ڪتاب جو نالو: وايون وڻجارنِ جون
مصنف: وينا شرنگي
ڇپائيندڙ: ويـنـا شـرنـگـي پاران ڇپايل
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2002
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 16 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 759 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 233 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جو اسپين، پورچگال، پئرس، آمريڪا ۽ لنڊن جي سفر تي آڌارت سفرنامو آهي. پرڀو وفا ڇڳاڻي لکي ٿو:
”وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مِٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ڀـيـٽـا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مـهـاڳ
  • پنهنجي پاران
  • اونهي ڳالھ اسرار جي
  • گيتا مندر
  • سُـتا اُٿي جاڳ
  • تـولـيـدو
  • الله ڇـولي ڇـولي
  • مروئان موت ملوڪان شڪار
  • قرطبه! عشق سي تيرا وجود
  • سويجا تنهنجو شانُ نرالو
  • ٽـاور آف گـولـڊ
  • واسڪو جو وطن ‐ پورچگال ( ننڍو ديش وڏا کوجنيڪ )
  • پـاردو ميـوزم
  • سـٽي پئـلـس
  • شـاهي محل
  • ايسڪوريل
  • وئـلي ‐ آف ‐ فالن
  • خـيـتـانـو (اسپـيني خانابدوش )
  • نـيويارڪ
  • امريڪا ۾ سنڌڙيءَ جو سيرُ
  • مهربان زندگي …!
  • براڊڪا سٽنگ ڪميونيڪيشن
  • ستنارائڻ مندر نيويارڪ : جتي سنڌي اُتي سنڌ!
  • لـنـڊن
  • شيڪسپيئر جي وطن ۾
  • مـيـلو مـتو پـيو آ
  • مـئـڊم ٽـساڊ وئـڪس مـيوزم
  • بـرٽـش مـيوزم
  • ڏاهـا ڏاتـون ڏي
  • پـرديسي ڪـھڙا پـرين
  • وينا ڏانهن خط
  • Read More By Veena Shringi

  • ڪتاب بابت

    وايون وڻجارنِ جون


    اسپين، پورچگال، پئرس، اميريڪا ۽ لنڊن
    جي سفر تي آڌارت
    ( سفرنامو )


    وينا شرنگي


    ويـنـا شـرنـگـي
    اِندرپوري، نئي دهلي ‐ 110012 C ‐ 84


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    Title : VAAYOON-VANIJAARIN-JOON
    (Travelouge)

    Author : VEENA SHRINGI
    First Edition : 2002
    Copies : 500
    Price : Rs. 125/-
    Published by : Veena Shringi
    C-84, Inderpuri
    New Delhi – 110012
    M: 9810728440 & 9868377321

    Mail Id- veena_shringi@yahoo.com


    Typing & Composed by : Subhash Arora H-7, Kasturba Niketan Complex,
    Lajpat Nagar-II, New Delhi-110024
    Mob# 8586998847


    ( All rights are reserved by the Author )


    ڀـيـٽـا

    مئڊرڊ ۾ رهندڙن
    پنهنجي ٻن ڀائرن
    اشوڪ ڪمار ۽ ڪانتيش ڪمار
    جي نانءَ
    جن جي ساٿ ۽ سهڪار سان هيءُ سفرنامو
    قلم بند ڪري سگھيس ۽ اُنهن سنڌ ورڪي
    وڻجارن جي نانءَ جيڪي پرديس کي پنهنجو
    ديس ڀانئي نه صرف اُن ڌرتيءَ سان نڀائي
    رهيا آهن پر پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي
    به ڪين وساريو آهي.

    ( وينا شرنگي )



    تَـڙين تَـواريِـن، ساءِ! سامونڊي آئيا
    مون کي جياريِن، وايون وڻجارنِ جيون
    (شاه)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جو اسپين، پورچگال، پئرس، آمريڪا ۽ لنڊن جي سفر تي آڌارت سفرنامو آهي. پرڀو وفا ڇڳاڻي لکي ٿو:

    ”وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مِٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي.“

    ھي ڪتاب 2002ع ۾ ليکڪا پاران هندستان مان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري وينا شرنگيءَ جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مـهـاڳ

    اسانجي زندگي به هڪ لڳاتار سفر ئي آهي ،ان سفر جي دؤران جو ڪجھ عجيب و غريب ڏسون ٿا، محسوس ڪريون ٿا، رشتا ناتا جوڙيون ٿا يا تجربا پرايون ٿا، اسان مان ڪي جن کي اظهار ڪرڻ جي ڏات ۽ ڏانءُ آهي سي انهن کي دلڪش داستان جي صورت ۾ قلمبند ڪن ٿا. مختلف ملڪن کي ڏسڻ کانپوءِ هوُ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪن ٿا. اهڙن داستانن کي اسين سفرنامي جو نالو ڏيندا آهيون.

    پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڪيترا سنڌي ڀارت مان سنڌ جو سيروسفر ڪري آيا آهن. ساڳيءَ طرح ڪيترا اديب ۽ فنڪار سنڌ مان ڀارت ڏسڻ آيا آهن، جن واپس موٽي وڃي پنهنجا تاثرات سفرنامي جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن جن مان ڪيترا بيحد دلچسپ ۽ دلڪش ثابت ٿيا آهن ۽ مقبول ويا آهن جھڙوڪ مهتاب محبوُب ۽ تاجل بيوس جا سفرناما جيڪي سنڌ جا اعليٰ اديب آهن. ڀارت مان جن اديبن سنڌ مان واپس موٽي سفرناما شايع ڪيا آهن سي آهن محترمه ڪلا پرڪاش، موتي پرڪاش، هري موٽواڻي، ٺاڪر چاولا ۽ وينا شرنگي. موتي پرڪاش کي سندس سفرنامي تي ڀارت جي مرڪزي ساهتيه اَڪادمي اَوارڊ به ڏنو آهي. ٺاڪر چاولا جي سفرنامي‐ تون سنڌ ۾ رهي پئه، ته ڪافي ڌوم مچائي آهي.
    اها سفرنامن لکڻ جي پرمپرا صدين کان وٺي جاري آهي، ڪيترا سيلاني ۽ ياتري صديون اڳ چين، عربستان، ايران، پورچيگال ۽ ٻين مُلڪن مان هندستان ۾ آيا ۽ واپس موٽي وڃي پنهنجا تاثرات سفرنامن جي صورت ۾ پيش ڪيا. انهن سفرنامن کي پڙهڻ مان پاٺڪن کي ڪافي علم حاصل ٿئي ٿو. مختلف مُلڪن جي سرڪاري سرشٿي، ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي سندن خيالات ۽ جذبات، سندن رسمن، ريتن رواجن جي، سندن سياسي، سماجي، سانسڪرت ۽ اقتصادي تاريخ جو علم حاصل ٿئي ٿو.
    البته جيڪي سنڌ تي سفرناما لکيا ويا آهن اهي وڌيڪ دلچسپ ۽ دلپزير لڳن ٿا ڇو جو انهن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ، مارُن جي محبت، ساڻيھ جي سڪ، گذشتھ زماني جون مٺڙيون يادگيريون احساس ۽ جذبا سمايل آهن.
    وينا شرنگيءَ جڏهن مونکي پنهنجي سفرنامي جو دستخط هٿ ۾ ڏئي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته مون خوشيءَ سان قبوليو ۽ سمجھيو ته ضرور سنڌڙيءَ جي سيروسفر تي ئي سفرنامو لکيو هوندائين ڇو جو هوءَ سنڌ ڏانهن پئي آهي. سنڌ ۾ سندس عزيز اڃا به رهيا پيا آهن. جڏهن دستخط جا ورق ورايم ته محسوُس ٿيو ته هي سفرنامو سنڌ تي نه آهي بلڪ اسپين، پورچيگال، امريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ تي لکيو ويو آهي. جيئن دستخط جو مطالعو ڪندو ويس ته مونکي دلڪش لڳڻ لڳو. سفرنامو سهڻيءَ سپڪ مٺڙيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هو ۽ مان وينا کي من ئي من ۾ داد ڏيڻ لڳس. وينا شرنگي اسان جي مشهور معروف ليکڪا ۽ شاعرا ۽ سُٺي براڊڪاسٽر آهي. هوءَ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. آڪاشواڻي دهليءَ جي ايڪسٽرنل سروس جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ۽ ڪافي عرصي کان ٽرانسليٽر انائوسر ڪلاس ون ‐ گريڊ ۾ آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات سان جڙيل آهي. ڀارت جي مشهور مارئي سنسٿا جي روح روان آهي جا سنڌي ڀينرن جي سوشل ڪلچرل ۽ لئٽرري تنظيم طور ڄاتي سُڃاتي وڃي ٿي. پاڪستان کانپوءِ سنڌ جو چڪر لڳائي آئي آهي ۽ واپس موٽي ليکن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ پنهنجا تاثرات لکيا آهن جي ڪافي دلچسپ ۽ مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ ليھ لداڪ ۾ جتان سنڌوءَ جي شروعات ٿي ٿئي اُن جو درشن ڪرڻ لاءِ شري لال ڪرشن آڏواڻيءَ جي گروپ سان گڏ ويئي هئي، واپس موٽي هن سنڌو ڪناري نئون تاريخي باب سفرنامو لکيو جنهن جي ادبي حلقن ۾ ساراھ ٿي. هاڻي هيءُ طويل سفرنامو اسپين، پورچيگال، اميريڪا، ڪئناڊا ۽ لنڊن تي لکي رهي آهي. هن ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون آهن جن مان ڪن تي کيس انعامن سان نوازيو ويو آهي. اسپين (مئڊرڊ) ۾ سندس وڏو ڀاءُ اشوڪ پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ پنهنجي (اسپئنش استريءَ سان) آکيرو اڏي رهيو پيو آهي. هن سفرنامي جي شروعات ڪافي جذباتي نموني لکي وئي آهي. وينا لکي ٿي :
    دهليءَ مان KLM جهاز ۾ اسپين لاءِ رواني ٿيس. ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي. پنهنجيءَ سيٽ تي وِهڻ کانپوءِ خيالن جو سلسلو جاري ٿي ويو جڏهن به مان تنها هوندي آهيان ته منهنجا خيال منهنجا همسفر بڻي وڃن. زندگيءَ جا ورق طوفاني رفتار سان ورڻ لڳا جنهن جو مرڪزي ڪردار منهنجي امڙ بڻيل رهي. چوٿين فئبروَري 1999ع تي هن فاني جهان مان الوداع ڪيائون. امڙ جو آواز جنهن ۾ منهنجو ساھُ اَٽڪيل هو ور ور ڪري منهنجن ڪنن ۾ ٻُري رهيو هو. اڄ مان جيڪي ڪجھ آهيان امڙ جي ساٿ ۽ رهنمائيءَ جو نتيجو آهي. لکڻ پڙهڻڻ کائڻ پيئن مطلب ته هر ڳالھ ۾ امڙ جو ساٿُ ۽ صلاح مون سان گڏ آهي.
    وينا جي امڙ جي الوداع ڪرڻ کانپوءِ وينا کي غمن گھيري ڇڏيو. اڪيلي اُداس، ملول ۽ مايوس گذارڻ لڳي. ان گھيري مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سندس وڏي ڀاءُ اَشوڪ ڪيئي ڀيرا وينا کي دهليءَ ۾ چيو ته مون سان گڏ مئڊرڊ (اسپين) هلُ. وري واپس مئڊرڊ وڃي ور ور ڪري فون تي التجا ڪيائين ته تون هت سيپٽيمبر تائين اچي ٽِڪُ، نيٺ هوءَ ويئي. هن سفر جو احوال قلمبند ڪرڻ انهن ڪوششن جو ئي نتيجو آهي.
    ائميسٽرڊم کان اسپين وڃڻ لاءِ جنهن جھاز ۾ سوار هيس اُن ۾ منهنجي ڀرواري سيٽ تي هڪُ ڊچ همراھ هو جنهن ٻُڌايو ته هو هڪ ڪمپيوٽر ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي جنهن جي هڪ برانچ لاهور ۾ به آهي. هوُ ڀارت کان به واقف هو. هن ٻُڌايو ته کيس تاج محل ڏاڍو وڻيو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته هالنڊ جي اسپتالن ۾ علاج مفت ڪيو ويندو آهي ۽ بيروزگارن کي سرڪار طرفان سوشل سيڪيورٽِي جي ضمانت مليل هوندي آهي. ڊچ لباس کي اتان جا مهاڻا برقرار رکيون ويٺا آهن جو آهي ڀرٿ ڀريل لباس ۽ وڏي ٽوپي ڪاٺ جو جتيون (چاکڙيون) به ڪافي مشهور آهن. ايمسٽرڊم کان مئڊرڊ جي اُڏام جو وقت اڍائي ڪلاڪ کن آهي. اُڏام جي دوران جڏهن دريءَ کان ٻاهر نهاريم ته ساوڪ ئي ساوڪ هئي. اسان جو جهاز بادلن کي چيريندو، هيءَ هوائي پالڪي ڄڻ ڪنهن پَريُـن جي ديس جو سير ڪرائي رهي هئي ۽ منهنجي اُداس من اندر قدرت جي انهن سُهڻن وڻندڙ نظارن سرهائي پيدا ڪري ڇڏي ۽ ڪئين شاعراڻه خيال من ۾ اُڇلون ماري رهيا هئا. ڏينهن جو هڪ لڳي ويهين منٽن تي مئڊرڊ جي براخاس انٽرنئشنل هوائي اڏي تي فِلائيٽ لٿي. گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس ته سامهون وڏو ڀاءُ اشوڪ بيٺو هو. دهليءَ کان مئڊرڊ جو سفر طئه ڪري خيرن سان گھر پهتس. رات جو ٿڪ ڪري جلدي ننڊ وٺي وئي. ايڏي ننڊ جو اک کلڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. ڄڻ ورهين جا اوجاڳا ڪيل هجن. امڙ جي پرلوڪ پڌارجڻ کان چئن مهينن ۾ ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي هئي.
    آرتوار منجھند جو گيتا مندر لاءِ روانا ٿيا سين. گيتا مندر وچ شهر ۾ هڪ سٺي علائقي ۾ آهي. گيتا مندر ڏسڻ وٽان آهي. گيتا مندر جو شاخائون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آهن. مندر ۾ ٻار جو مُنڻ لهرائڻ لاءِ آفريڪي حجم کي وٺي آيا. اُتي پنڊت لوڪ ناٿ جيٽلي هڪُ سٺو ليکڪ به هو، اُن جي گھرواري ۽ ٻار مليا. اُتي لنچ تي گل شِوناڻي سان پڻ مُلاقات ٿي جنهن جھولي لال جي مندر جي درشن ڪرڻ جي دعوت ڏني. اُن ٻڌايو ته هر چنڊ تي لال سائينءَ جي آرڌانا ڪندا آهيون ۽ هر جمع تي سيسا ۽ پرساد ورهائيندا آهيون. مونکي دادا رام پنجواڻيءَ جو ڪردار ياد اچي ويو جنهن جي ڪوششن سان جھولي لال سنڌين جي اشٽ ديو جي آرڌنا ديسان ديس مشهور ٿي آهي. ساڍي ستين بجي ڀارت ۾ رات ٿي وڃي پر اُتي اسپين ۾ سج بيٺل نظر ايندو. ڏهين بجي رات تائين سج جي روشني لڳي پئي هوندي آهي وينا وڌيڪ لکي ٿي. هتي ٽي.وي. تي ڪيترو وقت ڏنم چاهي بيڊروم ۾ هجان يا ڊائينگ هال يا ڊرائنگ روُم ۾ هر هنڌ ٽي.وي. جي موجؤدگي. هندستان پاڪستان جي عوام هڪ ٻئي جي قريب اچڻ چاهي ٿي.
    صبح جو توليدو جو قلعو ڏسڻ لاءِ پروگرام ٺهيو. هيءُ هڪ تواريخي شهر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه صرف يورپ مان پر ٻين ملڪن جا سيلاني به هتي ايندا آهن توليدو جو شهر قديم آهي. شهر ۾ يهودي، عرب، عيسائي وڏي عرصي تائين گڏ ملي جھلي رهندا هئا. اسپين جي ڪئٿولڪ راجائن عربن کي شڪست ڏئي تـڙي ڪڍيو. يهودين تي ڏاڍا ظلم ٿيا، کين چيو ويو ته مذهب بدلايو يا هتان هنڌ ٽـپڙ ٻڌي رفوچڪر ٿي وڃون.
    وري گرناڊا (قلعو)، قرطبه ۽ سويجا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيائون گرناڊا قلعي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اٺين صديءَ ڌاري اُتي سلطان آيو هو، اهو اسپين جو آخري علائقو آهي جتان اسلام جي پوئلڳن جا پير اُکوڙيا ويا هئا ۽ عيسائي مذهب اُتي آخر ۾ پهتو. الحمبرا ۾ جيڪو حمام موجود آهي اُن بابت چيو وڃي ٿو ته سلطان جي بيگم جو هڪ سيناپتي سان پريت جو پيچ پيو ان قلعي اندر هڪ شاهي وڻُ آهي جتي محبت جي داستان وڌيڪ پروان چڙهي، هڪٻئي سان عهد وفا ڪيا. جڏهن سلطان کي اها ڄاڻ پئي ته هن پنهنجي بي وفا زال ۽ اُن جي معشوق کي حرم ۾ قتل ڪيو جن جي خون جا داغ اڄ به اُتي موجود آهن
    طئه ٿيل پروگرام ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪري پهرين قرطبه جي مسجد ڏسڻ جو سوچيائون.سئوويھ (120) ڪلوميٽرن جي رفتار سان ڪار شاهراھ تان فاصلو طئه ڪندي، اوسي پاسي جي منظرن کي پٺتي ڇڏيندي اڳتي وڌڻ لڳي. سفر جي دوران سنگيت ۽ گفتگوُ جو سلسلو جاري هو. وينا وڌيڪ لکي ٿي : اسان قرطبه وارو رستو ورتو. ساڍي ٻارهين ڌاري اسين قرطبه پهچي ويا سين ۽ اچي مسجد وٽ بيٺا سين، قرطبه جي هيءَ ڪئٿڊرل (مسجد) جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها اولھ جي اسلام جو عظيم ترين يادگار آهي. اندر داخل ٿيڻ بعد عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. ڪمال جي ڪاريگري هئي. ڪنن تي لڳل هيڊ فون ذريعي ڪامينٽريءَ تي اتي جي رهڻي ‐ ڪرڻي، تهذيب تمندن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تمام ئي سهڻي ۽ دلچسپ ڄاڻ ملي. ان کان پوءِ قرطبه جي يونٽي ٽاور کي ڏسڻ لاءِ اندر داخل ٿيا سين ته اندر ميڊيڪل جا اوزار مؤجود هئا جي اُتي جي ماهرن ايجاد ڪيا هئا. عجب اهو ٿو لڳي ته اُهي ايڏي عرصي کانپوءِ به آپريشن ۽ علاج وغيره لاءِ استعمال ٿي پئي سگھيا. هيٺ واپس اچڻ تي ساڄي پاسي تي ٽي آدم قد کان به ڊگھا ماڊل مؤجود هئا، اُهي يهودي، عيسائي ۽ مسلمان شخصيتن جا هئا جن جا پنهنجي پنهنجي مذهب جي عقيدت، ايڪي، ڀائيچاري ۽ ميل ملاپ جي قولن ذريعي سکيا جو پيغام بيان ڪري رهيا هئا. هيءُ شو لائيٽ ۽ سائونڊ تي آڌارت هو. قرطبه جي ان يونٽي ٽاور ڏسڻ کانپوءِ ٻاهر وزٽر بوڪ رکيل هو، اُن تي جڏهن وينا پنهنجا تاثرات لکڻ چاهيا ته کيس سچوُ سائين جو هيءُ شعر ياد پيو : آنءُ جوئي آهيان سوئي آهيان هندو مومن ناهيان ڙي يار شاه صاحب جو هيءُ شعر به کيس اچي ياد پيو : مذهبن ملڪ ۾ ماڻهوُ منجھايا.
    قرطبه بعد وينا وڌيڪ فرمائي ٿي : شام ستين بجي سويجا پهتا سين. سويجا ۾ ائين پيو لڳي ته هتان جا ماڻهو ڏينهن جو سمهندا آهن ۽ رات جو جاڳندا آهن. هن هوٽل ۾ روز رات جو وڏي تعداد ۾ ٽؤئرسٽ اچي لوڪ‐سنگيت جو مزو ماڻيندا آهن. هٿن ۾ سڀني کي ڊرنڪ نظر ايندو. رقص ڪندڙن سان گڏ ٻاهريان ماڻهو به شامل ٿي وڃن. ان هوٽل جي مالڪ هڪ عورت هئي جا پاڻ به ڳائيندي هئي. مالڪياڻيءَ سان گڏ هڪُ وڏي عمر جو ماڻهو تنهن تمام کُلي گلي سان لوڪ گيت ڳاتو. واه جو رنگ ڄمايائين. هڪ گيت هو جنهن جي معنيٰ هئي : سويجا تنهنجو رنگ نرالو، وينا کي سنڌ ياد اچي ويئي. چئي ٿي جيئن اسين گيتن ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو نالو ٻڌي ٺرندا آهيون تئين سويجا واسين جي چهري تي رونق آڻي ڇڏي. پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ڪيڏي نه وڏي طاقت آهي. سويجا جون ڇوڪريون عالمي سونهن واري چٽا ڀيٽيءَ ۾ زور شور سان حصو وٺن. اُتي جي ڇوڪرين جا وار ڪارا روش ٺاهوڪا ۽ فِگر سٺي. ڪيتريون ڇوڪريون هندستاني ڇوڪرين وانگر پيون لڳن. وينا گروپ سميت اُتي هڪ شاهي محل ڏسڻ وئي، جنهن ۾ مُسلم ۽ عيسائي فن جو سنگم هو. ٻاهر هڪُ وڏو باغ هو. هيٺ هڪ طرف شاهاڻي خاندان جي بيگمن جي وهنجڻ لاءِ حمام ٺهيل هو. حمام جي آخري واريءَ ڀت تي وڏا جارا هئا جن جي پٺيان پاڻيءَ گرم ڪرڻ لاءِ باھ وغيره جو بندوبست ٿي ٿئي سگھيو. ان دؤر جون شاهي بيگمون اسٽيم باٿ وٺي نه صرف پنهنجي جسم جي ٿڪاوٽ لاهينديون هونديون پر پنهنجي سندرتا ۾ به اضافو ڪنديون هونديون. شهر جي آس پاس ٻيا به ڪيترا خوبصورت نظارا ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جن جو ذڪر وينا پنهنجي عالماڻي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ڪري رهي آهي.
    سويجا جي سير سفر کانپوءِ وينا ۽ گروپ پورچوگال طرف رخ رکيو. پورچگال ۾ مندر ڏسڻ ويا پر دير سان پهچڻ ڪري مندر بند ٿي ويو هو. اتي کين هڪُ گجراتي مليو جنهن کين چيو ته صبح جو آرتيءَ تي اچجو. ڳالهين جي دؤران هن ٻڌاين ته هوُ ويجھڙائيءَ م موزمبق مان آيو آهي. پورچوگال ان بئٺڪ کي ڇڏيندي اُتان جي گجراتي سماج ۽ ٻين کي پورچگال اچڻ جي نينڍ ڏني. صبح جو تيار ٿي مندر ڏسڻ وياسين، مندر جو درشن ڪري جڏهن ٻاهر نڪتا ته اُتان جي مئنيجر کين مندر جي رنڌڻي ۽ ٻين حصن کي ڏيکارڻ ۾ رهنمائي ڪئي. ڳالهين جي دؤران کين پتو پيو ته مندر جو تمام وڏو پلاٽ هو پورچگال سرڪار کين ڏنو هو. ان ڏينهن گھوٽ ڪنوار کي پيري پوائڻ وٺي آيا هئا. وينا لکي ٿي ته گجراتي دنيا جي الڳ الڳ حصن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن، جتي جتي هو ويا آهن اُتي پنهنجي سنسڪرتيءَ کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اَٿائون. ان مندر جي ٻاهران هڪ وڏي ڪاري پٿر جي پارڪ ۾ مورتي آهي جنهن جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏ کستوربا گانڌي به ساڻ آهي جڏهنڪ اڄ ڏينهن تائين مهاتما گانڌيءَ کي اڪيلو ئي ڏيکاريو ويندو آهي.
    پورچگال کانپوءِ ايستورل روانا ٿيا سين اهو علائقو سُـٺن رهائشگاهن کان مشهور آهي. اُتي ڪسينوزُ ۾ مؤج مچندي آهي پر اسان جھڙن صوُفين لاءِ ممنوُن آهي، منهنجي جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته اشوڪ کي دعائون ڏئي ها ته قرب ڪري رات رهي پئون. اُتي ڏينهن جو ننڊ ڪندا آهن ۽ رات جو جاڳندا آهن. حسينائون ۽ دوشيزائون ڪسينو ۾ رات جوئي جَلوه‐افروز ٿينديون آهن.
    ولائت جي سفرنامي لکندي وينا سنڌ ۽ پورچگال ۾ گوئا کي ڏاڍو ياد ڪري هن سفرنامي کي دلچسپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هڪ غزل لکيو آهي جنهن جو تصور مون لنڊن ۾ ڪيو هو. غزل جو متلع آهي :
    ويٺي ويٺي هو ولائـت ۾ وطن ياد آيو
    دَرو ديوار دريون گھر جو چمن ياد آيو
    هن منهنجي احساس کي وينا پنهنجي سفرنامي ۾ هيئن ٿي پيش ڪري. ولائت جي وڻن ۾ وطن جي ڪويل ڪوُڪي ٿي. پورچگال جي متعلق وينا لکي ٿي ته هيءُ ننڍڙو ملڪ جنهن جي رهواسين دنيا جي ڪيترن ملڪن کي پنهنجي هٿ وس ڪيو آهي ۽ انهن کي پنهنجون ڪالونيون (بئٺڪون) بڻائي پنهنجا جھنڊا کـڙا ڪيا آهن. انگولا، موزمبق، گوئا، دمن، ديوُ ته ڇڏيو پر برازيل جھڙي وڏي سائوٿ امريڪا ملڪ کي پنهنجي بئٺڪ بڻائي ڇڏيو. ننڍي کنڊ جا ماڻهو کوجينڪ واسڪو ڊيگاما جي نالي کان بخوبي واقف آهن.
    جڏهن پادرو ميوزم ڏسڻ لاءِ ويا ته اُتي پينٽنگ جي ڪمال جو مظاهرو ڏيکاريل هو. وينا لکي ٿي ته ميوزم ۾ اندر داخل ٿيڻ تي خوبصورت رنگن جي ميل واري شاهي پينٽنگ ڏسي منُ ٺري پيو جنهن ۾ انساني چهرن جا تاثرات ائين هئا ڄڻ پينٽنگ نه بلڪ جذبات سان سرشار زنده انسانن جي صحبت ۾ آهيون.
    وينا جو پنهنجي اَمڙ سان اَتي پيار ٿو ڏسجي. سندس متعلق لکي ٿي : اَمڙ جي جوانيءَ جون تصويرون ڏسي چپن تي واه واه اچيو وڃي. اکيون وڏيون ۽ ويڪريون، رونش، قد بت ٺاهوُڪا، چهرو چنڊ جھڙو، خوبصورت عورت هئي. خوشبوُ سان به بيحد پيار هين. پَرفيومُ، سرها تيل ڦليعل، صابڻ، پائوڊر، اڄُ به ڪيترا لنڊن مان آندل رکيا آهن. لڳي ٿو پاڻ کان وڌيڪ مون لاءِ گڏ ڪرڻ جو چاھ هوس. هڪ کٽندو نه هو ته ٻيو اڳ ۾ ئي مؤجود، اڃا آفيس لاءِ نڪرندي نه هيس تنهن کان اڳ گلاب ۽ موتئي جا گل پٽي ڏيندا هئا. مونکي لڳي ٿو کين منهنجي روپ ۾ سندن ماضيءَ جا ڪي يادگار لمحا نـظر ايندا هُـئَن. وينا لکي ٿي : اسپين ۾ شايد ئي ڪو ڏينهن هجي جنهن ڏينهن گھران نڪرڻ نه ٿيو هجي. روز جُتلو پير ۾ هوندو هو.
    اسپين جو سفر پورو ڪري وينا کي اَمريڪا وڃـڻو هو جو اُتي کيس سنڌي سميلن تي دعوت مليل هئي. اسپين مان 28 جولائي تي نيويارڪ لاءِ نڪتي. امريڪا جي دؤري متعلق وينا لکي ٿي. هوائي اڏي تي سميلن جو ميمبر وٺڻ آيو هو. هوٽل ۾ وِملا تِواري ملي جيڪا پڻ ان وقت پهتي هئي. هن کي ڪلچرل پروگرام جي جوابداري سپرد ٿيل هئي. رات جو ڪافي دير کانپوءِ ننڊ آئي. هوائي سفر جي ٿڪاوٽ به زبردست هئي. جيئن ته سميلن جو بندوبست رتنا گدواڻيءَ کي ڪرڻو هو ان سان ڳالھ ٻولھ ٿي، اُن وقت دادا چيلا رام جي پٽ لڇمڻ چيلا رام سان ملاقات ٿي. انڊيا مان به ڪيترا ڄاتل سُڃاتل مليا، پر منهنجو ساھُ ته پنهنجن بيگن ۾ اٽڪيل هو، انڪر ي نه ته انهن ۾ ڪي هيرا جواهر هئا پر انهن ۾ سميلن جي دؤران جيڪو فئشن شو مونکي پيش ڪرڻو هو اهو سامان هو. سميلن ۾ سنڌي ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جو نماءُ ۽ وڪرو به ڪيو ويو. شام جو سنڌي لباسن تي آڌارت فئشن شو رکيل هو جنهن لاءِ سميلن طرفان مونکي خاص نينڊ مليل هئي. اهو پروگرام تمام ڏکيو ۽ للڪار ڀريو هو. وڏو پورهيو منهنجي مربي ڀيڻ پروميلا شرما جو پڻ هو. مون ڪئي، مٽيريل جي چُونڊ، سنڌ مان ڪپڙو، ڀرٿ ڀريل گج، ٽوپيون، گلن واري جُتي، اجرڪون کٿا، ڀرٿ ڀريل روا ٺهرائڻ ڪو سولو ڪمُ نه هو. ان فئشن شو لاءِ رنگن جي چونڊ، عاج جون ٻانهيون، زيوَر، مئچنگ پوتيون (چڪني جو رئو) ڀڳت ڪنوررام جو جامعو ۽ پڳ. لباسن تي آڌارت ڪامينٽري جنهن لباسن متعلق شاه صاحب جي شعرن جي چوُنڊ. ان پروجيڪٽ ۾ منهنجي سياڻي ڀيڻ شالني ساگر به ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺي. گجرات مان روايتي شيون آڻائڻ جي جوابداري شالنيءَ تي وڌي. جئپور، اجمير ۽ بـڙودي جو ذمو مون پاڻ تي رکيو. پروميلا تي هر روز درزيءَ وٽ ٽن مهنن تائين اچ وڃ ڪرڻ جو ڪم ۽ چاندني چوڪ مان ٽوپيون ٺهرائي اچڻ ۽ ٻيو ڪم وڌو. ڊاڪٽر دوداڻيءَ جو شونق هو ته مان اهو پروجيڪٽ ڪيان. مان دهليءَ مان جون ۾ نڪتس. سميلن لاءِ ايڏو سامان، ويھ ٻاويھ وڳا ۽ ٻيو سامان، سفر جا ڏک ڏاکڙا، مٿان ٻيون فارمئلٽيز. بئگون گھليندي گھليندي ٻانهون سوُر ڪري رهيون هيون. خير سان سميلن تي پهچي ويس. ان فئشن شو منعقد ڪرڻ ۾ وينا کي ڪيتريون تڪليفون درپيش آيون. پڇاڙيءَ ۾ وينا لکي ٿي : سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر جي تاريخ ۾ هن انوکي يگاني ۽ پهرين طرح جو فئشن شو هو. آمريڪا جي ڇَهين سنڌي سميلن ۾ سنڌيت جي پريمين جو من موهي ڇڏيو. سڀني ماڊلس جا ٿورا جن منهنجي تخليقي سوچ ۽ فن سان نڀائڻ جي ٿوري وقت اندر محنت ڪري پورهيو برثواب ڪيو. من ۾ مهراڻ جي ڇولين جون اُڇلون ان جو احساس ان وقت ٿيو جڏهن اَمريڪا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيلن ڪيترن مبارڪ باد ڏني، چيائون پئي ڀيڻ توهان ته امريڪا جھڙي ملڪ ۾ سنڌڙيءَ جو سير ڪرايو آهي. ڪيترن بروقت لباس خريد ڪرڻ جي اِڇا ڏيکاري. وينا کين چيو، اها پراپرٽي سميلن وارن جي آهي، توهين وِملا تِواريءَ کان خريد ڪري سگھو ٿا. جنهن ڀڳت ڪنوررام جي، پهراءَ جو شو ۾ ڪردار ادا ڪيو هو تنهن چيو : مان جيءُ لباس واپس موٽائي نه ڏيندس. هن سئو ڊالر وِملا تِواريءَ کي هٿ ۾ ڪري ڏنا. وينا وِملا تِواريءَ کي چيو توهان مونکان پنهنجي امانت مهرباني ڪري سنڀالي وٺو. کيس سمورو سامان ڏيڻ کانپوءِ ائين لڳو ڄڻ سنڌوُءُ ۾ ٽُٻي لڳايم. ڊاڪٽر ستيش روهڙا وينا کي چيو ته جيڪو شو پيش ڪيو تنهن لاءِ واڌايون. وينا وڌيڪ لکي ٿي ته رات جو جڏهن مان هوٽيل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويس ته مون بيحد رُنو مونکي اُن ڪاميابيءَ تي پنهنجي امڙ جي ياد آئي. اگر هوُءَ حيات هجي ها ته ٻڌي تمام خوشي ٿين ها. اَمريڪا ۾ وينا ۽ سندس ڪراچيءَ واري ساهڙيءَ جي اوچتي ملاقات ۽ سندس سالگره ملهائڻ وارو واقعو ۽ ساڻس گڏ شڪاگو جو سير سفر به ڪافي دلچسپ ۽ ڇهندڙ آهي.
    وينا لکي ٿي : اَمريڪا مان خيرن سان سفر طئه ڪري لنڊن پهتس. چانھ پاڻي پي بدر سومري کي فون ڪيم جو هن مئڊرڊ ۾ خط لکيو هو ته لنڊن ۾ اچو ته احوال ڏجو. دستوري دعا سلام کانپوءِ مون کيس چيو ته مونکي وليم شيڪسپيئر جو ڳوٺ ضرور ڏسڻو آهي. من ۾ خواهش هئي ته اهڙي عظيم ليکڪ، شاعر ۽ ناٽڪنويس جي رهائشگاهه ڏسان. بدر وراڻيو : سڀاڻي جو پروگرام ٺاهيون ٿا. آچر ڏهاڙي، اٺين آگسٽ تي صبح جو سوير ئي تيار ٿي فون جو انتظار ڪري رهي هئس. بدر ابڙي موبائيل تان فون ڪيو ته اسين ٻاهر اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. مان جڏهن پهتس ته بدر سومري ڊاڪٽر بدر سان تعارف ڪرايو، رسمي طور دعا سلام کانپوءِ اسان ادب جي عظيم شخصيت شيڪسپيئر جي ڳوٺ طرف روانا ٿيا سين. فاصلو چڱو خاصو هو، وري واٽ تي مينهن جي بوندن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. مينهن بند ئي نه ٿئي. بدر موڊ ۾ هو چيائين اوهان شيخ ‐ پير جي ڳوٺ کي ئي ترجيح ڇو ڏني؟ مون وراڻيو‐ عظيم ساهتڪار جي يادگار جي جڳھ ڏسڻ ٿي چاهيان. ٽهڪ ڏيندي چيائين شيخن جي پيرَ کي ڏسو ٿا ته ڪيڏا مينهن وسايا اٿائين. ڀٽائي صاحب کي به مينهن پسند ته شيخ پير کي به پسند. ان موضوع تي ڀٽائيءَ جا ٻه ٽي بيت جھُونگاريائين. هڪ طرف سُر سارنگ جو ذڪر هو ته ٻئي طرف ڊاڪٽر بدر جو موسم تي ڏمرُ. مينهن چوي اڄُ نه وسان ته ڪڏهن وسان. رستو ڏسڻ ۾ ئي نه اچي. بادلن جي گـڙگـڙاهٽ ڏسي ڪجھ دير لاءِ دل پريشان ٿي پر مونکي به اِسٽرٽـفورڊ ڏسڻ جُنونُ هو. نيٺ مينهن جي رفتار پٺتي پوندي ٿئي وئي. بدر پاڻ سان انب آندا هئا. ڏسي سچ پچ حيراني ٿي. لنڊن ۾ سنڌ وارا وڏا وڏا مٺا چاش جھڙا انب، اصل ڳوٺ ياد اچي ويو. نيٺ منجھند جو ٻارهين بجي ڌارا اُتي پهتا سين. شيڪسپيئر جي ڳوٺ پهچڻ تي هلڪي بوندا باندي هئي. تمام گھڻي ساوڪ ئي ساوڪ کان وڌيڪ گلن جون ٻاريون. گھر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي سندس استعمال واريون شيون اُتي رکيون هيون. وينا لکي ٿي، جيڪو تصور ۽ خوشيءَ جو احساسُ اُن وقت مونکي اهڙي عظيم ليکڪ جي يادگار گھر جي اڱـڻ ۾ بيٺي ٿي رهيو هو ان جي قيمت نه ٿي لڳائي سگھجي. ان جي ڀرسان ٿوري ئي فاصلي تي سندس ناناڻو گھر جتي اُتي جو ڳوٺاڻو منظر پسي سگھجي ٿو. ٻنيون ٻارا رِڍون، چوپايو مال وغيره. انکانسواءِ ائني هئٿيوز ڪاٽيج. هيءَ اُهائي ڪاٽيج آهي جتي وليم شيڪسپيئر پريت جو پيچ پاتو هو ۽ سندس محبوبا اَئني شاديءَ کان اڳ رهندي هئي. نومبر 1582ع ۾ ٻنهي لائون لڌيون هيون. انوقت شيڪسپيئر جي عمر 18 سال هئي ۽ سندس محبوبا جي 26 سال. هُـوءَ ٽن مهينن سان پيٽ سان هئي جو ٻئي وواھ جي ٻنـڌن ۾ ٻـڌجي ويا.
    لنڊن ۾ وينا کي ڪيترا سنڌي واقفڪار ۽ دوست مليا. پڇاڙيءَ ۾ وينا لکي ٿي : جناب نور محمد ٿيٻو ڀلو انسان هو. سندس ٻار تمام سُٺا هئا، سندن قرب وسرڻ جھڙا نه آهن. پرديس ۾ جڏهن پنهنجا هموطني ۽ هم زبان ملن ٿا ته عيد ٿيو وڃي.
    وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي. مونکي اُميد آهي ته ڪي قدردان ۽ دانوير ضرور جاڳندا جي وينا شرنگيءَ کي انعام سان نوازي سندس حـؤصلي اَفزائي ڪندا.

    پـرڀُـو وفا ڇـڳاڻي


    پنهنجي پاران

    چوڻي آهي جي لوچين سي لهن. اُن چوڻيءَ جو احساس اُن وقت ٿيو جڏهن ست سمنڊ پار سفر لاءِ سندرو ٻڌو.
    لڳي اُتـرَ هـيرَ، سامُـنڊين سڙِهَ سنباهِيا (شاه)
    زندگي ناءُ آهي سفر جو ڏونگر ڏورڻ… سياحت تلاش… زندگيءُ ۾ ڪنهن اڻ ڄاتل منزل جي تلاش، ڪنهن هڪ منزل جو ارادو ڪري نڪرجي ٿو ته راھ ۾ ڪئي پيچرا اچن ٿا… نئين راهن طرف ڌيان ڇڪجي ٿو. ڪئي تجربا ۽ مشاهدا ماڻجن ٿا. ڪي ڄاڻ ته ڪي اڻ ڄاڻ واٽون ٻانهون ڦهلائي خوش آمديد ڪن ٿيون. سيلانيت جي تمنا ڇو پيدا ٿي؟ سفر دوران منزل تي صحيح سلامت پهچڻ جو فڪر، ڪنهن اڻ ڄاتل حادثي جي چنتا. من ۾ نئين ماحول کي ڏسڻ تاريخ ۽ تهذيب ڄاڻڻ جي چاهنا. نئين حالتن ۽ ٻين ملڪن جي رهڻي ڪرڻي، تاريخي عمارتن، تهذيب جي ڄاڻ پوي ٿي. بيشمار خواهشن جو ڪرُ موڙڻڻ، ماڳن تي موٽي عزيزن سان تجربا ونڊڻ.
    دوستيءَ جو دم ڀريندڙ سڄڻن جي تعريف ۽ داد پُٺيان حسد جي جيوڙن جو احساسُ. پنهنجي ائڊوينچر جا قصا ۽ سيروسفر جي تصويرن کي مٽن مائٽن کي ڏيکاري پنهنجا تجربا بيانُ ڪرڻُ. پوءِ وقت گذرڻ سان معمول واري زندگي. نئين ڪنوار نو ڏينهن لٿي پٿي ڏهه ڏينهن.
    ولائت جا ڪئي سفر ڪيا، 1984، 1990، 1995، 1999ع. مان سنڌ جي سفرن جو هتي ذڪر نه ٿي ڪيان جيڪي 1986ع، 1989ع سچل ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ 1993ع پيءُ جي وفات کانپوءِ امڙ وٽ وڃڻُ. حالانڪ انهن دورن تي سنڌ جا ٻه سفرناما ‐ پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا، ٻيو ‐ ڪڇان تان ڪافر. ۽ هڪُ ليھ لداڪ تي سنڌو ڪناري نئون تاريخي باب لکيا. انهن سفرنامن جي ولائت جي سفر سان ڀيٽ ڪرڻ نه چاهيندس. جو اهي ڌرتيءَ ۽ ماروئن سان جڙيل هئا، آمريڪا، لنڊن، اسپين، ڪئنڊا، پورچگال، پئرس، سنگاپور، بنڪانگ وغيره وڃڻ ٿيو پر هن ڀيري ڪجھ حادثن، حقيقتن ۽ مُشاعدن کي قلم بند ڪرڻ جو ارادو ڪيو. زندگيءَ ۾ اهڙا سفر ڪرڻ جا موقعا ورلي ملندا آهن. اڃا ڀر وارا مُلڪ نيپال، دبئي ۽ هانگ ڪانگ ڪونه ڏٺا آهن، خاص طور مصر جا پرائمڊ ڏسڻ جي دل ۾ وڏي خواهش آهي.
    1990ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو سانا طرفان واشنگـٽن .ڊي.سي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ملي ته امڙ چيو تون ضرور وڃ، پر منهنجي ذهن ۾ ڪئي خدشا خبر نه ڪهڙا ماڻهو هجن، ڪهڙيون حالتون هجن، ڪٿي تفريح بدران ڏکن ۽ ڏوراپن جو سفر نه بڻجي پوي، امڙ جي همٿ ڏيارڻ تي نڪتس، اگر اُن سفر ۽ ٻين سفرن جو ذڪر ڪرايان ته الف ليليٰ جا داستان بڻجي پون. هتي اُنهن چند سڄڻن جو ذڪر ضرور ڪندس جن جي پيار قرب همٿ‐افزائي ۽ احترام ڪري پکيءَ وارا پر ڪري دهليءَ مان آمريڪا، لنڊن ۽ اسپين ڏانهن اُڏامي هيس.
    پنهنجي مٺي امڙ ستي ديويءَ جو آشريواد، پنهنجي ڀائرن اشوڪ ڪمار ۽ ڪانتيش ڪمار، ڊاڪٽر نرجن دوداڻي جنهن اُن وقت به ۽ هن سميلن ڀيري به همٿ‐افزائي ڪئي. آمريڪا ۾ منهنجي الطاف ميمڻ عرف آدرش سنڌيءَ سان به خط ڪتاب هو. انهن جي سهڪار ڪري ئي 1990ع ۾ جريت ڀريو قدم کڻي پرڏيـﮧ ۾ پهتس. ڌرتي کان ڏور رهندڙ ماروئڙن سان مُلاقات ڪرڻ جو اشتياق ۽ ڏونگر ڏورڻ جي جريت ٿي. همٿين مردان مددي خدا. پهرين نيويارڪ وڃڻ جو ارادو هو پر پوءِ پهرين واشنگـٽن ڊي.سي. طرف سفر جي واڳ ورائي.
    سنڌيءَ ۾ خاص طور تي ڀارت ۾ اسان کي ٻين صنعفن جي ڀيٽ ۾ سيروسفر جي موضوع کي کڻي آڱرين تي ڳـڻڻ جيترا سفرناما لکيا ويا آهن جن جو ذڪر پرڀو وفا صاحب مُهاڳ ۾ ڪيو آهي مان سندن ٿورائتي آهيان جو هنن سفرنامو پڙهي ۽ مُهاڳ لکي پورهئي جو قدر ڪيو، سنڌ ۾ سفرناما وڏي تعداد ۾ لکيا پيا وڃن، جناب الطاف شيخ پنهنجي بحري سفر دؤران الڳ الڳ ملڪن جا دورا ڪري چڱي تعداد ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ٻاهرين دنيا کان واقف ڪرايو آهي، سندس سفرناما وڏي چاهه سان پڙهيا وڃن ٿا، خوش قسمتيءَ سان الطاف شيخ کان علاوه ٻين سڄڻن جا سفرناما به مونکي پڙهڻڻ جو موقعو مليو، ڪي تحقيق جي لحاظ کان سنڌ جي الڳ الڳ ماڳن جا ته ڪي ولايت جا، عنايت بلوچ جو پرينءَ جي پرديس، ڊاڪٽر سليمان شيخ جو تنظيمي حوالي سان ٻين ملڪن جي دوري دوران مُشاهدن تي آڌارت ويھ مه وساريج اين.جي.او. جي ڄاڻ وارو، بدر ابڙي جو هنگلاج ۽ لاهوت تي ديويءَ جي آسٿان تي، امير ابڙي جو ناروي جو سفرنامو عورت بنا سيارو، سنڌ ۾ پڙهڻ وارن جو وڏو طبقو آهي. اهڙيءَ طرح اُڙدو ۾ به وڏي تعداد ۾ سفرناما لکيا ويا آهن ۽ لکجن پيا. علامه اقبال هڪ شعر ۾ فرمائي ٿو :
    باغ بهشت سي مجهي حڪم سفر ديا تها ڪيون
    کار جهان دراز هئه، اب ميرا انتظار کر

    ڄمڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخر تائين هيءُ سفر جاري رهي ٿو. هندوستان جي سيروسفر تي ڪيترن سيلانين پنهنجا سفرناما قلمبند ڪيا آهن. پر چوڏهين صديءَ ۾ ابن بطوطه هندوستان آيو هو. اُن پنهنجي سفرنامي ۾ هندوستان جي معاشري ۽ تهذيب کي سُهڻي ۽ دلڪش نموني ۾ پيش ڪيو آهي. پنهنجو هيءُ سفرنامو وايون وڻجارن جون مئڊرد (اسپين) ۾ رهندڙ ٻن ڀائرن اشوڪ ڪمار ۽ ڪانتيش ڪمار ۽ پرديس ۾ رهندڙ سنڌي وڻجارن کي ارپڻ ڪيو آهي، جيڪي وطن جا وڻ ڇڏي محنت ۽ اورچائيءَ سان پرديس ۾ پنهنجي پيرن تي بهي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب تي فخر ڪن ٿا.

    آءُ جَنِ آ ساراي، مٿي تَـڙَ گـذاريان
    مون کي وسِاراي، شالَ مَ وڃَن اوهَرِ! (شاه)

    هيءُ سفر ماروئـڙن سان مُلاقات، الڳ الڳ مُلڪن جي تاريخي عمارتن ۽ اُنهن جي رهني ڪرڻيءَ کي پنهنجي وت، سوچ ۽ مُشاهدي جي آڌار تي منهنجي نگاهه جيڪي ڏٺو ۽ جو محسوس ڪيو سو قلم بند ڪيو آهي. ساٿ سلامت.


