ڪتاب جو نالو: سنڌ امڙ
مصنف: ثاقب بلوچ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 29 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 759 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 298 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اختصاري ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ثاقب بلوچ آهي.
ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين ۾ ڪِٿي خوابن جا ڏس ملن ٿا تـه وري ڪِٿي سنڌ کي امڙ جا لقب ڏئي ڪري سندس عقيدت ۾ گُل پڻ نڇاور ڪيل نظر اچن ٿا، سندس پيڙاھ ۽ دردن کيس ايتري قدر ستايو جو حالتن کيس لکڻ واري واٽ ڏيکاري، واٽ بـه اهڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردار جنم وٺڻ لڳا، سندس ڪهاڻيون، صرف ڪهاڻيون نـه پر دردن جو داستان محسوس ٿيڻ لڳيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پيش لفظ
  • ليکڪ پاران
  • اختصاري ڪهاڻيون

  • اعتبار جو ٽٽل آئينو
  • درد دل جو وڌي جو ويندو آ
  • هٽلر محبوبــــه
  • نشيلا نيڻ
  • سهڻا پنهجي اکين کي جهل تون
  • دبنگ ڇوڪري
  • چنڊ سان ڪچهري
  • دردن کي جهلي ڇڏ
  • نانگ بـــــه مري لٺ بـــــه بچي
  • لاوزني محبت
  • يو آر ليٽ
  • سمبارا
  • پنج ڏه اٿئو
  • سنڌ امڙ
  • مان لکندُس
  • مُرشِد سائين
  • ٻيهر ڀٽائيءَ تي نه ويندُس
  • ڪامريڊ
  • زندگي
  • مُرڪندڙ خواب
  • مڌائتي محبت
  • خالي بوتل
  • محنت جو ڦل مٺو آهي
  • خانو خوني
  • ڪاري
  • معصوم چهرو
  • اتفاق
  • بـرٿڊي
  • بـي.اي پـاس
  • بايـــوسي
  • ڪڏهن تــه ملنداسين
  • بيوفا ڇوڪري
  • حقيقي خواب
  • جدائي
  • او خدايه ڪاٿي آهين
  • اُلجهن
  • او خدايـه هيٺ لهي آ
  • مسجد ٻاهر انسان مري ويو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ”سنڌ امڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي، اختصاري ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ثاقب بلوچ آهي.
    ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين ۾ ڪِٿي خوابن جا ڏس ملن ٿا تـه وري ڪِٿي سنڌ کي امڙ جا لقب ڏئي ڪري سندس عقيدت ۾ گُل پڻ نڇاور ڪيل نظر اچن ٿا، سندس پيڙاھ ۽ دردن کيس ايتري قدر ستايو جو حالتن کيس لکڻ واري واٽ ڏيکاري، واٽ بـه اهڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردار جنم وٺڻ لڳا، سندس ڪهاڻيون، صرف ڪهاڻيون نـه پر دردن جو داستان محسوس ٿيڻ لڳيون.
    ثاقب بلوچ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    اُنهن ستايل سانگهين جي ناءُ جن جيجل ماءُ جي ڪاڻ دردن جي دريا منجھ ٽوٻا کاڌا ۽ سنڌ جي مٽيءَ جو مان مٿاهون ڪيائون. اُن پوڙھي سنڌ امڙ جي ناءُ جيڪا اڃا تائين سورن جي ور چڙھيل آهي ۽ سنڌ جي اُن شعور جي ناءُ جيڪي جيجل جي جل کي آبِ زم زم سمجهن ٿا، جيڪي ٿر ۾ ڏُڪار جي صورتحال تي ماروئڙن لاءِ ڪشتو کڻي در در وڃن ٿا. سنڌ امڙ جي ڳاڙھن ڳڀرن جي ناءُ جيڪي هر ويساه گاتي تي رڙ جا ريحاٽ ڪن ٿا ۽ شيخ ايازجي چند سِٽرن جي ناءُ

    ”ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منهجو خواب،
    تون ئي آهين جواب صدين جي سوال جو“.


    پيش لفظ

    ثاقب بلوچ جو هِي ڪتاب جيڪو هن مهل اوهان جي موبائل جي اسڪرين تي نمايا آهي ۽ جنهن کي اوهين پڙهي رهيا آهيو، هي ڪتاب سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ڪهاڻيون لکڻ، مضمون ۽ ڪالم لکڻ کان وڌيڪ اهنجو ۽ ڏکيو ڪم ڪو بـه نـه آهي ڇو تہ ڪالم ۽ مضمون ۾ ليکڪ کي صرف هڪ ئي اندازِ بيان ۾ ڳالھ ڪرڻي هوندي آهي ۽ وري ڳالھ کي بہ ايتري آساني سان پيش ڪرڻو پوندو آهي جو پڙهڻ وارو بِنا ڪنهن هٻڪ، سوچڻ يا غورو ويچار ڪرڻ جي، ڳالھ کي سمجهي وٺندو آهي، بنِسبت اِن جي ڪهاڻي لکڻ مهل ليکڪ کي انيڪ شيون ذهن ۾ رکڻيون پونديون آهن، جئين مثال، ڪهاڻي جو موضوع، ڪهاڻي لاءِ پلاٽ، ڪهاڻي لاءِ ٻولي ۽ وري ٻولي لاءِ ٻولي جو اسلوب وغيره وغيره.
    مطلب تہ ڪهاڻي کي جٽادار بنائڻ لاءِ ڪهاڻيڪار کي سخت ذهني پيڙاھ مان گذرڻو پوندو آهي، سندس گهرو فن، فڪر ۽ وسيع مطالعو ئي وڃي ڪري سُٺي ڪهاڻي کي جنم ڏيندو آهي، ثاقب جي هن ڪهاڻين جي مجموعي جو مطالعو ڪندي اِها ڳالھ شِدت سان محسوس ڪيم تہ ثاقب کي هنن ڪهاڻين لکڻ مهل انيڪ ذهني وِسوسَن، مُونجهارن ۽ تَڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو ڇو تہ سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي اعتبار جا ٽٽل آئينا نظر اچن ٿا تہ ڪٿي وري چنڊ سان ڪچهريون ڪرڻ جون ڪيفيتون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، هڪ طرف جِتي محبوب جي نيڻن کي نشيلو چئي ڪري مخاطب ڪيو ٿو وڃي تـه وري ٻي هنڌ محبوب پاڪ کي اِهو پڻ چيو وڃي ٿو تہ سهڻا پنهنجي اکين کي جهل، اکين کان وري جڏهن ڳالهيون ڪهاڻي جو روپ ڌاري ڪري اڳتي وڌن ٿيون تہ اتي اسان کي دل جي درد جي وڌڻ جي شڪايت پڻ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي.
    ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين ۾ ڪِٿي خوابن جا ڏس ملن ٿا تـه وري ڪِٿي سنڌ کي امڙ جا لقب ڏئي ڪري سندس عقيدت ۾ گُل پڻ نڇاور ڪيل نظر اچن ٿا، سندس پيڙاھ ۽ دردن کيس ايتري قدر ستايو جو حالتن کيس لکڻ واري واٽ ڏيکاري، واٽ بـه اهڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردار جنم وٺڻ لڳا، سندس ڪهاڻيون، صرف ڪهاڻيون نـه پر دردن جو داستان محسوس ٿيڻ لڳيون، ڪٿي محبوب جي سِتم ظرفين جا احوال تـه وري ڪٿي سندن حُسن جي ڪيل حملن جا حوالا، ڪٿي ڌرتي جي دانهن تـه وري ڪِٿي پنهنجي اندر منجھ پيدا ٿيل آنده ماند جا تفصيل، مطلب تہ سڀ ڪهاڻيون ڄڻڪ سندس قلم جي ڪوڪ مان پورن ڏينهن جا ڄاول هجن، مون جڏهن سندس ڪهاڻي” سنڌ امڙ “ پڙهي تہ اُن مهل منهنجي اکين مان لڙڪ جاري ٿي پيا، سنڌ ڌرتي جي بي وسي ۽ لاچاري جيتري قدر ثاقب پنهنجي قلم وسيلي هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاري آهي آءُ سمجهان ٿو سنڌ اُن کان بـه وڌيڪ ڏُکين حالتن کي هن مهل منهن ڏئي رهي آهي، بر حال وري بـه اِهو تہ سنڌ امڙ وري بہ اُنهن ئي سپوتن ڏانهن رخ ڪندي آهي جنهن منجهان کيس اِها اميد هوندي آهي تہ هُو سندس تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا.
    اسان جي معاشري ۾ هر روز انيڪ ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون ۽ هر روز انيڪ ڪهاڻيون دفن بـه ٿين ٿيون، بس امرتا تـه صرف اُنهن ئي ڪهاڻين کي نصيب ٿيندي آهي جيڪي ڪهاڻيون ڪنهن ليکڪ/ڪهاڻيڪار جي قلم ۾ قيد ٿي ڪري صفحن تي منتقل ٿين ٿيون، هڪڙو ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ مهل ٻن ڪيفتن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيندو آهي، پهريان تـه کيس اُها ڪهاڻي اندروني طور مجبور ڪندي آهي تـه کيس لکيو وڃي، اِها اندروني طاقت سندس دل ۽ دماغ کي روز جي معملات کان غافل ڪري سندس ذهن کي هڪ جڳھ تي مرڪوز ڪندي آهي، ٻي ڪيفيت هوندي آهي ڪهاڻي کي لکڻ مهل ڪهاڻي کي حقيقي انداز ۾ محسوس ڪرڻ، ڇو تہ جيڪڏهن ڪهاڻي احساسن کان الڳ ڪري لکي ويندي يا ڪهاڻي منجھ ڪي بہ احساس سمايل نہ هوندا تہ پوِءِ اُها ڪهاڻي، ڪهاڻي نہ پر لٻاڙ چورائي ويندي آهي، اِن لاءَ هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهاڻي لکڻ ايترو ئي تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو آهي جيترو هڪ عورت لاءِ ٻار ڄڙڻ، ثاقب جون ڪهاڻيون، حقيقت جي علامت هجڻ سان گڏوگڏ احساسن سان ڀرپور ٽمٽار آهن، سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جي راهن کي هموار ڪرڻ سان گڏ اندر منجھ هڪ حوصلو پڻ پيدا ڪن ٿيون تـه ظلم جي رات ڀلي ڪيتري بـه تويل ڇو نـه هجي ليڪن کيس ختم ٿيڻو هوندو آهي.

    دعاڳو
    يوسف جميل لغاري
    ٺري ميرواھ
    تاريخ ٢٤~١٠~٢٠١٨


    ليکڪ پاران

    مان ادب جي دنيا ۾ پاڻ کي اڃا ڪجهه بـه نٿو سمجهان ڇو تــه ادب هڪ سمنڊ آهي ۽ مان اُن سمنڊ ۾ هڪ ڦڙو آهيان ادب جي دنيا منجھ ھزارين ڪتاب آھن جن مان ڪي ته مڃيل ترين ڏاھن، اديبن ۽ دانشورن جا لکيل آھن۔ اھڙي ريت ڪو به فرد ادب جي دنيا منجھ قدم رکڻ کان اڳ مڃيل ترين دانشورن جا ڪتاب ضرور پڙھندو آھي ڇو ته تخليق بِنا پِرائڻ جي ناهي ملي سگهندو۔ اهڙي ريت لکڻ سان گڏ تخليق جو هجڻ لازمي آھي۔ هوئين ته مان سنڌي لکڻ پڙھڻ اسڪول ۾ سکيو هو پر مون وٽ تخليق جي ڪمي هئي جنهن سبب مون وڏن ڏاھن، اديبن، جي ڪتابن جا مطالعا ڪيا اُنھن ڪتابن منهجي تخليق جي خال کي ڀريو۔ ۽ اُنهن عظيم ڏاهن ۽ اديبن منهجي لکڻ جي جستجوءَ ۾ هڪ نئو نِکار آندو. ۽ مونکي قابل بڻايو. اُن کانپوءِ مون ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ اُھي ڪالم ۽ مضمون سنڌ جي مختلف اخبارن منجھ ڇپبا رهيا, جڏھن مون دنيا تي غور ڪرڻ شروع ڪيو, عشق جي مِزاج کي سمجھڻ شروع ڪيو تڏھن دل ۾ ڪھاڻين لکڻ جو شوق اُڀريو ۽ اُنھن ڪهاڻين وسيلي مون دنيا جي رسمن جو عڪس چِٽو ڪيو. اھڙي ريت مون اختصاري ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب لکيو ۽ اُن ڪتاب کي نالو ڏنو ”سنڌ امڙ“ ڇو ته هِن ڪتاب منجھ ڪجھ ڪھاڻيون ڌرتي جي دردن تي لکيل آھن جيڪي سچ جي آئيني ۾ ٺھندڙ عڪس جيان آھن,
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ ھي منهجو ٻيو ڪتاب آھي. اُن کان پهريان سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ جي سهڪار سان منهجو پهريون ڪتاب ”آءُ نه اڪيلو“, جيڪو ڪالم ۽ مضمون تي مشتمل آھي جيڪو سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿي چڪو آھي. مان هڪ دفعو ٻيھر سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ جو شڪرگذار آھيان جن منهجي ڏات کي قابل داد بڻايو آهي. هي ڪتاب سنڌ امڙ اختصاري ڪهاڻين تي مشتمل آھي. هن ڪتاب ۾ تقريبن ڪهاڻيون سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ هن ۾ ڪجھ ڪهاڻيون مزاحيه به آھن پر اهي دنيايوي دستور کي آئينو ڏيکارين ٿيون اُنڪري هي ڪتاب منهجي سنڌ جي سپوتن ۽ مانوارن دوستن آڏو پيش نظر آھي.
    مان دل جي گهرائن سان اُنهن پيارن دوستن جو شڪر گذار آھيان جن هميشه منهجي ھمٿ افزائي ڪئي ۽ منهجي قلمي قوت کي ساهرايو جنهن سبب اڃان تائين منهجا حوصلا بلندتر آھن ۽ اڃا تائين ڌرتيءَ جا درد لکي رهيو آهيان. ڇو تـه شابشيت انسان جي حوصلي، همت ۽ جستجو کي ڪي ٽو جبلن کان بـه مٿي کڻي ويندو آهي. اهڙي ريت اوهان دوستن جي محبتي سُڳنڌ کي مدِنظر رکندي اوهان دوستن ۽ ادب جي پرستارن آڏو منهنجو هي ٻيو ڪتاب سنڌ امڙ جي ناءُ سان پيشِ نظر آھي اوهين هن جو مطالعو ڪري پنهجي راءِ کان ضرور آگاھ ڪندا...!


    ثاقب بلوچ


    اختصاري ڪهاڻيون

    اعتبار جو ٽٽل آئينو

    جڏھن اعتبار جو آئينو ٽٽي ٿو تـڏهن ان سان گڏ دل جا بـه ٽڪڙا ٿي ٻين عضون کي چبن ٿا. بيشڪ اعتبار جو ٽٽل آئنو ڳنڊجي سگهي ٿو پر اُن ٽٽل ڳنڊيل آئيني منجھ سوين عڪس نظر ايندا اُن ۾ انسان ٽٽل نظر ايندو آھي ڇو تـه آئيني ڪڏھن بـه ڪوڙ ناهي ڳالهايو. هوءَ نادان ڇوڪري منهجي دل کي رانديڪو سمجهي ٻارن جيان راند رچائي وئي, هوءَ چوندي هئي تـه مان ڪڏھن بـه توکان ڪجھ ڪين لڪايو آھي. هو هماليا جي جبلن جيڏو ساخ رکڻ واري ڇوڪري جا روز گهر ۾ رچيل ٻوڙ بـه ٻڌائيندي هئي,,, هوءَ ڪئين مونکان وڏو الميو لڪائي وئي. اُن ڳالهه جي فڪر اندر ۾ ادما اٿاريا آهن. وسوسن دماغ کي سوگهو ڪيو آهي. سوچ جي بيماري ۾ مبتلا آهيان. اي نادان تنهجون ڳالهيون تـه ماکيءَ کان بـه مٺيون هيون تو ڪالھ تـه وڏا وائدا پئي ڪيا, جيڪي ڪي ٽو کان بـه اوچا هئا,,,پوءِ ڇا تنهجو اڻپڌرو الميو ڪي ٽو بـه ڪراس ڪري وئي جيڪا منهجي من اندر ماپڻ کان پري هئي. تنهجي محبت کي مون پنهجي دل منجھ پاليو پر افسوس جو تنهجي محبت نافرمان نڪتي, او ساخ ساخ ڪرڻ واري تون منهجي عزت کي شمشان ڀيڙو ڪيو تو منهجي عزت کي لتاڙي چيباٽي ماريو پوءِ مٽي ۾ دفنايو وري واپس ڪڍي چتا جلايو.
    او دل جي آئيني کي بيماني جو ڀينڊ هڻڻ واري گهٽ ۾ گهٽ ايترو تـه سوچين ها تـه تنهجي هٿان ٽٽل آئني ۾ روز تنهجو ئي عڪس ٺهندو هو. جڏهن بـه تون منجهي سامهون ايندي هوئين تڏهن منهجي دل جو آئينو تنهجي عڪس جي ٺهڻ تي ٻهڪندو هو. منجهي دل کي گهري ٺيس پهچڻ تي تو چيو... ”ساري جانو هڪ ننڊڙي غلطي ئي تـه آهي“.
    منهجي دل جي ديوي جي مان توکان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پوڄيان تـه اهو مذهب عشق ۾ گناه ڪبيرا ٿيندو.۽ منهجي ايمان ۾ خلل پيدا ٿيندو ۽ مان عبادت عشق ۾ شرڪ جو قائل ناهيان. مان مري تـه سگهان ٿو پر محبوب کي ڪنهن سان شريڪ نٿو ڪري سگهان. پر تنهجي ڪيل قهر اندر جي انسان کي ڪوچ ڪرائي ڇڏيو. هاڻي هي انسان مونسان بغاوت ڪري ٿو. مونکي بار بار دغائي جا دڙڪا ڏئي ٿو. هاڻي هن ٽٽل آئيني جو جئين تـون ڪرين.. جي ٽڪڙا ڳنڊين تـه بـه تنهجي مرضي، جي تون ٽڪڙا ميڙي ڊسٽبين ۾ اڇلين تـه بـه تنهجي مرضي.


    درد دل جو وڌي جو ويندو آ

    سور ڪنهن سقراط کان گهٽ ناھن جيڪي دل کي بي تاهاشا تڪليف پهچائن ٿا اهو سور جيڪو بناھ ڪنهن زخم جي زخم کان به وڌيڪ ڏکائيندو آھي, جي زخم ناسور ٿئي ته دنياوي دستور کان اڻواقف بڻائي ڇڏيندو آھي, دل منجهان اُدما اُٿندا آھن جڏھن دردن جي ڪمان مان سورن جا تير نڪري اچي دل تي وسندا آھن, اُن وقت ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ هي دنيا ماٺ متل آھي ڄڻ هن جهان ۾ ڪنهن پرش جو نشان ئي مٽجي ويندو آھي.
    هي دنيا ڪنهن لاءِ خوشين جو آشيانو آھي ته ڪنهن لاءِ دردن جو ديس پر سورن جو ڪارڻ خدا ناهي اُن جو مهاڪارڻ اسين خود هن ڌرتي کي دوزخ بڻائيندڙ پرش آھيون
    هن ڌرتي کي دردن جو مهاڀارت بڻائڻ وارو به انسان آھي, درديلن کي شايد اها سڌ ناهي ته ڳوڙن جو پاڻي ڪنهن مارڪيٽ ۾ ناهي ملندو, ڳوڙا ته دل جو هال اوريندا آھن, نت ڇا وڃي دل جو اکڙين سان ڪاٿي دل ڪاٿي اکيون, دل آھي ته عضون جو رهنما پر اکين آڏو مجبور آھي. دردن جي جنگ ۾ هڪ انسان ٻئي انسان تي سورن جا تير وسائيندو آھي پوءِ ٻنھي مان جيڪو سورن سان گهايل ٿيو, سمجھ اهو دردن جي جنگ ۾ ڪُسجي ويو, عجيب جنگ آھي جتي سورن جي تيرن سان ڪسجڻ واري کي وڌيڪ ايزايو ويندو آھي, جي اکيون دل جي دردن جي رهنمائي ڪن ٿيون ته وري دل کي درديلو ڪرڻ تي به اکين جو هٿ آھي, اکيون نه صرف دل کي اُلجهائن ٿيون پر دماغ کي به سُن ٿيون ڪري ڇڏين, اکيون جي اڙين نه ته ڇو دل جنهجٽ ۾ ڦاسي.
    اکيون حُسناڪن کي پوڄن ٿيون اکين جو وڏو ڪردار آهي دل کي ڦاسائڻ ۾، وڏيون ڊراميباز آهن. اهي اکيون پنهجي آسيس خاطر دل کي قربان ڪن ٿيون، وڏيون قائل آهن ڪجل ڀريل اکين جو، جڏهن مجنو جون اکيون ليلا جي ڪجل ڀريل اکين ساڻ ملن ٿيون تـه پنهجي زبان ۾ اکيون هڪ ٻئي سان ڳالهائن ٿيون ۽ دل جي خلاف منصوبا بندي ڪن ٿيون. عاشق جو اکيون محبوب جي اکين کي چون ٿيون تـه..”تون پنهجي دل کي اُکسائي ۽ پنهجي دل کي اُڪسايان ٿو پوءِ ڏس مزو تـه ڪيئن ٿو دل تڙپـي” اهڙي ريت اکين جي منصوبا بندي تحت اُلهجنن ۾ ڦاسي پوي ٿي. دل تـه تڙپي ٿي پر روئڻو تـه اکين کي پوي ٿو. ”اهڙي ريت جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“


    هٽلر محبوبــــه

    ڄامشورو حُسن جو شھر ڄام شورو جتي جنت جهڙيون هوائون گُلن ٿيون, جتي دل ڦريندڙ ڌريون پڻ رھن ٿيو, انهيءَ ڄامشوري جي سينٽرل لائبريري ۾, اسانجي محبت اسان سان مليو , ائين هڪ افسرا سان اک جو اڙيو, هي معصوم اکيون انهيءَ افسرا تي ٽڪيل جو هيون. ائين ئي محبت جي رڻ ۾ پنهجي پاڻ کان بغاوت ۾ ڀٽڪيل هيون, ائين اکين جو ڀٽڪڻ واجب بـه هيو, هوءَ هئي قديمي هٽلر ۽ جديدي دبنگ جيان ڇوڪري جنهن منهجي دل کي سيني مان ڇڪي ڪڍيو, پوءِ بـه اها دل دڙڪي پئي ڇو جو اُنهيءَ جي هٿن ۾ جو هئي, ۽ جنهن جي هٿن ۾ اسانجو دڙڪن هجي , مرڻ ۽ جئيڻ جو آسرو هجي.
    اُنهي جي اڳيان ڀلا بغاوت ڪئين ڪجي, مون ۾ ايتري همت ئي نـ هئي جو دل کسيندڙ جي آڏو وڃا, پوءِ هوءَ ٿر جي مورپکي جيان پاڻ محبت جا قدم ڀري آئي ۽ ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز ۾ مونکي چوڻ لڳي, ”هيلو...,
    اُن جي هيلو منهجي قدمن آڏو بند ٺاھي ڇڏيا, ۽ مان اُن کي جي ڪري وراڻيو, اُن مونکان فيسبڪ جي آءِ ڊي گهري مان اُن کي پنهجو نمبر ڏنو ڇو تـ محبت مون بدنصيب ڏانهن قُرب جا قدم جو ڀريا, لائبريري جو قصو اُتي ئي پورو ٿيو, وري مان هاسٽل آيس, سُتُس, اُٿيس,گُهميس پر بيچين رهيس, هڪ عجيب بيقراري هئي , شايد محبت جي انتظاري هئي, آخر انتظار جي بـه انت آئي ان هٽلر ڇوڪري جو فيسبڪ تي آيل ريڪيوئسٽ ۽ اُن کانپوءِ اُن جو آيل ميسيج جنهن ۾ ھن هيلو لکيو هيو , پوءِ اُن سان ميسيجن جو سلسو وڌندو ويو ڳالھ ٻولھ بـه ٿيندي رهي, اُن مونکي چيو توهان منهجي سهيلي کي پسنڌ آيو مان اُن کي وراڻيو منهجي من ۾اوهان ئي تـه گهر ٺاھيو.
    مان اُن سان محبت جو اظھار ڪيو پر هو چري نادان ڇوڪري منهجي محبت کي ڀوٽ سمجهندي رهي, ۽ منهجي محبت کي ٺُڪرائيندي رهي, ڪجھ ٻاراڻا خيال منهجا به هئا پر محبت کير جيان شفاف ۽ روپلي جيان سچي هئي, پر هوءَ بـه ضدي هئي, هن منهجي دوستي تـه اپنائي پر محبت جي پرچار کي نـه مڃيائين, ائين ئي حتمي فيصلي ۾ اسين سٺا دوست ئي رهياسين, ۽ وقت جي گذرڻ سان آھستـه آھستـهـ هوءَ مون ملنگ کان جند ڇڏائيندي وئي, آخر اُن ائين ئي ڪيو جنهجو مونکي خُٽڪو هيو.
    اُن پنهجي من مان مونکي آخر ڌڪاري ڇڏيو, پوءِ وري اينٽري ٽيسٽ ۾ اوچتو اُن افسرا تي ڌيد جو پئي تـه ڄڻ اندر ۾ ڪو سيلاب آيو هجي اُن جي ڪيل سلام ڄڻ زخم تازا ڪري ڇڏيا هجن, پوءِ شايد اُن کي به منهجي معصوميت تي رحم جو ڪو ذرو آيو, ۽ اُنجي ٻيھر رابتي منهجي من ۾ اهڙو الميو پيدا ڪيو جئين قوما ۾ پيل جسم ۾ جان آئي هجي ۽ اهو اوچتو اٿي ڳالهائڻ لڳو هجي هوءَ افسرا منجهي محبت اڄ بـه منهجي اندر سمايل آھي منهجي محبت اڄ بـه اُن هٽلر سان آھي جيڪا پهرين نگاهن ۾ ٿي هئي, مان اُن کي چئي تـه نٿو سگهان ڇو جو محبت کي ستائڻ اسانجي ڌرم ۾ گناه ڪبيرا آھي.
    اڄ بـه اُن افسرا جو انتظار اٿم ڪڏھن بـه هوءَ منهجي اندر منجھان نڪري نـه سگھندي, مان اُن کي صرف ايتروئي چوندس جي گستاخي نـه سمجهيو وڃي

    ”تون مونکي وڻين ٿي اها ڳالھ ٻي آ ۽ توکي وڻان مان ضروري تـه ناهي",,


    نشيلا نيڻ

    جڏھن ڪنهن محبوب جا نشيلا نيڻ پيار جي پرستار منجھ پون ٿا تڏھن دنياوي سڀ درد ڄڻڪ پورجي پون ٿا. اهڙي ريت اکڙين جا ٻه پهلو هوندا آھن هڪ اهي گهايل به ڪنديون آھن ته مايل به, مطلب درد جو ڪارڻ به ته درد لاءِ دوا به, پيار جو پيمانو نشيلن نيڻن سان ئي ڀربو آھي.
    ها هوءَ به بيتهاشا انتظار جي آڙاھ منجھ ڦٿڪي رهيو هو, بلڪل جئين پاڻي لاءِ ٿر ۾ ماروئڙا ڦٿڪن ٿا, جئين ڪنهجي روح کي زنجيرن سان قيد ڪيو ويو هجي, يا جڏھن ڪنهن حڪيم به چئي ڇڏيو هجي ته هن جو علاج نشيلن نيڻ سان ٿيڻو آھي. تڏھن ھڙ محبوب جي وس هوندو آھي ته هوءَ سندي پيار جي پرستار کي جياري يا ماري, ڇو ته پيار جي پانڌئيڙي لاءِ محبوب جي نشيلن نيڻن منجھ سندس عڪس جو ٺھڻ وڏو ڪارائتو هوندو آھي تڏھن ته هو انتظار جي پيڙاھ منجھ ائين پيڙجي رهيو هو جئين برف جي ٽڪڙي کي جولاءِ جي اُس آڏو رکجي.
    ھن جي بيقسي ۽ بيوسي حالت تي لوڪ رحم ڌريندي نيٺ ھن جي محبوب ڏانھن نياپو مُڪو ته ڪالھ اوهانجي اکين جيڪو ڪيس ڪيو هو سو اڄ اچي اُنجو ازالو ڀوڳي, محبوب به مجبورين جا ڪوٽ ڪيرائيندي اچي سندي گهايل آڏو بيهي ٿي,
    پيار جي پانڌئيڙي جون اکيو بند آھن. اُهي اکيون جيڪي پنھجي محبوب جي اکين سان گڏ هڪ ٻئي جو عڪس پئي ٺاھڻ چاهي رهيون هيون, پوءِ جڏھن عاشق جون اکيون ڌيري ڌيري کلن ٿيون ته هن جي اکين ۾ محبوب جو ڌنڌلو عڪس چٽو ٿيندو وڃي ٿو, ۽ پوءِ محبوب جو مڪمل عڪس هن جي اکين ۾ ٽڪجي وڃي ٿو.
    تڏھن هڪ عجيب منظر درپيش اچي ٿو عاشق جي چپڙن جي مسڪراھٽ ڄڻڪ ٿر ۾ مور نچي رهيا ھجن ڄڻڪ ڏڪاريل ڏيھ ۾ بارش پيو هجي ڄڻڪ هوائون پيار جو پڙاڏو ڏئي رهيون هجن ۽ هوائون هرڪنهن جي ڪن ۾ صوفياڻو راڳ ڳائينديون هجن تڏھن هڪ عاشق لاءِ انتظار جو آڙاھ بهارن جو باغ بڻجي ٿو وڃي. اڄ اُن اکڙين هن جي روح کي راحت رسايو جيڪي هن جي حالت جو زميوار هيون, هوئين ته اکيون شاتر آھن دنياوي هر چيز جو پرک رکن ٿيون پر حسن آڏو هيڻا آھن جئين وانگهيڙا سندن قبيلائي سردارن آڏو, اکين جي به وڏي دوستي آھي دل سان ۽ دل زدي آھي جيڪا شيءِ دل کي ڀانئي اُن لاءِ ھڙ ھاري سگهي ٿو, ڀلا جسم جا عضوا ڪئين دل آڏو بغاوت جو ڀت ٺاھن, هن عضون جو ته هڙ دل وٽ آھي.
    دل جو ضد جسم کي روح کان ڌار ڪري سگهي ٿو اُهي اکيون جن ڪالھ دل جي ڪن ۾ پيار جون سرڙاٽون ڪيون هيون دل اُنهن کي به بيوس بڻائي سگهي ٿو روح تڏھن ته دل جا نخرا ناز کڻي ٿو ڇو ته هو جسم کان جدا ٿيڻ نٿو گهري, ۽ اُن لاءِ دردن جي دريا منجھ گوتا کائڻ برداشت ته ڪري ٿو پر دادلي دل کي ڪجھ به نٿو چئي سگھي.


    سهڻا پنهجي اکين کي جهل تون

    اوچتو جڏھن تنهجي ڪجل سان ڀريل اکين ساڻ جڏھن منهجون اکيون اڙيون تڏھن تنهنجي ترڇي نگاهن جا تير منهجي بيگناه دل تي ائين پئي وسيا جئين ڪا ٻي مها ڀارت لڳي هجي, جئين ڪنهن شڪاري جي تيز تکي تير سان ڪا معصوم هرڻي گهايل ٿي هجي اڃا مهاڀارت ۾ ئي ڪٺبا رهياسين تـه تنهجي چپن جو وکرڻ ۽ انداز مرڪڻ ۽ اُنهن چپن جي جهٽڪي سان چرڻ مونکي بار بار عرش تان پئي ڪيرايو وري تنهجي زُلفن جي توسان ڇيڙڇاڙ ۽ تلوار جي نوز جيان چومبدار وار تنهجي ڳلڻن کي چمندي ڄڻ تيز هوا منهجي دل جي سازن جي سرن کي ڇيڙيو هجي وري اُن وارن کي تنهجي هٿ سان کڻي ڪن مٿان رکڻ ڄڻڪ ڪي شڪاري شينهن بيڙين سان ٻڌيا ويا هجن.
    اُهو خاص اوسر پئي لڳو جڏھن تو شبدن تي مهر ڪئي ۽ ڪجھ ڳالهايو مونکي ائين پئي محسوس ٿيو جڏھن تون ڳالهائين پئي تڏھن ڄڻڪ ٿر ۾ مور نچيا پئي, جئين صبح سانجهي جو ڪوئل جي ڪو ڪو جو آواز هجي جئين ڌرتي تي پهتل سج جو پهريون ڪرڻو ھجي.
    او موئن ڌڙي جي سمبارا تنهجي تعريف تي منهجي ڊائري جا ورڪ بـه خمارجي پون ٿا ۽ اکرن ۾ عجيب ٿرٿلو پيدا ٿئي ٿو منهجا ادبي اکر تنهجي تعريف آڏو مجموعو هڻن ٿا, سندي نيزي نيڙڻ کي ٿورو قابو ۾ رکندي ڪر گھڻا گهوٽ گهوٽجي ٿا وڃن. تون محبوب ذات آهين قاتل تـه نٿي.
    اکڙين کي بس ٿورو سبق ڏيندي ڪر تـه مجنوئن کي مجروح نـه ڪري ۽ سندن ٽٽل ڦٽل دل کي نـه ڌوڻي هو اڳئي ئي زماني جا وڏا ڪي ڏوهاري آهن. دنيا جي ڪڙوين نظرن آڏو پيار جي پرستارن جو عبادت سب کان وڏو ڪفر آهي. ٻيا سب گناه محبت جهڙي عظيم گناه کان گهٽ آهن.
    ان لاءِ او سلڇڻي من موهڻي ڇوڪري منهجي من جي مندر ۾ تنهجي مورتي پيل آهي. اُن لاءِ پنهجي هن پرستار تي زُلفن جا زنجير نـه ڪير ۽ اکڙين جي اشارن جا تيري توب نـ اُڇل ڇو تـه اسين اڳئي ئي زماني شريت کان رٺل آهيون ۽ زمانو اسان جي ڪڍُ آهي ۽ زماني جي هٿ ۾ هر اوزار آهي جيڪو انسان کي آلاپي سگهي ٿو.
    تنهجا ڇڙواڳ من موهيندڙ انداز ٽانڊن جي برسات جيان دل تي وسن ٿا ۽ دل ناقابل برداشت آهي بلڪـه اڳ ۾ ئي سڙهيل پڄريل آهي. مطالبو تـه اهو اٿم تـه سندي چمڪدار چهري کي حجاب اوڙيندي ڪر پر شايد اُن سان ڪجهه قابو ۾ ناهي اچڻو ڇو تـه جيل ۾ انقلابي وڌيڪ سهڻا ۽ مهان لڳندا آهن... برهال سهڻا پنهجي اڳين کي جهل تون.


    دبنگ ڇوڪري

    هو دبنگ, ڪامريڊ محبوبا جيڪا مونکان پڇي ٿي تـه منهجو ڪهڙو انداز توکي ڀانئي ويو آھي, آءُ ايڏي حسناڪ ته ناهيان مون منجھ اھڙيون ڪي خاص خوبيون ته ناهن.
    ھا بيشڪ آءُ مڃا ٿو تون واقعي ايڏي حسناڪ ناهين, خوبين کان ته آءُ اڻواقف آھيان ڇو جو اندر جو الله ٿو ڄاڻي ,او ڪامريڊ محبوبا تنهجا ڪي اهڙا انداز آھن جيڪي هزارين حُسناڪ ڇوڪرين کا افضل آھن او هٽلر هڙ حسن تي ناهي رکيو ڇو ته ڪئي حسين ٽروھ مون پٽن تي پيل ڏٺا او ڪامريڊ تنهجو روح, تنهجو ڪردار ڪينجهر جيان پاڪ ۽ صاف آھي.
    تنهجي ڪامريڊي ويس تي هزارين آدمين تنقيدون ضرور ڪيون پر تنهجي اُنهيءَ ئي انقلابي انداز من موهي ڇڏيو آھي تنهجي چهري ۾ روپلي جي سچائي جي چمڪ آھي. تنهجي جرئت ۾ مون دودي جي تاريخ پڙھي آھي , تون هزارين حُسناڪ محبوبن کان بهتر آھين ڇو ته تون انقلاب جي پڪش ۾ آھين, تنهجي شرمائڻ ۽ پنجهن جي عزت آبرويت جو لحاظ ڪرڻ کي پرکيندي مون توکي ٻئي ٻاگهل طور جاچيو آھي.
    جيتري جبلن جيڏي جدوجهد مون تو ماڻڻ ۾ ڪئي آهي. شايد اُن عرصي ۾ آءُ ڪيئي انقلاب آڻي ڇڏيان ها. تنهجي مسڪراهٽ کي ڏسي مهراڻ جون موجون ياد اچن ٿيون, تون هڪ انقلاب آھين ڇو ته تنهجي سوچ ۾ مون ماروئڙن لاءِ مٺمزاجي ڏٺي آھي ۽ تون مونکان پڇين ٿي ته آءُ توکي ڪئين ٿي وڻان، او ڪامريڊ تون فڪر سنڌ رکين ٿي, پوءِ ڀلي تون حسناڪ هجين يا نه هجين, تو ۾ ڀل هزارين خاميون ڇو نه هجن سڀ لٽجي ٿيون وڃن جڏھن تون چوين ٿي مان سنڌياڻي آھيان, جڏهن تون ڌرتي جي حقن جي ڳالهه ڪرين ٿي تڏهن تنهجي چهري تي مان گيتا جا ورد پڙهندو آهيان، تڏهن مونکي روپلي جي بيباڪ وني ياد ايندو اٿم جنهن روپلي کي ڌرتي خاطر جان ڏيڻ جي تلقين ڪئي.
    او ڪامريڊ تون ڄاڻين ٿي تـه مان هڪ انقلابي پُرش آهيان ۽ انقلاب سان پيار ڪرڻ منهجو پيشو آهي. تـه پوءِ سمجهي ڇڏ تون هڪ انقلاب آهين ۽ مان تنهجو پرستار آهيان. توسان محبت ڄڻڪ انقلاب سان محبت آهي. تنهجو مرڪڻ انقلاب جي اچڻ جو سنديش آهي. اُن لاءِ مان تنهجي مرڪ ڏسي سڄي عمر انقلاب جي سنديش جي آس ۾ گذارڻ ٿو چاهيان.


