڪرڻ وڃو ٿا ته توهان ماڻهن ۾ ڪيئن ٿا پنهنجو پاڻ کي Recognize ڪرايو. اهو سڀ کان اهم آهي، پوءِ توهان تاريخدان ڇو نه هجو، فلنٿراپسٽ ڇو نه هجو، يا توهان سائڪلاجسٽ ڇو نه هجو، يا توهان انفارميشن ٽيڪنالاجي، فزڪس، سوشالاجي ۽ بزنس يا آرٽس جا ماڻهو هجو، پر Its knowledge that makes you different not the degree
    شاهمراد: سائين توهان Aim of life واري ڳالهه ڪئي جيڪا اڪثر اسان جي اسڪولن ۾ پڙهائي ويندي آهي، ته توهان ڊاڪٽر ٿيو يا انجنيئر ٿيو، ڇا ان Attitude کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، توهان ڇا ٿا سمجهو ته جيڪو aim of life هجي اهو knowledge gain ڪرڻ لاءِ هجي؟
    اسدالله شاهه: ها اهو رويو تبديل ٿيڻ کپي. مان توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ته الله سائين دنيا ۾ جيڪي ماڻهو پيدا ڪيا آهن، ان اڳي ئي سڀني کي ورهائي ڇڏيو آهي ، اسين Identify ئي نه ٿا ڪري سگهون، هڪڙو ماڻهو لاش ڏسي ڪِري ٿو پوي. هاڻي اسين ان کي زوري چونداسون ته تون ڊاڪٽر ٿيءُ. بابا هو لاش کي ڏسي به نه ٿو سگھي، اهو اسرا يونيورسٽي ۾ اسان جي سامهون ٿيو. اسان جو دوست لياقت يونيورسٽي ۾ مشهور پروفيسر آهي، انهيءَ جو پٽ جنهن جي داخلا سيلف تي ورتائين. ڇوڪري لاش ڏٺو، ڪري پيو پٽ تي ڊپ ۾بيهوش ٿي ويو. پوءِ چيائين بابا آءٌ ته ڊاڪٽر ٿيڻ ئي نه ٿو چاهيان آءٌ ته هٿ ئي نه ٿو لائي سگھان. پوءِ انهيءَ شاگرد کي سندس پسند مطابق مينجمينٽ سائنس ۾ داخلا ملي، هينئر تمام وڏو ماڻهو آهي. ائين اسان وٽ ماڻهو جيڪي ڄاوا ئي نه آهن As Engineer اسين انهن کي انجينيئر ٿا ڪيون. ائين ڪنهن ماڻهوءَ کي فوج ۾ اماڻيو، هاڻي هو رت کان ڊڄي ٿو، گولي کان ڊڄي ٿو، ٺڪاءَ کان ڊڄي ٿو، هاڻي اسين ان کي فوج ۾ موڪلينداسين ته هو ڇا ڪندو وڃي اتي، ظاهر آهي، ڀڃي ويندو ٺڪائن تي، توهان ماڻهوIdentify ڪيو، هي Born انجنيئر آ، هي Born ڊاڪٽر آ، هي Born فلنٿراپسٽ آهي، هي ڄاول رانديگر آ، هي ويڙهاڪ آ، جنگجو آ، سو ان کي Identify ڪيو، سڄي دنيا ائين ٿي ڪري، هي سٺو مقرر آ، هي سٺي تقرير ڪرڻ ڄاڻي ٿو، هي سٺو سياستدان ٿي سگھي ٿو. بجاءِ انهيءَ جو زوري ان کي ٿا ڊاڪٽر يا انجيئير ڪيو. هاڻي ڏسو ڪم وري به اهو ئي ڪن پيا، گھڻا ڀلا ڊاڪٽر يا انجنيئر آهن پر ڏسو ڪي سياست پيا ڪن، سا به ابتي سبتي، پر آهن سياستدان، پر بنيادي طرح ڊاڪٽر يا انجنيئر هوندا پر ڪن سياست پيا، پوءِ ان کان بهتر نه هو ته انهن کي سياست پڙهائجي ها ته بهتر سياستدان ٿين ها.