    سدائين گڏ

    وينا شرنگي


    اونهي ڳالھ اسرار جي

    دهليءَ کان تقريبا هڪ لڳي KLM جي فلائيٽ جي روانگي هئي. پر اُن ڏهاڙي فلائيٽ ليٽ هئي ساڍي ٽئين لڳي رواني ٿيڻي هئي. يوڌشٽر منهنجو ڀائٽيو هوائي اڏي تي مونکي ڇڏڻ آيو هو، مون کيس چيو تون ڀلي واپس وڃ جو ٻاهر بهڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. مان ساڍي ٻارهين ڌاري رات جو سامان روانو ڪري، هوائي اڏي تي جيڪي پنجاھ ڊالر ملندا آهن سي بئنڪ مان مٽائي، ايميگريشن چيڪ ڪرائي اندر داخل ٿيس. ڪي.ايل.ايم. جي مُسافرن کي چانھ جا ڪوپن ڏنا ويا، چانھ بدران مون جُوس کي ترجيح ڏني، جو گھران ٻه ڀيرا چانھ پي نڪتي هيس.
    ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي، خيالن جي اُڏام هزارين هزارين ڪلوميٽرن جي رفتار سان پرواز ڪرڻ لڳي. وقت پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳو. جهاز ۾ پهرين بزرگن ۽ اپاهجن کي نينڍ ڏني وئي، اُن کانپوءِ ٻارن ۽ عورتن کي. بعد ۾ ايگزڪيوٽيو ڪلاس وارن کي پوءِ باقي سڀني مُسافرن کي داخل ٿيڻ جي نينڍ ڏني وئي. بورڊنگ ڪارڊ کڻي پنهنجي سيٽ تي وهڻ کانپوءِ، خيالن جو سلسلو جاري ٿي ويو، جڏهن به مان تنها رهان اهي منهنجا همسفر بڻجي وڃن. زندگيءَ جا ورق طوفاني رفتار سان ورڻ لڳا، جنهن جو مرڪزي ڪردار منهنجي امڙ بڻيل رهي. چوٿين (4) فئبروري 1999ع تي هن جھان مان الوداع ڪيائون، منهنجي اکين جي آڏو ٽئين فئبروريءَ جي اُها رات ور ور ڪري اچي ويندي آهي. اُن رات پهرين پاڻي پيئڻ لاءِ گھريائون، وري ٻارهين کانپوءِ اُٿي ويٺا، سندس گلي ۾ ڄـڻُ ساھُ اٽڪي پيو. ڏيڍ لڳي رات جو ڌڻيءَ کيس منهنجي ٻانهن مان کنڀي کنيو. مان لاچار ۽ بي بس روئندي رهيس، رڙندي رهيس. مٽ مائٽ مونکي دلاسو ڏيندا رهيا. اڄ ان دک دائي حادثي کي پنج مهينا ٿي چڪا آهن، پر لڳي ٿو ڄـڻُ ڪالھ جي ڳالھ آهي، اها ڪالھ جي ڳالھ اڄُ بڻجي هميشـﮧ منهنجي اکين اڳيان رهندي. دنيا جھان وٽان وڏا وڏا پرسنگه ٻُـڌڻ لاءِ ملن ٿا، پر منهنجو منُ وقت به وقت اشانت ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻندي ته ڪڏهن اڻ ڄاڻائيءَ ۽ بي خبريءَ ۾ ان منظر کي پسي ٿو. اُن وقت پاڻ کي محتاج، بي بس ۽ دنيا جي مظلومن مان سڀ کان وڌيڪ مظلوم تصور ڪندي آهيان. امڙ جو آواز ور ور ڪري ڪنن ۾ ٻرندو آهي؛ ڪڏهن وينا ته ڪڏهن وِنل، ڪڏهن پيارُ ۽ پاٻوھ ته ڪڏهن هدايت. اڄ مان جيڪي ڪجھ آهيان سندن ساٿ ۽ رهنمائي جو نتيجو آهي. لکڻُ پـڙهڻُ، کائـڻُ پيئڻُ، گھمڻُ ‐ گھتڻُ، مطلب ته هر ڳالھ ۾ امڙ جو ساٿُ ۽ صلاح مون سان گڏ آهي.
    جنهن رات موڪلايائون صبح جو، مونکي چيائون اڄ مونکي ننڊ ڪرڻ ڏئي. مان خوش ٿيس ته ڀلي آرام ڪن. مان اڻ ڄاڻ هيس ته اها آرام واري نه، پر ندوري ۽ نڀاڳي ننڊ هئي. اکيون کولي ڀاڪُرڀري پيشانيءَ کي جڏهن چميائون ته منهنجي سڄي جسم ۾ بجليءَ جي تيزرفتار جيان ممتا جو ڇُـهاءُ، منهنجي رڳ رڳ ڇهندي، رت ۾ ولوڙو ۽ من اندر ولولو پيدا ڪيو، جيڪو زندگيءَ جي آخري دم تائين مون سان ساڻُ رهندو. ممتا جي موھ جي سمنڊ جون ڇوليون، مونکي زندگيءَ جي امرت منٿن ۾ ننڊ ۽ جاڳ ۾ ولوڙين ٿيون. جيڪي يادين جي چاڏيءَ ۾ ولوڙيندي صاف، شفاف مکڻ جيان جيجل جي شخصيت کي اُڀارين ٿيون. ايڏي حادثي کانپوءِ مان جيڪر موت تي وڏو داستان قلم بند ڪريان پر پنهنجي من کي قابوءَ ۾ ڪندي لطيف سائين جي ان بيت کي ور ور ڪري دهرائيندي آهيان. جيڪو امڙ کي سندس بيماريءَ جي وقت ٻُـڌايو هيم، پاڻ وري لطيف سائين جي ان شعر کي دهرائيندي راحت محسوس ڪيائون.
    دوست ڪُهائي دادلا مُحب مارائي،
    خاصن خليلن کي سختيون سهائي،
    الله الـصمد بي نياز سا ڪري جا چاهي،
    انهيءَ منجھ آهي ڪا اُنهي ڳالھ اسرار جي. (شاھ)
    زندگيءَ جي هن ڪُروکيتر ۾ اڪيلي ئي جنگ وڙهڻي آهي. ذهني ۽ جسماني طور اڪيلي ڀوڳنا جو سفر طئه ڪرڻو آهي. ڏکه ڪو لاهي ڪونه سگھندو. پر انهن دکه دائي گھڙين ۾ ڀينرن پروميلا ۽ شالني، مون سان گڏ رُنو. ور ور ڪري دلداري ڏيندي چيائون تنهنجي دکي هئڻ ڪري امڙ جي آتما اشانت رهندي، تون خوش رهندين ته امڙ جي آتما کي شانتي ۽ سکه ملندو. غمن جي گھيري مان ڪڍڻ لاءِ وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪئي ڀيرا هتي دهليءَ ۾ چيو ته مون سان گڏ مئڊرڊ (اسپين) هلُ. وري واپس مئڊرڊ وڃي ور ور ڪري فون ڪيائين ته ويزا ورتي اٿئي يا نه؟ تون هتي سيپٽمبر تائين اچي ٽِڪُ. سفر جو احوال قلم بند ڪرڻُ انهن جي ڪوششن جو ئي نتيجو آهي. اائين جھاز جي اُڏامڻ تائين منهنجا خيال تيزيءَ سان ڊوڙڻڻ لڳا. ان دوران ڄڻُ هو منهنجي آتم ڪٿا بيان ڪري ويا.
    دهليءَ کان ايميسٽرڊم جي هوائي اڏي جو سفر اٺن (8) ڪلاڪن جو سفر آهي. سفر دوران منهنجي ننڊ نيڻن مان اُڏامي ويندي آهي. جھاز ۾ سامهون اسڪرين تي نظر وڌم. انکانپوءِ ڪنن تي سنگيت جي پرلاءُ لاءِ ڪنن تي هيڊفون چاڙهيم. ان ۾ ڪي.ايل.ايم. لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل، جيئـز گروپ جو سنگيت هو. انهن جي هڪ ڌن تي انڊين فلم وارن به گانو ٺاهيو آهي. ٻين جون ڌُنيون کڻي گانا ٺاهڻ ۾ محنت گھٽ لڳندي آهي. اڄ ڪلھ اهڙو دور آهي جو ماڻهو راتورات مالامالُ ۽ شُھرت ڪمائڻ چاهن ٿا، تنهن ڪري اها واٽ اڄ ڪلھ عام ٿي وئي آهي. فلم 1942 لواسٽوري ۾ فلم جي هيروئن منيشا کي هڪ گاني ۾ اڇو سلوار ڪرتو ۽ بسنتي رنگ جو رئو پهريل آهي، ساڳيو لباس هڪ ٻي فلم ۾ روينا ۽ شلپا شيٽيءَ کي پهريل آهي. بلڪ بلڪل ساڳيا شاٽ ورتا ويا آهن. ڇو ته اصلوڪي ڪم (اُوريجنل) ڪرڻ ۾ محنت لڳندي آهي. مارئي سنسٿا جا به ڪيترائي خيال چورائي پوءِ لکن اسان روايت قائم ڪئي آهي. ڪيترين خبرن جو ته بُنياد ئي نه هوندو آهي. علم ادب جي غلط تاريخ پئي لکجي. مٿان وري پروف جي غلطين ته اصل ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. ڪمپيوٽر اچڻ سان مسئلا حل ٿيڻ بدران هتي سنڌي ٻوليءَ کان اڻ ڄاڻ ڪمپازٽرن جي ڪري مونجھارا پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آهن. 1948ع کي لکن 1984ع، 1924ع بدران لکن 1942ع هڻي ڏهاڪائي مٽي ڇڏين. هاڻي جي ان طرح جون غلطيون ٿين ته ٻيڙي ٻُڏي يا نه؟ سنڌي ٽائيمس ۾ دادا هري دلگير جو خط پڙهيو هيم. دادا دلگير ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ کي جڳه پرسد ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تي ڇپيل ڪتابن ۾ سالن جي غلطين طرف ڌيان ڇڪايو آهي. مون ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي کي مارئي جو سووئينر ڇپڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ هُن پنهنجي مرضيءَ جون ڳالهيون جوڙي ڇڏيون. مان جڏهن مئڊرڊ لاءِ رواني ٿيڻ واري هيس ته ڄاڻ پئي ته راجسٿان سنڌي اڪاڊميءَ جي مخزن ۾ منهنجي ڪهاڻيءَ سان گڏ منهنجا تفصيل بايوڊيٽا غلط ڏني وئي آهي. مون مُرليڌر جيٽلي جي سالي سُريش سارسوت کي فون ڪري چيو ته جيتوڻيڪ مون وٽ ڪاپي ڪونه پهتي آهي پر مونکي ڪنهن سڄڻ ٻُڌايو آهي ته ان ۾ تو منهنجي باري ۾ غلط تفصيل ڇاپيا آهن. چيائين، اهو منهنجو ڏوھ نه آهي. پروف به انهن ئي پڙهيا آهن. باقي منهنجي اها غلطي ضرور آهي ته مان توکان فون ڪري صحيح تفصيل نه ورتا. مونکي ته راجسٿان اڪادميءَ وارن پورا پئسا به ڪونه ڏنا آهن. انهن حالتن ۾ اهو عرض ڪندس ته ڪنهن به ڳالھ لکڻ يا پڙهڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪرڻُ لازمي آهي، ۽ ڪامن سينس جو استعمال سنڌي جاتيءَ جي گھڻگھرن کي ڪرڻ گھرجي. رد ڪد مان ڇا ورندو؟ ساڳيءَ طرح گوبند مالهيءَ به پنهنجي سنڌ جي سفرنامي ۾ مروڙي سروڙي ڳالهيون پيش ڪيون آهن. مونکي خوشي آهي جو مون سندن حياتيءَ ۾ جئپور سميلن ۾ کين روبرو سڀني جي اڳيان اها ڳالھ چئي.
    منهنجو وسُ واڪا ٻُـڌڻ ڪمُ ٻـروچ جو. (شاھ)
    هوائي سفر دوران منهنجي نگاھ وچ وچ ۾ ٽي.وي. اسڪرين تي پئجي رهي هئي. جنهن ۾ هوائي سفر جو نقشو به ڏيکاريل هو؛ جتان جتان جھاز پئي لنگھيو، ان شهر جي ايراضي، بيهڪ وغيره جي ڄاڻ ملي رهي هئي؛ ڪراچي، بخارو، بلئڪ‐ سي، جرمني وغيره. هر ديش جي مٿان اُڏام وقت، تاريخي ماڳن، مشهور شهرن ۽ ڪلچر جي ڄاڻ جا ساگر اُٿلي پئي پيا. جرمنيءَ مٿان لنگھڻ وقت مونکي اُن فلاسفر سوٽ سُڀاش جي ياد آئي، جيڪو ماءُ جو سڪيلڌو لاڏلو پُٽ هو. اسڪالرشپ تي جرمنيءَ ويو ڄـڻُ جلاوطن ٿي ويو. سندس وڇوڙي ۾ اسان جي چاچي پراڻ تياڳيا. ۽ جڏهن سُڀاش واپس وطن وريو ته وقت کان اڳ ئي زندگيءَ بيوفائي ڪيس؛ نه چوڙيائين نه ماڻيائين. منهنجي ماءُ ڏک وچان هاءِ هاءِ ڪندي چوندي هئي، سُڀاش تو نه چوڙيو نه ماڻيو.
    اسان جو جھاز مڪاني وقت مطابق صبح جو اٺ لڳي ڏهن منٽن تي ايميسٽرڊم پهتو. انکانپوءِ ساڍي ڏهين لڳي مئڊرڊ جي فلائيٽ جو وقت هو. ارائيول ۽ ڊپارچر لانج وچ ۾ چڱو فاصلو هو. گفٽ شاپس تي نظر پئي دل چاهيو ڪجھ ڏسان پر ٿڪاوٽ ڪري، ۽ وري ان خيال کان ته هاڻي يورپ ۾ ٻه مهينا آهيان، دل کولي اهڙيون شيون ڏسبيون.
    اِميگريشن ۽ ٻين فارملٽيز پوري ڪرڻ کانپوءِ مئڊرڊ طرف ويندڙ لانج طرف رخ ڪيم. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ اُتي سُتل ٿلهيءَ ۽ بندري عورت کان پُڇيم ته سندس ڇرڪُ نڪري ويو، جو هوءَ ننڊ جي جھوٽي ۾ هئي. مون کانئس پُڇيو هيءَ مئڊرڊ جي فلائيٽ آهي. اکيون مهٽي دل تي هٿُ رکي ها چئي هن به کلي ڏنو، منهنجو به ٽهڪُ نڪتو. هن کي اسپينش اچي رهي هئي ۽ مونکي انگريزي. مون مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجو بورڊنگ ڪارڊ ڏيکاريو. هن ڪنڌ ڌوڻي چيو ها مان به ان فلائيٽ ۾ وڃي رهي آهيان. ان کان اڳ ۾ ٻه ڀيرا، منهنجو لنڊن ۽ اسپين ۽ هڪُ ڀيرو آمريڪا وڃڻ ٿيو. پر هن روٽ تان مان پهريون ڀيرو وڃي رهي هيس. مان ڊچ ايئرلائين ۾ هيس. پهريون ڀيرو ان بابت ڄاڻڻ جي من ۾ چاهنا ٿي.
    سترهين (17) صديءَ ۾ ڊچ ۽ اسپيني نئين مُلڪ جي تلاش واري مهم جي سلسلي ۾ هن علائقي ڏانهن آيا. پر اهو ڪئپٽن ڪوڪ ئي هو جنهن اڳتي هلي 1770ع ۾ اُتي جھنڊو کوڙيو. 1788ع ۾ سڊنيءَ جي سامونڊي بندر تي پهريان (سيٽلرس) پناھ وٺندڙ اتي اچي آباد ٿيا، ۽ برطانيه ان نئين بئٺڪ (ڪالوني) طرف پنهنجي سزا کاڌل قيدين کي اُتي موڪلڻُ شروع ڪيو. 1901ع ۾ اها آسٽريليا، فئڊريشن آف اسٽيس‐ائنڊ‐ٽيرٽريز، ۽ رپبلڪ بڻي. جنهن جو سربراھ راڻيءَ بدران صدر بڻيو. اها ڪامن ويلٿ جو حصو بڻيل آهي. ان جي راڄڌاني ڪئنيبرا آهي. اتي قومي پارليامينٽ آهي ۽ تاريخي ماڳن ۾ ڪريڊل مائونٽين سيلانين کي پاڻ طرف ڇڪين ٿا. آسٽريليا ۾ ڊچ هالينڊ فيسٽيول ڪافي ٿيندا رهندا آهن جن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي سيلاني اتي ويندا آهن.
    آسٽريليا جون ڇھ رياستون آهن. اتان جي موسم گرم، خشڪ هلڪي ٿڌي آهي. ٻولي جيتوڻيڪ انگريزي آهي، پر لاڏو ماڻهن طرفان ٻيون سئو (100) کن ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ڊچ ۽ پورچوگيز واپارين، هندوستان ۾ پڻ پنهنجا خيما کوڙيا هئا. مان ائميسٽرڊم کان اسپين وڃڻ لاءِ جنهن جھاز ۾ سوار هيس اُن ۾ منهنجي ڀرواري سيٽ تي هڪُ ڊچ (جنٽلمين) همراه هو، جنهن ويٺي انگريزي ناول پڙهيو. سندس نالو هو جان وينڊر مير. هُن ٻڌايو ته هو هڪ ڪامپيوٽر ڪمپنيءَ ۾ ڪمُ ڪندو آهي، جنهن جي هڪ برانچ لاهور ۾ به آهي. هو ڀارت کان به واقف هو ۽ هتان جو هڪ هفتي جو دورو ڪري چڪو هو. هن ٻُـڌايو ته کيس تاج محل ڏاڍو وڻيو. مون کانئس اُتي جي ليکڪن، ليکڪائن ۽ اُتي جي سڀيتا رهڻي ڪرڻي جي باري ۾ پُڇيو، هن ٻُـڌايو ته اتي گھڻائي ليکڪ، ليکڪائون آهن جيڪي تمام سُٺو لکي رهيا آهن. پر جيڪي ماڻهن ۾ مقبول آهن تن ۾ هيري مولش، ائنا انڪوئسٽ ۽ هيلا هيس وغيره آهن. جان وينڊر مير وڌيڪ ٻُـڌايو ته هالنڊ جي اسپتالن ۾ علاج مفت ڪيو ويندو آهي. ۽ بيروزگارن کي سرڪار طرفان سوشل سيڪورٽي جي ضمانت مليل هوندي آهي. اُتي هن وقت ڀارت وانگر متحدھ محاذ جي گڏيل سرڪار آهي، جنهن ۾ ديش جون مکيه سياسي پارٽيون؛ سوشلسٽ پارٽي، لبرل پارٽي ۽ ڪرسچن پارٽي شامل آهن. ڊچ لباس جي باري ۾ هن ٻُـڌايو ته اُتي جي روائتي لباس کي مُهاڻا / مڇيارا قائم رکين پيا اچن، سو آهي ڀرت ڀريل لباسُ ۽ وڏي ٽوپي. هالنڊ ۾ مُراڪشين ۽ تُرڪن جي ڪري اسلام جو به اثر پيو آهي. عام ماڻهن جي ٿيئٽر ۾ ڪافي دلچسپي آهي. اتي گلن جي ڪري ڪيترا علائقا مشهور آهن. ڪاٺ جون جُتيون (چاکڙين وانگر) به ڪافي مشهور آهن. هوڏانهن اٽلي به ناٽڪ ۽ ٿيئٽر جي ڪري ڪافي مشهور آهي. اُتي مِڊسمر ميجڪ، ڏسڻ لاءِ گھڻا ئي سيلاني اچن ٿا. اُونهاري جي وڻندڙ شامن ۾ اٽليءَ جي اوپن‐ايئر‐ٿيئٽر کي هزارين ميڻ بتين سان روشن ڪيو ويندو آهي. جيڪو ڊرامائي پسمنظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. اٽليءَ جي وچ واري دور جو خوبصورت شهرُ ويرونا، جيڪو جڳ مشهور پريمين، روميو جوليٽ، جو گھرُ آهي، اُتي اونهاري جي مُند ۾ يادگار روماني اوپيرا ڏيکاريا ويندا آهن، جنهن کي ڏسي لبن تي واھ! واھ!! هوندي آهي.
    ايمسٽرڊم کان مئڊرڊ جي اُڏام جو وقت اڍائي ڪلاڪ کنُ آهي. ٻنهي مُلڪن جو وقت ساڳيو آهي. اُڏام دوران دريءَ کان ٻاهر نهاريم ته ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ٿوري فاصلي طئه ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي هوائي جھاز تي نظر پئي، جيڪو اسان واري جھاز کان هيٺ اونچائي تي اُڏامي رهيو هو. ڄـڻُ ٻئي گڏو گڏ هلي رهيا هجن. من ۾ ڪئي خدشا ۽ خيال پيدا ٿي رهيا هئا ته متان هڪ ٻئي جي ويجھو نه اچن؟ ۽ ڪٿي…؟ پر نه پائلٽن کي پنهنجي مقرر اونچائي ۽ رستي جي ڄاڻ هئي.
    ٿوري دير ۾ ٻئي جھاز ساڄي پاسي رخ ڪيو. اسان جو جھازُ بادلن کي چيريندو پنهنجي طئه ٿيل منزل طرف پرواز ڪرڻ لڳو. ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن کي، بادلن جي هندوري ۾ لوڏيندي، هيءَ هوائي پالڪي ڄـڻُ ڪنهن پرين جي ديش جو سيرُ ڪرائي رهي هئي. منهنجي اُداس من اندر، قدرت جي انهن سُهڻن وڻندڙ حسين دلڪش نظارن سرهائي پيدا ڪري ڇڏي. ۽ مان ويران وادين جي گھيري مان نڪري هيٺ پاتال ۾ ندين نارن، وڻن ٽـڻن ۽ ڌرتي نواسي انسانن کان گھڻو ڏور، هوائي سفر دوران، ڪئي شاعرانه خيال من ۾ اُڇلون ڏيئي رهيا هئا جن کي قابو ڪرڻ لڳس. پر افسوس جو اُن وقت مون تي شاعريءَ جي ڏات ايڏي مهربان ڪونه ٿي جو اهڙن حسين دلڪش منظرن کي تخليق جي نازڪ ۽ نفيس گلن جو ويس پهرائي امرتا بخشي ڇڏيان ها، نه وري هٿن ۾ اهڙي فني ڪماليت هئي جو بُرش کڻي زندگيءَ جي الڳ الڳ رنگن کي دلڪش ۽ دلفريب تصوير جو روپ ڏيان ها. اها حسرت ئي رهندي پر اندر وارو تخليقڪار قلم کڻي ويهي رهي. اهو چئي : مان جوئي آهيان سوئي آهيان…! منهنجي شخصيت کي پاڻ سان گڏ گھلي ويو!
    ڏينهن جو هڪ لڳي ويهن منٽن تي مئڊرڊ جي براخاص انٽرنيشنل هوائي اڏي تي فلائيٽ لٿي. سامان اچڻ ۾ ويھ کن منٽ لڳا اُنکانپوءِ مسئلو آيو ايميگريشن وارن کي پاسپورٽ ۽ ويزا ڏيکارڻ جو. ٻوليءَ جي مسئلي ڪري ڪائونٽر تي بيٺل آفيسرن سان ڳالهائڻ بدران کين پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاري چيم انڊيا! مطلب ته آئون انڊيا کان آئي آهيان، فارمليٽيز پوريون ڪري ڪٿان نڪرڻو آهي. اشارن ۾ هُنن کي منهنجي ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه اچي. اصل دٻي ۾ ٺڪريون. بنا ڪاڳر ڏيکارڻ جي ٻاهر نه ٿئي نڪتم ته متان ڪو ٻيو رولو پئجي وڃي، ڪجھ سمجھ ۾ ئي نه پيو اچي ته ڇا ڪريان؟ هن کان اڳ ٻه ڀيرا اسپين مان ٿي وئي هيس. ڪجھ لفظ ياد هئا، اُن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪيم. منهنجي نظر ساليدا لفظ تي پئي. مون ٿوري راحت محسوس ڪئي، ساليدا لفظ جي معنيٰ آهي ــ وئه آئوٽ ٻاهر نڪرڻ جو رستو، اينتراد جي معنيٰ اينٽر اندر اچـڻُ، مون دل ۾ چيو پاسپورٽ کڻي ٻاهر نڪران ٿي، پاڻهي روڪيندا. مان ٽراليءَ ۾ سامان کڻي آهستي آهستي قدم اڳتي وڌايا، ورديءَ واري همراءَ جيتوڻيڪ مونکي ڏٺو، پر هن ڪوبه ردي عمل ظاهر ڪونه ڪيو. مان گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس سامهون وڏو ڀاءُ اشوڪ بيٺو هو مون کان دهليءَ جي خير خبر ورتائين. مونکي پنهنجي ڪاڳرن جو فڪرُ هو، سو چيومانس ته منهنجو ته پاسپورٽ ئي ڪونه ڏٺائون. ان تي اشوڪ چيو ته تون يورپ ۾ اڳـ۾ داخل ٿي چڪي هئين. تنهنجا ڪاڳر ايميسٽرڊم هوائي اڏي تي ڏٺا اٿائون. اڳين ڀيري ڄاڻ پئي هئي ته جيڪڏهن يورپ جي ڪنهن هڪ ديش جي ويزا ملي وئي ته ان آڌار تي يورپ جي ڪنهن به مُلڪ وڃي گھمي ڦري سگھجي ٿو. يورپي يونين جي ملڪن شينگينس جي شهر ۾ پاڻ ۾ هڪُ مهاعدو ڪيو هو، جنهن تحت ڪنهن به هڪ يورپي مُلڪ جي ويزا وٺڻ سان يورپ جي مُلڪ ۾ سفر ڪري سگھي ٿو، انگلنڊ ان مُهاعدي تي صحيح ڪونه ڪئي آهي، انڪري اُن جي لاءِ الڳ ويزا جي ضرورت پوي ٿي.

    ******


    گيتا مندر

    دهليءَ کان مئڊرڊ جو سفر ڪري خير سان گھر پهتس، ڀاڄائي ۽ ڀائٽيءَ سان ملڻ کانپوءِ ٻئي ڀاءُ ڀاڄائي ۽ سندن ٻارن سان فون تي ڳالهايم. مئڊرڊ ۾ اُن وقت ٻه (2) ٿيا هئا. دهليءَ مان گھران رات جو ساڍين يارهين (30 ‐ 11) لڳي رواني ٿي هيم. ان حساب سان مان (15) پندرهن ڪلاڪن جو سفر ڪيو هو، سو ٿڪاوٽ ٿيڻ قدرتي هئي. مٿي تي پاڻي وجھي سنانُ ڪري وڃي سُمهي پيس. اڃان ننڊ ۾ ئي هيس ته اشوڪ جو ڪنن ۾ آواز پيو؛ وينا ڪانتيش آيو اٿئي. مون بيڊروم مان ئي وراڻيو مان اچان ٿي. اکين تي پاڻيءَ جا ڇنڊا وجھي هيٺ لٿس. رات جا ڏھ ٿي رهيا هئا. ڪانتيش سندس زال پونم، ٻئي ٻار سنڌو ۽ دويش سان ملي کين دهليءَ جي خير خبر ٻُـڌايم. ڊنر ڪرڻ تائين رات جا ٻارهان ٿي ويا. چيائون تون ٿڪل آهين ڀل آرام ڪر. منهنجي حالت اڃا تائين ٿڪ جي ڪري خراب هئي سو سڀني کان موڪلائي ڪري وڃي بستري تي ڪريس. آرام دائڪ پلنگ ٿڪل جسم کي جيڪا راحت ڏني، اُن جو بيانُ ڪرڻ مشڪل آهي ٻئي ڏهاڙي صبح جو اشوڪ چانھ لاءِ اُٿاريو. چانھ پي، نيرن ڪري وري وڃي سُمهي پيس. وري منجھند جي مانيءَ لاءِ اُٿاريائين. چيائين ته ڪانتيش ۽ پونم جو فون آيو هو. مان وري منجھند جي ماني کائي وڃي سُتس، ڄـڻُ سالن جا اوجاڳا هجن. رات جي مانيءَ وقت ڪانتيش کي فون ڪيم ته مان ٿڪل آهيان، سڀاڻي ڳالھ ٻولھ ڪنداسين.
    جمع جي منجھند جو پُھتل، ڇنڇر سڄو ڏينهن ۽ رات، اُنکانپوءِ آچر تي وڃي صبح جو اُٿيس، ايتري ننڊ جو اک کولڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، ڄـڻُ ورهين جا اوجاڳا ڪيل هجن. چوٿين (4) فئبروريءَ 1999ع تي امڙ جي پرلوڪ پڌارجڻ کان چئن مهينن ۾، ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي. امڙ جو ڳالهائڻ اُٿـڻُ وهـڻُ، سندن سواسن جي خوشبو ۽ پيار جي مهڪ وڻ ويڙهي جيان مونتي ويڙهيندي پئي وئي. مائرن جيان ماني ڪوئي کارائي ڪين ڪو.
    آچر تي ڪانتيش ۽ پونم گيتا مندر جي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو اسپين ۾ اسيمبلين جون چونڊون به هيون. اشوڪ سندس گھرواري ماريا ۽ ڌيءَ سوزانا کي ووٽُ وجھڻو هو. هتي جي آبادي اٽڪل چار ساڍا چار ڪروڙ ٿيندي (40‐45 ملين) هن وقت واڳون پارتيدو پاپولار جڳه پرسد يعني عوامي پارٽي جي هٿ ۾ آهن جنهن جو صدر خوسي ماريا اٿنار آهي جيڪو اسپين جي حڪومت جو پڻ صدر آهي پنجاھ سالن کن جو ٿيندو انکان علاوه سوشلسٽ پارٽي آف اسپين به آهي، اتي جو ووٽرن جو لاڙو گھڻو تڻو انهن پارٽين جي حق ۾ رهي ٿو. ٻنهي پارٽين مان ئي ڪنهن هڪ پارٽيءَ کي اسپين جا ماڻهو چونڊيندا آهن. مقابلو انهن وچ ۾ ئي رهي ٿو. 1975ع نومبر ۾ جنرل فرانڪو جي وفات کانپوءِ آپيشاهي جي دور جي پڄاڻي ٿي، اسپين جي موجوده بادشاھ خوان ڪارلوس (اول) پهرين جھموريت آندي. اتي جھموريت جي بحاليءَ سان، ان 1978ع ۾ آئين وجود ۾ آيو، جھموري نظام تحت پارليامينٽ وجود ۾ آئي. اسپين ۾ صدارتي سرشتو رائج آهي. اسپين جو راجا اڪثريتي پارٽيءَ کي ايوان ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ چوندو آهي هن وقت پارتيدو پاپولار اختيار ۾ آهي.
    مون جڏهن اشوڪ جي هٿ ۾ ووٽرن واريون سلپون ڏٺيون، ته انهن جا الڳ الڳ رنگ هئا، اسيمبلي، ڪارپوريشن ۽ پارليامينٽ لاءِ ووٽ وجھڻ لاءِ، انهن سلپن کي واسطيدار اُميدوارن جي پيٽيءَ ۾ وجھڻو هو. اشوڪ وارا پندرهن منٽن ۾ ووٽ ڏيئي آيا. هوڏانهن ڪانتيش ۽ پونم به اچي پهتا. آرتوار 13 تاريخ منجھند جو مان ڪانتيش ۽ پونم گيتا مندر لاءِ روانا ٿياسين. پونم جي ساهڙيءَ ڪرن کيملاڻيءَ جي ڀاءُ جي پُٽ جي مُـنڻ جي رسم لاءِ کيس دعوت ڏني هئي. گيتا مندر وچ شهر ۾ هڪ سُٺي علائقي ۾ آهي ان مندر لاءِ پلاٽ شري موتيرام فائبياڻيءَ ڏنو آهي. دادا موتيرام ان کي سيوا چوندا آهن. هو اڳ ۾ مئڊرڊ سنڌي پئنچايت جا عهديدار رهي چڪا آهن ۽ هاڻي صرف گيتا مندر جي سيوا ۾ لڳل آهن. سندن پُٽ هن وقت انڊين ايسوسيئشن جو صدر آهي. گيتا مندر ڏسڻ وٽان آهي گيتا مندر جون شاخائون دنيا جي مُختلف مُلڪن ۾ آهن. ڪانتيش جي گھرواري پونم به گيتا مندر جي سيوا ڪندڙن مان هڪ آهي. هوءَ گيتا جو پروچن به ڪندي آهي. اڳين ڀيري مون سندس انگريزيءَ ۾ گيتا جي سمجھاڻي ٻُـڌي هئي. جيڪا مون کي ڏاڍي پسند آئي هئي. پنجاھ کان مٿي زالون گڏ ٿيون هيون. گيتا مندر جي پهرين شاخا دهلي ڇانوڻيءَ ۾ کلي، جتي پراچين مورتين جي اسٿاپنا ڪئي وئي. اهي مورتيون ڪوئيٽا بلوچستان مان، ورهاڱي کان ٿوروئي اڳ دنگن ڀڙڪي پوڻ ڪري، اتي مقرر فوجي عملدارن، فوجي هيليڪاپٽر ذريعي باحفاظت دهليءَ آنديون، جيڪي (60) سٺ واري ڏهاڪي ۾ هري هرن مهراج کي سونپيون ويون هيون. جنهن يگيه ڪري نئين سر دهليءَ جي ڇانوڻي علائقي ۾ گيتا مندر ۾ اسٿاپنا ڪئي. ٻه سال اڳ ڪانتيش ۽ پونم کي اُتي وٺي وئي هيس، جتي ان حقيقت کان واقف ٿيس.
    مئڊرڊ جي گيتا مندر ۾ ٻار جو مُـنڻُ لاهرائڻ لاءِ آفريڪي حجم کي وٺي آيا هئا، ٻارُ ٺوڙ ڪرائڻ وقت روئڻ لڳو. نيٺ کيس ريهي ريبهي مڃائي مُـنڻُ لاٿو ويو. جيڪي ٻار آيل هئا تن سڀني کي سوکڙيون ڏنيون ويون. اتي پنڊت لوڪ ناٿ جيٽلي، جيڪو هڪُ سُٺو ليکڪُ هو، ان جي زال سندس پُٽ ۽ نونهن سان مُلاقات ٿي، اتي لنچ تي جوگل شوناڻيءَ سان پڻ مُلاقات ٿي، جنهن جھولي لال مندر جي درشن ڪرڻ جي نينڍ ڏني. هن ٻُـڌايو ته هر چنڊ تي لال سائين جي آراڌنا ڪندا آهن، ۽ هر جمعي تي سيسا ۽ پرساد وراهيندا آهن، مون کيس چيو ته پونم کي فرصت ملي ته چنڊ تي ساڻس گڏجي چنڊ تي ايندس.
    پندرهين (15) جون اڱاري ڏهاڙي ٻيج جي تٿ هئي يعني چنڊ جو ڏهاڙو. ساڍي نائين لڳي هتي ڀارت ۾ اسان وٽ رات ٿي وڃي، پر اُتي اسپين ۾ سجُ بيٺلُ نظر ايندو آهي. ڏهين (10) بجي تائين رات جو روشني لڳي پئي هوندي آهي. اسان جڏهن به سنڌو ۽ دويش کي گڏ سڏيون ته سنڌو ديش جو آواز اُڀرندو آهي. سندن ماءُ جڏهن به سڏ ڪري سنڌو دويش ته سنڌو ديش جو آواز گونجي پوي. بدن ۾ هڪ لهر ڊوڙي وڃي… اسين سڀ چنڊ تي لال سائين جي مندر جي درشن لاءِ روانا ٿياسين. هن مندر جي اسٿاپنا 1998ع تي چاليهي جي موقعي تي ڪئي وئي هئي. اهو مندر پهرين لعل چندناڻيءَ جي گھر ۾ هو. سندن گھر جا سڀ ڀاتي لال سائينءَ جا اُپاسڪ آهن. تنهنڪري شري لال چندناڻي پنهنجي آفيس جي مٿان هڪ ڪمري ۾، جنهن ۾ سٺ کن ماڻهن جي گنجائش هئي، اُتي مندر جي اسٿاپنا ڪئي. ڀرسان هڪُ رنڌڻو به اٿن جتي پرساد وغيره ٺاهين. اُن ڏهاڙي نه صرف لال سائين جا پنجڙا ۽ ڀڄن ڳائي چنڊ ملهايو ويو پر جُھمر ۽ ڇيڄ وغيره هڻي شرڌا جا گُل به جھولڻ کي ارپيا ويا، لال سائين جي اُپاسڪن لاءِ سيسا ۽ پرساد به هو، ته رات جو ڀنڊارو به هو. لعل سائين جي شرڌالن شري لعل چندناڻي، وملا چندناڻي، جوگل شوناڻي، اوم پرڪاش شوناڻي، تلسي ڌنجاڻي، ديپا اُتمچنداڻي، لال سائينءَ جا ڀڄن ڳائي موج مچائي. پونم به ڪلام ڳاتو. پنهنجي ڏيھ کان هزارين ڪوھ پري پرڏيھ ۾ ويهي لال سائينءَ جا هيءَ اُپاسڪ شرڌا ۽ پريم سان بهراڻا ڪڍندا آهن. نه صرف مئڊرڊ ۾ پر جبرالٽر ۽ لاس پالماس جي بيچن تي وڃي سيوا به ڪندا آهن. لال سائين اُڏيرو لال سڀني جا ٻيڙا ٻني لائي، سڀني جي من جون مُرادون پوريون ڪري.
    جيڪو چوندو جھولي لال
    تنهنجا ٿيندا ٻيڙا پار
    لال جا جھاتي چئو جھولي لال…!!


    سُـتا اُٿي جاڳ

    اربع 16 جون تي اسپين جي مشهور معروف پيئنٽر جناٿن لنسڪيٽ اشوڪ کي پنهنجي پينٽنگ ڏسڻ جي نينڍ ڏني هئي. اشوڪ آفيس وڃڻ کان اڳ چئي ويو هو ته، مان ٻارهين ڌاري آفيس مان ايندس توکي پينٽنگ جي نُمائش ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلندس، تون تيار ٿي ويهجانءِ، مئڊرڊ ۾ اچڻ کانپوءِ، مون آرام کي ترجيح ڏني.
    بي رحم ۽ بي بقاءَ وقت ڪي اهڙا حادثا ۽ حالتون پيدا ڪيون، ڄڻُ زندگي حسين دلڪش هرياليءَ جي پيچري تي هلندي هلندي دڳ ڀُلجي، ڪنهن سحرا جي واٽ ورتي ۽ اُتان پاڻ ڇڏائي ڪنهن ٿـڌي ڇانو جي تمنا ڪرڻ لڳي. مئڊرڊ جو سفرُ ڄڻُ نعمت بڻجي، گھاٽي وڻ جي ڇانو جيان ٿڪل راھگير کي پنهنجي ڇانو ۾ پناھ ڏني هجي. جتي ڪجھ به نه ڪرڻُ، ذهني دٻاءَ کي پٺتي ڌڪي، ڪم ڪار کي تلانجلي ڏيئي ڪوهن تي ڦٽو ڪري اُڇلائي ڇڏيم… صرف آرام ۽ تفريح… زندگيءَ ۾ ٽي.وي. جي پروگرامن کي ڪڏهن به ايترو وقت ڪونه ڏنو هو، صرف خبرون يا ايڪڙ ٻيڪڙ تفريحي پروگرام… پر هتي ڪيترو وقت ڏنم ان جو اندازو لڳائڻُ مشڪل آهي. چاهي بيڊروم ۾ هجان يا ڊائنگ هال ۾، يا ڊرائنگ روم ۾، هر هنڌ ٽي.وي. جي موجودگي، شايد گھر ۾ ڇهن ستن کان مٿي سيٽ هئا، هيٺ نوڪرياڻيءَ جي بيڊروم ۾ الڳ، منهنجي فرصت وارن لمحن ۾ اها دنيا جو واءُ ساءُ، فن فڪر جي سوغات کنيون بيٺي هجي… ننڊ مان اُٿڻ شرط ئي ڪرُ موڙيندي، رموٽ سان ٽي.وي. چالو. فيٿ عنوان تحت زي.ٽي.وي. تي صبح سوير، هندو مُسلم، سک عيسائي مطلب ته هر مذهب جي واعظ ڪندڙن جي گيان گوشٽي ٻُـڌم، دوردرشن تان خبرون، زي تي صبح شام ۽ وچ وچ ۾ هيڊ لائينس، ڄڻُ مونکي دنيا جي سياسي اُٿل پُٿل جو تجزيو ڪرڻو هجي. دهليءَ ۾ هلندي پائيندي انتاڪشري تي سرسري نظر وجھندي هيس، مئڊرڊ ۾ ته اُن تي به عنايت ڪيم. نه صرف ايترو بي معنيٰ بي مقصد پروگرامن تي به ديا درشٽي وڌم. اتي خميس خميس تي پاڪستاني نيوز به ڏيندا هئا، گھمڻ گھتڻ ڪري خبرون نه ڏسي سگھندي هيس ته، اشوڪ موبائيل تي فون ڪري نوڪرياڻيءَ کي چوندو هو ته نيوز رڪارڊ ڪري ڇڏ. رات جو هڪ بجي اُها ساڳي نيوز ايندي هئي. ڪارگل جي جنگ جي نيوز ٻـڌڻ جو بي چئنيءَ سان انتظار رهندو هو.
    هتي رڌ پچاءُ کي تلانجلي ڏني هيم اُتي لذيذُ طعامن جا ذائقا ٽي.وي. پروگرامن ذريعي ضرور وٺندي هيس. اگر ان دوران نانويج ڪا ڊش اچي ويندي هئي ته ڇي…ڇي…ڇي ڪري نڪ چپ موڙيندي هيس، دادا جشن جي لنڊن واري دوري تي آڌارت آئوٽ ۽ ابائوٽ پروگرام تحت رپورٽ ڏٺم ان ڪڙيءَ تحت پروچوگال ۾ گجراتي سماج جي تنظيم طرفان اُتي مندرن جي اُڌگھاٽن ۽ ڀومي پوڄا جي رپورٽ، گجراتي مهلا سماج طرفان پرشوتم جي مهيني وارو پروگرام، ايس.اين. گوئنڪا جو پروچن، باپو آسارام، سائين بابا مطلب ته واندڪائيءَ جي وندرَ هئي، ٻن آچرن تي آپ‐ڪي‐عدالت ۾ طارق انور سُٺو ڳالهايو، سونيا گانڌيءَ جي اوچتي سياست ۾ داخلا، عهدي جي خواهش ماڻڻ تي تکا تير ڇوڙيا، ٻئي طرف دليپ ڪمار جو بالا صاحب ٺاڪري تي رنج و غم. پاڪستاني ناٽڪ ڌوپ ڪناري، ديوانگي، محبت هي محبت، اسپين جي نيوز، سي.اين.اين.، بي.بي.سي. جي خبرن جي وٺ وٺان، ڄڻُ دنيا جي ميڊيا تي دستاويزي فيچر تيار ڪرڻو هجي. يورپ ۽ آمريڪا جي خبرن ۾ اصل ڪوسوو پيو ڪٽجي، هانءُ پيو ڦاٽين دراصل، يورپ وارن کي ڪميونسٽن جو زور ٽوڙڻ لاءِ مُسلمانن سان همدرديءَ جو جذبو اصل بند ڀڃي اُٿلون پيو ڏئي، ڪامريڊن جي اصل ڪڍ لڳل هئا، سوويٽ روس ته اڳيئي تاش جي پتن جيان ڊهي پٽ پيو.
    هندوستان پاڪستان جي عوام امن چاهي ٿي، ڪارگل ۾ ڀارتي فوجين جي دهشت گردن سان ويڙھ، ٻنهي مُلڪن ۾ ٽي جنگيون لڳي چُڪيون آهن، امن ۾ خلل وجھندڙن طرفان نفرتون ڦهلائڻ ڪري ٻنهي مُلڪن جي عوام هڪ ٻئي جي قريب اچڻ چاهي ٿي. پر مفاد پرست رخنو وجھي رهيا آهن، ڀل ته لڳي ڌُڪڙ کي اٽو.
    فاصلو ‐ قريب ‐ ليڪن ڪيڏو ڏور!
    اسان وچ ۾ سرحدي ليڪ، بڻي هماليه دوري.

    منهنجو آڪٽوبر 1997ع ۾ ليھ لداڪ وڃڻُ ٿيو، جنهن سفر تي آڌارت، سنڌوءَ ڪناري نئون تاريخي باب، سفرنامو لکيم، اتي جي عوام امن چاهي ٿي. لاهور بس ياتر جي خيرسگاليءَ واري جذبي جي ناڪاري موٽ، هوڏانهن ڀارت جي بنگلاديش سان دوستي ۽ تعاون جو هٿُ واڌائڻ وارو نيڪ جذبو دهشت گردن کان سٺو نه ويو، اسپين ۾ اها خبر ٻُڌم ته ڪلڪتي جي اسٽيشن تي بم جو ڌماڪو ڪيو ويو، جيڪو انهن جي ڪُڌن ڪرتوتن کي عيان ڪري ٿو، بي گناھ عوام تي وار ڪرَڻ بزدلي آهي. نهٿن سان ڪهڙو مقابلو، برابري وارن سان مُنهان منهن ٿيڻ ئي مُڙسي آهي نه ته ڪا نئرتا آ…
    گورکا ريجيمينٽ جي بهادرن جي ڪارنامن جي هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي، ڪوسوو ۾ گورکا ريجيمينٽ جي ٻن جوانن جي موت تي برطانوي وزيراعظم افسوس ظاهر ڪندي گورکن کي سارهايو. ها! سو مون ڳالھ ٿئي ڪئي اسپينش پينٽر جي پر دنيا جي اُٿل پُٿل ۽ واءُ ساءُ طرف گھلجي ويس، جنهن ڪلاڪار جو اندريون تخليق ڪار جاڳي پوي ته پوءِ واھ! واھ!! جناٿن جي هيءَ نُمائش يورپ جي ڪن پينٽرن لاءِ خراجي عقيدت طور لڳائي وئي هئي. مِلِينيم پلاسٽڪ آرٽ، هيءَ نُمائش پينٽر ۽ اسپين جي ايئرپورٽ اٿارٽيءَ وارن گڏجي لڳائي هئي. 14 جون تي براخاس هوائي اڏي تي انٽرنيشنل ڊپارچر جي ٽرمينل ‐ 2 مکيه هال ۾ ان جو افتتاح ڪيو ويو هو. اسان جي پهچڻ تي پينٽر اڳتي وڌي اسان جي مرحبا ڪئي، الڳ الڳ منظر چٽيل هئا، بادلن سان گھيريل سُرمئي آڪاش، موج مستيءَ ۾ ساگر جون ڦوھ جوڀن ۾ اُٿندڙ ڇولين جي منظرڪشي، قدرت جي حسين دلڪش من موهيندڙ نظارا… ٻئي طرف زندگيءَ جون جھلڪيون ۽ عڪس گھرڌياڻيءَ جي رنـڌڻي ۾ موجودگي، اسلامي دور ۾ ڪتب ايندڙ ٿانو، ڪوُنوارا (لوٽو)، نيري رنگ جي نـقاشيءَ وارا ٿانو، ڪنٽيمپرري (هعمصر) آرٽ، نباتات، باھ جا شعولا، ڪاسموس، پاڻيءَ وغيره جا ڏيکه، رنگن جي انڊلٺ جو منظر، بي شمار رنگن جي رنگولي 1927 ‐ 1853ع اوُر تيس تڪسيني جي عقيدت ۾ هڪُ چترُ چٽيو هو ان جي زال پنهنجي ڌيءَ نئنا سان گڏ ڏيکاريل هئي. ٻئي طرف 1909 ‐ 1851ع ۾ پيڊر سويرين ڪريئر جي زال جي باغيچي ۾ موجودگي جو چتر چٽي هن فنڪار پنهنجي عقيدت ظاهر ڪئي هئي. 1935 ‐ 1851ع نيگو جي عقيدت ۾ سندس زال جي جھوني دور جي رنڌڻي ۾ موجودگي، 1935 ‐ 1859ع جي ايني انچ جي ننڍڙي نينگريءَ کي باغيچي ۾ ڏيکاريل، ٻيا به ڪيترا خوبصورت چتر هئا، ننڍڙن ٻارن کي ٻيرن جيان بيريز چونڊيندي، مائيڪل اينڪر جي ياد ۾، هن پينٽر پنهنجي برش جي سهاري رنگن جي خوبصورتيءَ سان پنهنجي فني سوچ کي نـزاڪت ۽ نـفاست بخشي هئي. هڪُ هپ هپ هورا پارٽيءَ جو سُهڻو چتر چٽيل هو، اهي سڀئي پينٽنگه 70 / 60 جي آئيل ڪئنواس تي، ته ڪي ان کان ننڍيون هيون. اشوڪ پڇيو توکي ڪهڙي پسند آئي، مون وراڻيو ٻن کان بي حد مُتاثر ٿي آهيان هپ هپ هورا پارٽي ۽ مئڪسيڪو جي سامونڊي منظر واري نيري سرمئي رنگ واري آڪاش ۽ ساگر جي ميلاپ واري جنهن جي هن قيمت ڏيـڍ لک کان مٿي ٻُـڌائي. نُمائش ڏسڻ کانپوءِ اشوڪ منهنجو هنُ سان تعارف ڪرايو ته منهنجي ڀيڻ انڊيا مان آئي آهي، هو ملي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. اسان کي گڏ لنچ ڪرڻ لاءِ نينڍ ڏنائين، اشوڪ کيس چيو اسين لنچ گھر ڪنداسين، باقي توسان گڏ ڊرنڪ پيئنداسين، مون کان پُڇيائين ته مون کيس چيو مان جوس وٺندس، گفتگوءَ دوران هن ٻُـڌايو ته هو انڊيا ۾ انڊين ڪائونسل آف ڪلچرل رليشن ( آءِ.سي.سي.آر ) جي نينڍ تي دهليءَ ۾ نُمائش لڳائي چڪو آهي. ڀارت جي ميڊيا ۽ فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ ڪيترين شخصيتن سان ملاقات ڪري چڪو آهي. خاص طور ڀارت جي مشهور معروف آرٽيسٽ جتن داس جي قريب هو ور ور ڪري اُن جو ذڪر پئي ڪيائين. مونکان پُڇائين اوهانجي ڪنهن ڪنهن ۾ دلچسپي آهي، ڪٿي ڪم ڪريو ٿا، ڪهڙي زبان ۾ لکندي آهين. مون چيو مان پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ لکندي آهيان، پرڏيهي اطلاعت ۽ نشريات کاتي سان منهنجو واسطو آهي. اُن وقت مون وٽ ٻه ڪتاب هئا جيڪي مون ڪانتيش جي پڙهڻ لاءِ کنيا هئا، ڪانتيش کي سنڌي ادب سان لڳاءُ آهي، ۽ جي هو ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ کـڻندو آهي ته پڙهي پورو ڪرڻ کان پوءِ ئي ڇڏيندو آهي. جڏهن پينٽر جناٿن لنسڪيت منهنجا ٻه ڪتاب سنڌوءَ ڪناري نئون تاريخي بابُ سفرنامو، ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ڏٺو ته چيو مان اهي ٻئي ڪتاب خريد ڪندوس، مون کيس چيو مان توهان جھڙي فنڪار کان پئسا ڪونه وٺندس، منهنجي طرفان اوهان لاءِ هيءَ سوکڙي آهي. اشوڪ کيس ٻُـڌايو ته اهو سفرنامو ليھ لداڪ تي آهي، هن کي ڪارگل جي ڪري ان ايراضيءَ جي باري ۾ ڄاڻ هئي. مونکي چيائين مان جڏهن دهليءَ پنهنجي پينٽنگ جي نُمائش جي سلسلي ۾ ايندس ته اوهانکي نُمائش ڏسڻ جي نينڍ ضرور موڪليندس اشوڪ هن کان موڪلائڻ وقت پنهنجي پسند جي پينٽنگ جي قيمت پُڇي، چيائين توسان ڪهڙا ليکا، تنهنجي ڪا خاص پسند هجي ته مان اُها به تولاءِ تيار ڪندس.
    ٻاهر نڪرڻ وقت، مون اشوڪ کي چيو اها ڏيڍ لک ۾ مهانگي ناهي، چيائين نه منهنجي ڪري گھٽ ئي لڳائي اٿائين، تو جيڪا ڊرائنگ روم ۾ پينٽنگ ڏٺي آهي اها ويھ سال پُراڻي آهي اُن وقت مون پنجويهه هزارن ۾ ورتي هئي، يورپ ۾ پينٽنگ جو فنُ ڪافي مقبول آهي، يورپ ان ڪلا ۾ دنيا جا عظيم ترين فنڪار پيدا ڪيا آهن، پئرس ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي ڏٺم ٿـڏي تي تصوير تيار ڪري پيا ڏين، ڪيترن چترڪارن کي ڪئنواس تي ڪمُ ڪندي پنهنجي فن ۾ مگن ڏٺم. يورپ ۾ ان فن جنهن بُلندين کي ڇُهيو آهي، ايڏي وڏي پئماني تي اسان وٽ اڃان ان طرف رجحان گھٽ آهي. اسان جي جاتيءَ ۾ ته ڪلا لاءِ چاھُ مڙيئي خيرُ آهي. الله مالڪ آ…! ڪٿي ٿا قدرُ ڪريون… مون پنهنجي امڙ کي بزرگي ۾ گھٽ نظر جي باوجود پينٽنگ ڪندي ڏٺو، سندن چار يادگار پينٽنگ مون وٽ اڃان تائين موجود آهن، جن ۾ هُنن جو سيلف پورٽريٽ به شامل آهي. ان طرح اسان جي جاتيءَ ۾ ڪئي فنڪار هوندا، جن جو فن ڪنهن پليٽفارم ۽ صحيح رهنمائي نه ملڻ ڪري سندن زندگيءَ جي جوت اُجھامڻ سان ئي اُنداهين ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. هڪ ته ورهاڱي ڪري سنڌي جاتيءَ جي فن، فڪر، ڪلچر، ٻولي ۽ تهذيب کي ڪاپاري ڌڪُ لڳو آهي. مٿان وري غيريقينيءَ واريون حالتون، بقول نارائڻ شيام جي :

    الله ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (شيام)

    انڪري ڀـٽ ڌڻيءَ جي اظهار کي هينئن سان هنڊايون.

    سُـتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سُـلطاني سُـهاڳُه ننڊ ڪندي نه ملي. (شاھ)


    تـولـيـدو

    اڄ صبح جو (19 ‐ 6 ‐ 99 ڇنڇر) تي نيرن ڪري توليدو گھمڻ جو پروگرام ٺاهيو. هيءَ تواريخي شهر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه صرف يورپ پر ٻين ڪيترن مُلڪن جا سيلاني پڻ اِيندا آهن. توليدو هڪ صوبي جي راڄڌاني آهي، اهو زرعي علائقو آهي. جتي ڪيئسر ۽ جوئر جيان انَ جي پوک جھجھي تعداد ۾ ٿيندي آهي. فرانڪو جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هتي آٽانامس يعني خودمختيار اسٽيٽس وجود ۾ آيون، 39 خودمختيار اسٽيٽس آهن. اتي جي ليکڪ سروانتي جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو دنيا جي تقريبن ستر اسي (70 ‐ 80) زبانن ۾ ٿي چڪو آهي. توليدو واري ان علائقي جون ٽي پراونس آهن. تولودو جي اللقصار (قلعي) اندر تاريخ جا وڏا داستان موجود آهن.
    توليدو جو شهر قديم شهر آهي. هن شهر ۾ يهودي، عرب، عيسائي وڏي عرصي تائين گڏ ملي جھلي رهندا هئا. اسپين جي ڪئٿولڪ راجائن پهرين عربن کي شڪست ڏيئي اُتان تڙي ڪڍيو عيسوي سن 1200ع ‐ 1300ع جي وچ ڌاري اسپين جي ڪئٿولڪ راجائن توليدو ۾ رهندڙ يهودين تي ڏاڍا ظلم ڪيا، کين چيو ويو ته مذهب بدلايو يا هنڌ ٽپڙ ٻڌي هتان تڏا ويڙهيو. هن وقت توليدو ۽ اسپين جا سيفاردي يهودي دنيا جي ڪيترن مُلڪن ۾ رهن ٿا. اڄُ تائين ڪيترن يهودين جي گھر ۾ اسپينش ٻولي ڳالهائي ٿي وڃي، جيڪي پنهنجي وڏڙن جي مُلڪ جي اسپينسش ٻولي گھرن ۾ برقرار رکيون ويٺا آهن. ڪجھ عرصو پهرين هڪڙو سفاردي يهودي اسرائيل جو صدر به بڻيو هو. اسپين مان اُن دور ۾ ڪئٿولڪ راجائن جي ڏاڍڏمر جو شڪار بڻيل يهودي پاڻ سان پنهنجي گهرن جون چاٻيون (ڪنجيون) به ان اُميد سان کڻي آيا هئا ته واپس اباڻن گھرن ڏئي ورنداسين، جا اُميد اڄُ تائين اُنهن جي ڪانه پوري ٿي آهي. ساڳيءَ طرح اسان جي ننڍي کنڊ (سنڌ) ۾ به لڏ پلاڻ وقت ڪيترا اها ئي آس سيني ۾ سانڍي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويا. منهنجو پيءُ زندگيءَ جي آخري سفر تائين اها آس لڳائي ويٺو هو ته حالتون سازگار ٿينديون جيڪي لڏي ويا آهن سي وري واپس ورندا، پر نه اها ڳالھ اُن پيڙيءَ تائين آهي، هينئر نئين نسل جي سوچ ڪجھ الڳ آهي.
    اسپين يا ائين چئجي ته يورپ ۾ هڪ ڳالھ شاندار آهي ته ماڻهو ٽريفڪ جي نيمن جي پيروي ڪن ٿا، ٽي ٽي لائينس آهن، ونوئي سُٺا ڪُشادا روڊ، هڪ واري ڪنهن غلط لائين ورتي ته اُن کي خود ئي ڀوڳـڻو پوندو، ڪوهن جا ڪوھ اُن کي اُتان ٻاهر نڪرڻ جي واٽ ڪانه ملندي. انهن روڊن تي 120 ڪلوميٽر ڪار جي رفتار مقررَ آهي پر گاڏين جي رفتار تيز نظر ايندي، انڪري ڪنهن به هنڌ پهچڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. وقت به گھٽ لڳي، دهلي مان اگر اسين 500 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي وڃون ته صبح جو نڪري شام جو واپس ورڻُ مُشڪل ٿئي، پر هتي اسپين ۾ گھمي گھتي سير سپاٽا ڪري کائي پئي بنا ٿڪاوٽ جي واپس موٽي ٿئي آياسين. اشوڪ ۽ ڪانتيش جي گھر وچ ۾ جيڪو ايم. 40 روڊ آهي اُتان نڪري اين 401 روڊ ورتو اُهو توليدو طرف وڃي ٿو.
    توليدو ۾ داخل ٿيڻ تي ٽوئرسٽ جي رسپشن وارن کان ڪجھ معلومات حاصل ڪري اسان اللقصار جي قلعي طرف ڪار موڙي پڪسرين سرن جون ننڍڙيون سوڙهيون گھٽيون نظر اينديون. پهرين ان قلعي جي تاريخي پسمنظر تي نظر وجھون، ان شهر ۾ ست ٽڪريون آهن، جنهن مان وڏي ٽڪريءَ تي سامهون قلعو پري کان ئي نظر ايندو. ائين ته اتي (پري ‐ هسٽارڪ) تاريخي دور کان اڳ ۾ ئي بني بشر موجود هئا، پر رومن دور وارن ان ٽڪريءَ تي ٽئين صديءَ ۾ ملٽري گئريسن يعني فوجي ڇانوڻي برپا ڪئي. جڏهن عربن 711ع اي.ڊي. ۾ اسپين تي ڪاھ ڪئي ته تولودو جي رهواسين ۽ ڪوردوبا جي قيادت وارن اميرن وچـ۾ ڪئي لڙايون لڳيون جنهن سان تباهي ۽ بربادي ڦهلجي وئي ۽ وري اللقصار يعني قلعي جي تعمير 836ع اي.ڊي. ۾ ٿي جيڪا اميرعبدللـﮧ رحمان ڪرائي، جيڪا شاندار اڏاوت رهي اُنکانپوءِ جيڪي آيا تن جاري رکيو جيڪو قلعو اڄُ جي صورت ۾ موجود آهي. (مڊل ايجس) وچين دور ۾ اللقصار کي صحيح معنيٰ ۾ مضبوط قلعابندي ڪري بڻايو ويو. 1805ع ۾ ڪنگه ائلفنسو چوٿين ان کي وري اڏڻ لاءِ حڪم ڏنو جيئن ان کي اُن جي رهڻ لاءِ محل طور به استعمال ڪيو وڃي. ائلفنسو ڏهين ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪرايو ان کي آخري دور جو حقيقي روپ عطا ڪيو.
    (Trastamara) ٽراسٽمارا ونش جي دور ۾ ان جي اهميت وڌيڪ ئي وڌي وئي، تنهن دور ۾ مُسلمانن کي اسپين مان تڙي ڪڍيو ويو. 1710ع ۾ ڪارلوس ٻئين جي وفات کانپوءِ هن جي بيواھ ڊونا ماريا (Dona Maria de Nierumburg) اللقصار ۾ رهڻ آئي اِها آخري شاهي خاندان واري عورت هئي جيڪا تولودي جي ان قلعي ۾ رهي. 1710ع ۾ لڳاتار لـڙائين دوران پهرين وڏي باھ لڳي جنهن ان قلعي کي نقصان رسايو. فلپ پنجين دُواران ان جي مرمت جو ڪمُ شروع ڪيو ويو ۽ 1774ع ۾ ڪنگه ڪارلوس ٿري، (“CarlosIII Real Casa de la Caridad”) تعمير ڪرڻ جو اختيار ڏنو جيڪو ڪارڊينل لورين زونا جي نگرانيءَ ۾ مشهور آرچيٽيڪ (Ventura Rodriguez) جي ڊزائين تي آڌارت رهيو.
    آزاديءَ جي جنگ دوران جڏهن تولودو تي فرانسيسي فوجن جو قبضو ڪيو ته اللقصار هڪُ دفعو وري 1810ع ۾باھ جي شعولن جي چپيٽ ۾ آيو، انکانپوءِ وري 1846ع ۾ ان کي ملٽري اسڪول طور ڪتب آندو ويو. 1850ع ۾ اينفينٽري اڪادمي قائم ڪئي وئي. انکانپوءِ 1882ع ۾ ملٽري اڪادمي، 1887ع ۾ اوچتو باھ جي شعولن جي لپيٽ واري حادثي جو شڪار ٿي، تنهن کانپوءِ 1931ع تائين انفينٽري اڪادمي رهي، اتي 1936ع تائين انفينٽري ڪئولري ۽ هڪ ٻي اڪادمي موجود رهيون.
    1936ع ۾ گھرو جنگ ڇڙي پوڻ ڪري ان قلعي جو 21 سيپٽمبر کان 28 سيپٽمبر تائين گھيراءُ ڪيو ويو جڏهن قلعي کي گھيرو ڪندڙ قلعي اندر موجود ماڻهن کي پيش پوڻ لاءِ ڪامياب نه ويا ته، اُنهن پنهنجي مظبوط هٿيارن جي زور تي قلعي کي تباھ ڪرڻُ شروع ڪيو. ٻئي طرف قلعي اندر 300 زالون ۽ 200 ٻار موجود هئا. ماڻهن وٽ محدود دوائون، راشن ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان هئڻ ڪري اُنهن مٿان ڪافي دٻاءُ هو. قلعي اندر موجود پيش پوڻ کان انڪار ڪيو ۽ حملا آورن جو مقابلو ڪندا رهيا.
    اندر داخل ٿيڻ تي وڏو (آڳُـڙُ) اڱـڻُ نظر ايندو وچ ۾ پٿر جون مورتيون، اڱـڻ جي کاٻي ساڄي وڏا ڪمرا آهن، اسان کاٻي پاسي کان شروعات ڪئي. جتان هٿيارن جي نُمائش وارو ڪمرو جنهن ۾ قديم دور جون تلوارون، ڍال، بندوقون وغيره، اتي سينٽ باربرا جي تصوير هئي جنهن کي هو فوج جي ديوي ڪري مڃيندا هئا، ان ديويءَ کان جنگ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ دعا گھرندا هئا. ان ميوزيم ۾ جنهن شخص تلوارن، ڀالن ۽ هٿيارن وغيره جي فئڪٽري وڌي هئي اُن جو پتلو هو. (چارلس) اِئرولس ٽئين يهودين جي مختلف جڳهين کي جنهن تلوار سان فتح ڪيو اُها تلوار فوجي سازوسامان واري نُمائش واري هال ۾ موجود هئي. ڏکڻ آفريڪا جي فاتح فلوريڊا (يو.ايس.اي.) جي کوج ڪندڙ پيڊرو مئنڊو، هيئرنئن ڪورتس وغيره. رومن واري دور جي (18) ارڙهين صدي جي اسپينش ۽ روسي، پندرهين صديءَ جي فرينچ تلوار جا ڳن ايڏا ته ڳرا ۽ وزندار هئا جو اسان پارا هٿ ۾ کڻن ته ٻارهان مهينا ٻانھ سُور ۾ ورتل رهي. انهن جوڌن کي ڪيڏي طاقت ۽ جريت هوندي ان جو اندازو هٿيارن کي ڏسي ڪري ٿي رهيو هو. هڪ ڪمري ۾ جھوني دور جا سِڪا ۽ ٻلا وغيره موجود هئا، انهن جو ڪو تعداد ڏھ ويھ ڪانه بلڪه گھڻو گھڻو هو، اتي نيري رنگ جو جيڪو ڪتاب جو ڪور هو اُهو اصُل ڏسڻ وٽان هو. هڪ هڪ نمائش واري سيڪشن تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي. هيءُ ته مان پنهنجي محدود سوچ آهر جيڪي ڏٺو سو اوهان سان ونڊي رهي آهيان. ٻئي سيڪشن ۾ ان دور جا جيڪي پن هڪ وڻ جو ٽُـڪر يا ٻوٽا وغيره هئا تن کي سليقي سان فريم ۾ مڙهائي اُتي رکيا ويا هئا، ڪي ٽارين سُوڌا ئي هئا جن جو رنگ سرسبز سائي چادر لاهي وقت جي وڇوٽيءَ جي پيلائڻ جو روپ اختيار ڪري چڪو هو. انکانپوءِ اها تاريخي جاءِ اچي ٿي جتي ڪرنل موسڪوردو پنهنجي نوجوان پُـٽ سان فون تي گفتگو ڪئي هئي. ان ڪمري ۾ هر وقت ڏسڻ وارن جي ڀيڙ رهي ٿي. ان ڪمري جي وچ ۾ وڏي ٽيبل (ميز) آهي، ڀت سان لڳل بئنچ ۽ ڪرسي پيل آهي. اُن وقت پيءُ پُـٽ وچـ۾ جيڪا ڳالھ ٻولھ ٿي اُها مختلف زبانن ۾ رڪارڊ ٿيل، پهرين اسپينش، پوءِ انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ آهي. هتي مان ننڍي کنڊ جي پاٺڪن لاءِ پيش ڪريان ٿي. پُـٽ کي قلعي کان ٻاهر ڀـونگه طور جھليو ويو آهي. 23 جولاءِ 1936ع مليشا ڪمانڊر، ڪرنل ۽ اُن جي پُـٽ جي وچـ۾ گفتگو آهي. جيڪو ڇوڪرو پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي وطن تان سـرُ قربان ڪري ٿو.
    Red Militias Commander (23 July 1936) :-
    Mulitia Commander :- All of you are to blame for the massacres and crimes, which are taking place. I demand that you surrender the Alcazar within ten minutes time otherwise, I am going to shoot your son Luis whom I have here as a prisoner of mine.
    Colonel :- I am quite sure of that Militia.
    Commander :- here is your son Luis on the line to dispel any doubt.
    Luis :- Hello! Father
    Colonel :- What is happening son?
    Luis :- Well they say they are going to shoot me unless you surrender the Alcazar.
    Colonel :- Then turn your thoughts to GOD cry out “LONG LIVE SPAIN” and die as a PATRIOT.
    Luis :- All my foundest love father.
    Colonel :- All of mine to you (to the Red Commander) you neend’nt waste time limit you have set as the Alcazar will never surrender, Long Live Spain, Die for Country.
    Luis :- Kiss to you papa goodbye!