    چنڊ سان ڪچهري

    ”اي چنڊ مونکي سندي محبوب جو حال احوال ٿو گھرجي جي ڪرپا ڪرين تـه ,تنهجا ڪروڙين وڙھ ٿيندا مون مجنو مٿان.
    چنڊ...” ابا عاشقڙا مان ھڪ چنڊ ڪنھن ڪنهن جا نياپا پڄايان ڪنهن ڪنهن کي سندي محبوبائن جو حوال ڏيان, مان سندي چانڊوڪي تي ديهان ڏيان يا اوهان عاشقن جا ڪم ڪريان.
    ”اي چنڊ ڀلا ھڪ سوال جو جواب ڏيندين.
    ”ھا پڇ.
    ”جي تونکان تنهجي چانڊوڪي کسي وڃي ته پوءِ ڇا ٿي سگھي ٿو. چنڊ...
    ”مان جي چنڊ آھيان ته چانڊوڪيءَ جي بدولت بنا چانڊوڪيءَ جي ته مان ڌرتي کان ظاهر ئي نه ٿيندس, پوءِ ته صرف مان هڪ گمنام وجود بڻجي رهجي ويندس, چانڊوڪيءَ ته منهجي سونھن آھي منهجو روح آهي جئين پياس لاءِ پاڻي، چاندوڪي تـه منجهي وجد جي نشاني آهي.
    ”پوءِ ٻڌ جئين تون بنا چانڊوڪيءَ جي هڪ گمنام وجود آھين، ته مان به سواءِ سندي محبوب جي هڪ گمنام وجود آھيان هوءَ منهجي من ۾ سمايل آھي، مان سندي سونهن کان ڪي ڪوھ ڏور آھيان تڏھن ئي ته تو آڏو مجبور آھيان.
    چنڊ...”اي چريا مجنون سياستدان آھين ڇا ڀلا؟
    مونکي گميگين ڪري سندي سورن جو حل ڳولهين ٿو، بس,,, گھڻا در نه کول پنهجي دردن جا ڪٿي مان روئي نه پوان ۽ ھيٺ ڌرتيءَ ۾ رھندڙ مخلوق پريشان نه ٿئي ته آسمان ۾ ڪڪر به ناهي، گجگوڙ به ناهي پوءِ بارش ڪئين ٿي وسي، ۽ ڪي عقل جا انڌا اُن کي موجزو نه ٺاھي وٺن هنن کي ڪھڙي ڪل ته ھڪ مجنو جي سڪ چنڊ جي اکين جا بند ٽوڙيا آھن ۽ چنڊ روئي ڏنو آھي, مان توکي تنهجي محبوب جو حوال آڻي ٿو ڏيان.
    ٿوري ڌير کانپوءِ چنڊ چيو... ”اي مجنون مون آڏو ته وڏو الميو ٿي پيو آھي.
    ”اڙي چنڊ تنهجي آڏو الميو آھي، عجيب ڳالھ آھي. مون کائينس پڇيو.
    ”ها مجنون تو تـه مونکي اُلهجنن منجهه ڦاسائي ڇڏيو آهي هيٺ ڌرتي تي ته هزارين حُسناڪيون آھن تنهن منجھ تنهجي محبوب کي ڳولھڻ وڏو مسئلو آھي.
    ”اڙي چنڊ اهو ڪو وڏو الميو ناهي..
    ”اهو ڪئين مجنون.، چنڊ حيران ٿي پڇيو.
    ”اي چنڊ اُنهن منجهان هڪ هڪ ڏانھن نظر ڦيرائي ۽ جتي توکي تنهجي چانڊوڪي موٽ ۾ ملي اُتي سمجھ منهجو محبوب آھي . هوءَ تو جيان چمڪندي آھي بلڪل تنهجي چانڊوڪيءَ جيان هن جي چهري تي به چانڊوڪي سمايل آھي. جي اُن حُسناڪ کي تو سان گڏ بيهاريو وڃي ته ڌرتي ۾ رھندڙ مخلوخ ضرور چوندي ته اڄ آسمان ۾ ٻه چنڊ آھن, پوءِ اُتي اهو الميو به پيش ٿي سگھئي ٿو ته متان تنهجي چانڊوڪيءَ کي وساري منهجي محبوب جي چمڪڻ ڏانھن ڌيان ڌرين ڇو ته تو ۾ داغ آھي ۽ منهجي محبوب جي سونھن خالص آھي ھر داغ کان پاڪ آهي.


    دردن کي جهلي ڇڏ

    اندر ۾ ڪي اُدما اُڀري پون ٿا جڏھن تنهجون يادون ورائن ٿيون , اڪثر تويل راتين ۾ تنھجيون يادون منهجي دل جو دروازو کڙڪائينديون آھن زور زور سان وڏا چيھاٽ ڪري منهجو ننڍ ڦٽائينديون آھن جڏھن مان پنهجي بستر تي ليٽيل هوندو آھيان تڏھن مون مٿان ماضي جا امڀار ڪرندا آھن پوءِ مان گذريل وقتن ڏانھن وڃي نڪرندو آھيان
    جتي اسان ٻنهين ڪي حسين پل گذاريا هئا.
    اهو وڻ جنهن جي هيٺان پاڻ اڪثر ڪچهري ڪندا هئاسين ۽ جڏھن تنهجا چپ مسڪراھٽ جي مھڪ سان ويکري پوندا هئا ۽ جڏھن تنهجو چهرو گلاب جيان ٻھڪي پوندو هئو پوءِ اُن وقت اُها وڻ اسان مٿان پنهجا قيمتي پن نڇاور ڪندي هئي تڏھن اسان جو پيار ڪي ٽو تي چهڙي زور زور سان آواز ڏيندو هئو ته اسين پيار جا پرستار آھيون,, اهڙن خيالن تي چپ ڄڻڪ پاڻوڄاڻ ويکري پوندا آھن بي سبب مُرڪي پوندا آھن پر جڏھن زماني جا ڪيل ڪيس آڏو اچي پوندا آھن ته وري اکين جو تماشو شروع ٿي ويندو آھي پاڻوڄاڻ ڳوڙھا ڳڙي پوندا آھن ۽ اندر جا سڀ درد ڪٺي ٿي مونکي جلائيندا آھن .
    ھاڻي ته اهو وڻ به هن ظالم زماني ڪٽي ڇڏيو هوندو جتي اسين عشق جي احساسن کي محسوس ڪندا هئاسين جتي حقيقي زندگي جئيندا هئاسين ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان ته جي تو پنهجن سان ناتو نه نڀائين ها ته شايد پنهجو ناتو نڀجي وڃي ها
    پر تون ٻاگھل بڻجڻ پئي چاھيو تو عشق ۾ انقلاب ڪون آندو تون مشرقن جيان ماٺ متل هئين يا مظلومن جيان پوءِ به تون بغاوت جو اعلان ڪري پئي سگهيئي, تو مونکي ته دردن جي دريا منجھ اڇلايو پر پنهجن کي تاري وئين, او ٻاگهلڙي مون تي هڪ ڪرپا ڪر پنهجي يادن کي جهلي ڇڏ ته مونکي بنا پاڻي جي مڇي جيان نه تڙپائن منهجي نون خوابن ۾ خلل نه وجھن, تون ڄاڻين ٿي تـه کليل اکين سان ڏسڻ وارا خواب ساڀيان ناهن ٿيندا آهن.
    هر دور ۾ اسين پيدا ٿياسين هر دور ۾ زماني اسان مٿان قهر ڪڙڪايا ڪڏهن قيد ڪيو ويو تـه ڪڏهن گهاٽن منجهه چڙهياسين پر هر دور ۾ اجل جو شڪار ٿياسين، کليل اکين سان خواب ڏسڻ تـه ڪبيرا گناه آهي، پر رات جي تاريڪن ۾ ننڍ جي اگهوريت ۾ منهجي سپنن ۾ تنهجو يادن جو ورڻ اُهي سب ڳالهيون آڏو اچڻ جن مون نمازي کي شراب جا پيڪ پياريا سگريٽ جا سوٽا هڻايا. تنهجي درديلي يادن مونکي مهان لقب ڏياريا، جهڙوڪ،، لوفر، آوارا، نشائي، ڀنگوڙو،چرسائي، هن جاهل زماني کي ڪهڙي ڪل تـه مان دردن جو ماريل آهيان سورن جو ساڙهيل آهيان.
    مون تنهجي يادن تي پنهجي ڊائري جا ورق ڪارا ڪري ڇڏيا آهن، مان تنهجي يادن تي لکيل شعر جڏهن محفلن منجهه پڙهندو آهيان تڏهن زماني جا جاهل ماڻهون واه واه ڪندا آهن، تاڙيون وڄائيندا آهن تڏهن منهجا درد ويتر وڌي ناسور بڻجي ويندا آهن. واه واه جا شبد ڄڻڪ منهجي فٽن تي لوڻ جا ٻڪ ٿي ڪرندا هجن. وڏو ايذاءُ ايندو اٿم جڏهن تنهجي سورن کي گنگنائي بيان ڪندو آهيان.
    هن زماني جي ظالم لوڪ کي تـه دل وندرائڻ جون ڪي ڳالهيون کپن، ۽ مان تنهجي يادن کي پئسن ساڻ کپائيندو آهيان ۽ پنهجي دردن ۽ تنهجي يادن منجهان ڪي ڪهاڻيون ٺاهي لوڪ جو دل وندرائيندو آهيان.


    نانگ بـــــه مري لٺ بـــــه بچي

    مولو ۽ ولو هڪ هوٽل تي ويٺي چانھ جا چسڪا هڻندين ڊاڙن جا ڪھر ڪڙڪائي رهيا هئا سندن ڀر ۾ خيرو ۽ ميرو به ويٺا ھئا. مولو شھپرن کي تاءُ ڏيندي چيو...
    ” اڙي ولو ٻڌو آهي ته توهين ھاڻي بيغرت ٿي ويا آھيو؟
    “ ڇو با خيال سان ڳالهائي اسان وني تي سر ڏيندا آھيون.
    ” اڇا پوءِ جئيرو ڪئين آھين اڃا؟
    “ مولو پهاڪا نه ڏي, يار سڌي ڳالھ ڪر.
    ” اڙي هو توهانجي ذات جي هڪ ڇوري نه ڀڄي وئي هئي.
    “ ها ها مولو، جيڪو ڀيلن جو ڇورو بڄائي ويو هو.
    ”ها ها ٻڌو آھي ته وڏيري ڇوري کي ته مارائي ڇڏيو پر ڇوريءَ کي اڃا ڪونه ماريو اٿئون.
    “ ها يار بلڪل سچو آهين.
    ” ته پوء اڃا به بنھ غيرتمنڌ آيو.
    “مولو سڀ ڪجھ وڏيري جي وس آھي جي منهجي ڌيءَ ھجي ھا ته ساڻس ماھ مان ساھ ڪڍي ڇڏيانس هان.
    ”اڙي توهانجو ته وڏيرو به بغيرت آھي هڪ ڪاري کي پناھ ڏيون ويٺو آهي.
    “بس هاڻي بس مولو سائين کي بيغرت نه چوءَ,, خبر آھي ته توهان ونين مٿان ميدان مقام ڪري ڇڏيا آهن.
    ”اڙي ياد ڪر ولو جڏھن اسان جي قوم مان هڪ ڇورو ڇوڪري ڀڄائي ويو هو ته وڏيري سندن مٿان ڪھڙا قهر مسلط ڪيا ھئا هالانڪ ڇورو اسان جي برادري واري بخشو جو پٽ ھو, پوءِ به وڏيري صاحب عمر وارو انصاف ڪيو هو، بخشو تي هڪ سڱ ۽ ھڪ لک روپيا چٽي رکيو هئائين ۽ جڏھن بخشو سڀ ڏوھ ڏنڊ ڀريا ۽ سندي پٽ کي وني سميت گھر آندائين ته هڪ ٻن ڏنھن کان پوءِ وڏيرو اوچتي بخشو جي گھر اچي پرسٿت ٿيو ۽ ڪلاشنڪوف جو سڄو برسٽ بخشو جي پٽ ۽ نُهن مٿان هلايائين.
    اڙي اهي ٿئي اصل وڏيرا مولو, جيڪي برابري ۽ غيرتمنديءَ وارو فيصلو ڪن, اُن کانپوءِ ڪنهن جي مجال ئي نٿو ٿئي ته اسان جي نگن ڏانھن اک کڻي.
    ”اڙي ولو اسانجي وڏيري جو اوڀر کڻي سندي وڏيري کي پياريو جئين اندر مان غيرت ڀڀڪا ڏئي اٿيس.
    “ ادا مولو ھاڻي مون مسڪين جي ڪھڙي وسعت جو مان وڏيري اڳيان اٿي کيس بيغرت چوان، بس ادا چرٻٽ راجا انڌير نگري, ائين ئي اسان وارو وڏيرو بــه چرٻٽ اٿئي“ اڙي “ڀلا ٻُڌ ولو.
    ”جي مولو ڀاءُ
    “ ڇوڪري ڀڳي ڇو؟ اهو به هڪ ڀيل سان, ٻيا ڪي پنجها مسلمان کٽي پيا ها ڇا جو وڃي پاڻ حرام ڪيائين.
    ”ادا ڇوريءَ جي پيءُ حيدرو سندس شادي اختيار وارن جي پيءُ دادن سان پئي ڪرائي, تنهڪري ڇوريءَ پهريائين حيدرو کي چئي ڇڏيو ھو ته کيس اسي سالن جو دادن ڪراڙو قبول ڪونهي جيڪو حيدرو جي سن هو ۽ ساڻس ڪوڏي ڪوڏي وارو راند گڏ کيڏيو هو.
    ادا مولو حيدرو ۽ دادن ته بچپن جا يار هئا تهنڪري جڏھن دادن جي مڙھي زال هي دنيا آلاپي وئي تڏھن حيدرو سندس اڪيلائي ڏسي ڪين سگهيو ۽ پنهجي ڌيءَ ٻاگھل جو سڱ ڏيڻي ڪيائين ته اوچتي ڇوريءَ التوار ڪيو ۽ کڻي دانگي اڇو ڪيائين.
    “اڙي ولو خان اُهو ته صحيع آھي پر ڇوري ڀيل سان ڇو حرام ٿي؟
    ”ولو خان تون به ڏاھو آھين يار ڀلا ڪير اسان جي قوم مان مرڻ پسند ڪري ها هر ڪنهن سوچيو پئي ته جي اھڙي غلطي ڪئي سين ته وڏيرو مٿان ساڻس ڪئي زهريلا قهر مسلط ڪندو. سو اُن لاءِ ادا اسان جا ڇورا مڙي ويا ۽ کيس هڪ ڀيل لمائي ويو سو بـه قھرن جي ور چڙھي هن جهان مان آلاپي ويو.
    ”ٺيڪ آ بخشو پر يار وڏيري کي گند ائين سندي حويلي ۾ نه رکڻ گھرجي .
    “ادا مولا بخش، مون ٻڌو آھي ته وڏيرو ڀيلن کان بدلي وٺڻ جي چڪر ۾ آھي. چون ٿا ته وڏيرو ڇوري کي ڪاري ڪري ماريندو پوءِ سندس خون جو الزام ڀيلن مٿان مسلط ڪري کائين جيل ڀيڙو ڪندو جئين، ”نانگ به مري لٺ به بچي“.


    لاوزني محبت

    موسم جي ٻهڪيت منجهان صاف ظاهر آهي تـه موسم محبت جي سڳنڌ سان ڀرپور آهي ۽ ٻيو تـه ماءُ جي هنجهه م ويٺل آهيون. رات جي تاريڪي آهي ائين لڳي رهيو آهي چنڊ ڄڻڪ سنڌو جي سيني تي لهي آهيو هجي ۽ سنڌو جو جل چمڪي رهيو آهي سنڌو جا ڇڙواڳ ڇهوليون مونکي ۽ سونيا کي آشرواد ڏئي رهيون هجن. مان ۽ منهجي پڌمڙي محبوبه سونيا سنڌو درياءَ جي ڪناري ويٺل آهيون ۽ غور سان ماتا جي من موهيندڙ انداز کي ڏسي رهيا آهيون. منهجي محبوبـه سونيا جنهن کي مان پيار وچان ”سمبارا” سڏيندو آهيان ۽ سونيا مونکي سائين سڏيندي آهي. سونيا طويل خاموشي کانپوءِ گفتگو جو گيت ڇيڙيو.....
    ”سائين مونسان ڪيتري محبت ڪندو آھين؟
    چيم...”مان محبت کي ماپيو ناهي اڃا.
    ”ڇو سائين ڇو نه ماپي سگهيون آهين؟
    چيم...”ماپڻ واري ترازي ننڍي ٿي پئي آھي.
    ”سائين پوءِ ڪئين ماپي سگهندين؟
    چيم...”ڀلا ماپڻ لازمي آھي ڇا؟
    ”ھا سائين، سمجھ ضروري آھي.
    چيم...”ڇو اعتبار نه اٿئي ڇا يا بيمانتي جي بوءَ ورايو اٿئي.
    ”نه... نه... سائين، اھڙو ته ڪو الميو درپيش نه اٿم.
    چيم...”اصل ۾ محبت کي ماپڻ لاءِ ڪا اسٽينڊرڊ قوائينٽيٽي اڃا تائين ناهي نڪتي مون دنيا جي ماهر سائينسدانن کي چيو آھي ته مونکي منهجي دل اندر محبوبه جي محبت کي ماپڻو آھي.
    ”پوءِ ڇا چيو سائنسدانن سائين؟
    چيم...”انهن چيو سوين سال لڳندا اڃا.
    ”اڇا سائين، مطلب تـه پوءِ محبت کي ماپي نه سگهندين؟
    چيم...”ٿي سگهي ٿو ٻئي جنم ۾ متان ماپي سگهان.
    ”ٺيڪ آ سائين مطلب ته هاڻي ٻئي جنم جو انتظار ڪرڻو پوندو.
    ڀلا ٻڌ سائين محبت جا حدود ته ٻڌائي سگهين ٿو نه...
    چيم...”ها ضرور ٻڌاءِ سگهان ٿو.
    ”سائين ڪيتري حد تائين مونسان محبت ڪرين ٿو.
    چيم...”مٿي آسمان ڏسين ٿي؟
    ”ها بلڪل سائين!
    چيم...”جتي اُن آسمان جو انت اچي اُتي سمجھ منهجي محبت جو حد آھي.
    ”پر اُهو نظر ته اچي ٿو سائين!
    چيم...”اهو اکين جو فريب اٿئي .جيترو مٿي ويندينءَ ايترو ڏور نظر ايندئي ۽ منهجي محبت به توسان ائين ئي آھي جيترو تون منجهي محبت جا حدود ڳولهيندينءَ ايترا حدود توکي پري نظر ايندا.
    ”ڀلا محبت جو انت معلوم اٿئي سائين؟
    چيم...”محبت ۾ انت ته ٿيندو ئي ناهي.
    ”پوءِ موت کي ڪئين ٿو ڏسين؟
    چيم...”موت انسان جي جسم جو انت آھي نڪي محبت جو.
    ”پر سائين مرڻ کانپوءِ انسان ته ڄڻڪ وسري ويندو آھي.
    چيم...”ها اهو انسان وسري ويندو آھي.
    ”اڇا سائين، ته پوءِ مان تنهجي نظرن آڏو ڇا آھيان, انسان يا محبت؟
    چيم...”تون منهجي محبت آھين, روح جو اڌ حصو آھين, اسان جا وجد پاڻ منجھ ڳُتڙيل آھن.
    ”پر سائين اڪثر ائين ڏٺو ويو آھي ته موت محبت کي به وساري ڇڏيندو آھي.
    چيم...”جي ائين هجي ها ته علامه آءِ آءِ قاضي جھڙو عظيم فرد خودڪشي نه ڪري ها. علامه آءِ آءِ قاضي پنهجن ڪئيي ڪتابن منجھ خودڪشي کي حرام ڀائنيو آھي, پر سندس ويڳاڻپ, وياڪلتا, ۽ مايوسي پنهجي ئي اصولن کي ٽوڙيو.
    ”بلڪل سائين تون سچو آھين,,, تنهجا دليل ته مونکي ڪوڙو ڪري ويا.
    چيم...”ائين چئي مونکي ڪافر ته نه ڪر سونيا.
    ”اڇا سائين ٺيڪ آ بابا نٿي چوان.
    ”برهال سائين تنهجي فلاسافي مان سڌ پئي اٿم ته محبت لاوزني آھي,,,
    ۽ پوءِ سونيا خاموش ٿي يڪو مونڏانهن پئي ڏٺو ان اوسر تي مون چنڊ کي مشڪندي ڏٺو ۽ تارن کي جهومندي ۽ سنڌو ماءُ جي جل کي هڪ دفعو وري اسان جي محبت کي آشرواد ڏيندي ڏٺو.


    يو آر ليٽ

    مان ڪلاس ۾ ويٺو آھيان اڃا ڪلاس شروع ناهي ٿيو ڇو ته ميڊم صاحبه جن اڃا ناهن پهتيون, ميڊم صاحبه جڏھن ڪلاس وٺندي آھي ته ڪلاس جي اڌ ڪلاڪ هلڻ کانپوءِ ڪنهن به شاگرد کي ڪلاس ۾ اندر اچڻ نه ڇڏيندي آھي جيڪو به شاگرد اڌ ڪلاڪ ڌير سان ايندو آھي ته ميڊم صاحبه سندي واچ ڏانهن ڏسي چوندي آھي.
    ”ساري بيٽا آءِ ڪانٽ الو, بيڪاز يو آر ليٽ“.
    ۽ ڇوڪرو وياڪل ٿي اُتان هليو ويندو آھي.
    اُنڪري مان ۽ ٻيا پڙاھو پٽ وات پٽيون ويٺا آھيون. ڪچهرين جا چهچٽا جاري و ساري آھن. دل ۾ بغاوت پيدا ٿي رهي آھي ته جيڪر ميڊم صاحبه کي اڄ چئي ڏيان ته.....
    ”ساري ميڊم وئي ڪانٽ الو, بيڪاز يو آر ليٽ“.
    پر وري پيپر جو فڪر ورايو اٿم ته ڪٿي ميڊم ڪري نه ڪلياڻ، پوءِ اُن ڳالھ جي فڪر کي مدنظر رکندي ماٺ رهي منڪر ٿي ٿو وڃا, منجهي ڀر ۾ ڪامريڊ ڪانڀو خان به ويٺل آھي شھپر وٽي ڏوڙا ڪري ڇڏيا اٿس, سندس شھپرن کي ڏسي, ولو ڪوڙمي جو سڻي کي وٽڻ ياد ٿو اچي, کيس وڏا ڇٻا پاتل آھن, هڪ جو وزن تقريبن پنج ڪِلا ٿيندو, ۽ ڦل ڪلف تي ڪاٽن به پاتل اٿس.
    ڪامريڊ ڪانڀو خان ٿُلهي آواز ۾ ٿو چوي...
    ”اڙي ڇورا ڪنهن مهل ايندي اها ميڊمڙي, رت ڪري ڏنو اٿس.
    چيم...”ادا ڪانڀو خان ٿورو انتظار ڪيو اچي ويندي.
    ”اڙي ڇورا انتظار مان بابا جو ناهيان ڪندو, وري ميڊمڙي جو انتظار ڪيان.
    چيم...”ادا ٻيو ڇا ڪيون؟
    ڪانڀو خان چيو...”اڙي ڇا ڪيون, چرٻٽ، اسان شاگرد آھيون, پاور آھي اسان کي, اُٿو اسان سان گڏجو ساٿ ڏيو ته وي سي خلاف احتجاج ڪيون.
    ٿوري پري ٻئي سائيڊ تي ڪامريڊ قندار خان ويٺو هيو اُن ڪامريڊ ڪانڀو خان جي ڀڀڪي تي چيو...
    ”اڙي ڪانڀو خان تون اسٽوڊنٽ آهين, پهريان اسٽوڊنٽ جي اسپيل ته ٻڌآءِ, اڙي اسان ڪلاس وارن کانسواءِ ڪئمپس ۾ ڪير سڃاڻئي اٿو؟
    ڪانڀو خان جوابي ڪاروائي ڪندي چي...
    ”اڙي قندار خان، تون ته سائين وي سي سا ناشتو ڪندو آھين, رجسٽرار سان منجهند واري ماني کائندو آھين, ۽ رات واري ماني وري هاسٽل جي پرويسٽ سان کائندو آھي, تنهجا فوٽو ته روز اخبارن تي لڳل هوندا آھن,, وڏي فيمس پرسنلٽي آھين تون, اڙي ٻڏي نٿو مرين.
    قندار خان صفا ڳاڙھو لعل ٿي ويو ۽ ڪانڀو خان کي ڪرڙي اک سان ڏسڻ لڳو.
    ڪانبو خان چيو...
    ”اڙي اکيون ڇا ٿو ڏيکارين ڪهڙا مان تنهجا ٻنا سوريا آھن جو ائين ٿو ڏسين, چڱائي ته چئي مائين.
    قندار خان چيو،،،”ها سائين تو وڏي چڱائي چئي آھي, اڙي تون بابو آهين ڇا منهجو جو نصحتيون ٿو ڏين, وڌيڪ مٿي تي نه چڙھ نت ڏيندو مائين زمڙڪ.
    ڪانڀو خان چيو...”اڙي چوڙيون مون به ناهن پاتيون اچ ته سيکت ڏيائين.
    ائين ئي ڪامريڊ ڪانڀو خان ۽ ڪامريڊ قندار خان ٻئي هڪ ٻئي تي ڏمرجي پيا ۽ صفا تپي باھ ٿي ويا. مان باھ تي پاڻي هاريندي چيو...
    ”ڪامريڊ ڇو ٿا وڙھو ننڍڙي ڳالھ تي نه وڙھو يار.
    ٻنهين ڪامريڊن مونکي داٻو ڏيندي چيو...
    ”اڙي وات پٽيا تون چڱو مڙش آهين ڇا؟
    ”مون چيو... نه .!
    ”ڪامريڊ آهين ڇا؟
    ”نه با!
    ”,اڙي پوءِ وچ ۾ ڇو ٿو ڳالهائين, اڙي ايترو ڳالهائڻ ته بابا کي به ناهيون ڏيندا, ته تون وري ڪهڙي باغ جي موري آھين, چپ ڪر نت هڪ چنبي سان چپ ٿي ويندين.
    مونکي حيسائڻ تي ٻنهن ڪامريڊن وڏا وات ڦاڙي ٽھڪ ڏنا ۽ ھڪ ٻئي سان تاڙي ملايائون.
    ائين ئي ميڊم صاحبه اچي وئي ۽ ڪلاس هلڻ شروع ٿيو, تقريبن ڪلاس اڌ ڪلاڪ هليو ته دروازي مان هڪ شاگرد ڪلاس جي اندر اچڻ لڳو, ته ميڊم چيو...
    ”بيٽا توهان هاڻي پيا اچو؟
    شاگرد چيو... ”جي ميڊم.!
    ميڊم صاحبه معمول جي تحت سندي واچ ڏانھن ڏسندي چيو...
    ”بيٽا آءِ ڪانٽ الو آفٽر هاف آف هائور.
    ”سو ساري يو آر ليٽ“.


    سمبارا

    رات جو پويون پهر آھي آسمان بي سبب چمڪدار آھي ماحول ۾ ٿڌ جا ٿوهر محسوس ٿي رهيا آھن. تقريبن رات جا ٽي ٿي چڪا آھن, رات جي تاريڪي ۽ اُن تاريڪي منجھ محبوبه جو گڏ ھجڻ حُسناڪ پل آھي, اهڙو پل جيڪڏھن وس ۾ ھجي ته اُن پل جي حال تي ريزيوم جو بٽڻ ڌٻائي ڇڏجي ۽ ھميشه لاءِ اُن پل کي مصور جي تصوير ۾ بند ڪري ڇڏجي.
    سنسان رستو آھي مان ۽ سمبارا اُن رستن تي رات جي تاريڪي ۾ رُلي رهيا آھيون چنڊ جي چانڊوڪي سبب رستا روشن آھن, رستن تي ڪو به گوڙ يا شورشرابو وغيره ناهي, صرف ڏيڏرن ۽ جيت جڙھن جي وڙندڙ آواز کانسواءِ,، ڄڻڪ اُهي آواز هن حُسناڪ ماحول کي بيڪگرائونڊ ميوزڪ ڏئي رهيا آھن.
    اسان ٻنهن جو هٿ هٿ ۾ آھي اسين هلندا رهون ٿا, پوءِ سمبارا چوي ٿي...
    ”سرمد مان ٿڪجي پئي آھيان بهتر اهو آھي ته هاڻي ڪٿي ويهي ساھڙي پٽجي.!
    اسين رستي جي پاسي تي ويهي رهياسن, سمبارا پنهجو مٿو ٿڪاوٽ جي ڪري منهجي ڪلن تي رکيو ۽ ڪجھ ڌير خاموش رھڻ کانپوءِ چيائين...
    ”سرمد چنڊ ڏسين ٿو؟
    مان سندس چهري ڏانھن ڏسندي چيو...
    ”ها تمام ويجهو آھي ۽ چمڪي رهيو آھي مان سندس سُڳنڌ محسوس ڪري سگهان ٿو.
    ”پر سرمد ڏس نه چنڊ ۾ به هڪ خامي آھي!
    چيم...”ها بس ڪجھ ضدي آھي.
    ”نه نه سرمد, چنڊ ۾ ته داغ آھي.
    چيم....”نه با با چنڊ ۾ ته ڪو به داغ ناهي!
    ”اڙي يار غور سان ته ڏس بابا.
    چيم...”بلڪل صدين کان ئي ته کيس ڏسي رهيو آھيان.
    سمبارا تڪڙائپ ۾ منهن ڪُلهي تان هٽائي مونڏانھن ڏٺو, ھن جي چهري منجھان نادانيت پئي ظاھر ٿي هن منهجي کاڄي مان پڪڙي چيو...
    ”ڏس چرٻٽ آھي نه چنڊ ۾ داغ.
    چيم... ”اڇا ته اُن چنڊ ۾ داغ آهي.!
    ”سرمد باقي چنڊ ٻه آھن ڇا؟
    ”ها نه, سمبارا چنڊ ٻه آھن هڪ داغ وارو ٻيو بنا داغ وارو،, داغ واري کي تو پئي ڏٺو ۽ بنا داغ واري کي مون پئي ڏٺو.
    ”لکيڪ آھين سرمد تڏھن ته لفظ پيو ٺاھين.
    چيم...”ليک ضرور آھيان پر توتي لفظ ٺاھي ناهيان سگهندو.
    ”ڇو ڀلا سرمد مون تي لفظ ڇو ناهين ٺاهي سگهندو؟
    چيم... ”اُهو اُنڪري جڏھن به مان بند ڊائري کوليندو آھيان ۽ ھٿن ۾ قلم کڻندو آھيان, تڏھن لفظ ڊائري جي ليڪن تي قطار هنيون بيٺل هوندا آهن, جئين پوليس جي ڀرتي تي نوجوان، يا جئين اليڪشن جي ڏھاڙي پولنگ اسٽيشن جي ٻاھران ووٽر بيٺل هوندا آھن,
    بلڪل ائين ئي ادبي لفظ به تنهجي شان جي بيانيت ۾ تڪڙائپ ڪندا آھن هر لفظ چوندو آھي ته مان سرمد جي محبوب جو شان بيان ڪريان.
    ”اڇا ته اهو الميو درپيش آھي منهجي مجنُو سان.
    ”بلڪل سمبارا تنهجي سونهن الميو, تنهجيون ترڇي نگاهون الميو, تنهجا ڪاريهر وار اليمو وڏي مان وڏو الميو ته تنهجو عشق آھي, مان توتي فنا ٿيڻ ٿو چاهيان اهو به الميو اٿئي, مان تنهجي هنج ۾ دفن ٿيڻ ٿو چاهيان اهو به الميو اٿئي, سچ چوندا آهن ته مجنُو سڌائين المين منجھ اڙيل هوندا آھن. مان تنهجي عشق جي زندان جو قيدي آھيان.
    ”ٻڌ! سرمد ڪيترو چاهيندو آھين مونکي؟
    چيم... ”تنهجي چاهت ۽ منهجي ساھ جو پاڻ منجھ ڳنڀير ناتو جُڙيل آھي هر ساھ جي کڻڻ تي توکي چاهيندو آھيان, جڏھن ساھ بند ٿيو تڏھن توسان چاھ بند ٿيندو.
    ”ائين نه چو چرٻٽ خدا اڳ ۾ مونکي ماري پوءِ توکي ماري.
    چيم... ”ڳالھ ته وري به ساڳي ٿي سمبارا.
    ”ڪئين ساڳي ٿي.
    چيم... ”منهجو اڌ روح تو ۾ سمايل آھي جڏھن تنهجو روح پرواز ٿيندو ته ان سان گڏ منهجو به ته ٿيندو نه.! باقي بچندو مونوارو اڌ روح سو اڌورا روح ڪڏھن به ناهن جيءَ سگهندا.
    ”ٺيڪ آ, سرمد سائين ويڳاڻو نه ٿي مون ته بس مزاڪ ڪئي.
    چيم... ”اهڙا مزاڪ دل کي ڀوري ڇڏيندا آھن ۽ حواسن کي هينگ ڪري ڇڏيندا آھن.
    ”ساري بابا هاڻي نه ڪنديس. سرمد! هاڻي پاڻ کي هلڻ گھرجي باک ڦٽڻ تي آھي.
    چيم... ”سمبارا اهي باک ته روز ڦٽندا آھن پر اُها باک الاءِ ڪڏھن ڦُٽندي جنهن جي اوسيئڙي منجھ اکيون اُتاوليون آھن.
    ”سرمد ڪھڙي باک جنهن جي اوسيئڙي منجھ تنهجيون اکيون اُتاوليون آھن؟
    ”سمبارا اُن باک جي اوسيئڙي ۾ اکيون اُتاوليون آھن جيڪا پاڻ سان گڏ سنڌ امڙ جي خوشحالي جو سنڪيٽ آڻيندي, دريا تارو تار هوندو, ٿر جا ماڻھون سُکيا ستاڀا هوندا, جڏھن ويرو ڪولهڻ يونيورسٽي ويندي, جڏھن سنڌ جا سپوت سنڌ مٿان حڪمراني ڪندا, ۽ سنڌ جي تاريخي جايُن تان خوشحالي جا پڙاڏا اُٿندا, تڏھن اُها انقلاب جي باک ٿي ڦُٽندي, ۽ ھي منهجي سمبارا اُن خوشحال سنڌ ۾ جهومندي ۽ خوشي وچان گيت چوندي,
    ”سنڌ مُرڪي پئي, سنڌ مُرڪي پئي“,


    پنج ڏه اٿئو

    هڪ معصوم خوبصورت, پڌمڙو آواز, ڄڻڪ موسم بهار جو سنڪيت هجي, ڄڻک ڀٽائي جو ڪو ڀيت هجي, اُھو آواز مونکي روز ٻُڌڻ وٽان ملي ٿو مان جڏھن به سوسائيٽي جي هڪ هوٽل تي ماني کائڻ ڪاڻ ويندو آھيان تڏھن هو روز منهجي آڏو اچي بيهندو آھي ۽ چوندو آھي.
    ”پنج ڏھ اٿئو!
    اُهي ٽي شبد ڄڻڪ حواسن کي ھينگ ڪري ڇڏيندا آھن, ڄڻڪ ماحول جي محور ۾ گونجدا آھن, ۽ سنڌ جي قديميت کي پنهجي درد جو سنڪيت ڏيندا آھن, ۽ چوندا آھن او دودا, او هوشو او هيمو.
    ”پنج ڏھ اٿئو!
    تڏھن مان اُن معصوم جي شبدن تي شرمسار ٿي ويندو آھيان ۽ اهو اهڙو پل هوندو آھي جڏھن سنڌھي سڏرائڻ تي فخر ناهي ٿيندو, هڪ دفعي جڏھن هو روز جي معمول تحت مون آڏو آھيو ۽ چيائين...
    ”پنج ڏھ اٿئو!
    مان هن کي ڪجھ پئسا ڏنا ۽ پڇيو...
    ”پٽ تنهجو بابا ڇا ڪندو آھي؟
    هن چيو...”بابا ڪوچ ڪري ويو آهي. يعني فوت ٿي ويو آهي.
    مان وياڪل ٿي ويس ڇو ته اُن وقت مون ڀٽائي جي ڀيتن کي يتيم ٿيندي ڏٺو, مون سنڌو جي جل کي کن پل لاءِ بيهندي محسوس ڪيو ۽ مان وياڪل ٿي اُن کي چيو...
    ”اڇا ته پٽ پوءِ توهان کي ڪير سنڀاريندو آھي؟
    اُن چيو... ”مونکي امڙ سنڀاريندي آھي.
    مون چيو... ”توهانجي امڙ ڇا ڪندي آھي؟
    اُن چيو... ”اها فاٽڪ تي پنندي آھي.
    مون چيو... ”اڇا ته توهان ڪير ڪير آھيو گهر منجهه.
    اُن چيو...”مان, امان ۽ منهجا ٻه ننڍڙا ڀائر آھن مان هتي روز ايندو آھيان پنڻ ۽ امان فاٽڪ جي هوٽلن تي پنندي آھي اهڙي ريت اسانجي گهر جو گاڏو ھلندو آھي.
    مون چيو...”اڇا ٺيڪ بابا, الله خوش ڪندئي.
    هو وري ڪنهن ٻئي ٽيبل تي ويو ۽ اهو ئي ساڳيو جملو دُهرايائين.
    ”پنج ڏھ اٿئو!