    شاهمراد : سائين توهان تعليمي حوالي سان ريفارمس لاءِ وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي، ته اسين ٻارن کيIdentify ڪريون ته ٻار ۾ ڪهڙو لاڙو آهي، ان لاءِ ائين ٿيڻ گھرجي ته استاد پنهنجي هر سال جي رپورٽ ۾ ٻار جي رجحان جي باري ۾ رپورٽ ٺاهي يا هر اسڪول ۾ هڪ سائيڪاٽرسٽ ٽيچر طور رکيو وڃي، جيڪو ٻارن تي نظر رکي ۽ سندن لاڙن ۽ رجحانن بابت پنهنجو ماهراڻو رايو ڏئي ته هي ٻار ڪهڙي شعبي ۾ وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي ٿو؟
    اسدالله شاهه: نه، ان جي ضرورت ڪونهي، استادن جي ته ٽريننگ ٿيندي رهي ٿي، يا وڌيڪ بهتر ٽريننگ ٿيڻ گھرجي، حالانڪ ٻار جي سائڪالاجي انهن کي پڙهائي ويندي آهي، اهي ويري ويل ٽرينڊ هجڻ گھرجن. انگلينڊ ۾ منهنجا ٻارڙا اسڪول ۾ پڙهندا هئا سو آءٌ به ڪڏهن ڪڏهن سندن اسڪول ويندو هيس ته ڪافي دفعا مون مختلف ٻارن کي ڏٺو ته مٿي ۾ واري ويٺا وجهن، ها ٻارن کي هڪڙو ڪوٽ پلاسٽڪ جو پارائي ڇڏيندا هيا، مينهن جيڏي مهل نه هوندو هو ته انهن کي ڇڏيندا هئا جيڪو وڻين سو وڃي ڪن، ان لاءِ هڪ ايريا ٺهي پئي هوندي هئي جتي بال به هوندا هيا، ڏاڪڻيون به رکيل هونديون هيون چڙهڻ ۽ لهڻ لاءِ، ترڪڻ لاءِ به سلائينڊنگ جو بندوبست هوندو هو، واري يا مٽي جا ڍڳ، جيڪي مٿي ۾ به پيا وجهندا هئا، ڪي وجهندا ها ڪي وري ٻي ڪا راند رهندا هئا، ڪي وري هڪ ٻئي کي موچڙا پيا هڻندا هيا ، پوءِ استاد چوندا هيا ته هي جيڪو آ اهو fit to be a warrior, ان کي فوج ۾ اماڻيو، ڇاڪاڻ ته هي اچڻ سان ئي موچڙا ٿو هڻي سڀني کي، اڇا توهان کي مزي جي ڳالهه ٻڌايان هر اسڪول مان اهڙا ٻه ٽي ٻار نڪري ايندا هئا جيڪي Warrior هوندا هئا، وڃڻ سان ئي ٿڦڪا ٻين ٻارن تي، اتي انهن ٻارن لاءِ الڳ اسڪول هوندو هو، جنهن ۾ ٻار آڊنٽيفاءِ ڪرڻ کان پوءِ گڏ ڪري موڪليا ويندا هئا، ڇو ته عام استاد انهن کي سنڀالي نه سگھندا هئا، جيئن ته هوdifferent آهن، سو انهن لاءِ الڳ اسڪول هوندا هئا، جتي انهن کي ٽرينگ ئي اها ڏني وڃي، جيڪا انهن لاءِ موزون هجي .