    گولي ڇُـٽڻ جو آواز (بارودي ڌماڪو)

    قلعي ۾ هيٺ تھخانو آهي، جتي رڌپچاءُ وغيره ۽ بچاءُ لاءِ ڪمرا ٺهيل آهن، زخمي ٿي ويلن جي علاج لاءِ ميڊيڪل سهوليت لاءِ تيرهان چوڏهان بسترا وچ ۾ ٽيبل رکيل آهي مٿان لالٽين جنهن جي روشنيءَ ۾ مريضن جا آپريشن ڪيا ويندا هئا، زالن لاءِ ڪمرا. اتي اندر تهخاني ۾ هڪ سولجر جي زال کي 9 سيپٽمبر تي ٻارُ ڄائو هو، اتي ڄاڻايل تفصيلن موجب 22 جولائي 1936ع تائين گھرو جنگ دوران هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو ڄائو. تهخاني ۾ جھوني دور جون ٻه موٽر سائيڪلون جيڪي اٽي پيهڻ لاءِ ڪتب آنديون وينديون هيون جيئن اسان وٽ ڏاندن وغيره جو چڪيءَ کي هلائڻ لاءِ استعمال ڪبو آهي، وائرليس سيٽ، ريڊيو ذريعي پيغام پهچائڻ جو تڪنيڪي سازوسامان. هڪ هنڌ جيڪي جنگ دوران قلعي اندر شهيد ٿيا تن شهيدن جون تصويرون رکيون ويون آهن.
    اتي ڏنل ڄاڻ موجب قلعي اندر ڦاٿل ماڻهن کي پيش پوڻ لاءِ هڪُ قاصدُ 9 سيپٽمبر 1936ع تي اندر موڪليو ويو ته پيشُ پئو. پر اُنهن انڪار ڪيو ۽ موٽ ۾ چورائي موڪليو ته هڪ پريسٽ موڪليو. يارهين (11) سيپٽمبر تي پريسٽ موڪليو ويو ۽ 18 سيپٽمبر تي قلعي کي اُڏايو ويو. قلعي جي تباهيءَ واري تصوير ۽ اُن کان اڳ قلعي جي اصلي روپ واري تصوير سان گڏ اُنهن جا ماڊل به موجود هئا.
    اتي ميوزيم ۾ الڳ الڳ دور جي بري، بحري ۽ هوائي فوج جي فوجين جا نه صرف لباس موجود هئا پر جنگ ڪندڙن وچـ۾ جيڪي اقرارناما ٿيا اُنهن جا دستاويز به موجود هئا. اتي ميوزيم ۾ 20 صديءَ جي آفريڪي ميوزيم واري حصي ۾ اُنهن جا لباس، موراڪو ۽ سهارا وغيره جي فوجين جا لباس ۽ اُنهن جي صورت قد ڪاٺ وارا ماڊل رکيل هئا جن مان اُن قوم ۽ نسُل جي ڄاڻ پئجي رهي هئي، انهن مان اسلامي رنگ به ظاهر ٿي رهيو هو. ٻارهين جنوري اُڻويھ سئو ڇاهتر (12 ‐1 ‐ 1976ع) تي اسپين سهارا کي آزاد ڪيو. جنهن جو آخري جھنڊو اتي رکيو ويو هو. ٻئي طرف موراڪو جي (1860ع) سُلطان شهزادي مُولي عباس جي تنبعو (خيمو) جيڪو هُنن فتح ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو اتي رکيو ويو هو، خيمي ۾ غاليچو، وهڻ جا موڙا رکيل هئا، اندر شمع دان ٽنگيل هو ۽ ڪجھ صراحيون موجود هيون.
    توليدو جو اللقصار يادگار تاريخي قلعو اسپين جي عظيم شان و شوڪت جي نُمائيندگي ڪندڙ قومي تاريخ طور اتي جا رهواسي ان کي تسليم ڪن ٿا جنهن تي کين ناز ۽ فخر آهي.
    انکانپوءِ نقشي جي سهاري ننڍين ننڍين گھٽين مان لنگھندا ٻين تاريخي ماڳن ڏسڻ لاءِ قدم وڌايا. قلعي جي ٽڪيٽ ورتي ۽ چرچ جي ٽڪيٽ ورتي . اتي مشهور معروف پينٽرال ‐ گريئڪو جون خوبصورت پينٽنگس موجود آهن. ڪئٿڊرل جي پيڙهه جو پٿر 1226ع ۾ آرچا بشپ Jimenez-de-Rede وڌو، اُن کانپوءِ 1493ع ۾ فرنڊو ٽئين ان کي مڪمل ڪرايو. جتي اسپين جي مشهور معروف گوٿڪ آرچيٽيڪچر جو شاندار مثال آهي. اتي يهودين جو آرچيٽيڪچر به آهي. چرچ ڏسڻ کانپوءِ اسان يهودين جي سينيگاگ ڏٺي سين، هتي يهودين جا هبرو ٻوليءَ ۾ قديم دستخط رکيل هئا ۽ ڪي اُن دور جون يادگار شيون ۽ رانديڪا وغيره. هتي ان کان اڳ اڳين ڀيري ڪانتيش سان گڏ اچڻ ٿيو هو، ڪي گھٽين ۾ گھر سنڌ جي ڳوٺن جي گھرن جي ياد ڏيارين پيا. اُن وقت هڪ گھر اندر هڪ بزرگ کي حقعو پيئندي ڏٺوسين ۽ گھر ۾ دِلن رکڻ جي گھڙامنجي به هئي. ڪي ڪي دروازا بلڪل سنڌ جي ڳوٺن وارا نظر ايندا خاص ڪري شهدادڪوٽ ۾ شيخن جي پاڙي ۾ يا ڪن واڙن وغيره ۾ ان طرح جا ڪاٺ جا شاهي دروازا جن تي لوھ يا پتل جا چهنبدار ڊزائين نما وڏا ڪوڪا دراصل منهنجي ذهن ۾ هن وقت ان جو صحيح صحيح لفظ جو نالو نه ٿو اچي سنڌ کان دور رهڻ جي اها سزا آهي جو اکين آڏو منظر ۽ شيون ته آهن پر وقت جي وڇوٽي … الله! ياداشت تي تھ چاڙهي اهي لفظ زبان تائين پهچڻ کان پري گھليندي پئي وڃي……!!
    توليدو جي قلعي ۽ گھٽين ۾ هلندي هلندي پير ٿڪجي پيا، جتي ڪار پارڪ ڪئي اُتي جو پنڌ جو فاصلو پندرهن منٽن کن جو هو پر پٿريليون پڪسرن واريون گھٽيون. اڻ لکائتي چاڙهيءَ واريون هيون ڏسڻ ۾ نه پيون لڳن پر…… پيرن پنڌ ڪرڻ ڇڏي ڏنو سسئي جيان گوڏن ڀر گسڪڻ جي گُنجائش ته هئي ڪانه، اشوڪ موبائيل تي ٽئڪسيءَ واري کي پهچڻ لاءِ چيو، جھٽ کن ۾ اچي اڳيان بيٺو. پنهنجي ڪار کڻي مئڊرڊ طرف روانا ٿياسين. مون اشوڪ کي چيو ‐ آرتوار ڪانتيش جي ٻارن کي موڪل آهي تون مونکي ڪانتيش وٽ ڇڏ، اشوڪ ڪانتيش وٽ ڇڏي روانو ٿيو.
    سنڌو دويش چيو اسان اَميوزمينٽ پارڪ گھمڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي توهانکي هلڻو پوندو. رات جو 9 بجي نڪتاسين، ٻارن جي جوائي ــ رائيڊ لاءِ 5000 پسيتا هڪ هڪ جي ٽڪيٽ لڳي ۽ مٿان ٻي رقم تقريبن ٻارهان سئو روپيا کن ڀارتي ڪرنسي هئي. پوءِ ته ڄڻُ گھوڙا تبيلي مان ڇُـٽا……! ماٺ ئي نه ڪن هڪ تان لهي ٻئي تي ٻئي تان لهي ٽئين تي، مان پئي دانهون ڪيان منهنجون ٽنگون ٿڪجي پيون آهن هاڻي گھر هلو، ٻارن اُتي پنهنجي پسند جو کاڌو کاڌو اسان ڪولڊ ڊرنڪ ورتي. اسان رات جو شايد هڪ بجي کانپوءِ گھر پهتاسين، ڪانتيش چيو ڪجھ کائي سُمھُ، پيزا کارائي پوءِ سُمهڻُ ڏنائين. اصُل ڦانءِ ٿي ڪري پيس.


    الله ڇـولي ڇـولي

    (ڇنڇر 26 ‐ 6 ‐ 99ع)

    اشوڪ ڇهين بجي بيڊروم ۾ ناڪ ڪري چيو وينا جاڳين پئي. مون چيو ها مان پاڻ اُٿڻ واري هيس، اڄ اسپين جي ڏکڻ وارن بيچس کي ڏسڻ جو پروگرام هو. اشوڪ جي هٿ ۾ چانھ جو ڪپُ هو، مان ٽپو ڏيئي اُٿي کڙي ٿيس باٿروم مان منهن ڌوئي پيسٽ ڪري موٽيس ته ڏسان اشوڪ ڪمري ۾ اڃان بيٺو هو ،مان هن جي هٿ مان چانھ جو ڪوپ ورتو. اشوڪ سنان ڪرڻ لاءِ پنهنجي بيڊروم ۾ ويو مان باٿروم ۾ ٿڌي گرم پاڻيءَ جو نلڪو کوليو ته اشوڪ آواز ڏنو وينا گرم پاڻي نه ٿو اچي. مان جھڙو تهڙو سنان ڪري هيٺ لٿس ته ماريا ۽ اشوڪ جو آواز اچي رهيو هو گرم پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ جي ليڪيج سان سڄي گراج پاڻيءَ سان ڀرجي وئي هئي، ڏهن سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽانڪي ليڪ ٿي هئي اسان کي اٺين بجي نڪرڻو پر ڪلاڪ دير پئجي وئي. انکان علاوه الڪورڪورن وڃي ڪري سنڌو دويش کي به ساڻُ کـڻڻو هو. اڃان ڪار اسٽارٽ ڪئي ته اڳيان ٻلي لنگھي وئي مان دانھ ڪئي اڳ ۾ ئي ٽانڪي جو وڏو مسئلو ٿيو مٿان وري ٻلي… مون چيو اشوڪ اڳيان گاڏي نه ڪڍ پوئيان ئي ريورس ڪر اشوڪ ائين ئي ڪيو. مون ٿڌو ساھُ کنيو. منهنجي من ۾ ڪئي ويچار اُڀري رهيا هئا مون کي ترڻ نه ايندو آهي خدا خير ڪري…! اشوڪ ڪانتيش کي موبائيل تي فون ڪيو ٻارن کي هيٺ بهارجانءِ اسين ڏهن منٽن ۾ پهچي رهيا آهيون.
    ٻارن کي وٺي ڪري اسان وئلينسيا وارو روڊ ورتو، اسان کي 414 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئه ڪرڻو هو وئلينسيا راڄڌاني آهي ان جا ٽي پراونس آهن، مئڊرڊ جون 17 خودمختيار اسٽيٽس آهن ۽ 50 پراونس، اسپين جي سڄي مُلڪ کي مئڊرڊ مان هلايو ويندو آهن. ٽي وڏا شهر آهن هڪُ مئڊرڊ، ٻيو بارسولينا جتي عالمي راندين جي چٽاڀيٽي به ٿيندي آهي ۽ ٽيون وئلينسيا. اسين پهرين علي‐ڪانتي بيچ تي وياسين. اتي واٽ تي اِئلدا جو شهر به اچي ٿو، جنهن جي فئڪٽرين جا تيار ڪيل بوٽ سڄي دنيا ۾ ويندا آهن. اتي وڏي پئماني تي بوٽن جي نُمائش پڻ رکي ويندي آهي. هڪُ ٻيو خيخونا جو شهر آهي، جنهن جو وري وڙو (تورن) مشهور آهي، اهو وڙو به خاص آهي بادامين جو وڙو جنهن کي اسپينش ۾ تورن چوندا آهن. انهن سامونڊي بيچن کي يورپ ۽ ٻين ڪيترن مُلڪن جا ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن. ان روڊ تان فرانس وارا لنگھي موراڪو ويندا آهن. ان طرف کان اڳتي جبرالٽر ۽ آفريڪا به نڪري وڃي ڇوڙ تي پوي ٿو. ان طرف ماڻهو ڪارين رستي گھڻو سفر ڪن ٿا، اسپين مان موراڪو ويندي ٻيٽ تان فيريز (ٻيڙين) ذريعي ٻئي طرف وڃڻو پوندو آهي ماڻهو پنهنجون ڪارون انهن فيريز ۾ کڻي موراڪو ويندا آهن. انڊيا ۾ به گوئا ۾ ماڻهو فيريز ذريعي ڪارون وغيره کڻي ٻئي طرف ويندا آهن.
    اشوڪ انهن ايراضين جي ڄاڻ ڏيندي پئي هليو هن اُن وقت پُراڻن گانن جي ڪئسٽ لڳائي. پُراڻا گانا ٻُـڌي ڪري اصُل مزو اچي ويو. چاند آهين ڀريگا ڦول دِل ٿام لينگين حسن کي جب بات چلي سب تيرا نام لينگين… هيءَ گيت مميءَ جي ساهڙيءَ جو پُٽ چاگلا ڪراچيءَ ۾ سُريلي انداز ۾ ڳائيندو هو. اُنکانپوءِ اُءُ ميري سونا ري سونا ري ديدونگي جان مت جدا هونا ري...هيءُ گيتُ سندس وڏي ڀيڻ ڊاڪٽرياڻي پروين ڳائيندي هئي، هن وقت آمريڪا ۾ آهي. سندس ٻي ڌيءَ دل‐ افروز پڻ اُتي آهي، سفر دوران سنگيت جي ساٿ سفر کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو.
    اسان سوا هِڪ ڌاري علي‐ڪانتي بيچ تي پهتا سين. اسپين جي گھڻن شهرن تي عريبڪ نالا آهن، جيڪي ال سان شروع ٿين ٿا ال‐ميرييا، ال‐ ڪوڪورن وغيره. اُتان پتو ڪندي سينخوان جنهنکي انگريزيءَ ۾ سين جان ڪري ڪوٺين، اُتي پهتاسين. سنڌو ۽ دويش پنهنجا سوئمنگ ڪاسٽيومس ۽ بال وغيره کڻي بيچ طرف ڀڳا، اشوڪ ۽ مان هنن جي پوئيان ٻه ٽيوب کڻي بيچ طرف قدم وڌايا. سامهون ڪيترا مرد ۽ عورتون بيچ جي واريءَ تي ليٽيا پيا هئا. اشوڪ چيو هاڻي هن بيچ تي ڏسجانءِ مايون اُگھاڙي ڇاتيءَ لاءِ سنڌي لفظ چوندي چيو… توکي رنا نظر اينديون. سامهون ڪيتريون عورتون سوئمنگ ڪاسٽيوم ۾ نظر آيون. اڃان ڇٽي کولي سامان رکيوسين مس ته هڪ رن برا لاهي اچي اسان جي ڀرسان ليٽي… ٻه مرد به گڏ هيس. ڏاڍا خار لڳا ته هن مئي ماريءَ کي اسان جي ڀرسان ئي اچي مرڻو هو……
    اشوڪ مئڊرڊ مان نڪرڻ کان پهرين چيو هو وينا تون بيچ تي هلي سنانُ نه ڪندين ته مزو نه ايندو، مان هڪ هٿ ۾ ٽيوب کنيو ۽ ٻيو هٿُ هن جي ٻانھ ۾ وڌو ۽ آهستي آهستي پاڻيءَ طرف وڌيس، سنڌو دويش جا مزا هئا مونکي وڃن اڳتي گھليندا… منهنجون دانهون اڳتي نه اڳتي نه، اشوڪ چيو اڃان گوڏي تائين پاڻي مس آهي… اڃان ٿورو اڳڀرو… ان وچـ۾ هڪ زوردار ڇولي آئي. مون رڙ ڪئي الله ڇولي آئي… اشوڪ چيو تو وٽ ٽيوب آهي مان توسان گڏ بيٺو آهيان، ٻارن منهنجا پير ڪري مٿي ڪيا منهنجون رڙيون الله مان ٻُڏي ويندس……! الله ڙي……!! مان چيلھ ۾ ٽيوب کي پڪڙي سمنڊ جون ٿـڦيڙون کائيندي رهيس… وري جو زوردار ڇولي اچي ته پاڻيءَ کان ٻه ٽي فُٽ مٿي کڻي اُڇلائي… ڇولي ڇولي… الله ڇولي گھلي ويندي……!! اشوڪ چيو تون فڪر نه ڪر مان ڇوليءَ کي چوان ٿو تون نه اچي منهنجي ڀيڻ هندوستان مان آئي آهي… بس ٽنهي چيڙائڻ شروع ڪيو ڇولي…!!! ڇولي……!!!!
    ڪلاڪ کن مونکي واھ جو رڙايائون ٻه ٽي ڪلاڪ کن بيچ تي هئاسين. پونم واھ جي روٽي ٺاهي ڏني هئي ٻارن ته ڪجھ اُتي وٺي کاڌو ڪجھ ڊرنڪ باقي گھر جي ماني منهنجي ۽ اشوڪ جي خوف کان کاڌائون. روٽي کائيندي اُتر ڏکڻ اولھ اوڀر نظر ڪريان مار ڪيتريون ٽاپليس پهرين ته هڪ ڀر ۾ برا لاٿل نظر آئي پر هاڻي ته اصل گھوڙيءَ کي ئي گھمرو هو! واريءَ تي ڪي اونڌهي منهن ته ڪي سڌيون… ڪي جسم کي مالش ڪري رهيون هيون ته ڪي سمنڊ مان واري ڪڍي جسم کي ملي رهيون هيون… انهن کي ڏٺو اڻـڏٺو ڪري… بيچ تي ننڍڙن ٻارن جي راند روند ۽ ڪي مائر ته اصل پاڻيءَ ۾ ٻارن کي ٽيوب جي سهاري ڦٽو ڪري ترڻُ سيکاري رهيون هيون…… سامهون گھري نيري رنگ جو سمنڊُ… ڪي پنهنجون موٽربوٽ کڻي پري پري تائين نڪري پئي ويا… وري ٻارن ۽ اشوڪ پاڻيءَ طرف گھليو هاڻي ٿورو ڊپُ لٿو… ڪافي پري تائين گھلي وٺي ويا، ٽيئي هٿُ پڪڙي خوب ٽٻيون ڏيارڻ لڳا مان چوان مان پاڻ ئي ٿي ٽٻي لڳايان… اڃان ٽٻي هڻان ته ٽيوب مٿي کي اندر وڃڻُ ئي نه ڏئي… اشوڪ چوي جيستائين وار نه ٿا پسن تيستائين اها ڪارگر نه آهي. مٿي تي مڙيئي پاڻي وجھي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيم…… رڙين واڪن جي باوجود مزو ڏاڍو آيو زندگيءَ ۾ ايتري دير سمنڊ جي ڇولين وچـ۾ گذارڻ ۽ ايتريون ٽٻيون ڏيڻ جو موقعو اصل نه مليو.
    واپس اچي ڪپڙا مٽائي اڳتي هلڻ جو ارادو ڪيو بک به ڏاڍي لڳي… ٿورو اڳڀرو هڪ اسڪول جي ڀر ۾ وڻ جي ڇانو هيٺ ڪار بهاري پيٽ پوڄا ڪئي……
    اشوڪ چيو هاڻي توهانکي بينيدرم بيچ تي ٿو وٺي هلان، سمنڊ جي ڪناري وارو روڊ ورتوسين پريان سمنڊ جو ڪنارو ۽ بيچ جا منظر ماڻيندا، بينيدروم پهتاسين، ٻارن پهريون ڪمُ ڪيو آئسڪريم کائڻ جو ۽ مان اوُر ڇاتا اسپينش ٿاڌل واري ڊرنڪ ورتي. اڌ ڪلاڪ کن ريستورينٽ ۾ کائي پي ساهي پٽڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ڪجھ سوکڙيون خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، شيون تمام مهانگيون هيون ننڍڙا ڪوڙا ٽاپس انڊين ڪرنسيءَ جي لحاظ کان پنجن ڇهن هزارن روپين جا ملي رهيا هئا، مان خريداريءَ جو ارادو ئي ترڪ ڪيو اشوڪ چيو ڪجھ ته وٺُ نه. سندس چوڻ تي پنهنجي لاءِ هڪ ٽي شرٽ پسند ڪيم، هن ٻنهي ٻارن کي به وٺي ڏني چيائين ٻيو ڪجھ وٺ، بس نه نه ڪري هتي جي ٻارن لاءِ پنج ڇھ ٽي شرٽ ورتيون. اُتان ٿورو گھمي گھتي مئڊرڊ طرف روانا ٿياسين رات جو هڪ بجي وڃي گھر پهتاسين.


    مروئان موت ملوڪان شڪار

    ( آرتوار 27 جون 99 )

    ڪالھ رات جو بينيدرم بيچ تان تمام دير سان واپس ورڻ ڪري رات جو سمهندي سمهندي اڍائي کان مٿي وقت ٿي ويو هو. ارادو ڪيم ته گھر کان ٻاهر ڪٿي به نه نڪرندس، صبح جو دير سان اُٿندس، اوچتو دريءَ کان ٻاهر نظر ڪرڻ تي سامهون واري بنگلي تي تيز تکي اُس پئجي رهي هئي، مون سوچيو ڏھ کن ٿي ويا هوندا، منهن هٿ ڌوئي چانھ لاءِ رنڌڻي ۾ گھڙيال تي نظر پئي ته اٺ ٿيا هئا، اشوڪ چيو ڊرائنگ روم ۾ ويهي نيوز به ڏسون ٿا ۽ چانھ به پيون ٿا. ڏهين ڌاري اشوڪ چيو وينا بک لڳي آهي، نيرن ڪيون مون چيو سنانُ ڪري پوءِ نيرن ڪريون هن چيو نه پهرين نيرن ٿا ڪريون، پوءِ سوئمنگ پول ۾ سئمنگ ڪنداسين. اڃان نيرن شروع ئي ڪانه ڪئي ته فون جي گھنٽي وڳي، اشوڪ رسيور کنيو چيائين پونم ڳالاهڻ ٿي چاهئي، چيائين اچو ته گڏجي لنچ ڪريون ڪانتيش چيو سڀاڻي پونم جي هڪ ميٽينگ به آهي تون به گڏ وڃينس. مون چيو رات گھمي گھمي ڪري ٿڪجي پئي آهيان. اڃان هاڻي نيرن پيا ڪريون. هن چيو، مان توکي وٺڻ ايندس. مان اشوڪ کي چيو ته ڪانتيش ۽ پونم چون ٿا ته منجھند جي ماني اُنهن سان ڪريان ۽ سڀاڻي جو پروگرام به رکيو اٿائون، مان وڃان؟ چيائين منهنجو موبائيل پيو آهي کيس چئينس ته ڏيڍ ڌاري توکي وٺڻ اچي.
    مان جھٽ کن کانپوءِ سوئمنگ پول ۾ ڏھ ٻارهان ٽٻيون ڏيئي تيار ٿي اچي ويٺس. ماريا سُئمنگ ڪري اُس جو تڙڪو وٺي رهي هئي، ڀائٽي سوئمنگ پول ۾ فلوٽنگ بيڊ تي هٿ ۾ ڪتاب ۽ ڪي ڪاڳر کڻي پڙهي رهي هئي. اشوڪ چيس اهو ڪهڙو پڙهڻ جو طريقو آهي، اگر ڪاڳر اُڏامي پاڻيءَ ۾ وڃي ڪرن ته…! چيائين مان ان تي آرام سان ويهي پڙهندس. ان وچ ۾ سندس ساهڙيءَ جو فون آيو، اشوڪ فون کڻندي ئي ساهڙيءَ کي ٽوڪ وچان چيو هوءَ فلوٽنگ بيڊ تي ويهي اسٽڊي ڪري رهي آهي…! هن وراڻيو انڪل مان به ائين اسٽدي ڪندي آهيان، ڌيءَ کي فون ڏيندي چيو: وينا! هنن جا پروفيسر به وڏا نالائق آهن خبر ناهي ڪيئن ٿا اِنهن کي مارڪون ڏين؟ ڀلا ڪانتيش وٽان ڪڏهن موٽندينءَ؟
    مون چيو: اشو تون جڏهن منهنجو هيءُ سنڌي ڪتاب سنڌو ڪناري نئون تاريخي باب پڙهي پورو ڪندين تڏهن واپس ايندس…!
    دانهن ڪندي چيائين الله ڙي! اهو شرط نه……
    مون کيس چيو سنڌ يونيورسٽيءَ جو گريئجوئيٽ آهين سنڌي نه پڙهي سگھندين…! منهنجو ته اهوئي شرط آهي. چيائين اهو ته ڏکيو شرط آهي، ڪتاب جي پُٺيان ڪويتا پڙهڻُ شروع ڪيائين، چيائين ان ۾ ته ڪافي وقت لڳندو……!
    ان وچ ۾ ڪانتيش سنڌو سان گڏ پهچي ويو. منجھند جو پونم فرسٽ ڪلاس لنچ ٺاهي، گڏ چٽپٽا دهيوڙا به هئا، ڪالھ جي سيروسفر جو حال احوال ڪندي مون چيو اڄ ڪٿي به نه نڪرنداسين. هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪندي ڪانتيش چيو هلُ ته اران خوئيٿ هلون (Aranjuez) توکي ياد هوندو مميءَ سان گڏ هليا هئاسين. مون چيو ياد ته نه آهي ڏسڻ سان ياد اچي ويندو، پر اڄُ نه هلنداسين…! ها نه ها نه جي جڳھ جڳھ ۾ وقت وڃي پيو نڪرندو نيٺ تـڙ تڪڙ ۾ چانھ پي نڪتاسين اڃان ڪي ميٽر فاصلو طئه ئي نه ڪيو ته ڪانتيش سنڌوءَ کي ڪار ڊرائيونگ لاءِ ڏني منهنجون ۽ پونم جون دانهون، ڪار مان لهي اسان چيو اسان ڪونه هلنداسين ۽ پنڌ گھر طرف هلڻُ شروع ڪيو، ڪانتيش ڪار کڻي اسان جي پُٺيان پُٺيان اسان ٻئي ٻُـڌو اڻـٻُڌو ڪندا اڳتي وڌنڌا پئي وياسين هو ڪار کڻي پُٺيان پُٺيان… چيائين ٺيڪ آهي توهانجي ڳالھ ٿيندي هن کي ڪار هلائڻ ڪونه ڏيندوس، اسان ٿوري آناڪانيءَ کانپوءِ هن جي ڳالھ وڃي ڪري مڃي.
    اڄ جنهن محل (Carolus III Palace) کي ڏسڻ وڃي رهيا هئاسين اُها ڪارلوس ٽئين ٺهرائي هئي. جڏهن هو مئڊرڊ طرف ايندو هو ته وچ ۾ آرام لاءِ هو اتي وچ واٽ تي اچي کيما کوڙيندو هو. اتي جي ماڻهن هن جو جنگ ۾ ساٿ ڏنو هو انڪري کين خوش ڪرڻ جي لحاظ کان به اتي پهنجي موجودگيءَ ۽ اُنهن سان پنهنجائپ جو احساسُ ڏيارڻ لاءِ هيءَ يادگار محل جوڙايو، ان طرف ويندڙ واٽ جو نالو ڪامينوريائل (Camino Real) يعني شاهي رستو آهي جو ان شهارا تان ڪارلوس لگھندو هو. اڄ اسين به ان قومي شهارا تان گذري رهيا آهيون، مئڊرڊ تقريبن (40) چاليهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، شاهي شهارا جي هڪ غلط موڙ وٺڻ سان، اسان جو اڌ ڪلاڪ کان مٿي وقت جو نقصان ٿيو One way جي هئڻ ڪري ڪافي دير کانپوءِ ڪٽ اچي پيو. پنج سال اڳ انهيءَ روڊ تان ڪيونڪا ويا هئاسين، جيڪو جھولن جي گھرن طور مشهور آهي، جھولي وارا گھر انڪري پيا چون جو اها تاريخي ۽ تفريحي جڳھ اونچي پهاڙين تي آهي، ان جي چوطرف گھر اڏيا ويا آهن، اهي گھر ائين ڄڻُ پهاڙين تان جھولي وانگر لٽڪي تاثر ڏين پيا اهو علائقو جھولن جي (Casa Colgantes) گھرن وارو چيو ويندو آهي. اتي مٿي هڪُ تاريخي قلعو به آهي. سفر دواران گفتگو جو سلسلو به جاري هو ڪانتيش جو ننڍو پُٽ دويشُ فوٽبال راند جو بيحد شونقين آهي، ۽ پنهنجي اسڪول جي ٽيم جو سُٺو رانديگر به آهي، هو اسڪول جي ٽيم ۾ ڪيترا ڀيرا چونڊيو ويو آهي. اسپين وارا اصل فوٽبال راند جا ڪوڏيا آهن. جيئن اسين ڪرڪيٽ راند جا ديوانا آهيون ( پر هاڻي جڏهن کان وٺي مئچ فڪسنگز جو معاملو هليو آهي ماڻهو رانديگرن کي شڪ جي نگاھ سان ڏسن پيا……!) اسپين جون مشهور ٽيمس آهن :‐
    (1) Real Madrid (2) F.C. Barecelona (3) Corunia Valencia (4) Ateletico-de-Madrid (5) Valladolid
    هتي فوٽبال کانسواءِ روايتي شونق ۽ مشغولي آهي بُل فائيٽنگ يعني ڍڳن جي ويڙھ جيڪا پيڙهي در پيڙهي اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ڏاندن جي ويڙھ کي پلا سادي تورو چوندا آهن.
    جيئن مٿي مون ذڪر ڪيو آهي ڪارلوس ٿري اهو محل ٺهرايو هو، اتي يادگار شيون ۽ پينٽنگ وغيره رکيون ويون آهن. ان پئلس ۾ ٻاهر خوبصورت ڦوهارن وارو باغ آهي، وڻن جون قطارون، ان باغ وچ مان تاخوس ندي وهي ٿي، جيڪا ندي ڪيونڪا جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آئي آهيان ته جھولن وارن گھرن طور مشهور آهي اتان وهندي وڃي لسبن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رومن ان نديءَ کي تاگوس چوندا هئا، اسپينش وري ان کي تاڪوُس چون ٿا. ان پئلس جي باغ مان وهندڙ نديءَ ۾ اڇيون ڪاريون بدڪون موج مستيءَ ۾ لهرن کي نازانداز سان چيريندي ٿئي ويون، ٻئي طرف پٿرن سان ٽڪرائجندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ لهرن سان اک ٻوٽ ڪندي مڇيون ڪڏهن پاڻيءَ اندر ته ڪڏهن پاڻيءَ کان ڦٽُ مٿي ٽپا ڏينديون کيڏي رهيون هيون، مڇيون نه بلڪ پلا وڏا وڏا پلا پنهنجي جياپي واري جل سان انگل آرا ڪري رهيا هئا، ها سچ پلن تي ياد آيو اسان وٽ سنڌ ۾ روهڙيءَ جو پلو مشهور، حيدرآباد سنڌ ڄام شوري ڀرسان وهندڙ درياھ وٽ ڪجھ فاصلي تي المنظر ريستورينٽ آهي، جتي ميزبان پنهنجي مهمانن کي پلا کارائڻ وٺي ويندا آهن، روهڙيءَ جي پلي جي چشڪي جي واھ! واھ!! پيا ڪندا آهن. مونکي به حيدرآباد ۾ پلي کائڻ جي دعوت ظفرحسن تنوير جوڻيجو ڏني هئي مون انڪار ڪيو هو، مان ڀلا ويجيٽيرين… پلو ۽ مان، ٻئي هڪٻئي جا جاني دشمن… بيٺو نه سهون. هيءَ پلا روهڙيءَ وارن پلن کان ڪيترا سوادي هوندا ان جي چشڪي لڳائڻ جو اندازو مون لاءِ لڳائڻُ ناممڪن آهي…! جو مون لاءِ پلو حرام……!! ها هڪ ڳالھ ضرور چوندس ان خوبصورت ڏيکه کي ڏسي من ۾ خوشيءَ جي لهر اُڀري رهي هئي، اڇيون ڪاريون ۽ چٽ ڪمريون بدڪون پاڻيءَ جي لهرن جي سنگيتميه تال تي خالق طرفان خلقيل ٿرڪندڙ انهن جيون کي ڏسي انوکو آنند اچي رهيو هو. ڊگھن قداور وڻن ۽ ڦوهارن جي مڌهر جھنڪار وارو ماحول روماني منظر هو، ان روماني منظر کي مون به پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪرڻُ شروع ڪيو، ڪاش! من جي ويڻا جي تار جي جيڪا جھنڪار ان وقت پيدا ٿي رهي هئي اُن تي آڌارت ڪا سنگيت جي رچنا خلقي سگھان هان…… اها خواهش ۽ حسرت ئي رهي……!! بقول قمرشهباز ‐

    وڻ وڻ ۾ ويڻا وڄي، پن پن ۾ پـڙلاءُ

    اهڙا ڪئي انسان هوندا جن کي اهو ڏانو ۽ ڏات هوندي… اهڙي ئي ڏات جي نعمت سان مالامال هو اُتي جو مشهور معروف ڪلاسيڪي دنيا جو سورداس ميوزيشن خوڪين رادريگيٿ جنهن ان خوبصورت واٽڪا کان پريرڻا حاصل ڪري سنگيت جي هڪ يادگار ڌن تيار ڪئي. ان حسين منظر کي ڏسي ڪري اتي ڪيترا ڀيرا اوپيرا به منعقد ڪيا ويا آهن، اسپين جي باري ۾ ڪيتريون ڳالهيون ۽ ڄاڻ مونکي ڪانتيش ڏني آهي، جيڪا هن سفرنامي ذريعي سڀني سان ونڊي رهي آهيان. هڪ دکه دائي حادثي جي باري ۾ ٻُـڌايو ته هڪ واري اسپين جي سينيئر سٽيزنس کي اتي گھمائڻ لاءِ وٺي آيا، هڪ بزرگ جو حادثي ۾ موت ٿيو.
    اڃان گھمڻُ گھتڻُ پوروئي ڪانه ٿيو هو ته سنڌو دويش فرمائش ڪئي ته اسانکي ڪجھ کائـڻو آهي. هڪ ريسٽورينٽ ۾ وڃي ڪري ويٺاسين، سامهون ٽي.ويءَ. تي بُل فائيٽنگ هلي رهي هئي هڪُ ٿلهو ڪارومتارو ڍڳو ان تي وار ڪندڙ نوجوان جنهن کي رنگبرنگي ڳاڙهي سُنهري رنگ جو لباسُ ۽ ٽوپي پهريل هٿن ۾ ڳاڙهو ڪپڙو ڏيکاري ڍڳي کي مڇرائي رهيو هو، اسٽيديم ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هئي، سندس ٻئي هٿ ۾ چهنبدار ڀالو هو، اُهو زوردار وار ڪري ڍڳي جي پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائين، جيڪو سڌو ڍڳي جي پٺيءَ ۾ کپجي ويو، هڪ ٻيو ميدان ۾ لٿو اُن به زوردار نموني ڍڳي تي ڀالي سان وار ڪيو، ان طرح چار ڄـڻا ميدان ۾ لٿا، مکيه بُل فائيٽر تي اگر ڍڳو وار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي پيو ته ٻيا اُن تي وار ڪري اُن جو ڌيان اُتان هـٽائين پيا، انهن پنج ڀالا ڍڳي جي پُٺيءَ م چڀي اُن کي رتورت ڪري ڇڏيو. ماڻهن جون زوردار تاڙيون هيون، مروئان موت ملونڪا شڪارُ، نيٺ چُهنبدار تلوار سان اُن کي گھايل ڪري ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ بُل فائيٽر فخر وچان ڳاٽ اونچو ڪري ڪاميابيءَ جو سهرو سِر تي ٻڌي تاڙين جي گڙگڙاهٽ ۾ مُسڪرائيندو رِنگ کان ٻاهر وڃي رهيو هو. منهنجا هٿ حاضرين جيان نه ئي تاڙين لاءِ کڄا ۽ نئي وري لبن تي واھ! واھ!! پر افسوس ضرور ٿيو، اها ڪهڙي بهادري جو جانور کي ڇتو ڪري مارجي. اولھ جا مُلڪ ايشيائي مُلڪن ۾ جانورن تي ظلم ۽ بيدردي تي ته خوب هاءِ! گھوڙا ڪندا آهن پر اسپين جي ان بي رحم تششد ڀري راند کي بند ڪرائڻ جي اڄُ ڏينهن تائين جريت ڪانه ڪري سگھيا آهن. اسپين ۾ هنڌ هنڌ بُل فائيٽنگ جي شو جا وڏا وڏا پوسٽر لڳل هئا. اتي 4 جولاءِ تي ڏاندن سان ويڙھ جنهنکي پلاسادي تورو چوندا آهن هڪُ وڏو شو رکيل هو. انساني حقن ۽ جانورن جي دردشا تي تنظيمون ايشيائي مُلڪن ۽ ننڍي کنڊ ۾ جانورن يا ٻين جي اذيتن جي باري ۾ ته وڏيون دانهون ڪوڪون ڪن ٿيون پر، جھڙي انداز ۾ ٿلهن متارن ڍڳن کي ڏسندي ڏسندي اذيتون ڏيئي رتورت ڪري مارين ٿيا اُنهن تي نه ئي اڄُ ڏينهن تائين روڪ لڳي آهي نه وري ڪا ايتري عالمي سطح تي واءِويلا ٻُـڌڻ ۾ آئي آهي، عربن طرفان ننڍن ٻارن کي اُٺـن واري راند ۾ چيلھ سان ٻڌي اڌ مئو ڪرڻ تي به چپن کي چُـنو لڳائي رکيو آهي. اهڙن هنڌن تي ڪُڇن ته موچڙا کائين. بنگلاديش، پاڪستان ۽ ڀارت جي مُسلم آباديءَ وارن علائقن مان عرب ٻار خريد ڪن ٿا، عورتن جا واپار ڪيا پيا وڃن.
    اسپين ۾ ٽي ريلوي اسٽيشنس آهن. اسپين جي پهرين اونچي عمارت اُتي جي پوسٽ آفيس هئي. پر هاڻي ٻي نئين عمارت ٺهي آهي. منهنجو ڪئي ڀيرا اشوڪ سان گڏ پلازا‐ايسپانيا وڃڻُ ٿيو، جتي پارڪ جي وچـ۾ اسپين جي مشهور معروف جڳه پرسد ناول نگار ميگيل دي لا سروانتيس جي ڪردارن تي آڌارت مورتي آهي. گھوڙي تي سوار آهي دان ڪيخوتا ڀرسان گڏهه تي سندس نوڪر سانچو پانڇا آهي. پلازا واري اونچي عمارت کان ٻي عمارت تائين نوڙيءَ تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ موٽرسائيڪل هلائي ڪرتب ڏيکاري رهيو هو، پر هن ڀيري حادثي جو شڪار بڻجي ابدي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو.
    اسين پلازا اسپانيا واري علائقي مان ٿيندا ٻئي روڊ تي آياسين جتي سنيما گھر تي نظر پئي اُتي هڪ اسپينش فلم هلي رهي هئي. دير رات تائين گھمي گھتي موٽياسين، گھر اچي فلم ڏسي کائي‐پي سُمهياسين.


    قرطبه! عشق سي تيرا وجود

    ( 3 ‐ جولاءِ 1999ع )

    اڄُ صبح جو گرناڊا، قرطبه، ۽ سويجا وڃڻ جو پروگرام هو. اشوڪ چيو جمع تي هلنداسين هڪ رات سويجا ۾ رهنداسين هڪ رات پورچوگال ۾ رهنداسين، آرتوار يا سومر تي واپس مئڊرڊ اينداسين… پر پروگرام ان طرح بڻجي نه سگھيو، جو اشوڪ کي سومر تي هر حالت ۾ بزنيس ڪري واپس مئڊرڊ موٽـڻو هو، جمع تي هو ڪنهن ڪم ڪري آفيس مان نڪري نه سگھيو. ٻئين تاريخ گھر ورڻ تي هن چيو مون سويجا ۾ هوٽل بُڪ ڪرائي آهي، سڀاڻي صبح جو هلنداسين. ٽئين تاريخ صبح جو ساڍي اٺين ڌاري سنڌو دويش کي ساڻ وٺي نڪتاسين. پهرين قرطبه هلون ٿا، اڳين ڀيري گرناڊا ڏسي آئي آهين ،گرناڊا 388 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. انڪري قرطبه جي مسجد جيڪا هن وقت ڪئٿڊرل آهي اُها ڏسڻ وٽان اٿيئي، الحمبرا جو قلعو مون اڳي ئي ڪانتيش سان وڃي ڪري ڏٺو هو، گرناڊا جي قلعي جي باري ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو ته اٺين صديءَ ڌاري اتي سُلطان آيو هو، اهو اسپين جو آخري علائقو آهي جتان اسلام جي پوِئلڳن جا پير اُکوڙيا ويا هئا ۽ عيسائي مذهب اُتي آخر ۾ پهتو. الحمبرا ۾ جيڪو حمام موجود آهي ،اۡن بابت چيو وڃي ٿو ته سُلطان جي بيگم جو هڪ سيناپتيءَ سان پريت جو پيچ پيو، ان قلعي اندر هڪُ شاهي وڻُ آهي جتي عشق محبت جي داستان وڌيڪ پروان چڙهي، هڪ ٻئي سان عهد‐وفا ڪيا ويا. جڏهن سُلطان کي اها ڄاڻ پئي ته هن پنهنجي بي‐وفا زال ۽ اُن جي معشوق کي حرم ۾ قتل ڪيو، جن جي خون جا داغ اڄُ به اُتي موجود آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته داغ وقت جي وڇوٽي جي پٿرن جا آهن… گرناڊا پهاڙي علائقو آهي، جتي ڪيترا اسڪيٽنگ ڪرڻ ويندا آهن، اتي جي برفيلي چوٽين جي اُنهائي يورپ جي ٻين حصن کان وڏيون بيان ڪيون پيون وڃن.
    اسان پروگرام ڦيري ڪري پهرين قرطبه جي مسجد ڏسڻ جو رکيو. اسان نئشنل هاءِوئي (4)فور وارو روڊ ورتو، 120 ڪلوميٽرن جي رفتار سان ڪار شاهرا تان فاصلو طئه ڪندي اوسي پاسي جي منظرن کي پٺتي ڇڏيندي اڳتي وڌڻ لڳي. سفر دوران سنگيت ۽ گفتگوءَ جو سلسلو جاري هو.
    اندوليسيا اسٽيٽ جا اٺ (8) پراونس آهن، سويجا ان جي راڄڌاني آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان اندوليسيا جي ايراضي وڏي ۾ وڏي آهي اسٽيٽ جي ڪيترن پراونس ۾ يادگار تاريخي عمارتون آهن. ارنخواس ۾ سورج مُکي گل جي وڏي پوک ٿئي. ان علائقي ۾ آلئويه آئل جي وڏي پوک ڪيل هئي. ٻنهي پاسي وڏي تعداد ۾ وڻ هئا، دنيا جي وڏي حصي جي اهي پُورت ڪن ٿا، ڄڻُ گھاٽو جھنگ لڳو پيو هو، مون چيو ها ڄڻُ ٻيلو لڳو پيو آهي. اشوڪ چيو ٻيلو لفظ وڌيڪ ٺيڪ آهي منهنجي مُراد به اها ئي هئي. اسپين جو مشهور شراب بالدي پينيا وائين به ان علائقي جي دين آهي. اسپين ۾ ان طرف ويندي روڊن تي عربي ٻوليءَ ۾ لکيل بورڊ به نظر ايندا، اتي عُبيدا نالي ڳوٺ به وچـ۾ پوي ٿو. ڏکڻ اسپين ۾ جھجھي تعداد ۾ تاريخي عمارتون آهن، ان پاسي الجيريا ۽ ٻين مُسلم مُلڪن جا ڪافي مومن ايندا آهن جنهنڪري اُتي عربيءَ ۾ بورڊن جا نالا اُنهن جي سهوليت لاءِ لکيا ويا آهن، اڙدو ۽ سنڌي اکرن ڄاڻڻ ڪري اهي بورڊ اسين به سولائيءَ سان پڙهي رهيا هئاسين.
    الجزيراه علائقي وٽ هڪ ٻه واٽو اچي ٿو هڪ طرف قرطبه ته ٻئي روڊ طرف گرناڊا وارو روڊ وڃي ٿو، جتي تاريخي الحمبرا جو قلعو آهي. ان قلعي اندر جيڪو نقاشيءَ جو ڪمُ ڪيل هو اُهو اسلامي اڏاوتي نموني وارو هو، نيرو ۽ اڇو رنگ استعمال ڪيل هو، مٿي قلعي جي چوطرف ڀتين تي قلمعو لکيل هو، عربي آئيوٽا ۾ سُهڻي (ڪئليگرافي) خُوشِ نويسي ڪيل هئي. اتي وڏي تعداد ۾ ٻليون گھمندي ۽ راند روند ڪندي نظر آيون، ڪٿي اڳين زماني ۾ اهي حرم جون باندي ڪنيزون ته نه هيون…! فضا ۾ ٽهڪن جي گونج! منهنجي اسپين ۾ موجودگيءَ دوران مئنچسٽر ۾ ون‐ڊي وومين ڪرڪيٽ مئچ هلي رهي هئي، رانديگرياڻين جو جڏهن ڪلئٽن سان تعارف ڪرايو ويو ته هن جي عاشق مزاجيءَ جا قصا به اتي نڪتا، 2001ع ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪرڪيٽ مئچ ڪئنڊا ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
    اسان قرطبه وارو روڊ ورتو، ساڍي ٻارهين ڌاري اسين پهچي وياسين. ننڍڙين ننڍڙين سوڙهين گھٽين مان ڪار کڻندي اچي مسجد وٽ پهتاسين. قرطبه جي هيءَ ڪئٿڊرل‐ مسجد جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها اولھ جي اسلام جي عظيم ترين يادگار آهي. هن وقت مقدس سان گڏوگڏ اهم ترين تاريخگاھ ۽ قيمتي آرچالاجيڪل مونومينٽ ليکي وڃي ٿي، جيڪا اٺين صديءَ کان به اڳ جي فني آرچيٽيڪ جي مهارت جي نشاندهي ڪري ٿي. هيءَ مسجد عبدالرحمان پهرين جوڙائي هئي. اُنکانپوءِ عبدالرحمان ٻئين، الحاڪم ٻئين ۽ المنظور اُن کي موجوده روپ عطا ڪيو هو، جيڪو هن وقت تائين برقرار آهي. اندر داخل ٿيڻ وقت عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿي… اندر ٺهلن جي سهاري اڌ گول جي ٻن رنگن واريءَ ڪمان جون قطارون آهن، اڌ گول وارين ڪمان جون قطارون ائين نظر اينديون جو آخري ڪڙيءَ تائين هر هڪ دروازو صاف نظر ايندو هر هڪ ڪمان صاف نظر اچي ٿي، جنهن ڪنڊ کان وڃي ڏسون ڪمان جي هڪجھڙائي سڀ جو سڀ نظر پيون اچن ڪا به ٻيءَ پُٺيان ڍڪجندي نظر نه پئي اچي. اُن دور جو هيءُ نادر نمونو دل کي ڇُهي رهيو هو، اشوڪ چيو ڪمال جي ڪاريگري آ! مان اڳي ڀيري اُميش(وڏو ڀاءُ) کي وٺي آيو هيس پر اها بند ٿي چُڪي هئي، اندر مان به پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان.
    ڪوردوبا جي ان مسجد کي (16) سورهين صديءَ ۾ جو روپ ڏنو ويو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته عبدالرحمان ٻئين ۽ المنظور جي نگرانيءَ ۾ ان کي موجوده روپ ڏنو ويو، مسجد اندر سورهين ۽ سترهين صديءَ جا پٿر موجود هئا جن تي عربي ٻوليءَ ۾ اُنهن جا نالا اُڪريل هئا، تاريخي گواهين ۽ ورقن کي نظرن جي ڇُـهاءُ سان محسوس ڪندي اُن دور جي اتهاس کي ماڻيندي منهنجا قدم اڳتي وڌنڌي پئي ويا……! قرطبه جي هن يگاني ڪئٿڊرل اندر آبدي ننڊ ۾ آرامي ڪئٿولڪ ڌارمڪ شخصيتن جي مٿان فرشتن جي دعائن جا سنگمرمر جا تراشيل منظر ڏسندي…!! من اندر ڪئي ويچار پيدا ٿي رهيا هئا…!!! سوچن جي امرت منٿن مان واھ! ۽ هاءِ!! جو آلاپ……!!!! مسجد جي ڪاريگرن جو اُن دور ۾ باڪمال اڏاوتي فن جي ڪاريگريءَ جو سُھڻو نمونو ڏسڻ جو، هيءُ موقعو مُربي ڀائرن جي ٿورن سان ئي نصيب ٿيو نه ته ايڏن ڪوھ ڪافن تي وڃڻ نه صرف مُشڪل پر محال ئي ٿئي ها. جنهن لاءِ مشهور معروف شاعر اقبال اسپين جي سرزمين تي طويل نظم مسجد قرطبه لکي آهي. قرطبه تنهنجو عشق سان وجود آهي، عشق هڪُ لڳاتار سلسلو آهي، جنهن ۾ ڪو اچ وڃ جو محتاج نه آهي، رنگ، پهاڙ، پٿر هجي / چنگه هجي جيڪو آواز ڪڍندو هجي يا ڪي لفظ يا ڪو ٻيو آواز هجي. جيڪو فن اُهو خوني جگر بڻائي ٿو. ڪاريگريءَ جي تعريف ڪندي شاعر اقبال مسجد قرطبه ۾ فرمائي ٿو :‐

    ايـه حرم قرطبه! عشق سي تيرا وجود
    عشق سراپا دوام جس مين نهين رفت و بو
    رنگ هو يا خشت و سنگه چنگه هو يا صرف و صوت
    معجزه فن کي هئه خونِ جگر سي نمود!

    ڪئٿڊرل جي اڏاوت جو ڪمُ 1532ع ۾ بشپ ڊان‐ اِئلفنسو‐ مارڪينعو جي حڪم تي ڪيو ويو، ان تاريخي ڪئٿڊرل کي ڏسندي روحانيت جو احساسُ ٿي رهيو هو، چند لمحن لاءِ چرچ ٻاهران پپل جو وڻ هيٺان وهڻ سان ٻاهريون وجود ڄڻُ شنيه (0)…!… ٻُـڙيءَ ۾ منتقل ٿي ويو…!!
    پاڻ هي پسي پاڻ کي پاڻ هي محبوب
    پاڻ هي خلقي خوب پاڻ هي طالب تن جو (شاه)

    اُن وقت ان ڪئٿڊرل جي اڏاوت ڪرائڻ تي بشپ‐ ڊان‐ اِئلفنسو کي ڪافي مخالفت سهڻي پئي. اتي پندرهين ۽ سورهين صديءَ جون قيمتي شيون به موجود آهن، اتالوي ڪاريگرن جي هٿ جون ٺهيل شيون، جرمنيءَ جي سوناري طرفان تيار ڪيل قيمتي ٻُـڙن جو تاج موجود هو جيڪو 1518ع ۾ جڏهن جلوس نڪتو هو تنهن ۾ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو هو، اتي تمام شاندار پيئنٽنگ به موجود هيون. 15 ‐ 16 صديءَ ۾ ته ان جي ڪافي مخالفت رهي پر هن وقت اهڙي ڪا ڳالھ نه آهي. قرطبه تي ننڍي‐کنڊ جيان جھونيون عداوتون ڏسڻ وٽان نه مليون … مئا پر پٽجن هاڻ … اسين ڳالھ ڪريون صوفي ‐ لاڪوفين جي پر هٿن ۾ … من ۾ … اُتي اسلام جي اثر کي ڪئٿولڪ اُوسرڻُ نه ڏنو آهي. اسپين ۾ صرف ۽ صرف ڪئٿولڪ ويچارڌارا آهي. اسلام اُسريو پر اُن جي اثر کي گھٽايو ويو.
    ڏاڏي سائين جو پهاڪو پيو ياد اچي. ڪڍ ڪُڪُڙ دائري کان آنا ٿي لاهي! قرطبه مان ڪجھ سوکڙيون خريد ڪيون. عربيءَ ۾ لکيل مُواد واريون ٽي‐شرٽس اۡتي گھڻيون هيون، اُتي هڪُ ٽاور آهي جنهنکي اندران ڏسڻ جي صلاح ڏني وئي، اُتي پھچڻ تي معلوم ٿيو ته شام جو چئين بجي کلندو. ڪئٿڊرل سامهون مسجد نالي واري هوٽل هئي اُتي ڪولڊ ــ ڊرنڪ ۽ ٻارن آئسڪريم وغيره ورتي، اُتان ٿوري پنڌ تي رومن برج پار ڪري اسپيئنش سئِنگاگه ڏسڻ وياسين جيڪا چوڏهين صديءَ ۾ اُن دور جي مقبول طرز تي ٺاهي وئي هئي. ان جي هيٺين ڀتين جا چاپوڙا لھي چڪا هئا باقي مٿين حصي تي جھوني ڪاريگري اڃان موجود هئي. اندر هڪُ هال هو ٻنهي پاسي بئنچون پيل هيون وچـ۾ ميڻ بتين جو اسٽئنڊ هو. بئنچن تي ويهي هرڪو ڌڻيءَ جي عبادت ڪندو هو. سامهون يهودين جو پريسٽ ويهي پرچار ڪندو هو. ٻاهر هڪ پٿر جي وڏي مورتي هئي جيڪا قرطبه جي هڪ وڏي فلاسفر ۽ ميڊيڪو جي هئي جنهن جو جنم 1135ع ۾ ٿيو هو. واپس ورڻ تي اڳتي ڪجھ فاصلي تي قلعو هو، ان روڊ تي ڪجھ ڪوچوان گھوڙي گاڏيون کڻي ان سڄي علائقي جو سيلانين کي سير پيا ڪرائين. اڳڀرو هڪُ باغ هو.
    اشوڪ چيو ان وچ ۾ لنچ ڪري ٿا وٺون، وڻ جي ڇانو هيٺان ڪجھ ڪارون پارڪ هيون اسان به اُتي ڪار پارڪ ڪئي. منهنجي ڪري پونم روٽي ٺاهي ڏيندي هئي، اشوڪ چرچو ڪري چوندو هو پونم تون وينا کي کارائي کارائي هتان ٿلهو ڪري انڊيا موڪلينس. پوڙيون به هونديون هيون پڪوڙا به ته چيز، پيز پُـلاءُ سلاد مطلب ته واھ جا طعام ٺاهي ڏيندي هئي، ٻار کائڻ کان ڪترائين، اشوڪ ۽ مان … پونم کي چوان پونم! ايترو ڇو ٿي ٺاهي ڏين ٻار ته کائن نه ٿا… پر پونم ويجيٽيرين جي لحاظ کان مطلب ته هر طعام ٺاهي فرسٽ ڪلاس پئڪنگ ڪري ڏيندي هئي. جيئن ڀڳوان کي نانا پرڪار جا پڪوان ارپڻ ڪيا ويندا آهن تئين ملندا هئا. هوٽلن ۾ ته سڄي جا سڄا جانور ٽنگيل نظر ايندا هئا کائڻ تي من ئي نه ڪندو هو. هاءِوي تي مان صرف چانھ يا ڪولڊ ڊرنڪ کانسواءِ ڪجھ نه وٺندي هيس، ان لحاظ کان شُڪر ڪريان جو اُتي گھر هو نه ته يورپ ۾ ويجيٽيرين لاءِ اصُل مُصيبت آهي. مان ته وري انڊو به نه کانءَ، 1990ع ۾ جڏهن آمريڪا وئي هيس ته مونکي ايڏي ڪمزوري اچي وئي جو سانا جي ميمبر ادي بشير ڀانڊ ڊائٽ جون گوريون وٺي ڏنيون، جن جو سهارو وٺـڻو پـيو.
    اسان قرطبه جي يونٽي ‐ ٽاور کي ڏسڻ لاءِ اندر داخل ٿياسين. اندر مختلف زبانن ۾ ان متعلق رڪارڊنگ ذريعي ڄاڻ ڏني پئي وئي. اشوڪ ۽ ٻارن اسپئنش ۾ ۽ مان انگريزيءَ جي رڪارڊنگ ٻڌي رهي هيس، جيئن ئي اندر داخل ٿياسين ته اندر ميڊيڪل جا اوزار موجود هئا جنهن جو ايجاد اُتي جي ماهرن ڪيو هو وڏي ڳالھ اها هئي جو اُهي ايڏي عرصي بعد اڄُ به آپريشن ۽ علاج وغيره لاءِ استعمال ٿي پئي سگھيا، اڳتي زرعي ٽيڪنالاجي ۽ پاڻيءَ جي سرشتي جي نظام جا ماڊل موجود هئا. ڪنن تي لڳل هيڊ ‐ فون، ڪئمينٽريءَ ذريعي ملندڙ ڄاڻ ال‐ اندلوس جي رهڻي ڪرڻي تهذيب ‐ تمدن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تمام ئي سُھڻي ۽ دلچسپ ڄاڻ ملي. اتي اسلامي خليفي جي دعوت جو منظر جنهن ۾ ڪئٿولڪ پير جي آمد جو منظر هو. ان کان علاوه، المبرا جي قلعي جو ماڊل ۽ اُن متعلق ڄاڻ، الڳ الڳ منزلن تي موجود هئا. هيٺ واپس لهڻ تي ساڄي پاسي تي ٽي آدم قد کان به ڊگھا وڏا انسانن جا ماڊل موجود هئا، اهي يهودي، عيسائي، مُسلمان شخصيتن جا هئا جن جا پنهنجي پنهنجي مذهب جي ايڪي، ڀائيچاري ۽ ميل ملاپ جي قولن ذريعي سکيا جا پيغام بيان ڪري رهيا هئا،هي شئوُ لائيٽ ۽ سائونڊ تي آڌارت هو، پهرين لائيٽ يهودين جي شخصيت واري ماڊل تي وڌي وئي، ان کانپوءِ ايل فئنسو تي، تنهن کانپوءِ ال ‐ عربي جي ماڊل تي، ان طرح هر هڪ مذهب واري ماڊل تي روشني پوڻ سان گڏوگڏ اُنهن جي مذهبن جي مُقدس پيغامن جا قول بيان ڪيا پئي ويا. انسانن ۾ ڀائيچاري، پريم ۽ برابري قائم ڪرڻ وارا ويچار جن جا نالا هن طرح لکيل هئا :‐

    (1). Averroes (2). Alfanso X (3). Maimonides (4). Al-Arbi

    قرطبه جي ان يونٽي ‐ ٽاور ڏسڻ کانپوءِ ٻاهر وزٽر‐ بوڪ رکيل هو، اُن تي جڏهن تاثرات لکڻ چاهيم ته سچو سائينءَ جو هيءَ شعر لبن تي آيو :‐

    آئون جو هي آهيان سو هي آهيان
    هندو مومن نه آهيان ڙي يار

    اسان جي صوفي سنتن، درويشن، فقيرن به پريم، ڀائيچاري جا پيغام ڏنا آهن.

    مذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو مُنجھايا


    سويجا تنهنجو شانُ نرالو

    شام جو ستين بجي سويجا پهتاسين، هوٽل اڳ ۾ ئي بُڪ ٿيل هئي. ٿورو آرام ڪري چانھ پاڻي پي ٻاهر گھمڻ لاءِ نڪتاسين، پهرين ڪِيوي نديءَ مٿان اڏيل پُل پار ڪري، اُن برج مٿان لگھندي ٻئي طرف وياسين. ندي ڪناري چهل پهل هئي. هڪ طرف ته هوٽلون هيون جتي ماڻهو کائي پي رهيا هئا، ٻئي طرف سامهون عمارتون ۽ دڪان وغيره هئا. ٻارن جي پسند تي اُنهن کي آئسڪريم پيزا وغيره کارائي هوٽل جي ڪمري ۾ ڇڏي، اشوڪ چيو هل ته توکي هتي جي مڪاني ڊانس ٿو ڏيکاريان. سويجا ۾ ائين پيو لڳي ته ماڻهو ڏينهن جو سُمهندا هوندا ۽ رات جو جاڳندا هوندا.
    هن هوٽل ۾ روز رات جو وڏي تعداد ۾ ٽوئرسٽ اچي لوڪ سنگيت جو مزو ماڻيندا آهن، هٿن ۾ سڀني کي ڊرنڪ نظر ايندا، رقص ڪندڙن سان گڏ ٻاهريان ماڻهو به شامل ٿي وڃن. ان جي مالڪياڻي هڪ عورت آهي جا پاڻ به ڳائيندي ۽ نچندي آهي. سڀني کي سندس جو انتظار هوندو آهي. پهرين نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون آيا، تن رنگ ڄمايو، اشوڪ منهنجي لاءِ ڪولڊ ڊرنڪ وٺي آيو، شايد ان هوٽل ۾ مان ئي هڪ اهڙي هيس جيڪا ڪولڊ ڊرنڪ پي رهي هيس باقي سڀني جي هٿن ۾ … اُنکانپوءِ آئي اُها مالڪياڻي اُن سان گڏ هڪُ وڏي عمر جو ماڻهو تنهن تمام ئي کلي گلي سان لوڪ گيت ڳاتو، واھ جو رنگ ڄمايو. ڳائيندڙن جي تاڙين سان ور ور ڪري آجيان ڪئي پئي وئي. ردم به هو ته آواز ۽ نرتيه جو تال ميل به هو. اُتي جيڪي ٽوئرسٽ موجود هئا سي به لوڪ گيتن جي تال تي موج مستيءَ جي عالم ۾ دنيا جي رنج و غم کان پري سويجا جي ان شام ۾ رڱجي ويا، اُنهن هڪُ گيت ڳاتو، سويجا تئنئين اُنـوُ ڪُولُـور اِسپيشال…… جنهنجي معنيٰ سويجا تنهنجو رنگ نرالو…… جيئن اسين گيتن ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو نالو ٻُـڌي ٺرندا آهيون تئين سويجا واسين جي چهري تي به ان گيت رونق آڻي ڇڏي. پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ڪيڏي نه وڏي طاقت آهي.

    ماروئـڙن جو ساھ به تون آن / چاھُ به تون آن،
    خوشيون توسان / ڏک سک توسان،
    گيتن جي گونجار به توسان ( قمر شهباز )

    اتان جڏهن اسين واپس هوٽل ورياسين ته سنڌو ‐ دويش چيو توهين انڪل اسان تي ناراض ته نه ٿيندا…؟ اشوڪ چيو نه! ٻنهي ڄـڻن چيو اسان مئڊرڊ فون بُڪ ڪري ممي پاپا سان ڳالهايوسين، اسان وٽ ان لاءِ ڪو جواب نه هو، بس اسان جو هوٽل کان نڪرڻ ۽ هنن جي پُٺيان ڪا نه ڪا شرارت… مئڊرڊ کان نڪرڻ مهل ئي سنڌو چيو انڪل فون ڪريون، ممي پاپا کي اسان جو فڪر هوندو. مون چيو نه اُهي فڪر نه ڪندا جو اُنهن کي ڄاڻ آهي ته توهين اسان ساڻ آهيو، اشوڪ کان موبائيل فون وٺي مان پنهنجي پرس ۾ وڌو هو. پر ٻنهي ڄـڻن ٻي تڪنيڪ استعمال ڪئي… اها عمر به اهڙي هوندي آهي جو ٻار جنهن ڳالھ تي چڙهن اُها پوري ڪري ڏيکارين.
    سويجا جون ڇوڪريون عالمي سُنهه واري چٽاڀيٽيءَ ۾ زور شور سان حصو وٺن، اتي جي ڇوڪرين جا وار ڪارا، روئنش ٺاهوڪا ۽ فِـگر سُـٺي، اُتي جون ڪيتريون ڇوڪريون اِنڊين ڇوڪرين جيان پيون لڳن.