    سنڌ امڙ

    مان اڪثر رات جو ڌير تائين ڪتاب پڙھندو آھيان، ادبي ڪتابن سان ڄڻڪ منهجو ڳنڀير ناتو جُڙيل آھي, مان جڏھن ڪتابن جي دنيا ۾ ھليو ويندو آھيان تڏهن پنهجي مرضي مطابق نڪري ناهيان سگهندو, ڪڏھن ڪڏھن ته بنا وقفي جي هڪ ئي هنڌ ويٺي ڪتاب پورو ڪري ڇڏيندو آھيان.
    هڪ رات ائين ئي ڪتاب پڙھي رهيو هُئس ته ڪتاب منجهان هڪ پوڙھي امڙ نڪتي. مان هڪ دم ڇرڪي ٿورو پوئتي ٿيس, منهجي حيرت ۽ خوفيت کي ڏسي اُن پوڙهيءَ چيو....
    ” ٻچڙا ڊڄ نه مان هيل تائين ڪنهن کي به نقصان ناهي پهچايو.
    مان ڪنبجدي کائنس پڇيو...
    ”تون ڪير آھين, ۽ ھتي ڇو آئي آھين؟
    اُن چيو... ”ٻچڙا, مان تنهجي ماءُ آھيان.
    مون حيرت وٽان چيو ”ماءُ...! پر امان ته توجهڙي ڪونهي.
    ”پٽ مان اها ماءُ ناهيان.
    ”باقي ڪهڙي ماءُ آھين؟
    ٻچڙا اُها ماءُ جنهن تي تون فخر ڪندو آھن, جنهن توکي ٻولي سيکاري, محبت جو درس ڏنو.
    مون چيو...”تنهجو نالو ڇا آھي؟
    ”نالو تـه سنڌ اٿم پر منجها ٻڄڙا مونکي سنڌ امڙ سڏيندا آھن.
    ”تنهجا ٻچڙا ڪٿي آھن؟
    ”منهجا ٻچڙا منهجي هنج ۾ رهن ٿا, ڪي صدين کان ننڍ ستل آھن ته ڪي وري منهجي دشمنن سان وڙھي رهيا آھن منهجي رڪشا ڪري رهيا آھن.
    ”تنهجي عمر گهڻي آھي؟
    ”جنم ڏڻ ته ياد نه اٿم پر تقريبن ست هزار سالن تائين ٿيندي!
    مان حيرت جي ور چڙھي ويس وات پٽجي ويو.
    سنڌ امڙ چيو,,, ”پٽ حيران نه ٿي تون به منهجو سپوت آھين منهجي هنج ۾ رهين ٿو.
    مون چيو... ”امڙ ڇا تون دودي جي ماءُ آھين؟”ها ٻچڙا دودو, هيمو هوشو, سورهيه, بلاول, عنايت, ٻاگُهل, اُهي سڀ منهجا اولاد اٿئي!
    اُنهن سڀنين کي دشمنن جا باز منهجي هنج منجهان کڻي ويا هئا ۽ پوءِ منهجي دشمن منهجي ٻچڙن کي ماري منهجي هنج ۾ اُڇلي ويا هئا اڄ به منهجا سپوت منهجي هنج ۾ سڪون جي ننڍ ۾ آھن ڇو ته اُنهن پنهجو فرض نڀايو آهي.
    مون چيو... ”سنڌ امڙ تنهجا دشمن ڪير آھن؟
    ”ٻچڙا مان ڪڏھن به دشمن ناهن ٺاهيا, پر جيڪو منهجي ٻچن جو ويري آھي سمجھ منهجو ويري آھي اُهي سب باز جيڪي منهجي هنج منجهان منهجا ٻچا کڻي وڃن ٿا اُهي سڀ منجها دشمن اٿئي!
    مون چيو...”سنڌ امڙ هو تنهجا دشمن ڇو آھن؟
    ”ٻچڙا جڏھن بازن مون تي وار ڪيو هو ته منهجا پٽ بازن کي بسم ڪرڻ لاءِ دودو, هوشو, هيمو, ۽ سورهيه اُٿي بيٺا هئا ۽ اُنهن بازن کي مات چکائي هئي پر ڪجھ باز منهجي بيباڪ ٻچڙن کي کڻي ويا هئا, ۽ اُهي باز اڄ به اچن ٿا ۽ منهجي هنج مان ٻچڙا کڻي وڃن ٿا پر هاڻي اُهي باز ڪبوترن جو روپ اپنائي اچن ٿا ڇو ته انهن کي خوف ورايو آھي ته اُها سنڌ امڙ جيڪا هڪ دودو جنمي سگهي ٿي تــه اُها ٻيا به دودا پيدا ڪري ٿي سگهي.
    ”سنڌ امڙ تون مونڏي ڇو آئي آھين؟
    ”پٽ جڏھن ماءُ مشڪل ۾ ايندي آھي ته سندي سپوتن ڏانھن ويندي آھي اُنڪري مان توڏي آئي آھيان.
    مون چيو.... ”منهجي جيجل منهجي سنڌ امڙ, حُڪُم ته ڪر توتي جان به قربان آھي.
    ”پٽ تو مونکي پڙھيو آھي, منهجي ابتدائي دور کان وٺي هيل تائين تو مونکي پڙھيو آھي اُنڪري هاڻي تنهجو وارو آھي ته تون مون مٿان ڦرندڙ بازن کي هڪل, ۽ سنڌ امڙ جي هنج مان انهن کي تڙي ڪڍ.
    مون چيو....”پر سنڌ امڙ مون وٽ ته نه ڪوڏر آھي نه ئي ڪهاڙي.
    ” پُٽڙا سڀ جنگ ڪوڏر ۽ ڪهاڙين سان ناهن وڙھبا. هن وقت تو وٽ ھڪ وڏو هٿيار آھي!
    ”ڪهڙو هٿيار ماتا؟ مون کائنس پڇيو...
    ”ٻچڙا هن وقت تنهجي هٿ ۾ ڇا آھي؟
    ”سنڌ امڙ منهجي هٿ ۾ ته قلم آھي!
    ”پٽ اهو قلم جيڪو تنهجي هٿ ۾ آھي انجو چنهب تلوار جي چنهب کان به وڌيڪ تکو آھي.
    ”اهو ڪئين سنڌ امڙ...؟ مون کائنس پڇيو...
    ”ٻچڙا, انجي چنهب مان جيڪي الفاظ نڪرندا آھن سي چڱي ڀلي دشمن کي سيکت چکائيندا آھن.
    ”ٺيڪ آ سنڌ امڙ جي منهجي هن قلم سان تنهجا دشمن ختم ٿيندا ته مان هن قلم جو استعمال ضرور ڪندس.
    ”پٽ ان قلم وسيلي منهجا سور منهجي سپوتن تائين پهچائي.
    ”ها جيجان هاڻي اهو ئي ازم آھي ته هن قلم وسيلي دودي جي ڀائرن کي سجاڳ ڪندس ۽ تنهجي سور بابت ٻڌائيندس.
    ”ٺيڪ آ ٻچڙا مان ھاڻ ھلان ٿي.
    ”پر سنڌ امڙ تون ڪيڏانھن وينديئنءَ؟
    ”ٻچڙا وري ڪنهن ٻئي دودي جي ڀاءُ کي پنهجو سور سڻائينديس.
    ائين ئي پوءِ سنڌ امڙ اتان هلي وئي بلڪه غائب ٿي وئي.


    مان لکندُس

    هاسٽل جي روم تي ڪُرسي تي ويٺي ادبي ڪتاب پڙھي رهيو هُئس ته اوچتو موبائل جي گنٽي وڳي پر مان ڪتاب جي گهرائي۾ گھڙيل هُئس اُنڪري گهنٽي جي وڄڻ جي ته ڄڻڪ خبر ئي نه پئي. باربار گهنٽي جي وڄڻ مونکي ڪتاب جي گهرائي منجهان گهيلي ڪڍيو, ۽ مان فون ڏانھن جٽ پٽ ئي مائل ٿي ويس, فون جي اسڪرين تي سمبارا جو نالو نظر ٿئي آيو, مون فون رسيو ڪيو ته سمبارا شروع سان ئي ڏمرجي پئي ۽ چيائين...”اڙي چرٻٽ فون ڇو نه پئي کنيئي؟
    ”سمبارا ڪتاب پڙھي رهيو هُئس!
    ”سرمد سائين ڪتابن جي دنيا مان نڪرو ۽ ڪجھ سندي فونڙي ڏانھن به نظر ڪريو.
    ”ڇا فون ڏي نظر ڪريان سمبارا، ڪمپني کانسواءِ ته ڪير ڪال ئي ناهي ڪندو.
    ”اڇا! ,هن ڄڻڪ پٽڪڙي ٽھڪ ڏني.
    مون چيو.... ”ڏيو حال حوال ڪيئن مون فقير کي اڄ ياد ڪيو اٿئو؟
    ”سرمد توکي ته سڌائين ياد ڪندو آھيان چريا تون ته روحن ۾ بسيل آھين منجهي روح منجهان صرف تنهجي سُڳنڌ ايندي آھي.
    ”سمبارا اهو ته مونکي خبر اٿم, ته تون مونکان سواءِ ويڳاڻپ ۽ وياڪلتا جو شڪار ٿيندي آهين.
    ”خبر به اٿئي چرٻٽ پوءِ به ياد ڪرڻ جا سبب پڇندو آھين.
    مون چيو... ”ٺيڪ آ بابا منهجو مطلب ڪو حُڪم حڪام.
    ”حُڪم ناهي بس سرمد، رڳو تنهجي فڪر ورايو اٿم!
    ”منهجي فڪر...!, پر سمبارا مان ته بلڪل ٺيڪ آھيان.
    ”سرمد، مان اڄ تنهجو ڪالم پڙھيو.
    ”اڇا سمبارا، ته منهجي ڪالم جو اوهان تي گهرو اثر ٿيو آھي.
    ”سرمد تون ائين ڇو لکندو آھين؟
    ”سمبارا مان ناهيان لکندو, مونکان لکرايو ويندو آهي!
    ”سرمد، ڪير لکرائيندو آھي, توکان؟
    ”امڙ!
    ”امڙ مطلب,؟
    ”سمبارا، مطلب ”سنڌ امڙ“ لکرائيندي آھي!
    ڪڏھن ڪڏھن مان قلم کي ڪپڙو ويڙھي پيتي ۾ بند ڪري ڇڏيندو آھيان, ۽ سوچيندو آھيان ته ٻيھر ڪڏھن به ڪالم نه لکندس, پوءِ جيجل آڏو ايندي آھي ۽ چوندي آھي, پٽ سرمد تنهجا ڀائر کنڀجي ويا آھن، ٻاگهل جا ڪپڙا ڦاڙيا اٿئون, دريا کي ٽُڪ ڏنا اٿئون, مان وڌيڪ سور نٿي سهي سگهان ابا منهجي سپوتن کي منهجو نياپو پڄائي ته سندي امڙ جي سار لهن هزارين سالن کان ڏکن ۽ ڏولاون سان منهن ڏنو اٿم.
    ”پرسرمد، تون ڪجھ ٻين ٽاپڪن تي به ته لکي سگهين ٿو نه!
    ”ٻيا ٽاپڪ ته کوڙ آھن سمبارا، پر مونکي انهن تي لکڻ نٿو اچي سواءِ سنڌ امڙ جي, ڇو ته ڪڏھن مون پنهجي مرضي مطابق ناهي لکيو, توکي چيو نه ته مونکان لکرايو ويندو آھي,
    ”پر سرمد جي ائين هلين ته ماريو ويندين.
    ”سمبارا، مرڻ جو ته ڪو به خوف نه اٿم, هزارين سالن کان موت سان هڪ ڳنڀير ناتو جُڙيل آھي, هر صدي ۾ ڳاڙھا ٿي ڪٺاسين ڪڏھن دودو ٿي خلجين آڏو سنڌ امڙ جي رڪشا ڪئي سين ته ڪڏھن هيمو ڪالاڻي جي روپ ۾ , مرسون مرسون, سنڌ نه ڏيسون, جا نعرا نروار ڪياسين, اُنڪري موت مون آڏو هڪ مشڪري آھي, بس خوف اٿم ته هڪڙو, ”بي سبب نه مران!
    ”بي سبب مطلب؟
    ”مطلب سمبارا، سنڌ لاءِ ڪجھ ڪرڻ ٿو چاهيان, سنڌ لاءِ مرڻ ٿو چاهيان,
    ”ائين نه چوءَ سرمد خدا نه ڪري توکي ڪجھ ٿئي, مان تو کان سواءِ ڪئين رهي سگهنديس.
    ”تون نه رهي سگهين ها سمبارا،, پر منهجي موت جو فخر توکي زنده رکندي, منهجي هزارين سال پوڙھي امڙ توکي زنده رکندي, منجهي مرڻ کانپوءِ توسان ڳالهائيندي ۽ توکي سلام پيش ڪندي.
    سمبارا تون ته روپلي جي زال وانگهر بيباڪ ٿي, مونکي سنڌپرستي جو درس ڏئي, منهجو ڪپڙي سان اوڍيل قلم کڻي مون آڏو اچ,, ۽ مونکي پنهجي هٿن سان ڏئي ميدان جنگ ڏانھن روانو ڪر, جئين قديم دورن ۾ بادشاھن جو ونيون ڪنديون هيون, تون ته منهجي سمبارا آھين, موئن جي ڌڙي جي سمبارا!
    سمبارا روئڻ لڳي, تڏهن محسوس پئي ٿيم تـه ڄڻڪ آسمان تي ڪڪر روئي رهيا هجن ”سرمد، تون ضدي آهين.
    ”ها ڇو تـه سنڌي آهيان!
    ”سرمد آخر تون ڪڏهن اهي انقلابي حرقتون بند ڪندين.
    ”سمبارا جڏهن سنڌ امڙ کي پنهجا حق ملن، ۽ جڏهن کيس روحاني سڪون ملي. تڏهن لکڻ ڇڏي ڏيندس.
    ”سرمد ڀلا لازم آهي ڇا تـه سنڌ امڙ جا سور تون لکين؟
    ”لازمي تـه ناهي، پر سنڌ امڙ مونکي پنهجي دردن جو داستان ٻڌايو آهي!
    .”مطلب سرمد، تون نه سڌرندي.
    ”سمبارا جي تون ممتا جي نڀاءُ کي اڻسڌريل ٿي سمجهين، تـه پوءِ بيشڪ مان اڻسڌريل آهيان.
    سمبارا ڪجهه سڏڪا ڀريا ۽ فون ڪٽي وئي. دل ته چيو مان به سندس سان گڏ ئي روئان پرسامهون منهجي پوڙھي ”سنڌ امڙ“ بيٺل هئي.
    سنڌ امڙ کي ڏسي مون چيو...
    ”جيجان سمبارا بيباڪ آهي، تون اُلڪو نه ڪر جيسين ماه ۾ ساه آهي تيسين لکندس... ”ها مان لِکندُس.


    مُرشِد سائين

    واٽ وتيون سندي گهر ڏانھن پئي ويس منهجو دوست جهونو به مونسان گڏ ھلي رهيو هئو, اصل ۾ جونھو, جونهو ناهي بلڪي اُن فقير جو نالو جونهو آھي شايد هو رنگ جو ڪارو آھي ۽ سڌائين اکيون ڳاڙھيون رهندون اٿس ويچارو سگريٽ به ناهي پيئندو پر پوءِ به پري کان موالي لڳندو آھي.
    خير جونهو مونسان گڏ ھو اسين واٽ سان پئي وياسن ته سوءَ سوا وِک تي اسان کي وڏيري جي اوطاق تي خلقت نظر آئي. جونهي فقير جو وات پٽجي ويو ۽ چيائين....
    ”يار لڳي ٿو ڪنهجو ٽيھجو آھي.
    مون کيس چيو..... ”نه فقير ڀُليو آهين, ٽيهجو نه ٿئي, ڪنهن وڏي منصوبا بندي لاءِ ماڻھون ڪٺي ٿيا آھن.
    جهوني چيو.... ”توکي ڪهڙي خبر ته ٽيهجو ناهي؟
    مون چيو.... ”جونها فقير اُهو اُنڪري جو اسان جي قوم جا ٽيھجا اسڪولن ۾ ٿيندا آھن هتي وڏرين جي اوطاقن تي صرف سندي ئي مفادن واريون گڏجاڻيون ٿينديون اٿئي!
    جهوني چيو... ”هائو با، پر يار ميٽنگ وري ڇا جي آھي؟
    مون چيو......”جونھا اها پڪ ته ڪونه اٿم!
    پوءِ ڀلا هلي ڏسون ته صحيع.
    ائين ئي مان ۽ جونھو فقير وڏيري جي اوطاق طرف وياسين ۽ ڏٺوسين ته سڀ ماڻھو قطارن ۾ کٽ تي ويٺل ھئا ۽ سامهون فوم وارا صوفا پيل هئا, جنهن ۾ وڏيرو ۽ ان جا مهمان ويٺل هئا اُهو مهمان مونکي ڏٺل ٿئي لڳو گھڻو ذھن تي زور ڏنو پر ياد نه ٿئي آيو شايد ڏٺي ڪجھ گڻھو عرصو ٿي چڪو هو. پوءِ مان ڀر سان بيٺل هڪ ھمراھ کان پڇيو....,
    ”ادا اُهو همراھ ڪير آھي جيڪو وڏيري جي ڀر ۾ ويٺل آھي؟
    اهو همراھ ڄڻڪ چڙي ويو ۽ چيائين....
    ”اڙي چرٻٽ انڌو آهين ڇا..؟ نباڳا تون سائين کي نٿو سڃاڻين.
    مون چيو......”پر يار ڪهڙو سائين آھي هيءَ, مان سچ ۾ ھِن کي نٿو سڃاڻان!
    اُن چيو.... ”اڙي انڌا هي اسانجو مرشد آھي ۽ ھِن تڪ جو ايم پي اي به رهي چڪو آھي,,
    مون چيو......”اڇا ها ها... بلڪل ڀائو هاڻي ياد آيو اٿم ته تووارو سائين مون پنج سال پهريان ڏٺو هو هِتڙي آيو هو وڏيري جي اوطاق تي، پر ڀائو سائين ڇو آيو آھي؟,
    اُن چيو.... ”ڇورا وڏو ڪو نباڳو آهين, سائين سالن کانپوءِ اسانجي ڪکن ۾ قدم ڀريو آھي ۽ تون چوين ٿو ته سائين ڇو آيو آھي, بڪواس بند ڪر نت لِتر کائيندين.
    اُن آدمي جي ڀڀڪن کان مان ڊڄي حيسائجي ويس ۽ چپ کڻي ڪيم پوءِ ميٽنگ جي ڪاروائي کي ٻُڌس.
    وڏيرو اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو...
    ”منهجا پيارا ڀائرو ۽ ڳوٺ واروءَ اسانجو روحاني رهبر, اسانجو سائين مُرشِد ڪروڙين قدم ڀري اسانجي هن بدبخت ڪکڙن ۾ لڙي آيو آھي, اوهان ڀائرن کي خبر آھي ته هر دفعي جيان سائين جن هن دفعي به اسانجي ئي تڪ تي بيٺل آھن, ۽ مونکي خبر آھي ته اوهان ۽ اسان پنهجي قامل مُرشِد کان ڪڏھن به پاسو مٽائي نٿا سگهون, مان ته سائين کي پهريان ئي چئي ڇڏيو هو ته قبله اسين اوهانجا ئي آھيون اُنڪري اوهان اسان ڏي اچڻ جي تڪلف نه ڪريو, پر سائين جن منهجي ڳالھ کي رد ڪندي چيو ته مونکي خبر آھي ته اوهين سب منهجا مريد آھيو, منهجي هڪ حُڪم تي سندا ڪنڌ به ڪپي سگهو ٿا پر مان پنهجي مريدن جا ڪکُ ڏسڻ ٿو چاهيان اُنهن کي پنهجو ديدار ڪرائڻ ٿو چاهيان, ۽ اڄُ اسانجو قامل مُرشِد اسانجي وچ ۾ آھي.
    وڏيري جي لمبي تقرير تي ڳوٺهاڻن تاڙيون وڄايون ۽ اُتي بيٺل هڪ ٿُلهي متاري همراھ وڏا ريحاٽ ڪري سائين جي شان ۾ نعرا هنيا پوءِ وڏيري سائين کي ڪجھ شبد ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي, ۽ سائين جن ويٺي ئي تقرير ڪئي سائين جن چيو...
    ”اسانجو ۽ توهانجو رِشتو ٻنهن جهانن جو رِشتو آھي, مونکي خبر آھي ته اوهين مونکي هر دفعي جيان هيل به کٽائيندوءَ, ڇو ته اوهين منهجا خاص مريد آھيو. ايتري ۾ ساڳئي ٿُلهي ماڻھو وري ريحاٽ ڪيا ۽ سائين جا نعرا هنيا.
    پوءِ سائين وڏيري سان گڏ سندي پراڊو ڏانھن ويو ۽ سب ڳوٺ وارا به سائين سان گڏ ھئا, صوفي کان وٺي سائين جي پراڊو تائين پٽ تي برٿ ڀريل رِليون وڇايل هيون اُنهن رلين منجها مون هڪ رلي ڏٺل ٿي لڳي. ڪجهه ڌير سوچڻ سان ياد آيم تـه سڃاتي اُها رلي منهجي ڀيڻ ٻاگُهل منهجي شادي لاءِ ٺاهي هئي کيس اُن رلي ٺاھڻ ۾ ڏھ مھينا لڳي ويا هُئس ٻاگُهل جي خواهش هئي تـه منهجي شادي تي اها رلي منهجو سيج ڪري وڇايا. ٻاگُهل منهجي پياري ڀيڻ آهي ڏاڍي هونهار آهي سندس برٿ ڀريل هڪ رلي هڪ ڪزار تائين وڪامجندي آهي پر اُن رلي جا ٻاگهل کي ٻـه هزارر ٿئي مليا پر ٻاگهل نه وڪي هئي ڇو تـه اها رلي ٻاگهل منهجي لاءِ ٺاهي هئي اڄ ان رلي تي مون بخشو, ولو,مولو موالي ۽ انهن جي سائين جا پير ڏٺا اڄ ٻاگهل جي ارمانن کي موالين ۽ لوفرن جي جوتين هيٺان لتاڙجندي ڏٺم دل تـه چيو دود بڻجي سندس ارمانن کي بچايا پر پوءِ خبر پئي تـه اها رلي وڏيري جي حُڪم تي منهجو بابا کڻي آيو هو پوءِ سوچيم تـه دودي سان سندي ڀاءُ چنيسر ڪئي پر مونسان منهجي پيءُ ڪئي.


    ٻيهر ڀٽائيءَ تي نه ويندُس

    مان گهري ننڍ ۾ ستو پيو هُئس ته اوچتو موبائل جي گهنٽي وڳي جنهن سبب مان ننڍ منجهان ڇِرڪي اُٿيس، موبائل ڏانھن نظر گمايم ته اسڪرين تي سمبارا جو نالو نظر ٿئي آيو، مان خُماريل موڊ ۾ سندس فون رسيو ڪيو...
    سمبارا ڪاوڙ ۾ چيو... ”ڇاپئي ڪيئي چٻا؟
    چيم... ” سُتو پيو هُئس سمبارا!
    هوءَ حيران ٿي ۽ پڇيائين...
    ”پر ٽائيم ڏٺو ٿئي خير ته آھي نه جو هِن مهل تائين ننڍ پيل ھُئين؟
    ”ها سمبارا خير آھي! بس يار رات ڀٽائي سرڪار جي ميلي تي ويو هُئس اُنڪري اُتان ڌير سان موٽيس.
    ”اڇا ته اوهان ڀٽائي تي ويا هيو.
    ”جي سمبارا!
    ”پر سرمد تون ته ميلن ۾ ڪڏھن به ناهين ويندو!
    ”بلڪل سمبارا! مان پهريون دفعو ئي ويو هُئس،
    اڇا ته پوءِ ڪئين رهي انجوائمينٽ مزو ته آھيو نه!
    مزي جي ته خبر ڪونه اٿم، پر عجوبه ضرور نظر ٿئي آيا، مان سوچيو هُئس ته وڃي ڀٽائي کي دانھن ڏيندس پر ڏئي نه سگهيس!
    ڇو نه ڏئي سگهين؟
    ڇو ته ڀٽائي کي ماڻھو گيهري ويٺا ھئا، وڏي رش ھئي اُنڪري مان ڀٽائي سان ملي نه سگهيس!
    ”اڇا ڀلا ڪھڙا عجوبه ڏٺئي؟
    پهريون عجوبو ته اِهو ڏٺم، ته اتان جا هوٽل ايترا تـ مهانگا هئا جو ڄڻڪ دبئي جا هوٽل هجن، ٻيو عجوبو اِهو ڏٺم ته لانگ بوٽن سان ڪجھ ماڻھون ڀٽائي جي اڱڻ تي گُمھي رهيا هئا، ٽيون عجوبو اِهو ڏٺم ته هڪ ڪارو ماڻھو وڏين مُڇن سان شيخ اياز جي قبر مٿان ويٺل هئو. مان اُن شخص کي چيو...
    ”ڀاءُ ڪجھ ته خيال ڪريو هي اسانجو قومي شاعر آھي!
    هن ڪاري متاري چيو...”هي قبر آھي ڇا؟
    ”ها ڀائو هي قبر آھي! جنهن جي مٿان توهين تپ ڏئي ويٺا آھيو.
    پوءِ اُھو ھمراھ لڄي ٿيو ۽ اُتان لهي هليو ويو، پوءِ شيخ اياز مونسان ڳالهايو...
    ”ڇا چيو توکي شيخ اياز؟
    اياز چيو...”گونجار ڪندي جا مونکان پوءِ،
    تنھن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان،
    مان ورڻو ھان، مان ورڻو هان“
    کيس چيو مانس...”شيخ هي قوم گونجار نٿي ڪرئي، بيشڪ تون هِن جندڙيءَ جو تون جهرڻو آن، پر جيڪڏهن منهجو مڃي ته وري نه ورجان، هي قوم جيڪا تنهجي قبر مٿان ويهي ٿي اُها گونجار ڪٿان ڪندي.
    پوءِ سمبارا چيو... ”اياز ورڻ کان موڙيو؟
    هِن ڪو به جواب نه ڏنو، پر مونکي خبر آھي ته هو نه مڙندو، ڇو ته اُن اياز چيو هو... ”عشق کان ڪو نٿو موڙين اڄ به، اي اياز ڪيترو نه لوڙيو ٿئي“
    جيڪو عشق کان نٿو مُڙي اُهو ورڻ کان ڪٿي مڙندو؟
    ”ڀلا ٻيا ڪھڙا عجوبه ڏٺئي؟
    ”ڪي ته عجوبه توکي ٻڌائڻ جھڙا ناهن، بس جيڪي ٻڌائڻ جي قابل هئا توکي ٻڌائي ڇڏيا، اهڙا عجوبه ڏٺم جيڪي بيان نٿا ڪري سگهجن. برهال ٻيھر ڀٽائيءَ جي ميلي تي نه ويندُس.


    ڪامريڊ

    ڀٽائي جي ميلي تان ٿڪجي سنگت سميت اچي يونيورسٽي جي پوائينٽ بس تي ويٺاسين، منهجي پوئين سيٽ تي پڙھائو خان ويٺل هو، اُهو اڳ ۾ ئي مزارن تي وڃڻ جو قائل هو. سندس چوڻ آھي ته قبرن تي گُمھڻ عجيب ڳالھ آھي، يعني جڏھن جه کيس قلندر يا ڀٽائي تي وڃڻ لاءِ چيو ويندو هو ته چوندو هو اُتي قبر ئي ته ٺھيل آھن. پر سائين جن اڄ پاڻ پرسٿت ٿيا هئا، پهريون دفعو ڀٽائي تي آيل هو.
    ”پڙھائو خان مونسان بحث جو سُر ڇيڙيو..
    ”وڏي زلالپ آھي هِتڙي، جو منهجو وس پڄي ته اِن سسٽم کي ئي بند ڪرائي ڇڏيان!
    مون چيو... ”ڀائو اِهو ناممڪن اٿئي!
    ”ڀلي ناممڪن هجي، ڀلا تون ئي ٻڌائي ته اڄ ميلي ۾ جيڪي ماڻھو آيل هئا ڇا اُهي سڀ پڙھيل لکيل هئا.
    ”پڙھائو خان سڀ ته پڙھيل لکيل نه هئا پر هي سالن کان هلندڙ تهوار آھي اُنڪري لٺ جي زور تي ڪڏھن به بند نٿي سگهندو.!
    اسين ٻئي پاڻ ۾ ڪنهن به ڳالھ تي متفق نه ٿياسين ۽ بحث جو سر ڄڻڪ ڪلاسيڪل کان فوڪ ڏانهن هليو ويو ۽ پڙھائو خان چيو...
    ”ڀلا ڇوٽو ڪامريڊ کانسواءِ پوائينٽ بس کي هلائي ته ڏيکار!
    مون چيو پهرين اوهين مونکي سندي ذھن منجھ اُڀرندڙ ڪامريڊ جو مفهوم ٻڌايو!
    چوڻ لڳو.... اُهي تنهجا وڏن مڇن وارا، جن کي گير تي شلوار پاتل آھي ۽ وڏا ڇٻا پاتل اٿن، اڃا به نه سمجهين ته اُهي جن پوائينٽ ۾ سياسي نعرا ٿئي هنيا.
    مان تعجب جو شڪار ٿيس ته ڪامريڊ جي مفهوم کي ڪئين ٿو سمجهيو وڃي,
    پر اِها هڪ تلخ حقيقت آھي ته ڪامريڊ مطلب جنهن جو ڪِنو ۽ بيانڪ منهن هُجي, آواز ۾ داٻو هجيس, پڙھائي کان وڌيڪ ننڍ ڪري صفا ويڙھاڪو ٻار هجي,,
    مون پڙھائو خان کي چيو.....
    ”ادا پڙھائو خان، جئين اوهانجي ذهن ۾ ڪامريڊ جو مفهوم اُڀريو آھي اصل ۾ ائين ڪامريڊ جو مفهوم هرگز به نه آھي! جيڪڏهن ڪامريڊ جي اصل مفهوم کي ڏسجي ته ڪامريڊ کي ديوتا سمان سمجهيو ويندو. ڪامريڊ مطلب سماج سيوڪ، ڪامريڊ مذھب جا انسان هوندا اٿئي، سندن خون ۾ انقلاب سمايل هوندو آھي، جيڪي ڌرتي تي سِر ڏين، جيڪي ننگن ۽ نياڻن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين، اُهي اٿئي اصلي ڪامريڊ، باقي جن کي تون ڪامريڊ جو لقب ڏئي رهيو آھين اُهي سنڌي ۾ لوفر ڏسبا آھن. اُنهن جي ڪنهن به افعال ۾ ڪامريڊ جو واسو ئي نٿو اچي. اُنڪري ڀائو مهرباني ڪري ڪامريڊ لفظ جي تذليل نه ڪر!
    پڙهائو خان چيو... ”پر اُنهن کي نِرڙ تي سنڌي ٽوپي پاتل آھي!
    ”پڙھائو خان، گدار جو ڪو به لباس ناهي هوندو، اُن لاءِ سنڌ جو دشمن ٽوپي اجرڪ وارو به ٿي ٿو سگهي اُن لاءِ ائين نه سمجھ ته ٽوپي اجرڪ پائيندڙ ئي سنڌ جا سڄڻ ٿي سگھن ٿا. اڄ ڏٺئي نه جن ماڻھن سنڌوءَ جي سيني تي وار ڪيا، جن جيجل جي جل جو رقم طعـ ڪيو، اڄ اسان جي شاگرد دوستن اُنهن جا پئي نعرا هنيا، ڪامريڊ صرف انسان جو نعرو هڻدو آھي، سياسي ليڊرن جو نه.، جيڪي واري وار ملڪ کي لُٽِن ٿا. اڄ تو ھڪڙو نعرو ٻڌو!
    ”ڪھڙو نعرو؟
    ”اُهو ته، وي سي صاحب! زنده آباد! اُهو نعرو اُنهن شاگردن پئي هنيو جيڪي ڪالھ پوائنٽ بس لاءِ احتجاج ۾ چئي رهيا هئا ”وي سي صاحب! مرده آباد!
    هاڻي تون ئي ٻڌائي ته اُهو ڪامريڊ ڪئين ٿو ٿي سگهي جنهجو نظريو مفاديت تي ٻڌل هجي، يا ڀلا اُهي ڪامريڊ ڪئين ٿا ٿي سگهين جيڪي سندي ئي استاد مٿان لعنتون وجهن. پڙھائو خان، سياسي پارٽين ۾ صرف واٺا ھوندا اٿئي ڪامريڊ نه!
    ائين ئي بحث ختم ٿيو ته مٿان ڇوٽو ڪامريڊ، ”ساري معاف ڪجو ڇوٽو لوفر“ جو حڪم آيو ته ڀر ۾ ڪو به دوست ننڍ ڪري ته کيس ٿپ هڻوس, اُن لاءِ منهجي چرٻٽ دوست سڄي واٽ ننڍ ڪرڻ نه ڏنو.


    زندگي

    هڪ ڏنهن دنيا جي ڪٺور ۽ ڪُڌن رسمن کان تنگدستي محسوس ٿي. جئيڻ کي بوريت پئي محسوس ڪيم. دل جي دماغ ۾ مرڻ جو خيال آھيو ۽ مان رات جي تاريڪي ۾ سُنسان رستن تي موت جي ڳولاءَ ۾ نڪتُس ڇو ته مان محبت جي ميدان ۾ بار بار شِڪسته ٿيو هُئس. محبوبن جي سورن سوگهو ڪيو هو. دلربائن جي دردن جئيڻ جا سڀ در بند ڪري ڇڏيا هئا. زندگي ۾ چِڙچِڙاھٽ ھئي، مُنهن تي سڌائين ٻارنهن وڄيل هوندا هئا.
    مان ويرانِن جي ڀياڀان رستن تي ڀٽڪندو رهيُس، سامھون ٽرين جي پٽڙي نظر ٿئي آئي، مون ۾ موت جي جُستجو خوش ٿي ۽ مان وڃي ريل جي پٽڙي تي سُمهي پيس، پر شايد دِلرُبائن جي دردن مونکا اِهو وساري ڇڏيو هو ته مان پاڪستان جو رھندڙ آھيان خير ٻن ڪلاڪن تائين ريل جي پٽڙي تي سُمهڻ باوجود به ڪو ٽرين مون مٿان نـه چڙھيو. مان چِڙچِڙو ٿي اُتان اُٿيس ۽ سِڌي رستي سان هلندو رهيس، ڳپل پنڌ جو لتاڙي ويس ته سامهون هڪ ندي نظر ٿئي آئي. درل ۾ هڪ ڳالھ اُڀري ته ڇو نه زندگي تي پاڻي هارجي، مان سِڌو اُن نديءَ طرف ويس ۽ ٿورو اتي بيٺس ۽ پاڻ مارڻ جي ارادي سان آھسته آھسته نديءَ جي اندر وڃڻ لڳُس.
    جڏھن پاڻي منهجي ڪُلهن تائين پهتو ته اُن نديءَ منجهان اِنسانوي روپ ۾ ھڪ چيز اُڀريو، سمجھ ڄڻڪ انسان ئي هيو، ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻڪ پاڻي تي بيٺل آھي، هڪ سائيڊ باھ سان سڙھيل هُئس ۽ ٻي سائيڊ چنڊ جي چانڊوڪي جيان چمڪي رهيو هُئس، مطلب جئين انسان جا ٻه پاسا آھن، ائين هُن جي ٻه پاسا هئا ۽ ٻئِي هڪٻئي کان مختلف هُئس. مان کيس ڏسي پريشان و حيران ٿي ويس، لِڱ ڏڪڻ لڳا، روح ڪنبجڻ لڳو، مان ٿوري هِمٿ جوٽائي ۽ کائينس پڇيو...
    ” اي انسانوي روپ ڌارڻ وارا تون ڪير آھين؟
    ”مان زندگي آھيان! جنهن کان تون پري بڄي رهيو آھن، لنوائي رهيو آھين.
    ”تو مونکي هميشه دردن کان سواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو! مان کيس چيو...
    ”پر اِهو ته منهجي وس ۾ ئي ڪونهي!
    ”عجيب ڳالھ آھي ته توکي توتي اختيار ڪونهي! مون حيران ٿي کيس چيو...

    ”مان انسانن جي وچ ۾ رکيل آھيان ۽ اُهي منهجي چوداري رکيل آھن، تون ھئنير ڏسي سگهين ٿو ته مونکي ٻه پاسا آھن، پوءِ ڪنهن کي منهجو ڪھڙو پاسو نظر اچي، ڪنهن کي ڪهڙو، هر ماڻھو منهجي چمڪدار ۽ روشنين سان ٽمٽار پاسي کي پاڻ ڏانھن سوريندو آھي!
    ”اڇا، جئين نيپولين ۽ هينري ڪِلنٽن تو بابت نظريا ڏِنا آھن! مون کيس چيو...
    ”بلڪل ائين ئي نيپولين دنيا جي گوڙ و شور کان پري ڪنهن پُرسُڪون ٻيٽ تي به منهجي چمڪدار پاسي کي نه ڏسي سگهيو ۽ ھينري ڪِلنٽن اڻ اکين جي منهجي سُڳنڌ کي محسوس ڪري وئي، اهڙي ريت جيڪي انسان منهجي چمڪدار پاسي کي ڏسن ٿا اُهي خُدا کان منهجو بار بار طلب ڪن ٿا، مونکي خوشيءَ سان جئين ٿا ۽ جيڪي انسان منهجي ڀاه سان سڙھيل پاسو ڏِسن ٿا، سي مونکان ڊڄي وڃن ٿا ۽ مونکان پري پري بڄن ٿا، مان کين ڀيانڪ لڳندي آھيان، اُن لاءِ تو به منهجو سڙھيل پاسو ڏٺو آھي، اُنڪري تنهجي اندر منجھ مرڻ جو شوق جاڳيو آھي.
    ”پوءِ ڀلا تنهجي ٻئي چمڪدار ۽ حسين پاسي کي ڪئين ڏسجي؟ مون کائينس پڇيو...
    اُن لاءِ تون پنهجي اندر کي ٻُھار، سڀ ڪينو ڪڍِي ٻاهر ڦِٽو ڪر ۽ پوءِ اندر کي محبت جي هوا سان ڦوڪي ڇڏ، تڏهن توکي منهجو چمڪدار پاسو ڏسڻ ۾ ايندو!
    ”پر مان ته عشق جو ماريل آھيان! سڄڻن جو ستايل آھيان,! مون کيس چيو.
    ”ها بلڪل اُن عِشق ۽ حُسناڪن جي زهريلن ادائُن هميشه منهجي پرستارن کي ڏنگيهو آھي. عشق سڌائين منهجي پرستارن کي سڙھيل پاسي ڏانھن ڌِڪيو آھي ۽ منهجي خلاف کين ڀٽڪايو آھي. اُنڪري شايد توکي به عشق مون خلاف ڀٽڪايو آھي ۽ تنهجي من ۾ مرڻ جو جُستجو جاڳيو آھي پر تو نراشان نه ٿي، مان خوبصورت به آھيان! اُنڪري پنهجي پاڻ کي ھڪ موقيو ڏي ۽ منهجي حُسناڪ پاسي کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪر. ٺيڪ آھي مان ھاڻي هلان ٿي!
    ”پر اي زندگي تو ڪيڏانھن ويندينءَ؟ مون کائينس پڇيو.
    ”وري ڪنهن ٻئي کي بچائڻ، جنهن کي تو جيان عشق ڀٽڪايو آھي ۽ هو ڪنهن ٽرين جي پٽڙي هيٺان سُتو پيو آھي، کيس تو جيان زندگيءَ جو اُلٽو پاسو ڏٺو اٿائين، اُن کي زندگي جو سڄو روپ ڏيکارڻ، ڪنهن مظلوم عاشق جي زندگي بچائڻ، کيس زندگيءَ جو صحيع سُر سمجهائڻ!
    ائين چئي زندگي اُتان گُم ٿي وئي ۽ مان مرڻ جو پروگرام رد ڪري ڇڏيو، اندر کي ٻُهاري سڀ ڪينو ٻاهر ڪڍي اُتي ئي ڦِٽو ڪيم ۽ اکيون ٻوٽي اندي کي محبت جي هوا سان ڀريم ۽ زندگي جي مطابق زنگي کي گذارڻ لڳس.
    جنهن جي نتيجي ۾ منهجي پڪش ۾ اڄ زندگي جو چمڪدار ۽ حُسناڪ حصو آھي. اُهو حصو جنهن جي سُڳند کي هينري ڪلنٽن پنهجي روحاني حواس سان محسوس ڪيو هو ۽ اُنکاپوءِ چيو هئائين. ..
    ”ڪيڏي نـه حسين آهي هيءَ زندگي“


    مُرڪندڙ خواب

    مونکي منهجا روم ميٽ روز صُبح جو سُجاڳ ٿيڻ وقت چوندا آھن ”يار تون ننڍ ۾ کِلندو آھين! مان واقُف هوندي به اِن ڳالھ جي ترديد ڪري ڇڏيندو آھيان. هو مونکي چوندا آھن ته ”سرمد توکي ڪنهن سائيڪاٽِرسٽ کي ڏيکارڻ گهرجي، شايد توکي دماغي مسئلو آھي! پر مان ڄاڻان ٿو ته مونسان ڪو به دماغي مسئلو درپيش ناهي!
    اصل ۾ مون سان هڪ عجيب الميودرپيش آھي. مان جڏھن به ننڍ جي جھان ۾ ھليو ويندو آھيان ته حسين خواب مونکي پاڻ ڏانهن گيهلي ويندا آهن ۽ اُتي پاڻ کي هڪ خوبصورت جھان ۾ ڀائيندو آھيان. چوطرف روشنين جا لاٽ ٻرندي نظر ايندا آھن، آسمان ۾ ڏيا ٻرندي ڏسندو آھيان ۽ زمين تي تارا چمڪندي ڏسندو آھيان، چوطرف پري پري تائين اڻڳڻت تارا نظر ايندا آھن، جيڪي ٽمٽار پيا ٿيندا آھن، مان اُنھن تارن جي وچ ۾ ڀٽڪندو رهندو آھيان هزارين وِک لتاڙي ويندو آھيان پر پوءِ بـه ٽنگن ۾ ٿڪاوٽ مور به محسوس نه ٿيندو اٿم. پوءِ به مان هلندو رهندو آھيان، اچانڪ سان سامهون هڪ روشن ۽ چمڪندڙ چنڊ نظر ايندو اٿم، ائين محسوس ٿيندو اٿم چنڊ جهڙوڪ ٻئين ٽئين تاريخ جو هوندو آھي.
    اُن چنڊ تي هڪ حُسناڪ حُسنِ آرا ويٺل هوندي آھي. سندس حُسن مون موهيندڙ ھوندي آهي، سندس حُسن ۾ اهڙي ته ڪا ڪشش هوندي آھي جو دل کي سيني کان پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آھي، مان اُن حُسناڪ کي ڏسي ناهيان سگهندو ڇو ته هوءَ پُٺڀري هوندي آھي مان کيس چوندو آھيان...”اي حُسناڪ، دل کي دستخ ڏيڻ واري پنهجو چهرو ته ڏيکار !
    ايتري ۾ ھوءَ مونڏانھن مونهن ڦيرائيندي آھي ۽ جڏھن مان سندس چھري کي ڏسندو آھيان، تڏھن منهجا چپ پاڻوڄاڻ وکري پوندا آھن ۽ مان ڪِري بيهوش ٿي ويندو آھيان. پوءِ ننڍ مان سجاڳ ٿي پوندو آھيان ۽ اکيون پٽجي ويندو آھن ۽ جڏهن پنهجي آس پاس دوستن کي ڏسندو آھيان، جيڪي معمول تحت ساڳيو جملو دُهرائيندا آھن. ”سرمد تون ننڍ ۾ ڇو مُرڪندو آھين.
    ”مان پاڻ ناهيان مُرڪندو، بلڪه مرڪندڙ خواب ڏسندو آھيان!


