آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5191
  • 841
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

• مهاڳ

مهاڳ

جيون ڀر ههڙو لقاءُ ڪڏهن نه ڏٺم مسافر ايندا ٿا رهن پر ٽرين ته ڪڏهوڪو ڇُٽي وئي.
جيمس بالڊون

منهنجي ٽرين اڃا نه ڇُٽي آهي نه ئي پنهنجيءَ آخري اسٽيشن جو پليٽفارم ڪٿي نظر ٿو اچيم. ويجهو پوندو وڃي ٿو. اها پڪ اٿم، هر گذرندڙ اسٽيشن خوشيءَ جي ان احساس ۾ اضافو ڪندي ٿي وڃي ته ڊگهي سفر جو اهو حصو به گهٽ ٿيو.
ورهين کان اهڙي هر اسٽيشن تي مسافر ريل مان لهندا رهندا آهن ۽ ٻيا سندن جاءِ والارڻ لاءِ گاڏي تي سوار ٿيندا رهندا آهن. دل گهريا دوست، اجنبي ۽ پيارا، منهنجي حياتيءَ جا حصا، ڪي ويجها ڪي ڏور، ڪي گهرا ڪي ڇڊا، ڪن جيءَ ۾ جايون جوڙي ڇڏيون، ڪي ڪوريئڙي جي تند کان به سنها ۽ نازڪ، آيا ۽ پل ۾ اکين کان اوجهل ٿي ويا. ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءَ جيارا وڇڙيا! اُن هوندي به اهي سڀ ڪُل جا جُز آهن. منهنجي زندگي جي کٽن مٺن تجربن جي سلسلي جي اڻ کٽ ڏور آهن.
ذهن جي پردي تي يادون، سڙڪ ڪناري کُتل ميل جي پٿرن جيان پٺتي ڊوڙنديون ٿيون وڃن. ماڻهن، جڳهين، اميدن ۽ مايوسين جا رنگين چٽ آهن، جي رنگ بدلائيندا ٿا رهن. زندگي ته هڪ ڊگهو سبق آهي، جيڪو سچ پُڇو ته ڪنهن کي زباني ياد ئي ڪونه ٿيو هوندو. ڀل توهان اعتبار ۽ ڀروسي جون ٿوڻيون ٿنڀا هر بار آزمائيندا رهو، پر پوءِ به من گهريون مرادون ڪٿي ٿيون ملن؟ جتي اڪثر پيار ۽ پنهنجائپ، آشا ۽ اميد جي بدلي ڏک ۽ نراشا پلئه پوي، اُتي لاچار سوچڻو ٿو پوي ته ڇا دک ۽ دوکي جا هي ڏنڀ وقت به ڇٽائي سگهندو يا نه؟
ههڙن موقعن تي جڏهن سج لهي چڪو آهي ۽ رات ڌوڪيندي پئي اچي، جڏهن پاڻ کي بيحد اڪيلا، اٻاڻڪا ۽ اٻالا محسوس ٿا ڪريون، جڏهن ڪنهن جي لڳايل چوٽ ڀرم ۾ ڀوري ڇڏيو آهي، تڏهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿا ٿيون ته رشتن جي هن ڀڳل ڀريل ڍير جا اسان ڪيتري قدر ذميدار آهيون.
پر ڀل ته اسان دل ئي دل ۾ انهن سڀني ڳالهين کي مڃون ۽ سٺي توڙي مٺي سان ٺاهه ڪرڻ لا تيار به ٿي وڃون، اسان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيون ٿا، جيڪو نه فقط وڌيڪ ماٺو آهي، بلڪ دلي سڪون ۽ شانتي جو فرحت جهڙو احساس ڏياريندڙ پڻ آهي. ائين، جيئن سڀ جذبات ٿڌا ٿي چڪا هجن ۽ اسان گوڙيلي هجوم کان ڀرپور ٿي، ٻاهر کان اندر جهاتي پائي ڏسڻ جي قابل ٿي ويا هجون. اهو عمل پنهنجي پاڻ ۾ پيهي پاڻ سڃاڻڻ جو آهي. هڪ دفعو سچ جي ساڃاهه اچي دل ۾ ديرو ڪيو ته پوءِ حياتيءَ کي ان جي اثر مان ڪڍڻ محال ٿيو پوي.