    ٽـاور آف گـولـڊ

    ( آرتوار 4 جولائي 1999 )

    هوٽل مان سامان ڪار ۾ رکي نيرن ڪري سڀ کان پهرين اُتي جي مشهور چرچ ڏسڻ جو پروگرام رکيو، آرتوار ڪري چرچ ٻئين بجي کولڻي هئي جو ٻارهين بجي چئپل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ، اتي جا مڪاني ماڻهو پراٿنا لاءِ وڃي رهيا هئا، اُن جي ڀرسان ئي پئلس هئي پهرين اُن کي ڏسڻ جو پروگرام رکيوسين. اندر داخل ٿيڻ تي هڪ شوڪيس ۾ طرح طرح جا وڃڻا نظر آيا، جيڪي شاهي خاندان وارا استعمال ڪندا هئا، اهي فرانس، چائينا، جاپان، اسپين، تولودو مطلب ته مختلف علائقن جا الڳ الڳ ڊزائين وارا جھجھي تعداد ۾ موجود هئا. اهو شاهي محل ڪنگه ڊان پئڊرو وڏي شونق سان ٺاراهيو هو. جنهن ۾ مُسلم ۽ عيسائي فن جو سنگم هو، ان لاءِ تولودو، گرناڊا ۽ سويجا جي ڪاريگرن کي اڏاوتي ڪم ۾ جوڙيو ويو هو. اتي هڪُ هال هو سامهون هڪ ميز ۽ ڪجھ ڪرسيون رکيل هئيون، پُٺيان مختلف جھنڊا هئا، دراصل هيءُ هالُ فوجي حڪمت عملي تيار ڪرڻ وارو اِهم هال هو، جتي نه صرف فوجي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي هئي پر الڳ الڳ ايراضين جي کوج لاءِ به اتي اهم ميٽينگس ڪيون وينديون هيون. القصار جي ڀرسان چرچ جي ٻئي پاسي هائوس ‐ آف ‐ آمريڪن جي آرڪائيز آهي. جتي آمريڪا جي کوج وارا دستاويز ان آرڪائيز ۾ محفوظ آهن. هن شاهي محل ۾ ٻئي پاسي هڪ وڏي هال ۾ ڀتين تي ڪپڙي تي وڏيون شاهي پينٽنگس ڏسڻ ۾ اينديون، جن ۾ شاهي خاندان جي شادي مُراديءَ جو ڏيکه، اُن دور جي جنگين جا چتر چٽيل ۽ ٻيا منظر نظر ايندا جنهن مان اُن دور جي واقعن جي ڄاڻ پوي ٿي. 1740ع ۾ ڪنگه فلپ پنجون هو هن محل کي 1755ع ۾ لسبن ۾ ڌرتي ڌوٻڻ ڪري جيڪو نقصان ٿيو هو، اُن جي وري مرمت ڪئي وئي هئي، ۽ وچ واري دور جي تعمير ڪنگه ائل ‐ فئنسو ڏهين ڪرائي. ائين هر دور دوران جنهن ان جي اڏاوتي سلسلي ۾ جيڪي اڏاوتون ڪرايون هئيون تن جا تفصيل هئا.
    ٻاهر هڪُ وڏو باغ هو، هيٺ هڪ طرف شاهي خاندان جي بيگمات جي وهنجڻ لاءِ حمام هو، کاٻي ساڄي پاسي ننڍڙا ڪمرا هئا، حمام ۾ اُن وقت ڪجھ پاڻي موجود هو، ان جي اڏاوت انگريزيءَ جي اُبتي يوُ وانگر ڪمانن ذريعي ڪيل هئي. حمام جي آخر ۾ ڀت تي وڏا جارا هئا، جن جي پُٺيان پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ باھ وغيره جو بندوبست ٿي پئي سگھيو، اُن دور جون شاهي بيگمات اسٽيم باٿ وٺي نه صرف پنهنجي جسم جي ٿڪاوٽ لاهينديون هونديون پر پهنجي سُندرتا ۾ اضافو به ڪنديون هونديون.
    جئين ته چرچ ٽوئرسٽ لاءِ ٻئين بجي کُلڻي هئي اسان وٽ ڪافي ٽائيم هو. اسان اُن دوران بوٽنگ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، لانچ جي سير لاءِ ٽڪيٽون وٺي ٽاور‐آف‐گولڊ وٽان اهو سفر شروع ڪيو. ٽاور‐آف‐گولڊ ان جو نالو انڪري پيو جو ٻاهران جيڪو سون ۽ ٻيو جيڪو سامان ايندو هو اُن کي اِتي لاٿو ويندو هو. اهو تيرهين صديءَ (13) جو ٽاور آهي. ان نديءَ جي ٻنهي طرف جيڪي عمارتون هيون، اُنهن جي ڄاڻ سيلانين جي سهوليت لاءِ مختلف زبانن ۾ ڏيئي رهيا هئا. ان نديءَ جي مٿان ڪافي پُلين جي اڏاوت ڪئي وئي هئي، ڪي تمام جھونيون هئيون ته ڪي ويجھڙائيءَ ۾ تعمير ڪيون ويون هيون. اسان سڀ کان پهرين واريون ڪُرسيون والاريون. صبح جو ايتري ڀيڙ ڪانه هئي باقي رات جو لانچ اصل کچاکچ ڀريل هئا.
    نديءَ جي صاف شفاف پاڻيءَ کي ڇُهندڙ تازي هوا جا جھوٽا تراوت ۽ تازگيءَ سان گڏ خوشگوار من جي اُمنگن ۾ وڌيڪ ئي موج مستي پيدا ڪري رهيا هئا. جڏهن اسان جو لانچ پُل جي هيٺان لنگھي رهيو هو ته هوا جي رفتار تيز ۽ وڌيڪ ئي ٿـڌي ٿي پئي وئي. هڪ طرف من جون موجون هيون ته ٻئي طرف لهرن کي چيريندڙ لانچ جي رفتار……! کاٻي ۽ ساڄي پاسي ماضي ۽ حال جي اڏاوتن جي گوهي ڏيندڙ عمارتون…… 1931ع جي تعمير ڪيل هڪ برج کي 1964ع ۾ عام جي آمدرفت لاءِ کوليو ويو هو. اُنکانپوءِ هڪُ سورهين صديءَ جو اسڪول هو، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ قائم ڪيل اسيمبلين جون عمارتون، اهي کاٻي ۽ ساڄي پاسي نظر اينديون، سُهڻو نظارو ۽ منظر پيش ڪري رهيون هئيون. لانچ پاڻيءَ کي چيريندو ٻه سئو ميٽرن واري ڊگھي برج کي طئه ڪندي اڳتي وڌي رهيو هو. اها برج 1852ع ۾ تعمير ٿي هئي، ان جو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ٿيل آهي، جيڪا هن وقت آمدورفت لاءِ بند آهي. اتان عام ماڻهو پيرين پنڌ ته وڃي سگھي ٿو پر موٽر گاڏين جي اچ وڃ جي اجازت نه آهي، ڪالھ اسان اتان پيرين پنڌ سير ڪندي نديءَ جي ٻئي ڪپ طرف ويا هئاسين. اتي ڪيترا تمام ئي تيزرفتار سان موٽربوٽ ۽ ننڍڙين ٻيڙين ۾ ائڊوينچر ڪندي نظر آيا.
    اتي هڪُ وڏو اوُپن‐ايئر‐آڊيٽوريم آهي، جتي ڇھ هزار حاضرين هڪ ئي وقت پروگرام جو لطف ماڻي سگھن ٿا. جيڪو ان طرح جو يورپ ۾ وڏي ۾ وڏو آڊيٽوريم آهي. جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيا هئاسين تئين تئين دلچسپ معلومات پلئه پئي رهي هئي. پندرهين صديءَ ۾ جنهن جھاز دنيا جو چڪر لڳايو هو اُن جو (ريپلڪا ماڊل) نقُل رکيو ويو هو. سويجا ۾ ايڪسپو‐ ايگزيبيشن لڳي هئي جتي سڄي دنيا جا بزنسمين ۽ ٻين ڪمپنين حصو ورتو هو اُن نُمائش دوران ڪيتريون نئيون عمارتون ۽ پُليون تعمير ڪيون وئيون، تن مان هڪ هئي ايڪسپو‐ برج. هتي ڀارت ۾ به جڏهن ايشيائي رانديون منعقد ٿيون هئيون اُن دوران دهليءَ ۾ ائشين ‐ وئليج ۽ ڪيترا نوان روڊ ۽ ٻيو اڏاوتي ڪمُ ڪيو ويو هو. پهرين مواصلاتي نظام جو نقُل، وڏي ڳالھ ته اُتي جيڪو اميوزمينٽ پارڪ آهي ان اندر جيڪي جادوئي نظارا آهن سي نه صرف ٻارن پر وڏن کي به اچرج ۾ وجھي ٿا ڇڏين. 1990ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو مان آمريڪا ويس ته ڊزني ورلڊ ڏسڻ ويس، اُتي وِچ ‐ هائوس ڏٺم، جتان لنگھڻ وقت ماڻهو خوفزده ٿي وڃي ٿو. اُن وقت ايم.جي.ايم اسٽوڊيو به ڏٺم جتي ٻارن جي ڪارٽون فلم تيار ڪرڻ جي مرحلي کان علاوه فلم ۾ جيڪي ائڊوينچر نظر ايندا آهن تن جي شوٽنگ ڪيئن ٿيندي آهي، اُن جو به تجربو رهيو. اُن وقت سئو ڊالر کن ٽڪيٽ لڳي هئي. ريل ۾ سفر ڪرڻ وقت اوچتو ٽرين ۾ باھ لڳڻ وارا ائڪشن، باھ جون ڄڀيون ائين پيون اڳيان اچن ڄڻُ جسم کي شعولن جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏينديون، ساڳيءَ طرح هڪُ جھاز اندر بمبازيءَ وارو ائڪشن اوچتي ٿيڻ ڪري ڇرڪ ڪڍي ڇڏيو.
    سويجا ۾ جيڪي نئيون برجون تعمير ڪيون ويون هئيون تن ۾ هڪ تيرڪمان جيان يا ائين چئجي سنگيت جو وڄائڻ وارو واد (ائنسٽرومينٽ) وانگر هئي جيڪا هڪ سئو چاليھ ميٽر (140) اونچي ۽ ڇھ سئو پنجاھ (650) ميٽر ڊگهي سئو ميٽرن جي نيويگيشن ۽ اٺ (8) ميٽر اُونهائي واري هئي.
    نديءَ جي سيروسفر کانپوءِ چرچ گھمڻ جو پروگرام رکيو. چرچ جي هڪ خاص ڳالھ اها هئي ته مٿي ٽاور تي چڙهڻ لاءِ قطب مينار جيان ڏاڪا هئا، ان اونچائي واري ٽار تان سڄي اندوليسا شهر کي ڏسي ٿئي سگھياسين. ان ٽاور جي اڏاوت خليفي ابو يعقوب يُوسف پنهنجي اسيسٽنٽ ابن بطوطه کي ڪرائڻ لاءِ چئي هئي، هن اُن جي چوڻ تي اهو ڪمُ شروع ڪيو. مشهور سيلاني ابن بطوطه موراڪو جي شهر تنجـﮧ جو رهندڙ هو جيڪو هندوستان پاڪستان سنڌ تائين عربن جي دور دوران آيو هو، اسپين جي مشهور شهر الخيٿيرا تنجـﮧ وچـ۾ جھاز ذريعي سفر ڪرڻ لاءِ صرف ٽي ڪلاڪ لڳن ٿا. جيڪو شهر اصل ۾ عربي اکر الجزيراه آهي. 580 هجري ۾ 13 تاريخ صفر جي مهيني ۾ هن شروع ڪيو هو. يعني 26 مارچ 1184ع ۾ ڪيو ۽ هجري مطابق 593 ربي اُلُ مهيني يعني 19 مارچ 1197ع ۾ مُڪمل ٿيو.
    ابو يُوسف المنصور جي راڄ ۾ وري ان ۾ ڪجھ ڦير گھير آندي 1968ع ۾ مٿيون حصو جوڙيو. جيئن قطب مينار تي الڳ الڳ فلور آهن. هتي چوٽيھ منزلون آهن. مٿي پنجٽيهين تي چوطرف وڏيون وڏيون شيخون آهن جيئن پئرس جي ٽاور تي مٿي شيخون آهن. هتي به پنجٽيهين ماڙي تان سيلاني اندوليسا شهر جي اُتر اولھ، ڏکڻ ۽ اوڀر وارن حصن کي ڏسي سگھن پيا. شهر جو تمام سُهڻو ايئريل وويو ڏسڻ ۾ اچي پيو. هڪ منزل تي 1248ع ۾ ٺهيل چوغو، هڪ منزل تي وڏو دروازو ۽ ان وقت جو پٿر هو ته هڪ ٻي منزل تي وري اسلامي دور جا ڪجھ ڪئنورا (لوٽا)، ڪي لوهي کُـرپا، هٿوڙا، ڪُهاڙي، لوهي اوزار، ان طرح جا سازوسامان الڳ الڳ منزلن تي رکيل هئا. جيڪي اُن دور جي تاريخ بيان ڪري رهيا هئا. اڳاٽي دور جو هڪُ وڏو گھڙيال رکيل هو، جنهنجو ڪانٽو اُن وقت ڏھ لڳي ويھ منٽ ڏيکاري رهيو هو. انهن اسلامي ۽ آڳاٽي دور جي شين جي باري ۾ هڪ هنڌ لکيل هو ته اها عيسائين جي فراخدلي آهي جن انهن کي سليقي سان باحفاظت سنڀالي رکيو آهي. اسپين مان عربن ۽ اسلام جي اثر کي ڪئٿولڪ ائين پٽي ڪڍيو جو انهن جو اتي وري ڦهلاءُ نه ٿئي. وئلينسا جي هڪ علائقي مکيه بازار ۾ عيسائين جي سوڀ جو هڪُ جشن ملاهيو ويندو آهي، جنهن ۾ 1276ع جي يادگار حادثي کي اُن دور جون پوشاڪون پهري اڄُ به ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. ٻن ڌرين ۾ ويڙھ ڏيکاري ويندي آهي ۽ هڪُ اُن طرز جو بناوٽي قلعو اڏيو ويندو آهي. پهرين ان تي موز جو قبضو ڏيکاريو ويندو آهي، اُنکانپوءِ عيسائين جي قلعي تي فتح جو پرچم بلند ڪيو ويندو آهي، ته دشمنن کي ڪيئن اتان ڊيـڙائي ڪڍيو ويو. ست سئو سالن کان اهو جشن اتي هلندو پيو اچي.
    ان ٽاور جي هڪ ڳالھ اها سُٺي هئي جو ڏاڪڙن بدران سِرن ذريعي مٿي چـڙهڻ لاءِ واٽ گھڙي هئي. جنهن ڪري مٿي چـڙهڻ تي هروڀرو ايتري اُڀساهي نه ٿي رهي هئي، پر آخري منزل تي چـڙهڻ تائين ٿورو ساھُ ضرور چڙهي ٿو.
    چرچ جي ٻاهران ڪافي گھوڙي گاڏيون بيٺيون هيون، اسپين جي ڪرنسيءَ موجب پنج هزار پسيتا وٺي رهيا هئا، يعني اسان جا پنج سئو روپيا. انهن گھوڙي گاڏين جا ڪوچوان ٿلها متارا لڳا پيا هئا. اهي ان طرح جون چوچاڪيون گاڏيون هيون جيڪي راجا مهاراجائن يا هتي ڪنهن قومي تاريخي ڏينهن تي صدر جي سواري لاءِ نڪرندي نظر اينديون آهن. انهن چوچاڪي گاڏين جي باري ۾ امڙ وقت به وقت ٻُـڌائيندا هئا. ڪراچيءَ ۾ سندنُ وٽ گھر ۾ چوچاڪي گاڏي هوندي هئي، ان چوچاڪي گھوڙي گاڏي جي سير جو مزو به ننڍي هوندي ماڻيائون، ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ ٽرام جي سُٺي سروس جي باري ۾ ور ور ڪري ذڪر ڪندا هئا. انهن گھوڙي گاڏين کي اتي ڏسي ڪراچي ۽ سنڌ جا نظارا ور ور ڪري اکين آڏو اچي رهيا هئا.

    تنهنجي پيار جون پاڙون بيٺل، منهنجي هانوَ ۾ آهن،
    ڪيڏيون قرب ونڊيندڙ هيرون، تنهنجي ڇانوَ ۾ آهن،
    سر تي سايو تنهنجو گھرجي، ٻي ڪا ناهي لوڙ،
    پيو تون جيئن شال!
    ( بردھ سنڌي )

    اسان چائينيز ريستورينٽ ۾ لنچ ڪري جوس ۽ آئسڪريم کائي تـنُ تازو ڪيو. ساڍي پنجين ڌاري سويجا کي الوداع ڪري قومي شھارا وارو روڊ ورتو، اڳتي هلي ٿورو چانھ ڪافي پيتي، رات جو ساڍي ڏهين ڌاري سنڌو دويش کي ڇڏي ڪالاباسا طرف رخ ڪيو. ٿـڌي هوا لڳي رهي هئي، گھمڻ جي مستيءَ وارو عالم مٿان سنڌ جو هڪُ لطيفو ياد اچي ويو. مون چيو اشوڪ توکي سنڌ جي وڏيري جو هڪُ قصو ٻُـڌايان، تو وڏيرن جي لئه جون ڳالهيون ته ٻُـڌيون آهن. هڪ وڏيري وٽ وڏو پئسو هو، وڏيرو شونقين هڪ مهاجر اچي پاسو ڏنس ته سائين اوهين فلم ڪڍو، وڏيري هامي ڀري، بس پوءِ ته حسينا ۽ دوشيزائن جي لائين لڳي وئي، وڏيرو به هِـرُ ٿي ويو. فلم جي شوٽنگ شروع ٿي گروپ ڊانس جو سين هو، ڊائريڪٽر گول دائري جي ليڪ ڪڍي ڊانسرس (رقاصائن) کي چيو ته اوهين ان جي اندر ئي مومينٽ ڪندا پوءِ ان کان ٻاهر نڪري ويندا، جيئن ئي شوٽنگ شروع ٿي، ته ڊانس ڪندي ڪندي ڪا نه ڪا ڇوڪري ليڪي اندر رهجي وڃي هو ور ور ڪري اهي شاٽ وٺي رهيو هو، کين ليڪي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ رن‐ آئوٽ چئي رهيو هو، هن کي پنهنجي پسند جو شاٽ ئي نه پيو ملي. گھڙي گھڙي ڪٽ ڪٽ ڪري روڪي ڇڏي. وڏيري جي بيزارگي وڌي رهي هئي، هن خارن وچان چيو : وري ڪهڙي رن ليڪي کان ٻاهر وئي… رن‐ آئوٽ ٻاهر نڪرڻ کي وڏيرو رن……!
    بس منهنجو اهو وڏيري جو لطيفو پورو ڪرڻ اشوڪ جا ٽهڪن مٿان ٽهڪ. مون اڄُ ڏينهن تائين اشوڪ کي ان طرح زوردار ٽهڪ ڏيندي نه ڏٺو. مان به کلان گڏ چوان اشوڪ تون ڊرائيوُ ٿو ڪرين پاڻ سنڀال، کلي کلي اصل پيٽ ۾ سور پئي پيو، چيائين واھ! جو وڏيري جو قصو ٻُـڌايه، وري ڪهڙي رن ليڪي کان ٻاهر وئي……!! پوءِ ته ٻنهي ڄـڻن سنڌيءَ جا ٺيٺ لفظ هڪ ٻئي کي ٻُـڌائڻُ شروع ڪيا. هن گھر ۾ ڪتا پاليا ڪارو رنگ واريون اصل ڪاريون ڪِٺِ قد جون بندريون پاتي ۽ اوُليويا. صبح شام ٻاهر سير لاءِ ته نڪرنديون هيون. الائي جي ڪٿان وري اُنهن جي ڳالھ نڪتي، مون چيو اهي پاتي ۽ اوُليويا ٻئي ڏاڍيون ڇُـڙواڳه اٿيئي. هن جي کل بند ئي نه ٿئي. چيائين واھ! جو ڇُـڙواڳه اکر ٻُـڌايو اٿئي، مون کان ته اهو لفظ وسري ويو هو گھر پهچڻ تي هن زال کي چيو اڄ واھ! جو وينا کلايو آهي. هن جا ٽهڪ ،ماريا کي اسپينش ۾ هن ترجمو ڪري ٻُـڌايو. اُن رات سنڌ ۽ سنڌ جي وڏيرن جون ڳالهيون ۽ اسان جا ٽهڪ……


    واسڪو جو وطن ‐ پورچگال ( ننڍو ديش وڏا کوجنيڪ )

    (10 ‐ 11 جولائي 1999ع ڇنڇر‐ آرتوار)

    اسان صبح جو اٺين ڌاري گھران نڪتاسين، قومي شهارا جو روڊ نمبر (5) پنجون وٺي هڪُ سئو ويھ ڪلوميٽرن جي رفتار سان سفر طئه ڪندي واٽ تي ڪيترن منظرن کي پُـٺتي ڇڏيندي منزل طرف وڌڻ لڳاسين. جتان اسين گذري رهيا هئاسين اُهو اسپين جو تيرهون ريجن هو. اسپين ۾ شهارائن تي ڪئي ڪلوميٽرن تان ڪاري رنگه جو وڏو پٿر جو ڍڳو ، مٿي پهاڙين تي ائين بيٺل نظر ايندو جو هيٺان روڊ تان لنگھندڙ گاڏيون ۽ اسين ڄڻُ رانديڪا پيا لڳون. هيءُ علائقو سخت زمين وارو آهي. جنهنجي ڪري ان کي ائڪسٽريم هارڊ ڪري بيان ڪيو وڃي ٿو. اها راڪي يعني پهاڙي ايراضي ڪري بيان ڪئي وڃي ٿي. ان جو اسٽيٽ بارڊر اندولسيا آهي. قومي شهارا تان هڪ واٽ تلاويرا جي علائقي مان به گذري ٿي. ان علائقي جون چينيءَ جون پليٽون مشهور آهن. اتي نيري رنگ سان چٽيل پليٽون ائش ٽري يا ان طرح جو ٻين سوکڙين وارو سامانُ، چينيءَ جا ٿانو وغيره مشهور آهن. مئڊرڊ کان 250 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تاريخي شهرُ ميٿريدا به پوي ٿو. اهو شهر باداخوس کان اڳ پوي ٿو. اسپين جي ڪيترن شهرن ۽ علائقن جي نالن کي پڙهندي سنڌ جي ڄڻُ بروهين جي اکرن جي ياد پئي اچي. لسبن کي هتان جا ماڻهو لسبوئا چون اتي وري واٽ تي اسپين لاءِ اسپانيا جو لفظ ٻُـڌڻ ۾ ايندو.
    باداخوس جي سرحد کانپوءِ پورچوگال جي حد شروع ٿيڻ تي هڪُ اهڙو روڊ آيو، جيڪو قومي شهارا وارو نه پيو لڳي پر ننڍڙو روڊ هو، پريشاني ٿيڻ لڳي ته اسين واٽ ڀُلجي رهيا آهيون. هڪ شخص کان پُڇيوسين ته لسبو وڃڻ وارو ڪهڙو روڊ آهي. اُن شخص وراڻيو اوهين صحيح روڊ تي آهيو. پورچوگال جي حد اندر داخل ٿيڻ تي، ڪارو ڪوٽ ۽ هيئٽ پهريل ماڻهوءَ جو شاهي ڪٽ آئوٽ نظر ايندو.
    (Sandeman-Porto) ان نالي سان پورچوگال جو مشهور (وائين) شراب آهي. نارٿ ۽ سائوٿ پورچوگال ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين هڪ وڏي پُل اچي ٿي. ان برج تان لنگھندي تمام سُٺو منظر نظر ايندو، پل جي ساڄي کاٻي پاسي ڪيترا لانچ نظر ايندا. ڪناري تي جھوني دور وارا جھاز لنگر هڻي بيٺا آهن. جيڪي پورچوگال جي سامونڊي جھاز راڻيءَ جي تاريخي بابن جي ياد ڏياري رهيا آهن. اُن وقت هر اُٿندڙ ڇولي ڄڻُ تاريخ جو هڪُ ورق ورائي رهي هئي. واسڪوڊيگاما جي سامونڊي مُهمن جي سوڀن جا باب ذهن نشين ڪرائي رهي هئي. ان پُل تي 25 اپريل انقلاب واري تاريخ جو نالو ڏنو ويو هو. جنهن پُل تان شهر جو خوبصورت ۽ وڻندڙ نظارو روح ۽ اکين کي راحت بخشي رهيو هو، ان کان پهرين هڪ شاهي سنگمرمر جي مورتي ٻئي ٻانهون ڦهلائي شهر طرف مُنهن ڪري بيٺي هئي، ڄڻُ ان علائقي جي ماڻهن کي ٻنهي ٻانهن سان پنهنجي پناھ جي گھيري ۾ رکيو هو…
    اتان لنگھڻ کانپوءِ اسان سائوٿ طرف رخ ڪيو. واٽ تي هڪ ٻن کان هوٽل جو پتو پُڇيوسين. هوٽل اڳـ۾ ئي مئڊرڊ کان بُڪ ڪرائي هئي، نيٺ هڪ چيو مان اوهان کي ساڻ هلي ٿو پُهچايان. هن کي ڪار ۾ وهاريوسين هن ٺيڪ آڻي هوٽل جي سامهون بهاريو. اشوڪ هن کي ٽپ ڏني. اشوڪ چيو ڏس نه هيءَ هندوستان پاڪستان کان غريب مُلڪ آهي، تڏهن به هتي ترقي نظر ايندي.
    هوٽل ۾ سنانُ پاڻي ۽ آرام ڪري فريش ٿي چانھ پاڻي پي، سي.اين.اين. تي نيوز ٻُڌي سين جو ڪارگل واري جنگ جي نتيجي جو انتظار هو. جنهن ۾ ايران جي شاگردن جي انقلاب ۽ ڀارت ‐ پاڪ جي ڪارگل واري جنگ جي باري ۾، ڀارت طرفان ڪاميابيءَ جو داعو ۽ ميان نوازشريف جي ڪئلٽن سان ڪيل اقرار موجب گوريلن کي واپس گھرائڻ جي اعلان واري خبر هئي، ٻئي طرف گوريلن طرفان پُٺتي هٽڻ کان انڪار ڪرڻُ، اُنکان علاوه آمريڪا ۽ چين جي رانديگراڻين وچ ۾ جوش واري راند جا ڏيک ڏنا ويا. ٻئي ڏهاڙي جڏهن سي.اين.اين. جي نيوز ٻُـڌي سين ته ڄاڻ پئي ته آمريڪي رانديگراڻيون کٽي وئيون. عورتن جي اها چٽاڀيٽي امريڪي صدر بِلِ ڪئلٽن خود ڏٺي. عورتن جي راند هجي ۽ ڪئلٽن وقت نه ڪڍي اها ڳالھ ڀلا ڪيئن ٿيندي…؟ کوڙو ئي نه ٿو لڳي!
    ها سو ڳالھ ٿئي ڪيم ته اسين هوٽل ۾ ڪجھ دير آرام ڪرڻ کانپوءِ ڪار کي هڪ هنڌ پارڪ ڪري پنڌ ۽ سير ڪندي ڪندي، پلازهه وٽ پهتاسين، جتي پيئنٽر پورٽريٽ ڪڍي رهيا هئا ڪيترا ٽوئريسٽ پنهنجا پورٽريٽ تيار ڪرائي رهيا هئا، اُتان ڪجھ ئي فاصلي تي سمُنڊ نظر اچي رهيو هو. اسين سمنڊ جي ڪناري واري ڀت سان گڏ لنگھندي، جتي فئري لاءِ ٽڪيٽون وڪامي رهيون هيون. اتان ڪجھ ئي فاصلي تي ميوزيم هئي، اسان اُتان گھمندي روڊ ڪراس ڪندي گفٽ آئيٽم ڏسندي هڪ اسٽريٽ وٽ آياسين جتي هڪُ سردار بيٺو هو، اُن کان انڊين ريستورينٽ جي باري ۾ پُڇيوسين، جنهن اسان کي هريانا ۽ دهلي هوٽل جو ڏسُ ڏنو. اُتي جيڪي ڇوڪرا بيٺا هئا تن مان هڪ سردار کي چيو ته تنهنجي ڪزن جي هوٽل آهي نه تون هنن کي وٺي وڃ. هن اسان کي هوٽل جي اڳيان هلي ڇڏيو. هيءُ نوجوان ڇوڪرو جرمنيءَ مان هتي پورچوگال چئن سالن کان وٺي رهي رهيو هو جيڪو پنجاب جي هڪ ڳوٺ مان هتي آيو هو. هن اسان کان پُڇيو توهين ڪٿان آيا آهيو، مون چيو دهليءَ مان، هن سوال ڪيو ڪڏهن آيا آهيو، مون وراڻيو مهينو کنُ ٿيو آهي. هڪدم ڪارگل جي جنگ جي باري ۾ پُڇيائين. هن وقت ڪهڙي پوزيشن آهي. مون وراڻيو، هندوستان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان تي نوجوان چيو هندوستان کي گھُرجي ته پاڪستان سان هڪ هڪاڻي ڪري. هاڻي هميشـﮧ جي لاءِ فيصلو ٿيڻ گُهرجي، روز جي پريشاني ٿي پئي آهي سندس ڳالهائڻ مان صاف ظاهر هو ته ڀارت چاهي ڀارت کان ٻاهر رهندڙ ڪيترا انسان هڪ هڪاڻي چاهين ٿا.
    اسان ان هوٽل مان ڊنر کائي ٻاهر اچي ٽيڪسي ورتي، رات جو ساڍي يارهين ڌاري مندر پهتاسين. دير ٿيڻ ڪري مندر بند ٿي چُڪو هو. مندر ۾ هڪُ گجراتي نوجوان مليو تنهن چيو صبح جو آرتيءَ تي ايندا. ڳالهين ڳالهين دوران هن ٻُـڌايو ته هو ويجھڙائيءَ ۾ موزيمبق مان آيو آهي. پورچوگال ان بئٺڪ کي ڇڏيندي اُتي جي گجراتي سماج ۽ ٻين کي پورچوگال اچڻ جي نينڍ ڏني. ڪيترا لڏي اتي ويجھڙائيءَ ۾ اچي آباد ٿيا آهن. هن پنهنجو ڪارڊ اشوڪ کي ڏنو. هو اليڪٽرانڪ ۽ واچن وغيره جو بزنيس ڪري رهيو هو. هن سان گڏ ڪار ۾ سندس ماءُ به هئي جنهن سان اسان جو تعارف ڪرايو. چيائين مان توهان کي هوٽل ۾ ڇڏي ٿو اچان. اسان کي هوٽل تائين پهچائي پوءِ گھر طرف روانو ٿيو.
    صبح جو تيار ٿي مندر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. اشوڪ چيو نيرن ڪري هلون! مون چيو مان نه ڪندس مان مندر ۾ نيراني ويندس. مندر ۾ درشن ڪري نڪتاسين ته رات جيڪو مئنيجر مليو هو تنهن اسان کي مندر جي رنڌڻي (ڪچن) ۽ ٻين حصن کي ڏيکارڻ ۾ رهنمائي ڪئي. تمام وڏو اليڪٽرانڪ جو پريشرڪوڪر هو جيڪو هن ٻُـڌايو لنڊن مان خاص ڀنڊاري لاءِ گھرايو آهي. اندر شاهي ڪچن هو، ٻيا جيڪي بلاڪ ٺهن پيا تن جي باري ۾ به ڄاڻ ڏني. مندر جو پلاٽ تمام ئي وڏو هو جيڪو پورچوگال سرڪار کين ڏنو هو. مئڊرڊ ۾ مون ٽي.وي. تي ان جو اُڌگھاٽن ڪندي اُتي جي صدر کي ڏٺو هو. گجراتي سماج جي طرفان ڀومي پوڄا ڪندي ڏسي اُن ڏينهن دل ۾ تمنا جاڳي ڪاش! مان پورچوگال جو اهو مندر ڏسي سگھان مونکي خبر ڪا نه هئي ته ايشور منهنجي تمنا ايترو جلد پوري ڪندو. اُن ڏينهن هڪُ گھوٽ ڪنوار کي اُتي مندر ۾ پيري پوائڻ وٺي آيا. گجراتي سماج دنيا جي الڳ الڳ حصن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. جتي جتي ويا آهن اُتي پنهنجي ڪلچر کي زندھ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مونکي ته سچ پچ انهن جي ڪيترن ڪمن تي فخر ٿيندو آهي. جنهن جو اکين ڏٺو مثال منهنجي اڳيان ڪراچيءَ جو سوامي نارائڻ مندر آهي. اڄ جيڪي اُتي رهن ٿا تن اُن جي سارسنڀال ۽ مينٽينس ايترو سُٺو نه ڪيو آهي.
    پورچوگال جي ان مندر جي اڏاوت جو ڪمُ اڃان هلي پيو. ان مندر جي ٻاهران، هڪ وڏي ڪاري پٿر جي پارڪ ۾ مورتي آهي جنهن جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏ ڪستوربا گانڌي به ساڻُ آهي. جڏهنڪه اڄُ ڏينهن تائين گانڌيجيءَ کي اڪيلوئي ڏيکاريو ويندو آهي. ان ڳالھ طرف رات جيڪو گجراتي مليو هو تنهن خاص ڪري اسان جو اُن طرف ڌيانُ ڇڪايو. اهو به چيائين ته مورتيءَ جي پٺ روڊ طرف آهي. پهرين اسان کي عجب لڳو ته مين روڊ تي پارڪ ۾ مورتي لڳائي وئي آهي. مهاتما گانڌي ۽ ڪستوربا جي پُٺ آهي، پر پوءِ اُن پُٺيان مقصد جي ڄاڻ پئي ته سُٺو لڳو. ان ۾ ٻنهي کي مندر طرف قدم وڌائيندي درشن ڪرڻ جي ڀاونا سان ڏيکاريو ويو آهي. اُن مهل هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي. اسان اُن منظر کي پنهنجي ڪئمرا ۾ قيد ڪيو.
    مندر مان درشن ڪري خريداريءَ لاءِ شاپنگ سينٽر جو رخ ڪيو جيڪو مندر جي سامهون ئي هو. تمام سُٺي جڳھ تي مندر جو وڏو شاهي پلاٽ پورچوگال سرڪار کين ڏنو آهي، جتان ڪجھ شرٽس وغيره سڀني لاءِ خريد ڪيون سين. پورچوگال جي ڪرنسي اسپين جي سڪي جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. مالي طور پورچوگال سگھارو مُلڪ نه آهي. ننڍو ديش وڏا کوجنيڪ. شاپنگ کانپوءِ هوٽل مان چيڪ آئوٽ ڪري آرتوار 11.7.1999ع تي ايستوريل روانا ٿياسين. اهو علائقو سُٺن رهائشي گاهن ڪري مشهور آهي. اسين صبح جو اُتي هئاسين، پر رات جو اُتي ڪسينو ۾ موج مچندي آهي. اسان جھڙن صوفين لاءِ اها جاءِ ممنون..... پر منهنجي جڳھ تي ڪو ٻيو هجي ها ته اشوڪ کي دعائون ڏئي ها ته قرب ڪر رات اتي ئي رهون. اُتي ڏينهن جو ننڊ ته رات جاڳندي آهي. حسينائون ۽ دوشيزائون ڪسينو ۾ رات جو ئي جلوه افروز ٿينديون آهن. عام انسانن جي زندگيءَ کان الڳ ٿلڳ دنيا. ڪسينو ائسترول کان اڳتي وڌي اسان ڪار هڪ بئنڪ جي اڳيان پارڪ ڪئي.
    روڊ جي ٻنهي طرف کجيءَ جي وڻن جون قطارون، انهن جي وچان وچ سمنڊ طرف ويندڙ واٽ، جا سمنڊ جي ڪناري تي وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. جيئن جيئن اڳتي قدم وڌي رهيا هئا تيئن تيئن سيلانين جي ڀيڙ، ريستورينٽ ۽ گفٽ شاپ جي موجودگي...... اسان روڊ ڪراس ڪري بيچ تي پهتاسين. ساحل جي ڪناري هر طرف سوئمنگ ڪاسٽيوم ۾ ڪي...... اونڌهين مُنهن ته ڪي سڌيون واريءَ تي مرد زالون سۡتا پيا هئا. ٻار بيچ تي راند ڪري رهيا هئا ته ڪي ٽُـٻيون ڏيئي رهيا هئا. انسانن جا ميڙاڪا ئي ميڙاڪا هئا. اسان اگر ننڍي هوندي واريءَ ۾ راند ڪندا هئاسين يا هڪ ٻئي جي وارن ۾ واري وجھندا هئاسين ته موچڙا پوندا هئا. چريا آهيو ڇا واريءَ ۾ گڏهن جيان ليٿـڙيون پائي آيا آهيو. پر هتي ته هڪ ٻه نه پر گھوڙيءَ کي ئي گھمرو هو. واريءَ تي ساحل ڪناري آدم جي ڀيڙ جا منظر اولھ ۾ اسان کي عام جام نظر ايندا. انهن جي هاليڊي ملاهڻ جو هڪُ اهم حصو آهي. هتي اسين سائوٿ ۾ گوئا ۽ ٻين بيچن تي هاليڊي لاءِ وڃون پر سامونڊي ڪنارن ۽ ٿـڌي هير کي ماڻڻ جو انداز اسان جو پنهنجو آهي.
    اشوڪ سوئمنگ ڪاسٽيوم پائي پورچوگال جي ان بيچ تي پنهنجي سوئمنگ جي ڪوٽا پوري ڪئي. مان پري کان بهي نظارو ڏٺو، هن چيو گھٽ ۾ گھٽ پير ته پُسائي. مان مڙيئي سُڳن ڪيو. هيءُ بيچ ايترو صاف نه هو جيترو اسپين جو. ان کان اڳ اسان جون لنڊن ۾ رهندڙ ڪزنس اُما جيٽلي ۽ وينا جيٽلي اشوڪ سان اچي چُڪيون هيون. ائسترول جي واٽ تي ڪاشڪائي نالي علائقو پوي ٿو. ان علائقي ۾ ڪيتريون ئي مشهور معاروف هستيون رهي چُڪيون آهن. اسپين جي ڪنگ جو پيءُ، جنهن کي فرنڪو قبول نه ڪيو هو. جنهن جا فرنڪو سان اختلاف هئا، اُن اُتي اچي پناھ ورتي هئي.
    اسان سامونڊي ڪناري کان ڪار ذريعي ٽاور آف بيلم وٽ پهتاسين. اهو ٽاور سمنڊ ڪناري کان ٿورو اڳڀرو پاڻيءَ ۾ ٺهيل آهي. لوهي پُل جي سهاري اسين اُن ٽاور تائين پهتاسين. جا پُل انگريزيءَ جي لفظ ايل جي اُبتي آقار واري هئي. ان جي ويڪر ٽي فُٽ کن مس هئي لنگھڻ وقت پاڻيءَ جون ڇوليون اُڇلون ڏيئي قدم چُمي رهيون هيون. جڏهن پُل تان لنگھي ٽاور ۾ اندر داخل ٿياسين ته ٽاور اندر چئني طرف ننڍيون دريون هيون، جن جي ڀرسان توبون رکيل هيون. جنهن جو مقصد هو پورچوگال جي سامونڊي حدن اندر دشمنن جي داخل ٿيڻ تي يا حملاآورن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اُنهن مٿان توبن جا وسڪارا. ان ٽاور جي 14 اپريل 1846ع تي مرمت ڪرائي وئي هئي. اسان مٿي ٽئين ماڙي تائين وياسين، مٿي تمام ئي سوڙهو لنگھ هو. هڪ مهل هڪُ ئي ماڻهو لنگھي ٿئي سگھيو. اگر ڪو ٻيو اچي پيو ته پوءِ ڪلهي گس پئي ٿي.
    اتان ٿي ڪجھ ئي فاصلي تي سمنڊ ڪناري تي ڊسڪئوريز جو مونومينٽ هو. ڳولهي لهندڙن جو يادگار. جن پورچوگيز کوجنائون ڪيون تن جي ياد ۾ اڇي رنگ جو اهو يادگار هو. جن تي کوجنيڪن جا چهرا اُڪريل آهن تمام ئي خوبصورت لڳي رهيو هو. ان کان ٿورو پري سامهون 25 اپريل جي انقلابي برج نظر اچي رهي هئي. وڻن جون قطارون… ٻئي ڀر ڳوٺاڻين آبادين جو منظر… سمنڊ تي سير ۽ آمدرفت ڪندڙ ٻيڙين جا نظارا. ٿـڌين هوائن جا جھوٽا ذهن جي درين جي تاڪن کي کوليندي حيراني ۽ راحت جو احساسُ ڏياري رهيا هئا. عجيب ڪيفيت هئي، ڪيترو ننڍڙو مُلڪ جنهن جي رهواسين دنيا جي ڪيترن مُلڪن کي پنهنجي هٿ وس ڪري اُنهن کي پنهنجون ڪالونيون (بئٺڪون) بڻائي پنهنجا جھنڊا ڦهرائي…… قبضي ۾ ڪيل ڪالونين جي قدرتي وسيلن کي مال غنيمت سمجھي پئي لٽيو. انگولا، موزمبق، گوئا، دمن ديو ٻيو ته برازيل جھڙي وڏي سائوٿ آمريڪي مُلڪ کي پنهنجي بئٺڪ، ڪالوني بڻائي ڇڏيو. هانگ ڪانگ ڀرسان مڪائو ۽ هاڻي تمور خبرن جو مرڪز بڻيل آهن. ننڍي کنڊ جا ماڻهو واسڪوڊيگاما جي نالي کان بخوبي واقف آهن. آمريڪا جي کوج ڪندڙ ڪرسٽو‐بال‐ڪولن جي ته دنيا واسين کي ڄاڻ آهي. اسپين ۾ جولائي مهيني ۾ آءِ‐ايس‐جوهر جون فلمون ٽي.وي. تي ڏيکاريون ويون، جنهن ۾ جوهر ۽ محمود ‐ ائنڊ ‐ گوئا به شامل هئي. ان فلم جو هڪُ مقبول گيت آهي نه ڪوئي رها هئه نه ڪوئي رهيگا…… نه سالازار رهئه گا…… بيشڪ گوئا دمن ديو مان پورچوگيز کي هڪالي ڪڍيو ويو پر هتي هڪ ڳالھ ضرور چوندس ته ننڍڙي مُلڪ پورچوگيز جي کوجنائون ڪندڙ ڪٿي ڪٿي وڃي پهتا.
    گوئا جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اُها ڀڳوان پرسرام جي مقدس سرزمين آهي، ان تي 1510ع ۾ پورچوگيز قبضو ڪيو، ۽ چار سئو ايڪونجاھ سال (451) راڄ ڪيو. 1961ع ۾ گوئا، دمن، ديوو کي پورچوگيز جي چمبي مان ڀارتي فوجن آزادي ڏياري. ان کي 1987ع ۾ اسٽيٽ جو درجو عطا ٿيو. اتي سٺ سيڪڙو هندو آهن، پنجٽيھ سيڪڙو کن ڪئٿولڪ ڪرستان ۽ باقي ٻيون جاتيون آهن. نارٿ ۽ سائوٿ گوئا ڳـنـڍيا پيا آهن. اتي مانڊوي ندي ۽ ٻيون نديون به آهن. گوئا تي پورچوگيز جو اثر اڄُ به نظر ايندو ڪيترا گوئا واسي اڄُ به پورچوگيز ٻولي ڳالهائي ڄاڻن. اسپين کان واپس ورڻ تي مان ۽ سوزانا گوئا وياسين، هوٽل اندر داخل ٿيڻ تي پورچوگيز جون نشانيون ۽ اسٽائيل برابر نظر اچي ٿي، مونکي پورچوگال جو سفر ياد اچي ويو. هتي پورچوگال جي سفر جو ذڪر ڪندي مان گوئا کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگھان. مان سوزانا کي گوئا جي ريڊيو اسٽيشن گھمائڻ وٺي ويس، جتي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر اسان کي چانھ پاڻي پياري، پورچوگيز جي باري ۾ ٻُـڌايو ۽ اُتي جي اسٽاف جا ڪيترا ميمبر پورچوگيز ٻولي ڳالهاين پيا، جو اُتان ڪونڪوني ۽ پورچوگيز جي ٻوليءَ ۾ باقاعدي 1961ع تائين نشريات ٿيندي رهي. مانڊوي نديءَ تي شام جو سير، فئبروريءَ ۾ ڪارنيوال جا جشن، ڊسمبر ۾ ڪرسمس، اُن موقعي تي گيت سنگيت تي انهن جو اثر اڄُ به نظر ايندو. اتي 90 سيڪڙو ته برجس نظر اينديون، ڊوناپولا برج ٻئي طرف وهندڙ نديءَ ۽ پۡل جي باري ۾ ٻُـڌايو ويو ته پورچوگيز جي دؤر دوران پورچوگيز وائسراءِ جي ڌيءَ جو هڪ مڪاني ڇوڪري سان عشق ٿي پيو. جنهن کي نينهه جو ناتو نڀائڻ لاءِ روڪيو ويو ۽ هُن ۽ هُن جي محبوب اتي ٽپو ڏيئي آپگھات ڪيو. ان لورس برج تي ڪئي پريمي زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ جا انجام اقرار ڪندا آهن، ڪن جا واعدا وفا ٿيندا آهن ته ڪن جا…… ڪئي عشق محبت جا قصا ٻُـڌڻ لاءِ ملندا. ان جي راڄڌاني پنجي آهي. اتي چار سئو ايڪونجاھ (451) ڳوٺ آهن. هڪ سئو پنج (105) ڪوسٽ لائينس ڪنارا آهن. پورچوگيز 1612ع ۾ جھونو پورٽ اگوئداس ٺاهيو هو. اتي انهن طرفان هڪُ لائيٽ هائوس ٺاهيو ويو، جتان اهي پنهنجي دشمنن جي ايندڙ جھازن يا ٻي چُـرپُـرن تي نظر رکي سگھن.
    گوئا ۾ منگيشڪر ٽيمپُل (مندر) آهي. اهو منگيشڪر ڀڳوان شو جو ڀڳت هو. منگيشڪر مندر کان پهرين گوئا جي قديم چرچ آهي. اتي زرعي مرڪز به آهي. سينٽ زيويئر جو ڪفن ۾ خاڪي جسم رکيل آهي، جيڪو مان ڀائيان ٿي ڏهين ڏهين سال کانپوءِ ڪڍيو ويندو آهي. دنيا جي مُلڪن جا ڪئي شرڌالو اچي گڏ ٿيندا آهن. ان ديول جي باري ۾ چيو وڃي ٿو 1541ع ۾ شروع ٿي 1605ع ۾ پوري ٿي. هڪ واري سينٽ زيويئر جو تابوت ٻاهر ڪڍيو ويو هو ته هڪ عورت اُن جي پير جي آڱوٺي کي چڪُ پاتو جنهن مان رتُ وهڻ لڳو اُن کانپوءِ اُن جي لاش کي ڪفن جي باڪس ۾ بند ڪري ڪڍيو ويندو آهي. هيترن سالن گذرڻ بعد به اُتي وارن جو چوڻُ آهي، هن جو لاش ۽ صورت اصلي روپ ۾ برقرار آهن. اُنهن جو چوڻ آهي ته ان مها پُرش جي لاش کي اصلي صورت ۾ بچائي رکڻ لاءِ ڪو به ڪيميڪل استعمال نه ڪيو ويو آهي. جيڪو قدرتي ڪرشمو آهي.
    پورچوگال ۾ سالازار جي گذاري وڃڻ کانپوءِ انقلاب آيو ۽ ان جو سڄو هٿُ هو ڪائتانو، جيڪو پورچوگال جو مشهور وڪيل هو، جنهن لا (قانون) جي پروفيسر طور ڪمُ ڪيو. هن کي جلاوطن ٿيڻو پيو. جيئن ته برازيل انهن جي ڪالوني هئي انڪري برازيل ۾ ان کي پناھ ڏني وئي. هُن اُتي ئي دم توڙيو، آخري ساھُ کنيو. هن وقت سوشلسٽ وزيريه ـ اعظم آهي ۽ ٻي ڌُر جو صدر آهي، جنهن جا پورچوگال ۾ اصلُ ٽپي ٽپي تي فوٽا لڳا پيا آهن.
    ها مون ذڪر پئي ڪيو کوجنا ڪندڙن جي يادگار جو، ان اڇي رنگ جي يادگار تي ٻنهي پاسي ڊئسڪوريز ڪندڙن جون مورتيون آهن. پهرين جي هٿ ۾ ٻيڙي آهي. ان يادگار جي وچـ۾ لنگھُ آهي جتي 1960 ‐ 1460 جي تاريخ اُڪريل آهي. سنترا پئلس ۽ ٻيون ڪيتريون گھمڻ جو جڳھيون آهن. اتي جا ماڻهو سي‐فوڊ گھڻو واپرائيندا آهن. اتي جي چرچ به مشهور آهي.


    پـاردو ميـوزم

    ( 13 جولائي 1999 )

    اڄُ ڪانتيش سان گڏ پاردو ميوزم ڏسڻ جو پروگرام هو. مون اشوڪ کي چيو مان هفعتو کن ڪانتيش وٽ وڃي رهان ٿي. مان هن جي آفيس وڃڻ کانپوءِ ٽي.وي. کولي ته پاڪستاني گيت اچي رهيا هئا. هڪڙو گيت مڙيئي هو ٻيو آيو ته نڪ چپ موڙيندي چيم هيءُ ڀارتي هندي فلمن جي ڪاپي ته ڪن ٿا، پر اڃان دلي دور است…… هيرو هيروئن هڪُ رومينٽڪ گيت ڳائي رهيا هئا هيرو هڪ طرف ته هيروئن ٻئي طرف اصل ٽن فُٽن جي فاصلي تي نچي رهيا هئا… ٻئي طرف باليوُڊ ۾ آ…! جھپيان جھپيان پالئيه هم!! اکيون ڪي پيچ لڙائين هم…!!! پاڪستاني هيرو اگر هيروئن جي چهري تان زلفون هٽائيندو ته مُلان مار ڏيندس. مان ٻنهي فلمي صنعتن جي ڀيٽ ڪري رهي هيس ٺيڪ اُن وقت پاڪستاني گيتن جي ڪمپيئرنگ ڪندڙ ميزبان خاتون چيو:‐ ڏسو نه ماڻهو چوندا آهن ته پاڪستاني گيت عالمي معيار جا نه آهن، هيءُ گيت ڏسو ٽاپ ٽين جي قطار ۾ اڄُ به پنهنجي پوزيشن برقرار رکيون پيو اچي. جنهن لاءِ وڏي تعداد ۾ فرمائش آئي آهي. هيءُ گيت بيحد مقبول آهي وغيره وغيره. ڪمپيئر جي ان اظهار تي منهنجا ڪن کڙا ٿيا ٻُـڌان ته ڪهڙو گيت آهي اکيون ٽي.وي. اسڪرين تي کُپي ويون. برفيلي واديءَ ۾ ڇوڪرين جي گروپ روماني انداز ۾ گيت جي شروعات ڪئي. گيت جا ٻول هئا؛ هو سڪي تو ميرا ايڪ ڪام ڪرو، شام ڪا اِڪ پهر ميري نام ڪرو…… ان سِٽ منهنجي آڏو ماضيءَ جا ڪئي منظر آڻي ڇڏيا. 1998ع ۾ دهليءَ ۾ ڊاڪٽر سُليمان شيخ آيا هئا، جن ٻُـڌايو ته هو پاڪستاني رانديگر عمران خان جي لاهور واري ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ويو هو اُتي نوجوان سنڌي شاعر جو گيت اڙدو ۾ ٽرانسڪرائيب ٿيل هلي رهيو هو جيڪو ٻُـڌي کين ڏاڍو سُٺو لڳو. سنڌيءَ ۾ ته اهو گيت منهنجو ٻُـڌل هو شام جو هيءُ پهر…… پر مئڊرڊ ۾ هيءُ گيت اُڙدوءَ ۾ ٻُـڌي مونکي 1998ع ڪراچي سچل ڪانفرنس جي ياد اچي وئي، اکين آڏو ڪئي منظر رقص ڪرڻ لڳا…… اڄُ جڏهن اُڙدوءَ ۾ هيرو جي واتان سنڌي شاعر جو اهو گيتُ……
    هو سڪي تو ميرا ايڪ ڪام ڪرو،
    شام ڪا اِڪ پهر ميري نام ڪرو……
    ميري جذبات ڪا احترام ڪرو……
    هن گيت دوران ماضيءَ جا خوشگوار پل رنگ برنگي گلن جي سُنهن تي پوپٽن جيان مستيءَ ۾ جھومي اُٿيا. کن پل ۾ منهنجي ميڊيائي تخليقڪار من پنهنجي ڪلپنا سان ويڊيو فلم تيار ڪري ورتي…… مان لهندڙ سج جي لاليءَ واري حسين دلڪش وادين جي منظر ۾ کوئجي ويس ڪيترو وقت گذري ويو ڪل ئي ڪانه پئي، اوچتو نيوز‐ هيڊلائينس منهنجي دلڪش خيالن کي ٽوڙيندي هند‐پاڪ جي ڪارگل واري جنگ طرف توجه مرڪز ڪرائي ماضيءَ جي خوشگوار يادين جي نازڪ زنجيرن جي ڪڙين مان پاڻ کي آزاد ڪندي، ايندڙ پيڙهين جي عداوتي ماحول ۾ جيئڻ واري دل دهلائيندڙ تصور خوفزده ڪري ڇڏيو. انسانيت کي امن جي پناه ڏئي…… امن جي اوُسيئڙي ۾ اکيون ٿڪجي پيون آهن.
    پروردگار نـفرتن کان نجات ڏئي، ائٽمي بارود جي
    دوزق کان جهانِ ‐ عالم کي بچائي هن ڪائنات کي
    بهشت بـڻاءِ !
    مان پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ لڳس. تنهائيءَ مونکي سوچن جي خوراڪن سان ڍءِ ڇڏيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ ٽي.وي. تي ذائقي جي سفر جو سلسلو شروع ٿيو. ويجيٽيرين سُوپ جي باري ۾ خانا خزانا تحت ڄاڻ ڏني پئي وئي. مان کائڻ جي معاملي ۾ سڀ کان پُٺتي آهيان. جڏهن هن چيو هيءُ تمام سولو آهي مان يڪدم پنو ۽ پين کنئين. ائٽيلين سُوپ جا ڪجھ اسم لکڻ کانپوءِ جڏهن واري آئي ٺاهڻ جي ترڪيب جي ته دروازي جي گھنٽي وڳي، منهنجو سلسلو ٽُـٽو، ٻاهر ڪانتيش بيٺو هو. سُوپ سکڻ کي تلانجلي ڏيئي، ميوزيم کي ترجيح ڏني.
    اسين پاردو ميوزيم ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. ميوزيم جا ٻه گيٽ ٽڪيٽ لاءِ کولي رکيا هئائون. تيرهين جولائي 1999 منجھند جو هِڪ بجي ڌاري اندر داخل ٿياسين، هر هڪ جي ٽڪيٽ 500 پسيتا هئي. جنهن گيٽ وٽ اسين هئاسين اُن جي اڳيان ڪاري رنگ جي پينٽر جي پٿر جي مورتي هئي. سندس هٿ ۾ برش ۽ رنگن جي پليٽ ڏيکاريل هئي. ٻئي گيٽ وٽ جن پينٽرس جون پيئنٽنگس اندر موجود هيون تن جا نالا ڏنل هئا. گريڪو، گويا، موُريجو، رويرا وغيره. ان ميوزيم اندر مِڊيويل دورجون اسپينش جون پيئنٽنگس، گريڪو، جرمن اسڪول، فليمش اسڪول (15 ‐ 16) صدي اِٽئلين اسڪول (15‐16 صدي) ڪلاسيڪل رينيسنس ۽ 17 صديءَ جي ڊچ اسڪول جون موجود هيون. اندر داخل ٿيڻ تي خوبصورت رنگن جي ميل واري شاهي پيئنٽنگ ڏسي منُ ٺري پيو. جنهن ۾ انساني چهرن جا تاثرات ائين هئا ڄڻُ پيئنٽنگ نه بلڪه جذباتن سان سرشار زندھ انسانن جي صحبت ۾ آهيون. جڏهن بُت تراشيءَ واري هال ۾ داخل ٿياسين اُتي آدم قد کان وڏن شاهي بُتن کي ڏسي، اهو احساسُ ٿيو ته اُن دور جا ماڻهو قداور جسم جا جانٺا روئنش سُٺا ،نڪ چھنبدار ،منهنُ چئوڙو، ڪنهن جا به ڦٿل مُنهن يا نڪُ نظر نه آيو. وار گھنڊيدار، وڏيون نوُڪون رکيل هيون، ته ڪِن جي وري ڏاڙهي هئي. جسم اُگھاڙا. انهن جا قد بُت ڏسي، اڄ جي دور جي انسانن طرف ڌيانُ ويو. اڄُ جي انسانن جا قد بُت وڃن ٿا سُڪڙجندا. اِن ميوزيم ۾ ڪن عورتن جا مُجسما به هئا، جن جا چهرا ۽ نقش وڻندڙ. مُجسمن واري هال ۾ جڏهن اُگھاڙن جسم وارن مردن جي مُجسمن کي ڏٺم ته، امڙ جو هڪُ جھونو جملو ياد اچي ويو. ننڍي هوندي ڀائر جڏهن چڍي(نڪر) پنهنجو پاڻ پائڻ تي ضد ڪندا هئا ته امڙ ڇڏي ڇڏيندي هين، پوءِ نِڪر پائڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن بئلنس هيٺ مٿي ٿيڻ وقت اُگھاڙا ٿي پوندا هئا ته امڙ حياءُ جو ڀونڊو هڻندي چوندي هين، پُٽ جڏهن اُٺ اُگھاڙا گھُمن ٿا ته اوهانکي ڪهڙو مهڻو، شرم وچان جلدي نڪر مٿي کسڪائي وٺندا هئا. مون ڪانتيش کي چيو توکي مميءَ جو اُهو جملو ياد آهي نه؟ هن چيو ها! ميوزيم ۾ مردن جي اُگھاڙن بُتن کي ڏسي چيو جڏهن اُٺ اُگھاڙا گھمن ٿا ته پوءِ هنن کي ڪهڙو مهڻُو. ٻئي طرف عورتن جي جسم تي چادر هئي پر اُها ان طرح جو اڌ ڇاتي ڍڪيل اڌُ اُگھاڙي. ساڳيءَ طرح پيئنٽنگ ۾ به هو.
    اڄُ کان پنجويھ سال اڳ مئڊرڊ جو روپ رنگ ٻيو هو. هاڻي ڪافي ترقي ٿي آهي. اتي ميوزيم ۾ مئڊرڊ شهر جي ماضيءَ جي هِڪ پيئنٽنگ هئي جنهن ۾ هڪ ڳوٺ مثل پئي لڳو. پيئنٽنگ واري سيڪشن ۾ عيسيٰ مسيح جي زندگي ۽ صليب تي لٽڪائڻ واريون ڪئي پيئنٽنگس، مدر ميري پنهنجي پُٽ کي پيار ۽ پاٻوه وچان سيني سان لڳايون ويٺي آهي. عيسائين جي مذهبي زندگيءَ جون جھلڪيون. هڪ ۾ غير عيسائيءَ کي عيسائي مذهب تسليم ڪرڻ واري رسم ادا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اسلام(مسلمان) ۽ عيسائي پنهنجي مذهب کي ڦھلائڻ لاءِ زور شور سان لڳل آهن، هڪُ ڏنڊي جي زور تي ته ٻيو شيوا سُڌار جي ناءُ تي، ننڍي کنڊ ۾ مذهب جي ناءُ تي ‐ ٽونيشن ٿيوريءَ جي آڌار تي ورهاڱي ڪرڻ جي باوجود من کي اڃان شانتي نه آهي. مون ان ڳالھ تي افسوس پئي ظاهر ڪيو ته هڪُ جملو ٻُـڌڻ وٽان مليو جنهن منهنجا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا. اگر ٽئين مهاڀاري جنگ لڳي ته اُها مُسلمانن ۽ عيسائين وچ ۾ لڳندي…!
    هڪ تمام تمام ٿلهي ڇوڪريءَ ۽ هڪ ڄامري جي پيئنٽنگ توجه مرڪز ڪرائيندڙ هئي. ٻارن کي لاٽون راند ڪندي ڏيکاريو ويو هو ته هڪ ٻئي ٻار کي گھور ڪندي ڏيکاريو ويو هو. هڪ پيئنٽنگ ۾ اسٽيڊيم ۾ گھوڙن جي داخل ٿيندڙ قطار ۽ اسٽيڊيم جي چئني طرف تماشبينن جو منظر، جنهن ۾ هڪ عورت جي ان ۾ دلچسپي گھٽ وارو موڊ ڏيکاريو ويو هوءَ پنهنجي ٻار سان ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مست ڏيکاري وئي. زندگيءَ جي هر پهلوءَ جا چتر چٽيل هئا، ڪن ڪن تصويرن جا فريم پندرهن کان ويھ ڦٽن جا هئا، جي تمام ڪشش ڪندڙ ۽ ڪلا پريمن جو ڌيان ڇڪائي رهيا هئا. ڪن پيئنٽنگ ۾ ڏاڍُ ۽ ڏمر ته ڪن ۾ عورتن کي زوريءَ کڻڻُ ۽ لڄ لُـٽڻ، امير جو غريب تي حاوي پوڻ جا چتر چٽيل هئا. هڪ طرف پئينٽر جي اسٽوڊيو جو ڏيکهُ ته ٻئي طرف، لوهار جي پيشي جي منظر ڪشي، شڪاريءَ جو شڪار هٿُ ڪري ٺاٺ سان پنهنجي شريڪي حيات سان گڏ شڪار جو چشڪو ماڻڻ، شڪاريءَ جي گھر ۾ طرح طرح جي شڪار ڪيل جانورن جي موجودگيءَ وارو چترُ. پاردو ميوزم ۾ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي سچائي جو بيان جھلڪي رهيو هو. هڪ ۾ زندگيءَ جي هن ڌرتيءَ تي اکه پٽڻ يعني ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جي چڪر جي ڪڙي هئي، ٻالپڻ اُن کانپوءِ جوانيءَ جي جنون ۾ نازنين ۽ مست بهارون اُن کانپوءِ وقت جي چڪيءَ جي چڪر ۾ پيسجندڙ ٻُڍاپي جو روپ انت ۾ خوفناڪ موت جي چائنٺ تي انساني ڪنگال ڍانچو…… ان طرح اسان جي به شاسترن ۾ ۽ جئنين جي مندرن ۾ به سنساري چڪر شروع ٿيڻ کان آخر تائين جي ڪڙي نظر ايندي.
    هڪ تمام ئي خوبصورت ميز هئي. چئن شينهن جي پاون تي بيٺل، رنگ برنگي ڊزائين مٿان قيمتي ٻُـڙا جُڙيل هئا، سُنهري نيري ۽ پيلي رنگن جي سنگم سان گول ۽ ڇڪنڊن واري آقار جون ڊزائينون. نهايت ئي سليقي ۽ حفاظت سان اُن جي اصلي روپ کي برقرار رکيو ويو هو. اسان وٽ ان طرح حفاظت سان رکڻ وارو ڪمُ ڏکيو مرحلو آهي. اسين پنهنجي ورثي طرف خبر ناهي ڇو ايڏا لاپرواھ آهيون؟ هتي ٿوريون گھڻيون راجائن مهاراجائن جي محلن جي ميوزم ۾ نظر اينديون. ايڏي وڏي تعداد ۾ پيئنٽنگ ڪنهن هڪ ميوزم ۾ اسانکي ڏسڻ وٽان گھٽ ملنديون. هندوستان ۾ ان ڪلا کي ايتري ترقي نه ڏياري وئي آهي جيترو ان فن يورپ ۾ ترقي ڪئي آهي.
    ميوزيم ڏسي گھر اچڻ کانپوءِ نائين بجي ڪانتيش چيو هل ته سگيووئيا ڏسي اچون. اتي 9 بجا شام پئي لڳندي. هيءَ اسپين جي هڪ ٻي پراوينس آهي. الڪورون مان اٽڪل 95 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اسين سوا نائين ڌاري نڪتاسين ۽ نئشنل هاءِوي وٽ پهتاسين، سگووئيا واري روڊ تي هڪ وڏو ٽنل (سُرنگ) آهي گوادرراما، تقريبا ساڍا ٽي ڪلوميٽر ڊگھي جنهن اندران لنگھندي ساھُ اصلُ مُٺ ۾ اچي ويو. اتي هڪُ چيتاوڻيءَ جو بورڊ لڳل هو، هيءَ اُها ايراضي آهي جتي وڏي تعداد ۾ وائيلڊ بُل (جھنگلي ڍڳا) آهن. مُسافرن کي اتان خبرداري سان لنگھڻو آهي. اڃان ٿورو اڳتي وڌياسين مس ته روڊ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي وڏي تعداد ۾ اڇا ڪارا ڍڳا نظر آيا. روڊ به تمامُ سوڙهو صرف هڪ ئي لائين هئي. آمهون سامهون ٽريفڪ هئڻ ڪري رفتار به ڍلي هئي. اسين ساڍي ڏهين کانپوءِ ئي پهتاسين. سگيووئيا وٽ هڪُ وڏو دروازو آهي، جيڪو رومن ايئڪيوڊڪ جھوني دور ۾ پاڻيءَ جي وهڪري لاءِ بند طور جوڙيو ويو هو.
    هيءُ تمام ئي وڏو شاهي بند آهي. اتان پاڻيءَ جي سپلائي ڪئي ويندي هئي. اتي سيلانين لاءِ هوٽلون ۽ شاپنگ سينٽرز وغيره آهي. اسان پيزا کائي مٿي قلعي ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. مٿي وڃڻ کان پهرين پلازا مئيور جو چڪر لڳائي ننڍين ننڍين گھٽين مان جيڪي پڪسريون ٺهيل آهن اُتان ٿيندا، اچي قلعي وٽ پهتاسين. قلعي جي ڀت وٽ بهي هيٺ سگيووئيا جو رات جو منظر ڏٺوسين، هيٺ لاهيءَ تي روڊ جي ٻنهي طرف جگ مگائيندڙ بتيون ٻري رهيون هيون، پهاڙي وڙ وڪڙ واري روشن راھ دلڪش منظر پيش ڪري رهي هئي. ڪجھ دير تائين يڪ ٽڪ اهو نظارو پئي ڏٺو.
    هيٺ لهڻ کانپوءِ اڃان ڪجھ فاصلو مس طئه ڪيو ته پئٽرول ختم ٿي ويو. وري موٽ کاڌي، ڊپُ به لڳي رهيو هو پر ائڊوينچر ڪرڻ جو به موُڊ هو، نيٺ رات جو هڪ بجي گھر پهچي سُک جو ساھُ کنيو.
    جاڪو راکي سائين، مار سڪي نه ڪوئي.