    اسان جي اسڪولن ۾ From early child hood قدرت جي، جيڪا distribution آهي الله سائين ٺاهي ڇڏي آهي، پائليٽ به پيدا ٿي ويا آهن، انجنيئر به پيدا ٿي ويا آهن ، ڊاڪٽر به پيدا ٿي ويا آهن، اسان کي رڳو Identify ڪرڻا آهن اهي نه ٿا ٿين اسان کان، اسين زوري ماڻهن کي اهو پيا بڻايون جيڪو بنيادي طرح هو آهن ئي نه، پوءِ ٿيندا ڪيئن، ڪو سٺو آرٽسٽ ٿي سگهي ٿو، هاڻي جي ان کي چئجي ته وڃ وڃي ٿيءُ پوليس وارو، هاڻي جيڪو نازڪ مزاج ماڻهو آهي، جنهن جي Perception different آهي، هاڻي نه اهو چورن کي پڪڙيندو اڃا به ڪٿي نه ڪٿي پاڻ مارائي وجهندو، سو ڇو ٿا ويچاري کي مصيبت ۾ وجهو، ڇڏيوس ته وڃي پنهنجي مزاج مطابق ڪم ڪري. هر ماڻهو قدرتي طرح باصلاحيت آهي ۽ انهن وٽ خاص صلاحيتون آهن انهن کي Segregate ڪريو، اڳتي هلي هڪ يا ٻي فيلڊ ۾ اهي ماڻهو پاڻ ئي اچي پوندا، انهيءَ فيلڊ ۾ انهن کيGrow ڪريو، انهن ئي فيلڊس ۾ انهن کي اماڻيو، توهان جا ادارا Synchronize هجن، پر ائين نه آهي، جيئن ته تعليم جي شروعات پرائمري کان آهي ۽ اسان جي اتان ئي غلط آهي،
    شاهمراد : سائين توهان جي خيال ۾ ڪاميابيءَ جو راز ڇا آهي، مطلب ته ڪاميابي ڇا ۾ آهي ؟
    اسدالله شاهه: پهرين ته ڏسو اسان کي، الله سائين جي طرفان Being a Muslim or A believer in divine authority, پهريون پهريون Message ئي علم جو آيو آ، پهريون پنج آيتون آهن ئي قلم ۽ علم ۽ اوهان جي تخليق. هاڻي 1400 سالن کان پوءِ اولهه Realize ڪيو آهي ته wealthy nations are those nations who are rich in knowledge, not in natural resource هاڻي جن ملڪن ۾ تيل گھڻو آهي اجهو ٿو کُٽي پوءِ اهي ڪيڏانهن ويندا غريب ٿي ويندا، جي علم نه هوندو ڄاڻ نه هوندي ته. هاڻي سڀني جو رجحان اهو ئي آهي ته شاهوڪار ماڻهو ئي اهو آهي، جنهن کي Knowledge آهي، ۽ الله سائين 14 يا 15 سئو سال اڳ ۾ قرآن شريف ۾ پنجن آيتن ۾ پوري طرح پهرين وحي ۾ ٻڌائي ڇڏيو ته Knowledge ۽ علم تمام ضروري، ٻي ڪا شيءِ ته نه چئي ته توهان واپار ڪجو، سفر ڪجو، پي ايڇ. ڊيون ڪجو، نه علم جي ڳالهه ٿي، ظاهر آهي علم جي جيڪا End Degree آ، سا پي ايڇ. ڊي ۽ Beyond آ، علم پر ڪهڙو به علم انهي کان پوِءِ انهي علم جو واڌارو، پڙهندا رهو سڄي زندگي. جيئن ”علم حاصل ڪريو ڄمڻ کان مرڻ تائين“. اها به حديث آ، کل طلب العلم من المحد و لحد، فرض آهي علم مسلمان مرد ۽ عورت تي، نياڻين کي به پڙهايو انهي جي به پابندي ڪانهي، ته توهان ڇوڪرين کي ڇو موڪليو يونيورسٽين ۾. ڪٿي به پر علم حاصل ڪريو، ڄمڻ کان مرڻ تائين، علم فرض معني لازم آهي، ۽ علم ڏيو به، هاڻي انهي لاءِ اسان کي پهرين ته علم حاصل ڪرڻ گھرجي، جيترو ڪري سگھجي، جڏهن کان به شروع ڪيو جيستائين هلي ڪيو، ان ۾ دير ڪڏهن ڪانهي، منهنجي حساب سان زندگي ۾ دير ڪڏهن نه آهي، نه پڙهي سگھيا آهيو ته اڄ پڙهو، پڙهي ويندا، بالغن جي تعليم پاڪستان ۾ شروع ٿي هئي مون کي ياد آهي ته منهنجي ڳوٺ ۾ ِشروع ٿي هئي ته ڳوٺ جون ٻه ٽي مايون