اها انساني وس جي ڳالهه ناهي، اندر ۾ اُهاءُ اوچتو ٿيندو آهي. ڪنهن خاص وقت، جڳهه يا ماحول جو محتاج نه هوندو آهي. هڪڙي ڪيفيت آهي، جيڪا اسان جي وجود تي ڇانئبي ويندي آهي، ۽ هڪ ڏهاڙي اوچتو، بنا ڪنهن وجهه جي، ساڃهه جو سوجهرو روح ۾ واسو ڪري ويندو آهي ۽ لڳندو آهي ته اسان پنهنجي حياتيءَ لاءِ جيڪي ماپا ۽ ماڻ مقرر ڪيا آهن ۽ جن کي اسان روزمرهه جو وهنوار چئون ٿا، يا مقبول محاوري ۾ سڌريل طرز زندگي سڏيون ٿا، سا ناڪافي آهي.
اهو احساس ايندي ئي بي آرامي، بي چيني، ٿڪاوٽ ۽ بيزاري جا بادل من تي مُونجهه بڻجي ڇانئجي ويندا آهن، پر هڪ دفعو ان مرحلي مان گذري وياسين ته پوءِ زندگي جي معنيٰ ئي بدلجي ويندي. ٻاهريون ڏيک ويک ڪوڙو ۽ ڪسارو ڀانئبو. دنيا جي چمڪ ڌمڪ جي ڪا اهميت نه رهندي. اندر ڇا آهي، اهو ئي سڀ ڪجهه ڀاسندو. پنهنجي ۽ دولت جي وچ ۾ فاصلو وڌندو نظر ايندو. دولت سان ڇا ڇا خريدي سگهجي ٿو، ان جي حيثيت ئي نه رهندي. اهي قيمتي شيون جيڪي اسان وڏي شوق منجهان خريديون، اهي ڪاميابيون جي اسان وڏي جاکوڙ کان پوءِ حاصل ڪيون ۽ اهي سماجي درجا جيڪي اسان وڏي محنت سان ۽ وٺ وٺان کانپوءِ ماڻيا، سي سڀ اجايا، کوکلا ۽ بيڪار لڳندا. نئين اُجالي اچڻ کانپوءِ انهن سڀني شين سان نه پيار رهندو ۽ نه مٿن فخر ٿيندو. مان جڏهن پنهنجي اوسي پاسي نهاريندو آهيان، تڏهن ڏاڍي حيرت لڳندي اٿم ۽ ڌڻيءَ جيڪوڪجهه ڏنو آهي، ان تي سندس ٿورا مڃيندو آهيان. پالڻهار مون تي مهر جي نظر ڪري، پنهنجي ديا ۽ سخا سان مونکي ڏاڍو نوازيو آهي، پر سماجي رتبي جون شيون مون کي گهڻو لڀائي نه سگهنديون آهن. مون اڪثر ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن خاص درجي تي پهچڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي دل ڌن دولت ۽ شان شوڪت کان کَٽي ٿي ويندي آهي ۽ پاڻ وڻائڻ ۽ پڏائڻ جي گهرج باقي نه رهندي آهي. دلي آنند تڏهن ملندو آهي، جڏهن ڪابه تمنا نه رهي ۽ نه وري ڪا ڳڻ ڳوت يا پچار ئي رهي.
مٿين ڳالهين مان اهو مطلب نه وٺجي ته ڪو اسان ناشڪرا آهيون يا وڏ ماڻهپي جي احساس ۾ وڪوڙجي ويا آهيون. دراصل اسان کي وقت جي اهميت، قدر ۽ قيمت جو صحيح احساس ٿيڻ لڳو آهي، ان ڪري ان کي اجايو وڃائڻ نٿا چاهيون.