    سـٽي پئـلـس

    ( 16 جولائي 1999ع )

    اڄُ جمع ڏهاڙي ساڍي ٻارهين ڌاري نڪتاسين پهرين چرچ ڏسڻ جو پروگرام هو، ڪار پارڪ ڪري ٻن منٽن جي فاصلي تي آل‐مُدينا‐گاڊيس (ديوي) جي مورتي هئي. عيساين جي ان ديويءَ جي هنج ۾ ٻار ڏيکاريل هو. 712 , ان جي هيٺان 1085 سنه لکيل هو. چيو وڃي ٿو ته مُسلمان حملاآورن جي خوف کان 712 ۾ ان ديويءَ جي تصوير لڪائي وئي هئي. ان کانپوءِ اها مريڪل گاڊيس (معجزي واري ديوي) 1085 سنه پرگھٽ ٿي وڏو معجزو ٿيو. اتي موجود دروازي کي مُسلم گيٽ چيو وڃي ٿو. جو ان شاهي دروازي وٽان ئي مُسلمان اندر داخل ٿيا هئا.
    چرچ اندر ڪي هستيون دفن ٿيل آهن. ڪي جايون اڃا به ڪن لاءِ محفوظ خالي ڇڏيون ويون هيون، جن کي اتي جڳھ ملندي سي وڏ ڀاڳ وارا ٿيندا. اسين قدم قدم سنڀالي هلي رهيا هئاسين ته ڪٿي زمين اندر ابدي ننڊ ۾ آغوش ۾ سُتل پاڪ روحن کي نه لتاڙيون جو فرش تي صرف نالا اُڪريل هئا. قبرن جيان ڪونه ٺهيل هيون. اسان ڏٺو ته ڪي سيلاني اُن فرش کي لتاڙيندي ٿئي ويا.
    هڪ بزرگ چرچ اندر ٻرندڙ بلبن جي ڀرسان رکيل پيٽيءَ ۾ ڪجھ رقم وڌي ته هڪُ ٻيو بلب ٻري اُٿيو. مهيم ممبئيءَ ۾ هڪ چرچ آهي جتي من جون مُرادون پوريون ٿيڻ تي ميڻ بتيون ٻاريون وينديون آهن. سينٽ ماريا يا ميري؟ ڪئٿڊرل جتي ختم ٿئي ٿي اُتي ٻئي پاسي مئڊرڊ جو محل آهي. هڪ طرف مُسلم گيٽ ته ٻئي طرف اها پئلس. مُسلم گيٽ اندر داخل ٿيڻ تي کاٻي پاسي چرچ ۽ ساڄي پاسي مُسلم گيٽ جا ڪي ڊٺل آثار جيڪي ڪکاين ڇپريءَ سان ڍڪيل هئا.
    اسين پئلس وٽ پهتاسين، ڪانتيش ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ويو، ان وچ ۾ مان پئلس جي ڀت وٺي اڳتي قدم کڻندي ويس. هيٺ ڪيترا گھوڙا نظر آيا جن کي وِهِنجاري رهيا هئا. پئلس اندر داخل ٿيڻ وقت رِئيال الخصار جيان وچ ۾ جاءِ خالي هئي. ٻاهر هڪُ دفتر آهي. پئلس ۾ داخل ٿيڻ وقت هڪُ هالُ اچي ٿو. شاهي خاندان جي رائل گارڊ جي جوابداري جنهن جي هٿ ۾ هئي، اُن جو ڪمرو (هالُ) ان کانپوءِ 1879سنه شاهي جشن لاءِ استعمال ٿيندڙ هالُ 1985سنه ۾ جڏهن اسپين يورپي برادريءَ ۾ شامل ٿيو هو ته سرڪاري طور شامل ٿيڻ واري رسم اتي ئي ادا ڪئي وئي هئي. ان کي 30 آڪٽوبر 91سنه ۾ مڊل ايسٽ پيس ڪانفرنس لاءِ ڪتب آندو ويو. ان کانپوءِ اچي ٿو تختگاھ وارو ڪمرو، 1764سنه ۾ ڪنگ ڪارلوس ٽئين ان کي پنهنجي رهائشگاھ ۾ تبديل ڪيو. اُڻويهين (19) صديءَ ۾ ٿوري ڦير گھير ڪئي وئي. اڳتي ڊرائنگ روم ۽ ٻه لونگه روم آهن، جتي ڪنگ(راجا) ۽ ڪوئين(راڻي) جا ٻه وڏا شاهي پورٽريٽ آهن.
    ڪمرن جي خاصيت اها هئي جو هر هڪ جو رنگ ڊزائين الڳ الڳ هئا. ڇت تي پيئنٽنگ ۽ هر هڪ جي پردن جا رنگ ۽ ڊزائينُن جي چونڊ نرالي ۽ ڪشش ڪندڙ هئي. قالين هُجن چاهي فرنيچر يا ڇتين تي ڪيل پيئنٽنگ واھ جا هئي. هڪ ۾ چيني طرز واري پيئنٽنگ هئي. جنهن ڪمري ۾ ڪارلوس ٽيون ڊريسنگ روم هو. ڪارلوس ٽئين 1788سنه ۾ جنهن ڪمري ۾ آخري ساھُ کنيو اُن جو رنگُ گرئي ڪلر جو هو. ڀتين تي ستارن واري ڊزائين هئي. اُن کانپوءِ يئلو روم هو جيڪو هن جو اسٽيڊي روم هو. شاهي ڊرائينگ روم جنهن ۾ 29 نومبر 1879سنه شاهي خاندان جي بادشاھ جي شاديءَ دوران انهيءَ ڊائينگ هال ماني کاڌي وئي هئي. هڪ ڪمري ۾ شوڪيس ۾ سئو کن مختلف دورن جا سِڪا ۽ ٻِلا هئا. اسپين جڏهن يورپي برادريءَ ۾ شامل ٿيو ۽ جنهن پين سان اُن اقرارنامي تي صحيح ڪئي وئي اُهو تاريخي قلم اُن شوڪيس ۾ رکيو ويو آهي. چرچ جي پيڙھ جو پٿر جنهن کُرپي سان کوٽي ڪري وڌو ويو، اُهو انکان علاوه چانديءَ جا باسڻ برتڻ، ٽرافيون ۽ شيلڊس وغيره چينيءَ جا باسڻ ڪراڪري. هر هڪ ڪمرو الڳ الڳ اسمن سان سجايل هو. هڪُ ڪمرو سازن جو هو، هڪُ آرڪ وانگر ساز پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو.
    اُن جي ٻاهران ٻه وڏيون مورتيون هيون، هڪ راڻي ايسابيل‐لا‐ڪئٿوليا، جنهن ڪولمبس کي اُن جي ڊسڪوريءَ لاءِ مدد ڪئي. ڪولمبس راڻيءَ کان مدد گھري هئي، راڻيءَ اُن جي کوجنا واري ڪم لاءِ کيس گھربل سهڪار ڏنو، ٻئي طرف فرنڊو ڪئٿوليڪا، جنهن راڻيءَ جي دور ۾ ان جي مدد ڪئي.
    پئلس مان نڪرڻ وقت ڪانتيش ٻُڌايو ته جڏهن بينظير ڀُـٽو وزيرِاعظم هئي ته اُن جي شاهي ميزباني واري هال ۾ ميزباني ڪئي وئي، هن سان ساڻُ آصف علي زرداري به هو. مون کيس چيو بينظير ميزباني کائي وئي ته ٻئي بينظير سفرنامو لکڻ لاءِ هتي آئي آهي.
    پئلس جي سامهون اوُپيرا آهي. ٻاهر سٺو پارڪ آهي. جنهن ڏينهن اسان ويا هئاسين، اُن کان هڪُ اڌ ڏينهن اڳ مئڊرڊ واسين جي لاءِ داخلا فري هئي. هفتي ۾ هڪُ ڏينهن اُنهن کان ٽڪيٽ نه ورتي ويندي آهي، شناختي ڪارڊ ڏسي وڃڻُ ڏيندا آهن.


    شـاهي محل

    مئڊرڊ کان ڪجھ فاصلي تي نئون شاهي محل آهي، جيڪو اسپين جي شاهي خاندان جي ڪنهن وقت رهائش گاھ هو. هن وقت ثقافتي، تحقيقي مرڪز طور استعمال ٿئي ٿو. اتي وڏي آرڪائيز آهي جيڪا صرف تحقيق ڪندڙن لاءِ آهي. اربع ڏهاڙي يورپي اقتصادي برادريءَ وارن مُلڪن جي شهرين لاءِ ڪابه داخلا ٽڪيٽ نه آهي، جڏهن ڪي سرڪاري جشن وغيره هوندا آهن ته پوءِ عام جي داخلا بند ڪئي ويندي آهي. سرڪاري فنڪشنن جي اسپين جو ڪنگ صدارت ڪندو آهي. ان جي سارسنڀال جي جوابداري قومي ثقافتي عملي جي آهي.
    شاهي خاندان جي هٿيارن واري ميوزيم لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُن طرح جي هٿيارن جي ميوزيم دنيا جي ٻن ٽن مُلڪن ۾ ئي آهي. هن وقت جتي هٿيارن جي اها ميوزيم آهي اُها اتي 1893ع کان وٺي قائم آهي. هٿيارن جو ڪافي حصو اسپين جي بادشاھ جي شاهي ڪليڪشن مان آهي. انهن مان ڪيترائي املھ هٿيار سويجا جي اللخصار ۾ ڪئٿولڪ ڪنگ جا آهن. جنهن ۾ ڪنگ چارلس پهرين، فلپ ٻئين، ڪنگ فرڊنڊ. ان کان علاوه جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار، خيما، لباس، ان شاهي هٿيارن واري ميوزيم ۾ ڏھ هزار ان طرح جون شيون موجود آهن. ڪنگ فلپ ٻئين جي دور دوران قائم ڪيل فارميسي جيڪا 1594ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن وقت جتي موجود آهي اُها اتي 1874ع ۾ آندي وئي. ان جي ڀرسان، ان دواخاني ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، ڪُنا، برتڻ وغيره موجود آهن، جن مان ڪافي تعداد ۾ 18 صديءَ جا تلويرا جي ڪُنڀرن جا آهن.
    ان طرح جي ٻي به قيمتي ڪليڪشن وغيرھ موجود آهي، جيڪا ڏسڻ سان ماڻهو ماڻي سگھي ٿو.


    ايسڪوريل

    ( 24 جولائي 1999 ڇنڇر )

    تقريباَ ڏھ لڳي پنجيتاليهن منٽن تي گھران نڪتاسين. مئڊرڊ کان اٽڪل (52) ٻاونجاھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رائل مانيسٽري آهي. اُن ڏينهن 30‐32 کن ڊگريون درجي حرارت هئي، مون سفر ۾ سنگيت کي همسفر بڻائڻ لاءِ سنڌي ڪئسٽ لڳائي، جھولي لال جو ڀڄن اُن کانپوءِ امر شهيد ڀڳت ڪنوررام جو ڪلام 'نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو'…… سنڌي گانن جي ولائت ۾ سُڳنڌ ماڻڻ کانپوءِ جھونن گانن جي ڪئسٽ لڳائي جيڪي هميشھ ئي نوان پيا لڳندا آهن. ايندڙ دور ۾ به ايتروئي دلين تي ڇانئيل رهندا جيترو هن وقت آهن. جڏهن محمد رفيءَ جي آواز ۾ گيت شروع ٿيو، 'يئه بهار ڪئسي آئي جو خزان بهي ساٿ لائي'…… ان وقت من جون مُندون مٽجڻ لڳيون…… بهار…خزان… مئڊرڊ ۾ هاڻي داڻو ڪڻو پورو ٿي چڪو هو. واپس دهليءَ وڃڻ جو وقت قريب اچي چڪو هو… ڪي ياديون … ڪي لمحا … ڪي ڳالهيون … رهاڻيون … پرچـڻُ روسڻُ … ڏوراپا … ڪئي سلسلا هڪ ساٿ ذهن ۾ اُڀري آيا …… بهار جي مُند ۾ گُل ٽـڙيو پون، قدرت جي حسين منظرن کي ڏسي دل ٺري پوي …… بهار جي مُند سان ائين ته اسان سڀني جو رشتو رهي ٿو، پر منهنجو ان سان، هن سرزمين تي اک پٽڻ سان ئي نينھُ لڳي ويو. جڏهن بهار جي مُند جو اعلان ٿيو، اُن سان ئي منهنجو جنم ٿيو. منهنجي امڙ جو به بهار جي مُند سان خاص لڳاءُ هو. بهار جي مُند ۾ منهنجي آمد سان کين ڌيءَ جي ڄمڻَ جي افسوس بدران وڌيڪ ئي خوشي ٿي، جو پنهنجي امڙ جي واتان ٻُـڌم، تنهنجي اچڻ سان تنهنجي پيءُ کي نه صرف چونڊن ۾ ڪاميابي ملي پر مالي طور به فائدا حاصل ٿيا. ڇـٽي به پُـٽن وانگر ملهائي. ٻين ڀائرن ڀينرن جو جنم ڪراچي، شهدادڪوٽ ۽ مُمبئي ۾ ٿيو پر منهنجو ئي جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. لاڙڪاڻي سان اُن وقت جون سندن جون ڪئي مٺيون ياديون به جُڙيل هيون. امڙ جو بهار جي مُند سان، قدرت جي حسين منظرن، نباتات ۽ ڪائنات سان بيحد پيار جنهن جو اثر سندن شخصيت تي عيان هو، رنگن کي کڻي بُرش ذريعي پيا چتر چٽيندا هئا. دهليءَ ۾ باغيچي ۾ ويهي پيا گُلن تي آيل بهار کي ماڻيندا هئاسين. بهار جي مُند اچڻ تي چون، مون ۾ ڄڻُ نئون ساھُ پيو آهي.
    امڙ جي جوانيءَ جون تصويرون ڏسي لبن تي واھ! واھ!! اچيو وڃي، اکيون وڏيون ويڪريون، رونش ٺاهوڪا، قد بُت تمام سٺو، چهرو چنڊ جھڙو، خوبصورت عورت هئي. وقت وڏو راڪاس آهي، ڪيئن انسان کي ڳرڪائي وٺي ٿو، ڪل ئي نه ٿي پوي. اياز جون چند سِٽون هن وقت ياد ٿيون پون، 'گوري توکي گُنجـﮧ پيا يا روپ ڏنو رهنبوٽو'…… وقت جو چمبو چهري جو اصلي روپ ئي بگاڙي ٿو وڃي. خوشبو سان ته کين بيحد پيار هو، پرفيومس، سُرها تيل صابُڻ، پائوڊر…… اڄ به لنڊن مان سندن لاءِ آندل ڪيترا يارڊلي جا صابُڻ ۽ ڪراچيءَ مان آندل پائوڊر پيا آهن. پاڻ کان وڌيڪ مون لاءِ گڏ ڪرڻ جو چاھُ، هڪُ کُٽندو نه هو ته ٻيو اڳ ۾ ئي موجود. اڃان آفيس لاءِ نڪرندي نه هيس تنهن کان اڳ ئي گلاب ۽ موتيا جا گُل پٽي ڏيندا هئا. مونکي لڳي ٿو کين منهنجي روپ ۾ سندن ماضيءَ جا ڪي يادگار ڏينهن جا تروڙا نظر ايندا هئين. جنهن بهار جي مُند سان کين ايڏو پيار هو تنهن بهار جي مُند ماڻڻ کان اڳ ئي هن سان بهار بيوفائي ڪئي. جنهن زندگيءَ اُن کي چاهيو اُن کان ئي مُنهن موڙي ڇڏيو. ان بهار واري مُند ۾ مون پنهنجي بهار واري مُند ۾ ايندڙ سالگرھ جي بهار کي ئي خداحافظ ڪيو…… منهنجي خيالن جي سلسلي کي 'يئه بهار ڪئسي آئي جو خزان ڀي ساٿ لائي'…… جي گيت جي آخري لائين ٽوڙي ڇڏيو.
    اسين ساڍي يارهين بجي اُتي پهتاسين. پهرين آرچيٽيڪ واري ميوزيم ڏسڻ جو پروگرام رکيو، جتي ان محل جي اڏاوت جا مرحلي وار نـقشا ۽ اسڪيچ موجود هئا. ان شاهي محل جي اڏاوت ۾ جيڪو سامان ڪُتب آندو ويو هو سو رکيل هو، پٿر ٽوڙڻ واري مشين، تگاريون، کُـرپا، ڪوڏرون، ننڍا وڏا ڪوڪا ۽ ڪلا، اُن دور جا ڪجھ بچيل پٿر وغيره انکانپوءِ پيئنٽنگ واري آرٽ گئلري ڏٺي. اسپين جو فلپ ٻيواونهاري ۾ اُن محل کي پنهنجي موڪل ملهائڻ واري جاءِ طور استعمال ڪندو هو. جتي اٽلي ۽ اسپين جي فني انسٽيٽيوٽ جي پينٽرن جون پيئنٽنگس هڪ سنت جي شهادت جو منظر جنهن کي ال‐گريڪو پنهنجي فني سوچ جي سهاري ڪئنواس تي اُتاريو هو. مذهبي زندگيءَ جي نُمائندگي ڪندڙ فنُ، شاهي خاندان جي بيگمات جا چتر وغيره موجود هئا.
    ان خانقاه (مڙهي) لاءِ جاءِ جي چونڊ خود فلپ ٻئين ڪئي هئي. ان جي تعمير جو ڪمُ تولودو جي Juan Bautista کي سونپيو ويو هو. اڳتي هلي خوان‐ڊي‐هريرا کي ڏنو ويو. ان جي شروعات 1563ع ۾ ڪئي وئي، 21 سالن تائين ڪم هليو. جنهن جي نگراني هن خود ڪئي.
    مون چيو اشو : مزدورن کان مفت ۾ ڪمُ ڪرايو هوندائون.
    ٻانـﮧ ڪري ڏيندا……!
    کاٻي يا ساڄي!
    وينا هتي ٻانهون مُفت ۾ پيون ملن!!
    سنڌ وارا هتي لفظ ڀلا ڪٿي؟
    ٻنهي جا ٽهڪ نڪري ويا.
    ايسڪوريل جو دورو ڪندي جيئن جيئن قدم اڳتي وڌي رهيا هئا، ان محل جي تاريخ جا الڳ الڳ پهلو اُجاگر ٿيڻ لڳا. هڪ هال ۾ فلپ ٻئين پنهنجي آرام گاھ ڪئي هئي. اُن ۾ وري چارلس ٽئين ٿوري ڦيرگھير آندي 18 صديءَ جي دور جي فئشن جو سرمايو گڏُ ڪيو ويو هو. شاهي محل جي انهن حصن کي ڏسڻ کانپوءِ اڳتي قدم وڌائڻ سان اسپين جي بادشاهن چارلس پنجين کان وٺي موجود بادشاھ تائين اُنهن جي دفنائڻ وارو تهخانو آهي. سنگمرمر جون ڏاڪڻيون لهندي هيٺ تهخاني تائين پهچجي ٿو. هڪ طرف تهخاني طرف ويندڙن جي قطار ته ٻئي طرف واپس ورندڙن جو سلسلو. اندر داخل ٿيڻ تي هيٺ تهخانو گول ڪمري وانگر آهي، چئني طرف ديوارن تي نظرون ڦرڻ لڳن ٿيون، فلپ ٽئين جي چوڻ تي 1617ع ۾ زيرزمين چئپل ٺهرائي وئي. اها ان طرح ڊزائين ڪئي وئي آهي، جو وڏن وڏن تابوتن جي رکڻ وارا خانا ٺهيل آهن. ڪاري رنگ جي سنگمرمر جا ٺهيل ڪفن رکڻ وارا باڪس جن تي سُنهري نقاشي ڪيل آهي، ڪفنن مٿان اها نقاشي اتالوي فني ڊزائين کان متاثر ٿي ڪئي وئي آهي. هيل تائين جيڪي به اسپين جا بادشاھ ٿي چڪا آهن تن جا خاڪي جسم آهن. مدر ميري ۽ جيجس جي سائي ۾ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. جن جي هيٺان اُنهن جا تفصيل ڄاڻايل آهن. هڪُ ٻه ڪفن جا باڪس خالي آهن، جيڪي هن وقت جي اسپين جي ڪنگ ۽ اُن کانپوءِ واري بادشاھ لاءِ خالي رکيل آهن. اُنهن لاءِ اتي جاءِ محفوظ ڪئي وئي آهي. جن کي اڳتي هلي اتي دفن ڪيو ويندو. جيڪي بادشاھ نه بڻجي سگھيا تن جا ۽ شاهي خاندان جي ٻين فردن جا خاڪي جسم الڳ الڳ حصن ۾ ابدي ننڊ جي آغوش ۾ سُتل آهن. ٻاهر گرمي هئي پر اندر تھخانو ٿڌو هو.
    تهخاني کان ٻاهر نڪرڻ تي شاهي خاندان جي ٻين فردن جي آخري آرام گاھ جو سلسلو هو. شهزادن يا شاهي خاندان جون عورتون جيڪي ڪن ٻين يورپي مُلڪن جي خاندانن جون هيون، جن جي شادي ان شاهي خاندان ۾ ٿي هئي.
    وقت کان اڳ ٽـڙندڙ گلن کي انساني باغبان جي الاهي مالهيءَ جي حڪم تي يمُ دوت ننڍڙن ابهمن ٻارڙن کي مائرن جي گود مان ڦري الاهيءَ جي درٻار ۾ وڃي پيش ڪيو هو. تن معصوم مُکڙين جون پرين جي سنگمرمر تي نقاشي ڪيل چترن سان آرائستا ننڍڙيون قبرون هيون.
    “ Chambers of Dead. Royal Family & Infants Small Children. ” فلپ ٻئين جو جيڪو بيڊروم هو ان لاءِ بيان ڪيل هو ته جڏهن 1598ع ۾ هُن، هِن فاني جھان کي الوداع ڪيو اُن جي سامهون باغيچو هو، جيئن هن جي ننڊ مان اُٿڻ شرط باغيچي تي نگاھ پوي. ٻئي طرف هُن جو اسٽيڊي روم هو. اسٽيڊي ٽيبل تي هن جا هٿ اکر ۽ آٽوگراف هئي. فلپ ٽئين جي چوڻ تي 1617ع ۾ اها زيرزمين ديول ٺهرائي وئي هئي. بيڊروم کان پوءِ هڪُ وڏو شاهي ڪمرو هو جتي 16 صديءَ جا دنيا جا مئپس (نقشا) موجود هئا. انهن نقشن کي ڏسندي ڏسندي ايشيا وارن ۾ ڀارت جي نقشي تي نظر پئي. بس نظر پوڻ تي منُ ئي ٺري پيو. ڪوچين ۽ اوڙيسا تي نظر پئي. هڪ طرف اُن نقشي ۾ چينُ ڏيکاريل هو. هيٺ شري لنڪا. انگريزيءَ ۾ لکيل هو (INDOS‐TAN).
    اسپين جو ڪنگ ڪجھ وقت پنهنجي ٻارن سان اتي گذاريندو هو. ظاهر آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي دنيا جي جاگرافيائي حدن کان واقف ڪرائيندو هوندو.
    يورپ ۾ پيئنٽنگ وارو فنُ عروج تي آهي. ال‐ايسڪيورل ۾ به اهو فنُ توجه ڇڪائيندڙ هو. اتي ال‐گريڪو، ۽ ٻين فنڪارن جا ماسٽرپيس موجود هئا. هوڏانهن مذهبي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمرن ۾ 62 کن پيئنٽنگ هيون. اتي هڪ لائبريري به آهي جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي اهم ترين لائبريرين مان هڪ آهي. 15 کان 16 صديءَ جا پنجيتاليھ هزار شايع ٿيل ڪتاب آهن. ان لائبريريءَ ۾ پنج هزار عربي، لاطيني ۽ اسپينش دستخط آهن. ان جي ڇت تي سائنس ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ پيئنٽنگس آهن. ديوَل ۾ 45 صليب آهن.
    شاهي خاندان جي هيءَ خانقاھ سيلانين جي ڏسڻ لاءِ سياري ۽ اونهاري ۾ مارچ کان آڪٽوبر تائين صبح جو ڏهين کان پنجين بجي تائين ۽ اپريل کان سيپٽمبر تائين ڏهين کان ڇهين تائين هوندي آهي. سومر ڏهاڙي اها بند هوندي آهي.
    ايسڪوريل جي ٻاهر وڏو شاهي پڌر آهي. هاڻي ته ان تاريخي يادگار جي اوسي پاسي ۾ هوٽلون، رهائشگاھ لاءِ گيسٽ هائوس به ٺهي ويا آهن. ان کان پهرين ڪانتيش ۽ ٻارن سان گڏجي آئي هيس ته ايتري اڏاوت ڪانه هئي. گھران پڪنڪ لاءِ نڪتا هئاسين، سنڌو دويش اُن وقت ننڍا هئا. سنڌو لاڏلو ٿي پليو آهي، سو هر ڀيري چوي مان اڳين سيٽ تي وهان. اتي ٻارن کي ڊرائيونگ دوران اڳيان وهڻ جي منع آهي. فرمائش ڪيائين ته اڳيان وهان، پر فرمائش نه مڃي وئي. اتي جڏهن پهتاسين ته ماني کائڻ وقت ڊرائيو ڪرڻ واري اڳين سيٽ تي وڃي ويٺو. اوچتو پونم رڙ ڪئي جلدي اُٿ پوليس وارا ٿا اچن. مون چيو هلائي ٿوريئي ٿو گاڏي ته بيٺي آهي، چيائين اڳين سيٽ تي ٻارن جي وهارڻ ڪري چالان ڪندا. اُن ڏهاڙي مينهن جھڙَ به ڏاڍو هو. اڄُ ڏينهنُ صاف هو. اڳين ڀيري چرچ ۾ ڪنهن جي شاديءَ جي رسم ادا ٿي رهي هئي. اڄُ به شاديءَ جي رسم ادا ٿي هئي. اُن وقت دويش ننڍڙو هو ڊوڙ پائي وڃي ڪنوار جي ڀر ۾ بيٺو. اسين پيا کلون ۽ هو موج مستيءَ ۾ هو.
    گھمي گھتي نڪتاسين ته ٻاهر هڪُ ماڻهو پستا ۽ باداميون وڪڻي رهيو هو. اشوڪ ٻه پيڪيٽ ورتا، چيائين کائي ڏسُ ڪرارا آهن. مون چيو اسان وٽ اهڙن هنـڌن تي مڱـڦريون وڪڻندا آهن توهين زور چئبا هتي پستا باداميون پيون وڪامجن. مان پستا ڇليندي پاڻ به کائيندي پئي وڃان ۽ کيس به کارائيندي پئي وڃان. اشوڪ چرچي ۾ چيو هيءَ جو هيترو گھمندا هوندا ته انهن جا پئسا ڪيرُ ڀريندو هوندو؟
    مون چيو : ڪنهن وري ڪنهن ڀريا هوندا؟ بيگار پورهيتن جي پگھر جو پورهيو هوندو. بادشاھ مفت ۾ پيا ڪمُ وٺندا هوندا.
    نه ته ( سڱُ ڏيڻُ ) ٻانـﮧ ڪري ڏيندا……!
    ( فضا ۾ ٻـڌن ٽهڪن جي گونج )


    وئـلي ‐ آف ‐ فالن

    ايسڪوريل کانپوءِ اسان جو ٻيو پڙاءُ وئـلي ‐ آف ‐ فالن يعني شهيدن جي ماٿري هو. جتي فرينڪو کي دفنايو ويو آهي. ان ماڳ کي وئـلي ‐ آف ‐ فالن يعني شهيدن جي وادي انڪري ناءُ ڏنو ويو آهي جو اتي جيڪا 1936ع ‐ 1939ع ۾گھرو جنگ لڳي هئي جنهن ۾ فرينڪو ۽ اُن جي مخالف ڌر وچـ۾ چڪريون لڳيون هيون، جنهن خانا جنگيءَ ۾ ڪئي ماڻهو مري ويا هئا، جن جي ياد ۾ هڪ يادگار وئلي قائم ڪئي وئي. فرينڪو جڏهن گھرو جنگ کٽي ته هن حڪم جاري ڪيو ته ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ٻه ائڪسٽرا پگھارون ڏنيون وڃن. جيڪو سلسلو اڄُ ڏينهن تائين جاري آهي. هڪ ائڪسٽرا پگھار جولائي جي مهيني ۾ ۽ ٻي ڊسمبر ڪرسمس تي ڏني ويندي آهي.
    اندر داخل ٿيڻ تي گھاٽا (وڻن) ٻيلا آهن. وڻن جي قطارن وچـ۾ روڊ ٺهيل آهن، جيڪي مٿي پهاڙ طرف وڃن ٿا. جتي مٿي فرينڪو دفن ٿيل آهي. مٿي ويندڙ روڊ جي وچ مان هڪ ٻه رستو ٻيو به نڪري ٿو، اهي واٽون ٻئي طرف نئين ٿيون پر اهي راهون ڦري گھري اُن روڊ سان ڳنڍين ٿيون. پر انهن واٽن جي ڪري اگر غلط واٽ ورتي وئي ته گھاٽيءَ جو وڏو چڪر ڪاٽـڻو پوي ٿو. اسان به وچ مان ڪٽ ٿيندڙ رستي طرف نڪري وياسين جنهن ڪري وڏو چڪر لڳائڻو پيو. اسين شهيدن جي واديءَ جي پرڪرما ڏيندي موٽي وري انهيءَ ساڳي جاءِ تي اچي پهتاسين.
    مٿي پهچڻ تي پهرين وڏو کُلو ميدان ايندو. سامهون اُن کان به مٿي اونچي پهاڙيءَ تي پري کان ئي وڏو صليب نظر اچي ٿو. پهاڙيءَ کي ٽڪي مٿي (وڏو گرجاگھر) ديوَل ٺاهي وئي آهي. ڪار پارڪ ڪري ڏاڪڻين تي چڙهندي ديوَل طرف قدم وڌايا، پهاڙ ٽڪي جيڪا وڏي سُرنگ ٺاهي وئي آهي، اُها تمام ٿـڌي ايئرڪنڊيشن جيان گرميءَ جي درجي حرارت کي نارمل تي برقرار رکي ٿي. ٿورو مٿي گولائيءَ ۾ هڪُ هالُ ٺهيل آهي، ٻنهي پاسي ڪمرا آهن. ان گول ايراضيءَ جي عين وچـ۾ سُرنگ مٿان وڏو صليب آهي، غفا ۾ ئي اندر فرينڪو دفن ٿيل آهي. ٻئي طرف اسپين جي سياسي فلئنگسٽ پارٽيءَ جو پايو وجھندڙ هوسي انتينو دفن ٿيل آهي. انهن ٻنهي برک شخصيتن جي آرمگاھ آهي. ڪيترن اُن وقت گُلن سان عقيدت پئي پيش ڪئي.
    فرينڪو 1975ع ۾ گذاري ويو هو. اشوڪ ٻڌايو ته اُن وقت سندس سڪيلڌي ڌيءَ سوزانا ڄاول هئي. فرينڪو جي بيماريءَ جي خبر باھ وانگر ڦهلجي وئي. رستن تي ماڻهو سندس صحتيابي يا هن دنيا کي الوداع ڪرڻ وارين خبرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ واءُ سواءُ لاءِ نڪري پوندا هئا. روز ڪو نه ڪو افواھُ هوندو هو. هڪ ڏهاڙي پنهنجي ڌيءَ کي پرئم ۾ کڻي ٻئي زال مُڙس نڪتا ته فرينڪو جي صحت جي باري ۾ تازين خبرن جي ٻُڌڻ جو کين به انتظار هو، افواھ ۽ خبرن ٻُڌڻ جي خيالن ۾ اشوڪ جيئن ئي سوزانا کي ڪڇ ۾ کنيو ته ٻار جي گاڏي ڌوءُ وڃي اونڌهي ٿي، ڌيءَ لاءِ جيڪو کيرُ ۽ ٻي خوراڪ هئي سا ڪري وڃي پٽُ پئي. جوڻس جون دانهون ته ڌيان نه ڏنوءِ کير ڪيرائي ڇڏيه، ٻنهي جي اچي پاڻ ۾ تو تو مين مين ٿي. اڄُ فرينڪو جي وفات جي خبر ٻُڌائيندي کلي پيو جو هن کي پنهنجو جھيڙو اچي ياد پيو. فرينڪو جي خبر ٻُـڌڻ وارو نشو ئي رفوچڪر……
    هن جو اِهو چوڻ هو ته هو ڪافي مقبول به هو عام کي انتظار، سياسي حلقن ۾ به سرگرمي ۽ انتظار هو. جنهن ڏينهن گذاري ويو وڏو جلوس نڪتو دنيا جي مختلف مُلڪن جي شخصيتن جي وڏي قطار جنازي ۾ اچي شرڪت ڪئي. جيئن ته ان کان اڳ به امڙ سان گڏ اتي اچي چُڪي هيس. اُن وقت مٺين يادين اکين ۾ آلائڻ آڻي ڇڏي. اُن ڏهاڙي هلڪي نيري (آسماني) رنگ جي جارجيٽ جي پرنٽيڊ ساڙهي پهريل هئا. زبردست بارش هئي مينهن چوي اڄُ نه پوان ته ڪڏهن پوان.
    ٻاهر نڪرڻ وقت پهاڙ جي چوٽيءَ تان کاٻي ساڄي نظر ڊوڙائي وڻڪار ئي وڻڪار هئي، پري پري تائين نظر ايندڙ رانديڪن جيان ننڍڙا گھر. اُن ڏينهن به قدرتي طور مينهنُ جُھـڙُ طوفان هو. يادين جي طوفان منهنجو وجود ڌوڏي ڇڏيو. اڄُ به موسم جُھڙالي. گورڌن ڀارتيءَ جو گيت ياد اچي ويو:
    هُـتـڙي مينهن واسن ھِـتـڙي نيڻ ٽمن
    مونکي مارون جا پل پل پور پون…
    دويش اُنهن ڏينهن ننڍڙو هو اسان کي خبر ئي ڪانه پئي ته چرچ اندر هڪ پاسي هڪُ بوُٿ ٺهيل هو اُن جي اندر هڪ پادري ويٺو هو، اُن سان اسپينش ۾ چپن ۾ گفتگو ڪرڻ لڳو. اتي پنهنجي انتر آتما جو آواز ٻُـڌي فادر اڳيان گناھ قبول ڪري پڇتاءُ ظاهر ڪندا آهن. جڏهن دويش واپس وريو ته اسان پُڇيوسين اڙي تون فادر کي ڇا چئي رهيو هئين؟ چيائين مان فادر اڳيان ٽرو ڪنفيشن (سچ سچ ٻُڌايو) ڪيو. فادر مون هڪ ڇوڪري کي ڄاڻي واڻي ماريو هو، اُن جو ڪو ڏوھ به ڪونه هو هاڻي مونکي پڇتاءُ ٿي رهيو آهي مونکي ڏک آهي. مونکي پنهنجي غلطيءَ جو احساسُ ٿيندو آهي. منهنجي ڳالھ ٻُڌي فادر چيو: تو پنهنجو گناھ قبول ڪيو آهي، هاڻي ڌڻي توکي معاف ڪري ڇڏيندو.
    اسپين جي هڪ هولي فئسٽيول ويڪ (ڌارمڪ هفتي) دوارن گناهگار پنهنجو گناھ بخشائڻ ويندا آهن، ڪاريون ڊگھيون ٽوپيون پهريل، مُنهن ڍڪيل (نقاب) صرف اکيون نظر اينديون، اسپين جي هر ڳوٺ جي چرچ مان جلوس نڪرندو آهي، هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن وري واپس جلوس جي روپ ۾ چرچ مان موٽندا آهن، واٽ تي روڊ جي ٻنهي پاسي ماڻهن جون قطارون موجود هونديون آهن، مدر مئري ۽ عيسيٰ جي مورتين کي سينگاري ڪڍندا آهن، ديويءَ جي سُندرتا جي تعريف ڪندا واھ! واھ!! ڪندا آهن، انهن جلوسن ۾ ٽن سئون کان ٽن هزارن کان به مٿي الڳ الڳ شهرن مان چهرا ڍڪيل گناھگار گناھ بخشائڻ ويندا آهن.
    دويش جي سچائيءَ پنهنجي غلطي قبول ڪرڻ واري معصوميت، امڙ جي ان ساڳي هنڌ موجودگي، منهنجي اکين آڏو ماضيءَ جا اُهي پل اُڀري آيا. مٿان وئليءَ تان تمام سندر ايئريل ووئيو ڏسڻ ۾ ايندو. فرينڪو جي يادگار مونومينٽ ڏسڻ بعد ڏاڪڻيون لهندي هڪُ دفعو وري اُن منظر کي نيڻن ۾ سمائي ماضيءَ جي مٺين درد ڀرين يادين کي دل جي هڪ گوشي ۾ محفوظ ڪري، واپس مئڊرڊ طرف نڪتاسين. اڌ رستي تي اشوڪ چيو ٿوري دير ڪنهن ريستورينٽ ۾ ٿا وهون. ڪجھ فاصلو طئه ڪري هڪ هنڌ بيٺاسين، جتي مون سافٽ ڊرنڪ ورتي، اشوڪ پنهنجي ڊرنڪ گھرائي. چيائين ڪجھ کائيندينءَ؟ مون چيو نه هن وقت ضرورت نه آهي. ڳالهين دوران منهنجي نگاه هڪ ننڍڙي ڳاڙهي ۽ سُنهري رنگ جي لئمپ تي پئي، مون چيو اشو هيءَ لئمپ سُٺي آهي نه؟ چيائين توکي کپي؟ مون چيو نه! اهو علاالدين جي چراغ وانگر هو، اشوڪ چيو ته اها لئمپ ڏيکارج، هن لائٽر نما چراغ کي ٻاري ڏيکاريو. مون چيو اري هيءُ لائٽر آهي، ان کي لائٽر طور ته استعمال نه ٿو ڪري سگھجي پر ڊيڪوريشن طور رکي سگھجي ٿو. اشوڪ هن کي چيو اهو پئڪ ڪري ڏئي. مان گھڻي آنا ڪاني ڪئي پر هن هڪ نه ٻُڌي ۽ منهنجي اسپين جي سفر جي آخري پڙاءُ جي پڇاڙيءَ واري سوکڙي علاالدين جو چراغ هو.
    ڪاش! اهو چراغ ڊيڪوريٽر لائيٽر وارو چراغ جو چوغو لاهي اصلي علاوالدين جو چراغ بڻجي پوي. اي چراغ !وٺي هل هنگلاج، جيڪو سيڪنڊن ۾ اکل پنڌ هنگلاج جا طئه ڪرائي هنگلاج ماتا جو درشن ڪرائي ڇڏي. وٺي هل شاه سچل جي درگاھ تي، جنهن چراغ کان مان هر روز پنهنجي من پسند خواهش پوري ڪرايان… آمين!


    خـيـتـانـو (اسپـيني خانابدوش )

    اسپين ۾ شايد ئي اهڙو ڪو سڀاڳو ڏينهن هجي جنهن ڏينهن گھران نڪرڻُ نه ٿيو هجي، روز جُتلو پير ۾ هوندو هو. اتي عربن طرفان مئڊرڊ جي وچ شهر ۾ ٻه ٽاور ٺاهيا ويا هئا، دراصل هن وقت اهي ٻئي ٽاور جنهن کي ٽُـئن ٽاور چيا وڃن ٿا، ان طرح ٺهيل آهن جو ٻئي هڪ ٻئي سان ملن ٿا. هيٺان وچان ٽرئفڪ لنگھي ٿو. وڏي ۾ وڏين اُچين عمارتن ۾ پهرين نمبر تي آهن. ان جو اسپينش اُچار کميلوز معنيٰ جاڙا، توروز يعنيٰ ٽاور، جنهن کي هن وقت بئنڪن پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي جو ويچارن ڪوويت جي عرب مالڪن جا ڪن ڏيوالا ڪڍائي ڇڏيا، اتي ڪيترا اهڙا لفظ آهن جن جا اُچار عربي جيان آهن، نالا به ڪيترا اُن جي اثر وارا ملندا، مئڊرڊ جو نالو ئي کڻي وٺجي مخريت مان مئڊرڊ ٿيو، ڪيترن لفظن تي زير زبر به نظر ايندي، خميص کي خميض به چون، ڪي وري لفظ اُبتا جيئن يو.اين.اوُ ‐ اوُنو، ناٽو جو اوُنتو، ڪُواترو ‐ چوٿين حصي کي چون، اوُنو هڪ کي، بئٽري جي سيلس کي پيلا، ويهي رھُ کي سينتتي، هلو! کي اوُلا، اسپينين جي هڪ عادت سُٺي، ڪير سُڃاڻي نه سُڃاڻي هڪ ٻئي کي اوُلا ضرور ضرور چون، سائين رام رام اسين چئون، هو چون اوُلا، گوڊ بائي جي لاءِ آديئوس! هيڏي اچُ بينگا بينگا! جبرالٽرل جي اسلام سان وابستگي چئي وڃي ٿي، جابُل‐ال‐طارق خليفي جو جنرل هو اُن جي نالي پُٺيان نالو ڦري جبرالٽرل ٿيو، جيڪو سائوٿ آف اسپين يعني ڏاکڻي اسپين طرف پوي ٿو. ڪجھ عرصو پهرين برطانيه ۽ اسپين وچـ۾ ان جي ڪنهن هڪ مُلڪ سان شامل ٿيڻ تي ڳالھ ٻولھ به ٿي هئي.
    هڪ واري اسان شهر کان ٻاهر ويا هئاسين اُتي جپسي عورتون ۽ مرد نچي رهيا هئا، اُنهن جي نرتيه، گيت سنگيت ۾ ڏاڍو رِدم هو، پير اصل ٿرڪن پيا. اُن وقت مونکي سنڌ جي ڀرٿ ڀريل سدري پئي هئي. جپسي عورتون پُڇڻ لڳيون، ڪانتيش کين اسپينش ۾ سدري جي ڀرت جي باري ۾ ٻُڌايو .اتي اسپينش ۾ انهن لاءِ خيتانو لفظ استعمال ٿيندو آهي. اتي جي جپسين يعني خانابدوشن جو چوڻُ آهي ته انهن جي بزرگن جو پنجاب ۽ چنديڳڙھ جي علائقن سان واسطو هو. ڀارت جي هڪ راجا انهن کي ايران جي بادشاھ کي بخشيش ۾ ڏنو هو، اُتان انهن جي يورپ طرف لڏ پلاڻ ٿي. خيتانو يعني جپسين کي اتي آئي هزار سال ٿيا آهن، هڪ هزار سال گذرڻ جي باوجود اهي پنهنجن ريتن رسمن تي قائم آهن. لوهارڪو ۽ ڪباڙيءَ جو ڌنڌو به پيا ڪن. انهن جي خاص ڊش آهي ڪوسيدو مدري لينئو يعني مئڊرڊ جي خاص تيار ڪيل ڊش، ڇولن ۾ وڏا وڏا سوئر جي گوشت جا ٽُڪر وجھن ۽ گڏ پٽاٽا، ٻيو سي‐فوڊ، سامونڊي خوراڪ مڇيون جھينگا طرح طرح جا سامونڊي جيو وڏي شوق سان کائين.
    ڪئي ڀيرا بُل ‐ فائيٽنگ واري اسٽيڊيم ٻاهران لنگھڻ ٿيو، ان راند کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن به دل ڪانه ٿي. اسپين ۾ هڪ فيسٽيول تمام مشهور آهي جيڪو فرمين درويش جي پُٺيان نالو ڏنل آهي، اُتي اها روايت هلندي پئي اچي، هڪ واڙي مان بُل (ڍڳا) نڪرندا آهن جن کي اسٽيڊيم ڏانهن ويندي ويندي ست اٺ منٽ کن لڳندا آهن. انهن ڍڳن جي اڳيان ڄاڻي واڻي ماڻهو ايندا آهن ڪي لتاڙجندا آهن ته ڪي ڀڄي پري ٿيندا آهن، ڪي وري وچون وچ انهن سان ڊوڙ لڳائيندا آهن، هيءُ ميلو ستن ڏينهن تائين لڳندو آهي، فرانس جي سرحد ڀرسان پامپولانا ڳوٺ آهي، اتي وڏي تعداد ۾ اچي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. اتان جو ميئر ان جو بندوبست ۽ ميزباني ڪندو آهي. باسڪوس پراونس ۾ آهي. اتي علحدگي پسند عنصرن طرفان هلچل هلائي پئي وڃي، حالانڪ اڃان انهن جو ايترو زور ناهي. مان اسپين جي هر هڪ دِشا طرف ويس صرف ان علائقي طرف وڃڻ ڪونه ٿيو.
    هڪ واري اشوڪ سان گڏ وڃي رهي هيس ته رستي تي ٽرئفڪ لائيٽ تي ڪار روڪڻ وقت بوسنيا ۽ ٻين علائقن جون زالون ماڻهن کان گذربسر لاءِ پيون گھرنديون هئيون، هڪ مائي اشوڪ سان ڪجھ ڳالهائڻ لڳي، مون ڏي ڏسي ڏاڍي انداز سان چيائين، گواپا! مان به ڪري ڪنڌ ڌوڻيو، ٽرئفڪ لائيٽ گرين ٿيڻ تي اسان جي ڪار اڳتي وڌي. مون چيو، اشوڪ ڇا پئي پُڇي؟ چيائين، تنهنجي لاءِ پُڇي رهي هئي، ڪير آهي؟ ڪٿان آئي آهي؟ مون چيو مانس، منهنجي ڀيڻ آهي. چيائين گواپا! مطلب؟ مطلب تنهنجي ڀيڻ سُهڻي آهي. مان چيو، مان مڙيئي سُهڻي آهيان؟ چيائين ڇو، منهنجي ڀيڻ گھٽ آهي ڇا؟ دراصل مونکي اُن ڏينهن زريءَ واري ساڙهي ۽ جوئلري وغيره پهريل هئي، جو ڏياريءَ جي فنڪشن لاءِ هوٽل ۾ انڊين ائسوسيئيشن جي عورتن جيڪو پروگرام رکيو هو، اُن ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هيس.
    مئڊرڊ ۾ هڪُ وڏو اسٽور آهي لا‐وگوئدا، اُتي ڪئي ڀيرا شاپنگ لاءِ وڃڻ ٿيو، اتي هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي نارٿئي‐بورگوس، اُتر پورچوگال‐چمارتين، اُتان يورپ ڏئي گاڏيون وڃن ٿيون. سائوٿ لاءِ ٽرينس آتوچا، اندولسيا، مئڊرڊ کان سيويجا وغيره فاسٽ ٽرين 350 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. اشوڪ سان گڏ هڪ ٻه ڀيرا فرينڪو جي رهائشگاھ واري ايراضيءَ طرف شهر کان ٻاهر وڃڻُ ٿيو.
    ويندي ويندي وئلينسيا بيچ تان ٿي آياسين، ڪانتيش چيو هل ته بارسيلونا هلون جتي اسان کي ڄاڻ آهي راندين جي عالمي چٽاڀيٽي جي ميزباني ٿيندي آهي. پونم چيو وينا ديدي لاسپما مان ٿي اچو. ٽي ڏينهن هئا مون چيو نه مان نه ويندس جو مونکي امريڪا ضرور پهچڻو آهي. وڃڻ وقت دل سُست هئي مٿان وري اڳتي اڪيلو آمريڪا جي سفر جو فڪر.