    مڌائتي محبت

    مونکي تقريبن هڪ مهينو ٿي چڪو هو. مان صنم سان رابطي ۾ نه هُئس. ڪجھ دنيا جون مصروفتيون هيون، ڪجھ پڙھائي جا ڪم هئا. هوئين تـه اسين روز ڳالهائيندا هئاسين، پوءِ جڏھن ڪم ڪار وڌي ويا ته مان هُن کي مُسلسِل مهيني کان فون نه ڪيو هو. اڄ ھڪ مهيني کان پوءِ مون صنم سان رابطو ڪيو آهي. مونکي عجيب حيرت ۽ وسوساحت ٿيا. ڇو ته صنم مونکان ڪو به سبب نه پڇيو. مان کائنس فِطرط کان بخوبي واقف هُئس. جڏھن به اسان جي وچ ۾ رابطا ڊرائپجندا هئا ته هوءَ منهجي مصروفيتن ۽ مجبورين کي سمجهندي هئي ۽ ڪو به عُزُر نه وٺندي هئي. جڏھن کائينس مان پڇندو هئس... ”صنم تون مونکي ياد ڪندي آھين؟
    تڏھن چوندي هئي....
    ”چرٻٽ اُهو پل ئي ناهي هوندو جڏھن مان توکي ياد ڪرڻ ڇڏي ڏيان، چرٻٽ جنھن ڏنھن توکي ياد ڪرڻ ڇڏي ڏيان تنهن وقت سمجهجان ته صنم ڄڻڪ هِن جهان منجهان آلاپي وئي!
    ائين ئي هيل جڏھن مان صنم کي فون ڪيو. هِن ڀيري به مونکان نه سبب پڇيائين نه ئي ڪا عُزُر ورتائين. مان سوچيو ته صنم شايد منهجي اندر جي آواز کان بخوبي واقف آھي پر هيل جڏھن مان کائينس پڇيو...
    ”صنم مونکي ياد ڪندي آھين؟
    ته هو چوڻ لڳي... ” نه !
    مان اندر منجهان ڇِرڪي پيس ۽ پڪ نه پئي ٿي مون کائينس وري پڇيو...
    ”ڇا صنم مونکي ياد ناهين ڪندي؟
    وري به چيائين...”نه!
    منهجو دل پگرڻ لڳو، جئين جون جولاءِ جي اُس تي برف جو ڪو ٽڪڙو رکيل هجي، مان سوچيو هڪ دفعو به پڇجيس من سامت ۾ اچي، شايد غصي ۾ آهي. ھوئين به شريت ۾ ٽي دفعا چوڻ سان طلاق ٿيندو آھي مون کائنس اڃا ٻه دفعا مس پڇيو ھو. مون کائينس وري پڇيو...” صنم سچي ٻڌاءِ ڇا تو مونکي سچ پچ وساري ڇڏيو آھي؟
    وري به صنم چيو... ”ھا! مون توکي وساري ڇڏيو آھي.
    ”پر ڪڏھن کان مونکي وسارڻ شروع ڪئيي!
    ”بس آھسته آھسته وسرندو وڃي ٿو! صنم جواب ۾ چيو.
    مان کيس ڇا چوان، مان شڪجي پيس، مان سوچيس پئي ته اِها محبت ناهي جيڪا مونسان صنم ڪئي آھي ڇو ته محبت ڪندڙ پنهجي پڌمڙن کي تاقيامت ياد ڪندا آھن. ڪي ته ستن جنمن جي ساٿ نڀائڻ جو قسم کڻندا آھن پر صنم جي مونسان محبت موبائل نيٽورڪ جي پيڪيج جيان آھي، جيڪا محدود مُڌت لاءِ آهي، جنهن جي مُڌت صرف هڪ مهيني تائين آھي. اڄ جي محبت کي مون ڏٺو ٿئي اُها يا تـه محبت ئي ناهي يا ٻين محبتن کان مختلف محبت آھي. ڇو ته مونکي محبت جي مهان پُرُشن جا قِصا ياد آھن. جن پنهجي محبت لاءِ ڪڏھن به وقت يا محدود مُڌت نه رکي، اُهي پيار جا پرستار جن جا ڪي فوٽو به نه آھن. صرف هُنن جا ڪي مشھور قِصا آھن. جن اڃا تائين اُنهن کي زنده رکيو آھي.
    پر صنم منهجي محبت جو ڳلو هڪ مهيني ۾ ئي ڌٻائي ڇڏيو ڄڻڪ منهجي محبت سقراط ۾ ھئي. اُن محبت جي ڪھڙي ضرورت جنھن جي عمر وڌ ۾ وڌ ھڪ مهينو هجي. اهڙي محبت کي محبت نه دل وندرائڻ چئجي، کن پل جي خوشي چئجي. مان صنم کي چيو...
    ”صنم اِهو سٺو عمل آھي جو مان توکان وسرندو ٿو وڃا، اڄ کان پوءِ مان به توکي وساري ڇڏيندس ڇو ته منهجو صنم مري چڪي آھي، جيڪا چوندي هئي. زاهد مان توکي تڏھن ئي وساري سگهان ٿي جڏھن مان مري وڃان، اڄ لڳو اٿم ته منهجو صنم هي جهان آلاپي ويو آھي، اُنڪري براءِ مهرباني آئينده مونکي فون نه ڪجو، ڇو ته اسانجي محبت جو پيڪيج ختم ٿي چڪو آھي!
    ايتري ۾ مون ڪال ڪٽي ۽ اکين جي بندن جا آواندا ٻڌڻ لڳُس، وڏا ريحاٽ ڪري رنس، روئي هلڪو ٿيس، برهال موکي اڄ سُڌ پئي آھي ته مڌائتي محبت به ڪئي ويندي آھي.


    خالي بوتل

    ٽرين جي ٿڪ ٿڪ وارو آواز فِضا مان ڦهليل آھي ۽ مان سوچ جي سحرا ۾ ٻُڏل آھيان، بِمنزلي مسافر جيان ڀٽڪي رهيو آھيان ۽ سوچي رهيو آھيان ته سمبارا الاءِ ڪئين هوندي، شايد شادي ٿي وئي هوندس، پر منهجو دل اُنهن الفاظن کان الاءِ ڇو لنوائي ٿو،
    پر وري خيال آيم ته سمبارا مونسان وائدو ڪيو هو ته سرمد مان هميشه تنهجي اوسيئڙي ۾ رهنديس. سمبارا وائدي جي پڪي ڇوڪري آھي اُن وائدو ڪيو سو اڄ اُن وائدي جو نڀاءُ ضرور ڪندي. پر وري اُن خيال کان خوف ٿيندو اٿم ته مونکي ٻاهرنهن سال ٿي ويا آھن. ۽ ڪا به ڇوڪري ايڏو انتظار نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن قسم جي خيالن ۾ ڀٽڪي رهيو آھيان.
    اصل ۾ ٻارنهن سال اڳ جڏھن مان ۽ سمبارا گڏ اسڪول ۾ پڙھندا هئاسين تڏھن سمبارا چوندي هئي...
    ”سرمد وديش وڃي مونکي وساري ته نه ڇڏيندين نـه؟
    مان چوندو هئس... ”سمبارا سرمد ساھ کڻڻ ته وساري سگهي ٿو پر سمبارا کي نه!
    ڪڏھن ڪڏھن هوءَ چوندي هئي... ”سرمد پاڻ پنهجي پٽ جو نالو ساوڻ رکنداسين!
    مان کيس چوندو هُئس... ”سمبارا تون ڄاڻين ٿي ته پنهجو مِلن مُشڪِل آھي!
    ”سرمد مان صرف تنهجي آھيان جي تنهجو نه ٿيس ته ڪنهجو نه ٿيندُس!
    پر سمبارا مان پڙھائي سانگي ٻارنهن سالن لاءِ وديش ويندُس تون ٻارنهن سال انتظار ڪئين ڪندينءَ؟
    ”سرمد تنهجي لاءِ ته مان ڪيئي جنمون انتظار ڪري سگهان ٿي! ته ٻارنهن سال ڇا آھن. هڪ ڏنھن مون سمبارا کي ائين به چيو هو ... ”سمبارا جي تون چوين ته مان وديش نه وڃا!
    پر سمبارا چيو هو.... ”سرمد منھجي محبت ڪنهن بليدان جي قائل ناهي، مان پنهجي لاءِ تنهجي ارمانن کي دٻائي نٿي سگهان، تون وديش ضرور ويندين.
    سمبارا جي مهانتا کي ڏسي مون پنهجي پاڻ کي دنيا جي خوشنصيب فرد جو لقب ڏنو هو. پوءِ مان وديش ھليو ويو هُئس ۽ سمبارا مونڏانهن هر مهيني خط موڪليندي هوئي. جڏھن مونکي وديش ۾ ڇھ سال گذري ويا هئا ته سمبارا خط لکڻ وارو سلسلو بند ڪيو. سمبارا جي اُن عمل منهجي دل ۾ ھزارين قِسمن جي وسوسن کي جنم ڏنو ۽ مان گهر وارن ڏانهن هڪ خط لکيو هو جنھن ۾ کائين سمبارا بابت پڇيو هئم پر انهن کيس ٺيڪ ڪري ڏسيو هئو.
    اڄ مان ٻارنھن سالن کانپوءِ سمبارا سان ملڻ وارو آھيان. ايتري ۾ ريل گاڏي جي پاپا منهجي خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مان دنياوي حال تي اچي پھتس. ٽرين پريم نگر اسٽيشن تي اچي پهتو مان ريل گاڏي کان هيٺ لٿس تـه هيٺ بابا ۽ امان بيٺل هئا جن سان مان پيرين پئي مليس ۽ ھيڏانهن هوڏانهن ڏٺو پر سمبارا ڪٿي به نظر نٿي آئي. وري دل ۾ ھڪ خيال جنم ورتو ته رات جو وقت آھي. متان چاچا خانڻ کيس نه ڇڏيو هجي. مان بابا وارن سان ٽانگي تي ويٺس، ٽانگو هلندو رهيو، مان اُهي جايون ڏسندو رهيس. جتي پاڻ ٻئي ملندا هئاسين. جڏھن ٽانگي دريا جو پل ڪراس پئي ڪيو ته مان ڪنارن کي ڏسندو رهيس اُتي هڪ وڻ اڃا به لڳل هو جتي مان ۽ سمبارا گڏ ويهندا هئاسين ۽ سمبارا مون کي بُسري مکڻ کارائيند هئي، اڄ اُهو وڻ ڇانگيل آھي ڪنهن سندس ڏار ڪٽي ڇڏيا آھن.
    پوءِ آخر اسين گهر پهتاسين، مان ٿورڙي ساھڙي پٽي. پوءِ امان کان پڇيم...
    ” جيجان سمبارا تـه هاڻي وڏي ٿي وئي هوندي؟
    امان چُپ ٿي وئي، چهري منجهان وياڪلتا ۽ ويڳاڻپ جا آثار نظر ٿئي آيس. مون هڪ دفعو کائنس وري پڇيو...
    ” امان سمبارا ڪئين آھي,؟
    امان ڇرڪي، ڄڻڪ ڪنهن خيال مان ٻاھر نڪتي هجي..
    ”ها پٽ سمبارا تمام وڏي ٿي چڪي آھي. وڌيڪ مان توکي صبح جو ٻڌائيندس, في الحال تون آرام ڪر ٿڪجي پيو هوندين!
    امان جي هدايت مطابق ليٽي پيس اک ٻوٽ تائين سمبارا لاءِ سوچيندو رهيس. پوءِ ننڍ جي جهان ۾ ھليو ويس. صبح ٿي مان سِڌو سمبارا وارن جي گهر هليو ويس، اُتي ڪير به نظر نه پئي آيو، مان سمبارا کي سڏڙا ڪيا پر ڪنهن به جواب نه ڏنو، مان سمبارا وارن جي ڪوٺي ۾ ويس تـه اُتي مونکي ٻُڙا ڄميل نظر ٿئي آيا مان حيران و پريشان ٿي ويس هزارين وهم دل کي وڪوڙي ويا، مان ٻاھر نڪتس ته سامهون چاچا خانڻ نظر ٿئي آيو، چاچا خانڻ جا ڪپڙا فاٽل، وار وڏا بوچ، نظر ٿئي آيا سندس هٿ ۾ ھڪ بوتل هُئس اُن بوتل ۾ سائي رنگ جو پاڻي اڌ تائين نظر ٿئي آيو. پوءِ مان چاچا خانڻ ڏانھن هليو ويس ۽ کيس چيو... ”چاچا اوهين پنهجا ڪهڙا حال ڪري ڇڏيا آھن؟ ۽ سمبارا ڪٿي آھي؟
    چاچا وڏا ٽھڪ ڏنا ۽ چيو...
    ” هوءَ سرمد جو انتظار ڪري رهي آھي، هيءَ دوا پيءُ انتظار جي دوا اٿئي!
    ڪڏھن وڏا ٽھڪ پئي ڏنائين ته ڪڏھن وري وڏا ريحاٽ پئي ڪيائين. پوءِ اُتي اسانجي اسڪول جو ماستر مُراد آيو. اُن مونکي ڏسي چيو...
    ”پٽ تون سرمد آھين نه!
    ”ها سائين، بلڪل مان سرمد آھيان توهان جو شاگرد!
    ”پٽ اِلاهي عرصي کانپوءِ پنهجي وطن وريو آھين.
    مون ماستر مُراد کان پڇيو... سائين چاچا خانڻ کي ڇا ٿيو آھي؟
    ”پٽ توکي خبر ڪونھي!
    ”نه سائين مونکي ڪجھ به سمجھ ۾ نٿو اچي!
    ”پٽ تنهجي وڃڻ جي ڇھن سالن کانپوءِ خانڻ سمبارا جي شادي ڪرائڻ ٿئي چاهي اُهو به ميرو موالي سان ميرو وارن کائينس جِريب زمين جو ڏيڻي ڪيو پر سمبارا انڪاريندي چيو ته مان شادي ڪنديس ته صرف سرمد سان، پوءِ ميرو موالي ۽ خانڻ اُن ڳالھ تان روز سمبارا تي تشدد ڪندا هئا. ايتري قدر جو سمبارا کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو هو سمبارا گهڻيون ڪوششون ڪيون پر خانڻ سندس هڪ به نه ٻُڌي ۽ ميرو موالي سان نڪاح ٿئي ڪرايائين، جڏھن شام جي وقت سمبارا سان ميرو جو نڪاح ٿي رهيو هو ”ته،
    ائين چئي ماستر مُراد خاموش ۽ وياڪل ٿي ويو، مان وري کائنس پڇيو...
    ” ته، سائين ڇا؟ ٻڌايو نه پوءِ ڇا ٿيو؟
    ”ماستر مُراد چيو... ”پٽ سمبارا زھر پي پنهجي پاڻ کي ماري ڇڏيو!
    مان دوزخ جي دريا ۾ ڪِري پيس، دنيا جا سڀ ڏکوئيندڙ درد ڄڻڪ منهجي دل تي چمڀڙي ويا ۽ مان سمبارا جي درد ۾ جلندو رهيس، منهجي اکين مان ڳوڙھا نهرن جيان وھڻ لڳا. ماستر مراد چيو... ”پٽ سمبارا توکي ڪيئي خط لکيا پر اُهي تو تائين پهچي نه سگهيا. تنهجي پيءُ وڏيري واتان پوسٽ مين کي دٻرائي ڇڏيو هو ته سمبارا جا خط سرمد ڏانهن ڊاڪ نه ڪري!
    مان ڌرتي تي ڪِري پيس ۽ زور زور سان وڏا ريحاٽ ڪيا ”سمبارا ”سمبارا! ماستر مُراد اُتان هليو ويو. مان سامهون ويٺل خانڻ خوني کي چيو...” اڙي سمبارا جا قاتل ڪٿي آھي منهجي سمبارا ؟ اُن آڱر کڻي سامهون ٿورڙو نظر ايندڙ ھڪ قبر ڏانھن اِشارو ڪيو. او هوءَ سُتي پئي آهي! نه اُٿارجانس، مونکي چيو هيائين ته صرف مونکي سرمد ئي اُٿاري سگهي ٿو!
    مان خانڻ کان اُها بوتل کسي جيڪا زهر سان اڌ ھئي، اُها بوتل کڻي مان سمبارا جي قبر تي ويس ۽ اُتي وڏا ريحاٽ ڪري چيم... ”سمبارا او سمبارا!
    تڏھن قبر منجهان آواز آيو، ”سرمد تون موٽي آيو آھين,!
    ”ها سمبارا مان موٽي آھيو آھيان توساڻ جئيڻ لاءِ اُٿي سمبارا اُٿي.
    ”پر سرمد مان خدا جا قانون نٿي ٽوڙي سگهان، مان نٿي اُٿي سگهان!
    ”پر سمبارا تو ائين ڇو ڪيو؟
    ”مان توکي چيو هو نه، ته سرمد جي سمبارا تنهجو نه ٿي سگهيس ته ڪنهجو بـه ڪو نه ٿيندس، پوءِ ڪيئن وائده خلافي ڪيان ها!
    ”پر سمبارا مان به توکان سواءِ هاڻ جئيڻ نٿو چاهيان!
    پوءِ ساگر هليا ته سچي جهان ۾ پنهجو ڪو نئون جهان جوڙيون!
    پوءِ مان اڌ زهر سان ڀريل بوتل مونهن تي چاڙهي ڇڏيو ۽ ڇھ سال اڳ بچايل اڌ بوت کي خالي ڪري ڇڏيو. آھسته آھسته منهجيون اکيون بند ٿيڻ لڳيون ۽ منهجو روح سمبارا ڏانهن هليو ويو، بس جي اِن ڪوڙي جهان ڪجهه باقي بچيو تـه اُهو هڪ خالي بوتل بچيو جنهن آخر ۾ مونکي ۽ سمبارا کي پاڻ منجھ ملايو.


    محنت جو ڦل مٺو آهي

    سرمد يونيورسٽي ۾ پڙھندو هئو. اديبن ۽ باگين جي يونيورسٽي ۾ پڙھندو هو، انقلابي دوستن جي ثحبت کيس باگي بڻائي ڇڏيو هو، تاريخ جو چڱو ڀلو مطالعو ٿيل هُئس. ايتري قدر جو پاڻ به ڪڏھن ڪڏھن لکندو هو، سندس بيڄي ۾ انقلاب جو ڀوٽ سوار ٿي ويو هُئس، چي گويرا ۽ لينن کي پنهجو مُرشِد بڻائي ڇڏيو هُئائين، سڌائين ڌرتي جي حقن ۽ حاصلات جي ڳالھ ڪندو هو، باقائده سنڌ پرست بڻجي چڪو هو.
    جون جولاءِ ۾ کيس يونيورسٽي کان به موڪلون مليون ته سرمد پنهجا ڏاوڻ کڻي گھر پھتو۔ سرمد جو پيءُ بخشڻ ھڪ پورهيت هو. سيٺ سوني وٽ ٻني ٻارو گِروي رکي سرمد کي پڙھايائين پئي. سرمد جڏھن گھر پهتو تـه اُن وقت پوري ملڪ ۾ اليڪشن ٿيڻ تي هئو. اُن ڪري هر واٺي جي وات تي سياسي نعرا ۽ ھوٽلن تي ”ڪير کٽيندو ڪير هارائيندو جا چهچٽا جاري هئا. سرمد پنهجي دوستن سان گڏ اڪثر شام ويلي هوٽلن تي وڃي وات ويڙهائيندو هئو. سرمد سياست کي گندي نالي جو ڪيڙو سمجهندو هئو. کيس سياستدانن کان قِرب وٺندي هئي.
    اهڙي ريت معمول جي تحت هي ۽ سندس ڪجھ دوست ولو وائڙي جي هوٽل تي وڃي ويٺا اصل ۾ ولو وائڙو ٿي ويندو ھو تنهن ڪري کيس ماڻھون ولو وائڙو سڏيندا هئا. ولو وائڙو آرڊر وٺڻ لاءِ آيو ۽ پڇيائين...
    ”جي سائين حڪم ڪيو! ٿڌو يا گرم.
    سرمد جي دوستن آرڊر ڏنس ته... ”بابا ولو وائڙا ڪو ڪڙڪ چانھ پيار!
    ولو سندي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ڀر ۾چار پنج ڄڻا وڏا ريحاٽ ڪري رهيا هئا. هڪڙو چئي رهيو هو ته..
    ”هن ڀيري سائين ڪرامت شاھ کٽيندو ۽ ٻيو چئي رهيو هو.. نه با ڀليو آن سائين سچو شاھ کٽيندو!
    ائين چئي وڏا ريحاٽ ڪري رهيا هئا. سندن نِڙي مان رڳُون سِيٽِيل نظر ٿئي آيون. همراھ صفا ڳاڙھا ٿي ويا. سرمد کي اهڙين ڳالهين کان هميشه اِلرجي هئي. کيس دپ ايندو هئو. سرمد سندي دوست ساگر کان پڇيو...
    ”يار هي جيڪو پٽڪي سان وڏا ريحاٽ پيو ٿو ڪري، ڪير آھي؟،
    ساگر ڇيو...”سرمد هن کي نٿو سڃاڻين!
    ”ادا ڪھڙو نيلسن منڊيلا آھي جو مان سڃاڻانس! ساگر وراڻيو.
    ”ادا اِهو وڏيري هڙپائو خان جو خاص ماڻھون اٿئي.
    سرمد چيو..”اڇا ته نالو ڇا اٿس ؟
    ”ادا نالو اٿس چمچڻ خان! ساگروراڻيو!
    پوءِ سرمد چمچڻ خان ڏانهن مُخاطب ٿيندي چيو...
    ”چاچا چمچڻ خان ڇڏيو اِن بحث کي توهان کي ڇا مليو؟ يا ڇا ملندو؟ جو اجايو هڪ ٻئي مٿان پيا اُڀا ٿيو!
    چمچڻ ڪاوڙجي ويو ۽ چيائين.... ”اڙي ڇورا تون ڪير ٿيندو آھين، اسان وڏن جي وچ ۾ ڳالهائڻ وارو؟
    ”سرمد چيو چاچا... ”مان يونيورسٽي ۾ پڙھندو آهيان سڀ سمجهان ٿو ته اِهي سياسي حڪمران اسان کي بيوقوف بڻائي رهيا آھن!
    اُن تي چمچڻ چيو...”اڙي تڏھن چوءَ نه ته تنهجو مٿو خراب يونسٽي ۾ ٿيو آھي. اڙي چار اکر ڇا پڙھيا اٿئي پاڻ کي اسان کان وڌيڪ ڏاھو ٿو سمجهين. اسان جي پيرن ۽ سردارن جي خلاف ٿو ڳالهائين، وڏن سان وات ٿو ويڙھائين، وات ڳاڙھا ڇورا! اڙي آھين ڪنهن جو پٽ؟
    سرمد جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو سندس چهري مان ڪاوڙ جا آثار ٿئي نظر آيا، غصي جي سمنڊ کي ڪتابن ۽ علم جا بند روڪيون ويٺا ھُئس، ايتري ۾ ولو وائڙي چمچڻ خان کي ورندي ڏيندي چيو....
    ”چمچڻ خان هي سرمد پاڻ واري بخشڻ جو پٽ آھي!
    اُنتي چمچڻ خان وِچ ڪندي چيو...
    ”اڙي پڻهين بخشو ته ڏاڍو ڀلو آهي پوءِ تون ڪنهن جي ٻِج جو پيداوار آھين؟
    ان جملي سرمد جي اندر غُصي جي سمنڊ آڏو علم جا ٺھيل بند ٽُٽي لڙي ويا ۽ سرمد ڪُرسي کڻي چمچڻ خان تي اُڀو مس ٿيو ته کيس دوستن ڀاڪر ۾ جھلي ورتو پر چمچڻ خان جي ڄاڙي ڄڙ ڄڙ ڪندي رهي ڪاوڙ منجهان اُتان اُٿي هليو ويو. سرمد کي سندس دوستن ٿڌو ڪري کيس گهر ڀيڙو ڪري ويا. سرمد جڏھن گهر پهتو ته سندي پيءُ کي وياڪل ڏٺائين، مٿي تي هٿ رکيل پريشان نظر ٿئي آيس. سرمد سِڌو ڪمري ۾ ويو ۽ سندي ڀيڻ ٻاگهل کي گهرايائين ۽ پڇيائين...
    ”ادي ٻاگهل بابا ڇو پريشا ويٺو آھي؟
    ”ادا سڄو ڪمال تنهجو آھي، پوءِ به پڇين ٿو!
    ”پر منهجي ڀيڻ مونکي ڪا خبر ڪونهي ادي!
    ”ادا توکي ڪھڙي ضرورت هئي چمچڻ خان سان ڏند چڪ ڪرڻ جي؟
    ”پر ادي ان ڄٽ مونکي گاريون پئي ڏنيون!
    ”ادا اسان غريب آھيون، چمچڻ خان وڏيري جو خاص ماڻھون آھي، ڀلا جي گاريون ڏنائين پئي ته تون ئي کڻي مُڙي وڃي ها!
    ”واھ ادي واھ ! اڄ خبر پئي اٿم ته نالي رکڻ سان ڪو ڪردار ناهي موٽندو، نالو ته ٻاگهل اٿئي پر ٻاگهل جھڙي آھين ڪانه اڄ ته تو مونکي گهڻو ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو!
    ”منهجا ڀاءُ اُھا ڳالھ ناهي،! اُها ٻاگهل دودي حڪمران جيڪو سومرن جو سردار هو هوءَ اُنجي ڀيڻ ھئي پر مان بخشڻ پورهيت جي ڌيءَ آھيان سرمد انقلابي جي
    ڀيڻ آھيان جنهن جي هٿن ۾ قلم بندوق کان وڌ سونهارو لڳي ٿو!
    ”پر ادي بابا ڇو پريشان ويٺو آھي؟
    ”ادا وڏيري هڙپائو جو ڪمدار ڪهاڙو آيو هو اُن بابا کي دهمان ڏيندي چيو ته... ”وڏيري هڙپائو خان سڀاڻي صبح سان توکي تنهجي پٽ سوڌو سندي بنگلي تي گهرايو آھي.
    بابا جي پڇڻ تي ڪهاڙي خان توڏي ڏوھ ڌريندي سڀ ڪجھ باباکي ٻڌائي ڇڏيو، اُن لاءِ بابا پريشان ويٺو آھي.
    سرمد سڄي رات ننڍ نه ڪئي ۽ بستري تي ڦٿڪندو رهيو باک ڦٽي، صبح ٿيو، ٻئي پيءُ پٽ وڏيري هڙپائو جي اوطاق ڏانھن روانا ٿيا. جڏھن هي اوطاق تي پهتا ته کين هڪ وڏو ميڙ نظر ٿئي آيو. ڄڻڪ سڄو راڄ ڪٺي ٿيو ويٺو هو،
    وڏيري جي حڪم تي ٻئي ويٺا، وڏيري چيو....
    ”بابا ٻئي ڌُريون هِتڙي پهچي چڪيون آھن، هاڻي منهجو فيصلو اِهو آھي ته بخشو جو ڇورو سڄي راڄ جي سامهون چمچڻ خان جي پيرن سان پنهجو نڪ رڳڙي. نت ٻي صورت ۾ بخشڻ کي ڏنڊ ۾ پنهجي ڌيءَ ٻاگهل جو سڱ چمچڻ کي ڏيڻو پوندو!
    سرمد داهيندي چيو....
    ”پر وڏيرا! چمچڻ مونکي گاريون ڏنيون ھيون تڏھن مان کائينس مٿان اُڀو ٿيو هئس،
    وڏيري چيو...
    ”اڙي ڇورا جي چمچڻ توکي گاريون ڏنيون به آھن ته خير آھي چمچڻ تنهجي پيءُ جيڏو آھي توکان وڏو آھي، اڙي چار اکر ڇا پڙھيا اٿئي وڏڙن جي عزت ڪرڻ وساري ويٺو آهين، جيڪو مون فيصلو ٻڌايو آھي اُهو ڄڻڪ پٿر تي ليڪ آھي“
    سرمد چپ مس چوريا ته سندس پيءُ ڪُلهي تي هٿ رکي چيو...
    ”پُٽ سرمد نه وسار ته اسين غريب آھيون...
    سرمد پيءُ جي ويڳاڻپ ۽ وياڪلتا کي ڏسي سوچڻ لڳو ته اُنهن ٻن آفشن منجهان ڪھڙو کڻجي؟ ڪاش ٻاگهل مان دودو هجان ها ته ننگ به نه ڏيان ۽ عزت به نه وڃايان ها، ڪائنر آڏو سر نه جهڪايان ها پر ٻاگهل تنهجو ته صرف نالو ٻاگهل آھي ڪهڙي تون ڀونگر خان جي ڌيءَ آھين تون ته بخشو پورهيت جي ڌيءَ آھي، تنهجو ڀاءُ ڪو حاڪم ۽ سومرن جو سردار ناهي بلڪه تنهجو ڀاءُ ته سرمد غريب آھي جيڪو ڪٽ به دوستن جي پئسن جو پئندو آھي، منهجي ڀيڻ، مان تنهجي خاطر پنهجي عزت جو بليدان ڏيندس، ڀل مان دودو ناهيان ته ڇاٿي پيو، ڀل تون ڀونگر خان جي ڌيءَ ٻاگهل ناهين ته ڇا ٿي پيو، پر پوءِ به هن سنڌ امڙ جو سچو سپوت ضرور آھيان، پنهجي ڀيڻ ٻاگهل جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻان ٿو.
    ”سرمد پٽ!
    پي جي حيسايل آواز سرمد کي خيالن جي دنيا مان وڏيري جي ڪٺور پنچائت تي پهچايو
    سرمد تڪڙائپ ۾ سندي پيءُ ڏانھن مخاطب ٿيندي چيو...
    ”جي بابا!
    ”پٽ سرمد ڇا سوچيو اٿئي ٻاگهل کي قربان ڪندين يا پنهجو بليدان ڏيندين؟
    ”بابا اوهان جي خيال ۾ ڇا آھي؟
    ”پٽ منهجو ته جنازو ٻنهين جي آبرويت جي لتاڙ سان گڏ کڄندو!
    ”بابا گناھ مان ڪيان ۽ لوڙي ٻاگهل، ائين نٿو ٿي سگهي، بابا مان نڪ رڳڙيندس.
    پوءِ سرمد فيصلي جي مطابق راڄ وارن آڏو چمچڻ خان جي پيرن سان نڪ رڳڙيو، اُن وقت ائين محسوس ٿئي ٿيس ڄڻڪ ادبي ڪتاب ڪنهن جاھل چرٻٽ جي پيرن تي ڪِيريا هجن، ڄڻڪ انقلاب جو چِتاءَ جلي رهيو هجي. اهڙي عمل کانپوءِ سرمد ڄڻڪ صفا سُن ٿي ويو، ڄڻڪ قوما ۾ ھليو ويو هجي، اُن وقت گهر پهچي پنهجو ٿيهلو کڻي ڪراچي روانو ٿيو، پنهجا سب رابطي جا رستا بند ڪري ڇڏيائين، گهر وارن سان ڪو به رابطو نه ڪيائين، ٻه سال گذري ويا ته بخشڻ کي خبر پئي ته ريل گاڏي هيٺان چچريل هڪ لاش مليو آھي جنهن جي خيسي مان سرمد جو پرس نڪتو آھي جنهن منجهه سرمد جا ڪاغذ پيل آھن. اُن لاش کي تقريبن چار ڏنھن ٿي ويا آھن جو سرد خاني منجهه پيل آھي ۽ سندس ڪي به والي وارث ناهن جاڳيا اهڙي ريت بخشڻ اُن لاش کي سندي گهر کڻائي آيو ۽ آخري رسمن ساڻ مٽي ماءُ حوالي ڪيائي. بخشڻ ۽ ٻاگهل سرمد جي ياد ۾ سڙندا رهيا.
    ھاڻي تقريبن سرمد جي قصي کي پنج سال ٿي چڪا هئا، ٻاگهل جي شادي سرمد جي دوست ساگر سان ٿي چڪي هئي، کيس ھڪ سال جو ٻار به هو، بخشڻ به سندي نياڻي سان گڏرهندو هو ڇو ته ٻاگهل کانسواءِ سندس ڪو به سهارو نه هو، ائين ئي هڪ ڏنهن جڏھن ساگر گهر آيو ۽ چلھ تي ويهي رهيو جتي اڳ ۾ ئي سندس وني ۽ سهرو ويٺل هئا، ساگر چيو...
    ”چاچا بخشڻ اوهان لاءِ ھڪ خوشخبري آندي اٿم!
    ”ابا ساگر، سرمد کانپوءِ منهجي خوشين جو کاتو ڄڻڪ خالي ٿي ويو آھي تو الاءِ ڪٿان هٿ ڪئي آھي اِها خوشخبري.
    ”چاچا چوندا آھن ته الله جي لٺ بي آواز آھي، اهڙي ريت وڏيرو هڙپائو خان هاڻي سوگهو ٿيو اٿئي!
    جائي پٽ، پر اُهو ڪيئن وري؟
    ”چاچا (اي ايس پي) صاحب جي همٿ سان غريب نواز جو خون مٿانس ثابت ٿيو آھي!
    ”اڇا پٽ ڪير آھي اُهو اي ايس پي؟
    ”چاچا اِها خبر ڪونه اٿم، پر ٻُڌو آھي ته وڏو ڪو ايماندار آھي!
    ”پٽ الله ڏنهن ڏيس جو اهڙي قاتل درنڌي کي سوگهو ڪيائين.
    ”چاچا ٻڌو آھي ته شام پاڻ ايندو وڏيري هڙپائو خان کي گرفتار ڪرڻ .
    ”پٽ پوءِ تون شھر وڃ ھڪ هار وٺي اچ، جئين مان شام جو اُن مهان فرشتي کي پارايان!
    ائين بخشڻ جي چوڻ تي ساگر شهر مان هار وٺي آيو ۽ پوءِ شام جو ٻئي ڪٺي ٿي وڏيري جي اوطاق ٻاھريان وڃي بيٺا جتي اڳ ۾ ئي وڏا هجوم هئا، ماڻھو شايد تماشو ڏسڻ آيا هئا.
    ائين ئي يويو جو آواز فضا ۾ تيزي سان گونججڻ لڳو، ته سامهون پوليس جون پنج موبائلون ۽ وچ ۾ گلوب لڳل هڪ ڪارو پيڄارو نظر ٿئي آيو ، لوڪ کان ڪجھ وکن تي اُهي سڀ گاڏيون اُتي ئي بيهي رهيون ۽ سڀ پوليس وارا موبائلن تان لهي (اي ايس پي) کي پروٽوڪول ڏيڻ لڳا، پوليس جي جوانن چوءَ طرف چئين ٺاهيو هيڏانهن ساگر ۽ بخشڻ کي (اي ايس پي) جي ٽوپي نظر ٿئي آئي، هو آھسته آھسته هنن جي قريب ايندو ويو ۽ بخشڻ جي ڀر ۾ پهچي پوليس جوانن جو ٺھيل چئين اُتي ئي بيهي رهيو، ۽ (اي ايس پي) بخشڻ جي پيرن تي ڪِرِي پيو، بخشڻ تڪڙ ۾ جئين (اي ايس پي) کي ڪُلهي کان وٺي مٿي کنيو ۽ سندس چهرو ڏٺو ته بخشڻ اُتي ئي سُن ٿي ويو، ڄڻڪ حواس هينگ ٿي ويا هُئس ۽ اکين منجهان لڙڪن جا بند بي پناھ وھڻ لڳُس ۽ پوءِ چپن ۾ مُسڪراهٽ سمائجي ويس ھاڻي (اي ايس پي) کي زور سان ڳلي لڳائي چوڻ لڳو...
    ”سرمد تون زنده آھين! سرمد تون زنده آھين!
    پوءِ ساگر به کيس چنڀڙي ويُس، ٻنهين جي اکين منجهان لڙڪ لڙندا رهيا، پوءِ بخشڻ سرمد کي هار پارايو، سرمد چيو بابا سائين اوهين هِتڙي ئي بيهو ته هڪ درنڌي کي هٿڪڙيون پارائي اچان، پوءِ سرمد وڏيري کي هٿڪڙيون وِجهي ٻاهر گيهلي آيو، وڏيرو پنهجي ڪيئي تي پڇتائي رهيو هو ۽ بخشڻ جي پيرن تي نڪ رڳڙي چيائين...
    ”بخشڻ خدا جو واسطو اٿئي سرمد کي سمجهائي ته مونکي معاف ڪري.
    ائين ئي سرمد وڏيري کي پوليس حوالي ڪري ٿاڻي ڏانهن روانو ڪري موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ پنهجي سرڪاري گاڏي ۾ بخشڻ ۽ ساگر کي ساڻ ڪري سندي پراڻي ۽ پيءُ جي گهر پهتو جتي کيس ٻاگهل جي اکين ڏسي لڙڪن جا بند ٽوڙي ڇڏيا ۽ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڀاڪرن ۾ پئجي ويا، پوءِ جڏھن بخشڻ چيو....
    ”ساگر پٽ پر تون هئين ڪٿي؟
    ”بابا مان گهر کان نڪري ڪراچي ڪمپني ۾ وڃي بيٺو هُئس ۽ اُتي رات جو ڪمائيندو هُئس ڏنھن جو پڙھندو هُئس، ٻه سال اُتي پڙھيس ۽تقريبن ٻه لک روپين تائين ڪمائي ويس، پوءِ سي ايس ايس ڪرڻ لاءِ روانو ٿيس ته ٽرين اسٽيشن تي ڪو بشني منهجو پرس چرائي ويو، پوءِ مان لاهور ويس، محنت ڪئي، ۽ سي ايس ايس پاس ڪيو، ٽريننگ ڪئي، بس انتظار هو ته منهجي پوسٽنگ منهجي ضلعي ۾ ٿئي جئين مان پنهجي تذليل جو بدلو وٺي سگهان، ھاڻي اوهان سڀين جي آڏو آھيان!
    ”پر پُٽ اسان سان رابطي ۾ ته رهي پئي سگهين نه ؟
    بابا بي عزتي کان پوءِ مان ڄڻڪ قومان ۾ هليو ويو هئس دل ڄڻڪ پٿر جو ٿي ويو هو، اڄ جڏھن تنهجو ڳاٽ اوچو ڏٺم ته قوما کان آزاد ٿيوآھيان، ائين ئي سرمد پنهجي ڀيڻ سميت پنهجي پيءُ کي کيس سرڪار طرفان مليل بنگلي ۾ رهايو، سرمد جي ڪارڻ بخشڻ ھڪ پورهيت مان ڳوٺ جو وڏيرو ٿي ويو، ماڻھون ڏانهس اچڻ لڳا، ۽ بخشڻ ڳوٺ جا فيصلا ڪندو هو، اهڙي ريت چوند آھن ته محنت جو ڦل مٺو آھي.