پڙهڻ آيون ۽ اهي پڙهي ويون ۽ پوءِ اخبارون به پڙهنديون هيون، انهي زماني ۾ اهي 40 ۽ 50 سال جي عمر کان مٿي جون هيون تڏهن به پڙهي ويون، سو علم حاصل ڪرڻ ئي ڪاميابي آهي ۽ ٻي ڳالهه علم حاصل ڪرڻ سان گڏ اها به آهي ته علم ڏيو ۽ علم پرايو، علم ٻين کي به ڏيو ته معاشرو سڌري، نياڻي پڙهندي ته پنهنجو اولاد پڙهائيندي تنهن ڪري نياڻين کي ضرور پڙهايو، ائين قطعن نه ڪيو ته ان کي جاهل ڪيو ان کي ڏنڊا هڻي ويهاريو ته اها ويٺي ماني پچائي، ۽ رڳو توهان مرد پوءِ لٺيون کنيو ويٺا هجو انهن جي پويان، ائين بلڪل به نه ڪيو، علم سڀني کي ڏيو، سڀني جو حق آهي ته علم پرائين پوءِ ڪم جيڪو به وڃي ڪن، ضرور ڪن پر علم پرائيندا رهن ۽ اهو سلسلو ڄمڻ کان مرڻ تائين هلندو رهي، علم وارو ئي شاهوڪار آهي، ڏوڪڙن وارو شاهوڪار ڪونهي سڀاڻي چور ڦري ويندو، پئسو کٽي ويندو، نقصان ٿيندو ته ماڻهو غريب ٿي ويندو، پر علم وارو ڪيڏانهن ويندو. ان جي اها دولت ڪير چوري ڪري سگھندو، علم ئي پنهنجي ذاتي پراپرٽي آهي. جيتري ڏيندا اوتري وڌندي ۽ توهان جي پنهنجي رهندي جيستائين توهان آهيون، اها اوهان ڏئي هتان ويا ته ڄڻ کڻي به ويا. علم توهان کي مرڻ کان پوءِ به ڪم ايندو ۽ جيئري به ڪم ايندو، منهنجو پيغام اهو ئي آهي ۽ ڪاميابي جو راز به اهو ئي آهي.ٻيو ڪو راز ئي ڪونهي.
    شاهمراد :سائين ڪاميابيءَ جو راز توهان علم ۾ ٻڌايو، ۽ علم هڪ استاد کان ئي ملي ٿو، ان ڪري آءٌ توهان کان هڪIdeal استاد جي تشريح پڇندس، ته هڪ آئيڊيل استاد ڪئين هجڻ گھرجي؟
    اسد الله شاهه: ادا، گھڻو ڪري ان جو جواب ته آءٌ ڏيئي چڪو آهيان وري به منهنجو خيال آ ته سٺي ۾ سٺو استاد اُهو آهي، جيڪو سٺي ۾ سٺا شاگرد پيدا ڪري، اهو نه ٿو چوان ته انهيءَ استاد کي خود ڪيتري تعليم آ، جيڪا به آهي، پر شاگرد سٺا پيدا ڪري. هي سلسلو هلندو ئي تڏهن جڏهن شاگرد سٺا پيدا ڪبا، ها اها سٺي ڳالهه آ ته هو پاڻ به شاگرد رهي ۽ سکندو به رهي ۽ سيکاريندو به رهي، جڏهن استاد پنهنجو سکڻ بند ڪري ڇڏيو ته سيکاريندو ايتروئي جيترو ان کي اچي ٿو، ۽ اهو ڪافي ناهي. ماڻهو سڄي زندگي علم سکي ۽ سڄي زندگي علم ڏيندو رهي، ۽ اهو سلسلو هلندو رهي، پاڻ سکي، سيکاريو ۽ پوءِ جن کي سيکاريوسين سي به سکي سيکارين ۽ اهو سلسلو پيو هلندو اهو بند ٿيندو ئي نه. سو منهنجو ته خيال آهي ته استاد بهتر اُهو آهي جيڪو ان سکيو آهي سو سيکاري ۽ وڌيڪ سکي ۽ وڌيڪ سيکاري. استاد بيهي ويو ته ختم سمجهو. مطلب ڪڏهن به سکڻ ڇڏڻو ئي نه آهي. انهيءَ ڪري ته سڌريل ملڪن ۾ چوندا آهن ته پروفيسر دنيا ۾ رٽائر ڪڏهن به نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به سکڻ ڇڏيندو ئي نه آهي، پر ها هجي صحيح معني ۾ استاد يا پروفيسر، باقي دنيا ۾ ڪي اهڙا به پروفيسر آهن جيڪي رٽائر به نه ٿيا آهن تڏهن به ستا پيا آهن ، دنيا ۾ اهڙا به کوڙ ملي ويندا ، سو صحيح معنيٰ ۾ پروفيسر سڄي زندگي پيا سکندا ۽ سيکاريندا آهن. اهي رٽائر ئي ناهن ٿيندا ۽ اهي ئي سٺا ۽ آئيڊيل استاد آهن.