    نـيويارڪ

    اسپين مان 28 جولائي تي صبح جو ڏهين بجي جي ڪي.ايل.ايم. جي فلائيٽ وٺڻي هئي. منهنجي دل ڪجھ مايوس هئي. پهرين ائمسٽرڊيم ۽ اُتان فلائيٽ مٽائي نيويارڪ لاءِ ورتي. نيويارڪ کان پنجين بجي شام جو وري ٻي فلائيٽ آرلينڊو لاءِ وٺڻي هئي. هڪ ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل وچـ۾ ڪافي فاصلو هو. بورڊنگ ڪارڊ لاءِ وڏي لائين هئي. لڳي پيو ته فلائيٽ مِس ٿيندي. ڌڻيءَ جي مِهر ٿي، نيٺ نمبر آيو. نـڙي خشڪ ٿي رهي هئي. هن کان اڳ 1990ع ۾ امريڪا وڃڻُ ٿيو هو، اُن وقت سنڌي ائسوسيئشن‐آف نارٿ امريڪا (سانا) جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃڻُ ٿيو. حالانڪ پهريون ڀيرو هو، ايتري گھٻراهٽ ڪانه ٿي جيتري هن سفر دوران محسوس ڪري رهي هيس.
    اُن وقت اشوڪ مميءَ کي اسپين پنهنجي نئين گھر جي مهورت جي سلسلي ۾ دهلي وٺڻ آيو هو. مميءَ چيو تون امريڪا مان ٿي مئڊرڊ رکڙيءَ واري ڏينهن تي ضرور پهچج، جو ستنارائڻ تي جاءِ جو مهورت آهي. دهليءَ کان رات جو ٽئين بجي جي فلائيٽ هئي. ست لڳي ويهن منٽن تي اتي جي مڪاني وقت موجب فرئنڪفرٽ پهتس ۽ منهنجي واچ ۾ سوا ٻارهان ٿي رهيا هئا. ڪجھ فارميلٽيز کانپوءِ اُتي اٺ پنجيتاليھ ٿيا هئا. دهليءَ کان فرئنڪفرٽ تقريبن ڇھ هزار هڪُ سئو ارڙهان ڪلوميٽرن جو فاصلو هو. وري اُتان فرئنڪفرٽ کان واشنگٽن ڊي.سي. ڇھ هزار پنج سئو پنجيتاليھ کن ٿيندا. پهريون ڀيرو آمريڪا سفر دوران جڏهن سمنڊ مٿان جھاز هلي پيو ته هيٺ پاڻي ڏسي جان نڪري رهي هئي. اوچتو واشنگٽن لهڻ وقت زوردار رڙيون واڪا، چيٽون ٿيون مان ڏڪي ويس الائي ڇا ٿيو، نه ڄاڻ ته فلائيٽ ۾ موجود ماڻهن سفر دوران سک سان پهچڻ تي خوشين جو اظهار ڪري رهيا هئا، پُٺيان ڪيترا نوجوان ويٺا زوردار تاڙيون وڄائڻ لڳا. ڪجھ دير اڳ جيڪو ساھُ مُٺ ۾ هو، اُن مان نجات ملي، اڪيلائپ ۾ پنهنجو پاڻ تي کلي ڏنم. اُتان هاليڊي‐اِن هوٽل ۾ پُهتس. ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ سان ڳالھ ٿي. مان اُن کانپوءِ پلنگ تي وڃي ڪريس. ٻئي ڏينهن ڪمري جي فون جون گھنٽيون پيون وڄن، مونکي اصلُ هوش ئي ڪانه هو.
    31 جولائي 1990ع کان 15 جولائي تائين سانا جي ڇهين سالياني ڪانفرنس هوٽل هاليڊي‐اِن ۾ رکيل هئي. اُن ڪانفرنس ۾ پروفيسر امينا خميساڻي، جناب عبدالله شاه، جناب حفيظ پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترا آيل هئا. اُن وقت سانا جو پريزيڊنٽ جناب خالد هشماڻي هو. ڊاڪٽر دوداڻي، شنڪر لکاني، آدرش سنڌي، ڊاڪٽر آفتاب قاضي، ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر بدر شيخ، ڊاڪٽر رزاق ميمڻ، منظور ميمڻ، اقبال ترين، انور شيخ، عبدالرحمان سومرو، جاويد لغاري ۽ ٻيا ڪيترا جُـڙيل هئا. منهنجي سُـٺي سارسنڀال لڌائون. ڊاڪٽر دوداڻي جا ٿورا، جن وقت به وقت ياد ڪيو آهي. بحث ۾ منظور ميمڻ، ڊاڪٽر وقاصي، جناب انور شيخ، مسٽر انصاري ۽ مٿين سڄـڻن کان علاوه ٻين سڄـڻن حصو ورتو. سائيم جي.ايم. سيد جي سياست ۽ ٻين موضوعن تي بحث رهيو، ڪجھ ذڪر پنهنجي آرٽيڪل ۾ اڳـ۾ ڪري چُڪي آهيان. مون جڏهن ويچار پيش ڪيا ته پروفيسر امينا خميساڻيءَ شاباس ڏني، کيس آواز به پسند پيو. بشير ڀنڊ طرفان ميامي جي دعوت رهي ۽ ڊزني‐ورلڊ ڏسڻ جو موقعو مليو. مياميءَ ۾ هن سنڌ واري ڪچهريءَ جو بندوبست ڪيو هو. کاڌو به سنڌ وارو ۽ اُهو به پنهنجي هٿن سان تيار ڪيل، حالانڪ هن جو فاسٽ‐فوڊ واريون موٽيلس هيون، سندس گرل فرينڊ حيران ٿي ته اهڙي ڪهڙي اهم شخصيت آهي جنهن جو هو خود ڌيان رکي رهيو آهي. پنهنجي ڳوٺ دادوءَ جا حال احوال ۽ امريڪا ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن جي پنهنجي سنڌ واري ماحول کي ياد ڪرڻ ۽ هتي جذباتي طور پاڻ کي دٻاءُ هيٺ محسوس ڪرڻ.
    الطاف ميمڻ ۽ سندس گھرواريءَ ڪافي وقت ڏنو، نه صرف اهو پر جيجي زرينا بلوچ، اياز لطيف پليجو ۽ مونکي پنهنجي گھر هلي ٽڪڻ لاءِ چيو. شنڪر لکاني پنهنجي گھرواريءَ سان مُلاقات ڪرائي، تمام سُٺو ڇوڪرو آهي، صبح جو سائنس ميوزيم، نئشنل ايئر ائنڊ اسپيس ميوزيم ۽ شام جو پوسٽ آفيس ايوينيو ۾ ان جي ٻارن سان گذري، پُـٽن جا نالا سُٺا رکيا هئائين، هڪ جو نالو بيجل هو. هدايت بلوچ، اسرار انصاري ۽ لنڊن مان آيل سڄڻ ۽ ان جي بيگم سان گڏ شاپنگ لاءِ وياسين. واشنگٽن ۾ اسپيس ميوزيم ۾ ئي چڱو وقت نڪري ويو.
    ويٽنام جي جنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجين جي ياد ۾ ويٽنام وئٽرنس ميموريل اڏيو ويو آهي. اُن وقت ڪيترون زالون مرد پنهنجن پنهنجن وڇڙي ويلن کي ياد ڪري رهيا هئا. ان جي خاص ڳالھ اِها آهي ته اهو يادگار ويٽنام جي وار ‐ وئٽرن جي چئرٽيبل تنظيم جي (27 اپريل 1979ع) سوچ جو نتيجو آهي. آمريڪا جي جيڪا جنگ تي پاليسي هئي اُن کان ڪنارو ڪري صرف شهيدن ۽ جيڪي جنگ ۾ لاپتا ٿي ويا، يا جن کي جنگي قيدي بڻايو ويو، تن جي ياد قائم رکڻ لاءِ اڏيو ويو آهي. ان يادگار لاءِ امريڪي ڪانگريس پهرين جولائي 1980ع تي منظوري ڏني، ان جي ڊزائين جي سلسلي ۾ قومي سطح تي کلي چٽاڀيٽي رکي وئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان وٺي مٿي جي ڄمار جا ماڻهو شرڪت ڪري سگھن پيا. ان لاءِ 1421 داخلائون مليون جنهن مان اِيٿن جي 21 سالن جي هڪ ڇوڪري جيڪا يونيورسٽيءَ جي شاگرد هئي. مايا‐ينگ‐لئن تنهن جي داخلا عالمي طور تسليم شده فنڪارن ۽ ڊزائينرن تي آڌارت اٺن ججن جي پئنل منظوري ڏني. جيڪي پٿر جون مورتيون آهن سي واشنگٽن جي بُت تراش فئڊرڪ‐هارٽ جون تيار ڪيل آهن. يارهين مارچ 1982ع تي ان ميموريل جي ڊزائين ۽ نقشي کي منظوري ڏني وئي. 26 تاريخ مارچ تي کوٽائي شروع ڪري ان ڀت (ديوار) کي آڪٽوبر ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ يارهين نومبر تي امريڪي صدر کي سونپيو ويو، جنهن تي 70 لک امريڪي ڊالر لاڳت لڳي، جيڪا رقم ٻه لک پنجهتر هزار رضاڪارانه تنظيمن، وئٽرنس جي يونين، ڪارپوريشنس، فائونڊيشن ۽ انفرادي طور آمريڪي فردن جي دان ذريعي گڏ ڪئي وئي. هيءُ يادگار قوم کي تيرهين (13) نومبر 1982ع تي سمرپڻ ڪيو ويو، 1984ع ۾ آدم قد نما هٿيارن سان ورديءَ ۾ فوجين جون مورتيون شامل ڪيون. ان ڀت جي ڊيگھ 246075 فُٽ آهي، ان لاءِ گرينائيڊ جو پٿر ڀارت جي بئنگلور شهر مان گھرايو ويو هو.
    واشنگٽن جي پهرين صدر جي ياد ۾ واشنگٽن يادگار به سيلانين جي ڪشش جو باعث آهي. وطن لاءِ ڪيل خـذمتن جي احترام طور اهو اڏيو ويو آهي. فوج جي ننڍي ٽڪڙيءَ جي ڪمانڊر طور جيڪو ننڍين بئٺڪن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو هو، جنگ جي پهرين ٽن سالن اندر ئي هن اهم سوڀون حاصل ڪيون. تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪيو. سندس قول هو : سالميت ۽ مضبوطي! ان جي ڊزائين رابرٽ ملس تيار ڪئي. ڪجھ ڦير گھير به ٿي. پنج سئو پنجونجاھ فُـٽن کان مٿي آهي ۽ هيٺ ڀت جي ويڪر (ٿولھ) اٽڪل پندرهان فُٽ بيان ڪئي ٿي وڃي، ان يادگار جو وزن نوي هزار اٺ سئو چئونجاھ ڄاڻايل آهي. جارج واشنگٽن جي وفات وقت اهو ويچار ڪانگريس کي 1783ع ۾ آيو پر ان تي پيروي ڪانه ٿي، وري 1833ع تي برک شخصيتن ويچار کي اڳتي وڌايو، 1874ع ۾ ڪجھ سلسلي کي اڳتي وڌايو ويو، وري سياسي ويڙھ ڪري رنڊڪ پئي، اُتر ڏکڻ جي ناسازگريءَ جو نتيجو گھرو جنگ رهي جنهن ته ماڳي ئي تعميري ڪم کي ٺپ ڪري ڇڏيو. 25 سالن تائين اهو روڪيل رهيو. نيٺ 21 فئبروري 1885ع تي مڪمل ڪيو ويو. نائين (9) آڪٽوبر 1888ع تي عوام لاءِ کوليو ويو. اتي پهرين اِيليويٽر ٻاڦ وارو هو، 1901ع تائين استعمال ڪيو ويو.
    دنيا جي سُپر پاور مُلڪ جي رهائشگاھ وائيٽ هائوس جو درشن ڪرڻ به نصيب ٿيو. مان اُتان (17) سترهين جولائي تي نڪتس. 19 جولائي تي مِيامي بيچُن جو سير سپاٽو. مِياميءَ ۾ هڪ ٻئي جي مٿان برجس ٺهيل آهن. ٽرئفڪ تمام ئي روانيءَ سان هلي ٿو. سيونمائيلس برجس اتي اُن وقت ٻُـڌايو ويو ته تقريبن هڪُ هزار سنڌي رهن ٿا. ٻه سنڌي گُـردوارا آهن، هڪ مسجد آهي. سنڌي ڪاروبارن ۾ پورا آهن، صرف ڌارمڪ ڏينهن چيٽي چنڊ يا ڏياريءَ وغيره جا فنڪشن ڪن ٿا. 18 جولائي تي ڪار ذريعي ڊيسني ورلڊ لاءِ روانگي ٿي. ادي بشير وٽ هڪُ جونيئر سنڌي ڇوڪرو اختر نالي سان هو، تنهن تي ڊيسني ورلڊ ڏيکارڻ جي هن جوابداري رکي. مئجڪ هائوس، ايم.جي.ايم. اسٽوڊيو جتي شوٽنگ جا اِفيڪٽس ورتا ويندا آهن ۽ ڪارٽون ڪيئن ٺهندا آهن اُهو مرحلو ڏٺو. ايم.جي.ايم. اسٽوڊيو ۾ مِني ريل ۾ جڏهن سير ڪرائي ڄاڻ ڏيئي رهيا هئا ته اوچتو باھ جا اولا، ڄڀيون جيان اسان جي قريب اچڻ لڳا، سڀئي سيلاني ڊڄي ويا پر نقصان نه ٿيو، بگ‐ٿنڊر‐مائونٽين‐ريل روڊ؛ اهو فلم ۾ هڪ ائفيڪٽ وارو سِين هو، ان ائڊوينچر ۾ ڪيترن جون شيون گُم ٿي وينديون آهن، ڪِن جا چشما، ڪِن جون هئٽس ڦهڪو ڪري، ڪري پون. سفر دوران انهن کي سنڀالي پاڻ وٽ رکڻ ۽ مقرر فاصلي تي رهڻ هدايت به ڏني ويندي آهي. پاڻيءَ ۾ بمبازيءَ وارو اِفيڪٽ ساڳيءَ طرح مَلٽي اسٽوري بلڊنگ، ان طرح جي ننڍڙي هئي، ننڍڙيون دريون، انهن جا ڪيئن ٿا اِفيڪٽس وٺن. اڄ ڀارت به فلمي کيتر ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. ڊيسني ايم.جي.ايم. اسٽوڊيو جا ائڊوينچر، والٽ ڊيسنيءَ جي ننڍپڻ کان وٺي ان جي موجود اڏڻ واري مرحلي تائين ڄاڻ، ڪن فلمن ۾ سندس آواز ذريعي بيان. اتي هال‐آف‐پريزيڊنٽس ۽ اَمريڪا جي تاريخ ۽ هيل تائين ٿيل پريزيڊنٽن جو احوال بيان ڪيو وڃي ٿو.
    سميلن کان پهرين آرلئنڊو جي سفر جو مختصر ذڪر انڪري ڪيو جو پهريون ڀيرو اُتي 1990ع ۾ سانا جي ڪانفرنس ڪري اچڻ ٿيو. سن 1999 ۾ سنڌي سميلن جي ڪري وري اتي اچڻ ٿيو. 28 جولائي تي پنجي بجي نيويارڪ پهچڻ کانپوءِ مڪاني فلائيٽ ذريعي آرلئنڊو روانگي هئي. گلو خشڪ ٿي رهيو هو، فلائيٽ ۾ پهريون ڪمُ ٻه ٽي گلاس پاڻي ۽ جوس جا پيتم، دل ڌڪ ڌڪ پئي ڪري، رات ٿي چڪي هئي. ڏهين بجي فلائيٽ اتي پهچڻي هئي، سفر دوران جيڪي هوائي جهاز گولاٽيون کارايون تن اصلُ ساھُ مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو، هيٺ پاڻيءَ تي نظر پوڻ سان هانوءُ کاڄي ٿي ويو، مونکي ترڻ ايندو ڪونه آهي، من اندر ڪئي خوف…… ڄڻُ جي ترڻ اچي ها ته تري پار پوان…… پنهنجي نادانيءَ تي ڪهڙو ردي عمل ڏيان.
    خير سان 28 جولائي رات جو ڏهين بجي اتي پهتس، هوائي اڏي تي سميلن جو ميمبر مسٽر هريش منگھناني وٺڻ آيو، تڏهن ڪجھ ساھ پيو. هوٽل ۾ وملا تواري ملي جيڪا پڻ اُن وقت پهتي هئي، جنهن تي ڪلچرل پروگرام جي جوابداري هئي هن سان گڏ سندس مُسلم پاڪستاني ساهڙي به هئي. رات جو ڪافي دير کانپوءِ ننڊ آئي ٿڪاوٽ به زبردست هئي. اُتي لڪشمي ڪرپلاڻيءَ سان به مُلاقات ٿي جنهن کي ڪويتا لکڻ جو شونق هو، ڪجھ ڪويتائون پڙهڻڻ لاءِ ڏنائين. ٻئي ڏهاڙي لنچ هڪ انڊين ريسٽورينٽ ۾ رکيل هئي.
    جيئن ته سميلن جو بندوبست رتنا گدواڻيءَ کي ڪرڻو هو، اُن سان ڳالھ ٻولھ ٿي. صدر شري پريم لالواڻي ۽ وملا تواريءَ منهنجو سامان پنهنجي ڪار ۾ رکيو، ٻاهريان ڊيليگيٽس اچي چڪا هئا. ٽي چار ڪلاڪ ڪمري جي انتظار ۾ ان دوران ڪيترا ڄاتل سُڃاتل مليا پر منهنجو ساھُ ته پنهنجي بيگين ۾ اٽڪيل هو، انڪري نه ته اُن ۾ ڪي هيرا جواهر هئا پر، اُن ۾ سميلن دوران جيڪو فئشن شو مونکي پيش ڪرڻو هو، اُهو سامان هو. پنهنجي پريشانيءَ جو ڪهڙو بيان ڪريان، بس لطيف سائينءَ جون هيءُ سٽون منهنجي اُن وقت جي حالت جون ترجماني آهن.
    حـقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪرايان ذري
    لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري. ( شاه )


    امريڪا ۾ سنڌڙيءَ جو سيرُ

    ٻن ڏينهن جو هيءُ ڇهون سميلن 30 جولائي 1999ع کان پهرين آگسٽ تائين هو. 30 جولائي تي ان جو افتتاح ٿيو. ان موقعي تي افسوسناڪ حادثو پڻ ٿيو آهوجا ڪٽمب جا ٽي ڀاتي ڪار حادثي ۾ گذاري ويا. سميلن ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني سندن آتما جي شانتي لاءِ ۽ ڪٽمب جي ٻين ڀاتين سان ڏک جو اظهار ڪندي شرڌانجلي پيش ڪئي. پهرين ڏينهن تي انيلا سندر ۽ ٻين ڪلاڪارن جو پروگرام رکيل هو. ڳائيندڙ فنڪارا تيجي ڀوڄواڻيءَ ۽ سنڌ جي ڳائيندڙ فنڪار مظهر حسين پنهنجي مخصوص انداز ۾ حاضرين کي موهي ڇڏيو. شاه لطيف جا ڪلام، انکانسواءِ نج سنڌي سنگيت، جنهن ۾ مٽيءَ جي مهڪ سمايل هئي ان جي رنگ ۾ سڀني کي رنگي ڇڏيو. هڪ طرف تاڙين جي زوردار گونج هئي ته ٻئي طرف سنگيت جي لئه ۽ تال تي سنڌيت پريمين جي جُھمر ۽ جمالو هو، ڇنڇر صبح جو دادا لڇمڻ چيلارام جو ڪيرتن ۽ گرٻاڻي هئي. سميلن ۾ آيل وڏي تعداد ۾ عورتن، مردن شرڌا ۽ پريم سان آساوادي ڪيرتن جو آنند ماڻيو.
    ڇنڇر ڏهاڙي مختلف سنڌي اڳواڻن سميلن کي خطاب ڪيو. پهرين سميلن جي چيئرمين شري پريم لالواڻيءَ سميلن جي باري ۾ ۽ اُن جي ڪمن تي روشني وڌي. انکانپوءِ مشهور قانوندان ۽ وزير شري رام ڄيٺملاڻي خطاب ڪيو، جنهن پنهنجي تهذيب تمندن ۽ ٻولي کي زنده رکڻ ، سنڌي جاتيءَ کي ايڪي قائم رکڻ جو سڏ ڏنو. ڪشمير ۾ شهيد ٿيل نوجوانن کي عقيدت پيش ڪندي، پاڙيسري مُلڪ کي پنهنجي ناپاڪ ارادن کان باز رهڻ لاءِ چيو. ميمبر پارليامينٽ شري سُريش ڪيسواڻي، دنيا جي مشهور معروف ڪُٽمب هندوجا ڀائرن مان شري پرڪاش هندوجا ۽ ڊاڪٽر ستيش روهڙا به خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر گُل آغا سنڌ جا تاريخي ۽ ٻيا مرڪز سُهڻي نموني پروجيڪٽر تي ڏيکاريا. يوٿ پروگرام الڳ رکيو ويو، دراصل اُن پُٺيان مقصد زندگيءَ جي همسفر جي چونڊ وارو رهيو، جو اتي مٽي مائٽيءَ لاءِ مائٽن کي بيحد پريشاني ٿئي ٿي، اُنهن لاءِ هيءُ سميلن سُنهرو موقعو آهي.
    سميلن ۾ سنڌي ڪتابن ۽ ڪئسٽن جو نماءُ ۽ وڪرو به ڪيو ويو. اسٽال تي آدرش سنڌي عرف الطاف ميمڻ، منور لغاري، ڊاڪٽر ستيش روهڙا سنڌي سنگيت ۽ ساهتيه جي ڄاڻ ڏيئي رهيا هئا. شام جو سنڌي لباسن تي آڌارت فئشن شو رکيل هو، جنهن لاءِ سميلن طرفان مونکي خاص نينڍ مليل هئي. اهو پروجيڪٽ تمام ڏکيو ۽ للڪار ڀريو هو. ان ۾ وڏو پورهيومنهنجي مُربي ڀيڻ پروميلا شرما جو شامل هو. مون ريسرچ ڪئي، مٽيريل جي چونڊ، سنڌ مان ڪپڙو، ڀرت ڀريل گج، ٽوپي، گُل واري جُتي، اجرڪون کٿو، ڀرٿ ڀريل روا گھرائڻ ڪو سولو ڪمُ نه هو. ان فئشن شو لاءِ رنگن جي چونڊ، آج جون ٻاهيون، زيور، مئچنگ پوتيون (چڪني جو رئو) سنڌي ٽوپيون، ڀڳت ڪنوررام جو جامو ۽ پڳ، لباسن تي آڌارت (ڪمينٽري) نريشن لکڻُ، جنهن ۾ لباسن متعلق شاه جي شعرن جي چونڊ، ان پروجيڪٽ ۾ منهنجي سياڻي ڀيڻ شالني به ٻانھ ٻيلي ٿي بيٺي، چوڻي آهي همٿين مردان مددي خدا. گجرات مان روايتي شيون آڻڻ جي جوابداري شالنيءَ تي وڌي، جئپور، اجمير، بڙودي جو ذمو مون پاڻ تي وڌو. پروميلا تي هر روز درزيءَ وٽ ٽن مهينن تائين اچ وڃ ڪرڻ جو ڪمُ ۽ چاندني چوڪ مان ٽوپيون ٺهرائي اچڻ ۽ ٻيو ڪمُ وڌو. ڪئي مرحلا هئا. ڊاڪٽر دوداڻيءَ جو شونق هو ته مان اهو پروجيڪٽ ڪريان، اڳين سميلن ۾ به هڪ طرح جي پروجيڪٽ جي صلاح ڏني، پر ان وقت عمل ۾ اُهو پروجيڪٽ ڪونه آيو. وملا تواريءَ جو خط ۽ ٻه ٽي ڀيرا فون آيو. هڪُ ڀيرو رتنا گدواڻيءَ جو فون آيو ته ان طرح جو فئشن شو تون ڪندينءَ يا نه؟ ڊاڪٽر دوداڻيءَ فئبروريءَ ڌاري دهليءَ آيا مون سان ڪرزن روڊ تي روبرو گڏجاڻي به ٿي، اُنهن جو مون تي اعتماد، مون کين ٻُڌايو مميءَ جي طبعيت ٺيڪ به ڪانه آهي، توهان جو منهنجي ٽئلنٽ تي ڀروسو آهي، ان لاءِ توهان کي يقين ٿي ڏياريان ته اگر ڪمُ کڻندس ته نڀائيندس، مان وملا تواريءَ سان رابطو رکان ٿي. اها گڏجاڻي شايد ڪلاڪ کان به گھٽ رهي. ان وچـ۾ منهنجي امڙ مونکان وڇڙي پرماتما وٽ هلي وئي.
    مان دهليءَ مان جون ۾ نڪتس، سميلن لاءِ تيار ڪيل ايڏو سامان ويھ ٻاويھ وڳا ۽ ٻيو سامانُ، سفر جا ڏک ڏولاوا، مٿان ٻيون فارميلٽيز، بيگون گھليندي گھليندي ٻانهون سُور ڪري رهيون هيون. مون پنهنجا ته صرف پنج ست ئي وڳا کنيا هئا، هڪ فلائيٽ مٽائي وري ٻي…… خير سان سميلن تي پهچي ويس. انکانپوءِ آيو مرحلو ماڊل چونڊڻ جو. مسز رتنا گدواڻيءَ کي ڳولهي لهڻ مُشڪل ائين ته ماشاالله! ڀاري ڀرڪم جسم ڪا لڪڻ جھڙي عورت ڪانه پر سميلن ۾ ايترو مصروف جو چوڻ کان ٻاهر. ڪمري جي انتظار ۾ ڪئي ڪلاڪ اُوسيئـڙو…… سامان وملا تواريءَ جي ڪار ۾…… منهنجي دل ڌڪ ڌڪ پئي ڪري، ڪٿي ڪا چيز نه گم ٿئي ته سڄو سلسلو ٽٽي ويندو. مس مس ڪمرو مليو…… فهرست تيار ڪيم، ماڊل ملڻ مُشڪل، آخر پاڻ سميلن ۾ آيل ڇوڪرن ڇوڪرين، مرد زالن کي چوڻ شروع ڪيم، ڪن قبوليو… ڪن مجبوري ظاهر ڪئي…، ڪن رتنا گدواڻيءَ طرفان (مڪاني) آرلئنڊو جي ڪيترين شخصيتن کي نظرانداز ڪرڻ تي، اُنهن طرفان سميلن کان پري رهڻ واري مجبوري بيان ڪئي……، ڪيترن کي مون عرض ڪيو توهين مون ڏئي ڏسو، منهنجي مدد ڪريو، پنهنجي ٻارن کي هن سُٺي ڪم لاءِ همٿايو. نيٺ ڪن کي رحم آيو، چيائون توهان سنڌيت جو ايڏو وڏو ڪاريه ڪري رهيا آهيو توهانجي مدد ڪنداسين، ٻارن کي توهانجي ڪري فئشن شو ۾ شامل ٿيڻ ڏينداسين. فئشن شو جو مون کين عنوان، 'اسان جو ورثو ‐ سنڌ جا لباس' لکي موڪليو هو، اُن جي جاءِ تي صرف فئشن‐شو لکيو ويو ‐ خير!
    هواڏانهن وملا تواريءَ اندو ميرا پوريءَ سان مُلاقات ڪرائي، تنهن به ڪن نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين کي حصو وٺڻ لاءِ هِمٿايو، سچ پچ مان هن جي به ٿورائتي آهيان. ويھ ٻاويھ ماڊل چونڊڻ کانپوءِ کين لباس ۽ ان جي پسِمنظر جي باري ۾ سمجھائڻ شروع ڪيم، ڪن کي سمجھ ۾ آيو ته ڪن کي سنڌي ٻولي ئي سمجھ ۾ نه پئي اچي. وڏي مُصيبت اها جو ريهرسل ڪرائڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي نه ملي ته ڪٿي ٻه منٽ ماڊلس کي هلڻ ۽ نماءُ وارو انداز چڱيءَ طرح سمجھائي سگھان، جي اسٽيج تي وڃن پيا ته انيلا سندر جو ڏنڊو کين لڳي پيو، ته هيڏانهن نه اچو منهنجو سامان ٿو چوري ٿئي، منهنجو شو ٿو خراب ٿئي. هڪ ڇوڪريءَ کي اهڙي دٻ ڪڍيائين جو اُها روئندي آئي، مون کيس چيو تون پنهنجو موُڊ آف نه ڪر تنهنجي پيشڪش تي اثر پوندو، نيٺ کين ٻاهر لابي ۾ گڏ ڪري، مومينٽ ۽ ائڪشن سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. تيار ٿيڻ لاءِ مئڪپ روم ۽ چينج فئسلٽي کان محروم هر هڪُ ماڊل، ليڊيز ۽ جينٽس باٿروم ۾ وڃي تيار ٿي پئي آيو. انڊيا مان دريانومل جاني آيو هو، تنهن کي اُن وقت گھلي رول ڪرايم. مٿان مُصيبت اها ڪڙڪي جو آخري گھڙيءَ تي هڪ ٻن چيو، اسين نه ڪري سگھنداسين، ٺپ جواب ڏيئي بيٺا. نيٺ سميلن جي وائيس چيئرمين جي نوجوان پُٽ کي اُن وقت ئي تيار ڪيم، هڪ ڇوڪريءَ کي چيم ته هاڻي مان توکي اجازت بلڪل نه ڏيندس، توکي هر حال ۾ شو ۾ حصو وٺڻو آهي. جن مرحلن مان گذرڻو پيو اُن جو هتي بيان ڪرڻ مُشڪل آهي.
    جڏهن پروگرام شروع ٿيو، ته امر شهيد ڀڳت ڪنوررام جي صدابهار آواز ۾ نالي الک جي ٻيڙو تار…… جي ڪلام جي ائفيڪٽس سان، ڪنور جي جامي ۽ ڳاڙهي پڳـڙيءَ وارو لباس پهريل…… اسان جو ورثو ‐ سنڌ جي لباسن تي آڌارت فئشن شو جو سلسلو شروع ٿيو…… سنڌ جي لباسن ۾ منچ تي ايندڙ ماڊل حاضرين جو منُ موهيندي ٿئي ويا. پيشگير ۽ جھٻلو، پڙو ڀرٿ ڀريل رئو…… سوڙهن پاچن واري سُٿڻ، ڇريل ڪُڙتو ڦنڊڻن وارو رئو، ڌوتي ٽوپي بوڇڻُ پهريل ڪاڪو… ٿري گھگھرو… ٻروچڪو گھگو… اجرڪ ٽوپي… ڀرٿ ڀريل گج… مارون سان نيـﮧ جو ناتو نڀائڻ واري مارئي… سُھڻي‐ميهار ۽ آزادي جي دور جي کاڌهي ته ٻئي طرف انگريزن جي دور جو لباس… سنڌ جو پورهيت… هاري ناري… سنڌ جا ڀرٿ… ورهاڱي کان اڳ فلمي دور جو سنڌ جي وڏ گھراڻين ڇوڪرين جي لباس تي پوندڙ اثر… پُٺيان الغوزي تي لوڪ سنگيت جي ڌن ۽ جيجل جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ انهن لباسن جو احوال.
    مون سوچيو هو ته مان پردي پٺيان رهي آواز سائونڊ ائفيڪٽس ۽ لائيٽنگ وغيره طرف به ڌيان ڏيندس، پر هتي ان طرح جي اسٽيج جي سهوليت نه ملي. آخر ۾ سڀني ماڊلن جي منچ تي موجودگي ۽ سدائين گڏ جي صدا، سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر جي تاريخ ۾ هن انوکي يگاني ۽ پهرين طرح جي فئشن شو اَمريڪا جي ڇهين سنڌي سميلن ۾ سنڌيت پريمين جو من موهي ڇڏيو.
    سڀني ماڊلس جا ٿورا…… لک احسان! جن منهنجي تخليقي سوچ ۽ فن کي نڀائڻ جي ٿوري وقت اندر محنت ڪري پورهيو برثواب ڪيو. من ۾ مهراڻ جي ڇولين جون اُڇلون… ان جو احساسُ اُن وقت ٿيو جڏهن امريڪا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيلن ڪيترن مُبارڪباد ڏني، چيائون ڀيڻ توهان ته امريڪا جھڙي مُلڪ ۾ سنڌڙيءَ جو سيرُ ڪرايو. ڪي ڄاتل سُڃاتل ته ڪن جي نالن کان اڻ واقف، اُن وقت مونکي خوشي محسوس ٿي ته ڊاڪٽر دوداڻي جنهن اعتماد ظاهر ڪيو مان اۡن جي اُميدن تي کري ثابت ٿيس. سندس گھرواري تمام نيڪ عورت ٻنهي زال مڙسن کي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر سان پيار آهي، سنڌي هئڻ تي ناز آهي. دادا لڇمڻ چيلارام چيو مونکي خبر ئي ڪانه هئي ته توکي اهڙي ڏات ۽ ڏانو مليل آهي. ڪيترن بروقت لباس خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. مون کين چيو اها پراپرٽي سميلن وارن جي آهي، توهين وملا تواريءَ کان خريد ڪيو. جنهن ڀڳت ڪنوررام جي پهراءُ جو شو ۾ نُماءُ ڪيو، تنهن چيو مان هيءُ لباس نه ڏيندس، هن سئو ڊالر وملا تواريءَ کي هٿ ۾ ڪري ڏنا. مون وملا تواريءَ کي چيو توهان مونکان پنهنجي امانت مهرباني ڪري سنڀالي وٺو. کيس سڄو سامان ڏيڻ کانپوءِ ائين لڳو ڄڻُ سنڌوءَ ۾ ٽُٻي لڳايم.
    جن ماڊلس شرڪت ڪئي سي هئا : نانڪ لاهوري، ڪملا لالا، چندرا رام سنگھاڻي، نيتا کيملاڻي، دريانومل جاني، رنڪو منگناني، پنڪي نارواني، انيل درياني، پون خوبچنداني، بسنتي رچنداڻي، وشال ميرپوري، سنجيه گلاباني، پريتي کياڻي، ريما داسواڻي، نمرتا آڏواڻي، پرتاپ رام سنگھاني، ممتا آڏواڻي، لينا سوکواڻي، پوجا کياڻي، جيا چنديراماڻي، ديپا ڪرپلاني ،مومل پنجابي آشا چاند جي ڌيءَ سندري ۽ اۡتم جي ڏوهٽي وغيره.
    ڊاڪٽر دوداڻي هندواسيءَ ۾ ڇپيل پنهنجي سميلن واري رپورٽ ۾ لکيو : وينا شرنگيءَ سنڌي وڳن ۽ پوشاڪن جو فئشن شو جي تحرير ۾ پيش ڪيو. ڏيڍ سئوُ سالن ۾ سنڌي لباس ڪيئن بدليو هو، وندرائيندڙ نموني سنگيت ۽ سمجھاڻي ڏيندي پيش ڪيائين. شاباس اها به ته اصلي ڪپڙا لٽا ڪٺا ڪري درزين کي هدايتون ڏيئي ويس، دهليءَ ۾ تيار ڪرايائين ۽ هتي ٻن ڏينهن ۾ 21 زالون مرد ڪٺا ڪري منچ تي آندائين.
    اندو ميراپوري اُن بعد گڻيش وندنا جو پروگرام ڏنو. ڪاروائي آشا چاند سُهڻي نموني هلائي، سنگيت سمراٽ آچاريه ماسٽر چندر جي وڏي فرزند گوپ چندر، مهيش چندر، گوپ چندر جي ٻارن آرتي، هريش ۽ انيل سنگيت پريمين جي دل جيتي ڇڏي. سنگيت جي لئه ۽ تال هئي، پلئه پائي سڀني لاءِ پرارٿنا ڪئي.
    ڊاڪٽر ستيش روهڙا جن چيو، تو جيڪو شو پيش ڪيو تنهن لاءِ توکي واڌايون. رات جو جڏهن مان هوٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويس، مون بيحد رُنو، مونکي اُن ڪاميابيءَ تي پنهنجي امڙ جي ياد آئي، ته اگر هو حيات هجن ها ته ٻُڌي تمام خوش ٿين ها ۽ مان به فون ڪري اڌ رات جو حالُ اوريان ها.
    ٻئي ڏينهن به آساودي ڪيرتن ڪيو ويو جنهن ۾ تمام سُٺي تعداد ۾ سنگت شرڌا سان شرڪت ڪئي. اُنکانپوءِ جڏهن ڊيليگيٽس نيرن لاءِ پهتا ته چيائون نيرن ڪونه آهي صرف منجھند جي لنچ ٿيندي، جنهن تي ڪن سڄڻن جو پارو چڙهيو. آرتوار تي ڊاڪٽر دودي مهيريءَ سنڌين سان ناانصافي ۽ ٻه اکيائي وارين حالتن کان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ سنڌين کي واقف ڪرايو. ڊاڪٽر دودي مهيريءَ پنهنجي جيل جي ڊائري‐ پلصراط ۾ لکيو آهي ته سندس ڪنن تي سائين جي.ايم.سيد جي قومي حقن جو پراڏو پيو، جنهن کان متاثر ٿي هلچل ۾ گھريو. جيل ڊائريءَ ۾ لکي ٿو، ڪراچي جيل ۾ مونکي ٽي سال رهڻا پيا. ان دوران مون سان وڏو حادثو، منهنجي پيءُ جي حادثي موت جو الميو سامهون آيو. ٺوڙي ڦاٽڪ دوارن امڙ به مون لاءِ منهنجي راھ ۾ مون تان پنهنجو پاڻ واري ڇڏيو.
    مون مسڪين ڪاڻ مارو رنا ڇون هوندا؟
    روئي نيڻ تن جا ڀنا ڇون هوندا؟
    سنگيت محفل کي ڳائيندڙ فنڪار مظهر رونڪ بخشي، اُتي جي ڪلاڪار هيمراجاڻيءَ به سنگيت جو پروگرام ڏنو. ڳائيندڙ فنڪارن ۽ شرڪت ڪندڙن جي لئه ۽ تال جي سنگم…… سنڌ جي جي شادآباد رهڻ! ۽ هو جمالو جي گونج سان ڇهين سميلن کي الوداع ڪيو.
    سميلن ۾ شرڪت ڪندڙن… بانيڪار…… ۽ ڪن ڄاتل سُڃاتل… ته ڪن سان پهرين مُلاقات…… ۽ فئشن شو جي حوالي سان ڄاڻ سُڃاڻ ٿي. وڏي ڀاءُ اشوڪ جي همڪلاسيءَ مسٽر ٽيڪم مٽائيءَ کي جڏهن خبر پئي ته مان شهدادڪوٽ جي آهيان ته هڪدم اچي چيائين ته اشوڪ مون سان گڏ قمبر ۾ پڙهندو هو، ان منزل تائين پهچڻ تي مُبارڪباد! ڏيندي چيو، اڄُ مونکي اوهان سان ملي بيحد خوشي ٿي آهي. رات جو ڪمري ۾ وڃي مون پئڪنگ ڪئي جو صبح جو سوير شڪاگو لاءِ روانگي هئي.
    پورهيو سندو پورهيتن جو والي ڪيم وڃاءِ


    مهربان زندگي …!

    ( شڪاگو )

    پهرين آگسٽ جي رات ۽ ٻي آگسٽ جي صبح ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي. صبح جي ساڍي ستين بجي فلائيٽ هئي. مون هوٽل جي اسٽاف وارن کي 4 بجي جو الارم لڳائڻ لاءِ چيو. مونکي ننڊ نه پئي آئي، مان اُنهن جي اُٿارڻ کان پهرين ئي سُجاڳ ٿي وئي هيس. سامان ته رات جو ئي پئڪ ڪري ڇڏيو هو، صرف نائيٽ سوٽ ئي وجھڻو هو، مون چانھ ٺاهي پر مونکي مزو نه آيو ڍُڪُ ڀري ڇڏي ڏنم. پنجين بجي اشوڪ کي فون ڪيم، اُن وقت مئڊرڊ ۾ منجھند هئي، مونکي پڪ هئي ته هن وقت آفيس ۾ هوندو، جيئن ئي فون ملائي اشوڪ جو آواز ٻُـڌم، سڄي بدن ۾ سيئاندي پئجي وئي، مون چيو اشو مان آهيان، فڪر ۽ ناراضپي وچان چيائين ‐ وينا ڪمال ٿي ڪرين! منهنجو ساھُ اصل تو ڪڍي ڇڏيو. مون توکي فون ڪيو، توڏي فئڪس ڪئي تنهنجي ڪا خبر نه چار، هوٽل وارن مونکي ڏھ منٽ هولڊ ڪرايو، انهيءَ جي باوجود توکي ڳولهي نه سگھيا، مون آرگنائيزرس سان رابطو ڪيو پر تنهنجي ڪا خبر نه چار. مون چيو، اشوڪ مان توسان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ پئي چاهيان پر هتي ٽائيم جي فرق ڪري توسان ڳالھ ڪانه پئي ٿئي، ان کان علاوه سميلن دوران وچ مان نڪري به نه پئي سگھان، توکي مان شڪاگو پُھچڻ شرط فون ڪندس، اشوڪ پريشان هو سندس آواز ٻُڌي منهنجي دل به سُست ٿي وئي.
    مون آرگنائيزر جي جوابدار ڀيڻ کي عرض ڪيو هو ته منهنجي ڀاءُ کي اي‐ميل ڪري صرف هوٽل جي باري ۾ ٻُڌايو، هُو مون سان پاڻ ئي رابطو ڪندو، پر افسوس آهي پهرين هڪ هوٽل ۾ پوءِ ٻيءَ ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪمري جو انتظار جنهن ڪري اطلاع ئي نه ڏيئي سگھيس. مان ۽ اشوڪ جنهن پريشانيءَ مان گذرياسين، جن کي رتُ جي رشتن جو احساس هوندو سي ئي اندازو لڳائي سگھن ٿا……
    مونکي هوٽل جو ڪمرو اصل کائڻ پيو اچي، مان هيٺ لابي ۾ پهچي ٽرانسپورٽ جو انتظار ڪرڻ لڳس، ٻيا به ڪيترا پنهنجي منزل طرف وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا، ڪي ننڊاکڙا ته ڪي گھيرٽ کائي رهيا هئا، سميلن ۾ شرڪت ڪندڙ ڪيترا ڪُٽمب موجود هئا. ٽئڪسيءَ واري چيو هاڻي ٽئڪسي وڃي ٿي، پوءِ توهانکي ڪلاڪ کانپوءِ ٽرانسپورٽ ملندي، مون انڪار ته ڪيو، جو مسٽر هريش منگھناني مونکي چيو هو ته مان ايئرپورٽ تائين ڇڏي ايندس، وٺڻ به هوئي آيو هو. ايئرپورٽ طرف ويندڙ ٽرانسپورٽ جي وڃڻ کانپوءِ منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ته اگر کيس ڪا مجبوري ٿي پوي ته، منهنجي فلائيٽ جو ڇا ٿيندو؟ جي ٻي ٽرانسپورٽ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ملي ۽…… منهنجا خيال تيز طوفاني رفتار سان ڊوڙڻ لڳا. مون گھٻراهٽ وچان وملا تواريءَ کي ننڊ مان اُٿاريو، هن چيو تون فڪر نه ڪر، هريش جي چيو آهي ته اچي ويندو. مان اصل ٻُڏتر ۾…… من ۾ مُنجھارو…… سفر جي ان گھٻراهٽ جو پرديس ويندڙ اسان جھڙين شخصيتن کي احساسُ هوندو.
    ڪجھ دير کانپوءِ منهنجي مسٽر هريش منگھنانيءَ تي نگاهه پئي ته مون سُک جو ساھُ کنيو. هن جي لابي ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين ئي بيگ گھلڻُ شروع ڪئي، هن بيگ ۽ ٿيلهو کڻي ٽئڪسيءَ ۾ رکيو. مون کيس چيو، مونکي انتظار هو ڪٿي دير نه ٿي وڃي. هن چيو شهر کان ٻاهر واري رستي تي ٽريئفڪ ڪونه هوندو، اُتان ٿا هلون. ايئرپورٽ طرف ويندڙ ان واٽ تي ساوڪ هئي، 1990ع ميامي ۽ آرلئنڊو ڪار ذريعي سفر ڪيو هو. بريڪ لڳڻ سان ماضيءَ جي يادين جو سلسلو به ٽٽي پيو.
    سامان جھٽ روانو ڪري هن چيو توهان چانھ پيئندا. مون چيو نه، توهين ڀلي هلو. مان سندس ٿورائتي آهيان جو وقت ڪڍي وٺڻ ۽ ڇڏڻ آيو.
    ڪلاڪ اندر هوائي جهاز سينٽ ليوس تي پهتو. اُتان فلائيٽ چينج ڪري شڪاگو لاءِ ورتي، سترهان سئو ايڪڙن تي ڦهليل اوُ‐هيري هوائي اڏي تي روزانو ٻه لک مُسافر اچن ٿا، ٻه هزار ست سئو اُڏامن جي اچ وڃ آهي. پنجاھ هزار ته ورڪر آهن. سئو کان ته وڌيڪ دروازا آهن. هر ٽيهن سيڪنڊن ۾ ٻه هوائي جھاز لھُ چـڙُھ (اُڏام) ڪن ٿا. بئگيج لاءِ جڏهن اُتي پهتس ته ڏسان منهنجي بيگ ۽ ٿيلهو ايئر‐لائين جو ملازم ٽراليءَ ۾ کڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، مان ڊوڙون پائيندي هُن کي اشارو ڪيو ته اهو منهنجو سامان آهي، هو اُتي ئي بيهي رهيو. شايد مونکي پهچڻ ۾ دير ٿي، جيستائين مان پُڇا ڪري پھچان تيستائين سڀئي مُسافر نڪري چُڪا هئا. هوائي جھاز ۽ سامان موڪلڻ ۽ چاڙهڻ، تيرهان ڪلوميٽرن جو مختلف جھازن تائين فاصلو آهي ۽ ان جي رفتار اهڙي جو اسان پارا پهچن پھچن سامان اڳ ۾ ئي موجود. هرهڪ منٽ ۾ پنج سئو تائين بئگيج ايڪسري مشين مان گذرن ٿا. اها انڊر‐گرائونڊ بئگيج جي بندوبست واري جاءِ ايڏي ته وڏي آهي جو ان لاءِ چيو ٿو وڃي ته ٽن فوٽبال وارن گرائونڊس جي برابر آهي. سئو کان وڌيڪ ته دروازا آهن.
    ايئرلائين جي مُلازم کي چيو مان ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهيان، تون منهنجي مدد ڪر سامان گيٽ تائين کڻي هل ته مهرباني ٿيندي. مان توکي ٽِپ ڏيندس. حالانڪ مونکي سخت هدايت ڪئي وئي هئي ته سامان اڪيلو نه ڇڏج يا ڪنهن اجنبيءَ کي نه ڏج، سٽ ڏيئي سامان کڻي ويندا آهن، سندس گلي ۾ شناختي ڪارڊ هو انڪري مونکي ڪجھ آٿتُ هو. گيٽ تائين هليو اُتي مونکي ڪوبه نظر نه آيو، مون کيس چيو ٻئي گيٽ تي هلي ڏسون، چڱو فاصلو هو، اُتي به ڪوئي نظر نه آيو. مون کيس چيو ته اڃان اڳتي هلي ڏسون؟ هن چيو سڀني کي خبر آهي ته اهوئي گيٽ آهي اتي ئي ايندا آهن. منهنجي پريشاني ڏسي هو مونسان اُن گيٽ تائين به هليو، روڊ ڪراس ڪري ٻاهر ٽئڪسي تائين آيو. منهنجي پريشاني وڌڻ لڳي. ڊاڪٽر پروين الائي ڇو ڪونه پهتي، ڪو فلائيٽ جي ڏينهن يا ٽائيم جو مُنجھارو ته نه ٿيو…… مون چيو مونکي فون ڪرڻو آهي، ويچارو وري اندر وٺي آيو، فون تي آنٽي شيرن سان ڳالھ ٿي، چيائين ٻه ڄڻيون توکي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ نڪري چُڪيون آهن ڪٿي ٽريئفڪ وغيرهه ڪري دير ٿي هوندن، ٻچا تون فڪر نه ڪر پهچي وينديون، آنٽي شيرين کوجا ڪُٽمب مان آهي. منهنجي امڙ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ پڙهندي هئي، سندس شادي جوشي برهمڻ سان ٿي، جنهن ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ رهي بهائي ڌرم اختيار ڪيو. ڪراچي ريڊيو تي سنسڪرت جو پروگرام ڏيندا هئا ۽ يونيورسٽي جا پيپر وغيره چيڪ ڪندا هئا. ممي ۽ آنٽي شيرين ڀينرن کان وڌيڪ نڀايو.
    ٿوري ئي وقت اندر ڊاڪٽر پروين ۽ هُن سان گڏ مٿي تي رئو ڪيل هڪ خاتون مُلياڻي جيان نظر آئي. کن پل لاءِ ائين لڳو امريڪا ۾ نه بلڪه ڪنهن اسلامي مُلڪ ۾ آهيان. ڊاڪٽر پروين مون سان تعارف ڪرايو. وينا هيءَ عمر جي سسُ آهي. ڊاڪٽر پروين پنهنجي گھوٽ ڊاڪٽر عارف، پنهنجي ڌيءَ هينا ۽ پُٽ عمر سان گڏ دهليءَ سال ڏيڍ اڳ آئي هئي. ممي کي چيائين ٻارن کي پنهنجي نانيءَ سان ملائڻ وٺي آئي آهيان ۽ توهانکي عمر جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻو آهي اُن جي نينڍ به آهي. عمر جي شادي پاڪستان جي پنجاب مان ۽ ڌيءَ جي شادي مدراس (انڊيا) جي مُسلم ڇوڪري سان ڪرائي آهي جيڪو هينا سان اُتي پڙهندو هو. پروين اُئوڪ برگ ۾ رهندي آهي. جيستائين اسين سندس گھر پهچون تيستائين هوءَ دهليءَ جو ۽ اشوڪ جو حال احوال وٺندي رهي.
    گھر پهچڻ تي جڏهن آنٽي شيرين ملي ته سندس اکيون ڀرجي آيون. منهنجي امڙ ايشور کي پياري ٿي وئي ۽ آنٽي شيرين ماضيءَ جي يادين جي ڳٺڙيءَ جو بارُ جھونن ڪُلهن تي لٺ جي سهاري ڍوئيندي پئي اچي. مميءَ سان دهليءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون تي ڳالهائيندي هئي، جڏهن گذري ويا ته فون تي پرچاڻيءَ وقت خوب رُنو، ممي سندس حال محرم هوندي هئي. منهنجي اچڻ تي بيحد خوش ٿي. ڊاڪٽر پروين چانھ پاڻي کڻڻ لاءِ وئي. ان وچ ۾ هڪ ٿلهي متاري اڇي ڪاري ٻلي اچي منهنجي ڀر ۾ بيٺي. يڪ ٽڪ مونکي گھوري رهي هئي. آنٽي چيو ٻچا هيءُ پروين جي پاليل آهي، توکي سُڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪري. ان وچ ۾ پروين چانھ کڻي آئي چيائين، ٽوئنڪل هيءَ وينا آهي، مون پيار وچان سڏ ڪيو، ٽئنڪل هيڏانهن اچ منهنجي سڏ جي انتظار ۾ هئي، يڪدم قريب اچي وئي، مٿي تي هٿُ ڦيريومانس، بس اُنکانپوءِ ته سُٺي دوستي ٿي وئي. ڳالهين دوران ٻئي ڪمري مان ڪن تي مرداڻو آواز پيو، هلو!
    اسين ڊائننگ هال طرف آياسين ته وري ساڳيو مرداڻو آواز ڪن تي پيو، هلو! مون چيو پروين ڪير آهي؟ شيرين ۽ پروين کلي ڏنو. چيائون برئڊي! مان جو اڳتي وڌي ڏسان ته پڃري ۾ هڪُ ٿلھو متارو طوطو ويٺو هو. اُن جي هلو! ڪرڻ جو اندازُ ماڻهن جيان هو. پروين چيو‐ برئڊي، هيءَ وينا آهي. سيٽي وڄاءِ! سيٽي وڄاءِ!! بس برئڊيءَ جو سيٽيون وڄائڻُ شروع ڪيون ته اصل ماٺ ئي نه ڪري…… مٿان ٽهڪن جو سلسلو…… ٽهڪ به ائين پيو ڏئي ڄڻُ ماڻهو جيان…… مون ڊاڪٽر پروين کي چيو تو گھر ۾ اصل چڙيا گھر (Zoo) بڻائي رکيو آهي. چيائين اڃان سها وغيره به پاليا هيم پر ڪي جانور مري ويا، گفتگوءَ جو اهو سلسلو جاري هو ته مٿان هڪ ٻي سنهڙي سُڪڙي ٻلي آئي…… الله! هيءَ ٻي ٻلي!! چيائين اها سندس ننڍي ڀيڻ دل ‐ افروز جي آهي. مون کلي چيو‐ تو واري ٻلي ٿلهي متاري آهي اصل امريڪي ماين جيان! امريڪا ۾ ڪي اهڙيون ٿلهيون متاريون نظر اينديون جو وڃي خير ٿين……! مون چيو دل ‐ افروز جي ٻلي اِسپئنش جيان هڏ ڪاٺ جي آهي. اصل سنهڙيون سُڪڙيون سِلم‐فگر مينٽين ڪرڻ جو جنون……! لڪڻُ وانگر پيون لچڪن.
    پروين چيو‐ماني کائي تون آرام ڪر. ان وچ ۾ دل افروز جو فون آيو، پُڇيائين وينا پهتي؟ پروين فون ڪري مونکي ڏنو.
    دل ‐ افروز چيو وينا يقين نه ٿو اچي ڪيترن سالن بعد مُلاقات ٿي آهي. هوءَ بيحد خوش هئي. مون کيس چيو اڄُ شام جو اچُ نه، هُن جو فلئٽ شڪاگو شهر ۾ پنهنجي ڪم ڪرڻ واري هاسپيٽل ڀرسان ۽ پروين اُوڪ‐برگه ۾…… فاصلو ڪافي هو. چيائين آفيس کانپوءِ گھر پهچي ڏسان ٿي.
    اُن ڏهاڙي دل ‐ افروز جي سالگرهه هئي. مون ۽ هن لاءِ تاريخي ڏهاڙو پاڪستان مان مائيگريٽ ڪري جڏهن هندوستان آياسين تڏهن ڪراچيءَ ۾ سندس گھرئي پڇاڙيءَ وارا يادگار ڏهاڙا گڏ هئاسين. ڪٿي ٿي زندگي ملائي……! ست سمنڊ پار…… اُهو به ٻن ڏهاڪن کان مٿي عرصو گذري چڪو هو… جنهن ڏينهن ملياسين اُن ڏينهن سندس سالگره…… مون چيو اڄُ ته اها يادگار سالگره ٿيندي. چيائين مان آفيس کانپوءِ ايڏانهن اچان ٿي. آرام ڪرڻ جو ته سوال ئي ڪانه هو. ڳالهين ڪندي ڪل ئي نه پئي…… چانھ جو پيالو هٿ ۾ هو ته دل ‐ افروز سامهون اچي بيٺي، چيائين يقين ئي نه ٿو اچي ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن ائين مُلاقات ٿيندي…… مون چيو دل ‐ افروز اڄُ مون لاءِ هيءَ تاريخي ڏينهن…… دلڪش حادثو هي…… ٻن مُلڪن جي سرحدن جي حدبندين جي فاصلي ۽ وقت جي وڇوٽي، زماني جي گردش ۽ واچوڙي جي ضد سان ڍڪجي ويل ماضيءَ جا گذري ويل سُنهري پل نيڻن ۾ ڏيئن جيان جرڪي اُٿيا…… ولائت جي وڻن ۾ ديش جي ڪويل ڪُوڪي اُٿي…… ڪيڏو نه حسين اتفاق آهي، جو تنهنجي سالگرهه تي تنهنجي ئي گھر شڪاگو ۾ اُن ساڳي ڏينهن تي پهتي آهيان…… هڪُ ڏينهن دير به ٿي سگھي پئي…… يا هڪُ ڏينهن اڳ به پهچي سگھان پئي…… ڪڏهن زندگي ايڏي مهربان ٿي ويندي آهي جو کن پل ۾ برپٽ کي سرسبز باغ بڻائي ڇڏي…… سروءُ ۾ بهار جا گُل ٽـڙي پون… برفيلين وادين ۾ تجلا ڏيندڙ سجُ طلوع ٿي، ڏڪندڙ جسم ۾ جذبن جي گرمائش آڻي ڇڏي…… بادلن ۾ گھريل آڪاش مان چنڊُ نمودار ٿي ڌرتيءَ تي روشنيءَ جي چادر ڦهلائي ڇڏي…… سڀني جا چهرا ٻهڪي اُٿيا……
    مون چيو دل ‐ افروز تو لاءِ مون سِلڪ جي اسڪارف جو تحفو آندو آهي. اڄوڪي ڏينهن تون ضرور پائي…… چيائين ضرور پائيندس. ان وچ ۾ آنٽي شيرين دل کان هڪُ ننڍڙو گفٽ باڪس ورتو، اُن مان سوني چين ڪڍي ڳچيءَ ۾ وڌائين…… مون چيو آنٽي مونکي نه کپي اڳ ۾ ئي مميءَ پنهنجا لاڪيٽ ۽ چين ڏني آهي، اُهي به لاڪر ۾ پيا آهن…… ڳچيءَ طرف هٿُ وڌائيندي چيائين نه منهنجو هٿُ نه موٽائي مان تنهنجي ماءُ برابر آهيان ٻچا تون نياڻي آهين قسمت سان هتي آئي آهين. پروين ۽ دل ‐ افروز ٻئي هڪ طرف، تون امان جو هٿُ نه موٽاءِ تنهنجي اچڻ جي انتظار ۽ خوشيءَ ۾ ننڊ به نه ڪئي اٿائون…… منهنجي نه نه جي باوجود دل ڳچيءَ ۾ چين وجھي هُڪُ ڪري بند ڪيو. منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو. آنٽي شيرين جي پيار ۾ مميءَ جي ممتا اُڇلون ڏيئي رهي هئي، منهنجي زبان مان الفاظ ئي نه پيا نڪرن…… ڪجھ گھڙين جي خاموشيءَ ۾ ڪئي عڪس پسيا…… امڙ سان گڏ سيروسفر… خوشيون ۽ غم، پيار ۽ ناراضبو… ڪاوڙ ۽ سمجھاڻيون… ممتا جي هڪ شخصيت انيڪ روپ… زندگي ۽ وڇوڙو… عام زندگيءَ جو هڪُ وڏو داستان… اتهاس!
    آنٽي شيرين، ڊاڪٽر پروين، ڊاڪٽر عارف، عمر ۽ سندس گھرواري، اسان سڀني گڏجي ڪيڪ ڪٽي دل ‐ افروز جي سالگرهه ملهائي. وطن کان دور محدود ڪٽمب جا ڀاتي…… لامحدود خوشيون…… آنٽي، پروين ۽ دل جي نيڻن جي چمڪاٽ ڪائنات کي روشن ڪري ڇڏيو…… دل مون وارو اسڪارف ڳچيءَ ۾ پاتو. پروين چيو اڄُ ٻاهر ماني کائينداسين، شڪاگو ڊائون‐ٽائون هلنداسين، آنٽي شيرين جي خوشيءَ جي انتها نه هئي.
    پروين ڊاڪٽر عارف کي چيو اسان کي شڪاگو ڊائون ٽائون ڇڏي پوءِ ان ساڳي هند تان پڪ‐آپ ڪج، ڪار ۾ پروين چيو ڪو گيت ٻُڌاءِ! مون وراڻيو مونکي ڳائڻ ته ڪونه ايندو آهي ها باقي توهين ضرور ڳائيندا هئا، توهين ٻُڌايو. چيائين ڪهڙو، مون وراڻيو، اوُ ميري سونا ري سونا، ديدونگي جان جدا مت هونا ري…… کلي چيائين، الله! توکي ياد آهي؟ ها ۽ چا گلا ڳائيندو هو: چاند آهين ڀريگا ڦول دل ٿام لينگي، حسن ڪي بات چلي تو سڀ تيرا نام لينگي…… جڏهن اسين ڪراچيءَ سندن گھر ويندا هئاسين ته دير رات تائين محفل مچندي هئي. ٻئي تمام سُٺو ڳائيندا هئا. ڊاڪٽر پروين چيو توهين به ساٿ ڏيو…… شڪاگو جي اُن يادگار رات جو اونچين عمارتن جي وچ مان طوفاني رفتار سان ڪار فاصلو طئهِ ڪندي ٿئي وئي… اسان سُر ۽ تال جي پرواهه بنا گيتن جو سلسلو شروع ڪيو…… هڪ اڌ ۾ ته ٻيو پنڌ ۾…… وچ ۾ ٽهڪن جي گونج…… واٽ تي کاٻي ساڄي پاسي ايندڙ عمارتن جي باري ۾ پروين ٻُڌائيندي ٿي هلي…… اونچائي کي ڇھندڙ رنگ برنگي ڦهارو…… ٿڌي هير…… روشنيءَ سان جگ مگائيندڙ شڪاگو جون اُونچيون عمارتون……
    اسان جو پهريون پڙاءُ هينڪاڪ ‐ آبزرويٽري واري عمارت هئي. اُتي هڪ عورت پُڇيو، توهان ڪٿان آيا آهيو؟ اسان پُڇيو اهو ڇا جي ڪري پُڇي رهي آهين؟ هن وراڻيو، اسين هتي ايندڙ (وزٽرس) جا انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون ته ڪهڙي ڪهڙي مُلڪ مان ڪيترا ماڻهو اچن ٿا. پهريون نمبر جاپانين جو آهي، ان طرح ٻئين ۽ ٽئين نمبر وارن مُلڪن جا نالا بيان ڪيا…… اسين پنهنجي مستيءَ ۾…… پروين کي چيم تون منهنجو ته ٻڌائينس ها! انڊيا جي ڊيٽا ۾ هڪُ انگ جو ته اضافو ٿئي ها، هن چيو مونکي ته اها ڳالھ ڌيان ۾ ئي ڪونه آئي.
    اربين روپين سان اڏيل هيءَ اونچي عمارت جنهن کي هينڪاڪ آبزرويٽري ڪوٺيو وڃي ٿو. (94) چورانوي ماڙن واري هيءَ آڪاش جي بُلندين کي ڇھندڙ عمارت، هڪ هزار فوٽ اونچائي تان منظر…… (80) اَسي ميلن تائين شڪاگو جي چوگرد نظارو پسائي ٿي. ان جي دائري اندر چار اسٽيٽس اچن ٿيون. اسان لفٽ ذريعي ڪجھ ئي منٽن ۾ بُلندين کي ڇُھڻ لڳاسين…… شيشي جي دريءَ مان جڏهن نظارو پسيو ته من ٺري پيو، پروين هڪ وڏي جائنٽ‐ويل طرف اشارو ڪندي چيو ته عمر جي شاديءَ جي اسان اتي رسيپشن ڪئي هئي. هوا جي زوردار جھوٽن سان زلفون بي‐ترتيب ٿي رهيون هئيون…… جسم تي پهريل لباس جي ڦرڦراهٽ…… اسان جي گفتگو تي حاوي پئجي رهي هئي…… هڪ هزار فٽ مٿي اونچيون عمارتون…… سامونڊي ڪنارو…… هر هڪ فلور تي ڪجھ تصويرون هسٽري وال، سئو کان مٿي تصويرون هيون جنهن ذريعي شڪاگو جي ترقيءَ جي منزلن جو ذڪر شامل هو. 1893ع علمي ڪولمبيائي ائڪپوزيسن ۽ 1933 جو علمي ميلو ۽ اُنهن جا تفصيل موجود هئا…… سئو کن نماءُ لاءِ رکيل تصويرون ۾ ڪن اهڙين شخصيتن جون به تصويرون هيون جيڪي هڪ ماحول مان نڪري ٻئي سماج طرف وک کنئي…… شڪاگو گئنگسٽرن جي ويڙھ کان مشهور شهر رهي چڪو آهي…… اسان جو ڏاڏو سائين شودو لفظ استعمال ڪندا هئا…… سو اسان به شڪاگو جي مشهور شودن جون تصويرون ۽ انهن شودن جو شجرو پڙهي ٽهڪن ۾ پيا ٻُڏون……دراصل انهن شودن جي پڳدارن تي الڳ ڪالم ۽ فيچر هئڻ گھرجن…… هنڌ‐سنڌ ۽ اتي جي ڀيٽ ڪري ڏسجي ته ڪير ٿو گوءِ کڻي…! خير مان ته اهو تاج انهن کي ئي مُبارڪ ڏيان ٿي…… ائين اسان وٽ سنڌيءَ ۾ انهن لاءِ گھڻائي لفظ آهن. ڪنهن کي ان موضوع تي تحقيق ڪرڻ گھرجي. ڪي ته اهڙا موضوع ٿا چونڊين جو نڪ تي رومال ڏيڻو ٿو پوي، اُن جي ڀيٽ ۾ هيءُ موضوع اُن نوبت کان ته بچائيندو… شڪاگو جي منظر پسڻ ۽ عمارتن جي ڄاڻ لاءِ اگر ڪنهن وٽ شهر گھمڻ جو وقت نه آهي ته اُهي ونڊو‐آن‐شڪاگو ذريعي 80 کان مٿي مشهور معروف هند بٽڻ دٻائڻ سان ڏسي پيا سگھجن، انکان علاوه سائونڊ اسڪوپ ذريعي مختلف زبانن ۾ ڪميٽري سان گڏ ٻُڌي سگھون پيا. انهن ٻنهي هندن تي ٻارڙن جي ڪافي لائين لڳل هئي. شڪاگو ۾ اُن سال سيلانين جي ڪشش لاءِ سڄي شهر ۾ پٿر جون رنگ برنگي گايون نظر آيون جن تي شڪاگو جي زرعي پيداوار، صنعت ۽ ٻين کيترن جا چتر پينٽ ڪري سنواريو ويو هو.
    اُتان هيٺ اچي هڪ هوٽل ۾ پيٽ پوڄا ڪئي، دل ‐ افروز چيو تون پنهنجي پسند ٻُڌاءِ مان چيو ڪجھ به ويجيٽيرين هجي…… هوٽل جو ويٽر ڇوڪرو ٽام بواءِ ٽائيپ هو…… اسان پنهنجن قصن تي پيا کلون ۽ هن جا نيڻ ٺري رهيا هئا، پروين به هڪ ٻه هنکي ٽوٽڪو هنيو…… کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي رهيو هو…… وري اُن هوٽل جي فرش تان ڪئي تِرڪي رهيا هئا…… شڪاگو جي شودن ۽ ترڪڻ کان ته اسان پنهنجو بچاءُ ڪيو، پر کِل ۽ خوشيءَ جي ساگر جي وهڪري کان پلاند نه بچائي سگھياسين…… رات جو واپس ورندي ورندي پهرين آگسٽ کي الوداع ڪري (2) ٻي آگسٽ جي سُهاني ڀور طرف وڌي رهيا هئاسين…… مون ان طرح جي دلڪش رات جو تصور ڪونه ڪيو هو.
    Disappoinment can come only to those
    Who make appointments with the future.