    خانو خوني

    خانو خوني تازو ئي جيل مان آزاد ٿي آيو آھي. کيس هرڪو کيڪاري مِليس ٿو، خانو خوني جا شھپر وڏا ۽ چونمبدار آھن، ڏاڙي به وڏي اٿس، وڏي روب سان ٿو هلي، وڏا وک ٿو هڻي، هر ڪو سندس ڀر مان لنگدڙ سلام ٿو ڪريس. مان به کيس تڪي رهيو آھيان ۽ سوچي رهيو آھيان ته ماڻھون هِن کي سلام ڇو پيا ڪن. ھي حج تي ويل هو ڇا يا ڪو ايم اين اي، ايم پي اي ٿيو آھي پر خانو خوني ته سنٽرل جيل مان آزاد ٿي آھيو آھي، مان حيران و پريشان آھيان ته مُڙس جيل ڀوڳي آھيو آھي پوءِ به روبت ڪا نه وئي اٿس. اصل ۾ جيل ڀوڳي ڪونه آيو آھي کيس پئسن تي آزاد ڪرايو ويو آھي. وڏي آڪڙ اٿس جيڪو گناھ ڪيو هئائين ان جو ته ڄڻڪ احساس ئي نه اٿس ويتر اڃا مٿي تي مڳي چڙھي ويو اٿس.
    اصل ۾ جڏھن کان خانو خوني جيل مان آزاد ٿيو آھي تڏھن کان ماڻھون کيس خانو بدران خان سڏين ٿا. پر منهجي لاءِ اڃا به خانو خوني آھي ڇو ته مان اُن معصوم کي پنهجي اکين سان فٿڪندي ڏٺو هو جيڪي خانو خوني جي هٿان قتل ٿي هئي. اصل ۾ ھي ڳالھ ڏھ سال پهريان جي آھي جڏھن خانو خوني جي پيءُ جا ڪجھ پاڙيسرن سان تڪرار هئا ڪي تڪرار زمينن تان هئا ته ڪي وري پاڻي جي وارن تان، مطلب ملڪيتي تقرار هئا. تڏھن خانو خوني هڪ ڳڀروھ ڇوڪراٽ مس هو کيس ڏاڙھي اڃا ساول هُئس, پر هيو صفا ندورو ڄٽ، اُنڪري ڪجھ ماڻھن ڏٽا ٿئي ڏنس ته ”اڙي خانو تنهجي ڀيڻ نِڌڻڪي ولو سان کريل آھي! ڪالو وارن پنهجي اکين سان سڄو لقاءُ ڏٺو آھي اھڙي ريت شيطان پرستن ولو کي ڏٽا ۽ پوز ٿئي ڏنا. جنهن سبب سماجي غيرت ولو جي اندران ڀڀڪا ڏئي اٿيو.
    صفا غيرت مٿي تي چڙھي ويس همراھ ڪاوڙ منجهان سِڌو سندي گهر پير پاتا ۽ گهر جي ڪوٺي ۾ ڀِت تي ٽنگيل دونالي بندوق لاٿائين ۽ پنهجي ڀيڻ نِڌڻڪي کي چيائين ”نه ويندينءَ نِڌڻڪي تو اسانجي غيرت کي لڄايو آهي!
    جييسين خانو بندوق ۾ گوليون ٿئي وِڌيون تيسين نِڌڻڪي بڄڻ جي ڪئي، بڄي ڀِت ٽپڻ جي ڪوشش ٿئي ڪيائين ته خانو خونيءَ سندس پُٺي تي گوليون وهائي ڪڍيون ويچاري نِڌڻڪي واريءَ تي فٿڪندي رهي پر ڪير کڻڻ وارو ڪو نه هُئس ڇو ته پنهجي گهر وارا ئي دشمن هُئس. گولين جي آواز تي پاڙي وارا خانو وارن جي گهر ڏي بڳا ۽ مان به اونڏانھن ئي ڊوڪندو ويس اُتي مون نِڌڻڪي کي واريءَ تي فٿڪندي ڏٺو. اُنکانپوءِ نِڌڻڪي مري وئي ڇو ته نِڌڻڪي جو هئي.
    پوءِ خانو خوني کي جيل ٿيو. نِڌڻڪي جو نه ڪو ختمو ٿيو نه ئي دورود رهندو خانو خونيءَ جا مائٽ سندي ڌيءَ کي وساري خانو خوني جي آزادي لاءِ جاکوڙيندا رهيا ايتري قدر جو نِڌڻڪي جي خون کي اهڙو ڊرامو ٺاهي پيش ڪيو هائون جو چڱو ڀلو لکيڪ نه ٺاھي سگهي. وڏي ڳالھ ته اِها هُئي جو نِڌڻڪي جي ماءُ خانو خونيءَ جي ماءُ ٿي بيٺي ۽ خانو خوني جي پڪش ۾ بيان ڏنائين، ڏه سالن کانپوءِ خانو خوني اڄ آزاد ٿيو آھي ۽ وڏي روبيت ۽ آڪڙ سان وڏا قدم کڻي ڳلو کولي ڌرتي مٿان هلي ٿو. ڄڻڪ ڪو حج ڪري آيو آهي. ماڻهون کائنس ڊڄن ٿا. ڪي تـه وري کيس مبارڪون بـه ڏينس ٿا. ڪي تـه شيطان پرست کيس ائين بـه چونس ٿا...
    ”واه خان واه ! يار واقعي ئي قندار آهين، غيرت وارو ڪم ڪيو هيئي. وڏو ڪو جوان آهين خان!
    “پر منهجي نظر ۾ خانو اڃا به خوني آھي“


    ڪاري

    مان ۽ ولو ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي رهيا هئاسين ته اسانجي گهر ماسي خيران آئي. موکان پُڇيائين...
    ”چرٻٽ سباڳي ڪٿي آھي؟
    اصل ۾ سڀاڳي منهجي ماءُ آھي. دل جي سچي، نفيسڙي آھي. هميشه مونکي نصحيتون ڪندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن ماريندي به آھي. ڪڏھن چمچن سان ته ڪڏھن وري ڏوئلن سان ڪُٽيندي آھي ۽ مان روئي پوندو آھيان پوءِ مونکي ٻِٽا ڀاڪُر پائي پرچائيندي آھي، نِرڙ تي مِٺيون ڏيندي آھي. برهال مان کيس ڏاڍو تنگ ڪندو آھيان. مان ماسي خيران کي چيو... ”ڇو ماسي اڄ وري ڪنهن جي غلا ڪرڻ آئي آھين ؟
    ماسي خيران صفا چِڙچِڙي نظر ٿئي آئي مُنهن چِٻو ۽ نڪ مٿي ڇڪجي ويس. چيائين...”ڇورا آڱوٺي جيڏو قد ٿئي, تون به وڏن جي سامهون ٿو ٿين!
    اصل ۾ مون کيس چيو غلط پر چيو سچ، اُهو ائين جو ماسي خيران روز اسانجي گهر ايندي آھي ۽ امان کي چوندي آھي...
    ”اڙي سباڳي، مونواري نُهن ته کٽ کان لهي ئي نٿي، گهر جو ڪم ڪار ته ٺھيو پر رهندو چانھ ماني به کٽ تي کڻي ڏيونس!
    امان چوندي اٿس... ”ادي پوءِ پُٽين ڪجھ نٿو چويس ڇا؟
    ”ادي اُهو ويچارو وس ۾ ئي ڪونهي، جوڙنس ڪرامت شاھ جا تعاويز جو پياريا اٿس سو ڪاٿئون ڪڇي. اُن لاءِ ويچارو جوڙنس آڏو ماٺائتو هوندو آھي!
    ”پوءِ ادي تو ڀلا ڪڏھن هدايت ڪونه ڪئي اٿس ڇا؟
    ”ادي منهجي نُهن مهاراڻي ٿيون ويٺي آھي، جي ڪجھ چوانس ٿي ته منهجي ڇوري جا ڪن ٿي ڀري ۽ کيس جُدا ٿيڻ جا ڏٽا ٿي ڏيس سو اِن لاءِ خوف اٿم ته جوڙنس جو غلام آھي ڪِٿي حقيقت ۾ نه جدا ٿي ويهي ته پوءِ مون بيوه رن جو ڇا ٿيندو، هڪ ته مون وار کڳو به بيروزگار هو. جي هجي ها ماستر ته سندس مرڻ کانپوءِ مونکي پينشن پيو ملي ها!
    ائين ماسي خيران امان سان وات ويڙھائيندي آھي ۽ سندي نُهن جا سور پٽيندي آھي. اُنڪري مون به کيس مُنهن تي چئي ڏنو ته تون گلا ڪرڻ آئي آھين. اُن لاءِ ماسي مونکي دڙڪا دهمان ٿئي ڏنا. ايتري ۾ امان به اندران ڪوٺي مان ٻاھر نڪتي ته سندس نظر ماسي خيران تي پيس. امان چيس...
    ” ادي ڏي حوال ڪو ڪم آھي ڇا؟
    ”ادي ڪم ته ڪونهي پر چون ٿا ته نظيران کي ڪاري ڪيو اٿئون!
    امان جي رڙ نڪري وئي...”الله، ادي پر ڪنهن سان؟
    ”ادي اِهو ڇُڙواڳ ڇورو، مولو موالي!
    اِهو ڪُڪڙائي جنهن سندي وني کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو!
    ”ها ادي اِهو مُئو!
    ”پوءِ ادي نظيران جو ڏي حوال!
    ” ادي چون ٿا ته ڀائر کيس ڏُنڍن کان وٺي وڏيري جي اوطاق تي گيهيلي ويا اٿس. پوءِ اُتي جئين وڏيري جو حڪم هجي ائين ئي ڪندا.
    ”پر ادي نظيران ته ڏاڍي ڀلي ۽ شريف ڇوڪري آھي!
    ”ھا ادي نظيران ته ڀلي ڇوڪري آھي، پر پوءِ بـه انسان خطا جو گهر آھي ٿي به سگهي ٿو.
    ”نه. نه، ادي مان هِن ڇوڪري کان بخوبي واقف آھيان هُن جو دامن پاڪ ۽ صاف آھي!
    ”پر ادي توکي ڪهڙي خبر تـه انسان جي اندر ۾ ڇا آھي؟
    ”ادي انسان جي اندر جو ڏيھ سندس زبان مان پرکبي آھي. اُن لاءِ هُن جي زبان سنڌو جي جل جيان مٺِو آھي!
    ”ادي الله بهتر ڪندو مان هاڻي هلان ٿي، گهر جو ڪم ڪار اڌ ۾ آھي، هوءَ ڏائڻ ته هٿ نه وجهندي.
    ائين چئي ماسي خيران هلي وئي مان پريشان ٿي ويس. امان کي چيم...
    ”امان نظيران ڊانبر جي ڊرم ۾ ڪري پئي آھي ڇا؟
    امان چيو.... نه پٽ ڇو؟
    ”ڀلا چمڙيءَ جي ڪا بيماري ٿي اٿس ڇا؟
    نه چرٻٽ آخر تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟
    پوءِ امان نظيرا ته ڀوري ڇوڪري آھي پوءِ ڪاري ڪئين ٿي آھي؟
    ”پٽ اُها ڪاري نه!
    ”ته پوءِ ٻي ڪھڙي ڪاري ٿي آهي؟
    ”پٽ نظيران کي مولو موالي سان گڏ ڏٺو اٿن!
    ”امان پوءِ مان به ته ادي نظيران وارن جي گهر ويندو آھيان سندس ڀاءُ صابو سان راند رچائڻ لاءِ، اُتي ادي نظيران مونکي چانھ به پياريندي آھي ۽ مونسان گڏ ويهي مونکي چرچا بـه هڻندي آھي ۽ اُتي اُنجا سڀ مُڇن وارا ڀائر بـه ويٺل هوندا آھن، اُهي مونکي نظيران سان گڏ ڏسندا آھن پر تڏھن ته نظيران کي ڪاري ناهن چوندا! پوءِ ھئنير ڪاري ڪئين ٿي وئي آھي؟
    ”پٽ تنهجي ڳالھ الڳ آھي، تون ننڍڙو ٻار آھين، نظيران کي سندس ڀائرن مولو موالي سان ڏٺو آھي. جيڪو اسانجي ڳوٺ جو آوارا، لوفر ۽ گنڊو آھي.
    ”پر امان اُن ۾ ادي نظيران جو ڪھڙو ڏوھ ھوءَ ته ڀلي ڇوڪري آھي مونکي سڌائين چوندي آھي ته پنهجي امان کي تنگ نه ڪندو ڪر!
    ائين چئي مان کن پل لاءِ خاموش ٿي ويس ۽ اُن وسوسن ۾ گم هُئس ته آخر مولو موالي سان بيهڻ ۾ ماڻھون ڪارو ڪئين ٿو ٿي سگهي. پوءِ وري امان کان پڇيم...
    ” پر امان مولو موالي ادا اڌڙ سان به ته ويهندو آھي، مون کيس پاڻ پنهجي اکين سان ڏٺو ھو . مطلب پوءِ ادا اڌڙ به ڪارو ٿي ويندو!
    امان منهجي سوالن کان تنگدستي ظاھر ڪئي ۽ چيائين...
    ”پٽ تون اڃا ٻار آھين توکي ڪجھ به خبر ڪونهي جڏھن وڏو ٿيندي ته سڀ سمجهي ويندي. اُنڪري منهجا ٻچڙا پنهجي امان جو مٿو نه کاءُ! ھل نِڪر ته هڻائين نه لِتر.
    صفا تپي باھ ٿي وئي تارا وڏا ٿي ويس. مان امان کي ڏسي ڊِڄي گھر کان ٻاھر بڄي ويس. ٻاھر آيس ته اُتي ماڻھن کي وڏيري جي اوطاق ڏانھن ڊوڪندي ڏٺم. مون پنهجي دوست کان رڙ ڪري پڇيو...
    ”اڙي ڪالو ڪاڏي ٿو وڃين؟
    ڪالو رڙ ڪري چيو...” چرٻٽ وڏيري جي اوطاق تي ڪاري آھي هل ته هلي مزو ڏسون!
    مان به ڪالو سان گڏجي پيس ۽ اسان ٻئي وڏيري جي اوطاق تي ڊوڪندا وياسين، اُتي جڏھن پهتاسين ته هڪ وڏو هجوم نظر ٿئي آيو ماڻھو ڄڻڪ ڪنهن شيءَ جي چوڌاري گول ٺاھيون بيٺا ھئا. مان ۽ ڪالو آڱوٺي جيترا مس هئاسين سو اسان کي ڪئين نظر اچي پر پوءِ به پنهجي فيلڊ ۾ ماھِر هُئاسين. سو ماڻھن جي ٽنگن کان وچ ڪيوسين ۽ گول جي باقائده اندر پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته نظيران هيٺ پٽ تي پيل آھي ۽ رت هلي رهيو اٿس سندس اکيون آسمان تي ٽڪيل آھن ڄڻڪ آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙھي رهي هئي. واري ۾ صفا لِٿڙيل نظر ٿئي آئي مان کيس گهڻي ڌير تائين نه ڏسي سگهيس ۽ پوئين پير سندي گھر ڏانھن ڊوڙيس رستي ۾ مون مولو موالي کي ڏٺو ۽ مولو موالي کي چيو...
    ” اڙي لوفر ھاڻي ڪاڏي ٿو وڃي؟
    مولو موالي چيو...” اڙي ٻڌو آھي ته ڪنهن ڇوڪري کي ڪاري ڪري ماريو اٿئون اُن لاءِ وڏيري جي اوطاق ڏانهن پئي ويس. ايتري ۾ مون چاچا صادق کي واٽ ويندي ڏٺو. پوءِ ڊپ وچان پيرن تي زور ڏنو ته ڪٿي مان نه ڪارو ٿي وڃا.


    معصوم چهرو

    هُن يڪو وسيم ڏانھن سندي نماڻن نيڻن سان پئي نيهاريو هُن جا نيڻ قربلا جو ڄڻڪ قصو ٻڌائي رهيا هئا ڄڻڪ هنجي نيڻن ۾ ڪو وڏو الميو ٿي گذريو هجي سنڌو جي ڇوليين جو آواز ڄڻڪ ماٺ متي ويو هجي,, هو ھڪ گلاب جي گل جيان هو پر شايد دنيا جي ڪٺور ڪمن ۽ مجبورين اُن گلاب کي ڪوماٽي ڇڏيو هجي هُن جي معصوميت ويران جڳھ جيان هئي جتي صرف هوا جا سرڙاٽ هوندا آهن ,
    وسيم دوستن سان گڏ هوٽل تي ماني پئي کاڌي ته اُنجي نماڻي نگاھن هن جي هر هڪ گرھ کي ڄڻڪ پاڻ ڏانھن پئي ڇڪيو. وسيم ماني به کائي رھيو هو ۽ سندس دوستن جا چھچٽا به جاري هيا پر وسيم دماغي طرح سان اُن ننڍڙي ٻار ڏانھن مايل هو, عجيب ولولن پئي هن جي دماغ ۾ جنم ورتو ”هي ڪير آھي؟ ڇا هي اسان جهڙو ناھي؟, پر اسين ته ڪڏھن به ڪنهجي گرھ کي ناهي تڪيو! مونکي ته اڇا ڪپڙا پاتل آھن! پوءِ ھِن کي ميرا ڦاٽل ڪپڙا ۽ اڻبا وار ڇو آھن؟ هي آھي ته انسان ئي نه, هي آھي به اسانجي قوم منجهان پوءِ منهجو ڀاءُ ته اعلي پروائيٽ اداري ۾ زيرتعليم آھي! پر هن ڪوماٽيل گل کي ته ڪپڙا به ڦاٽل پهريل آھن! هنجا ڪپڙا ڪنهن ڦاڙيا آھن؟ شايد هِن هڪ لباس کي لڳاتار اوڙيو آھي. هي ائين ڇو آھي؟ ڇا ائين هن کي خدا ڪيو آھي؟ پوءِ خدا هِن کي ئي ائين ڇو ڪيو مونکي به ته ڪري پئي سگهيو؟,
    ”اڙي وسيم ماني کاءُ“.
    دوست جي ان جملي وسيم کي خيالن جي دنيا مان ڌِڪو ڏئي ڪڍيو پر اُن معصوم جون نگاهون اڃان وسيم منجھ اڙيل هيون. آخر وسيم هن کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو. ۽ هو وسيم ڏانھن سونامي جيان پئي آيو ۽ اچي جڏھن هن ڀر پهتوتـه وسيم اُن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو....
    ” آءُ بهري کي چوان ٿو ته توکي هڪ ماني ڏئي.
    ”ٻيو توهين ڇا ٿا ڏئي سگهو؟ اُن معصوم چيو..
    وسيم جي اُن جملي جي جواب ۾ اُن جي شبدن هِن کي پنهجي ئي نظرن ۾ ڪيرائي وڌو ڄڻڪ اُن ٻار وسيم جي اندر جي انسان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍيو هجيوسيم شرمسار ٿيو, پاڻ ھيڻو محسوس پئي ڪيائين ڄڻ سندس جسم تي تير لڳل هجن, ڇو ته اُن جي شبدن هِن جي انسانيت کي للڪاريو پر پوءِ به گهڻي ڪوششن سان وسيم سندي زبان کي اٿلايو ۽ چيو....
    ”ٻيو توکي ڇا کپي؟
    وسيم جي جواب تي هو کِلڻ لڳو, ۽ وري خاموش ٿي ويوڪجهه ڌير خاموش رهڻ کان پوءِ چيائين...
    ”مونکي سندي ڀاءُ جيان سٺي تعليم ڏئي ٿو سگھين؟ منهجو پيءُ ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھي ان کي صحتياب ڪري ٿو سگھين؟اسان کي هڪ ڪچو گهر ڏئي ٿو سگهين؟ مونکي ٻن وقتن جي ماني کارائي ٿو سگهين؟ ۽ منهجي ڦاٽل ڪپڙن کي ٽاڪي ٿو سگهين,؟
    وسيم ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ لڳو ته اُن جي جوابي جملي لاءِ ڪٿان شبد آڻجن ائين پئي لڳُس ڄڻڪ شبد هن کان پري بڄي رهيا هجن پوءِ ڪجھ ڪمزور شبدن تي قابض ٿي هِن چيو....
    ” آءُ تنهجي گهرجن جو پوراءُ نٿو ڪري سگهان, پر سرڪار ڪري ٿي سگهي“
    هن مسڪرائي چيو ...
    ”سرڪار“ ڪهڙي سرڪار؟ جيڪا اسان کان وڌ غريب آھي! جيڪا هر پنجين سال سندي ٺڳي واري فنڌن سان ووٽ لاءِ پني ٿي. هي منجها اڻبا وار, خدا ناهن ڪيا هي منهجا ڪپڙا خدا ناهن ڦاڙيا مونکي اجي ۽ اٽي کان دربدر خدا ناهي ڪيو!, ”توکي خبر آھي ته آءُ سنڌي آھيان, ھن سنڌ ڌرتي جو رهواسي آھيان جتي قدرت جا ڪُل وسيلا موجود آھن, خدا ته هِن ڌرتي تي مھربان آھي هي ڌرتي سڄو سون آھي, پر پوءِ به منهجو بابا بيمار آھي, اسان کي ڪچو گهر به ناهي, منهجا ڪپڙا به ڦاٽل آھن, جيڪڏھن تون منهجي گهرجن مجهان ڪجھ به نٿو ڏئي سگھين ته ان ڳالھ جو جواب ئي ڏئي، پر نه ڏئي سگهندين! ڇو ته اوهين خودپرست آھيو، لالچي آھيو، هڙپائو آھيو ۽ بي همٿا آھيو. اوهانجو ضمير ستل آھي، اوهين صرف پنهجي گهر جو سوچيو ٿا، مهنجي اڻبن وارن جو ڦاٽل ڪپڙن جو اوهان کي ڇا؟ توهان اسان جو رشتو ڇا آهي؟ ما نيچو توهان اوچو وڏو فرق رکيو آهي توهان!
    ائين چئي خاموش ٿي ويو.
    ڪجھ پلن جي خاموشي بعد وسيم وري شبد ڇيڙيا..
    ”اسڪول ويندو آھين,,,,,؟
    ”اسڪول ويندو هُئس.
    ”ويندو هُئين مطلب؟ وسيم وراڻيو...!
    ”ها اڳئي ويندو هُئس اسانجي اسڪول ۾ ڇوڪرا ئي نه ايندا هئا جيڪي ايندا هئا سي بلڪل ئي پوشاڪي لحاظ کان مون جهڙا هوندا هئا مطلب ته اُنهن جو بابا به منهجي بابا جيان غريب هو، استاد سندي ڪهچرين ۾ مشغول رهندا هئا,,,,,,,,پر مان زوري استاد کي چوندو هُئس ته سر منهجو سبق ٻڌو ڪاپي چيڪ ڪريو، ڪڏھن ڪڏھن استاد منهجي لاءِ چوندا هئا ته جيڪڏھن توکي خرچ ملي ته تون وڏو آفيسر ٿيندين.
    پوءِ جڏھن مان ڇهين درجي ۾ پهتس ته بابا جي تبيت خراب ٿي پئي. اُن کان پوءِ مان اسڪول وڃڻ بند ڪيو ڇو ته بابا جي علاج لاءِ پيسا درڪار هئا.
    ”توهان جو بابا ڇا ڪندو هيو؟
    وسيم جي ان سوال جي جواب ۾ ان وراڻيو!
    ”هڪ غريب ماڻھون ھِن ملڪ ۾ ڇا ٿو ڪري سگهي سواءِ محنت مزدوري جي,,
    منهجو بابا گڏھ گاڏو وهائيندو هئو صبح جو گهر مان نڪرندو هئو ته سج لٿي جو واپس ورندو هئو جيڪي ٽي چار سئو روپيا ڪمائيندو هو انهن مان ٽي سئو کن گهر جو خرچو ۽ سو سوا بيماري بڙي يا آئيندي جي اونهي لاءِ جمع ڪندو ويندو هو، شل انسان ايڏو به غريب نه ٿئي جو سندي ئي عضون مان به ڪم نه وٺي سگهي.
    اُن ٻار جي شبدن وسيم جي اندر جي انسان کي ڄڻڪ ڌوڻان پئي ڏنا ڄڻڪ اُن انسانيت کي معيار پئي ڏني, اُن جي لفظن وسيم جي اندر کي چور چور پئي ڪيو, وسيم جي من ۾ اُن جي لاءِ ھڪ درد جاڳي پيو,
    وسيم کائينس پڇيو...!
    ”گهر ۾ ڪير ڪير آيو؟
    ”گهر ۾ مان، بابا، امان ۽ ٻه ننڍڙا ڀائر آھن. جيڪي امان سان گڏ صبح جو هوٽلن تي وڃي پنندا آھن ۽ مان بابا جو خيال رکندو آھيان پوءِ رات جو وري مان هن هوٽل تي اچي پنندو آھيان پوءِ جيڪي پئسا ٿيندا آھن اُنهن مان گهر جو چرخو به هلندو آھي ۽ بابا جو فرضي علاج به ٿيندو آھي.
    ائين چئي هو خاموش ٿي ويو.
    وسيم ڊِگهو ۽ ٿڌو ساھ ڀري چيو...
    ” اڄ خبر پئي ته هِن پنندڙ ٻارن جي معصوم چهرن پٺيان ڪي وڏا دردن جا داستان هوندا آھن, جن هٿن ۾ قلم هجي اڄ اُهي هٿ مجبورين جي ڪري لوڪ آڏو ڦھليل آھن. سنڌ امڙ ڇا ڪجي اسان کي لٽڻ وارا به تـ پنهجا ئي آهن. جي اڄ ڀٽائي گهوٽ هجي ها تـه هن معصوم چهري جو سور لطيف جو سر هجي ها.


    اتفاق

    هِن ڪٿا جي پرچار شروع ٿئي ٿي سنڌ يونيورسٽي کان هوئين ڄام شورو آھي تـه پٿرن جو شھر پر هِن جنت جهڙي نگري مان نڪرڻ ڪنهن جهاد کان گهٽ ناهي. جهاد جيڪو دل سان ڪيو هجي ۽ هڪ ڏٽو ڏنو هجي تـه وري ڪجھ ڏينهن اندر واپس ورنداسين.
    آخري پيپر جو منظر ڪنهن قيامت کان گهٽ ناهي هوندو, ڇاڪاڻ جو اُن پيپر کان پوءِ محبوبا سان موڪلاڻي وارو منظر آتشتان جو ڏيک ڏيندو آهي. ائين ئي اڪمل جي آخري پيپر ختم ٿيڻ کانپوءِ دوستن سان روح ريهاڻيون ڪرڻ کانپوءِ آخر هِنکي پنجهي منزل ڏانهن ورڻو هيو جتان هِن جو بچپن نپيو, ائين ئي هِن جي سڀني دوستن صلاح ڪئي تـ هِن ڀيري ريل گاڏي ۾ هلڻو آھي ۽ منصوبي تحت هي رات جي پهر ۾ سنڌ ورسٽي کي الوداع چئي دوستن ساڻ ٽرين اسٽيشن حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو, اُن ننڍڙي سفر دوران دوستن سان مزاق مستيون ڪندو رهيو هڪ ٻئي کي بوڳ چرچا هڻندا رهيا ۽ اڌ گهنٽي ۾ اسٽيشن پهتا, اسٽشن ۾ ٽيڪيٽ وغيره وٺي اُهي سڀ دوست سکهر ايڪسپريس جي انتظار ۾ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ويٺا.
    ائين ئي اڪمل بيٺو هو تـه اُن کي محسوس ٿيو ڄڻڪ جنت جي هير لڳي هجي ۽ ان هير هِن جا حواس لوڏيا هجن, ڄڻڪ هي پنهجي پاڻ کان اڻواقف ٿي ويو ھجي تـه هِن جو وجد ڇاهي ۽ ڪهڙي جُڳ جو جوڳي آھي اُها حير هڪ ڇوڪري هئي جيڪا حُسنِ آرا هئي هِن کي ائين پئي لڳو ڄڻڪ سڄي جهان جو حُسن ميڙي آئي هجي يا جنت جي ڪا حور آئي هجي, شايد اُنکان اڳُ هِن سان اهڙو ڪو الميو درپيش نـه ٿيو هيو, ڇو جو هو محظ هڪ ڇوڪري نـه هئي هوءَ تهـ حُسناڪ هئي ۽ هِن کي حُسنا لڳي پئي ڄڻڪ هِن اهڙو حُسن پهريان ڏٺو هجي.
    صرف هوءَ حُسن جي ماڳ نـه هئي بلڪي هوءَ حُسن اخلاق طرز هئي ۽ اُنجي طرزِ گُفتگو ڄڻڪ تـه قديمي هئي موئن جيان مهڪي پئي, ڄڻڪ هن جي وجد ۾ ادب سمايل هجي, ڪڏھن ڪڏھن اتفاق بـه اسان سان گڏجي پوندو آھي ۽ اسان جي هال تي هلندو آھي, ائين ئي اُن ڏنهن اتفاق بـه واه جو نڀايو, اُها ڇوڪري بـه اچي هِن جي ڀر واري بئينچ تي ويٺي جنهن تي پهريان هڪ عورت ويٺل هئي, ھوءَ پهريان ڪجھ ڌير خاموش رهي ۽ پوءِ ڀر واري عورت سان گفتگو جو سُر ڇيڙيائين, جڏھن اُن گفتگو لاءِ چپ چوريا اُنهن چپن جي مفاصلي وچان ظاهر ٿيندڙ ڏند کير جي نديءَ جو ڏيک ڏئي رهيا هئا ڄڻڪ ڪا گنگا سنڌ ۾ بـه هجي اُن جا چپ سُرخ گلاب جيان هيا, اڪمل اُن ڏانهن مسلسل ڏسندو رهيو, ۽ جڏھن اُن اڪمل ڏي اک پئي کينئي تـه اڪمل اُن جي نظرن کي برادش نـه پئي ڪري سگهيو ڄڻڪ اُن پنهجي اکين ۾ سورج سمايو هجي ۽ چنڊ جي چانڊوڪي بـه هجي, پر اڪمل بِنا اُن کي ڏسڻ جي ڪئين پئي رهي سگهـيو, ۽ اُن ڏانھن ڏسندو رهيو. هوءَ شايد هِن جي آبشي اکڙين مان پرکي وئي تـه هِن جي حُسن اڪمل جي ھيئناءُ کي ڏاريو آھي, ۽ پوءِ سکهر ايڪپريس جي پاپا سمورا رِڌم ٽوڙي ڇڏيا, ۽ ان وقت دل ۾ عجيب وسوسو پيدا ٿيو تـه هاڻي هِن کي پنهجي منزل ڏانهن وڃڻو آھي.
    ۽ حُسنِ آرا کي هتي ئي ڇڏڻو پوندو پر اُن وقت اتفاق بـه هِن جي پڪش ۾ ھيو
    سمورا ارمان اُن اسٽيشن ۾ دفن ڪري ٽرين ۾ چڙھيو دل مونجهه جو شڪار هُئس,
    پاڪستاني ٽرينن ۾ صرف ٽڪيٽ ملندي آهي ويهڻ لاءِ سيٽ پهنجي جاکوڙ سان ملندي آهي. اُنهيءَ جستجو ۾ اڪمل سڄي ٽرين ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ ائين ئي هِن جي نظر هڪ خالي سيٽ تي پئي جتي هي ويهي رهيو, ڪن دوستن کي جڳھ مليس تـه ڪي وري ھيٺ پنهجا ٿيهلا رکي اتي ئي ويهي رهيا. ائين ئي اتفاق سان اُن ڀوڳي ۾ حُسن قدم ڀري آئي ۽ وري اُها من موهنيدڙ ڇوڪري ڏسي هِن جي چپ مسڪراهٽ سان وکري پيا, ائين پئي محسوس ٿيس ڄڻڪ ڪنهن هزارين سال ستل ماڻھون کي جاڳايو هجي, اُها ڇوڪر ڀوڳي جي در وٽ بيٺي هئي شايد اُنکي ڪٿي بـه ويهڻ جي جڳھ نــه ملي ۽ اچانڪ جڏھن اُن اڪمل ڏانهن ڏٺو تـه اڪمل کيس ويهڻ جي آڇ ڪئي ۽ اُن شرم وچان ڪنڌُ جهڪايو, ۽ هِن کان چهرو ڇُپائڻ لڳي ڇو تـه هوءَ حيا جي ديوي هئي,هِن وري بـه اُن ڏانهن اِشارو ڪيو اُن ڪند لوڏي انڪار ڪئي,
    ائين ئي اڪمل پنهجي سيٽ تي ٿيهلو رکي اُن ڏانهن ويو ۽ اُن کي سلام ڪري چيائين تـه .....
    "اوهين بيٺا آھيو مونکي سٺو نـه ٿو لڳي مهرباني ڪري منهجي سيٽ تي ويهي رهو.
    هُن وراڻيو...
    ”اوهانجي مهرباني پر اُتي توهان ويٺا آھيو ۽ توهان کي ٻي ويهڻ جي جاءِ بـه ڪونهي اُنڪري مان اُتي نٿي ويهي سگهان“
    اڪمل چيو...”ٺيڪ آهي جي اوهين نٿا ويهو تـه مان بـه نـه وينهدُس, ڇو جو مونکي پنهجو ضمير اجازت نٿو ڏي تـه توهان بيٺا هجو ۽ مان ويهي رهان.
    هُن وراڻيو....
    ”ٺيڪ آهي جي توهان ضد ڪيو ٿا تـه مان ويهان ٿي پر ايندڙ اسٽيشن تائين جي توهان کي سيٽ نـ ملي تـه مان اٿي ويندس.
    ”اڪمل چيو..... ٺيڪ آھي,
    اتفاق جي مدد سان اڪمل کي ٻي اسٽيشن تي سيٽ ملي وئي جيڪا بلڪل ان ڇوڪري جي سامهون هئي هي اُتي ويهي رهيو, ۽ اُن اڪمل ڏانهن ڏسي مسڪرايو، هِن بـه چپن تي وکير آندو, ۽ پوءِ ڪجھ ڌير خاموش رھڻ کانپوءِ اڪمل اُن ڇوڪري کان پڇيو,
    ” توهان جو نالو ڇا آهي؟
    اُن وراڻيو...”اريبا..!
    وري اريبا اڪمل کان پڇيو....
    .“ ڪيڏانهن پيا وڃو؟
    اڪمل وراڻيو... ” گهر پيو وڃان.
    اريبا پڇيو” توهان شاگرد آھيو؟
    اڪمل وراڻيو,” جي بلڪل.
    اريبا پڇيو... ڪٿي ٿا پڙھو؟
    اڪمل وراڻيو....,“ سنڌ يونيورسٽي, بي بي اي ۾ پڙھندو آھيان“
    اريبا پڇيو” توهان مسلسل ٽرين جو سفر ڪندا آھيو؟
    اڪمل وراڻيو...“, نـ بابا پهريون دفعو آھي ۽ اڄ ھن ٽرين جو هال ڏسي ڪل پئي آھي تـه اسين اڃا بـه غلام آھيون, ڇو جو هن ٽرين ۾ اڇن مٿن سان ڪراڙيون هيٺ پيرن ۾ ستل ڏٺا ۡ ۽ ڪئي بزرگ بيٺل ڏٺا, مان اسٽيشن تي سيٽ رزوريشن لاءِ ڪائونٽر واري کي چيو تـه اُن جواب ڏنو تـ سيٽون ڀريل آھن مان چيو پوءِ ڀريل ٽرين جي ٽڪيٽ ڪئين ٿا ڏيو اُنتي اُن دوڏا فاڙي مون ڏانهن ڏٺو, ۽ مان ڪاوڙ منجهه دوستن ڏانهن هليو آيس, تـه اُتي وري ٽيڪيٽ چيڪر بيٺو هيو مان اُن کي بـه چيو تـه سر مهرباني ڪريو, اُن جي جواب تي مونکي هئينر بـه کل پئي اچي.
    مان چيو سر سيٽ کپن , وراڻايائين تـ سيٽ ڦُل آھن, توکي ڏھن هزارن ۾ بـه سيٽ نـه ملندي, مان پهريان تـ کليم پوءِ اُن کي چيو سر ڏھن هزارن ۾ مان ڪار ڪرائي گهر پهچان اُن ڳالهه تي منهجا دوست ۽ ڀرپاسي وارا بـه خوب کليا, منجهي چوڻ جو مقصد اُهو آھي تـه پاڪستان جو هر هڪ سيڪٽر تباھ آھي.
    اريبا وراڻيو...” تـ ڪافي انقلابي ٿا لڳو؟
    اڪمل چيو” بلڪل انقلابي تـه آھيان!
    ائين ئي اوچتو اريبا کي جهوٽا اچڻ لڳا ۽ ٿوري دير کانپوءِ هوءَ ننڍ پئجي وئي ڄڻڪ ڪنهن ٻئي جهان ۾ وئي هجي جتي صرف خواب هوندا آھن اُنهن مان ڪي تـه حسين هوندا آھن. ڪي وري خوفناڪ هوندا آھن, برهال هو سٺو عرصو ننڍ ۾ هئي شايد ڪنهن خواب ۾ ڀٽڪيل هئي جڏھن هو اُن گهري ننڍ مان اُٿي تـه اڪمل جو اسٽيشن پنجن منٽن ۾ اچڻ وارو هيو اڪمل پنهجي ٿيهلي مان پسنديده ناول جو بڪ ڪڍي اريبا کي ڏنو ۽ چيو...
    ”تـه هي منهجي طرف کان اوهانکي گفٽ آھي ۽ منهجي لاءِ ھڪ دفعو هن ناول کي ضرور پڙھجو.
    اُن اڪمل کان بڪ ورتي ۽ مسڪرايو اُن جي شرم و حياءُ ۽ طرزِ ڄڻڪ اڪمل جي زبان تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي ۽ اڪمل اُن کي ڪجھ بـه چئي نـه سگهيو ٿئي ائين ئي اڪمل پنهجو ٿيهلو کڻي ڀوڳي جي دروازي وٽان بيهي رهيو ۽ يڪو هوءَ اڪمل ڏانھن ڏسندي رهي ۽ ٽرين جي آھستـه ٿيڻ سان گڏ اڪمل جي دل جا دڙڪن بـه آھستـه ٿيڻ لڳا, اکيون نم هُئس, ۽ جڏھن اڪمل ٽرين تان لٿو تـه اُن دري ڏانهن پئي ڏٺو. اڪمل جو من ويران هئو منهن ۾ چپ چپات ڇانئيل هُئس ۽ ائين ئي اريبا اڪمل کي دري مان سڏ ڪيو اڪمل اُن ڏانهن ويو تـه اريبا هِن کي سندس گفٽ ڪيل ڪتاب واپس ڏنو ۽ چيائين تـه...
    ”هي وٺو پنهجو ڪتاب هِن ۾ مون بـه هڪ گفٽ رکيو آھي توهان جي لاءِ هاڻي توهان هن ڪتاب کي غور سان ڏسجو.!
    ائين ٽرين هلڻ لڳو ۽ اُنجو چهرو آھستي آھستي دور ٿيندي نظر ٿئي آيو, ۽ اُها حُسن جيڪا ٿورو اڳ اڪمل جي اکين آڏو هئي هاڻي اُها هِن جي نظرن مان گم ٿي چڪي هئي ۽ پوءِ جڏھن اڪمل اُن بُڪ کي جاچيو تـه واقعي ان ۾ هِن کي گهڻو ڪجھ مليو.
    گهڻي ڪجهه مان مراد اُن بُڪ تي اريبا جو فون نمبر لکيل هو ۽ نمبر جي هيٺان لکيل هو.
    ”اوهان جي ڪال جي اوسئيڙي ۾ رهنديس“.