جڏهن مان هي شروعاتي سٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن منهنجي دل ۾ اها خواهش ڪَرَ موڙي جاڳي پئي آهي ته ڇو نه پنهنجي زندگيءَ جا تجربا لکي توهان کي به انهن ۾ ڀائيوار ڪريان ۽ ان ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اُڻي، تصوير ٺاهي ڏيکاريان ته مون لاءِ پنهنجي گود ورتل ملڪ، دبئيءَ (گڏيل عرب اَمارات) سان گڏ اُڀرڻ ۽ اُسرڻ، ۽ سندس ترقي واري جدوجهد ۾ سندس اَٽُٽ حصو بڻجي رهڻ ڪيڏو نه ڪٺن ڪم هو.
منهنجي هن ڪتاب جو مقصد اهو ئي آهي. هڪ اهڙي سفر جو احوال، جو ڌرتيءَ جي گولي جي چوڌاري جاري آهي، پر سندس پاڙون پنهنجي وطن جي زمين ۾ پختيون آهن. اداڪار پال ايڊنگٽن جا لفظ ٿا ياد اچنم. ڪنهن کانئس پڇيو ته مئي پُڄاڻان توکي ڪهڙن لفظن سان ياد ڪيو وڃي جو توکي چڱو لڳي؟
وراڻيائين، “اهڙو شخص، جنهن گهٽ هاڃو رسايو.” مون کي ان کان وڌيڪ مناسب لفظ نه ٿا سُجهن جن جي وسيلي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري سگهان. جيڪڏهن هي ڪتاب منهنجي باري ۾ ڪا ان قسم جي گواهي ڏئي سگهي ٿو ته مون ماڻهن کي ڏک گهٽ ۽ سُک وڌيڪ پهچايو آهي ته پوءِ مان خوشي سان چئي سگهندس ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيو.
مالڪ مون تي وڏي مهر ڪئي آهي. مادي طور مان ڏاڍو ڀاڳوان آهيان جو خوشحالي ۽ هوند جي ان ڏاڪي تائين پهتو آهيان، جتي هاڻي ڪنهن ٻي شي جي گهرج باقي نه رهي اٿم. ٻين کي ڀل ته اهو سڀ ڪجهه ڪاميابي جو اهڃاڻ لڳي، پر منهنجي لاءِ اهو منهنجي اڻٿڪ محنت جو اجورو آهي. مان پنهنجي خوشبختيءَ کي نه ته ڌڪار جي نظر سان ٿو ڏسان ۽ نه وري کيس نظر انداز ٿو ڪريان، پر اندر جي اُڃ جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي، سا هنن معمولي شين سان اُجهائي نٿو سگهان، پوءِ ڀل ته اهي ڪيتريون ئي قيمتي يا اڻلڀ ڇو نه هجن.
جڏهن پنهنجي ڪٽنب تي نظر وجهندو آهيان، تڏهن پاڻ کي ڏاڍو بختاور ڀائيندو آهيان. منهنجي گهرواري پهاڙ جيان سگهاري آهي ۽ منهنجا ٻار جوان ۽ پاڻ ڀرا، سمجهو ۽ دورانديش آهن. کين ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته هنن کي پنهنجي زندگي ڪهڙيءَ ريت گهارڻ گهرجي. اسان لاءِ اها ئي ثابتي ڪافي آهي ته ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت ۾ اسان پنهنجا فرض ضرور پوري طرح نڀايا آهن ۽ کين چڱي تربيت ڏني آهي. ان سڀ ڪجهه هوندي به وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪا اڻ ڄاتي بي آرامي آهي جا من کي ولوڙي پئي ۽ جيءَ کي جهنجوڙي پئي. ڪنهن اڻ ڏٺي اڻ ڄاتي جي تلاش آهي، جنهن کي اڃا تائين ڪو نانءُ ڪو روپ، ڪا شڪل شبيهه ڏئي نه سگهيو آهيان.
مون هاڻي اهي ڌنڌلا، اڻچٽا اولڙا ڏسڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي مون کي منهنجي ماڳ جي اڻ لکي سڃاڻ ڏين ٿا. ڪنهن ڏاهه جو ڏس، سڪون جي تمنا، ڌرم ۾ پناهه ڳولڻ جي چاهت منهنجي وجود کي وڪوڙيندي پئي وڃي. من اندر ڪا تار پئي تنواري ته سرچاءُ ڪريان. پنهنجي پاڻ سان، ساري دنيا سان ۽ پنهنجي پالڻهار سان.