    شاهمراد: سائين منهنجي طرفان هي آخري سوال آهي، ته توهان پيغام ڏيو پنهنجي شاگردن ، پنهنجي شهر جي ماڻهن خاص طور تي ڳوٺاڻن لاءِ ؟
    اسدالله شاهه : ادا پهرين ته الاهي ڳالهيون ڪري چڪو آهيان، پنهنجي سنڌ جي ٽپيڪل حالت اهڙي آهي ته اتي غريب ماڻهو تمام گھڻو آهي، ۽ انهي غريب ماڻهوءَ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪنهن وڏي ماڻهو تي Dependent رهڻو ٿو پوي، پوءِ اهو ڳوٺ جو وڏيرو هجي، رئيس هجي يا سردار هجي. منهنجو خيال آهي ته اسان جو عام ماڻهو انهن مان نڪري سگھي ٿو جڏهن تعليم حاصل ڪندو ۽ ڳوٺن کي ڇڏي شهرن ۾ ويندو، شهر اها جڳهه آهي جتي توهان کي تعليمي ادارا به ملندا ته توهان کي روزگار به ملي ٿو، ۽ هاڻي ته شهر ڪي ايڏا پري به نه آهن، روڊ رستا ڳنڍجي ويا آهن، ٽيليفون يا موبائيل فونون اچي ويون آهن. پرديس به ته هاڻي پرديس رهيو ئي نه آهي، ملائشيا به ڄڻ پنهنجو ڳوٺ آهي، هاڻي اسين هتان ڳالهايون ٿا، نه صرف ٽيليفون تي پر اسين لائيو ڳالهائي سگھون ٿا، سنڌ ۾ ويٺل اسان کي ويٺا ڏسن ۽ اسين انهن کي، ڄڻ گڏ هجون، ٽيڪنالاجي موجود آ، هتي به ته اتي به ۽ تقريباَ مفت ۾ موجود آ، تنهنڪري آءٌ سمجهان ٿو ته اسان جي ماڻهن خاص طور سنڌ جي ماڻهن کي ڳوٺن کي ڇڏي شهرن ۾ اچڻ کپي، ۽ شهرن ۾ رهي ڪري ڪاروبار ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کپي، ۽ اولاد کي تعليم ڏياري، هڪڙي جنريشن، ٻي جنريشن يا ٽين جنريشن اسين پڙهي لکي به وينداسين، شهري به ٿي وينداسين، سمجهه به وڌي ويندي، دنيا ۾ اسان کي عقل ۽ هنر به اچي ويندو، ملٽي ڪلچرل ماڻهن سان ويهي اسين انهن کان سکنداسين، اهي اسان کان سکندا، جي ائين نه ڪيوسون ته پوءِ بيٺا هجون قطار ۾ ڪنهن وڏيري جي آسري تي. آءٌ ذاتي طور تي ته ڪنهن جي خلاف نه آهيان پر اهي اسان جي سوسائٽي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، اهي ماڻهو جيترو اثر رکن ٿا جيڪڏهن اهي صحيح معنيٰ ۾ رڳي پنهنجي قبيلي ۽ خاندان کي سڌارڻ چاهين، سنسيئرٽي سان ته سڀ سڌري وڃن. وڏيرو ڏنڊو کڻي بيهي سڀني کي پڙهڻو آهي ڇوڪرن کي به ۽ ڇوڪرين کي به. وڃي وزير کي چئي اسڪول ٺهرائي ڏي، منهنجي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر به ڏي، هتي نياڻين جو الڳ اسڪول ٺهرائي ڏي هتي مون کي هيتريون ڳوٺ جون ماسترياڻيون رکي ڏي، پٽيواليون رکي ڏي، روزگار به ملي ويندو، تعليم به ملي ويندي، زمين جو کڻي اسڪول يا اسپتال لاءِ ايڪڙ ڏيڻو پوندو ان لاءِ. ته اهو سڄي سوسائٽي لاءِ ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته انفليوئنس اهي ٿا رکن، ۽ عام ماڻهن جو ته ڪو اثرنه آهي پر جي اهي نه ٿا ڪن ته ڇڏيو، اچو شهرن ۾ اچي وڃو، اتي وڏيرائپ به گھٽ آهي، اتي پڙهو لکيو ماحول آهي، ڀلا وڏن شهرن ۾ نه سهي پر ننڍن شهرن ۾ ڪجهه ته بهتر ماحول هوندو ڳوٺ کان ته اتي توهان پنهنجي اولاد کي سڌاري ويندا، ۽ اها جيڪا ڪَرِب واري يا تڪليف واري زندگي آهي، جيڪا اسين ڪنهن جي انفليوئنسن ۾ رهي گذاريون ٿا، هروڀرو هٿ ٻڌي صبح جو سوير وڃي ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي ٿا ويهي رهون، ان مان جان به ڇٽندي ۽ اسين سڌري به وينداسين، نه ته، نه جان ڇٽندي نه سڌري سگهنداسون.