    بـرٿڊي

    دوست هڪ عظيم نعمت آھي جيڪو ڌن دولت کان به وڌيڪ افضل آھي دوست هڪ اهڙو ڪردار آھي جيڪو جئيڻ جو سليڪو سيکاري ٿو دوست اُهي هوندا آھن جيڪي اسانجي خوشين کي خوشگوار بڻائيندا آھن. ائين ئي هِن ڪٿا جو سمبند هوائن جي شهر سان آهي ۽ اُتي دوستن ساڻ گذاريل ڪجهه حُسناڪ گهڙين جو ذڪر ڪيو اٿم. رات جو مان دوستن سان هاسٽل جي ڪينٽين تي ويٺو هُئس, اسين سڀ ڪٺي ٿي ڪينٽين تي چانهن پئڻ لاءِ آيا هُئاسين، تقريبن ٽائم ٻارنهن ٿيڻ تي هئا ۽ مان بي تهاشا ٻارنهن ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هُئس منهجي دل ۾ عظيم ڪشمڪش ھيو ته دوستن کي خبر به آھي يا نه ته سڀاڻي يعني پنج مئي تي منهجو برٿ ڊي آھي مان اُن ڳالھ کان بخوبي واقف هُئس ته دوستن ڪو به پروگرام نه ڪيو هو مونسان گڏ ٻئي دوست جي به برٿ ڊي هئي اسين سڀ دوست هڪ ٻئي جي آمھون سامهون ويٺا هئاسين هر ڪو پنهجي مستي ۾ مگن هو هڪ ٻئي مٿان تنقيدون ۽ بوڳ چرچا هلي رهيا هئا ڪنهن کي ڪا سڌ نه هئي ته اسان ٻن مسڪينن جو به ڪجھ آھي.
    ائين ئي وقت گذرندي آخر وڃي ٻارنهن ٿيا پر پروگرام جو ته امڪان ئي نه هئو پر ڪنهن دوست وات سان به نه چيو تـ ”هيپي برٿڊي“ منهجي اندر ۾ ڪاوڙ سمائجڻ شروع ٿيو پر ڪاوڙ ڇالاءِ ڪيان ها اُن لاءِ ته دوستن منهجي برٿ ڊي نه ملائي, سڀ دوست چرچاگيري ۾ مصروف هئا ته مان دوست کي چيو جيڪو اُتي ئي منهجي سامهون ويٺل هو جنهجو مونسان گڏ جنم ڏنهن هو اُن جا به عجيب ڀاڳ هئا جو ڄمڻ ۾ به ريس ڪيائين هو منهجو پيارو دوست هئو سمجهه ته ڪلاسميٽ ئي هيو مان هن ڏانھن ميسج موڪليو ”هيپي ڀرٿ ڊي“ جڏھن اُن پڙھيو ته ڪنڌ مٿي ڪري مونڏانھن ڏٺو ۽ چپڙن تي مسڪراهٽ جي وکير آندآئين ائين لڳو پئي ڄڻڪ ھو روح سان خوش ٿيو هجي اُن مون ڏانهن جوابي ميسيج ۾ ”سيم ٽو يو“ لکي موکليو اُنجي مسيج ته يقينن مان به ڏاڍو خوش ٿيس دل کي هڪ آرمده سڪون محسوس ٿيو روح کي ڄڻڪ راحت ملي ۽ سوچي خوش پئي ٿيم ته آخر ڪنهن ته دوست مونکي جنم ڏڻ جون واڌايون ڏنيون آھن.
    ائين ئي هڪ دوست چيو ته اُٿو هاڻي هلون سڀاڻي پيپر به ته ڏيڻو آھي نه....! سوير سمهنداسين تڏھن ته پيپر لاءِ صبح جو سُجاڳ ٿينداسين, اسان به اُن جي ها ۾ ها ملائي ڪينٽين کان سندي هاسٽلن ڏي وڃڻ لاءِ روانه ٿياسين ڪجھ دوست دڳ ۾ ئي الوداع چئي سندي هاسٽلن ڏانھن ويا ۽ ڪجھ دوست ان هاسٽل ۾ رهندا هئا جتي مان رهندو هُئس رستي تان هلندي هڪ ٻئي جي ڪُلهن تي هٿ ۽ بي سوري آوازن ۾ گهونجدڙ گانا انهن گهونجدڙ گانن منجهان بس هڪ آواز سريلو هيو اُهو اُن شخص جو هو جنهن کي مان پيار منجهان ڪڪڙ سڏيندو هُئس.
    برهال مزاق مستي ڪندي مان دوستن سا گڏ اچي پنهجي هاسٽل پهتس منهجو ڪمرو منهجي دوستن جي ڪمري جي بلڪل ئي درميان هيو اسين هڪ ٻئي کي ”چڱو هاڻي يارو ياري“ چئي سندي روم ڏانھن وڌياسين مان پنهجي روم تي پهتس ٿورو ساھ پٽي پوءِ ڪپڙا تبديل ڪيا سرٽ ٽائوذر پائي منهن دوئڻ لاءِ واش روم ويُس هٿ منهن دوئي روم جي دروازي کي ڪُنڊي ڏئي مان اچي پنهجي بستر تي ليٽي پيُس ائين ئي اُٿلندي پُٿلندي ھڪ منٽ گذري ويو ته اچتو ئي دروازي کان ڪڙ ڪڙ جو آواز ٿئي آيو شايد ڪو شخص دروازو کڙڪائي رهيو هو مان ٽپ ڏئي اُٿيس ۽ دروازي ڏانهن وڌيس جئين مون دروازو کوليو ته سامهون منهجو هڪ دوست بيٺل هو مان کائينس پڇيو جاني ”خير ته آھي نه.....
    هن چيو.......” جي بلڪل خير آهي. ٻڌ شناختي ڪارڊ اٿئي.
    مون چيو.... ”جي بلڪل آھي.
    هن چيو... ”يار پنهجو ڪارڊ ته ڏيکار!
    مان چيو...”جي بلڪل ڏيکاريائين ٿو.
    ائين چئي مان سيلف ڏانهن ويُس جتي هينگر تي منهجو خميس ٽنگيل هيو اُن خميس جي خيسي ۾ منهجو پرس هيو جنهن ۾ منهجو شناختي ڪارڊ پيل هو, مان پرس تان ڪارڊ ڪڍي دوست جي هٿ ۾ ڏنم دوست پهريان ڪارڊ کي غور سان ڏٺو ۽ باقائده پڙھيو جئين ڪجهه نوٽ ڪبو آھي,,, منهجي دوست ڪارڊ کي ڏسي چيو ته...
    ”يار تنهجي ڪارڊ ۾ جنهڊو آھي مونواري ۾ جنهڊو ناهي ان لاءِ ڏسڻ آيو هئس. ائين چئي هو هليو ويو ۽ مان اُن کي ڪو به جواب نه ڏئي سگهي ڇو ته مان اُن سوچ ۾ غم هُئس ته ائين به ٿي سگهي ٿو ڇا ته منهجي شناختي ڪارڊ ۾ جنهڊو آھي ۽ اُنجي ڪارڊ ۾ جھنڊو ناهي پر جي ائين هجي ها ته اُن جي روم تي پنج ڏڻا ٻيا به تـه رهندا آھن. پوءِ اُنهن جا ڪارڊ ڇو نه ڀيٽيائين ڇا اُنهن مان ڪنهن وٽ به ڄڻڪ ڪارڊ ڪون هئو ائين ممڪن ئي ڪونهي ضرور اُن جي ذھن ۾ ڪجھ آھي.
    ائين ئي مان گهڻي قدر اُن جي حرامپائي کان اندروني طرح واقف ٿي چڪو هُئس. سوچن جي دنيا مان نڪري هڪ دفعو وري اچي سندي هنڌ تي ڪريس, اُٿلندي پُٿلندي عجيب وسوسا ذھن ۾ جنمبا رهيا ڪجھ دنياوي معاملن تي سوچيندو رهيس ته ڪجھ سڄڻن جي سورن سوگهو ڪيو هو آخر ڪنهن پل اگهور ننڍ پاڻ ڏانهن ڇڪي وئي.
    ننڍ به عجيب دنيا سان متعارف ڪرائي ٿي جتي حقيقت ۾ وڃڻ نا ممڪن آھي ننڍ هڪ سڪون جي دنيا آھي جتي جا سپنا عجيب و غريب رنگ ڏيکارين ٿا. صبح جي ڦٽندڙ پرڀات سان گڏ منجهي موبائل ۾ سيٽ ٿيل الارم جي گهنٽي مونکي اگهور ننڍ مان ڇڪي اٿاريو.
    اکيون مهٽندي اُٿيس ۽ واشروم ويس سنعان ڪرڻ لاءِ ڇو جو مونکي پيپر تي وڃڻو هو اُنڪري تڙ ڪري بقائده تيار ٿي پيپر لاءِ روانو ٿيس لال شھباز کان آءِ بي اي تائين پنڌ به پير پيڙھيندو هو پر رب پاڪ جي ڪرمن سان هِن دفعي پيپر صبح جو هئا ۽ ايتري خاص گرمي به نه هئي ڄامشوري جي ھوا اُن گرمي کي لکيندي ئي نه هئي اُها هوا ايتري ته آزاد هئي جو عاشقن کي اُلهجنن ۾ وجهندڙ حُسناڪ ڇوڪرين جي ڪاريهر جيان ڪاري وارن کي اُڏائيندي هئي, اُهو هوا جو انداز هڪ وڻندڙ پل کي جنميدو هيو.
    ائين ئي آءُ وڃي سندي ڊپارٽمينٽ ۾ ساھ پٽيو, مونکان اڳُ اُتي ڪئي ڇوڙواڳ ڇوڪرا بيٺل هئا ڊپارٽمينٽ جو اندريون گيٽ اڃا بند هو ڇو ته پيپر ۾ ڪي چند منٽ پيل هئا,
    ان لاءِ سڀ ڇوڪرا ٻاھر بيٺل هئا ڪي ٽولن ۾ هئا ته ڪي وري رٽي ۾ رڌل هئا ڇوڪرين جو قطارون لڳل هيون ڪي ڪتابن ۾ ڪريل هيون ته ڪي وري ڇوڪرن سان ڪچهرين ۾ رڌل هيون, اُن ڇوڪرين ۾ مون کي ڪئي چهرا نوا پئي لڳا شايد هو پيپر ڏيڻ لاءِ آيون هيون.
    آءُ حيران به هيس ته پريشان به, حيران ڪيو هو نون چهرن ته وري پريشان ڪيو هئو پيپر جي پيڙآھ , هڪ وسوسو هيو ته الاءِ استاد ڪهڙو حشر ڪندو, ائين گيٽ جي کُلڻ جو آواز ڪنن تي اچي پهتو ته اکين به اوڏانھ ڏٺو ۽ پوءِ پيرن به ڪلاس ڏانھن قدم وڌايو ۽ وڃي هڪ ڪرسي ولاري ڪجھ ئي منٽن ۾ پيپر شروع ٿيو,
    ڪشچن پيپر کي ڏسي ڪي پگهرجي ويا ته ڪي وري ڌيرائي سان سندا چپ ويکري مسڪرائيندا رها جنهن مان صاف واضع ٿي رهيو هو ته ڪنهن ڪيتري تياري ڪئي آھي پر پوءِ به هرڪو پنهجي ڪمشڪش ۾ ھو.
    ائين ئي ٻن گنٽن جي ڳنڀيرتا کانپوءِ پيپر جو اختتام ٿيو جڏھن مان ميڊم کي پنهجو پيپر ڏئي نڪتس ته ڪاريڊور ۾ رڳو پيپر جو چهچٽو پئي هليو شاگرد هڪ ٻئي سان پيپر جو سور ونڊي رهيا هئا ته ڪي وري استادن تي تنقيدون ڪري رهيا,,,
    ائين ئي مان اُن دردن جي دنيا مان نڪري سندي هاسٽل جو رُک ڪيو ۽ وڃي سندي روم تي ساھ پٽيو ڪپڙا وغيرا تبديل ڪيا هٿ منهن دوئي کٽ تي ليٽي پيس پوءِ ننڍ خوابن جي دنيا ڏانهن گيهلي وئي جتي عجيب رنگ ڏسڻ ۾ ايندا آھن جتي ڪو به اُلڪو ناھي هوندو جتي ڪڏھن ڪڏھن اُهي مناظر ڏسبا آھن جيڪي حقيقي دنيا ۾ تصور به مڪمن ناهي هوندو.
    ٽڪ ٽڪ جي آواز ننڍ جي گهرائي کي ٽوڙي مونکي اتان ٻاھر ڪڍي آيو.
    اکيون اڃا خوماريل هيون پر ٽڪ ٽڪ جو آواز منهجي ٻڻڪ جو ٻاهر نڪرڻ جي منتظر هئي.
    ها! هڪ منٽ، مون چيو.
    منهجي آواز ٽڪ ٽڪ کي مٺائي ڇڏيو. مان دروازي تي وڃي دروازو کوليو ته ٻاھر منهجو دوست بيٺل هيو اُهو دوست جيڪو اڄ مونسان گڏ ڄائو هو مطلب ته اُن جي به مونسان گڏ اُنهيءَ ئي ڏنهن يعني پنج مئي تي برٿ ڊي هئي,منهجي ڪجھ چوڻ کان پهريان مونکي چوڻ لڳو ...
    ”يار ننڍ هئين ڇا, يار سوري هربروھ مان تنهجي ننڍ ڦٽائي آھي.
    مون کيس وراڻيو.....
    “ نه جاني ڪا ڳالھ ناهي بس ائين لٽيو پيو هُئس.
    مان هن کي ويهڻ جو چيو ۽ هو کٽ تي ويهي رهيو.
    ”ڏي حوال ڀلا ڀليو آھين ڇا؟
    ”نه ڀلهيو ناهيان! راحت وارن ميسج ڪيو آهي ته اچ هلڻو آهي ٻاھر سو ان لاءِ هتي آيس ته اُنهن جو وري روم بند آھي , پوءِ دل چيو ته ايڪياسي تي وڃي يار سان ڪچهري ڪيان. ائين ئي منهجي موبائل منجهان ڊو ڊو جو آواز آھيو. موبائل ڏانھن ڏٺس ته راحت جو ئي ميسيج لڳل هو ”ته تيار ٿي وٺ هلڻو آھي ٻاھر.
    مان اُهو ميسيج مونسان ويٺل دوست کي پڙھي ٻڌايو ۽ چيو..... ..
    ”يار راحت ته مونڏانھن به ميسيج ڪيو آھي,,,ائين ڪر تون هتي ويھ ته مان هٿ منهن ڌوئي اچان!
    دوست وراڻيو... . ”ٺيڪ آ.
    مان واش روم وڃي هٿ منهن ڌوئي آيس ۽ ڪپڙا پائي تيار ٿيس ڇو جو اُن ٻاهر چوڻ لاءِ چيو هو اُن لاءِ تيار ٿي دوست سان گڏ کٽ تي ويٺس ۽ چار ٻول چوريا مس ته دروازو هڪ ڀيرو وري کڙڪيو,,, ڪُنڊي ته کليل هئي پر ڪو به ڇوڪرو بنا کڙڪائڻ جي ڪنهن ٻئي جي روم ۾ داخل نه ٿيندو هو اُنڪري اُن قائدي تحت دروازي جو کڙڪڻ واجب هو دروازي جي ٽڪ ٽڪ واري آواز سان مون ورندي ڏني ”ييس.“ ته دروازو يڪدم ئي کلي ويو ڄڻڪ شبد جي انتظار ۾ ھيو.
    دروازي تي منهجو دوست جنهن ميسيج ڪيو هو اُهو راحت بيٺل هيو, راحت مونکي چوڻ لڳو...
    ”ڏيو حوال ڇا پروگرام آھي, تيار آھيو, هلون ٻاھر.
    مان کائينس پڇيو..... ”ڪاڏي ڪاھ ڪئي اٿئو؟
    وراڻيائين... ”يار سنگت پروگرام ٺاھيو آھي حيدرآباد جو,,,,گمهڻ لاءِ ھلون ٿا!
    مون چيو...”اوڇا ڪير ڪير ٿا هلو؟
    راحت چيو.... ”سڀ سنگت تيار آهي.
    اُھو ته ٺيڪ آهي راحت پر ايترا ماڻھون ڇاتي هلنداسين؟ بائيڪ ته صرف هڪڙي آھي توواري!,
    راحت چيو... ”نه ٻي به آھي! رحمان واري بائيڪ
    مون چيو...”ٺيڪ ته پوء هلو.
    ائين مان سندو روم بند ڪري اُنهن سان گڏ نڪتس ٻاھر نڪتاسين ته راحت چيو... ”هلو يار توهان ٻئي ٻه منٽ منهجي روم تي ويهو ته مان واشروم ڏانھن ٿي اچان.
    اسين ٿوري هٻڪ کانپوءِ اُن جي روم جي دروازي تي وڃي بيٺاسين, ڇو ته اُن جو روم بند هيو روم کي تعالو لڳل هيوهن مونکي چاٻيون ڏنيون ۽ چيو...
    ”تعالو کولي اندر وڃي ويهو, آءُ واشروم ڏانھن ٿي اچان ٿو.!
    سندس چوڻ موجب مون تعالو کوليو,, ۽ دروازي کي آھستي آھستي کولڻ لاءِ دِڪيو. روم ۾ اونهو اونڌآھ ھو. ڪا به شيءَ نظر نه پئي آھيو. جڏھن مون دروازو مڪمل کوليو ته ڪجھ ميڻ بتيون ٻريون پئي ۽ ائين ئي اوچتي تاڙين جي تڙ تڙ سان گڏو گڏ ھڪ آواز گونجيو... ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو,“ هيپي برٿ ڊي ٽو يو, هيپي برٿ ڊي ڊئير ثاقي.
    ڪمرو يڪدم روشن ٿي ويو اُن روشنائي جي روشني سان سامهون رکيل ميز ۽ اُن تي پيل ڪيڪ نظر آيو ۽ مٿان کان ڪجھ دوست بيٺل ھيا جيڪي تاڙين سان گڏ گنگنائي رهيا هئا,اُن وقت منهجو روح روئي رهيو هو خوشي مان اکيون نمدار ٿي پيون ھيون پاڻ کي خوشنصيب پئي محسوس ڪري رهيو هُيس, ۽ خدا جو شڪر ڪري رهيو هئس ته مالڪ جا ڪروڙين ڪرم جنهن اهڙا دوست ڏنا اٿم.
    ائين منهجي خوشي کي مٺمزاجي بڻائڻ لاء دوستن باڪر پاتا. اُها خوشي هڪ عظيم خوشي هئي جنهن کي منهجي من هميشه لاءِ اُن پل کي اُتي ئي روڪڻ ٿئي چاهيو, پر مان هڪ عام انسان هيس خدا نه، مان ميڻ بتين کي ڦوڪ ڏئي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ دوست ساڳي طرح سان گنگنائيندا رهيا. مان ڪيڪ سڀين دوستن کي کارايو ائين سڀني مونکي کارايو, اُهو ڪيڪ صرف هڪ ڪيڪ نه هو اُهو چاهتن محبتن جو ٺھيل هڪ تصور هو جنهن منهجي دماغ جي يادگيرن واري ڪوني منجهه جڳھ ٺاھيو. ان کان پوءِ ڪجھ پل لاءِ ٻار ٿياسين هڪ ٻئي کي منهن تي ڪيڪ ٿپيو سين.
    ۽ ائين ئي جڏھن ٿڪجي پياسين ته هيٺ پيل فوم تي ويھي رهياسين, ڪجھ چهچتا ڀوڳ مزاقون, تنقيدو, بيسوري گنگناهٽ ۾ مگن رهياسين, تقريبن اڌ گهڙي گزرڻ کانپوءِ دوست چيو ته اُٿو اڄ المنظر هلون ٿا ۽ ائين ئي سڀ اُٿي بيٺاسين اسين پاڻ ۾ ڇھ ڄڻا هئاسين ۽ اسان وٽ ٻه بائيڪون موجود هيون جنهن تي اسين ٽي ٽي ڄڻا ٿي ويٺاسين.
    رستي ۾ به نادانيت واريون شرارتو هيون هڪ ٻئي جو اڳُ ڪڍڻ,, گاڏي تيز بڄائڻ,,, جنهن تي مان فڪرمند ٿيندو رهيس,,, آخر ڪير ڄمڻ واري تاريخ تي مرڻ پسند ڪندو آھي, نادانيت سان گڏ نيٺ المنظر تي وڃي پهتاسين ۽ سنڌوءَ جي ڪناري فوٽو ڪڍرئيندا رهياسين, دوستن جي نادانيت وارن حرڪتن جو سلسلو جاري هيو.
    ته مان سنڌوءَ کي چوندو رهيس ,ته... ” اي سنڌو ماءُ جئين تنجهي ڇولين ۾ موج آھي ائين ئي خدا پاڪ منهجا دوست به سندن زندگين ۾ موجون ماڻين, جئين تو ٻھڪندڙ پاڻي سان تارو تار آھين ائين منهجا دوست خوشين سان تارو تار هجن ۽ توجيان سدائين چاڙھ ۾ رهن“ ,,,,


    بـي.اي پـاس

    صدف ۽ ساگر هڪ ئي ڳوٺ جا پاڙيسري هئا سندن وچ ۾ گهڻي گهرائپ هئي ٻنهن جي وچ ۾ بچپن کان ئي هڪ ڳنڀير ناتو جُڙيل هو. هو ٻئي شرارتون حرڪتون بچپن ۾ ڪٺي ئي ڪندا هئا هلانڪي ايتري قدر جو ٻئي هڪ اسڪول ۾ ۽ ھڪڙي ئي ڪلاس ۾ پڙھندا هئا, صدف جو پيءُ سول انجنئير هو ۽ ساگر جو پيءُ هڪ پرائمري ماستر هئو قدرت جو هڪ عجيب اتفاق هيو ساگر پنهجي پيءُ کي هڪ اڪيلو پٽ ھئو ۽ صدف به سندي پيءُ کي هڪ اڪيلي نياڻي هئي ساگر کي چار ڀينرون پڻ هيون ۽ صدف کي ٻه ڀائر پڻ هئا.
    ساگر ۽ صدف جي دوستي گھڻي مظبوط هئي هڪ ٻئي سان هر ڳالھ اوريندا هئا هڪ ٻئي کي گهڻو ڀائيندا هئا,,, وقت جي گهڙيال سان گڏ اُنهن جو قد ڀُت به وڌندو ويو پر منجهن محبت اڃا به سندي اوج تي هئي.
    بچپني وقت کان بلوغت جي دروازي تائين هي هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺا هئا ڄڻڪ هنن هڪٻئي جي روحن تي هڪٻئي جا نالا لکي ڇڏيا هئا, ايتري بي لوث محبت ۽ اعتبار مضبوط هئن جو ائٽم بم سان به نه ٽٽي, وقت جي ڊوڙ سان ٻئي انٽر ڪلاس تائين اچي پهتا,. ساگر عشق ۾ قرباني لاءِ ڪمال هئو, انڪري صدف جيڪو چوندي هئي هو ائين ڪندو هيو, نيٺ هنن جي امتحانن جا ڏڻ به آخر اچي پهتا. ساگر به پڙھائي ۾ سٺو هئو پر صدف اڃا وڌيڪ هوشيار هئي ۽ ائين ئي هنن جا ڪجھ پيپر ٿي ويا هئا ۽ باقي هڪ پيپر رهيل هئن جنهن ساگر جي زندگي بدلاءِ ڇڏي هئي.
    اُن ڏنھن هِنن جي فزڪس جو پيپر هو ۽ معمول جي تحت پيپر شروع ٿي چڪو هئو اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته مٿان بورڊ طرفان جوڙيل ٽيم ڇوڪرن تي اچي ڪاھ ڪئي ائين ئي ڪلاس روم ۾ ڦِرندي بورڊ جي طرفان آيل وفد جي هڪ فرد صدف جي ڪرسي هيٺ ڪاغذ جو هڪ ٽڪڙو ڏٺو جنهن مان قانوني طريقي سان اهو ثابت ٿي چڪو هو ته صدف ڪاپي ڪري رهي هئي پر حقيقت ۾ اُهو ڪاغذ جو ٽڪڙو صدف جي پويان ويٺل هڪ ٻئي ڇوڪري اڇلايو هو پر اُن فرد کي حقيقت جي ڪهڙي ڪل ان ڪاوڙ مان صدف ڏانھن نهاريو ۽ پيپر ڪڍيائينس صدف روئڻ لڳي پر اُن کي ڪو رحم نه آيو ائين ئي هو دروازي ڏانھن وڌيو ته اوچتو هڪ آواز فضا ۾ گونججڻ لڳو, ”اسڪيوزمين سر“
    اُن آواز ڄڻڪ اُن فرد آڏو بند ٺاھي ڇڏيا هئا اُهو آواز هڪ عاشق جو هئو جيڪو عشق ۾ ڪسجڻ لاءِ بلڪل تيار هئو اُهو عاشق ساگر هئو جنھن ٽيم جي فرد کي چيو سر ڪاغذ جو ٽڪڙو صدف جي ڪرسي هيٺان مون اُڇلايو هئو, حقيقت ٻڌي هو ساگر تي ڏمرجي پيو ۽ صدف کي ڪاپي واپس ڪري ساگر کان ڪاپي ڪڍيائين ۽ چيائين ڏسان تون ڪئين ٿو پاس ٿئين,,, اُن عمل سان صدف آڏو ساگر جو ڳاٽ اڃا بلند ٿي ويو ۽ سندس محبت اڃا به وڌي وئي... ڪجھ مهينن کانپوءِ جڏهن سندن رزلت آيو ته صدف اي گريٽ ۾ پاس ٿي هئي ۽ ساگر سي گريٽ ۾ پاس ٿيو هئو ، ساگر حيران ۽ عجيب وسوسن ۾ پئجي ويو ”مان ته ڪاپي ڪيس ٿيو هُئس پوءِ سي گريٽ ڪئين آيو آھي ساگر اُن الميي کي سمجھي ويو ته بورڊ طرفان منهجي لاءِ مقرر ڪيل سزا آهي.

    اهڙي ريت صدف جي پيءُ سندس داخلا يونيورسٽي ۾ ڪرائي ۽ ساگر کي سي گريٽ تي ڪٿي به داخلا نه ملي جنهن سبب ساگر ڏاڍو پريشان هئو ته هاڻي هو ڇا ڪري ساگر ڳنبير سوچ و فڪر کانپوءِ ڪاليج ۾ بي اي لاءِ ايڊميشن ورتي ۽ ڪاليج ويندو رهندو هو ۽ اُن دوران صدف سان سندس رابطو گهٽ رھندو هئو صدف تقريبن يونيورسٽي جي رنگ ۾ رنگجي چڪي هئي انڪري هي ساگر سان گهٽ رابطي ۾ رھندي هئي ۽ جڏھن ٻئي پاڻ ۾ گڏبا هئا ته صدف ساگر کي گھڻي قدر مصروفيت جا سبب ٻڌآئيندي هئي. ائين ئي زندگي جو گاڏو دڪبو رهيو.
    صدف هاڻي گريجيوٽ ٿي گھر ويٺي ۽ ساگر کي بي اي پاس ڪندي ٻه سال ٿي چڪا هئا. جڏھن ته صدف کي تعليم مڪمل ڪندي ڪجھ مھينا اڃا مس ٿيا هئا,,,
    اهڙي ريت صدف جي شادي جي ڳالھ ٿي, ايتري قدر جو تاريخ به طعئـه ٿي چڪو هئو, ۽ جڏهن اُن ڳالھ جي خبر ساگر کي پئي,, تـه ساگر پنهجي ڀيڻ عائشـ کي چيو ته هوءَ صدف تائين نياپو پهچائي ته ساگر کيس ملڻ ٿو چاهي. ڀاءُ جي اِلتجائن تي عائشـه صدف جي گهر وئي جتي عائشـه صدف سان ملي ۽ کيس ساگر جو نياپوڏنائينس پر صدف ساگر سان ملڻ کان مڪمل انڪاريندي چيو...
    ” ته ادي عائشـه مان ۽ ساگر گڏ کيڏياسين گڏ پڙھياسين پر اِنجو مطلب اِهو هرگز بـه ناهي ته مان ساگر سان گڏ سڄي زندگي گذاريان مان يونيورسٽي مان گريجيوئٽ آھيان ۽ ساگر صرف بي اي پاس آھي ان لاءِ هو مونکي خوش نٿو رکي سگھي اُنڪري ساگر کي چئو ته مونکي وساري ڇڏي.
    ائين چئي ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي وئي، وري وڏي غرور ۽ خوشي سان چيائين...
    ”ادي خبر اٿئي منهجو جنهن سان رشتو ٿي رهيو آھي اُهو ڪير آھي,
    عائشـه وراڻيس...”نه.. ادي مان تـه نٿي ڄاڻان.
    صدف مسڪرائيندي چيوته....
    ”هو منهجو سڳو ماسات آھي جيڪو هڪ اسيسٽنٽ ڪمشنر آھي!
    اُن ڳالھ تي عائشـه حيران ٿي چيو... ”جائي!
    وري عائشـه ماٺ پئجي ۽ دل و دل ۾ سوچڻ لڳي ته ڪاٿي منهجو ڀاءُ ۽ ڪاٿي هنجو ماسات هتي ته زمين و آسمان جو فرق آھي, اُن سوچ جي جهان مان نڪري عائشـه صدف کان موڪلائي سندي گهر ڏانھن رواني ٿي. جڏھن اچي سندي گهر جي دروازي تي پهتي ته ڏٺائين ته ساگر جون نماڻيون اکيون سندس اوسئيڙي ۾ آھن, ساگر جواب ٻڌڻ لاءِ اوتاولو ٿيو ويٺو آهي پوءِ صدف سندس ڀر ۾ ويهي کيس سڄي حقيقت ڪندي چيائين...
    ”منهجا ڀاءُ هوءَ اها صدف ھاڻ ناهي رھي جنهن سان تو محبت ڪئي هئي ان لاءِ ادا جي منهجو مڃين ته صدف کي وساري ڇڏ.
    اھو سڀ ڪجھ ٻڌي ساگر صفا سُن ٿي ويو ڄڻڪ هن جهان ۾ ئي نه هجي, آخر صدف جي شادي سندي ماسات زاهد سان ٿي وئي جيڪو هڪ اسيسٽنٽ ڪمشنر هو.
    ھاڻ صدف جي شادي کي چار سال ٿي چڪا هئا ۽ هيل تائين کيس ٻه ٻار به ٿي ويا هئا صدف هڪ هائوس وائف جو ڪم ڪندي هئي کيس مڙس ڏاڍو ڀائيندو هو,,,صدف گذريل چئن سالن ۾ ڪڏھن به ساگر کي ياد نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪڏھن ڪنهن کان ساگر بابت ڪي احوال ورتا هئائين,, پوءِ ھڪ ڏنھن صدف کي زاھد فون ڪري چيو ته..
    ”هيلو جانو، رات واري ماني نه پچائجان ڇو ته رات ڊپٽي ڪمشنر طرفان دعوت مليل آهي بهترين ڪارڪردگي جي سبب، ۽ ها تون به تياررهجان.
    ائين ئي ڪجھ پهر گذريا ته صدف زاهد جي انتظار ۾ هئي ته ائين ئي زاهد به اچي نڪتو پوءِ ٻئي زال مڙس سرڪاري گاڏي ۾ ڊي سي هائوس روانه ٿيا ۽ جڏھن اُتي پهتا ته ڊي سي هائوس جي نوڪر کين ويهاريو ۽ پاڻي وغيره پياريو پاڻي پي زاهد نوڪر کان پڇيو ته...
    ”سر ڪٿي آهن؟
    ان تي نوڪر وراڻيو ته...
    ”سر اوهان ويهو آءُ صاحب کي اوهانجي پهچي وڃڻ جو خبر ڏيان ٿو!
    ڊي سي کي جڏھن اُها خبر ملي ته اي سي پهچي چڪو آھي ته هي هال ڏانهن وڌيو جتي مهمان ويٺل هئا ,پوءِ جڏھن هال تي اچي اسلام اعليڪم چيائين ته ٻن ڄڻن مان صرف هڪ زاهد وراڻيو واعليڪم اسلام،، ڇو ته صدف ڄڻڪ سُن ٿي وئي ڄڻڪ حواس موڪلائي ويا هُئس تارا پٽيل ۽ ڊي سي صاحب تي ٽڪيل هُئس ڇو ته اُهو ڊي سي ساگر ئي هو.
    اُهو ساگر جنهن کي ڪالھ هڪ ڇوڪري اُن لاءِ ٺوڪرايو هئو جو هي صرف بي اي پاس هيو. ساگر جو ڳاٽ اوچو هو ڇو ته هِن ٺوڪرائيندڙ اُن ڇوڪري کي وقتي طور چماٽ ھنيو هو, جڏھن ساگر کي صدف سان ڪجھ ڳالهائڻ جو موقعو مليو ته هن چيو...
    ”مس صدف زاهد پئسو ڪجھ به ناهي محبت جي آڏو، ڪالھ مونکي تون بي اي پاس چئي ڇڏي وئين هوئين اڄ ھي بي اي پاس ڊي سي آھي جنهن مڙس جي پئسي لاءِ تو مونکي ڌڪاريو هئو اڄ اُھو منهجي هيٺان ڪم ڪري ٿو مونکي سر چوي ٿو.
    مان اڃا به ان صدف سان محبت ڪريان ٿو جيڪا مونسان گڏ کيڏندي هئي ۽ اُن صدف سان پڻ محبت ڪريان ٿو جنهن جي عشق مونکي ڪاپي ڪيس ڪرايو هو پرمان اُن صدفن سان اڄ بـه نفرت ڪندو آهيان جيڪا اسيسٽنٽ ڪميشنر جي ڪري مونکي ڇڏي وئي.
    مان جي چاهيان ها ته سندي غربت تي به خوش رهان ها پر مان توکي ٻڌائڻ پئي چاهي رهيو هئس ته وقت وڏو تماشو اٿئي هي اُنجو آھي جيڪو هن کي هڪ پل به واندو نه ڇڏي. ”برهال توسان ملي ڏاڍي خوشي ٿي .
    ”نائس ٽو ميٽ يو“