جيڪڏهن هن عمر ۾ ڪو پڇتاءُ اٿم ته صرف اهو ته سکڻ ۽ سمجهڻ، پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه موجود آهي، پر وقت تمام ٿورو وڃي بچيو آهي. جوانيءَ ۾ وقت جهڙي قيمتي وِٿ کي اسين ڪيئن نه بي درديءَ سان وڃائي ٿا ڇڏيون ۽ هاڻي جڏهن پويون پهر اچي پهتو آهي ۽ پل هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي، تڏهن هر پل ڏاڍو قيمتي ٿو لڳي.
منهنجي هيءَ ڳالهه ڪجهه قدر سوداين جهڙي ته ضرور لڳندي، پر اهو سچ آهي ته صبح جي سير ۾ مون کي نيون معنائون ۽ نوان مطلب نظر اچڻ لڳا آهن. پکين جي وڻندڙ مٺي لات، سج جا پهريان اُجلا ڪرڻا، لهندڙ سج جون پگهريل ٽامي جهڙيون جهلمل لامون، وڻن مان ڇڻي گهُلندڙ سڳنڌ ڀري هير ۽ ڪارو مخملي آڪاش ۽ ان ۾ ٽاڪيل جرڪندڙ هيرا مون کي ڪو نئون الستي نياپو ڏيڻ لڳا آهن.
سچ ته جڏهن منهنجو صبح پوڄا ۽ پرارٿنا، ذڪر ۽ فڪر سان شروع ٿئي ٿو ۽ منهنجو ذهن ڏاهپ جا سوين ويچار ڪَڪَر جيان ڇُهي ٿو، تڏهن مان ملول ٿي سوچيان ٿو ته هيترا ساراسال مون آخر ڪيئن بيڪار ۽ بيسود ڳالهين ۾ برباد ڪري ڇڏيا؟ ڪو اهڙو ڪارائتو ڪم نه ڪيم، جنهن تي اڄ ناز ڪري سگهان. بس، ڪچهريون، گوڙ شور ۽ يارن جي هجوم ۾ وقت وڃائي ڇڏيم. هر روز ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا جملا، ساڳيا ماڻهو، ساڳيو ماحول، ائين جيئن بجلي تي هلندڙ ڪسرت واري پٽي تي ماڻهو لڳاتار هلندو رهي پر ڪٿي به پهچي نه سگهي.
ٻاهرئين ڏيک ويک جي متوالي ۽ مادي خوشين جي ڳولائو دنيا پنهنجيءَ جستجو ۾ مگن آهي. ماڻهو ڪاميابيءَ جا گُر ۽ هُنر ائين ٿا تلاش ڪن، جيئن ننڍڙا ٻار سمنڊ ڪناري ڪوڏ ۽ سپون ميڙيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي آسري ۾ رکڻ ڏاڍو سولو ڪم آهي.
مونکي The Sound of the Music (سنگيت جو آواز) جو هڪ گيت ٿو ياد پوي، جنهن ۾ شاعر ڪجهه هن ريت چيو آهي:
“مون پنهنجي زندگيءَ ۾ يا ننڍپڻ ۾، ڪڏهن ڪنهن هنڌ، ڪنهن سان ضرور ڪا ڀلائي ڪئي هوندي، جنهن جي بدلي ۾ مون کي هيتريون ساريون خوشيون نصيب ٿيون آهن.”