    نوجوانن لاءِ پيغام وري به اهو آهي ته مهرباني ڪري پڙهو، لکو، ڳوٺ ڇڏيو شهرن ۾ اچو، ننڍن مان وڏن شهرن ۾ اچو، وڏن مان اڃان وڏن شهرن ۾ اچو، ۽ جڏهن وڏن شهرن ۾ رهي چڪا هجو ته ٻاهرين دنيا ۾ نڪري وڃو.
    ڀلا ٻاهرين دنيا ۾ ڇا آهي، ڏسو توهان ويٺا آهيو هتي ، هتان ڪيترائي پڙهي لکي واپس به ويا، ڪيترا ئي هتي آهن پڙهن پيا، ڪاروبار ڪن پيا، نوڪريون پيا ڪن ، آءٌ خاندان سميت هتي ويٺو آهيان، ته پوءِ ڇا اسين سڀ ڳوٺ کان پري ٿي ويا آهيون ڇا، پنهنجن کان پري ٿي ويا آهيون ڇا! نه ٿيا آهيون، پنهنجن کي ڪو نقصان ڏنو هوندو ڇا؟ نه بلڪل به نه، اسان فائدو ڏنو آهي، سو ان ۾ ئي وڌيڪ بهتري آهي، ڳوٺ مان شهرن ۾ ايندا ته ڳوٺ واري کي فائدو ڏيندا، ننڍي مان وڏي ۾ ويندا ننڍي شهر واري کي فائدو ڏيندا، ملڪ مان ٻاهرين ملڪ ويندا پنهنجي ملڪ وارن کي فائدو ڏيندا، سو بابا ڏيڻ وارا ٿيو ، ويٺا ڇو آهيو ڪنهن جي آسري تي ته اسان کي ڪو ٻيو آڻي ڏي، ڳوٺ مان به ڪو ٻيو ڪڍي، پاڻ نڪري پئو، گھڻا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول لاءِ احتجاج ٿا ڪن ته سندن ڳوٺ ۾ اسڪول ڪونهي، يا سندن ڳوٺ جي اسڪول جي حالت بهتر ڪونهي، استاد ڪونهي يا نه ٿو اچي. نه، ڪن ئي نه ٿا، ڪندا نالي کپي يا روڊ کپي جيڪي ٺهيا به ته نالي ويندي مٽي سان ڀرجو ۽ روڊ ويندو برسات ۾ لڙهي، سو وري دانهون ته هاڻي نالي اسان کي صاف به ڪرائي ڏيو، پر اسڪول لاءِ بيچيني اسان وٽ نه آهي. اسان جي نوجوانن کي انهيءَ لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهي وڌي اچن، بابا تعليم ئي اسان جو سهارو آ، غربت يا غريب جي گھر ۾ ڄمڻ خدا جي هٿ ۾ آ، اسين ڄمي پياسين پر انهيءَ کان پوءِ ته الله سائين اسان کي سڀ آپشن يا آپرچونٽيز ڏنيون آهن پوءِ اسين ڇو ٿا پٽيون ، هاڻي غريب ٿي پيو آهيان ته ڇا ڪجهه به نه ڪريان ، رڳو وڏيرن کي هٿ ٻڌي ۽ انهن جي پيرن ۾ پيو هجان، جوتا هڻي، ٿڏا هڻي پوءِ به ووٽ انهيءَ کي ڏئي ڇڏيان، نه ڪي اسڪول، نه اسپتال، ۽ نه ئي ڪي نياڻيون پڙهي سگهن، هر فيصلو پوءِ به انهيءَ جي هٿ ۾ اهو ته معني آءٌ پنهنجو پاڻ سان پاڻ ظلم ٿو ڪيان. الله سائين ته کڻي غريب جي گھر ۾ پيدا ڪيو پر انهيءَ کان پوءِ ته پنهنجو پاڻ سان پاڻ ظلم ڪرڻ ٿيو، سو نڪري پوڻ گھرجي. ٻاهر ڪيئي اهڙا مثال آهن، نوجوانن جا توهان به ته ڳوٺن مان آيا