    بايـــوسي

    سليم هڪ چُست ۽ چالاڪ ڇوڪرو هو. سدائين هِن جي چپن تي مُسڪراھٽ جا ٻھڪاٽ هوندا ھئا. هر ڪنهن کي کِلي کيڪارڻ تمام عمده خاصيت هُئس هي چُست چالاڪ ڇوڪرو ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر هئو. هي ڪرڪيٽ سان چاھ رکندو هئو,
    هڪ ڏنھن کيس ڪرڪيٽ کيڏيندي پُٺاڻن ۾ اچي سور پيس کيس ائين محسوس ٿي رهيو هئو ڄڻڪ ڪا سُئي سندس اندر ۾ چبندي هجي, ۽ اُهو سور هن کي هڪ ٻئي ڏنھن پوندو رهندو هو, جنهن سبب هي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو سندس ٻھڪندڙ چهرو سڄي ۽ مايوسي جي ور چڙي ويوهُئس.
    اهڙي ريت سندس ناخوشگوار ۽ چڙيل چھري کي ڏسي سندس والدين به پريشان ٿيڻ لڳا هئا, آخر سليم جي والدين سندي وھم جي وضاحت لاءِ سليم کي شھر جي هڪ بهترين ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويا ۽ اُتي جڏھن سليم ۽ سندس والدين ڊاڪٽر جي آفيس ۾ ويا جتي ڊاڪٽر سليم کي چڪاسڻ کان پوءِ چيو ته...
    ”سليم توهان ٻاھر وڃو!
    ۽ ھو اچي ٻاھر ويٺو ڪجھ پل گذرندا رهيا, هونڏانهن سليم سندي والدين جي انتظار ۾ ھئو ته هيڏانھن وري سليم جي والدين ۽ ڊاڪٽر جي وچ ۾ ڳنڀير ڳالهيون ٿي رهيو هيون. سليم جي پيءُ چيو...
    ”ڊاڪٽر صاحب خير ته آھي نه.!
    ڊاڪٽر... ”ادا ڳالھ ٻڌ! زندگي موت ته رب ڪريم جي وس آھي, اسين انسان ته صرف ڪوشش ڪندا آھيون. برهال رب پاڪ اوهان جي پٽ کي وڏي ڄمار عطا فرمائي، باقي هڪ ڊاڪٽر جي حثيت سان مونکي لڳي ٿو ته اوهان جو پٽ ھن جهان ۾ باقي ڪجھ ڏنھن آھي, ڇو ته هن جون بڪيون بلڪل به ڪم نٿيون ڪن, هن جون بڪيون ڄڻڪ زيرو تي بيٺل آھن.
    ڊاڪٽر جي چيل انهن چئن شبدن هن جي اندر کي ڌوڻي ڇڏيو جنهن ۾ ھن جا اندريان سب عضوا ڪري ڇڻي پيا هئا جئين ڪنهن وڻ مان سڪل پن ڪرندا آھن, تنهن وقت هڪ پيءُ جو هال ڪهڙو ٿي ٿو سگهي, سليم جو پيءُ خوفناڪ وسوسن جي رڻ ۾ بٽڪي رهيو هئو, سليم جي پيءُ ڊاڪٽر کي گمگين آواز ۾ چيو...
    “ڊاڪٽر صاحب اُنجو ڪو نه ڪو علاج ته هوندونه..!
    ڊاڪٽر... ”ڪجھ نه ٿو چئي سگهجي.
    اوهين ائين ڪريو جو ڪراچي هليا وڃو متان اُتي ان جو مسئلو هل ٿي سهگي!
    ايتري ۾ ھن جا والدين پريشان نظر ٿئي آيا اُن کانپوءِ سليم جا والدين
    ڊاڪٽر جي آفيس مان ٻاھر نڪتا ٻاھر نڪرڻ کانپوءِ سندن چهرن ۾ چڙچڙاھٽ ھئي ڄڻڪ اندر ۾ باھ ڀڙڪا ڏئي اُٿيو هجين, ائين ئي سليم جا والدين سليم ڏانھن اچي سليم جي نرڙ تي چميون پاتيون ۽ چيائون ته.....
    ” پٽ رب توکي وڏي ڄمار ڏئي!
    سليم جڏھن والدين جي اکين ڏانهن ڏٺو ته کيس والدين جي اکين منجھ ڏک جو سنديش نظر آيو ڇو ته انهن جا نيڻ نمدار هئا. ايتري ۾ سليم حيران و پريشان ٿي سندي بابا کان پڇو....
    ”بابا خير ته آھي نه.! ڇا چيو آھي ڊاڪٽر ڇ چيو آهي؟,
    ” بابا اوهين ائين پريشان ڇو آھيو؟
    سليم جي مايوسي وارن سوالن تي ھن جي بابا سندي چهري تي ڪوڙي مسڪراھٽ جي وکير آڻي وراڻيو...
    “منهجا ٻچا ڪجھ به ناهي, تون پريشان نٿي ڊاڪٽر چيو ته سليم کي سور ڪمزوري جي ڪري ٿئي ٿو,, اُن لاءِ توهان سليم کي ڪراچي وٺي وڃو جتي هن کي رت جو ٿهليون چڙھنديون.
    پوءِ سليم جا والدين کيس گهر وٺي آيا,,,اهو سليم کٽ تي پيل هوندو هو جيڪو ڪرڪيٽ ۾ چڱي ڀلي بالر کي ڇڪا هڻندو هئو,,,سليم کي سندي بيماري جي سڌ ته ڪان پئي هئي پر هي ان معماملي مطعلق پريشان ضروي هئو, گهڻي قدر هن جي گهر ۾ ٿيندڙ زالن جي سس پس هن کي گهڻو الجنن ۾ وجھندو هو,, ڪڏھن ڪڏھن سليم زائفائن جي واتان اهي لفظ به ٻڌندو هئو ته ”ادي ڇوڪرو ڪونه بچندو!
    پوءِ آخر سليم کي پنهجو پيءُ ڪراچي وٺي ويو علاج لاءِ ۽ جڏھن هو اتي پهتا ۽ ڊاڪٽر کي ڏيکاريائون، ڊاڪٽر سليم جي چڪاس ڪرڻ کان پوءِ چيو ته...
    ”سليم هڪ طريقي سان ٺيڪ ٿي ٿو سگهي نت ٻئي صورت ۾ کيس گردي جي ضرورت پوندي ۽ ھي علاج صرف اسان وٽ آھي باقي سڄي ملڪ ۾ اوھان کي ڳولڻ سان به نه ملندو، اُنڪري اوهان لاءِ بهتر اهو آھي ته اوهين سندي مريض کي هتي ئي رهايو ۽ ھا اوهين پئسي جي بلڪل به چنتا نه ڪريو ڇو ته هي اسپتال في سبيل الله آھي, اوهين بس همٿ ۽ حوصلو رکو باقي رب پاڪ بهتر ڪندو.
    ائين چئي ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو ايتري ۾ سليم جو پيءُ به آفيس مان ٻاھر ويو, جتي ويٽنگ روم ۾ سليم ۽ اُنجو ڀاءُ ويٺل هئا سليم جي پيءُ سليم جي ڀاءُ حيدر کي چيو ته....
    ”پٽ حيدر ٿورو هيڏانھن ته اچ
    حيدر يڪدم پنهجي پيءُ جي سڏ تي هن ڏانهن ويو
    حيدر چيو....
    “بابا حڪم ڪيو خير ته آھي نه.!
    سليم جي پيءُ چيو......
    “ها پٽ خير آھي پر ڊاڪٽر چيو ته اوهين سندي مريض کي هتي داخل ڪرايو,,پٽ مان سوچان ٿو ته هي سرڪاري اسپتال آھي الله نه ڪري منهجي ٻچڙي کي ڪجھ ٿي پوي ته لوڪ مھڻن جو مينهن وسائيندو مون مٿان ماڻھون چواندا ته پٽ جي اعلاج ۾ به ڪنجوسپائي ڪيائين, پٽ سليم کان مٿي پئسو ناهي, پر وري ڊاڪٽر چيو ته ”هن جو اعلاج سڄي ملڪ ۾ صرف مون وٽ آھي, اوهين ڀل ٻئي هنڌ وڃو پر وري به موٽي مون وٽ ايندو. پٽ پيءُ جو روح آ اولاد جو درد نٿو ڏسجي سليم منهجو دل آ ۽ مان دل کان سواءِ نٿو رهي سگهان.
    ائين چئي سليم جو پيءُ روئڻ لڳو ڳوڙا سندس اکين منجهان بي قابو ٿي برسڻ لڳا اهي ڳوڙا ايترا ته زهريلا پئي لڳي رهياهئا جي ناگ پئيي ها ته شايد اھو به ڪو نه بچي ها ڇو ته ان ڳوڙھن ۾ جوان پٽ جو درد سمايل هو. پيءُ جا ڳوڙي اگهندين حيدر به گمگين ٿي ويو.
    پر پاڻ سنڀالي ويو ۽ سندي پيءُ کي آٿت ڏيندي چيائين....
    ”بابا فڪر نه ڪر الله وڏو آھي پاڻ بهتر ڪندو. اسين ته بس ذريعا آھيون باقي سڀ خدا جي وس آھي، بابا ادا کي هتي ئي داخل ڪرائجي ته بهتر ٿيندو, مان ٻڌو آھي ته هتي تقريبن مريض ٺيڪ ٿي ويندا آھن.
    سليم جي پيءُ چيو,,, ”پٽ ھي هڪ ئي واحد رستو آھي, ٻيو پاڻ ڪري به ڇا ٿا سگهون.
    اُن گمگين مرحلي کانپوءِ ٻنهين بڄِ ڍُڪِ ڪري سليم کي داخل ڪرايو ,سليم ڪجھ ڏنھن اسپتال ۾ رھيو ۽ اُن دوران هِن جون خاص چڪاسو ٿينديون رهيون, سليم جي ٽيسٽن جي مطابق ڊاڪٽر سليم جي پيءُ کي صلاح ڏني ته...
    ”هن جو پٽ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو پر بشرط اُن جي ته سليم جي بايوسي ٿيندي,
    ڊاڪٽر سليم جي پيءُ کي مايوس ڏسي کائنس پڇيو ته...
    “ڇا توهان متفق آھيو ته سليم جي بايوسي ڪئي وڃي؟
    سليم جي پيءُ چيو...”ڊاڪٽر آءُ مور نه ڄاڻا اُن بايوسي مان، مونکي صرف ايترو ٻڌايو ته منهجو ٻچو ٺيڪ ته ٿي ويندو نه!
    ڊاڪٽر سليم جي پيءُ جو سوال ٻڌي کيس جواب ڏنائينس ته....
    ”توهان پريشان نه ٿيو, بايوسي ڪو آپريشن وغيره ناهي, بايوس ۾ ھڪ انجيڪشن جي ڊريعي گڙدن مان رت ڪڍيو ويندو آھي,,, باقي ڪنهن جي زندگي جي گرنٽي مان نٿو ڏئي سگان ڇو ته مونکي منهجي حياتي جي ئي پڪ ڪانهي,,,باقي سليم جي صحتيابي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪنداسين, برهال اسين اوهان جي اجازت جي بغير بايوسي نٿا ڪري سگهون!
    ڊاڪٽر جا اهر درديلا جملا ٻڌي سندس چپن تي خاموشي ڇائنجي وئي ڪجھ پلن لاءِ خيالن جي دنيا ۾ هليو ويو شايد پنهجي پٽ جي وڇوڙي واري درد کي توري رهيو هو. وري ٻيھر ڊاڪٽر جي آواز سندس درديلي خيالن کي ٽوڙيو.
    “سائين ٻڌايو ته جئين اسين ڪو حتمي فيصلو وٺي سگهون.
    سليم جي پيءُ چيو...
    ”ٺيڪ آ ڊاڪٽر مان سڀ ڪجھ رب تي رکيو آھي ڇو ته اهو ئي منجهي درد کي پرکي سگهي ٿو, هو ڄاڻي ٿو ته سليم منهجي لاءِ ڇاهي. اُن کانپوءِ هي پنهجي ۽ ھو پنهجي تيارين ۾ لڳي ويا, جڏھن سليم جي پيءُ سندي پٽ حيدر کي سڄو قصو سمجهايو ته حيدر به گمگين ٿي ويو ۽ پنهجي پيءُ کي چيائين ته....
    ”بابا پوءِ ڀلا امان ۽ ادي وارن کي گهران گُهرايون هتڙي؟
    تنهن ۾ حيدر جي پيءُ چيو...
    ”انهن کي ٻڌائيجان به نه! اُهي گمگين ٿيندا ۽ تنهجي ماءُ اٽيڪ ۾ نه مري پوي, خبر اٿئي نه ته تنهجو ڀاءُ ڪيترو پيارو آھي ماڻس کي، هڪ دفعو هي بايوسي ٿي وڃي پوءِ کين ٻڌائنداسين.
    پيءُ جي تلقين تي حيدر راضپو ڏيکاريو. پوءِ اسپتال جي انتظاميه طرفان ڪاغذي ڪاروائي ٿي جنهن ۾ ھن سليم جي پيءُ سميت خود سليم کان لکت ورتي وئي.
    جڏھن سليم کي بايوسي لاءِ نيو پئي ويو تڏھن هڪ نرس اچي سليم جي پيءُ کي چيو ته ....”سر توهان پنهجي مريض کان موڪلائي سگهو ٿا.!
    نرس جا اهي لفظ ڄڻڪ وزندار هئا. سليم جو پيءُ ۽ سندس ڀاءُ ڪجھ ويک وڌي سليم تائين ويا سليم جي پيءُ سليم جي وارن تي هٿ ڦيري کيس نرڙ تي چمي پاتي ۽ چيو ته....
    ”پٽ مونکي خبر آ ته تون منهجو بهادر ٻچو آھين الله توکي وڏي ڄمار ڏي!
    ايتري ۾ ٽئي روئڻ لڳا، ڄڻڪ نيڻن جا ڪڪر بارش برسائي رهيا هئا. وقت جي تقاضا کي ڏسي نرس سليم کي بايوسي روم ڏانھن وٺي ويا. سليم جڏھن بايوسي روم ۾ پهتو ته ويتر مايوس ٿيو ڊاڪٽرن جا تِکا اوزار ڏسي پريشان ٿيڻ لڳو. سليم کي بيڊ تي سمهاري کائنس ڊاڪٽر پڇيو ته...
    ”پٽ ڇا تون خوشي راضپي سان بايوسي ڪرائين ٿو توتي ڪنهن جو دٻاءُ ته وغيره ته ڪونهي نـه!
    ”بابا ڇا چيو آھي؟
    ”توهانجو بابا راضي آھي.
    ”جي بابا راضي آهي ته مان به راضي آهيان!
    اُن کانپوءِ سليم ماٺ پئجي ويو ۽ ڊاڪٽر پنهجي ڪروائن ۾ رڌل رهيا سليم کي مڪمل طريقي سان نشو ڏنو ويو ۽ پوء ڊاڪٽر ڀر ۾ پيل هڪ سئي کنئي جيڪا وار جيتري سنهي ۽ ڇھ انچ ڊگهي هئي جيڪا ڊاڪٽر سليم جي پٺي تي هنئي جا گردي تي وڃي پهتي اهڙي ريت اُنهن پنهجيون ڪاروايون پئي ڪيون ته هوڏانهن وري سليم جو پيءُ ۽ سندس ڀاءُ پيرن فقيرن کي ٻاڏائي رهيا هئا.
    ائين ئي ڪجھ خلاصي وقت جي گذر کانپوءِ جڏھن سليم جو آپريشن وغيره پنهجي اختتام تي پهچي چڪو هو هاڻي جي انتظار هئو ته بس سليم جي اکين جي کولڻ سندس مٽ اُن جي اوسئيڙي منجهه هئا. سليم جي پيءُ ۽ سندس ڀاءُ کي اڃا تائين کائنس ملڻ نه ڏنو يو هو ڇو ته ڊاڪٽر جو منعي ٿيل هئو ته جيسين سليم کي هوش نٿو اچي تيسين اوهين ان سان ملي نٿا سگهو. گھڻن ئي ڪلاڪن کان پوءِ آخر سليم اکيون کوليون ۽ ڏٺائين ته ڪئيي مريض سندس ئي جيان بيڊ تي پيل هئا ته ائين ئي هڪ نرس سليم کي چيو...
    ”اوهان وٽ اوهانجي ڀاءُ يا پيءُ جو نمبر آھي؟
    سليم خماريل ۽ ڪمزور آواز ۾ چيو ته....
    ”اتي منهجي ڀر ۾ ھڪ پرچي پيل هئي ڏسو ان ۾ ھوندو شايد,
    نرس يڪدم اها پرچي کنئي ۽ اهو نمبر ڏسي هن جي ڀاءُ ڏي ڪال ڪيائين ۽ چيائين ته.....
    ”اوهان پنهجي ڀاءُ کي گھر وٺي وڃي سگهو ٿا.
    ائين ئي سليم جو ڀاءُ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بيقابو ٿي سليم ڏانھن رک ڪيائين, هي به سليم وٽ پهتو ته هنجو پيءُ به اچي پهتو, اتي هنن سليم کان حال حوال ورتا. سليم جي پيءُ جڏھن سليم جي پيت سان وڙھيل پٽي ڏٺي ته ٻئي پيءُ پٽ پاڻ ۾ آھسته آواز ۾ سس پس ڪرڻ لڳا ۽ سليم کي لڳوٿئي ته بابا وارا ڇا ٿا پيا چون، ڪٿي ڊاڪٽر منهجو گردو ته ناهي ڪڍيو. اهڙي ريت سليم جي پيءُ کي ڊاڪٽر پنهجي آفيس ۾ گھرايو ۽ چائين ته....
    “ائين نه سمجھ ته بايوسي سان تنهجو پٽ ٺيڪ ٿي ويو. بايوسي مطلب گردي کي دڪو, پوءِ وڌيڪ گردن جي مرضي ته اُهي چالو ٿين يا نه ٿين, مان دوائون لکيون آھن ڇوڪري کي مهينو دوا وغيره کارائي پوءِ وري مونڏانھن وٺي اچجوس. آءُ ٽيسٽون ڏسي پنهجو حتمي فيصلو ٻڌائيندس.
    سليم جي پيءُ وراڻيو...”ٺيڪ آھي ڊاڪٽر! خدا ڀلي ڪندو.
    ڊاڪٽر...”ها ۽ چوويھ ڪلاڪن کان بعد ڇوڪري جي پٽي لاءِ ڇڏجو!
    ”جي ڊاڪٽر! سليم جي پيءُ مُتفق ٿي چيو...
    پوءِ سليم جو پيءُ سليم کي وٺي پنهجي دوست جي گهر آيو جيڪو اسپتال کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي رهندو هئو. هي هڪ رات کن ترسيل هئا جتي سليم کي چوويھ ڪلاڪ ٿي چڪا هئا. پوءءِحيدر پنهجي پيءُ کي چيو ته....
    “بابا هاڻي اسان کي سليم جي پٽي لاهڻ گهرجي کيس چوويھ ڪلاڪ ٿي چڪا آھن.
    سليم جي پيءُ چيو.... ”ها پٽ ڀلي هاڻي لاهي ڇڏينس.
    جڏھن حيدر سليم جي پٽي پئي لاٿي ته سليم زور زور سان رڙيون پئي ڪيون سليم جي ذھن ۾ اُهو تصور هو ته شايد ڊاڪٽرن هن جو آپريشن ڪيو آھي پر جڏھن پيٽ تان پٽي لٿي ته پوءِ سليم کي به سڌ پئي ته ڊاڪٽرن انجيڪشن ذريعي علاج ڪيو آھي اُنهن آپريشن نه ڪيو, سليم ڏاڍو خوش ھو پر سندس پيءُ جي چهري تي اڃا گمگيني ڇنايل هئي, ڇو ته سليم کي صرف مهيني جو وقت مليل هو مهيني کانپوءِ جي هن جي گردن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ آپريشن جي ضرورت نه پوندي.
    سليم وارا آخر پنهجي گهر آيا جتي هن کان دوست يار سڀ تبيت پڇڻ ايندا رهيا ۽ سليم وچارو دوائن جي سهاري هلندو رهيو، هي ڏنھن ۾ تقريبن ٽيھ ٽيھ ٽيبليت کائيندو هو ٽيبليٽن جا ٻڪ ڀري پنجهي وات ۾ وجھندو هو, ائين ئي هڪ مهينو گذري ويو ته سليم جي پيءُ سليم ۽ حيدر کي ساڻ ڪري ڪراچي روانو ٿيو. اُتي پهچي سليم جي چڪاس ڪرايائين پوءِ اُهي رپورٽون ڊاڪٽر کي ڏيکاريائين. ڊاڪٽر اُهي رپورٽ غور سان ڏسي سليم جي پيءُ ڏانهن نهاري مُسڪرايو ۽ چيو...
    ”مبارڪون هجنو سليم جا گردا هاڻي ڪم ڪرڻ لڳا آھن, هاڻي سليم خطري کان خالي آھي!
    اُهي چند شبد ڄڻڪ رحمت جا شبد هئا جن سليم جي پيءُ جي اکين مان ڳوڙا آندا فرق صرف ايترو هو جو اهي ڳوڙھا هن ڀيري خوشي جا ڳوڙھا هئا . سليم جي پيءُ نماڻين نيڻن سان مٿي ڏسي چيو...
    ”اي خدا تون وري مون تي ڪروڙي وڙھ ڪيا منجها مولا تو سچ ۾ رحمان آھين, رحيم آھين, ٻاجهارو آھين.


    ڪڏهن تــه ملنداسين

    عجيب الميو آھي دلن ۾ کڙکڙاهٽ آھي دل زورر سان دڙڪي رهيو آھي. سڄو جسم ڪنبجڻ لڳو آھي. بنا ڪنهن تپ,ڌڪ ,سلھ جي جسم ۾ گرمي جا پڌ محسوس ٿي رهيا آھن مون سان اُهو الميو درپيش آھي, پر عائيشه جي خبر ڪونهي ته سندس دل ۾ ڪھڙا ادما اٿي رهيا آھن, سندس پرنم نيڻ گمگين آھن ۽ سندس جسم مان جدائي جي خوف جو سڳند اچي رهيو آھي ڄڻڪ سندس دل ۾ ڪو وڏو وھم ويٺل اٿس, موسم ۾ به بيچيني ڇانيل آھي ڪارا ڪڪر بار بار سورج جو روشني آڏو اچي وري بنھ پري ٿي وڃن ٿا شايد اهي به اسان جيان بيچين آھيان.
    عائشه منهجي ڪلاس ميٽ آھي ۽ اسانجا روح ڳنڍيل آھن ڳتڙيل آهن جن کي هڪ ٻئي کان آجو ڪرڻ آدم زاد جي وس ڪونهي ڪو, اسانجا روح ته شايد بچپن کان ئي مليل هئا يا ڄڻڪ وجود کان ئي ڳتڙيل ھئا تڏھن ته اسان محبت جي رڻ پٽ ۾ هڪ ٻئي جي روحاني سڳنڌ جي ڪشش سان اوچتو هڪ ڏنھن مليا هئاسين ۽ اھو منهجي ۽ عائيشه جي ملياپ ۽ پريم ڪٿا جو پهريون ڏنھن هو, جڏھن ڪلاس جي اختتام تي منهجو نظرون عائيشه جي پرنم نظرن سان مليون هيون, تڏانھن فضا ۾ ڪڪرن گجگوڙ ڪيو هو هوائن حرڪتون ڪيون ۽ آسمان کنوڻن جي گرجڻ سان ٽمٽار نظر ٿي آيو.
    تڏھن ئي عائشه جي پرنم نگاهن جي نمڪين نيڻن جي محبت ڀري مھڪ منهجي اندر ۾ عائشه جو عڪس ٺاھي ڇڏيو ۽ دل تي سندس نالو مڙھي ڇڏيو هو تڏھن منهجي روح عائشه جي جسم جي سڳند کي سنگهي ورتو هو. تڏھن ٻين جسمن ۾ ھڪ روح جو قيام ٿيو هو. عائشه منهجي لاءِ مخلص هئي ۽ مان عائشه لاءِ اسين هڪ ٻئي کان سواءِ اڌوري احساس جيان هئاسين عائشه مونکي بيباڪ ڀائيندي هئي ۽ مان کيس بيتاهشا ڀائيندو هئس اسان جو رشتو ڳنڀير هئو .
    هاڻي چار سال گذري چڪا آھن اڄ عائشه ۽ منهجو آخري ڏنھن آھي, منهجي من جي مندر ۾ عائشه جي مورتي رکيل آھي ۽ ان مندر ۾ وسوسن ۽ وهمن جا گنڊ گونجي رهيا آھن . هيترو ڳچ وقت هڪ پنڪي ۾ پورو ٿي ويو اڃا ته مان پنهجي ارپنا کي ڏسي رهيو هئس هڪ اک ڇنڀ وقت کي اڳتي ورائي ڇڏيو اڃا ته مان محبوب جي مُرڪ تي مجروح ٿي رهيو هُئس.
    عجيب وسوسا جي کي جنجوڙي رهيا هيا ته اوچتي ملهم لفظن جي سڳنڌ ڪن تي پئي ڄڻڪ تاريخ مان ڪنهن هير, ڪنهن ليلا, ڪنهن سهڻي سندي مهيار کي پڙلاءِ ڏنو هجي,
    ”ثاقي!
    سندس لهجي ۾ ڄڻڪ ماکي جا ڊرم هاريل اٿس
    او ثاقي!
    هن جي سوچ کي ڇڏيم هن سان مخاطبت لاءِ ۽ کيس وراڻيم...
    ” جي سھڻي!
    ”تو اڄ تائين مونکي هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو؟
    ”منهجو من توکان اوجهل ناهي سهڻي. مون کيس ورانيو..
    ”اڄ تائين تو مونکي ناهي ٻڌايو ته تون مونکي سھڻي ڇو سڏيندو آھين؟
    ”بس ائين سڏيندو آھيان!
    ”پوءِ ھيل تائين مونکي ڳجھ ۾ ڇو رکيو هئي؟
    ڇو ته هيل تائين وضاحتن جي تلاش ۾ ھُئس.
    پوءِ وضاحت هٿ ڪيئي؟
    ”نه...! مون کيس وراڻيو.
    ”ڇو؟ اکين جي اِشاري ساان پڇيائين.
    ”ڇو ته ڪا گُنجائش ئي ڪونهي!
    ”ڇو ڪونهي گُنجائش؟
    ”ڇو ته سھڻي شبد تنجهي ميراث آھي!
    هو کِلي، ٻھڪي، ته سندس ڳلڙن تي ٻه ننڍڙا ڊيم ٺھي آيا. مان دل ۾ سوچيم ته سهڻي جي اُهي ڊيم تنهجي ڳلڙن بدارن سنڌوءَ جي سيني تي ٺھن ها ته مان آڏو بغاوت جو ڀِت ضرور بڻجان هان ۽ نامنظور نامنظور جا نعرا نروار ڪيان ها.
    ,پر تون ته سند پرست آھين ڌرتي جي مٽي جيان پاڪ آھين تون ئي ته منهجي سنڌو آھين تون اُن ماتا جيان معصوم آھين جنهن جي پاڪ مٽي جو مون مٿي تي محراب ٺاھيو آھي نرڙ تي تِلڪ لڳايو آھي. جئين ڪالھ ھوشو شيدي لڳايو هئو جئين ڪالھ ھيمو ڪالاڻي لڳايو هو ۽ جئين ڪالھ دودي سومري لڳايو هو جنهن جي مهانتا آڏو خلجي نِستُ و نابوت ٿي ويا هئا.
    مان سنڌ جي تاريخ ۾ بي منزلي مسافر جيان ڀٽڪندو رهيس ڪڏھن موئن آباد جي گهٽين ۾ پئي گُمهيس ته ڪڏھن وري اروڙ جي اڻھاگين ۾ ڦاٿس پئي. اوچتي سنڌو جي چانڊاڻ چهري مونکي پنجهي حال جي قدمن ۾ اُڇليو. سهڻي ناراشان ھُئي, وياڪل ھُئي اداس ٿئي نظر آئي.
    مون کيس چيو... ”سهڻي ڇو چهري جي استري گونجائي اٿئي؟
    هوءَ مسڪرائي,وري وياڪل ٿي وئي.
    ”يار اڄ آخري ڏنھن آھي.
    مون کيس چيو...”عائشه تنهجا اهي لفظ اندر ۾ نيوڪلئير بم ڪرائن ٿا, الائي ڇو مان حقيقت کان منهن لوائڻ ٿو چاهيان سچ کي ڪوڙو ڪرڻ جي جستجو اٿم اندر ۾ ھڪ ارمان اٿم.
    ”ڪھڙو ارمان؟ عائيشـه حيران ٿي پڇيو..
    ”ارمان اٿم ته ڪاش وقت کي ريورس ڪري سگهان هان.
    ”اڙي چريا, ڀلا ڪير وقت کي ڄڻڪ روڪي سگهيو آھي ڇا؟ عائيشـه مُسڪرائيندي چيو....
    ”اهو ته ارمان اٿم عائيشـه! جي مونکا اڳ ڪير روڪي سگهي ها ته کيس ساري جڳ جهان ۾ ايتري قدر جو پاتال ۾ به ڳولهي لاهنس ها. پوءِ کائينس وقت روڪڻ جا فن پرايانس ها.
    عائيشـه وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ منهجي من ۾ اهي ٽهڪ قلندر جي رڪس جيان هئا.
    ”يار تون صفا چريو آھين!
    ”جي اُهي تنهجا روحاني شبد آھن ته مان ترديد نه ڪندس. مون وراڻيو..
    مُسڪرائي چيائين....”اڙي چريا! تون چريو ناهين.
    ”مان ڄاڻان ٿو ته سهڻي چرين سان محبت ناهي ڪندي.
    پوءِ ھو مُسڪرائي، ٿوري ڌير لاءِ خاموشي جو سهارو ورتائين, پوءِ وري سندس ٻِڻڪن ٻھڪو ڪيو ۽ چيائين...,
    ”يار ما تو سوا ڪئين رهي سگهنديس!
    ”سهڻي اُهو ته ممڪن ئي ناهي.
    ”ڪيئن ممڪن ناهي؟
    مون کيس چيو...”ساھ ماھ کان تڏھن ئي جدا ٿي سگهي ٿو جڏھن موت پرسٿت ٿئي, باقي دنيا جون ڪٺور ريتو رسمون به روحاني رشتن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏينديون آھن
    ”يار ڀلا وساري ته نه ڇڏيندين نه؟
    ”ها هڪ وقت جي واقعيت تي توکي وساري سگهان ٿو سهڻي!
    ”ڪهڙي وقت؟ عائيشـه پڇيو
    جڏھن تتل ۽ تيز اُس جي حاضريت ۾ وڏ ڦڻن جو وسڪار ٿئي ۽ آسمان ۾ ڪي به ڪارا ڪڪر نه هجن, جڏھن سنڌوءَ جي سيني منجهان فصلن جا لاڀ ٿين, جڏھن سنڌوءَ جو جهل پئيڻ کي ماڻھون خودڪشي سمجهن, جڏھن ڀٽائي جي ڀيتن کي سمجھڻ وارو ڪو به نه هجي, جڏھن موئن دڙي جي ديوارن تي لکيل شبد ڪي اڄوڪا فرد سمجهي سگهين
    تڏھن سمجهي سگهين ٿي ته ڪنهن جي دل تي مڙھيل تنهجو نالو وقت جي دز سان مٽجي ويو آھي. باقي توکي وسارڻ ڪبيرا گناھ آھي. عشق جي مذھب ۾ کفر مثل آھي.
    ”ايتري محبت ڪندو آھين مونسان؟
    ”سھڻي توسان محبت لامحدود آهي, توسان پريت جو ڪو به حد مون طع ناهي ڪيو, انترِڪش ڏانھن ڏِس ۽ پوءِ وري اُفق ڏانهن ڏِسُ جتي توکي آسمان زمين سان ڳنڍيل ڏسجي اُتان اسانجي محبت جي حد نڪتل هوندي.
    ”چئن سالن ۾ مونسان ايتري محبت ٿي وئي اٿئي؟
    ”سهڻي اسانجو پيار قديم آھي, ياد ڪر! جڏھن اسين موئن آباد جي گھٽين ۾ راند رچائيندا هئاسين. اسانجي ڪٿا اوائلي آھي اسان جي عشق کي ورهيه وهامي ويا, اسين هر جنم ۾ ھڪ ٻئي سان ملندا ٿا اچون, ڪنهن جنم ۾ ليلا مجنون ٿي جنميون ٿا, ته ڪنهن جنم ۾ ھير رانجها ٿي. پر هر جنم ۾ ڏونگر ڏولاوا سر تي سھڻا ٿا پون,
    ”ٻڌ! ثاقي.
    ”جي منهجي سهڻي .
    ”يار مان سڀاڻي گھر وينديس سندي پراڻي ڏيھ.
    ”سھڻي مان اهڙن وهمن کان اڳئي واقف هُئس,!
    ”يار مان توسان روز ڳالهائي نه سگهنديس .
    ”پر ڇو سھڻي ايڏي ازيتناڪ سزا!
    ”ثاقي تون ته ڄاڻي ٿو ته مان ڪهڙي ماحول جي پليل آھيان .
    ”بلڪل مان ڄاڻآن ٿو ته تنهجي گهر ۾ دنيا جو سخت ترين آئين نافظ ٿيل آھي ,
    پر پوءِ به ڪڏھن ڪڏھن مان چوررڇپي توسان فون تي ڳالهئيندي رهنديس، تنهجي محبت ۽ ماڻھپي خاطر ايترا ڪشالا ته ڪاٽي ٿي سگهان نه!,
    اوچتو جڏھن پوائينٽ جي پاپا جو آواز پراڏا ڪندي فضا ۾ گونججڻ لڳو ته ڪئي عاشقن جو جسم ڪنبجڻ لڳو سندن روح جهوري پيا، اسان سان گڏ ڪئي عاشقن جو آخري ڏنھن هو هي پوائنٽ بس جو هارن جدائي جو سنڪيت ڏئي چڪو هو , اُن جدائي جي سنڪت اسانجي چهرن کي چِٻو ڪري ڇڏيو هو روح روح کان ڇِڄي ڌار ٿي رهيو هو , محبتن جا جنازا نڪري رهيا ھئا. موسم ماٺ متل ھئي ڄڻڪ گمگين آھي بادل بڄ ڊُڪ ڪري رهيا ھئا.
    منهجي سهڻي عائشه آخري دفعو مونسان هٿ ملائي پوائنٽ بس جي سيٽ تي ويٺي ھئي مان پوائنٽ بس سان ٽيڪ ڏيون بيٺو هُئس, عائشه گمگين هئي، ناراشا ھئي, وياڪل ھئي, هو لڙڪڻ کي مونکان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي ھئي پر سندس اکين جا بند ڊھي لڙڪن سان وهي آيا ھئا عائشه جي اکين مان آبشاري جاري و ساري ھئي هيڏانھن مون مجنون جو به ساڳيو هال هُئم. اسان سان گڏ آسمان به نراشا آھي ۽ ھوائون به روئن ٿيو ائين ٿو لڳي ڄڻ سڳوار ماحول آھي.
    اندر مان اُٿندڙ درد جي ڪا انتها ڪونهي هئي اوچتو وڇوڙي پنهجا پر کوليا ۽ اُڏامڻ شروع ڪيو. پوائنٽ بس هلڻ لڳي، بس جي سِلو رفتار سان ما به ڊوڙڻ لڳُس ۽ چوڻ لڳُس.....
    ”عائيشه عائيشه او عائيشه,! منهجي سھڻي.
    مان تيز آواز ۾ چيو.......” سهڻي وري ڪڏھن ملندين,,,,؟
    ايتري ۾ بس تيز ٿيڻ لڳو، منهجا هٿ بس تان ڇڏائجي ويا ۽ مان چند قدم بس کان پوئتي رهجي ويس. عائيشه بس جي دروازي تي بيهي وڏي آواز ۾ چيو...
    او, ثاقي!
    ”,ڪڏھن ته ملنداسين“.


    بيوفا ڇوڪري

    عشق به عجيب آھي جنهن کي لڳي اُنکي ڏنهن جا تارا ڏيکاري ۽ سندس مت ماري ڇڏي. هڪ مشهور چوڻي آهي تـه ”عشق آھي نانگ خبر کاڌل کان پڇو“ اهڙي ريت زاهد جي چهري منجهان ٽٽل ڦٽل عشق جا آثار نظر اچن ٿا, جڏھن به سندس آڏو عشق جو ناءُ کڄي ٿو ته زاهد جي تبيت خراب ٿيڻ لڳندي آھي ۽ عشق آڏو بغاوت بڻجي عشق کي ڪوڙو, فريب, دغا جو نالو ڏيندو آھي ۽ چوندو آھي ته عورت تي ڪڏھن بـه اعتبار نه ڪجو, عورت بيوفا آھي, دغاباز آھي زاهد جي اهڙين ڳالهين تي اڪثر هڪ پهاڪو ياد ايندو اٿم.
    ”نانگ جو کاڌل نوڙي کان ڊڄي“,,
    اهڙي ريت هن فقير سان به ڪجھ اھڙو ئي حادثو پيش ٿيل آھي جنهن هنجي دل کي ڌوڻي ڇڏيو آهي ۽ انڪري هن فقير جا حواس هينگ ٿي ويا آهن. اصل ۾ زاهد هڪ پڙاھو ٻار هو, ۽ سڌائين ڪتابن جي اندر رهندو ھو. کيس دنيا جي ڪلابازين کان اڻواقفيت هئي. پنهجي ڪم سان ڪم رکندڙ زاهد ڪنهن سان نه ڊيگهه رکندو هو نه ئي ڪا گهرائپ پر چوندا آھن ته مرد جي ڪمزوري عورت آھي. زاهد عشق جي شروعات ادي شبد سان ڪئي, هئي. هوئين ادي شبد آھي ته مقدس ۽ پاڪيزه, پر ڇڙو ڇانڊ لاءِ ڄڻڪ ڊم ڊم جو ڪاردوس آھي. اهڙي ريت ڇوڪرا ادي صرف ماءُ جي پيٽ ڄائي ڀيڻ کي چوندا آھن.
    سو زاهد کي ڪهڙي سُڌ ھئي ته اُها ادي هن جي محبوبه ٿيندي. صنم ۽ زاهد وڃي عاشق محبوب تائين پهتي, هوئين به ڇوڪرا ڇوڪرين کي سيٽسفائي ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آھن ڄڻڪ اُن فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل اٿن, هڪ دفعي صنم زاهد کي ميسيج ۾ چيو هو ته....
    ”زاهد ياد ڪيو توهان مونکي هڪ چڪر ادي ڪوٺيو هو.
    زاهد کيس ورندي ڏنيدي چيو ته... ”صنم عِشق جي شروعات ادي شبد کان ائين ٿيندي آهي.
    ائين ئي وقت جي تقاضا سان زاهد صنم جي محبت ڏانهن مائل ٿيندو ويو ۽ پهريون چڪر عشق ڏانھن مجروح ٿيل مرد پنهجي پاڻ کي عشق جي کوه آڙاه ۾ دڪيندو ويو، ائين ئي صنم بـه زاهد جي پيار ۾ پئجي وئي, ڪڏھن ڪڏھن اڌ رات جو زاهد جو ننڍ حرام ڪندي هئي ۽ چوندي هئي.
    ”ته جانو مونکي ننڍ نٿي اچي.!
    پوءِ ڳالهائييندي ڳالهائيندي جڏھن ننڍ جا جهٽڪا ايندا هئس ته اُن خمار ۾ وفلندي هئي,
    زاهد کي الاءِ ڇا ڇا چئي ويندي هئي. پوءِ جڏھن زاهد کيس صبح ته ڏسيندو هو ته صنم رات وارين ڳالهين جي ترديد ڪندي هئي, ائين ئي زاهد ۽ صنم جو قصو هلندو رهيو. زاهد جيڪو صفا پڙھاڪو پٽ ھيو کيس عشق هڏحرام ڪري ڇڏيو هئس,
    زاهد پڙھائي کان وڌ صنم کي وقت ڏيڻ لڳو. زاهد کي صنم جي عشق سوشل ورڪر بڻائي ڇڏيو هو, صنم جي ڪم ڪارن جي ڪري هي سندا ڪلاس ڇڏي صنم پٺيان پيو ڦرندو هئو, پاتال منجهان واستا ڪڍي صنم لاءِ سورس هڻائيندو هو جيڪو ڪم مهينن ۾ ٿيڻو هوندو هو اهو هي عاشق ڪلاڪن ۾ ڪرائيندو هو. زاهد ڪمالي قربانيون ڏيندو هيو.
    ايتري قدر جو پنهجا پريزنٽيشن ڇڏي صنم جي ڪاغذي ڪمن پٺيان لڳي ويندو هو, ائين ئي عشق جي دريا منجھ صنم زاهد کي آسرا ڏيندي رهي ته بس ٻن وکن تي ڪنارو آھي, زاهد تون ترندو رھ,, ۽ آخر ۾ پاڻ گم ٿي وئي,, زاهد جيڪو عشق جي درياه منجهه پهريون دفعو تري رهيو هو. سو اُن ئي دريا ۾ ٻڏي غرق ٿي ويو. جڏھن ٻن مهينن لاءِ يونيورسٽي جون موڪلون ٿيڻ تي هيون تڏهن صنم وياڪل ٿي زاهد کي چيو,,
    ”يار مان توکان سوا ڪئين رهي سگهنديس ۽ جڏھن موڪليون ٿيون ته هي رابطي ۾ ڍرائپ ڪرڻ لڳي.
    زاهد ويچارو روز هن لاءِ واٽسپ تي اسٽيٽس رکندو هو. صنم سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو, پوء وقت جي تقاضا سان ٻن مهينن جون موڪلون پنهجي اختتام تي پهتيون ۽ زاهد شھر جانا يعني سنڌ يونيورسٽي پهتو. يونيورسٽي پهچڻ کانپوءِ هن فورن صنم سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي, پر صنم طرفان کيس ڪو به جواب نه مليو, پوءِ ٻن ڏنهين کانپوءِ ھن صنم جي واٽسپ تي اسٽيٽس ڏٺو, ”ٽريولننگ ٽو ڄامشورو“,
    زاهد اندر منجهان ادمي پيو, کيس ڏاڍو ڏک ٿيو پوء ٻئي ڏنهن تي زاهد ۽ صنم ڪئمپس ۾ ٽڪريا, هنن هڪٻئي کي دعا سلام ڪيو پوءِ صنم چيو ....”زاهد مونکي ٿوري ٽڪڙ آھي, پوءِ مان توسان فون تي ڳالهايان ٿي.
    هڪ مجبور عاشق محبوب جي حڪم تي ها ئي چئي سگهي ٿو ۽ زاهد به پرمپرا کي اپنائيندي ها ڪيو پوء زاهد ڪئپس کان هاسٽل آھيو ۽ سندس رابطو صنم سان ٿيو. هن صنم جي طرفان ڪيل فون رسيو ڪيو ۽ چيو....”ٻڌ صنم! آخر تون مونکان ڇو ٿي لنوائي, ٿو ٿي منهن موڙين.
    ”زاهد, يار ڪجھ پرابلم آھن!
    ”صنم آخر توسان ڪهڙا پرابلم آھن جو صفا کڻي منهن ڦيريئي,؟
    ”زاهد اصل ۾ مسئلو اُهو آھي جو منهجي مڳڻي ٿي وئي آھي, پنهجي سڳي سوءَٽ حيدر سان, هو انجنئيرنگ جو شاگرد آھي, اُنڪري, هاڻي مان توسان ڳالهائي نٿي سگهان.
    صنم جا چيل اُهي لفظ ڄڻڪ تيز تکي ڌار جيان هئا جيڪي زاهد جي سيني کي چِڪنا چور ڪري ويا, ڄڻڪ زاهد جو دل هيٺ پٽ تي ڪري پيو هجي, زاهد ويڳاڻو ۽ وياڪل ٿي ويو, ڪيئي ڏنھن هو صنم جي ڏِنل ڏُک کي ڏوريندو رهيو پوءِ ڳچ عرصي کانپوءِ صنم کيس وري فون ڪيو, هن فون رسيو ڪيو, ۽ صنم کان هال هوال ورتائين پوءِ صنم هن کي حقيقت ڪئي ته منهجي ڪا به مڳڻي ناهي ٿي.
    هي ويتر صدمي جي ور چڙھي ويو ۽ هڪ مجبوري کي رد ڪري بيوفائي جو داغ ڏنائينس. پوءِ آھستي هلندي هلندي صنم کيس صفا ويساري ڇڏيو ايتري قدر جو کيس واٽسپ تي بـه بلاڪ ڪري ڇڏيائين.
    اُن کانپوءِ ھمراھ عشق کي فضول ڪم ٿو سمجهي ۽ عورت کي بيوفا,,,,,,