    براڊڪا سٽنگ ڪميونيڪيشن

    ( شڪاگو )

    ڊاڪٽر پروين جي گھر ڀرسان ڪافي انڊيئنس رهن ٿا جن ۾ ڊاڪٽرن جو تعداد چڱو خاصو آهي. تمام سُٺا بنگلوز هئا، ڊاڪٽر چڱو خاصو ڪمائين ٿا. مونکي سميلن دوران گوپ چندر ويڊيو ڪيسٽ ڏني هئي مون چيو ته پروين ڪيسٽ لڳائي ته ڏسون ان ۾ ڇا آهي؟ سندس گھر ۾ تمام تمام وڏو ٽي.وي. سيٽ هو، بس ڪيسٽ ڏسڻ ۾ مزو اچي ويو، گوپ چندر، آرتي راج ۽ سندن ڪٽمب جا ٻيا ڪلاڪار، اُتي جي سنسٿا جو پروگرام هو. پروين سان گڏ شاپنگ جو پروگرام هو، الڳ الڳ ڊپارٽمينٽل اسٽورز ۾ وٺي هلي، اگھ واجبي هئا شيون به سُٺيون هيون.
    اُن ڏهاڙي دير رات تائين ڪچهري ڪندا رهياسين، سندس گھوٽ حيران هو ته هنن جون ڳالهيون ئي نه ٿيون کُٽن. آنٽي شيرين به رات جو ٻئين اڍائي بجي تائين جاڳندي رهي.
    دل‐افروز ٻن ڏهاڙن جي موڪل ورتي، شاپنگ لاءِ پنهنجي ڪار کنئي، جنهن علائقي ۾ اُهو شاپنگ سينٽر هو تُن کان پهرين نيگرو آباديءَ واري ڪالوني هئي. اتي جون چادرون بيڊنگ تمام سُٺيون، ڊراءِ فروٽ ۾ بادامين جا گورا ايڏا وڏا ۽ لوڻيل کائي مزو پيو اچي. اسان جو ڌيان کاڌي طرف گھٽ گھمڻ طرف وڌيڪ هو. آنٽي شيرين کي شڪاگو ۾ دل‐افروز جي فلئٽ ۾ ڇڏي اسان ٻئي سائيٽ سينگ لاءِ نڪري پياسين.
    جتان سڀ کان پهرين هال‐آف‐فئيم ڏسڻ جو پروگرام رکيوسين، منهنجو نشريات سان واسطو هئڻ ڪري مونکي براڊڪاسٽنگ ڪميونيڪئيشن ميوزيم ڏسڻ جو شونق هو. شڪاگو جو ڪلچرل سينٽر جيڪو واشنگٽن اسٽريٽ تي مشيگن ائوينيو تي آهي. اُتر ۾ ان جي آرٽ‐انسٽيٽيوٽ آهي ۽ ڏکڻ ۾ شڪاگورور (ندي). ان جي خرچ پکي ۽ هلائڻ جو بار ائڊورٽائيزنگ انڊسٽري تي آهي، اُن کي ٽئڪس جي جيڪا ڇوٽ ملندي آهي ان مان حاصل ٿيل رقم ذريعي هلايو پيو وڃي. آمريڪي ائڊورٽائيزنگ فائونڊيشن جيڪا امريڪي ائڊورٽائيزنگ فيڊريشن سان جڙيل آهي. ان ۾ سئو پنجويھ کن شخصيتن جن جو سماجي، شهري، اقتصادي زندگيءَ ائڊورٽائيزنگ کيترن سان واسطو رهيو آهي، تن جو آڊيو ويڊيو ذريعي ڪاميابين ۽ حاصلاتن جو احوال ملندو، جن جي چونڊ هر سال سڄي مُلڪ مان چونڊ شخصيتن وٽان نامينيشن گھرايون وينديون آهن ۽ ججن جو پئنل جنهن ۾ ائڊوٽائيزنگ ائجنسين، ميڊيا جي تنظيمن جا سينيئر ائگزيڪيوٽو، انهن تنظيمن سان واسطو رکندڙ پروفيسر وغيره شامل هوندا آهن سي ڪندا آهن. ان جي شروعات 1948ع ۾ ڪئي وئي.
    نشريات جي شروعاتي دؤر جا براڊڪاسٽر، انائونسر، نيوز ريڊر، اسٽوڊيو، ڊبنگ جو سسٽم وغيره ڏسي مزو اچي ويو، حالانڪه ريڊيو مان جان ڇڏائڻ لاءِ پيا واجھ وجھائيندا آهيون، وري جي نشريات سان ڪا جڙيل ڳالھ نظر اچي ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ من ۾ خواهش به اُڀري.
    نشريات جي ڪن خوشگوار واقعن کي ياد ڪندي هال‐آف‐فيم ۽ براڊڪاسٽنگ ميوزيم جو سُهڻو سفر پورو ڪيو.
    شڪاگو ڪلچرل سينٽر کانپوءِ نيوي‐پيئر (Navy Pier) آياسين. جيڪو گرانڊ‐ائوينيو تي آهي، اتي عام پبلڪ لاءِ ريڊيو ذريعي ڪيئن نشريات سامعين تائين پهچي ٿي، اُهو به بندوبست هو، پر اسان پڪچر ڏسڻ کي ترجيح ڏني. سڀ کان پهرين پيٽ پوڄا ڪئي. تن تازو ڪري، ٻارن جي ميوزيم، ٻارن جي وندر وغيره جي ايراضيءَ تي سرسري نظر ڪندي، مٿي پهتاسين. رنگ برنگي قسمين قسمين گُلن سان ڀرپور ايراضيءَ من موهي وڌو. اتي پاڻيءَ جا جھاز سيروسفر لاءِ موجود هئا، جن ۾ تفريح، کائڻ پيئڻ، سنگيت ۽ نرتيه سان گڏ سامونڊي منظرن کي ماڻڻ لاءِ لائين لڳل هئي. شادي مُرادي يا ڪنهن موقعي لاءِ ان ۾ مالدار ماڻهو پارٽيون وغيره ڪندا رهندا آهن. پئسي جي راند آهي، پئسا ڦيڪ تماشا ديکه، شڪاگو شئڪسپيئر ٿيئٽر، ناٽڪ پريمين لاءِ ڪشش جو باعث آهي، تن ڏينهن هيءُ ناٽڪ هلي رهيا هئا.
    Antony and Cleopatra, A Midsummer night’s dream, All’s well that ends well, and Romeo Juliet.
    مونکي اُتي شئڪسپيئر جا ناٽڪ ڏسڻ جو شونق نه هو بلڪ اُن جي پئدائشي ڳوٺ ڏسڻ جو جنون هو. ان وچ ۾ اسانجي پڪچر ڏسڻ جو وقت ٿي ويو، ٽڪيٽون ته اڳ ۾ ئي ورتل هئيون، سنيما هال ۾ جڏهن داخل ٿياسين ته اسان کان اڳ ۾ ڪيترا داخل ٿي چڪا هئا، اُن ڏهاڙي مائونٽ اوِريسٽ تي فلم هئي، ڏسي مزو اچي ويو. 1953ع ۾ تينسنگ سرائڊمنڊ هليئري سان گڏ مهم تي نڪتو. هماليه تي پرچم لهرايو ۽ 44 سالن کانپوءِ سندس پوٽي تي مدر‐گاڊيس‐آف‐اَرٿ مهربان ٿي. هماليه جون برفيليون چوٽيون… ٽرئڪنگ… نيپالي شيرپا، ائڊوينچر، وڏي شاهي پردي تي ڪئي، سالن کانپوءِ پڪچر ڏٺي ۽ اُهو به شڪاگو ۾ هماليه منظر ڏسي اُتراکنڊ ۾ گنگوتري ڪيدارناٿ جون برفيليون چوٽيون ۽ سفر…… نيڻن اڳيان اچي ويو.
    هڪ ڀيري ديرادون، مسوري ۽ نئنيتال ويا هئاسين، اُتي پهاڙن تي ٽرئڪنگ ڪرڻ جو ڀوت سوار ٿيو، وڃون پهاڙن تي چڙهندا، اوچتو گھنگھور گھٽائون ڇائجي وئيون، ڪارا ڪڪر رۡم ڪري وسڪارن جي تياريءَ ۾ هئا، اسان ڪافي مٿي چڙهي وياسين، رستو ڏٺل ڪانه، موٽ کاڌي، مون سان ته ويلُ ئي ٿيو. ڪارو ڪُرتو ۽ ڪاري چوڙيدار، اچي ڄورن ورتو خبر نه ڪاري ڪپڙي سان شايد سندن دل هئي…… منهنجون رڙيون واڪا ننڍو ڀاءُ راجو ڇڪي ڄور کي پيرن تان ڪڍي، کن پل ۾ ڏسندي ڏسندي ڄور ڦونڊجڻ لڳي، اصل ماس پٽي پئي ڪڍي، وڏي ڀيڻ پروميلا سندس گھوٽ ۽ نراڻون به هيون، پروميلا کي ڇڏي هنن مونکي خوب چيڙايو…… ڪڏهن ڪڏهن ائڊوينچر جو جنون چڙهندو آهي ته پوءِ ڄڻ گھوڙا تبيلي مان ڇُٽا…… ان طرح ڊلائوزي، پٺانڪوٽ ۽ امرتسر وڃڻ ٿيو، ريڊيو ۽ ٽي.وي. ۾ ڪم ڪندڙ انائونسر، پروڊيوسر اسان چئن پنجن ڄڻين گھمڻ جو پروگرام ٺاهيو، امرتسر ٽي.وي. جي چيف انجينيئر جيڪو منهنجي ساهڙيءَ جو ڪليگ هو، تنهن واگھا بارڊر ڏيکاريو، جتي هندوستان ۽ پاڪستان جي آمهون سامهون بيهندڙ عملي شام جو جھنڊي لاهڻ واري رسم ادا پئي ڪئي.
    امن جي اوسيئـڙي ۾ هندو مُسلمان!
    تون ۽ مان پنهنجي ڌرتيءَ جا نگهبان.
    واگھا ۽ اٽاري بارڊر هڪ ليڪ ها صرف هڪ ليڪ……!
    فاصلو ‐ قريب ‐ ليڪن ڪيڏو ڏور!
    اسان وچـ۾ سرحدي ليڪ، بڻي هماليه جي دوري.
    اُهو دورو يادگار دورو هو، امرتسر ۾ تازو مکڻ، لسي، ڍوڍو ساڳ وغيره. مونکي ته اتي جي علائقن ۽ ڳوٺن کي ڏسي سنڌ جا ڳوٺ ۽ کاڌا ياد اچي ويا. اسان به ڊلائوزي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، پٺانڪوٽ ريل رستي ۽ اُنکانپوءِ بس ذريعي اُتي پهتاسين، پاري اصل سٽي ڇڏيو، اتي آرمي آفيسرن ڪري ڪئنٽ ۾ ٿيئٽر جون ٽڪيٽون به سستيون. پڪچر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو، ٽئين کان ڇهين، پهاڙي علائقن ۾ سج جلدي وڃي آرامي ٿئي، بس اوندھ ٿي وئي ۽ ڪجھ ئي دير ۾ لائيٽ هلي وئي، پهاڙي علائقن کان اڻواقف اسان هڪ ٻئي جا هٿ پڪڙي چين (ڪڙي) ڪري ٺاهي، رَڙيون واڪا پيا ڪيون، رستي جي خبر ئي نه پئي پوي، پهاڙي عورتون اسان جي حالت ڏسي ٽهڪ پيون ڏين، وري ٿِي کُٽي کڻي ٻئي ڏينهن سامهون پهاڙن جي تمام ويجھي چوٽي نظر اچي رهي هئي، اُتي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. وڃون اڳتي نڪرندا تان جو اهڙي پهاڙي علائقي ۾ وڃي نڪتاسين جتي ڪو بني بشر ئي نظر نه پيو اچي. سج لھڻ لڳو، اسان موٽ کاڌي رستو کُٽي ئي نه پيو، ٽنهي پرارٿنا شروع ڪئي، مون چيو مهاديو! سروشڪتي مان! تون اسان کي هن آپتا مان ڪڍُ، سردارڻي ڇوڪري گروبابي کي ياد ڪرڻ لڳي ۽ مُسلمان الله کي پُڪارڻ لڳي مُشڪل ڪشا رحم ڪر…… ايشور! الله ! ۽ گروءَ پردو رکيو ڪوبه ماري وڃي ها يا ٻيو ڪو حادثو ٿئي ها ته زندگي ڀر روئڻو پوي ها. ڊلائوزي واري ائڊوينچر اصل توبه ڪرائي.
    نيوي پيئر کانپوءِ هريسن واٽر ليڪ شور ڊرائيو جي سير سپاٽي تي نڪتاسين، خوبصورت ليڪ (ڍَنـڍَ) آهي، ٿڌي هير نيري پاڻيءَ ۾ ترندڙ ٻيڙيون ۽ ننڍا لانچ…… ڪنارا نظرن کان اوُجھل صرف پاڻيءَ جون ڇوليون ۽ هوا جي سرسراهٽ…… من اندر خوشي تراوت ۽ تازگيءَ جو سنگم انوکو احساس ڏياري رهيا هئا، جنهن جو لفظن ۾ بيان ڪرڻُ مُشڪل آهي…… ٻه ٽي ڪلوميٽرن تائين ليڪ شور ڊرائيو تي آهستي آهستي چهل قدمي ڪندي يادين کي سهيڙيندي ٿئي وياسين. دل چيو‐ وقت ڪيترو نه جلدي گذري ويو……
    لنڊن روانگيءَ کان هڪ ڏهاڙو اڳ دل‐افروز پنهنجي گھر پارٽي رکي، جنهن ۾ پروين جي ايراني ساهڙيءَ کي به دعوت ڏني. مُسلم عورتن ۾ هڪ ڳالھ مونکي نظر آئي يا ته پردو يا وري ڪن طرفان پردو ترڪ ڪري ٻاهر نڪرڻ تي تمام تمام گھڻي فارورڊنيس، پروين جي ايراني ساهڙي به پردو ترڪ ڪري روايتن کي پُٺتي ڇڏي ڪافي اڳتي نڪري وئي هئي، مولن مولوين تي اصل ڏمريل هئي، وسُ پُڄيس هان ته ڏاڙهي پٽ……! دير رات تائين اها محفل جاري رهي.
    ٻئي ڏهاڙي اشوڪ سان فون تي ڳالھ ٿي ته منجھند جو لنڊن لاءِ فلائيٽ آهي. دل اُداس هئي…… منهنجي من اندر به عجيب گھٻراهٽ هئي…… آنٽي شيرين جون اکيون آليون هيون…… ٻئين آگسٽ کان ڇهين آگسٽ تائين ڏينهن ائين گذري ويا ڄڻ ڪي پل…… پروين ۽ سندس گھوٽ ڊاڪٽر عارف ايئرپورٽ تي ڇڏڻ آيا، سامان رواني ڪرڻ کانپوءِ چيائون تيستائين ڪونه وينداسين جيستائين فلائيٽ جو ڊپارچر نه ٿيندو. سندن وقت ڏيڻ، پيار، قُرب، سارسنڀال جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ مُشڪل آهي. نيڻن ۾ سمايل هن يادگار سفر جي يادين کي پروين جي گھر ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل هن جملي سان پورو ڪندس:

    A successful man is one
    Who can lay a firm foundation
    With the bricks that others throw at him.


    ستنارائڻ مندر نيويارڪ : جتي سنڌي اُتي سنڌ!

    نيويارڪ کان فلائيٽ رات جو يارهين ڌاري هئي، مون خود ان کي ترجيح ڏني هئي، هڪ ان کان اڳ واري فلائيٽ هئي، مونکي خوف هو ڪٿي مون واري فلائيٽ ليٽ ٿي وئي ته اٽڪي نه پوان. هن فلائيٽ ته اصل ٿڪائي ڇڏيو، هڪُ من اُداس ٻيو ڇهن ستن ڪلاڪن جو فرق بيزارگي ۽ پريشانيءَ اچي سوڙهو ڪيو، ٿڪاوٽ ۾ ننڊ جو جھوٽو به نه پئي ڪيان ته ڪٿي اک لڳي وڃي ۽ فلائيٽ رواني ٿي وڃي ته مري ويندس…… وڏي ذهني اذيت واري ڪيفيت مان گذري رهي هيس.
    ليئه آئي فهر ڪهان سيه قسمت همين ڪهانپر
    يـﮧ تو وهي جگھ هئه گذري تهئيه هم جهان سيه……
    زندگي ڪنهن وقت ڪٿي اچي سوڙهو ڪري ڪهڙين ڪهڙين يادين کي اڳيان آڻي بهاري…… سوچن جي ساگر ۾ ٻوڙي ڇڏي…… دل کي ڀنور طرف ڌڪي ڇڏي…… روح کي قيد ڪري پر ڪٽي ڇڏي…… وجود کي ڌوڏي، شخصيت کي ڪنن ۾ گولاٽيون کارائي ساڻو ڪري ڇڏي، انسان اڌ اڌ ۾ ورهائجي وڃي…… مضبوط ۽ ڪمزور…… هڪ جسم ڪئي ڀاڱا……
    مان انهن لمحن ۾ ٻين کي شريڪ نه ڪرڻ چاهيندس دل جي گوشي ۾ محفوظ ڪندي صرف ٻاهرين ڏيکه ۽ منظرن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس. هيءُ ساڳيو نيويارڪ آهي جتي مان اڳين سفر دوران، ڪجھ ڏهاڙا وئي هيس. منهنجي سوٽ جي ڌيءَ ونيتا اُتي آهي، هن سانا ڪانفرنس دوران ۽ مياميءَ ۾ ٻه ٽي ڀيرا فون ڪيو هو ته نيويارڪ ضرور اچج، حالانڪه هو نيويارڪ کان ٻاهر ٻئي شهر ۾ رهندا هئا پر سندس گھوٽ مسٽر رميش اتري سندس ٻئي ڌيئر منجو ۽ هرشا خاص نيويارڪ ۾ ملڻ ۽ مونکي گھمائڻ لاءِ اُتي آيا هئا. 21 جولائي 1990 تي ايئرپورٽ تي وٺڻ آيون، منجھند جو شاپنگ ڪئي ۽ رات جو انڊين ريستورينٽ ۾ ڊِنر لاءِ وياسين. هوٽل ۾ سنڌُ جو هڪُ سنڌي ڇوڪرو جاويد جنهن ڊِنر جو آرڊر پئي ورتو، اُن سان ڳالھ ٻولھ ٿي هن ٻُڌايو ته هو سنڌ جي تمام سُٺي خاندان مان آهي، هن هوٽل ۾ سڄو ڏينهن اُڀي پيري بيٺو هوندو آهي. نوڪري تمام سخت آهي، هن رميش کي چيو اگر توهين مدد ڪري مونکي ڪنهن ٻئي هند نوڪري ڏياري سگھو ته مهرباني ٿيندي. ان نوجوان جي ڳالھ ٻُڌي بيحد افسوس ٿيو.
    ٻئي ڏهاڙي روزاويلٽ اسٽريٽ تي ڪجھ شاپنگ ڪئي، اُنکانپوءِ براڊوي‐اسٽريٽ تي پيزا وغيره کائڻ کانپوءِ (74 اسٽريٽ) انڊين بزار ۾ شاپنگ وغيرهه ڪئي. سائيٽ‐سيئنگ ۾ هسٽن رور (ندي)، اسٽيچو آف لبرٽي، جھونو شهر، ٻئين جنگ عظيم جي رٽائيرڊ فوجي آفيسرن جي ڪالوني، چائينا ٽائون، هيلت سائنس سينٽر، پارڪ ايوينيو، راڪفيلر سينٽر، 42 اسٽريٽ تي يو.اين.اوُ. جي بلڊنگ، پهرين اُتي سلاٽر هائوس (ڪوس گھر) هو. راڪفيلر جنرل اسيمبليءَ لاءِ زمين خريد ڪرڻ لاءِ رقم ڏني هئي، ائمپائير بلڊنگ 102 ماڙن تي مشتمل آهي، مٿان 50 ڪلوميٽرن تائين چوطرف جا منظر پسي سگھجن ٿا. ورلڊ ٽريڊ سينٽر‐ٽئن‐ٽاورس 110 تي مشتمل آهي. گُھمڻ گھتڻ لاءِ بسيون، ٽئڪسي، ٻيو ته ٻيو هيلي ڪاپٽر ذريعي نيويارڪ مٿان اوهين سير ڪري منظر ڏسي سگھو ٿا، اُن وقت ايڪونجاھ آمريڪي ڊالر ان ٽوئر لاءِ، سورهان ميل هوا ۾ سيروسفر ڪري سگھجي پيو. ان سيروسفر جو نمونو دنيا کي يارهين سيپٽمبر 2001ع تي دهشتگردن هڪٻئي پُٺيان اُڏامون ڪري ورلڊ‐ٽريڊ‐سينٽر کي کن پل ۾ زمين دوز ڪري ڏيکاريو.
    مسٽر رميش اتري کي اُتي جي مشهور ڪسينو ڏيکارڻ جو شونق هو، مون چيو نائگرا‐فالس ڏسڻ ويندس. هن چيو‐ توکي اسان پنهنجي ڪار ۾ وٺي هلنداسين، اتي پنهنجا شناختي ڪارڊ ڏيکاري گھمائي وٺي اينداسين، پر مون چيو نه مان ويزا وٺي اتان ڪئنڊا به گھمي ايندس. مان ويزا وٺي بس ذريعي نائگرا‐فالس ڏسڻ ويس، پاڻيءَ جو ايڏو ته آواز هو جو اصل ڪنن ۾ گھوگھاٽ ٿئي ٿيا، پاڻيءَ جون بوندون اتان اسان جي جسم تي پئجي رهيون هيون، هيٺ نهارڻ سان مونکي ته اصل گھٻراهٽ پئي ٿي، اگر ڪو ڪري ته ڪک جيان لُڙهي وڃي.
    هڪ ٻه ڏينهن ڪئنڊا ۾ سيروسفر کانپوءِ واپسي رهي. جناب اسرار انصاري ۽ جناب خالد هشماڻيءَ جا لک ٿورا.
    نيوجرسيءَ ۾ ويد مندر ڏٺو، نيويارڪ ۾ گوپ چندر سان ملاقات ٿي، اتي ستنارائڻ مندر ڏسڻ جي به نينڍ مليل هئي، مندر جو درشن ڪيو، هن مندر ۾ ڏڻ وار، ڪٿا ڪيرتن، شادي مُراديءَ وارا فنڪشن وغيره ٿيندا رهن ٿا، پرديس ۾ رهندڙ پنهنجي سنڌي سڄڻن کي ريتن رسمن ۽ ڪلچر کان واقف ڪرائڻ وارو هيءُ مرڪز سڀني کي جوڙي ويٺو آهي. مندر جو پريزيڊنٽ اُن وقت شري ناري لکاني، دادا شري آر.جي.آڏواڻي، بورڊ‐آف‐ٽرسٽي جو چيئرمين ۽ ميمبر شري اين.ڪي.لعلچنداڻي، مندر ۾ ٻاهران آيل شخصيتن جي شري لعلچنداڻيءَ واقفيت ڏني. لنڊن کان صنعتڪار ۽ دانيور شري سريچند هندوجا، دهليءَ کان وينا شرنگي، جن جو سمان ڪيو ويو ۽ ٻه لفظ ڳالهائڻ لاءِ چيا ويا. شري سريچند هندوجا کي مندر جي تعمير لاءِ سهڪار ڏيڻ لاءِ چيو ويو. انکان اڳ جيڪو سنڌين مندر ٺاهيو هو تنهن ۾ گروگرنٿ صاحب جي موجودگيءَ ڪري سِکن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو هو، اُنهن ڏهاڙن دوران اِها ڪنٽراورسي ڪافي هلي هئي.
    نيويارڪ جي مُشڪلاتن، انتظار ۽ تڪليف، تڪليفن تي قابو پائي هڪ ڏاهي جي قول کي ياد ڪندي پنهنجي سفر جي آخري پُـڙاءُ لنڊن لاءِ فلائيٽ ورتي.

    Lack of confidence is not the result of difficulty
    The difficulty comes from lack of confidence. (Seneca)


    لـنـڊن

    نيويارڪ واري هن هوائي جھاز تي هڪُ ٻيو به فلور هو، ستين آگسٽ لنڊن هوائي اڏي تي پهچڻ تي من ۾ خوشيءَ جي لهر هئي، اعتماد انساني من به عجيب آهي ڪڏهن تولو ڪڏهن ماسو…… اسين هندوستاني سامان ايڏا ڍوئيون جو وڃي خير ٿين! مٽ مائٽن، سڄڻن لاءِ هڪ اڌ سوکڙي پاکڙي کڻندي وڃون وزن وڌائيندا. مون سان اهو ڪو معاملو هڪ اڌ ڀيري جو ناهي، پر هر ڀيري هر سفر تي گھل گھلان انڪري ٽيوب ذريعي هوائي اڏي تان هونسلوايسٽ سفر ڪرڻ جو ته سوال ئي نه آهي، هر ڀيري ٽئڪسيءَ جي چَٽي پوي، پرديس ۾ پائي به سئو برابر لڳي. حالانڪه اتي ماساتيون آهن وڏي ڀاءُ چئي رکيو اٿن هن کي جيترو پئسو گھرجي اوترو ڏيندا ڪريو. مان ٻاهر نڪري ٽئڪسيءَ جي لائين ۾ بيٺس، ننڍي ٽئڪسي ورتي، لنڊن ۾ جُھڙ مينهن خبر ئي نه پوي اچي در کڙڪائي…… اُن ڏهاڙي هلڪڙا مينهن ڦُـڙا پئجي رهيا هئا…… جھونين انگريزي فلمن ۾ ان طرح جي ٽئڪسين ۽ ڪارين ۾ هئٽ ۽ گلئوز پهريل روايتي لباسن ۾ لارڊس ۽ اُنهن جي پريميڪائن جي سيروسفر وارا منظر اکين آڏو گھمڻ لڳا اها ٻي ڳالھ آهي ته نه ئي منهنجي مٿي تي اسٽائيلش هئٽ هئي…… نه گلئوز…… لباس ولائتي پر دل هندوستاني…… خير سان منزل تي پهتس، چانھ پاڻي پي ڊاڪٽر بدر سومري کي فون ڪيم جو هن مئڊرڊ ۾ خط لکيو هو ته لنڊن اچو ته احوال ڏجو. پنهنجي خط ۾ لکيائين:
    مانواري وينا شرنگي،
    نمستي،
    حق موجود سلام ۽ جيئي سنڌ،
    منهنجي لاءِ اِها سُٺي خبر آهي ته اوهين اَمريڪا ياترا کانپوءِ لنڊن پيا اچو، پڪ سان مُلاقات ٿيندي ‐ هتي به هزارين سنڌي رهن پيا، اُنهن جا ڪميونٽي سينٽر به آهن، هتي ٻه سنڌي ميلا مون به اٽينڊ ڪيا آهن. سنڌي ونش ڏسي اُستاد بخاريءَ جا ٻول ‐ سنڌ جيئندي سدا سنڌ جيئندي سدا! ڏاڍا ياد آيا ‐ پر هڪُ اهم مسئلو آهي ته پنهنجي ميلي ۾ هڪُ به سنڌي لفظ استعمال نه ڪيو رڳو پيا هڪ ٻئي سان انگريزيءَ ۾ ڳالهايون! ۽ گيت به فلمي گيت، اُردوءَ ۾ هلايون. اوهان اچي انهن کي سمجھايو پنهنجي شادي مُرادي ميلن وغيره ۾ گيت ته سنڌيءَ ۾ هلائن! ميلي ۾ مون کين ۽ سندن نوجوان نسل کي موٽيويٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لنڊن جا سنڌي گھڻي ڀاڱي بزنيس ڪميونٽي جا آهن، روزانو هڪُ ڪلاڪ ريڊيو تي سنڌيءَ ۾ پروگرام خريد ڪن ۽ ڪنهنجو ڪجھ خرچ نه ايندو. ريڊيو جي مئنيجمينٽ / يا ٽي.وي. تي پنهنجا اشتهار باءِ‐لئنگويج (سنڌي ۽ انگريزيءَ) ۾ هلايو!
    اِن خط جي موٽ ۾ صرف اِهو چوندس :
    منهنجو وسُ واڪا ٻُـڌڻ ڪمُ ٻروچ جو.
    اسپين ۾ به ڏياريءَ جي فنڪشن جو اهو ئي حال هو. لنڊن ۾ بدر صاحب سان دعا سلام کانپوءِ مون چيو‐ مونکي شيڪسپيئر جو ڳوٺ ضرور ڏسڻو آهي، من ۾ خواهش آهي ته اهڙي عظيم ليکڪ جي رهائشگاھ ڏسان. سومري صاحب وراڻيو، سڀاڻي جو پروگرام ٺاهيون ٿا. مون ان وچـ۾ پنهنجن ٻين واقفڪارن سان فون تي دعا سلام ڪيو. انکانپوءِ ٻيهر فون آيو، هُن چيو سڀاڻي جو پروگرام طئه ٿيو آهي، توهان تيار ٿي ويهجو ته سوير ئي نڪري هلنداسين. رات جو ثريا مخدوم جو فون آيو اُن سان ڪافي دير ڪچهري ٿي. کائي پي وڃي آرامي ٿيس.


    شيڪسپيئر جي وطن ۾

    آچر ڏهاڙي اٺين تاريخ آگسٽ تي صبح جو سوير ئي تيار ٿي فون جو انتظار ڪري رهي هيس. ڊا. سومري موبائيل تان فون ڪيو ته اسين ٻاهر اوهانجو انتظار ڪري رهيا آهيون، گھر کان ٻن ٽن منٽن جي پنڌ تي پهچڻ لاءِ چيو. ڊا. بدر سومري منهنجو تعارف ٻئي هڪ ڊاڪٽر بدر سان ڪرايو. رسمي طور دعا سلام کانپوءِ اسان ادب جي عظيم شخصيت، شاعر، ناٽڪ نويس جي ڳوٺ طرف روانا ٿياسين فاصلو چڱو خاصو هو. وقت پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو هو، مينهن جي بوندن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. ڪار جي رفتار پُٺتي ٿيندي پئي وئي، مينهن جي رفتار تيز ٿيندي ٿئي وئي. ڊاڪٽر صاحب گھٻرائجي ويا، سومرو صاحب دم دلاسا ڏيئي رهيو هو، ته اجھو ٿو مينهن بند ٿئي. پر اِندر ديوتا به ڪو اُن ڏينهن ڏمريل هو اصل ماٺ ئي نه ڪري بادلن کي حڪم ڏنائين ته وڃو وڃي شيڪسپيئر جي ڳوٺ طرف ويندڙ واٽ تي وسڪارا ڪيو. بدر سومرو موڊ ۾ هو، مونکي چيائين توهان شيخ ‐ پير جي ڳوٺ کي ئي ڇو ترجيح ڏني؟ مون وراڻيو عظيم ساهتيڪار ناٽڪ نويس جي يادگار پئدائشي وطن کي ڏسڻ ٿي چاهيان. ٽهڪ ڏيندي چيائين ‐ شيخن جي پير کي ڏسو ٿا نه؟ ڪيڏا مينهن وسايا اٿائين……! ڀٽائي ۽ بارش…… ڀٽائي کي به مينهن پسند ته شيخ ‐ پير کي به پسند…… ان موضوع تي ڀٽائي جا ٻه ٽي بيت جھونگاريائين. هڪ طرف سُر سارنگ جو ذڪر هو ته ٻئي طرف ڊاڪٽر صاحب جو موسم تي ڏمر…… سندن دل پئي چاهيو ته موٽ کائي…… مينهن به چوي ته اڄُ نه وسان ته ڪڏهن وسان…… رستو ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي…… بادلن جي گڙگڙاهٽ ڏسي ڪجھ دير لاءِ ته دل پريشان ٿي، پر مونکي به عظيم ناٽڪ نويس جي پئدائشي ڳوٺ اسٽرٽفورڊ‐اپان‐اوان ڏسڻ جو جنون هو. اسين به هانو هارڻ وارا ڪونه هئاسين، مون بدر سومري کي چيو، اسان جڏهن ڳوٺ ۾ هئاسين ته مينهن پوندو هو ته ست ڪاڻن جا نالا وٺي ڌاڳي ۾ ڳنڊھ ٻڌي مينهن ۾ زومائي فٽا ڪندا هئاسين، ته پوءِ مينهن بند ٿي ويندو. چيائين سچُ……! مون چيو هائو! ته پوءِ چيائين وارو ڪريو ڪاڻن جا نالا ٻڌي ڦٽا ڪيو ته مصيبت کان پلاند ته آجو ڪيون، ڌاڳو ئي نه پيو ملي، مڙيئي ليڙ هٿ ڪري نالا ڳنڻُ شروع ڪيا شهدادڪوٽ جي ڪاڻن جا نالا، دهليءَ جي ڪاڻن جا نالا بدر سومري طرفان وڏين حصتين وارن ڪاڻن جا نالا ڳنهڻُ ۽ مان هر هڪ نالي تي ڳنڊھ ٻڌندي ٿئي ويس. نيٺ هڻي هندُ ڪيوسين ست ئي نالا هٿ لڳي ويا. اهو ٽوٽڪو ڪري پاڻيءَ ۾ ستن ڪاڻن کي ٻڌي ڦٽو ڪيوسين. فاصلو ڌيمي رفتار سان طئه ٿي رهيو هو. وقت گذرندو ٿئي ويو ۽ مينهن جي رفتار پُٺتي پوندي ٿئي وئي.
    ڊا. بدر سومري چيو واه! جو اوهان ٽوٽڪو ٻُڌايو! سچ پچ ڪاڻن مينهن کي سگھو ڪري ورتو. واٽ تي هڪ هند چانھ پيئڻ لاءِ ترسياسين. بدر صاحب پاڻ سان گڏ انب آندا هئا. ڏسي سچ پچ حيراني ٿي، لنڊن ۾ سنڌ وارا وڏا وڏا مٺا چاش جھڙا انب. اصل ڳوٺ ياد اچي ويو. باريج تي مينهن جي مند ۾ پاڻي ۾ ٽپا ڏيڻ ۽ انب جا ٽوڪرا خالي ڪرڻ، اسان ڀائر ڀينرن جي پلٽن انبن تي پرٽجي پوندي هئي. چانھ پاڻي پي تن تازو ڪري اڳتي لاءِ روانا ٿياسين. لنڊن کان تقريبا سئو ستر کن ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿيندو. ٻارهين ڌاري اُتي پهتاسين.
    شيڪسپيئر جي ڳوٺ پهچڻ تي هلڪيون بوندون پئجي رهيون هيون. تمام گھڻي ساوڪ ۽ ساوڪ کان وڌيڪ گُلن جون ٻاريون هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي پُل هئي. اُن وقت ننڍي هوندي انگريزيءَ جي ٻاراڻي درجي جي ڪتاب ۾ ان طرح رنگ برنگي گُلن جي ٻارين وچ ۾ گھرن ۽ ان طرح جي ڪاٺ جي پُلين تان گذرندڙ ٻارڙن جا خوبصورت چهرا اکين آڏو اچڻ لڳا، ليس ۽ جھالر وارا فراق پهريل ننڍڙيون نينگريون هٿن ۾ گُلن جون ٽوڪريون…… پاڻيءَ ۾ ترندڙ اڇيون ڪاريون بدقون گھرن جي اڏاوت به مخصوص انداز واري…… هر علائقي ۽ مُلڪ جي پنهنجي خوبصورتي هوندي آهي.
    شيڪسپيئر برٿ‐پليس جي نالي سان ٽرسٽ آهي جيڪا انکي هلائيندي آهي. پنج پائونڊ کن ٽڪيٽ آهي. هن عظيم ناٽڪ نگار جي برٿ‐پليس هينلي اسٽريٽ تي آهي، جتي ڪيترا ڪتاب ۽ دستخط به ڏسڻ وٽان ملندا، اتي هن ليکڪ جي زندگيءَ تي آڌارت ناٽڪ وغيره به رايل شيڪسپيئر ٿيٽر ۾ منچن ڪيا ويندا آهن. جنهن لاءِ اڳواٽ ٽڪيٽون بُڪ ڪرائڻيون پونديون آهن.
    گھر اندر داخل ٿيڻ کان پهرين هڪ تصوير ورتي اُنکانپوءِ اندر داخل ٿيڻ تي، سندس استعمال واريون شيون اُتي رکيون ويون هيون سي نظر اينديون. سندس ڪمرو (بيڊروم) عام رواجي طرح وارو هو، رنڌڻي ۾ اسان جي ڳوٺن جيان باسڻ برتڻ موجود هئا. اُن وقت سچ پچ ايڏو سُٺو لڳي رهيو هو جنهن جو بيان ڪرڻ مُشڪل آهي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن تصور نه ڪيو هو ته اُتي وڃي پُهچندس، مميءَ جي واتان سندس ناٽڪن جا نالا، ڊائيلاگ، ڪردارن جي باري ۾ ننڍي هوندي کان ئي ٻُڌا هئا. آٿيلو، ڪنگ ليئر، هئمليٽ، ڊيسڊيمونيا وغيره، ڪردارن سان همدردي. ائين ته سڄي دنيا ڳنڊجي وئي آهي. پئسو هجي ته انسان ڪٿي به پهچي سگھي ٿو پر جيڪو تصور ۽ احساس، خوشي اُن وقت مونکي اهڙي عظيم ليکڪ ۽ شاعر جي اڱڻ ۾ بهي ٿي رهي هئي اُن جي قيمت ۽ مُلھ سچ پچ نه ٿو لڳائي سگھجي.
    ڊا. بدر سومري جا ٿورا جنهن همٿ ڪري پروگرام جلد طئه ڪري ورتو، ۽ ڊاڪٽر بدر جا به ٿورا جنهن اهڙي مُند ۾ ڊرائيونگ جو اسٽرين برداشت ڪري 170 ڪلوميٽرن جو مينهن ۾ فاصلو طئه ڪري اُتي پهچايو.
    وليم شيڪسپيئر جو واسطو ڪنهن هڪ دور سان نه بلڪه هر دور سان آهي، عظيم شاعر جي يادگار گھر ٻاهران پهچڻ تي من ۾ خوشيءَ جو احساس ٿي رهيو هو، در اڳيان تمام سُهڻا گُل ٽڙيل هئا. اسان ڪجھ تصويرون ورتيون. دراصل ان جي ڀرسان ۽ ٿورو فاصلي تي ان سان جڙيل پنج يادگار آهن. هڪُ مئري آرڊنس هائوس جنهن لاءِ بيان ڪيو وڃي ته اهو سندس ماءُ جو شاديءَ کان اڳ جو گھر هو، سندس ناناڻو گھر يورپ جي جھوني دور جي روايتي گھرن جيان آهي. اتي ڳوٺاڻي ماحول جو منظر پسي سگھجي ٿو، ٻنيون ٻارا، رڍون، چوپايو مال وغيره. انکانسواءِ ائني‐هيٿويز ڪاٽيج، هيءُ اُهو گھر آهي جتي وليم شيڪسپيئر پريت جو پيچ پاتو، اتي سندس محبوبا ائني شاديءَ کان اڳ رهندي هئي، نومبر 1582ع ۾ ٻنهي لئون لڌيون…… اُن وقت وليم شيڪسپيئر جي عمر (18) ارڙهان سال هئي ۽ سندس محبوبا جي (26) ڇھويھ سال، هوءَ ٽن مهينن سان پيٽ سان هئي، جو ٻئي شاديءَ جي ڏور ۾ ٻڌجي ويا. ائني جي اباڻي گھر جا وارث اڻويھ صديءَ تائين اتي رهيا، هال ڪروفٽ جو جھونو شهر جيڪو وليم شيڪسپيئر جي نياڻي ڊاڪٽر جان هال جي نالي پُٺيان آهي. ڊاڪٽر جان سندس ڌيءَ سوزانا سان 1607ع ۾ شادي ڪئي ۽ هن امير غريب سڀني جو علاج ڪيو، ڊاڪٽر جان جتي مريضن کي چڪاسيندو هو، اُن دور ۾ ڪهڙي طرح جون دوائون هونديون هيون تن جي باري ۾ ڄاڻ، اتي جو جيڪو باغ آهي تنهن ۾ جڙيون ٻوٽيون وغيره پوکيل آهن، اگر ڪو خريد ڪرڻ چاهي ته اُن کي ملي سگھن ٿيون. ان جي ڏوهٽيءَ ايليزابيت جي پهرين خاوند ٿامس‐نئش جي رهائشگاھ آهي، ڀرسان نئيوپئلس به آهي جتي وليم شيڪسپيئر پڇاڙيءَ وارا ڏهاڙا گذاريا هئا. انهن سڀني جاين جي تقريبا گڏيل ٽڪيٽ ۾ يارهان پائونڊ لڳن ٿا.
    اهي سڀ ٽرسٽ طرفان هلايا وڃن ٿا. ان ٽرسٽ طرفان تعليمي ڪورس پڻ هلايا وڃن ٿا. سينٽرل لائيبريري موجود آهي جيڪا ريفرنس طور تمام ئي ڪارائتو مواد مُيسر ڪري ٿي، ڪنهن کي پي.ايڇ.ڊي. وغيره ڪرڻي هجي ته ان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي. فرينڊ‐آف‐ٽرسٽ طور ڪوبه شامل ٿي سگھي ٿو.
    ائين ته يورپ جا ٻيا به ساهتڪار هئا پر هن وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ ناٽڪن جي حوالي سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خاص طور تي پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي زبان تي ڊائيلاگ عام جام هئا. منهنجي امڙ کي ڊيسٽيمونيا ۽ آٿيلو جي گفتگوءَ وارا جملا برزبان ياد هئا. شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ هئمليٽ کي 1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ سنڌي ۾ (ائڊاپٽ) اپنايو. جنهنکي شري هيرانند آڏواڻيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ ڊي‐جي‐سنڌ ڪاليج جي ائميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ جي ڪلاڪارن منچ تي پيش ڪيو.
    وليم شيڪسپيئر جا جيڪي همصعر هئا سي کيس وڏي احترام جي نگاهه سان ڏسندا هئا، تن طرفان هُن متعلق راين کي اتي پيش ڪيو ويو هو، سندس لکڻ پڙهڻ وارو هند ۽ ٻين ڪمرن کي ڏسڻ سان گڏوگڏ سندس تخليقي ۽ زندگيءَ جي سفر، رهڻي ڪرڻي واري معلومات ۽ مشهور معروف ناٽڪنويس ۽ شاعر جي رهائش گاھ جو هيءُ يادگار سفر اٺين (8) آگسٽ 1999ع آرتوار ڏهاڙي به شڪريه جناب بدر سومري جي ڪوششن سان پلئه پيو.
    هڪُ ٻيو تاريخي واروڪ ــ قلعو ڪافي فاصلي تي هو، جنهن ۾ گذريل ڏهن صدين دوران ڇا وهيو واپريو ۽ گذريو، اُن متعلق سنسني‐خيز داستان سيلانين جي ڪشش وارا آهن، جتي خاص واقعن تي آڌارت ڊائري جا سچ، گذريل ڏهن صدين جي تاريخ، گھوسٽ ٽاور (جنات وارو قلعو) ۽ اُن شاهي محل جي قتل ۽ ٻين داستانن جو ذڪر ۽ ڄاڻ سيلانين کي ڏني وڃي ٿي. مونکي صرف وليم شيڪسپيئر جي پئدائشي سرزمين ڏسڻ جو اشتياق هو…… تمنا هئي جا پوري ٿي.
    اُتان واپس وِرندي واٽ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي وارو روڊ هو، پر اسين اڳتي نڪري چڪا هئاسين. هيءُ تعليمي ادارو قديم تعليمي مرڪز رهيو آهي. ان جي اردگرد ڪي ڪاليج آهن، اتي سر ڪرسٽوفر وارن جي ڊزائين تي آڌارت لائيبريري ۽ ٿيٽر ڏسڻ وٽان آهي ۽ ڪي تاريخي ميوزيئمس آهن. ميوزيم ۾ ڪئپٽن ڪوڪ جي ڪليڪشنس موجود آهن. واٽ تي هڪ سنڌي شاگرد جي گھر هلڻ جو پروگرام هن طئه ڪري ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو هيءُ نوجوان شاگرد محمد صديق ڪلهوڙو ماسٽر چندر جي ڳوٺ جو هو، اتي پي.ايڇ.ڊي. پڙهڻ آيو هو، جيڪو پڙهائي پوري ڪري واپس وطن وڃي رهيو هو، اسان هن وٽ اڌ ڪلاڪ کن ويٺاسين…… هن ٻُڌايو ته سنڌ جي دوري دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون سان سندس مُلاقات ٿي هئي. چانھ پاڻي کانپوءِ هن کان اجازت ورتي.
    واپس وِرندي جڏهن هڪ هندان گذرياسين ته هن چيو هتي چاچا ڏاهر رهندو آهي، تمام ڀلو ماڻهو آهي سنڌ سان پيار اٿس، اُن ڏهاڙي ته جناب شهنواز ڏاهر سان مُلاقات ڪانه ٿي پر پوءِ ڪهاڻين جي مجموعي تي تبصرو لکي موڪليائون. سندن تاريخ جي حوالي سان ڪئي آرٽيڪلس پڙهيون آهن. پاڻ تاريخدان آهن. مارئي طرفان 29‐30 سيپٽمبر 2001ع تي جيڪا ڀٽائي گھوٽ شاهه لطيف تي انٽرنيئشنل ڪانفرنس ٿي تنهن ۾ شرڪت ڪيائون. ڀينرن لاءِ عزت، ڳالهائڻ دوران ڌيئڙي، ڀينڙيءَ جا لفظ عورتن لاءِ احترام جي گواهي ڏين ٿا، جناب شهنواز ڏاهر ڀلو انسان آهي، جڏهنڪه ڪيترن کي ڌيئرن ڀينرن ۽ عورتن سان ڳالهائڻ جي تميز ۽ تهذيب ٻُـڙي…… مُهذبپڻي جو چهري تي کول…… غيرمُهذب لڇڻ…… جيڪي سنڌي سماج تي بدنما داغ آهن. تڏهن ته شاه سائين فرمايو آهي :

    ماڻهو سڀ نه سُهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ اچي بوءِ بهار جي
    (شاه)


    مـيـلو مـتو پـيو آ

    لنڊن هن کان پهرين ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيو آهي هڪُ 1990ع ۾ ۽ ٻيو 1995ع ۾ پهريون ڀيرو ڀائٽي به هلي هئي، تمام گھڻي پريشاني ٿي هئي. ننڍي هئي مان ٽرين ۾ چڙهي وِيس ۽ هوءَ رهجي وئي. لنڊن مونکي بيحد پسند آهي، ور ور ڪري لنڊن موڪلن لاءِ وڃڻ تي دل ڪندي آهي. ڇاجي ڪري پسند آهي……؟ ڇو پسند آهي……؟ ان جي ڄاڻڻ جي ڪوشش به نه ڪئي آهي. ڪو زمانو هو لنڊن رٽن وڏي ڳالھ هئي. سڀ کان پھرين اسانجون مامي جون ڌيئرون ويون اُهو سٺ واري ڏهاڪي جو شروعاتي دور هو. اڄُ انهن مان ٻه لنڊن ۾ ئي آهن. اُما جيٽلي، وينا جيٽلي ۽ هڪ ڪئنڊا ۾ آهي ميران، سچ پچ ته انهن جيڪا محنت ڪئي جدوجھد ڪئي اُن جو بيان ڪرڻ مُشڪل آهي. پاڻ ۾ اٺ ڀينرون ۽ هڪُ ننڍو ڀاءُ ونود اٿن، جيڪو هن وقت ڪئنڊا ۾ آهي. اسان جي نيات (برادري) ۾ گھڻن گھڻن ڇوڪرن کان اڳ پـڙهڻڻ لکڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي سلسلي ۾ پھل ڪئي. منهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ کي به لنڊن پـڙهائيءَ ڪرڻ جو بيحد شونق هو، پپاجن ان جي سخت خلاف هئا سنڌ کان ٻاهر نه وڃي، مميءَ هن جي مدد ڪئي. ڪوئيٽا (بلوچستان) ۾ اڃان بي.ايس.سي. پاس ڪري جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي نوڪري تي لڳو هو، نوڪريءَ تان استيعفا ڏيئي لنڊن روانو ٿيو هو. اُتان پوءِ ڪيترن سالن بعد (ريشيل) رنگ ڀيد وارن مسئلن ۽ جھيڙن جھٽن ڪري اسپين روانو ٿيو.
    منهنجو ٻيهر لنڊن جو دورو ورلڊ سنڌي ڪانفرنس جي نينڍ تي رهيو. ڊاڪٽر منور هاليپوٽي طرفان هر سال ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي نينڍ ملندي آهي. 1995ع ۾ مان اين.او.سي. وٺي شرڪت ڪئي. جتي سنڌ جا ڪافي اڳواڻ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا هئا. سائين جي. ايم. سيد جا فرزند جناب امداد محمد شاهه، جناب گل محمد جکراڻي، سيد غلام شاهه، جناب ڀرڳـڙي ۽ ٻيا ڪيترا موجود هئا. هڪُ ڏينهن اڳـ۾ سنڌ ‐ هائوس ۾ سڀني جي هن ماني به رکي هئي، جتي ڪجھ لنڊن جا سنڌي سڄڻ به شامل ٿيا. مان ته سچ پچ ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جي غير سنڌي فارينر گرل فرينڊ کي شاباس ڏيندس جنهن ڏاڍي محنت ڪئي، کاڌي جو بندوبست ڪيو، خود پنهنجي هٿن سان ڪيترا طعام تيار ڪيائين. ٻئي ڏينهن ڪانفرنس دواران به ڪيترن سان مُلاقات ٿي جن ۾ مسٽر رائيسنگھاڻي، نظير قريشي، ڊاڪٽر ڀٽي، ۽ ٻيا ڪيترا سڄڻ موجود هئا. اسپيڪرس ۽ پيپر پڙهندڙن جا ويچار ٻُـڌڻ وٽان مليا. مونکي ته ثريا مخدوم جو پيپر پسند پيو. ليکڪا ۽ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ طور انهن ڪانفرنسن ۾ مختلف طبقن جا ويچار، رايا ٻُـڌڻ وٽان ملن ٿا. مُشاعدو ڪرڻ سان ڪافي ڪجھ ڄاڻ پلئه پوي ٿي. اتي والاريل ڪشمير جا ڪجھ شخص موجود هئا، جن پڻ پاڪستان حڪومت طرفان حقن کان کين محروم ڪرڻ، ڏکن سورن ۽ اهجن جا پنهنجا روئـڻا رونا، دهليءَ مان نياز پنجابي هو، تنهن پڻ ويچار پيش ڪيا. اتي ئي گيتا راج سان مُلاقات ٿي حالانڪ دهليءَ ريڊيو تي اڳ ۾ مُلاقات ٿي چڪي هئي. مميءَ جي واتان هڪُ پهاڪو ٻُـڌو هيم، ٺٽئين واري صلاح ؛ يعني مٿڪي صلاح ڪرڻ، اهو تجربو هر ڀيري لنڊن ۾ ٿيندو آهي. گيتا راج طرفان ٺـٽئين واري نينڍ ملندي آهي. ظاهر آهي ته ٻاهر نڪرڻ سان وقت جي وڏي قيمت هوندي آهي، ميل ميلاپ، گھمڻ گھتڻ، ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ انهن ئي ٻن چئن ڏينهن دوران جيترو به موقعو ملي ماڻهو اُن وقت جو استعمال ڪري وٺي. جيڪو پرديس ۾ وڃي ٿو ظاهر آهي ته ڪچهريءَ سان گڏ سيروسفر ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪوشش ڪندو. جتي هڪُ هڪُ پائونڊ اسان جھڙن لاءِ هڪُ سئو کان مٿي رهي ٿو.

    ان ڪانفرنس دوارن ئي نظير قريشيءَ پنهنجي گھر ڊنر لاءِ دعوت ڏني. هونسلو ايسٽ ۾ ڪزنس جي گھران نه صرف اچي وٺي ويو پر رات جو واپس پھچائي ويو. پنهنجي نوڪريءَ مان وقت ڪڍي نه صرف ڪانفرنس دوران پر لنڊن جي ڪن اهم جڳهين جي ڄاڻ ڏني. سندس گھرواريءَ تمام آدرڀاءُ ڪيو ڪافي طعام تيار ڪيا هئا. کيس تاج محل ڏسڻ جو شونق هو، مون کيس نينڍ به ڏني ته جڏهن به اچڻ چاهي مونکي ڪجھ ڏهاڙا اڳ اطلاع ڏئي ته کيس مان ڏيکاريندس. هن ڪٽمب سان جيڪا گڏجاڻي رهي سا يادگار رهي.
    اُما جئٽلي ۽ وينا جئٽلي جي ناناڻن عزيزن جي ڪٽمب مان اجيت ۽ سندس گھرواري ڊنر لاءِ نينڍ ڏني، جنهن جي گھرواريءَ گجراتي آهي اُن گجراتي کاڌا تيار ڪيا هئا. قسمت سانگي دهليءَ جي ڳائيندڙ فنڪارا راڌڪا واڌواڻي اُتي هئي. سندس نياڻي جي اتي نوڪري هئي ايلاز منٿون توکي اچڻو ضرور آهي، مان ٿي توکي وٺڻ اچان مون کيس منع ڪئي مهرباني ڪر تون پنڌ نه ڪر مان ٿي اچان، تون مونکي صرف ڏَسُ پتو ڏئي اڌ ڪلاڪ اڳ ئي اچي پاڻ ۽ سندس گھوٽ بسنت واڌواڻي بس اسٽينڊ تي بيٺا. اصل خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي.
    لنڊن ۾ منهنجي شاپنگ جي پسند جي جڳھ آهي آڪسفورڊ‐اسٽريٽ ۽ مارڪس ۽ اسپينسر جا ڊپارٽمينٽل اسٽور، لئٽل ووڊ وغيره. هر ڀيري هڪُ ٻه چڪر لڳن ۽ خريداري به ضرور ڪرڻي آهي، لنڊن جا ڪارڊيگان (سوئـٽر) تمام سُٺا، اگھ به واجبي ۽ اُتي جيڪو سيل لڳندو آهي اُهو به (جينين) صحيح هوندو آهي. هتي وانگر نه ته ٻيڻو ليبل لڳائي اڌ ڪري رکن، گھر پھچڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٺڳجي وياسين. هڪ ڀيري زاهده ٿيٻو جو خاوند جناب نور محمد ٿيٻو لنڊن ۾ هئا، تن کي به شاپنگ ڪرڻي هئي، آڪسفورڊ اسٽريٽ تي ملياسين شالنيءَ جي ٻارن لاءِ تمام مهانگو ڪارڊيگان خريد ڪيم، چيائون هن جي ٻارن سان وڌيڪ پيار اٿيئي ڇا؟ حيدرآباد ۾ سندن گھر ممي ۽ مان رهياسين تمام تمام گھڻو خيال رکيائون. جناب نور محمد ٿيٻو ڀلو انسان آهي، ٻار به تمام سُٺا اٿن. سندن قرب وسرڻ جھڙا نه آهن. پرديس ۾ جڏهن وطن واسي ۽ هم‐زبان ملن ته عيد ٿيو وڃي.
    آڪسفورڊ اسٽريٽ شاپنگ ايراضي تقريبا پنجن ڪلوميٽرن تي ڦھليل آهي. ويھ لکن کان به مٿي ٽوئرسٽ اچن ٿا. شاهي ڊپارٽمينٽل اسٽورس جي وڏي تعداد سان گڏوگڏ ننڍا دڪان پڻ آهن. انڊينس جا پڻ ڪي دڪان آهن. صبح جو يارهين ڌاري کائي نڪرندي هيس، آڪسفورڊ وٽ اتي کائڻ پيئڻ جون سُٺيون ريسٽورينٽس به آهن. ويجيٽيريئن لاءِ سولو، فنگر چپس، ڪولڊ ڊرنڪ وغيره ورتي، جان ڇُـٽي، کائڻ کان وڌيڪ گھمڻ جو شونق. لنڊن ۾ ٽرانسپورٽ تمام سولو ۽ سُٺي آهي. روزاني جي هڪ ٽڪيٽ وٺي ڇڏجي بس ۽ ٽيوب ۾ اُها هلندي آهي، هر اسٽيشن يا هر اسٽاپ کانپوءِ ٽڪيٽ وٺڻ وقت ۽ پئسي جو نقصان. لنڊن کان ٻاهر سبربس ڏانهن وڃڻ لاءِ برٽش ٽرينس آهن جن جو رنگ الڳ آهي. جھڙيءَ طرح ٽوئرسٽ جي لحاظ کان آڪسفورڊ اسٽريٽ مشهور آهي ان طرح ٽريئفلگر اسڪوائر، پڪڊلي سرڪل پڻ مقبول آهن. جيڪو لنڊن ايندو اتي ضرور ويندو ۽ اتي فوٽو به ضرور ڪڍائيندو. ڪبوترن کي داڻو کارائيندڙ سيلاني وڏا ۽ ٻار…… ايشيئن جي ڀيڙ…… ٽريئفلگر اسڪوائر ڀرسان نئشنل گئلري آهي.
    سومر نائين آگسٽ 1999ع تي آرٽ گئلري ڏسڻ جو اردو ڪيو. اندر داخل ٿيڻ تي جيڪي سيلاني ان کي ڏسڻ اچن ٿا سي پنهنجو سامان ڪلاڪ روم ۾ جمع ڪرائي هٿين خالي آرام سان گھمي سگھن ٿا. انهن ڏينهن دوران ڏهين کان ڇهين تائين اها کليل هئي. ان نئشنل گئلريءَ ۾ يورپي پيئنٽنگ جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ هزارين هزارين سيلاني روزانو پرٽجي پون ٿا. اها 1824ع ۾ وجود ۾ آئي. اُتر، ڏکـڻُ، اوُڀر ۽ وچ ۾ الڳ ونگ آهي جتي الڳ الڳ دورن جون پيئنٽنگس موجود آهن.
    اُتي ٻين ٽوئرسٽ اسپاٽس جيان سوئوينرس وغيره جو دڪان آهي جتي پوسٽ ڪارڊ، ڪتاب ۽ ٻيومواد ملي سگھي ٿو، ساڳيءَ طرح آڊيو ذريعي مختلف زبانن ۾ انگريزي، اسپئنش، فرينچ، اتالوي، جرمن وغيره ٻولين ۾ ڄاڻ به حاصل ڪري سگھجي ٿي.
    يورپ جي وڏي خاصيت ۽ ڏسڻ وٽان شاندار ڪاريگريءَ وارا گرجا گھر آهن. لنڊن جي مشهور چرچ آهي سينٽ پال، ان تاريخي ڪئٿوڊرل ۾ ماضي ۽ حال کي محفوظ رکيو ويو آهي، ماضيءَ جي يادگيرين کي سُھڻي نقاشي ۽ سجاوٽ ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي، ۽ موجوده دور کي فوٽو نمائش ذريعي پيش ڪيو ويو آهي. هينري موري طرفان ماءُ ۽ ٻار جي مورتي ڪشش جو باعث آهي. جديد دور جي شهيدن جا نالا ڪتاب ۾ درج ڪيا ويا آهن، ٻئين جنگي عظيم دوران آسٿان کي بم جي ڪرڻ ڪري نقصان رسيو هو، اهو اونچو آسٿان ٻئين جنگي عظيم جي دولته مشترڪه جي مرد ۽ عورتن جي شهادت جي ياد ۾ قائم آهي. اتي ٻئين جنگي عظيم دوران برطانيه ۾ جيڪي اٺاويھ هزار اَمريڪي هئا جن پنهنجون جانيون وڃايون، تن جي ياد به برقرار رکي وئي آهي. شهر کان ٻاهر هڪُ قبرستان آهي جتي مشهور شخصيتن ۽ ڪلاڪارن کي دفنايو ويو آهي. چيو وڃي ٿو، اڻويھ سئو جي وچ ڌاري شهر ۾ دفن ڪرڻ لاءِ قبرستانن ۾ جاءِ جي تنگي ٿي ته برطاني پارليامينٽ 20 مئي 1849ع تي هڪُ بِـلُ بحال ڪيو ۽ شهر کان ٻاهران قبرستان ۾ دفنائڻ جي اجازت ڏني، جتي وڏيون هستيون دفن ٿيل آهن.
    اَسڪائٽ نالي هڪ ايراضيءَ ۾ وڏو ريس ڪورس آهي، جنهن جي مالڪياڻي مهاراڻي خود آهي، وڏا لارڊس ۽ ٻيا شاهوڪار ان ريس ڪورس ۾ ايندا آهن، وڏي تعداد ۾ جاڪي، ٽرينرس ۽ ٻيا اتي ويندا رهندا آهن. ڪئمڊئين هاءِ اسٽريٽ ۾ هڪُ لک ماڻهو شاپنگ لاءِ ايندا آهن. ان علائقي جي ڀرسان سئو پائونڊن ۾ هڪ رات لاءِ هوٽل جو سُٺو ڪمرو ملي سگھي ٿو.