مان ان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ديسي چوڻيءَ ۾ ڀروسو رکان ٿو ته جيتوڻيڪ ڪرڻي ڀرڻي آهي، پر جيڪڏهن توهانجي دل ۽ ضمير صاف آهي ته پوءِ حاسدن جي بري نظر توهان جو وار به ونگو ڪري نه سگهندي. ڀلائيءَ جو ڪو معمولي ڪم، پوءِ کڻي اوهان بي ڌيانيءَ ۾ ئي ڇو نه ڪيو هجي، زمين ۾ ڇٽيل ٻجَ سمان آهي، جنهن مان آخرڪار ڀلو فصل ئي لهندو. مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته هٿ کليو رکان، پر ايترو جو احمق نه لڳان؛ حساس ٿيان، پر ايترو به نه جو ڪو ٻيو ان مان ناجائز فائدو وٺي وڃي، ۽ منهنجي اها به هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته ڏاهپ جي نڪتن کي عملي جامو پهرايان. انهن ڪوششن جا هر ڀيري دل گهريا نتيجا ملڻ ته ممڪن ناهن، ان هوندي به مون سدائين پنهنجي نيت صاف رکي آهي. جيڪڏهن فيصلي واري ڏهاڙي توريندڙ صرافن جي ساهمي جو چڱائيءَ وارو پُڙ ذرو به ڳرو نڪتو ته سمجهندس ته منهنجي زندگي سڦل ٿي.
۽ هاڻي جڏهن پنهنجون سموريون سوچون سهيڙي انهن مڙني سالن کي ياد ٿو ڪريان جيڪي گذري ويا، تڏهن ان سچائيءَ جو احساس ڪندي ڪجهه قدر جذباتي ٿي ٿو وڃان ته اهو سمورو سَمو ڪيئن نه پَرَ ڪري اُڏامي ويو. ڪٿي ڪٿي يادگيرين جو قافلو ڀٽڪي ٿو وڃي ۽ ذهن ۾ ڪي اونداها خال رهجي ٿا وڃن، ائين جيئن ڪنهن شرير ٻار ڄاڻي ٻجهي يادن جي ڪينواس کي هنڌان هنڌان اکيلي ڦاڙي ڇڏيو هجي. نالا ۽ جڳهيون ياد ڪرڻ لاءِ ذهن تي ڏاڍو زور ڏيڻو ٿو پوي. چهرا ڀر مان لنگهي ٿا وڃن ۽ دور ڌُنڌ ۾ وڃائجي ٿا وڃن. واقعا ياد ڪريان ٿو، پر انهن جو سلسلو برقرار رکي نٿو سگهان، ۽ جڏهن سمجهان ٿو ته وڏي جاکوڙ کان پوءِ پُرزو پنهنجي جاءِ تي ٺهڪي بيٺو آهي، تڏهن اوچتو ئي اوچتو پوري ڪهاڻي تاس جي گهر جيان ٻيهر اچي ٿي پٽ پوي. ها، البت ڪي واقعا، ڪي گهٽنائون، ڪي ڳالهيون ذهن جي ڪنڊن مان جيئن جو تيئن، صاف شفاف ۽ چٽيون، کوٽي ڪڍي ٿو وٺان. هڪ هڪ گهڙي، هڪ هڪ پل، هڪ هڪ لمحو دماغ جي در ۽ ديوار تي ائين اڪوريل ٿو لڳي، جو حيرت ٿي ٿئي ته وقت جي دز ا نهن يادن کي ڇو ڇهي نه سگهي آهي.
اهي ئي يادون، اهي ئي ڪهاڻيون، اهي ئي پل گڏ ڪري، ميڙي، ڇنڊي ڦوڪي مون هن ڪتاب جي پنن تي ڦهلائي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ڪي اهڙا پيارا جن منهنجي روح کي ڇهيو آهي ۽ جيءُ ۾ جاءِ جوڙي آهي ۽وجود تي وڙ ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ جا حقدار آهن، پر منهنجي ڪنهن ڪوتاهيءَ سبب رهجي ويا آهن، سي منهنجي ياداشت جي ڪمزوريءَ کي منهنجي مجبوري سمجهي مون کي معاف ڪري ڇڏين.
جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان تڏهن شام گهري ٿيڻ لڳي آهي. مون کي فقط اها ئي آس آهي ته هي پنا پڙهندي جڏهن توهان منهنجي حياتيءَ جا وڻندڙ توڙي گهٽ وڻندڙ واقعا پڙهو، تڏهن جيون جي انهن اڻ وسرندڙ تجربن کي مون جيان محسوس ڪريو ۽ ان سموري سفر ۾ مون سان ساڻ رهو.


رام بخشاڻي
دبئي