    حقيقي خواب

    مان ڏاڊي ننڍ ڪندو آهيان ڇو تـــه مان خواب ڏسڻ پسند ڪندو آهيان ۽ هر رات ڪو نـــه ڪو خواب ضرور ڏسندو آهيان ائين ئي هڪ رات مون هڪ خواب ڏٺو.
    مان خواب ۾ رات جي تاريڪي ۾ ڪنھن رڻ ريگستان ۾ ڀٽڪندو رهان ٿو ڏور ڏور تائين ڪنهن آدمزاد جو ڪو سُڳنڌ ئي ناهي, بيابان, ِرڻ پٽ ڄڻڪ زندگي بيمقصد ٿي ويو هجي.
    ڄڻڪ اُن ريگستان مان ٻاھر وڃڻ جو دروازو ڳولهي رهيو هُئس ڄڻڪ زندگي بي منزلي ٿي وئي هجي. پوءِ آءُ اُن ريگستان ۾ ھلندو رهيس, هر طرف واري جا ڪي وڏا وڏا ڀٽ نظر ٿي آيا, ڳُچ پنڌ لتاڙي ويس. هاڻي صفا بيحال ٿي پيو هُئس، ڳل سڪڻ لڳا ۽ لڱ ٿڪڻ لڳا پر مان بيباڪ ٿي هلندو رهيس. آخر سامهون هڪ ڪکن جي ڀُنگڙي نظر ٿئي آيو مان مسڪرائي ته نه سگهيس پر اندر ۾ خوشي ضرور ٿي ته من اُتان منهجو پياس پورجي پوي, مان پيرن تي اڃا زور ڏنو ۽ اُن ڀُنگي وٽ وڃي پهتس پر اُتي ڪير به ڪونه هو مان اُتي واري تي هيٺ ويهي رهيس ۽ سوچيم ته کن پل ساهڙي پٽيان.
    ڪجھ پل گذريا ته ڀنگي جي اندراُن ڪجھ آواز ٿئي آيو. ڄڻڪ اهو آواز ڪنهن ٿڪل ٽٽل بيمار لاچار يا بيوس شخص جو هجي.
    مان يڪدم اُٿيس ۽ اندر ويُس ڇا ڏسان ته هيٺ ھڪ نوجون پٽ تي پيل آھي ڄڻڪ آخري پساھ ھُئس. هن ڳاٽھو آھستي آھستي مونڏانهن ڪيو ۽ چوڻ لڳو... ”پاڻي پاڻي !,
    مان هن ڏانهن ويس ۽ چيو.... ”ڪٿي ملندو پاڻي؟
    ”.مان موت جو نالو رکيو آھي پاڻي!
    ”ڇا مطلب موت ۽ پاڻي؟
    ”مطلب ته هتڙي ته پاڻي آھي ڪونه تڏھن تـه موت کي سڏڙا ڏئي رهيو آھيان ڇو ته هُن جهان ۾ پاڻي ضرور ملندو اُنڪري مان موت جي جاءِ تي پاڻي پاڻي سڏيان ٿو.
    ”ڇو هِتي پاڻي ڪونهي ڇا؟
    ”مون کائنس پڇيو...”عجيب انسان آھين جي هِن جهان ۾ پاڻي هجي ها ته مان موت جي تمنا ڇو ڪريان ھا,.
    ”پوءِ مطلب ته مونکي به مرڻو آھي مان نراشا ٿي کائنس پڇيو.
    ”تون موت کان ڊڄين ٿو؟ هن سوال ڪيو.
    ”موت کان ڪير نٿو ڊڄي؟ مان وياڪل ٿي ويس.
    ”مان نٿو ڊڄان!
    ”ڇو تون ڪو وڏو بزرگ يا پير ولي آھين ڇا؟
    ”نه.. نه!
    پوءِ؟
    ”اصل ۾ اُن موت سان منهجو ڳنڀير ناتو آھي. هر جنم ۾ اسين گڏبا آھيون ۽ ھر جنم مان موت کي ڳلي لاهيندو آھيان، موت مونسان ڳالهائيندو آھي!
    ”توسان موت ڳالهائيندو آھي؟ مان تعجب وچان کائينس پڇيو..
    ” ها.! ڪالھ جڏھن چنيسر چوتائپي ڪري خلجي ڪاهي آيو هو ۽ خلجين مونکا پڳ ۽ ٻاگهل جو سڱ گهريو هو ته مون اِنڪار ڪيو هو ۽ خلجين سان جنگ جوٽڙن لاءِ بيباڪيت سان تيار ٿي ويو هُئس ۽ جڏھن مان ميدانِ جنگ ۾ بيٺو ھُئس،
    تڏھن مونسان موت ڳالهايو هو.
    ”توکي ڇا چيو هو موت اُن وقت؟
    مونکي موت چيو...”اي دودا جي تون مونکان بچڻ ٿو چاهين ته ٻاگهل خلجين کي ارپي ڇڏ, اڙي دودا ڇا ڪندين اهڙو پڳ جنهن جي هيٺان گردن ئي نه هجي, دودا لهي وڃ زد تان ۽خلجي آڏو گوڏا کوڙ.
    ”پوءِ تو ڇا چيو؟
    مان چيو..... ”دودي جو سِر ڪٽجي ته سگهي ٿو پر خلجين آڏو جُڪي نٿو سگهي.
    ”۽ ٻئي دفعي موت توسان ڪڏھن ڳالهايو؟
    ”جڏھن مان سکر جي جيل ۾ ھُئس تڏھن به موت مونسان ڳالهايو هو، موت چيو هو. اي هيمو ڪالاڻي تون مونکان جِنڌ ڇڏائي سگهين ٿو اُن لاءِ توکي تنهجو هنيل نارو واپس وٺڻو پوندو توکي معافي وٺڻي پوندي.
    پوءِ مون موت کي چيو.... ”اي موت تون هيمو ڪالاڻي سان ٿي ڳالهائين ۽ اسين دشمن کان معافي گهرڻ سکيا ئي ناهيون, ۽ ھا منهجو هنيل نارو هزارين سالن تائين هن ڌرتي تي پيو گونجندو.
    ”تو ڪهڙو نارو هنيو هو؟
    ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون!
    ”هاڻي اڃا به موت تو سان ڳالهائيندي آهي؟
    ”ها موت مونسان بار بار ڳالهائيندي آھي,، سُڌريو ناهي! اڃا به مونکي آفر ڏيندو آھي,
    ”هيل وري ڇا آفر ڏنائين؟
    ”بار بار مونسان ڳالهائي ٿي ۽ چوي ٿي. ”اي ٿري اڃا موقعو اٿئي ڇڏي وڃ ٿر ۽ مونکا جان بچائي, هتي پاڻي جو ڍڪ به ملڻو نٿئي, ڇڏ واري جي پچر نت انهيءَ ئي واري ۾ ٻور ٿي ويندين.
    ”پوءِ تنهجو جواب ڪهڙو اٿس؟
    ”منهجو جواب تو آڏو ئي ته آھي!
    ”مون آڏو مطلب؟
    ”جي مان موت جي مت ۾ اچان ها ته هتي پٽ تي پيل نه هجان ھا موت سان مون زد رکيو آھي ته ڀل هن مٽي ۾ منهجا ھڏا ڇڻي ٻور ٿي وڃن پر پنهجي ڌرتي جو در ناهي ڇڏڻو اسين هن جي ڪوک منجهان اُٿيا آھيون ۽ سندس ئي ڪوک منجهه سُمھڻ لاءِ سرخروح آھيون.
    مون موت کي چيو.... ”اي موت سڌائين هر صديءَ ۾ توسان پنهجا پالا پيا آھن سڌائين پاڻ مليا آھيون ۽ ھر دفعي مان ڌرتي لاءِ ڳاڙھو ٿي ڪٺو آھيان, پوءِ ھيل ڪئين پنهجي پرمپرا کان ڦير کاوان. اُنجي جواب ۾ موت چيو هو....
    ”ته تون ضدي آھين ڇو ته سنڌي آھين!
    ”پوءِ ٻيا ڪي فرد تنهجي قوم منجهان تنهجي سهڪار لاءِ تو وٽ ڪو نه پهتا آھن ڇا؟
    ”نه! شايد اُهي سڀ خِلجين ۽ قاسم جي فوجن کان ڪُسجي چُڪا آھن. دودو ڪُسجي چُڪو آھي. هيمو ڪُسجي چُڪو آھي. سورهيه کي انگريز کڻي ويا ۽ ھوشو جي همٿ کي قيد ڪيو ويو آھي.
    نت ٿر جي واري تي گهوڙن جا سنڀ ڏسين ها
    ”گهوڙن جا سُنڀ ڏِسان ها اُهو وري ڪئين؟ حيران ٿي پڇيم..
    ”ها ڇو ته دودو ضرور اچي ها. هوشو ضرور اچي ها ۽ سورهيه بادشاھ به سندا حُر وٺي هِت ضرور اچي ها ۽ سندي ڏڪاريل سانگهيڙن جو سهڪار ڪري ها ۽ اُنهن جي گهوڙن جا سُنڀ ٿر جي واري ۾ خوشحالي جو سنڪيت ڏين ها.
    ”پوءِ مطلب ته تون اڪيلو رهجي ويو آھين؟
    ”مان اڪيلو ته ناهيان مان مرندُس ۽ وري اُٿندس ڪنهن نئين اُميد سان ڪنهن نئين جستجو سان ۽ ھا دودو, هوشو, هيمو ۽ سورهيه به تي ورڻا آھن.
    ”مان ڀلا تو لاءِ ڪجھ ڪري سگهان ٿو؟
    ” تون ڪجھ به نٿو ڪري سگهين تو پاڻ مون جيان اُڃايل آھين ۽ مونکي تاريخ رقم ڪرڻو آھي. جئين هر دفعي ڪندو آھيان. هڪ قرب ڪري سگهين ٿو...
    مون پڇيو,,,,” جي ضرور پر مان به تـه مري ويندُس.
    “ تون مرندي ضرور پر مون جيان اُڃ ۽ بک ۾ بدهال ٿي نه مرندين.
    ”اُهو ڪئين وري؟
    ”اُهو ائين جو تون خواب ۾ حقيقت ڏسي رهيو آھين.
    پوءِ مان خوش ٿيس ڇو تـه مون مٿان اوڍيل موت جو ڪپڙو هٽي ويو.
    ” ٺيڪ آھي پوءِ چوءَ!
    ”جڏھن ھن خوابي دنيا مان آجو ٿئين ته پهريان ڀٽائي سرڪار ڏانھن وڃجان ۽ کيس منهجو درد ٻُڌائجان، پوء روپا ماڙي وڃجان ۽ شھيد دودي سومري کي منهجان سلام ڏجان ۽ چئجان.
    ”ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو،
    انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙي ،
    وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائنرن جو“,
    چوءَجانس اي دودا توکان پوءِ دريا سڪي ويو, ماروئڙا ڏڪار وِگهي هڪ هڪ ٿي واري ۾ ڇڻي ٻور ٿي ويا. اُنڪري هي ٿر جي هڪ سانگهي جي دانهن اٿئي, دودا توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري, جلدر جنم وٺ ۽ سانگهين جي سور جو ڪو درمان ڪر.
    ” مان ضرور تنهجي سنڪيت کي دودي ڏانهن کڻي ويندس. مون کيس چيو..
    ” چڱو وري ملنداسين ڪنهن ٻئي نئي جنم ۾ ڪنهن نئين جستجو سان ججوڙيندي,
    ڪنهن جيل جي پٺيان, ڪنهن گاڻي تي ڪٽجندين, ڪنهن گاٽ تي چڙھندين,, هن ڌرتي جي رڪشا ڪندي ڪنهن آخري پساھ ۾.


    جدائي

    جڏھن دل جي آشياني ۾ ٺھيل محبتن جا عمارت ڪري ڀور ٿي پوندا آھن تڏھن اندر جو حال اکين تي لکجي ايندو آھي ۽ پوءِ اُنهن اکين جا بند بيقابو ٿي ٽٽڻ لڳندا آھن پوءِ روح ڪنبجڻ لڳندو آھي حواس هينگ ٿيڻ لڳندا آھن اهڙي ريت اهو الميو تڏھن پيش ايندو آھي جڏھن دل کي ٽيڪ ڏيندڙ ڪا شيءِ اوچتي نڪري وڃي ۽ محبت جا اڏيل عمارت ڪري پٽ ٿي وڃن. هوئين ته محبت کي مٽائيندڙ گهڻا نمرود موجود آھن پر جُدائي ڪنهن قاتل کان گهٽ ڪونهي اهڙي ريت هي ڪٿا آھي سونيا ۽ ساگر جي جن ڪجھ سال پهريان محبت جا عمارت آڏيا هئا ۽ اُتي اڏيل سندي پريم نگر کي خوابن ۽ حسين پلڙن سان سينگاريو هُئائون.
    هن ٻنهن جو ملن اتفاقي ضرور هو پر شايد واجب به هو
    اهو به هڪ وقت هو جڏھن سونيا پهرين ڏنهن يونيورسٽي آئي هئي سندي پهرين ڪلاس وٺڻ لاءِ ھي معصوم هئي صفا نفيسڙي سدائين مرڪندي هئي هوئين ته ساگر ۽ سونيا پهرين ڏنهن کان ئي هڪ ٻئي سان واقف ٿي چڪا هئا پر وقت جي واچوڙن کين گهيلي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو ۽ هي تقريبن سٺا دوست بڻجي چڪا هئا ساگر به هڪ سٺو ڇوڪرو هو نشو پتو ته ٺھيو پر ڪڏھن سگريٽ کي به چپ تي نه آندو هئائين ساگر ۽ سونيا هڪ ٻئي کان فطري طور گهڻو واقف ٿي چڪا هئا ۽ پوءِ سندن دوستي وارو رشتو ڪنهن اک ڇنڀ ۾ پيار جي پردي سان ڊڪجي ويو هو ۽ هي هڪ ٻئي کي گهڻو چاهڻ لڳا هئا محبت جي مزي ۾ ايترو ته گم ٿي ويا هئا جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ سواءِ نه ٿئي رهي سگهيا ائين ئي پيار جو سلسلو هلندو رهيو يادگيريون جنم وٺنديون رهيون محبت جون عمارتون ٺھنديون ويون وقت جو گهڙيال چار سال پورا ڪرڻ کان بس ٿورو اورتي هئي تڏھن ھڪ اهڙو مھينو هو جنهن ماضي ۾ ڪيترا ئي ڪيس ڪيا هئا.
    جڏھن ڊسمبر جي مھيني جو آخري ڏھاڪو هئو ۽ يونيورسٽي جو آخري ڏنهن ھو اهڙي ماحول ۾ ساگر ۽ سونيا کي چار سال ٿي چڪا هئا سندن يونيورسٽي جو آخري ڏنهن هو جڏھن هي ٻئي هڪ بئينچ تي ويٺي آسمان ڏانهن ڏسي رهيا هئا ڄڻڪ پنهجي قسمت جي لڪيرن کي آسمان تي ٿئي ڳوريائون پر کين خبر نه هئي ته ڏنهن جو ستارا ناهن نظر ايندا ٻئي چپ چاپ ويٺل هئا ٻئي هڪ ٻئي سان مخاطب ٿيڻ لاءِ لفظن جي تلاش ۾ ھئا عجيب الميو هو تنهن وقت دنيا ڄڻڪ ٻنهن کي ٻڌڻ لاءِ خاموش ٿي وئي هجي آسمان ڄڻڪ سندن ڪڇڻ جي انتظار ۾ ھجي تڏھن سونيا چيو...
    ”ساگر اڄ آخري ڏنهن آھي!
    ”سونيا مان ان حقيقت کان لنوائڻ ٿو چاهيان!
    ”ساگر پر حقيقت ته حقيقيت هوندو آھي ۽ ڪو به شخص انکان لنوائي نٿو سگهي.
    ”سونيا مان توسوا ڪئين رهي سگهندس!
    ”ساگر مان تنهجي درد کي گهرائي سان پرکي سگهان ٿي پر مان رشتن ۽ خانداني سنسڪارن جهڙن لفظ جي زنجيرن منجھ جڪڙيل آھيان تون ته ڄاڻين ٿو ته اسانجي قوم ۾ ٻين قومن سان رشتو ڳنڊڻ غيرت جي خلاف آ شايد اسانجي اها ئي غلطي آھي جو الڳ الڳ قومن ۾ جنمياسين انڪري منهجو ۽ تنهجو ملن دريا جي ٻن ڪنارن جيان آھي جيڪي هڪ ٻئي کي ڏسي ته سگهن ٿا پر ملي نٿا سگهن
    مان عورت آھيان يعني ڪمزور تنهجو عقل تنهجي دماغ ۾ آھي ۽ منهجو عقل کُڙي ۾ انڪري مان ڪا به بغاوت نٿي ڪري سگهان جي مان پنهجي قوم جي خلاف ويس ته بي دردي سان عجيب لقبن ساڻ ماريو وينديس ۽ تو لاءِ به ڌرتي کي جهنم بڻايو ويندو انڪري پنهجو ملن مشڪل آھي.
    ”پر سونيا برف جيان پگرڻ کان بهتر آھي ته انقلاب آڻي مرون !
    ”اهڙو انقلاب مونکي پسند ڪونهي ساگر جيڪو توکي اگهور ننڍ سمهاري مان هميشه توکي وڏي ڄمار جون دعائون ڪيون آھن پوءِ پنهجي ملن لاءِ تنهجي جان جوکن ۾ نٿي وجهي سگهان.
    ”ساگر تون هن دل مٿان مڙھيل آھين ۽ منهجي روح سان ڳُتڙيل آھين مان به توکي وساري نه سگهنديس ساگر استاد بخاري جو شعر ٻڌو اٿئي ته
    ”هي فرستن جي سڄڻ بستي نه آ
    ھتي بخاري خواب جي مستي نه آ
    هي زمانو آ زماني سان گذار“
    انڪري ساگر بقول استاد بخاري جي هن زماني سان هلڻو پوندو!
    ”پر سونيا تون مونسان ڳالهائيندين ته صحيع نه!
    ”ها ساگر جيستائين ڳالهائي سگهيس تيستائين پئي ڳالهائينديس ڇا خبر رابطي جا رستا ڪيستائين هلن, ساگر مان توسان ڳالهايان يا نه پر مون پاڻ کي تنهجي ناءُ ارپي ڇڏيو آھي.
    پوءِ سونيا روئڻ لڳي ڊنڊڪارا ڏيڻ لڳي جڏھن سونيا جا لڙڪ زمين تي ڪريا تڏهن ڄڻڪ ماحول ۾ ويراني ڇائنجي وئي ۽ ائين ئي محبت جا عمارت ڪري پٽ ٿي ويا ۽ اتي ئي جدائي جو هڪ باب اڏجي ويو.


    او خدايه ڪاٿي آهين

    اڄ ٽيون دفعو مونسان ائين ٿيو آھي جو منهجي دل ڌوڻو کاڌو آھي ۽ لڙڪ لڏي پٽ تي ڪريا آھن اڄ وري مان سوچ جي سحرا منجهه گوتا کاڌا اڄ مان خدا سان گھڻو مخاطب ٿيس ۽ خدا سان گھڻو ڳالهايس اوهان کي سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي متان ڪي تڪڙا فتوا ڏئي مونکي ڪافر قرار ڏئي ڇڏيو, اها حقيقت آھي ته مون اڄ خدا سان سچ ۾ ڳالھايو ان خدا سان جيڪو مونکي نهن ۽ گوشت جي مفاصلي جيترو ويجھو آھي ان خدا سان جيڪو منهجي دل ۾ رهي ٿو پر مون خدا سان تڏھن ڳالهايو جڏھن منهجي دل کي ڌوڻو آيو.
    حد ٿي وئي اڄ ته ٽيون دفعو دل ڌڻو کاڌو آھي ۽ اهو الميو تڏھن پيش آيو جڏھن مون هوٽل تي بيٺل هڪ ٻار کي ڪم ڪندي ڏٺو هوئين ته سنڌ ۾ ٻار مزدور گھڻا ئي آھن پر هي ٻار مونکي عجيب نظر ٿي آھيو تمام سٺو ٻار نظر ٿئي آيو ڄڻڪ حقيقي مزدور نه هجي يا مزدور گهراڻي سان تعلق نه هجيس جڏھن مون کائينس پڇيو
    ”بابلا توهانجو بابو ڇا ڪندو آھي؟
    ته هن وراڻيو ”سائين بابو ڪونهي مطلب ڪوچ ڪري ويو آھي, انڪري مان هتي ڪم ڪندو آھيان ٽي سئو کن روز ملندا آھن جنهن سان گهر جو گاڏو هلي پوندو آھي, تڏھن هن ٻار جي چئن شبدن منهجي اندر موجود دل نالي شيءَ کي هڪ زوردار ڌوڻو ڏنو ان کان پهريان جڏھن مون ٻن ٻين ٻارن کان پڇيو هو ته انهن به ساڳيو سبب ٻڌايو هو پر هن دفعي ڪجھ زور سان ڌوڻو آھيو آهي. مان انکان وري پڇيو...
    ”پٽ پوءِ تنهجا ماما يا چاچاڪٿي آھن؟
    تڏھن منهجي ان چئن شبدن ڄڻڪ ان جي مٿان ڪي وڏا پٿر رکي ڇڏيا هئا جنهن سبب هن جون اکيون لال ٿي ويون ۽ ھٻڪندي چيائين....
    ”سائين جي پنهجا پنهجا ٿين ته غير اڄ منهجو چهرو پڙھي مونکان سوال نـ ڪن ها سائين مونکي هڪ مامو آھي جيڪو ڪروڙ پتي آھي اهو تـ ڄڻڪ امان جو دشمن ئي آھي اهو انڪري جو امان هڪ وڏو ڏوھ ڪيو هو اهو ائين جو بابا سان پسند جو پرڻو ڪيو هئائين جنهن سبب ناناڻن ڏانھن ڪٽجي ويا هئاسين باقي رهي ڳالھ چاچن جي سو انهن جي ڪري ئي ته هي سب ڪجھ ڪريان پيو مونکي ست چاچا آھن جن بابا جي مرڻ کانپوءِ مونکي ۽ امان کي گھران ڪڍي ڇڏيو هاڻ اسين ٻئي لاوارثن جيان آھيون اسين جهوپڙي ۾ رهندا آھيون مان روز هتي مزدوري ڪري ٽي سئو روپيه ڪمائيندو آھيان ۽ پوءِ انهن ٽن سون منجهان گهر جو چرخو هلي پوندو آھي,
    ھن ٻار جي ان لفظن ڄڻڪ منهجي دل تي لت رکي هجي مان ائين ئي پئي محسوس ڪيو تڏھن ئي ته منهجي دل کي ڌوڻو آيو ۽ پوءِ ھن ٻار کي سندي مالڪ رڙ ڪري چيو ڇوٽو بل ٻڌاءُ ۽ ڇوٽو ڊوڙندو ڪائونٽر ڏانھن ويو.
    مان سوچ جي سحرا ۾ ٻڏندو رهيس تارا ڪنهن دنياوي شيءَ تي ٽڪجي ويا پر مان ڪنهن ٻئي جهان منجھ ھئس ۽ پوءِ پنهجي من ۾ موجود خدا سان ڳالھائڻ لڳس ته اي خدا هن دور ۾ ڪنهن کي يتيم نه ڪر جي يتيم ڪرين ٿو ته ڪي سٺا ۽ ايماندار حڪمران ته ڏي جيڪي هن يتيمن جو سهارو ته بڻجن جيڪي انصاف کي ڪجھ سستو ته ڪن جئين انصاف غريب جي خريد ڪرڻ جيترو ٿي سگھي ڏس خدايه پنهجي جوڙيل جهان ڏانهن ڏس ڪيترو ظلم و ستم آھي ائين چوندو رهيس ڳالهائيندو رهيس پر ڪو به جواب نه مليو ته روح ريحاٽ ڪري چيو او خدايه ڪاٿي آھي.


    اُلجهن

    تون منهجو عشق آھين يا پاڳلپڻو آءُ اُن ٻنهن رستن جي وچ تي بيٺو آھيان ۽ اهي ٻئي رستا هڪ آشياني ڏانھن وڃن ٿا جتي تنهجو عڪس ٺھيل آھي ان لاءِ مان اندر ئي اندر ۾ منجهيل آھيان ته ڪھڙو رستو صحيع آھي ۽ ڪهڙو غلط. جي دل کان پڇان ٿو ته اهو تنهجي پڪش ۾ آھي ۽ جي دماغ کان پڇان ٿو ته دماغ وٽ ڪئيي سوال آھن جيڪي ان عمل کي پاڳلپڻو چوڻ لاءِ ڪافي آھن هاڻي منهجي من ۾ دل ۽ دماغ وچ ۾ وڏو تضاد پيدا ٿيو آھي جنهن سبب منهجي من ۾ جنگ ڀرپا آھي جنهن جو نقصان فقط مان ئي ڀوڳي رهيو آھيان. ائين به ناهي ته صرف دماغ ئي صحيع هجي ڇو ته عشق جا آثار ڪجھ سگهارا لڳن ٿا.
    تون مون لاءِ ائين آھين ڄڻڪ ڪو وظيفو هر رات توکي ساري سمهندو آھيان اکيون ڇت تي ٽڪيل هونديون آھن ۽ مان توسان پيو رڻ ريگستان گمهندو آھيان ۽ جڏھن صبح سانجهي اکيون کلنديون آھن تڏھن سب کان پهريان مونکي تون ائين ياد ايندي آھين جئين موذن کي آذان ياد ايندو آھي. سچ ته اهو آھي مونکي تنهجو اثر ٿي ويو آھي ڄڻڪ مان توتي فنا ٿيڻ گهران ٿو پنهجو پاڻ ارپڻ چاهيان ٿو تون منهجي من جي مندر جي مورتي آھين جنهن کان مان روز محبت جي بخشا وٺندو آھيان تون مون منجھ سمايل آھين جڏھن مان هلندو آھيان تڏھن پنهجي پاڇي ۾ توکي ڀائيندو آھين تون منهجي روح جو حصو آھين منهجو روح توسان ڳتڙيل آھي.
    برهال هاڻ تون ئي فيصلو ڪر ته مان ڇا ڪريان هن الجهن مان ڪيئن نڪران توکي چئي ڏيان ياچپ رهان پر خوف به اٿم ته ڪٿي منهجي محبت توکي گستاخي نه لڳي ۽ مذھب عشق جا عالم مونکي ڪافر قرار نه ڏئي ڇڏين ان لاءِ ھاڻ پڳ توتي رکيو آھي جيئن وڻئي فيصلو ڪر فقط هن ويڳاڻپ جو ڪو ته هل ڳول مان سوچن جي سحرا ۾ گوتا کائي رهيو آھيان انڪري مونتي ڪرپا ڪر ۽ ڪنارن کي مونڏانھن سوري اچ ۽ مونکي مرڻ کان بچاءِ مان توسان گڏ اڃا ڪي پل جيئڻ ٿو چاهيان هٿ ۾ هٿ ڏئي سمنڊ ڪناري هلڻ ٿو چاهيان هي زندگي تنهجي ناءُ ڪرڻ ٿو چاھيان انڪري مون تي ڪرپا ڪر مون کي صحيع رستو ڏيکار جئين مان دل ۽ دماغ کي مطئمن ڪري سگهان.


    او خدايـه هيٺ لهي آ

    مان رات جو ڌير سان وڃي رهيو هئس ته اوچتو سُڏڪڻ جو آواز منهجي ڪنن تي اچي پيو اُهو آواز محظ ھڪ آواز نه هو بلڪي اُهو آواز مون کي ڀٽائي جو ڪو ڀيت ٿئي لڳو بس اُن آواز کي تنبوري جو سهارو نه هو باقي اُهو آواز ڄڻڪ ڀٽائي جو ڪو ڀيت ئي هيو اُن آواز منهجي قدمن آڏو ڄڻڪ احتجاج ڪيو ۽ مان اُن آواز جي احتجاج سان بيهي رهيس ۽ ڪنڌ وارائي سائيڊ تي ڏٺم ته فوٽ پاٿ تي هڪ ٻار ويٺل ھو بلڪل اڪيلو ويٺل هو ڪو به گڏ نه هئس نه انسانيت جا حامي نه ئي وري ڪي ملان مولوي بلڪل اڪيلو هو.
    هن ڪجھ ڳالهايو پئي پر مان ٻڌي نه پئي سگهيس ڇو ته فوٽ پاٿ وارن جو آواز راھ ويندڙ ناهن ٻڌي سگهندا اهو هن ملڪ ۾ دستور رھيو آھي انڪري فوٽ پاٿ جو آواز ٻڌڻ لاءِ منهجو فوٽ پاٿ تي ويھڻ ضروري هو اُنڪري مان به فوٽ پاٿ تي ويهي رهيس ان ٻار جي بس ٿورو ئي پرتي ويهي رهيس، هن معصوم چھري ڪجھ ڳالھايو پئي پر ڪنهن سان؟ اُن ڳالھ کان مان اڃا اڻواقف هئس ڇو ته راھ ويندڙ ماڻھن جاڪن ڍڪيل ها شايد شديد سردي جي ڪري، مون ديوارن ڏانھن به غور سان ڏٺو ۽ جاچيو ديوارن کي به ڪن نه هئا پوءِ هن ٻار ڪنھن سان پئي ڳالھايو اهو منهجي سمجھڻ کان ٻاھر هئو پر جڏھن مون ان کي ڪنڌ کڻي مٿي ڏسندي ڏٺو ته پوءِ ڪل پيم ته شايد هو مٿي خدا سان ڳالهائي رھيو آھي ها حقيقت ۾ ھو خدا سان ڳالھائي رھيو ھو مان خدا جا جواب ته نه ٻڌي سگهيس پر معصوم چهري جا سوال ضرور ٻڌي پئي سگهيس هن خدا کي پئي چيو...
    ”اي خدا تو روزي جو ته ظمو کنيو آهي پر هن سردي جو ظمو ڪير کڻندو اي منهجا رب تو مونکان منهجو بابو کسيو مان نه ڪڇيس, تو مونکان منهجي ماءُ کسي ته به مان نـ ڪڇيس هي دنيا مون لاءِ دوزخ بڻيل آھي هتي انسانن منجھ ھڪ وڏو فرق آھي ڪي انسان خاص آھن ته ڪي عام، هي جيڪي ڪارن ۾ گمھن ٿا اُهي خاص ماڻھو آھن پر اُهي ڪنهجا ماڻھو آھن تنهجا يا شيطان جا، جي تنهجا آھن ته پوءِ تون هنن کي چئو نه ته مونکي سرسي ٿو ٿئي, مان بک تي ويٺو آھيان مونکي ڪجھ کارائن ڇو نٿا, مونکي ڪير پڙھائي ڇو نٿو مان روز ڏسندو آھيان ته مون جھڙا ئي بلڪل مونجهڙا هنن جا ٻار صبح جو ڪارن ۾ ويٺي اسڪول ويندا آھن مان انهن ٻارن کي غور سان ڏسندو آھيان متان مون کان ڪجھ مختلف هجن پر هو مون جھڙا هوندا آھن ها صرف اُهي مون جيان گدلا ناهن هوندا اُهي صاف سٿرا هوندا آھن باقي ڪن نڪ ساڳيو ئي هوندو اٿن جئين مونکي آھي، جڏھن تو به ڪو فرق ناهي رکيو ته پوءِ هي ايڏو فرق ڇو ٿا رکن تون ھنن کي ڪجھ به نٿو چوين،
    انھيءَ ڏنھن مون ھڪ ڪار واري کي چيو سائين الله جي نالي خيرات ڏيو اُن ھڪ رپيو ڏنو ائين ناهي ته ان وٽ هڪ روپيي کانسواءِ ڪجھ به نه هو ڇو ته مونکان پوءِ هن پنهجي پٽ کي سئو روپيا ڏنا ته پڪوڙا وٺي اچ، مون تڏھن سوچيو ته خدا ڪيڏو نه سستو آھي هڪ رپيو ملھ اٿس تو هنن کي ڪروڙين روپيا ڏنا آهن ۽ هو توکي هڪ روپيو ٿا ڏين پر مونکي پئسو نه کپي مان لالچي ناهيان مونکي ملڪيت ناهي ٺاھڻي مونکي ته پڙھڻو آھي ڪجھ ٿيڻو آھي پر مان نه ٿي سگهندس ڇو ته مون وٽ هڪ ٽڪو به ڪونھي هلانڪي مان ان ڏنھن سرڪاري اسڪول به ويو هئس پڙھڻ لاءِ پر ماستر مونکي ڌڙڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ۽ چيائين ته وڃ وڃي پهريان پنهجي پيءُ جو شناختي ڪارڊ کڻي اچ بنا شناختي ڪارڊ جي سرڪار داخلا نٿي ڏئي، اي خدا مان پنهجي بابا کي ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي تـ انجو ڪارڊ ڪٿان آڻيان پر تون ته ڄاڻي ٿو نه ته منهجو بابو هن دنيا ۾ ڪونھي تو کي سب خبر آھي ته منهجو بابو ڪير ھو پوءِ تون هن ماستر کي ڇو نٿو چوين ته مونکي داخلا ڏئي مان پڙڻ ٿو چاهيان منجها خدا يا تون لھي اچ يا بابا کي موڪل مان پڙھڻ ٿو چاهيان هن وقت به مونکي سردي ٿي رهيو آھي مونکي يا ته ڪو گرم ڪپڙو اڇري ڏئي يا وري هن سردي کي گھٽ ڪر برهال ڪجھ ته ڪر منهجي لاءِ منهجا رب هن دنيا ۾ ته ڄڻڪ سب ٻوڙا آھن ڪنھن کي به منهجو فڪر ڪونھي پر هي دنيا ڇو فڪر ڪندي هي ته مطلبي دنيا آھي ۽ مون وٽ اھڙو ڪجھ به ڪونھي جنهن سان هي دنيا مون منجھ مطلب رکي.
    هي دانھن ٻڌڻ کان بلڪل به قاصر آھن هن دنيا جي ماڻھن کي ڄڻڪ ڪن ئي ناهن اي خدا تون ئي ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان ڪيڏانھن وڃا ڪنھن کي چوان اچ هيٺ لهي اچ ۽ پنهجو جوڙيل جھان ڏسي وڃ اچي ڏس ته رات جو تنهجي گھر کي تالا ڪئين لڳندا آھن ۽ تنهجا ئي ماڻھون فوٽ پاٿن تي ڪئين سمهندا آھن ۽ ھن سخت سردي کي ڪئين سنهدا آھن انڪري منهجو مڃ ھيڪر ھليا مونسان گڏ ھل ماستر سان ڳالھائي ۽ منهجي داخلا ڪرائي ۽ هلي پنهجي گھر جي مينيجر کي چئو ته رات جو مونکي تنهجي گھر ۾ رھڻ ڏي ۽ ٻڌائينس ته مان تنهجو ئي پيدا ڪيل بندو آھيان مون هڪ ملان کي خطبو ڏيندي ٻڌو هو ته مسجد جي اندر سمھڻ گناھ آھي پر فوٽ پاٿ تي سمھڻ گناھ ڪونھي انڪري هلي آ خدايه هلي آ,....!
    ائين چئي اُهو ٻالڪ سڏڪا ڀرڻ لڳو ڳلن تان ڳوڙا ڳڙھي رھيا هئس ۽ پنهجا لڙڪ پنهجي ميري فاٽل چوليءَ سان پاڻ ئي اگھي رھيو ھو پر مان نه رنس ڇو ته مان انسانن منجهان هئس ۽ ھتان جا انسان دل جا ڏاڍا پڪا آھن انڪري سندن ڳلن تان ڳوڙا ناهن ڪرندا ۽ مونکي اميد آھي ته توهان کي به هن ڪٿا سان روئڻ نه ايندو ڇو ته توهان به هن جهان جا آيو.


    مسجد ٻاهر انسان مري ويو

    سياري جي سخت سردي ۾ هو خالي آسمان جي ھيٺان خدا جي گھر ٻاھران ويٺل هو بلڪل ميرو لباس پهريل هئس شلوار خميس کانسواءِ ڪجھ به نه هئس ڪوھيڙو ڌرتي تي ڦھليل هو ۽ هي سخت سردي ۾ ڏڪي رهيو هو هن جو جسم ڪنبجي رهيو هو سڙسات ڪندي ملان کي سڏ ٿئي ڪيائين هوڏانهن دين دين ڪرڻ واري کڙاٽا ٿئي هنيا ھو جنت جو خواب ڏسي رھيو هو پنجهي بستر تي ليٽيل، ننڍ نه فٽڻ جا ڪي وظيفا پڙھي سٽو هو شايد پر هيڏانهن خدا جو خلقيل ڪو بندو دنيا جي دوزخ ۾ پڄلي رهيو هو ۽ ھو آرام سان ڪنهن حور ۽ جنت جو خواب ڏسي رھيو ھن ملان جي کڙاٽن جو آواز هن خدا جي خلقيل بندي سخت سردي ۾ به ٻڌو پئي پر هن جي سردي جي سٽيل آواز ملان کي جنت جي خوابن منجهان آزاد نـ پئي ڪري سگهيو.
    خدا جو سڄو گھر خالي هو پر ان گھر ۾ ھڪ انسان جو سمھڻ ڪبيرا گناھ هو انڪري مسجد کي تالو لڳل هو متان ڪو چور ڪجھ چورائي وڃي حيرت جھڙي ڳالھ آھي ته خدا جي گھر کي به پهري جي ضرورت آھي ملان خواب ۾ جنت ڏسي رهيو هو ۽ هيڏانهن خدا جو خلقيل هڪ انسان دنيا جي دوزخ ۾ سڙي رهيو هو. جئين ئي رات ڪاري ٿيندي وئي تئين هنجي طبعيت خراب ٿيندي وئي شايد هن کي تيز بخار وڪوڙي ويو هو. هي اُتي ئي مسجد جي در وٽ ڪري پيو ۽ جڏھن رات سندي پوئين پھرن ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو تڏھن هي وڃي آخري پساھن تائين پڳو هو ۽ جڏھن فجر جو وقت ٿيو ته موئذن آذان ڏني تڏھن هن جو دم پرواز ٿيو ۽ هڪ انسان خدا جي گهر ٻاهران مري ويو پر موئذن مسجد جو در نه کوليو اهو سڄو لقاءُ خدا ڏٺو ٿئي ته ڪئين منهجي گهرن کي تالا لڳن ٿا ۽ چاٻيون ملان سندي سراندي رکن ٿا ڪئين هڪ انسان خدا جي گھر ٻاُران سخت سردي سهندي هن دنيا کان ڪوچ ڪري ويو ۽ جڏھن صبح ٿيو ته هڪ صوفيءَ ملان کان سوال ڪيو ته ”هيڏن وڏن مسجدن جي خالي هجڻ جي باوجو به غريب مسڪين خدا جا ئي خلقيل بندا خدا جي ئي گهر ۾ نٿا رھي سگھن آخر ڇو تڏھن ملان چيو ”ڇاڪاڻ جو مسجد ۾ سمھڻ گناھ آھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2076972
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 541634
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