    مـئـڊم ٽـساڊ وئـڪس مـيوزم

    لنڊن ۾ سائوٿ هال اهڙو علائقو آهي جتي هندو مُسلمان سِک وغيره موجود آهن. ڪرول باغ جيان ٻاهر پٽڙيءَ تي زالون مرد دڪان ڪڍيل نظر ايندا. هن ڀيري مان پنهنجي ڪزن اُما جئٽلي سان گڏ اُتي ويس جتي هوءَ مندر ۾ وٺي هلي، اُتي مندر مسجد گردوارو ۽ انهن ۾ عقيدت رکڻ وارن وچ ۾ چڙهت ڪري اتي ملڪيت جا اگھ به وڌي ويا آهن. هن چيو اڄُ توکي چاٽ ۽ سنبوسا ٿي کارايان. مونکي ۽ خود اُما کي به ڪونه پسند پيا، اُتي هڪُ سکُ آفريڪيءَ کي وٺي آيو، دال روٽي پُلاءُ وغيره پيو کارائيس، هاڻي ته هندوستانين اُتي جي مڪاني ماڻهن کي به اسان واري کاڌي جو چشڪو وجھي ڇڏيو آهي.

    لندن ۾ مئڊم ٽوساڊ وئڪس ميوزم ڏسڻ وٽان آهي اگر اها ميوزم نه ڏٺي ته سفر اڌورو رهندو. ان کي ڏسڻ لاءِ ستاويھ لک سيلاني هر سال ايندا آهن. لنڊن ۾ گھمڻ گھتڻ ۾ وقت ائين گذري وڃي جو پتو ئي نه پوي. ڪيترين جڳھين کي ور ور ڪري ڏٺم ته به بوريت جو احساسُ بلڪل ئي نه پيو ٿئي پوءِ چاهي جيمس پارڪ، هائيڊ پارڪ، بڪنگم پئلس هجي يا ٽريئفلگر اسڪوئر، پڪڊلي سرڪس، آڪسفورڊ سرڪس، يا وري مئڊم ٽوساڊ جي وئڪس ميوزم.
    ميوزم ۾ جيڪي ميڻ جا بُت آهن سي اهڙا ته ٺھيل آهن جو انهن کي ڏسندي اکيون دوکو کائي وڃن. پهريون ڀيرو جڏهن مئڊم ٽوساڊ ميوزم ڏسڻ ويس ته وڙ وڪڙ ڪنڊن پاسن تي ٻاهرين حصي ۾ مشهور معروف شخصيتن جا ميڻ جا بت رکيل هئا، رنگ برنگي ۽ ڪٿي ڊِم لائيٽ (هلڪي روشني) سيلانين جي ڀيڙ ڪئميرائن جي فلئش جي ڪلڪ ڪلڪ جنهن طرف وڃ هرڪو واه! واه! پيو ڪري. مان سي.اين.اين. جي مشهور معروف نيگرو ٽي.وي. ڪمپيئر لوسيءَ جي وئڪس واري پتلي کي ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيس، سوچيم پهرين پنهنجي برادريءَ واري ميڊيا شخصيت سان ئي مهورت ٿي ڪريان، ان دوران هڪ واقعو پيش آيو، مان جيئن ئي اُن طرف قدم وڌايو، اڳيان هڪ ٻي خوبصورت بت بڻيل ڇوڪري نظر آئي منهنجون نگهائون اُن تي وڃي مرڪز ٿيون، مان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ته اهو وئڪس جو پُتلو ڪنهن جو پتلو ٺھيل آهي. ٿورو اُن جي قريب ويس…… اوچتو جھٽڪو لڳو اُن حسين ڇوڪريءَ پلڪون ڇھمبيون مان ٻه قدم پٺتي هٽي پلـٽو کاڌو…… جا وئڪس جي ٺهيل نه بلڪ هـڏ ماس واري ڇوڪري هئي جيڪا اُتي جي اسٽاف جي هئي، خاموشيءَ سان نظر رکي رهئي هئي…… چڱو ٿيو جو پاڻ سنڀالي ورتم…… مونکي پڪ آهي منهنجي ان دوکي کائڻ وارين نظرن کي هن به سڃاڻي ورتو هوندو…… پنهنجي نادانيءَ تي اُنکانپوءِ کل به آئي ته شرمسار به ٿيس. وئڪس ميوزم ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مشهور معروف شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. لنڊن جو شاهي خاندان ته هٽلر به روسي ڪامريڊ ته عرب به. پهرين ڀيري مهاتما گانڌي ۽ اندرا گانڌي اُنکانپوءِ راجيو گانڌي ۽ بينـظير جو اضافو ٿيو، مهاتما گانڌي ۽ اندرا گانڌيءَ جي وچ ۾ بينـظير جي پتلي کي ڏسي ڪنهن سڄڻ رمارڪ ڏنو آهي! ڪٿي اهنسا جو پوڄاري کاڌِي پهريل مهاتما گانڌي، ڪٿي هيءَ مائي……
    لنڊن جي ان يگاني مئڊم ٽوساڊ ميوزم جا ڪي يادگار پل مون به پنهنجي ڪئميرا ۾ قيد ڪري ورتا خاص طور تي عظيم ليکڪن ليکڪائن اگستا ڪرستي، چارلس ڊڪن، والٽر اسڪاٽُ، وليم شيڪسپيئر وغيره وغيره جي ڇتر ڇايا ۾ بهي اهوئي وردان گھريم، ڌڻي انهن جي علم ‐ عقل جي ٿوري ٽاريءَ اسان جھڙن ڏئي به نواءِ ٻورَ جو ڪڻو ڪيراءِ…… آمين!
    لنڊن ۾ بي.بي.سي. جي دفتر ۾ به وڃڻُ ٿيو دهليءَ جي هڪ ريڊيو جي ساٿي چيو اتي جي انچارج ڊيوڊ پيج سان منهنجو نالو وٺي مُلاقات ڪجانءِ، اسان جا ڪي ٻيا به ساٿي پرويز عالم، اچلا شرما، شڪنتلا چاند ۽ ڪن ٻين سان به مُلاقات ٿي ڊيوڊ پيج اسٽوڊيو ڏيکاريا، اُڙدو يونٽ جي اُن وقت موجود عُبيد صديقي وغيره سان به مُلاقات ڪرائي، چڱو وقت ڏنو.

    پارليامينٽ هائوس، وزيري آعظم جي رهائش گاه ٽين ڊائونگ ‐ اسٽريٽ، بڪنگم پئلس يا چينج‐آف‐گارڊس، لنڊن ۾ وڏو گھڙيال آهي، بگ‐بين، جتي نئين سال جو جشن ڏسڻ لاءِ ايڪٽهين ڊسمبر جي پاري واري رات ۾ ملينيم جي جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هزارين شائق اچي اُتي گڏ ٿيا. لنڊن جي ٽوئرسٽ اسپاٽس کي ڏسڻ لاءِ روزانو هزارين سيلاني نظر ايندا، چينج‐آف‐گارڊس وقت مان گھوڙي جي واڳه سان ڪانه جھليم باقي ڪافي قريب وڃي بيٺس، ڪيترا اُن وقت حسرت ڀري نگاهه سان ڏسي رهيا هئا، لنڊن جي قلعي کي ڏسڻ جو اشتياق هو، جو اُتي ڪوهينور جو هيرو موجود آهي، قلعي جو پنڌ ڪافي ٿڪائيندڙ آهي، مان سڄي ڏسڻ جي همٿ ڪانه ڪئي، مون اُن ڏهاڙي ڪيونس ميوزم ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو جتي راڻيءَ ۽ شاهي خاندان جا زيورات ۽ ٻيو قيمتي سامان رکيل آهي، انهن خواهشن کي پورو ڪرڻ ڌن جي آهوتي ڏيڻي ٿي پوي، وڏن جو پهاڪو آهي ته هُجيئي ناڻو ته گُھم لاڙڪاڻو، اسان جو لاڙڪاڻو ائين خيسا ڪونه خالي ڪندو جھڙا يورپ جا شهر، ننڍي کنڊ جي سيلانين جي زر کي ڇيهو رسائين ٿا، يورپ ۽ اَمريڪا پنهنجي ناڻي جا مُلھ وڌائي اسان جي روپئي جو هيڻو حال ڪري ڇڏيو اٿن.
    شاهي خاندان جي قيمتي زيورات کي نه ڏسڻ جو ارمان رهي ها، خير ونڊسر ڪئسل ۾ نُمائش لاءِ ڪي اهڙا ناياب زيور ۽ لائبريريءَ ۾ ڪي پندرهين صديءَ جا جھونا دستخط ناياب ڪتاب موجود آهن، جنهن جي قيمت نه ٿي لڳائي سگھجي. سورهين ۽ سترهين صديءَ جا زيورات، هيرن جواهرن سان جڙيل زيورات، تاريخي سِڪا، ميڊلس، يادگار گھڙيال، پئينٽنگس وغيره. راڻي وڪٽوريا کي شاديءَ جي سوغات طور وڃـڻو جيڪو شهزادي البرٽ کيس 1840ع ۾ ڏنو هو ۽ بادشاھ چارلس پهرين کي جنهن وقت ڦاسي ڏني وئي هئي، کيس جيڪا قميض پئي هئي، اُها رکيل آهي. دراصل ڪنهن به تاريخي ماڳـه يا ميوزم تي الڳ ڪتاب لکي سگھجي ٿو، جنهن لاءِ لاڳيتو ڪئي ڀيرا ان ميوزم کي ڏسڻ ۽ اجازت وٺي ڪن دستاويزن تي باريڪي سان نظر وجھي لکڻ وارو ڪمُ ڪن ادارن جي مدد سان وڏا تاريخدان ئي ڪري سگھن ٿا. چيو وڃي ٿو ته انگلينڊ جي شاهي خاندان وٽ روس جي زار جا ڪي زيورات آهن جن جي باري ۾ ڄاڻ پئي نه سگھي آهي ته زار جي شاهي خاندان جا زيور ۽ ٻيو وڏو خزانو لاپتا آهي. ڪن جو چوڻ آهي زار خاندان جا ڪي ڳـھـڻا پرنسيس ڊائنا کي پاتل ڏٺا ويا هئا. انگلينڊ جي شاهي خاندان جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي سڀني شاهي خاندان کان گھڻي جوئلري (زيورات) ان خاندان وٽ آهي. زار روس ۾ انقلاب اچڻ کان پهرين بئنڪ ‐ آف‐ انگلينڊ ۾ سون جون سرون جمع ڪرايون هيون. زار جي ڌن دولت جي باري ۾ چيو وڃي ٿو جيڪو هٿُ لڳو آهي، اُن کان تمام گھڻو حصو لاپته آهي. ڪئي سال ٿيا جو روس جي زار جا (300 ڪروڙ پائونڊ) ٽي سئو ڪروڙ پائونڊ بچيا هئا جيڪِي روس جي انقلاب دوران جن برطانوين جي مال ملڪيت جو نقصان ٿيو هو تن جو نقصان ڀرڻ لاءِ اُنهن ڪٽمبن ۾ وراهيو ويو.

    ٽاور ‐ آف ‐ لنڊن جي باري ۾ جيترا مُنهن اوتريون ڳالهيون ٻُـڌڻ لاءِ مليون ته اتي روحن جو واسو آهي. ٽاور ‐ آف ‐ لنڊن ۾ تھخاني اندر پنهنجي شڪار ڪيل انسانن کي اذيتون ڏيئي ماريندا هئا، چيو وڃي ٿو ته ان قلعي اندر اڄُ به آتمائن جو واسو آهي. چوڏهين صديءَ ۾ ٻن راجڪمارن جو رھسميه موت ٿيو، جن جي باري ۾ ڪن جو چوڻ آهي ته قلعي جي ديوارن اندر انهن ننڍڙن راجڪمارن جو روحون ڏٺيون ويون آهن. انهن جي موت لاءِ سندن چاچي رچرڊ کي جوابدار ٺھرايو ويندو آهي. جو کيس گاديءَ تي وهڻ جي خواهش هئي اگر اهي راجڪمار زنده هجن ها ته کيس راج گدي نصيب نه ٿئي ها. ٽاور ‐ آف ‐ لنڊن اندر 1483ع ۾ اوچتو ٻئي راجڪمار غائب ٿي ويا، سندن لاش وڏي عرصي کان پوءِ مليا، سندن آتمائون ڀوت پريت بڻجي اڄُ به ان قلعي اندر موجود آهن ڪن جو وشواس آهي. اتي شاهي خاندان جي نو (9) سئو سالن کان به وڌيڪ اُنداهين دور ۽ ڪارن ڪرتوتن جا داستان بيان ڪيا وڃن ٿا. اسان اڳيان ٻلي لنگھي وڃي ته اسين اپسوُڻُ مڃون پر آفريڪا ۾ ڇپڪلي (ڪِرڙي) اڳيان لنگھڻ تي اُن کي اپ سوڻ مڃيندا آهن. سندن جو چوڻ آهي ته انهن ۾ وڏن جون آتمائون هونديون آهن. اسان سوچيندا آهيون ته اسان ئي وهم و غمان ڀوت پريت آتمائن جي ڳالھ ڪندا آهيون، پر گھوڙيءَ کي ئي گھمرو آهي، سڄي دنيا ۾ ان طرح جون ڳالھيون پيا ٻُـڌون. لنڊن ۾ آفريڪين جو علائقو آهي، ان طرح بنگلاديشين جو به علائقو آهي.

    هڪ طرف وهمن جا قصا ته ٻئي طرف اتي ڪي اهڙا به انسان پيدا ٿي چڪا جن ڀلي ۽ بهبوديءَ وارا ڪم ڪيا. هر ديش ۾ سُٺا ڄاڻو ۽ خراب ماڻهو ملندا، ڪنهن خاص ملڪ يا قوم جي اها ميراث نه آهي. لنڊن جي سائنسدان ‐ مشينري ڊاڪٽر کوجنڪ فلورنس بيڪر پھريون يورپي هو جنهن آفريڪا جو سفر ڪري اُتي پنهنجي هـڙان تـڙان رقم ڏيئي ڪن غلامن کي آزاد ڪرايو، جتي آفريڪا ۾ ڪپڙي جي بدلي يا تلوارن ۽ ٻين هٿيارن جي بدلي غلام ڏنا ويندا هئا، انسانن جو سودو ڪيو ويندو هو. ڪابه خريدي ڪرڻي هوندي ته غلام جي عيوض اُها شئي خريد ڪندا هئا. بارٽر سسٽم غلامن جو واپار ڪيو ويندو هو، هڪ جاگيردار عورت ته آفريڪي غلام زالون انڪري خريد ڪيون ته اُنهن جا ٻار ٿيندا ۽ ڪم ڪار جي لاءِ اُنهن کان بيگار پورهيو ورتو ويندو، چين جي وڏي ڀت جي اَڏڻ ۽ مصر جي پيرامڊ ۾ به انهن غلامن جي پگھر جو پورهيو هو، هيءُ جيڪو پهريون يورپي سيلاني هو جنهن وڪٽوريا فالس (جھرنا) ڳولهي ڪڍيا اهي وڪٽوريا فالس ڏيـڍُ ‐ ڪلوميٽرن جا هئا. هن جو چوڻ هو :‐
    سائنس ۽ مذهب ۾ ڪو تڪرار ڪونهي.


    بـرٽـش مـيوزم

    لنڊن وڃي جنهن برٽش ميوزم نه ڏٺي ته ائين سمجھي ڄـڻُ اُن جو دورو اڌورو رهيو. اتي هر سال ست لک سيلاني ايندا آهن. (65) پنجهٺ لک ڪلا ڪرتيون رکيل آهن. مان هر ڀيري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ميوزم جي مختلف حصن کي ڏسندي گذاريان خاص طور تي مصر واري گئلريءَ کي جتي مَـمِـيز آهن. مصر واسين جو اعتقاد هو ته اُهي وري زنده ٿيندا تنهن ڪري پنهنجي بتن کي ڪفنن ۾ محفوظ ڪرائي سنڀالي رکندا هئا، جنهن جي جھڙي صورت اُن جي ڪفن جي باڪس مٿان اُن طرح جي صورت زيور روپ رنگ ڍيلُ ڍول نظر ايندا، (مصرين) ايجپشن جو اُن دور جي رهواسين جو مذهبي عقيدو هو ته جيڪو هيءُ سوريه ديوتا سان آڪاش جو طويل سفر آهي، اُها منزل ماڻڻ ڄمڻ ۽ مرڻ ۽ وري ساڳي جُـوڻُ حاصل ڪرڻ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اُنهن جو بُـتُ يعني جسم جي محفوظ هئڻ سان وري جنم وٺي سگھبو، جنهن ڪري اُهي پنهنجي جسمن کي مَـمِـيز جي روپ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا هئا. ميوزم ۾ انهن مَـمِـيز کي تمام ئي سنڀالي رکيو ويو آهي. اتي ٽن هزارن سالن جي مصر جي تاريخ جي سمجھاڻي ڏني وئي آهي، جيڪا پيرامڊ جي دور کان رومن جي قبضي تائين ڦهليل آهي. مصر جا پيرامڊ دنيا جي ستن عجوبن مان آهن، اندر ايئرڪنڊيشن جيان ٿـڌا آهن. هڪ جي دفن ڪرڻ واري اُن دور جي سلسلي لاءِ سوين پورهيتن جو پورهيو درڪار هو. (1250 بي.سي.) ٻارهان سئو پنجاھ بي.سي. جو باڪس ۽ ڌن جي ديوي جي باري ۾ (1300 بي.سي.) تيرهان سئو بي.سي. جو سنه بيان ڪيو ويو آهي، سندس ڪنن ۾ سُھڻا ٽاپس ۽ انهن مَـمِـيز کي سنهو ڪپڙو ويڙهيل جنهن سلسلي کي پورو ڪرڻ وارو تمام طويل مرحلو هو. 1250 بي.سي.، 1850 بي.سي. ان طرح الڳ الڳ دورن جي اهم شخصيتن، جنهن ۾ عورتون، مرد، پريسٽ (ٻاوا) ۽ ٻارن وغيره جون مَـمِـيز نظر اينديون. هڪ مرد جو ننگو جسم هڪ شيشي جي باڪس ۾ ڪُرونڊرو ٿيل، هيٺان واري (ريتي) پيل هال اندر نظر ايندو. ان جي خاص ڳالھ اها هئي ته ان جي ڪنن تي جيڪي وار هئا سي صاف نظر پئي آيا، ان جي ڀر ۾ هڪُ لوٽو (ٺڪر جو ٿانو) ۽ لٺ موجود آهي، مون ان جي تصوير ڪڍي ۽ جڏهن به تصوير تي نظر پوي خوزده ٿي وڃان، ڪئي راتيون ننڊ حرام ٿي وڃي، چوندا آهن هيري سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي! جسمن کي محفوظ ڪرڻ واري مرحلي دوران پراڻين جي دل ڇڏي باقي اندران ماس ۽ ٻيا عضوا اهڙيءَ طرح ڪوري ڪڍن جو لکه ئي نه پوي، جسم جي ڪنهن به حصي کي خارج نه ڪن ۽ اُهي سُڪائي مرتبانن ۾ محفوظ ڪري رکي ڇڏين جيڪي مقبرن ۾ دفنائي ڇڏين. مَـمِـيز جي ڪفن لاءِ گارو، لينن (ڪپڙو)، ۽ پلاسٽر جو استعمال ڪندا هئا. مئڪسيڪو جي لوريٽا شهر ۾ جوليا نالي هڪ عورت جنهن جي خاندان ۾ هڪ اهڙي بيماري پيڙي در پيڙي هلندي پئي اچي، جنهن سان سندن سڄي جسم تي بُج (وار) لومڙيءَ جيان مُنهن سندس قد ساڍا چار فُٽ هو ۽ کيس پُٽ ڄائو اُهو به ان طرح جڏهن جوليا جو موت ٿيو ته سندس گھوٽ ڪمائي خاطر هن جي جسم ۾ ڀوسي (پلالُ) ڀري هن جي ممي ٺاهي ماڻهن کي ڏيکاريندو هو، تماشي ڏسڻ لاءِ ڪئي ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. چيو وڃي ٿو ته جوليا ۾ ايڪس‐وائي وارو جين موجود هو جنهن ڪري اُن جي جسم تي ان طرح جي گھاٽي بج هئي، هڪ ايڪس ‐ ايڪس جين ٿيندو آهي ۽ ٻيو ايڪس ‐ وائي جين. جوليا ۽ سندس خاندان جي ڪن ڀاتين ۾ ايڪس‐وائي جين موجود هئڻ ڪري گھاٽي بج (وارن) جانورن جي روپ وارا پيدا ٿيا.
    ڪاڪي ڀيرومل قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته مصر واسي ڍڪڻ لاءِ سنڌ جي نفيس ملايم ململ گھرائيندا هئا. مصر جو هڪُ راجا پاڻ کي سوريه ديوتا جو پُـٽ چوائيندو هو ۽ پنهنجي پوڄا لاءِ عوام کي مختلف طريقن سان آماده ۽ مجبور ڪندو هو، هُن کان اڳ جنهن ديوتا جي پوڄا ٿيندي هئي تنهن تي روڪ لڳائي پر اُتي جا ماڻهو لڪي ڇُـپي پوڄا ڪندا هئا، هن سوريه ديوتا جي آرتي به لکي. سندس راڻي ۽ پاڻ ٻئي گڏجي شاهي محل مان عوام تي سونن سِڪن جا وسڪارا ڪندا هئا، ۽ ماڻهو سندس گُــڻُ گان ڪندا هئا، اتي ديويءَ جي ٻلي چاڙهڻ وارا ثبوت پڻ ملن ٿا. ڀتين ۽ باڪس (ڪاٺ جي پيتين) تي پکين پسن جون تصويرون شاهي ڪرسين جي پسمنظر ۾ سوريه جو نشان ڏسڻ وٽان ملندو. ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو آڳاٽي آرين وانگر يهودي ۽ قديم مصر جا رهاڪو سوريه ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. قران شريف ۾ ٽن بُـتن جا نالا ڄاڻايل آهن تقدير يا قسمت، جنهن کي هندو وڌاتا سڏيندا آهن، زهره يا شڪر ديوتا وينس آهي. لات سج جي ديوي ساوتري يا گايتري، ٽنهي ديوين جا مندر عربستان ۾ هئا. اُتي الڳ الڳ دورن جون شيون موجود آهن. يونان، روم، رومن‐برٽش، وچ واري دور، جديد دور، اولھ ايشيا، وغيره وغيره. گريڪ وارن جو چوڻ آهي ته اسان جو قيمتي سرمايو لُـٽي برطانيون کنيو آهي. اسان کي پنهنجون شيون واپس ملڻ گھرجن. هندوستان واري گئلري، ڀر ۾ ئي مهاتما ٻُـڌ ۽ اُن جي دور، هر هڪُ سيڪشن ڏسڻ وٽان آهي، پئينٽنگس، سِڪا، ميڊلس وغيره تمام وڏو ذخيرو آهي، تمام سُھڻي نموني سنڀالي رکيو ويو آهي، هڪ ڳالھ چئجي انهن جي ڪن ملڪن جا ناياب تاريخي ذخيره جي کنيا آهن ته اُنهن جي سارسنڀال به سُٺي ڪئي آهي. ڏسڻ جي ڪا قيمت نه رکي وئي آهي، ٻاهر دان جي پيٽي رکيل آهي اگر اوهان جو پـڄاءُ پوي ته اُن ۾ وجھو، چاهي توهان وٽ ڪهڙي به مُلڪ جو سڪو ڇو نه هجي. پنهنجا تاثرات ڏيڻ لاءِ فارم وٺي توهان ڀري ڏيئي سگھو ٿا. برٽش لائبريري ڏسڻ وٽان آهي اُتي جي هڪ سنڌي لئبريرين ڀيڻ سان مُلاقات ٿي، تمام سُٺي، ڪزنس وٽ ملڻ به آئي، کيس سنڌيءَ سان بيحد لڳاءُ، سنڌي ٻارن، نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين ۾ مضمون چـٽاڀيٽيءَ لاءِ پنهنجو صلاحون ڏنائين، مارئي طرفان ان پروجيڪٽ لاءِ پريـڻـڻا به ڏنائين. کيس ڏسي مونکي هيءُ احساس ٿيو :‐
    وطن ويو جن هٿان ناهي تن آرام
    ڪڏهن وسري ڪين ڪي ڪنهن کان پنهنجو گام


    ڏاهـا ڏاتـون ڏي

    يارهين آگسٽ اڄُ جو سوير ئي گھران نڪتس. ڊا. بدر سومري صاحب وقت سيڙايو ۽ ڪلھي تي تمام قيمتي وزن به ڍوهيو، منهنجي مُراد سندس قيمتي ڪئميرا سان آهي، جنهن منهنجي يادگار دوري جون ڪي اهم گھڙيون محفوظ ڪري ورتيون. هن سفرنامي ۾ لنڊن جون ڪي يادگار تصويرون بدر سومري صاحب جي ٿورن ۽ ڪئميرا جي عنايت جو نتيجو آهن. ان کان اڳ واريون پنهنجي ڪئميرا جي مهرباني جو نتيجو آهن.
    اڄُ جو پهريون پڙاءُ (اسپاٽ) سر ڪرسٽوفر وارن جو مونومينٽ هو. لنڊن ۾ 1666ع ۾ ڀينڪر باھ لڳي هئي، جيڪا سانده ٽي ڏينهن هلي، جنهن ۾ تيرهان هزار گھر سڙي خاڪ ٿي ويا ۽ شهر جا چار سئو ڇٽيھ ايڪڙ شولن ڳرڪائي ورتا. اتي جيڪو يادگار سر ڪرسٽوفر وارن مونومينٽ اڏيو ويو آهي اُن جي اونچائي ٻئه سئو ٻئه فوٽ آهي، ان جي تعمير تي سڄا سارا ڇھ سال لڳا، (1671ع ‐ 1677ع)، ان جي اندر مٿي پھچڻ لاءِ ٽي سئو يارهان ڏاڪا آهن، مٿان سڄي شهر جو منظر پسي سگھجي ٿو. ڪجھ ئي فاصلي تي لنڊن برج آهي، اتي پيرين پنڌ گھمڻ جو مزو ئي ڪجھ ٻيو آهي. ڪيترا اهم اسپاٽ اوسي پاسي ۾ آهن. برج جي پاسي ۾ ئي (نيوي) سٽي پيئر آهي، هيز گئلري، ڪاٽن سينٽر، ٿيمس پاٿ ويسٽ، سينٽ ڪئٿرينا ڊاڪس، ٽاور برج، فيلڊ پارڪ وغيره وغيره اوسي پاسي تاريخي اهميت واريون جايون نظر اينديون، نالن ڳنھڻ يا بيان ڪرڻ تي اُهو احساس نه ٿيندو جيڏو ڪو انهن کي اکين سان پسڻ ڇُـھڻ احساسن ۽ جذبن جي شدت خود کي محسوس ٿئي ٿي.
    ٽاور برج جنهن جي اڏاوت سئو سال اڳي ڪئي وئي جيڪا ٿيمس نديءَ مٿان اڏيل آهي، ان جي هيٺان ٻيڙيون لنگھي رهيون هيون. ٽاور برج ٿيمس نديءَ کان هڪُ سئو چاليھ فوٽ مٿي اڏيل آهي. اسان اُن وقت بيحد خوشي محسوس ڪئي جڏهن اسان جي سامهون ان برج کي مٿي کڻي هٽايو ويو ۽ هيٺان وڏا جھاز اڳتي وڌي پنهنجي منزل طرف وڃڻ لڳا ۽ ٽاور برج جي ٻنهي پاسي آمدورفت ٻن حصن ۾ وراهجي وئي. ٿيمس نديءَ مٿان اڏيل ان برج جو احساسُ ئي نه هو ته ان طرح ٻن حصن ۾ الڳ ٿي وري هيٺ ٿيڻ تي اهڙو روڊ، جو اتان ڪئي ڀيرا گذرڻ ٿيو پر محسوس ئي نه پئي ٿيو ته روڊ وراهيل آهي. هتي ته پُليون ۽ فلاءِ‐اُئور ٺهن پتو ئي نه پوي اچي ڦـھڪو ڪن. پُل کڄڻُ ۽ وري واپس هيٺ ٿيڻ اُنکانپوءِ آمدورفت جو سلسلو رواني سان برقرار ٿيڻ ائين ٿيو جو فلڪ ئي نه پئي، پر برج جي مٿي کڄڻ وارو منظر نهايت ئي سُـهڻو لڳو. ٽاور برج جي تعمير جي سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو، ان جي ڪافي مخالفت ڪئي وئي، ان برج کي سال ۾ ڇھ سئو ڀيرا کوليو ويندو آهي. شڪر ٿيو جو اُن وقت اتان گذرڻُ ٿيو جو اهو ڏيکُـه ڏسي سگھيس.
    جون، جولائي، آگسٽ ۾ لنڊن جي مند گھڻو ڪري جُـھڙالي. هلڪي وڻندڙ ٿڌ ساوڪ اکين کي تراوت پئي بخشي. سينٽ جيمس پارڪ وٽ برطاني راڻيءَ جي جنم جي ڏينهن تي پريڊ ٿيندي آهي، روڊ جي ٻنهي پاسي وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن اُن ڏينهن جشن جو ماحول هوندو آهي. راڻي شاهي سواري ۾ اُتان لنگھندي آهي ۽ جيڪا بينڊ وڄائي ويندي آهي اُن جي چونڊ ۾ راڻيءَ جي پسند شامل هوندي آهي. جيمس پارڪ ۾ ۽ بڪنگم پئلس واري ايراضيءَ ۾ هر وقت سيلانين جي اچ وڃ لڳل هوندي آهي، ڪجھ وقت جيمس پارڪ ۾ پاڻيءَ ۾ ترندڙ اڇين ڪارين بدقن جي موج مستي ڏٺي. قدرت طرفان انسان ذات کي ڪئي نعمتون عطا ڪيون ويون آهن، ڪائنات جا حسين منظر قسمين قسمين جيوَ وڻ ٽڻ، انهيءَ جي باوجود انسان ائٽمي ۽ نيوڪلائي کيڏ ڇو ٿو کيڏي؟ حسين منظرن کي محفوظ رکڻ بدران اُن جي تباهيءَ جا سامان ڇو ٿو ٺاهي؟ فتنو ۽ فساد ڇو ٿو ڦھلائي؟ اڄُ انساني زندگيءَ جو قدر ئي ناهي، ماڻهو مري ويو ڄڻُ ڪتو مري ويو، واٽ ويندي اها خبر نه آهي ته ڪهڙي باھ ۾ ڦاسجي پوي! پنهنجي لاءِ ڇو ٿو گھاٽ گھڙي؟ ٻن جنگي عظيم کانپوءِ به ان کي چين نه آيو آهي. هيروشما ۽ ناگاساڪي جو تباهيون…… قومن نسلن جون تباهيون. مذهبي چڙهت، دين جو ڦھلاءُ، يا اقتصادي استحصال؟ اڳين ڀيري جتان پئي گذران، بي.بي.سي. ۽ سي.اين.اين. جون خبرون تن ڏينهن گلف (نار) واري جنگ لڳي هئي، صدام حسين به چـڱو سوڙهو ڪيو هوُن، هاڻي وري هڪُ نئون فتنو دهشتگردي، جا دنيا پاڻ کي مُھذب سڏائي ٿي اها امن جون واهون تلاش ڪرڻ ۾ ڇو پُٺتي رهي آهي؟
    آهي عيد امن سان امن کي آڻيو /
    جوڀن ۽ جيون کي مؤجن سان ماڻيو /
    تنُ اُتي تاڻيو جتي امن آسرو
    (سرڪش سنڌي)
    مولا مهر جا سڀني تي مينهن وسائي، امن جا ڪي وڏڦـڙا وسائي باقي ته مڙيئي خير آهي. تشددُ ۽ جھيڙا فساد، ويـڙھ مارا ماري لُـٽ مار سر فريلن کي مُبارڪ! مونکي اُستاد بخاريءَ جو شعر ٿو ياد اچي :
    دنيا ٿئي پئي دوزق دونهون
    ڪوته سگھارو آسري سونهون!
    ايـٽـم بم ريـٽـي!
    ڏاهـا ڏاتـون ڏي!
    (بخاري)
    بدر صاحب وٽ چپس ۽ ڪولڊ ڊرنڪ هئي جنهن ڪري گھمڻ لاءِ ڪافي وقت مليو گڏوگڏ هانوَجھل به ٿي نه ته اسان جھڙن ويجيٽيريئن لاءِ ٻاهر اصُل ويلُ آهي. اُن ڏهاڙي ڪافي جڳھيون ڏٺيون، ڏينهن لـڙي چڪو هو، ٽرئفلگر اسڪوائر جي رونق سيلانين جي ڀيـڙ ننڍي کنڊ جا ماڻھو اُتي ڪافي ملندا ڄڻُ پنهنجي ڪنهن ٽوئرسٽ اسپاٽ تي موجود آهيون.
    دنيا جي مشهور معروف مالدار شخصيتن مان اسان جا سنڌي ڀائر هندوجا ڀائر آهن، انهن سنڌ جي شڪارپوري سنڌي ڀائرن پنهنجي محنت مُشقت هوشياريءَ سان جيڪو رتبو حاصل ڪيو آهي تنهن تي خوشي ٿيندي آهي. سندن رهائشگاھ لنڊن ۾ آهي، شام جو سير سپاٽي کانپوءِ انهن جي رهائشگاھ جي ڀرسان واري ريسٽورينٽ ۾ رفريشمينٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وغيره وٺي تنُ تازو ڪيو. وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالھيون، اُن وقت اُنهن سان سُڃاڻپ ڪونه هئي، ويجھڙائي ۾ دهلي ۽ جئپور ۾ شري سريچند هندوجا سان ڪنهن واقفيت ڪرائي، حالانڪ دهليءَ ۾ گفتگوءَ دوران مون کين سريچند هندوجا صاحب ٿي مخاطب ڪيو ته مونکي چيائون تون مونکي ڀاءُ سريچند ڪري چئو. گھڻن ئي ماڻهن سان سندن مُلاقات ٿئي ٿي، اِها اُميد ڪريان ته ڀاءُ سريچند کي منهنجو نالو ياد پوندو يا سُڃاڻندا، هروڀرو اِن غلط فهميءَ ۾ نه رهندس.
    پنهنجي دل ۽ دماغ جون ڪيئي سوچون، ڪئي ويچار، خيالن جي اُڏام ديش کان دور پرديس ۾ ڪئي پور……… بقول اُستاد بخاري : سوچ جو پـيـچُ ڪـيڏو ڪُـشادو ته آ،
    ٿـي ڀـڪوڙي ازل ۽ ابـد جي پـڪڙ.
    (بخاري)


    پـرديسي ڪـھڙا پـرين

    لنڊن جون لوڪل ٽرينس ۽ برٽش ٽرين مُسافرن لاءِ وڏيون راحت واريون آهن. مونکي شهر کان ٻاهر برٽش ٽرين ۾ وڃـڻو هو پر وقت ئي نه پيو ملي. ثريا مخدوم جي دعوت به هئي، برٽش ٽرينس ۾ ٻاهر ته ڪونه ويس پر يورپ جي ٽرينس جي تعريف ٻُـڌي هيم ته تمام سُٺيون آهن، سو ارادو ڪيم ته يورپ جي ٽرين جو سفر ڪريان. هوائي جھاز ۾ ته اُڏامون ڀريون آهن هاڻي هتان جي ٽرين جا لوڏا کانوان ۽ ڇُڪ ڇُڪ ٻُـڌان، هند سنڌ جي گاڏين جا لوڏا ۽ جھٽڪا ته کاڌا آهن پر اتي جو تجربو نه آهي. اسان جي ڳوٺ شهدادڪوٽ ۾ هڪُ واڻيو مورج دال ٺاهيندو هو، تنهن ويچاري سڄي زندگيءَ ۾ ٽرين ئي نه ڏٺي هئي، هن کان وڌيڪ اسان کي ارمان ٿيندو هو. اشوڪ چيو تون پئرس ٽرين ۾ وڃ مان سڄو بندوبست ڪري ٿو ڇڏيان. اُنهن ڏينهن ٻنھي ڀائرن ڪانتيش ۽ هنکي تمام ضروري ڪمُ هو. مان چوان توهان هلو چيائين هوٽل ، ٽڪيٽ ٽوئرسٽ جي بس سڄو انتظام هتان ڪريان توکي وٺـڻ به ايندا ۽ اسٽيشن تي واپس پھچائي به ويندا، ڪانتيش ٽرين تي ڇـڏڻ هليو، ٻنهي ڄـڻن سفر جون ضروري ڳالھيون ۽ اسپاٽ سمجھائي به ڇڏيا هئا، ۽ هڪ خاص ڳالھ چيائون ته ٽرين ۾ توکان پاسپورٽ وٺي ويندا، متان تون گھٻرائين، منزل اچڻ کان پهرين توکي اڳواٽ ڏيئي ويندا. مان دنيا جي حسين مُلڪ پئرس جي سفر تي نڪري پيس، اشوڪ خرچ پکي لاءِ الڳ فرانسيسي ڪرنسي ڏني، انکان علاوه مون وٽ پنهنجا ڊالر به هئا. مونکي فرانسيسي ڪرنسي مان صرف شاپنگ ڪرڻي هئي، باقي سڄي ادائگي هن ڪري ڇڏي ۽ چيائين جي شاپنگ لاءِ وڌيڪ ضرورت پوي ته ڪليڪٽ ڪال ڪج توکي پئسا هڪدم ملي ويندا.
    ڪجھ ئي فاصلي طئه ڪرڻ کانپوءِ ٽي.ٽي. آيو ۽ پاسپورٽ سڀني کان ورتائين، مون سان گڏ موراڪو جو هڪُ مُسلمان ۽ هڪ اسپئنش ڇوڪري هئي. ٻنهي پاسي جا منظر پسيندي دل جي ٽرانسميٽر ذريعي ڪي ڳالهيون، ڪي منظر، ڪي ماڻهن جا ماڳ، ڪي مڪان، لباس، ديس پرديس جا خيال جھٽيندي سفر طئه ڪيو.
    پئرس ۾ ٻه سردار مليا جن چيو ته اتي سنڀالي پرس کڻجانءِ جو اسان جا سڀ جا سڀ پئسا ميٽرو ۾ ڪي ڇوڪريون چڙهيون جن ڪڍي ورتا، وڏي مُشڪل سان فون ڪري جرمنيءَ ۾ رهندڙ ڌيءَ کان پئسا گھريا آهن، توکي پنهنجو تجربو وطن واسي ڪري ٻُـڌائي رهيا آهيون. متان توکي اڳتي هلي ڏکيائي ٿئي. پئرس هوٽل پھچڻ تي ڪمري ۾ سامان رکي هوٽل جي ڀر وارن دڪانن ۽ ٻاهر جي چھل پھل ڏسڻ ۽ گھمڻ جو ارادو ڪيو، حالانڪ ٻئي ڏينهن تي سائيٽسينگ لاءِ صبح جو ڪار اچڻي هئي ۽ اُها گھمائي گھتائي شام جو ٽرين تي پھچائڻ لاءِ هئي. مان ڪجھ فاصلي تي کاٻي ساڄي پاسي جا دڪان ۽ ماڻهن جي چھل قدمي ڏسي موٽ کائي رهي هيس، سوچيم هڪ ٻن کان ڪي جڳهين جا نالا وغيره يا ڪن ريسٽورينٽ جا نالا پُـڇان، پر منهنجي ڳالھ اُنهن کي سمجھ ۾ ئي نه پئي اچي. هو صرف فرينچ سمجھن پيا، اصل دٻي ۾ ٺڪريون هيون، اوچتو هڪُ ڇوڪرو موٽر سائيڪل تي نظر آيو، جيڪو اسان جي خطي جو پئي لڳو، مان هُن کان سوال ڪيو ته هُن هڪدم جواب ڏنو، چيائين مان سريلنڪا جو آهيان هتي پڙهندو آهيان. مون به سوچيو ڪجھ ان کان پُـڇي سروي ڪري وٺان، هوٽلن ۽ اُتي جي رهائش يا ننڍي کنڊ جي ٽوئرسٽ جي رهڻ ۽ گھمڻ جي باري ۾ ڄاڻ وٺڻ چاهي. هنکي لڳو ته مونکي ڪو سستو رهڻ جو بندوبست کپي، چيائين سريلنڪا جا ڪي شاگرد آهن سي پيئنگيسٽ طور رهائيندا آهن، بس هن کي لڳو مان اجھو هن سان ساڻ هلي پوندس. مون کيس چيو، نه مان هتي هوٽل ۾ آهيان، مونکي ضرورت نه آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هو ته سُٺو، پر مان اصل پنهنجي پاڇي کان پئي ڊڄان، هن جي رواني ٿيڻ کانپوءِ مون سوچيو، مليٽنٽ جي ٽولي ۾ وڃي شامل ڪندو، ايل.ٽي.ٽي. جي پرڀاڪرن جا پوءِ لڳه ٽائيگر ايئلم ۾ وڃي ڀرتي ڪرائيندو.
    واپس موٽي هوٽل واري کان مون ميٽرو ريل ۽ بس جو پتو ڪيو. ائـفل ٽاور طرف ويندڙ سڌي ٽرين ورتي. تيرهان فرئنڪ هڪ پاسي جا لڳا. پئرس جي ميٽرو جي هڪ ڳالھ اها آهي ته هڪ واري ٽڪيٽ ڪنهن منزل لاءِ ورتي ۽ وچ ۾ ڪٿي ٻاهر نڪري موٽي اچڻ تي اُها ٽڪيٽ ڪارگر نه ٿيندي وري ٻي ٽڪيٽ وٺـڻي پوندي، گيٽ کان ٻاهر نڪتا ته ٽڪيٽ ڇُـٽي. ٽاور جي اوسي پاسي چڪر لڳائي پئرس جو نظارو پسميم، ٿـڌ به لڳي رهي هئي، چاهي ڪوٽ پيل هو، اُنهيءَ جي باوجود هلڪا سيسراٽ پئجي رهيا هئا. ڏنـگيندڙ ٿـڌ ته ڪانه هئي پر وڻـندڙ لڳي رهي هئي. مان مٿي ائـفل ٽاور تي ڪونه ويس جو ٻئي ڏينهن جي ٽوئر ۾ اهو اسپاٽ شامل هو، وڏي تعداد ۾ ماڻهو هئا. تيز رفتار ٽرئفڪ. اوسي پاسي جي عمارتن جو پيرين پنـڌ جائزو وٺندي واپس ميٽرو وٺي هوٽل طرف آيس، سوچيم ڪنهن اسٽور مان ڪجھ فروٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وٺان، ڪجھ شيون وٺڻ کانپوءِ هڪ روڊ طرف رخ ڪيم ته ڪي دڪان ڏسي وٺان، ٽي‐شرٽ جي اگھ جو پتو ڪيم ته ڏندين آڱريون ڪري ڏنم، مون ارادو ڪيو اتان شاپنگ نه ڪندس. خير پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪي قدم اڳتي وڌائي فاصلو طئه ڪندي ڪن ريسٽورينٽس ۽ ڪئبري ۽ ڊسڪوٿيئڪس تي نظر پئي. مون پوئيان پير ڪري ڀاڄ کاڌي، پئرس ۾ ارڙهن سالن کان مٿي وارن ڄمار لاءِ پئرس باءِ نائيٽ وارا شو، جسم تي لباس جي اڳـڙيءَ کان به محروم وارا شو جيڪي پنج سئو ڇھ سئو فرئنڪ، لـيڊو شو گڏ ڊنر اٺ سئو کان هزار ٻارهان سئو واري ٽڪيٽ وارا شو، جتي جون رنا راتون رات ڪروڙپتين جا خيسا خالي ڪري ڇڏين. لکپتين کي ته بکاري ٺاهي ڀينگ ڪري ڇڏين. بئنڪاڪ جي پتايا ۾ به ان طرح جا اڏا آهن جتي به گھوڙيءَ کي ئي گھمورو هو، سڀني جو پيشو جسم فروشيءَ جو.
    منهنجو نوجوان سوٽُ سُڀاش اُتي پـڙهڻڻ لاءِ ويو هو، ٻن ڏهاڪن کان مٿي ته اُن جو ڪو اَتو پَتو ڪونه هو. حيدرآباد جي عُسمانيا يونيورسٽيءَ جو فرسٽ ڪلاس فرسٽ شاگرد هو. کيس جرمن سرڪار طرفان اسڪالرشپ ملي، فلاسافيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين، اُتان پئرس ويو جتي نوڪري ڪندو هو. اسان سان سندس ڪو رابطو نه رهيو. ڀارتي سفارتخاني جي مدد سان ڪئي سالن کانپوءِ پتو پيو، هن وٽ جيڪي ڪجھ هو سو سڀ ڦرجي چُڪو هو ۽ هُو دماغي توازن وڃائي ويٺو. هتي جڏهن واپس کيس موڪليو ويو ته گڏ فرانسيسي ڊاڪٽر سرڪاري طور موڪليو ويو، جنهن سندس ٻانھ اسانجي حوالي ڪئي ۽ اُنکانپوءِ وقت کان اڳ زندگي کانئوس موڪلائي ويئي. منهنجي ذهن ۾ ڪيئي سوچون، رات بي آراميءَ ۾ گذري، خير سان صبح ٿيو، نيرن ڪيم، سوير ئي ڪار اچي وئي، گھمائڻ وارو ڇوڪرو مُسلمان ڊرائيور هو. فرانس ۾ خاصي تعداد ۾ مختلف مُلڪن جا مُسلمان رهن ٿا، هنکي مون ڪرسچن سوچيو هو نه ڄاڻ ته اسلام سان تعلق رکندڙ هو.
    هو انگريزيءَ ۾ شهر جي الڳ عمارتن جي ڄاڻ ڏيندو هليو، ڪجھ دير پئرس جي ڪئـٿڊرل وٽ ترسي اندر گھمائي ۽ اُن جي باري ۾ ٻُـڌايائين، جيئن اسان وٽ انڊيا گيٽ آهي تيئن اتي به وچ شهر ۾ ان طرح جو گيٽ آهي، ڪجھ شاپنگ سينٽر، اوپـيرا ۽ گارڊنسس (تمام خوبصورت باغ) شهر جي هڪ علائقي ۾ مون هڪ بکاريءَ کي پِنندي به ڏٺو. اهو ڌنـڌو صرف هتي ايشيائي مُلڪن ۾ نه آهي اُتي به ان طرح جا ڏيکه ۽ سانگه ملندا، هتي رستي تي رنگ برنگي هنومان يا ٻي ديوي ديوتا جي مورتي ٺاهي وهندا آهن، تئين اُتي به هڪ کي ڏٺم ته رستي تي ٺاهي ويٺو هو، ماڻهو پئسا ڦـٽي ڪري رهيا هئا. پئرس جي ميوزم، وچ شهر مان وهندڙ خوبصورت نديءَ جو ڏيکه، اُنکانپوءِ ائـفل ٽاور وٽ بيٺاسين، جتي دنيا جي مختلف مُلڪن جا سيلاني ان کي ڏسڻ اچن ٿا. اُتي منهنجي مُلاقات دهليءَ جي هڪ مشهور بُڪ پبلشر جيٽلي ۽ سندس زال سان ٿي جيڪو نئشنل بُڪ ٽرسٽ سان به جُـڙيل هو، سندس زال جو چوڻ هو ته پئرس کان هوءَ مُتاثر نه ٿي آهي. مان به ساڻس ڪيترن ڳالهين ۾ اتفاق ڪريان پئي. ٽاور جي مٿين ماڙي تائين وڃي شهر جو منظر ڏٺو، منهنجي خيال ۾ اُن وقت پنجاھ فرئنڪ کنُ ٽڪيٽ هوندي. ان ٽاور تي مٿي چـڙهڻ وقت عجيب ڪعفيت رهي . مٿي چـڙهڻ ۽ هيٺ لهڻ جي رفتار تمام تيز.
    نئپولين جي مقبري ڏسڻ لاءِ به وقت ميسر ڪيو ويو، تنهن کان سواءِ پئرس شهر کان ٿورو پر ڀرو اُتي جي مشهور معروف پينٽر جو ڳوٺ آهي جتي وڏي تعداد ۾ اُن وقت پيئنٽرس، آرٽيسٽس موجود هئا جيڪي ٿـڏي تي سيلانين کي پورٽريٽ ٺاهي پيا ڏين. اهو نظارو يورپ جي ڪيترن مُلڪن ۾ عام جام نظر ايندو. پئرس جي سيروسفر کانپوءِ هن هوٽل ۾ ڇڏيو، ڪلاڪ کن کانپوءِ شايد ستين ڌاري منهنجي واپس ٽرين هئي. مان ٿورو آرام ڪري فريش ٿي کائي پي پنهنجي بيگ پيڪ ڪئي. ان وچ ۾ هو اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ واپس پھچي ويو، مونکي پليٽفارم تي ڇڏي بيسٽ‐آف‐لڪ چئي هو روانو ٿيو.
    مان ٽرين جي انتظار ۾ هيس. ڪجھ دير ۾ ٽائيم ٿي ويو مان اُتي موجود انڪوائري واري کي چيو ته مون واري ٽرين ڪهڙي پليٽفارم تي ايندي، هن ڪنڌ ڌوڻي فرينچ ۾ جواب ڏنو، مون لاءِ دٻي ۾ ٺڪريون، وري ٿوڙي جھٽ کانپوءِ وئي مانس، ٽڪيٽ ڪڍي اشارن سان ڄاڻڻ چاهيم وري ساڳيو رينـگـٽ. ڪافي دير کانئوس اشارن سان پُـڇيم وري فرينچ ۾ جواب ڏنائين، مان سوچيو جھٽ کن وهان ٿي ٽرين جو نمبر اشوڪ ٻُـڌايو هو ۽ وقت. ٽرين جي وقت ۾ ٻه منٽ کن وڃي بچيا، سامهون جيڪي ٽرينس بيٺيون هيون ته ڏسان مون واري ٽرين جو نمبر لڳو پيو آهي، منهنجون وايون بتال ٿي ويون. مان ڊوڙ پاتي هڪ گاڏي جي اڳيان پـيـرُ پاتم مس ته گاڏيءَ جو دروازو بند ٿيڻ شروع ٿيو، مان ڌُوڪي اندر گھـڙيس ته در به بند ٿي ويو. مان خوفزده ۽ حراسان ٿيل ٻاهريون ٻنو رکي پاڻ سنڀاليم، سڄي رات ننـڊ نه آئي، لڱـن ۾ ڏڪڻي ۽ جسم نِستو، نه منهنجي هوٽل جي بُڪنگ هئي نه وري فرينچ اچي، ۽ خبر نه آهي ته ٽڪيٽ ٻئي ڏينهن جي ملي ها يا نه، اڄُ ڏينهن تائين اُن حادثي جو تصور ڪري لڱـن ۾ سيئاندي پئجي ويندي آهي. اڄُ ڏينهن تائين سفر ۾ اهڙو سوئر نه مليو جھـڙو اهو انڪوائريءَ وارو ڪُتو مليو، لکه لعنت اٿس مئي ماري جي ڄـڻڻ واريءَ کي جنهن اهڙو گڏھ پُـٽ پيدا ڪيو. مونکي اُن وقت سردارن جي هدايت ياد آئي. پنهنجا پنهنجا ٿيندا آهن، تڏهن ته لطيف سائين چيو آهي :
    ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين
    يورپ جي ٽرين جي سفر جو تجربو ته ٿيو، گڏ اهو به احساسُ ٿيو ته صرف انگريزيءَ کي ئي عالمي طور مڃتا يا لنڪ لئنگويج طور دنيا ۾ ڪو تسليم ڪيو وڃي ٿو، اهڙي ڳالھ نه آهي، ڪئنڊا ۾ خود فرينچ ۽ انگريزيءَ جي چـڙهت جو احساسُ ٿيو. فرينچ ٻولي سمجھڻ به ضروري آهي. سفر ۾ ڪم هلائڻ لاءِ ڪجھ لفظ ضرور سکڻ گھرجن نه ته ماڻهو ڏچي ۾ پئجي وڃي ٿو.
    دهليءَ کان گھران جون تي نڪتس، ٻارهين کانپوءِ فلائيٽ وٺندي يارهين جون ٿي وئي. تيرهين آگسٽ لنڊن کان دهليءَ لاءِ واپسي هئي، صبح جو چئين ڌاري هوائي اڏي تي پُـھتم، بيگ ايڏي ڳوري جو ٽراليءَ تي رکندي بئلنس کاٻي ساڄي جُھڪڻ لڳو. مان پريشان اوچتو هڪ سردار جي نگاھ مون تي پئي، هو ايئرپورٽ يا ڪنهن ايئرلائين جو ملازم هو جو کيس يونيفارم پيل هئي. هڪدم مونکان ٽرالي وٺي آڻي ٽڪيٽ ڪائونٽر وٽ ڇـڏيائين، مون سندس ٿورا مڃا، هن چيو ڪائي ڳالھ نه آهي. سچ پچ اُن وقت پرديس ۾ وطن واسيءَ جي ننـڍڙي مدد وڏو ڪم ڪيو. تمام سُٺو لڳو.
    چوڏهين آگسٽ دهلي پُـھچي سڀني سان حال احوال ڪيا، سندن پهريون ردِ‐عمل منهنجي صحت ۾ بهتري ۽ وزن ۾ اضافي تي رهيو، ۽ مونکي ماڳن تي خير سان موٽي اچڻ جي خوشي. پندرهين آگسٽ ريڊيو تي ڊيوٽي جوائن ڪري جشنِ آزاديءَ جو پروگرام ڏنو.
    اسان جي وطن جو عجب شان آهي
    لکين گُــل مگر هڪُ گُــلستان آ…


    وينا ڏانهن خط

    Veena Shringi is a differant women among all Sindhi women, I have seen in my life. She is not extreme feminist in her talk. She doesn’t attack male chauvinism every time she is senstive and serious writer. Her best book is “Muhinja Massom Sajjan”(My inoocent heart)in which she depicts a dialogue between her insight and outside person. The whole book inspires the reader due to that dialogue. She connects the central idea of that book with existentialsim of Sachal Sarmast and explores the idea of victimisation with its full meaning, and background in fictional style. No women in Sindh has yet wrriten such a symbolic book!

    Ameer Abro
    (Editor-Indus Karachi)

    CONGRATULATIONS!!

    Ms.Veena Shringi for the gold medal awarded to her by “Sipoon” magazine for the Sindhiat Compaign she has been running idefatigably through her orgnisation Maruee,Who is Maruee’s Umar in India and how come Maruee is so free; when did she break the prison into which Umar had put her? The word Maruee itself is a remainder of the best Sindhi literature. We congratulate her for the choice of the name of her organisation. One day let us hope Maruee will reach her Maros and Maleer.

    Editor J.M. Girglani
    Sindhi Ratan (April-June 2002)


    6 جون 2001
    پياري وينا،
    سدائين باغ بهار ۽ لکڻ ۾ هوشيار ۽ شال چُست رهين رچنا ڪرڻ ۾. مان ڪيترن ڏينهن کان ٺيڪ ڪونه هئس. اک جو آپريشن به ڪرايو هوم، سو چڱو وقت لکڻ پڙهڻُ بند هو. ڪالھ لکنوءَ مان سنڌي گُـلشن جو تازو پرچو مليم. کوليم ته نظر تنهنجي رچنا تي پيم. اڄُ جي زندگيءَ ۾ ٻول چال وغيره جو واھ جو ورنن ڪيو اٿئي! تنهنجا پهاڪا پڙهي دل بهار بهار ٿي پئي. پر اهي سنڌيءَ جا خزانا تو مون تائين ئي محدود ٿا رهن. نئينءَ ٽهيءَ جو ڪير رهبر ٿيندو؟ سنڌي اسڪول وڃن ٿا بند ٿيندا. ادي شاباس اٿيئي اهڙي دلچسپ ليک لاءِ. مون فقط ٻه قسط پـڙهي ۽ دل ٿيم ته جيڪر توسان ڳالھ ٻولھ ڪريان.
    وڌيڪ سکـه، پيار تو لاءِ گھـڻا،
    ايشوري جوتواڻي
    ******


    Read More By Veena Shringi

    1. Kian Visariyan Verichan (Reminiscence)
    2. Kian Vesariya Vericha(Reminiscence -Second Edition)
    3. Adh-Kuliyoon Akhiyun (Short Stories)
    4. Vasana-Jo-Vasseng (Short Stories)
    5. Naari Ji Jeevan Yatra (Short Stories)
    6. Sarhadan Jo Saleeb (Short Stories)
    7. Zindi-Hik-Natak (Short Stories)
    8. Pakha Aein Panhwar Dithe -Mun-Dihan-Thiya (Travelogue)
    9. Sindhu Kinare-Tarkhi-Nau Bab (Travelogue)
    10. Vaayoon-Vanijaarin-Joon (Travelogue)
    11. Kuchan-Ta-Kafir (Travelogue)
    12. Pakha-Ain-Panwhar Dithe-Mun Dihan Thiya (Travelogue on Sindh-II edition)
    13. Muhinja-Masoom-Sajan (Monologue)
    14. Ajanta-Jo-Moorat (Poetry)
    15. Silent Path Selected Sindhi Poems in English
    16. Muhinji Peshe-Ja-Gul-Ain-Khar (Essays)
    17. Asanjo-Virso-Den-Vaar (Essays)
    18. Saarang Saar Lehaj (Essays)
    19. Tun-Chhapar-Tun-Chhanv (Essays)
    20. Asanjo Virso-Din-Vaar (Essay, Devnagri)
    21. Maruara-Ain-Maag (Essays)
    22. Mithri Murik (Stories For Children)
    23. Khel Khatam Paisa Hazam (Stories For Children)
    24. Saah Sebana Supreen (Guest Editor)
    25. Panu Sunjaniji Supreen (Guest Editor)
    26. Kechan-Ayo-Kafilo (Essays) (Guest Editor)
    27. Sindh Jot Guest Editor Issue No. 31
    28. Sindh Jot Guest Editor Issue No.33
    29. The Last Wish &Other Stories 2018


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 844
    ڪتابن جو مشاهدو: 2243269
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 571162
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