آهيو، اسين به صفا ٽپيڪل ڳوٺن جا آهيون ، نڪتا آهيون بلڪ نڪري آيا آهيون مطلب ڪنهن جي انفليوئنس کان اسين ٻاهر نڪري آيا آهيون. انهيءَ جو مطلب اهو به ڪونهي ته اسين ويهي ڪنهن وڏيري يا رئيس جي بيعزتي ڪيون، اهي به سوسائٽي جو هڪڙو حصو آهن، انهن ۾ به ڪجهه ماڻهو ته تمام معتبر ماڻهو آهن، انهن جي به عزت رکبي، اهي به ڳنڍي ٿا رکن اسان جي سوسائٽي کي پر اسين پنهنجو پاڻ ته اڳڀرا ٿيون، باقي ٻين کي ڏوه ويهي نه ڏيون. تنهنڪري چوڻ جو مقصد اهو ئي آ ته اسان جو نوجوان انهيءَ صورتحال ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، اسان جا پوڙها ماڻهو چوندا آهن يار اسين اچي مرڻ ڀيڙا ٿيا آهيون، ڀلا اسين ويهي ڪهڙيون دشمنيون ڪيون، ٺيڪ آ توهان دشمني ڪنهن سان به نه ڪيو پر گھٽ ۾ گھٽ جيڪو نوجوان آهي ان کي گس ته ڏيکاريو. ادا! اسان ته زندگي وڃائي ڇڏي پر توهين ته نه وڃايو، ڇوڪرا، ڇوڪريون پڙهايو، ڪافي ماڻهو پڙهائين پيا سنڌ ۾ ۽ چينج ايندي انشاءَالله اميد آهي سنڌ جون نياڻيون ۽ سنڌ جا نوجوان نڪتا آهن دنيا ۾ ۽ وڏين وڏين پوزيشنن تي آهن ۽ انشاءِ الله وڌ کان وڌ نڪرندا، سنڌ ۾ سڌارو ايندو، تبديلي ايندي انشاءَالله، پوري پاڪستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، سو ڳوٺ مان شهر، شهر مان وڏي شهر پوِءِ ٻاهرين ملڪ نڪرو، تعليم حاصل ڪريو، هنر سکو، دنيا سڄي ڳنڍي پئي آهي، سڄي دنيا اوهان جي آ، ان کي اوهين پنهنجو ڪيو ته سهي، توهين اهل ته ڪيو، پنهجو پاڻ کي .ڏسو، آمريڪا ڪهڙن ماڻهن کي ٿي روڪي، جيڪي جاهل آهن، انهن کي پڙهيئي لکيي کي روڪيندو، نه هليو وڃي انهن کي اکين تي، وڃي انهن وٽ پروفيسر ٿئي، سڄي دنيا جا ماڻهو ويٺا آهن، پاڪستاني هزارين ويٺا آهن. هونءَ ته پاڪستانين لاءِ ڪجهه به هجي پر صرف آمريڪا ۾ ڪيترا ئي پاڪستاني پروفيسر آهن، اهي اتي ويٺا آهن سو توهان اهل ٿيو دنيا توهان کي پنهنجن هٿن تي کڻندي .
    شاهمراد، وڏي مهرباني سائين منهنجي لاءِ تمام ڪارائتو وقت هي جيڪو توهان کي ٻڌو It looks like a blessing moment for me, and InshaALLah your wise words and experience will be shared to our people in Sindh, Pakistan. انشاءَ الله اسان جا ماڻهو هنن ڳالهين مان فائدو حاصل ڪندا ۽ ائين ئي وري پنهنجا تجربا کڻي دنيا جي ڪم ايندا ۽ دنيا کي پنهنجي ماڻهن سان ويجهوڪندا.
    اسدالله شاهه : ادا توهان جي به مهرباني ، آءٌ سمجهان ٿو ته اهو منهنجو فرض آهي، جيڪو منهنجو ننڍڙو تجربو آهي زندگي جي 50 يا 55 سالن جون هاڻي آءٌ 56 سالن جو ٿي ويو آهيان. اهي سڀ شيون اسان ڏٺيون آهن پنهنجن ئي ادارن مان پڙهي نڪتا آهيون، اتي ڪم ڪيو اٿئون، هاڻي وري بين الاقوامي سطح تي ڪم ٿا ڪيون، ميسيج ڏاڍو سولو آهي، جيڪو ان ميسيج کي فالو ڪري بلڪل ڪاميابي ماڻيندو ۽ نااميدي نه ڪرڻ کپي، ڪنهن کي گھٽ، ڪنهن کي وڌ پر ڪاميابي ضرور ملندي پر ڪير جيتري به جدوجهد ڪندو، ڪوشش ڪندو ان کي اوترو ضرور ملندو. الله سائين ته ڏئي ٿو نا اميد نه ٿيڻ کپي. سنڌ جو نوجوان، پوري دنيا جي نوجوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلي سگھي ٿو ۽ گڏ هلڻ جهڙو آهي. ڪيئي مثال آهن جيڪي پنهنجي يونيورسٽين جا گريجوئيٽ ، ٻهراڙين جي اسڪولن جا پڙهيل هاڻي دنيا جي عظيم ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين پيا، نه رڳو پاڪستان ۾ پر دنيا سطح تي. ڄامڙو صاحب آهي برطانيا ۾، ڇتن شاهه آهي سائوٿ ڪوريا ۾ اتي پڙهائين پيا ۽ اهي ٽاپ موسٽ يونيورسٽيون آهن دنيا جون، اسين پڙهايون پيا هتي ملائشيا ۾، ٻيا الائي ڪيترا دوست آهن هاڻي نالا کڻنداسين ته سَوَن ۾ ٿي ويندا. سائين يعقوب سيال صاحب سينگاپور جي نمبر ون يونيورسٽي جيڪا دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ آهي اتي پڙهائين پيا، جيڪا ايشيا جي نمبر ون يونيورسٽي به آهي NTU اتي پروفيسر آهن، مهراڻ يونيورسٽي جو گريجوئيٽ آهي، نوشهروفيروز جو آهي، انهن کان انسپائر ڇو نه ٿا ٿيون اسين، اسين ڏاڍو انسپائر ٿيون ٿا باقي مقامي ماڻهن کان وڏيرن ۽ سردارن کان، انهن کان ڇو نه ٿا انسپائر ٿيون، اسان کي اکيون کولڻ کپن، ڪن کولڻ کپن ۽ دنيا کي ڏسڻ کپي ۽ اسان کي صحيح صحيح ڊائريڪشن وٺي هلڻ کپي، هي سالن جي ڳالهه آ صدين جي ڳالهه ڪانهي، ڪجهه سال ئي لڳندا ۽ ويٺي ويٺي اسين ڏسنداسين ته ڪامياب ٿي وياسين بلڪه اسان جي هوندي اسين به ڏسنداسين ۽ توهان نوجوان به ڏسندا Within few years ۾ ڏسنداسين ته اسين واقعي ڪامياب ٿي وياسين. سو ڏکيوڪم ته ڪو نه آهي رڳو محنت ڪرڻي آهي اسٽرگل ڪرڻي آهي ڊائريڪشن سيٽ ڪرڻو آهي بس هيڏانهن هوڏانهن وائڙو ٿي ڀڄڻو نه آهي ۽ سڀ نوجوان ڪامياب ٿي ويندا ، اسان به ته ڪامياب ٿياسين نه ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اسان کي ته نه لڳي ادا، سو ٻين کي ڇو لڳندي، ساڳيو ماحول آهي، جتان اسان به نڪتا آهيون، سو ٻين کي به نڪرڻ گهرجي، استاد بخاري به چئي ويو آهي ته اٿي پئون، اٿڻ ۾ اسان جو علاج. مهرباني شاهمراد.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 797
    ڪتابن جو مشاهدو: 1663142
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 466166
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