18. باب ارڙهون : ڪراڙو ۽ وڌيڪ ڏاهو
جان هال گلڊاسٽون
ڪجهه سال اڳ، جڏهن مون ويشنو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن منهنجي دوستن کي ڏاڍو عجب لڳو.
کين خبر هئي ته دبئي اهو شهر آهي، جتي دنيا جي هر ملڪ جو کاڌو ملي سگهندو آهي. منهنجي جواب کين وڌيڪ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هوندو.
چيم، “ڪو خاص سبب ڪونهي. بس، ائين ئي. فقط سولائيءَ خاطر.”
پنهنجي روحاني گهرجن جي پورائي لاءِ مون ڪڏهن به پنهنجون کائڻ جون عادتون نه مٽايون. مونکي ڪڏهن ان قسم جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي. گوشت واپرائڻ سان روحانيت جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿيندي، اهو ته مون ڪڏهن سوچيو به نه هو. مونکي ته اها به خبر ناهي ته ڌرمي ڪتابن ۾ گوشت واپرائڻ جي خلاف ڪجهه لکيل به آهي يا نه. پر اها پڪ اٿم ته اسان جيڪو ڪجهه کائون ٿا، ان جو اسان جي چال چلت ۽ چرتر تي وڏو اثر پوي ٿو. کاڌي جي عادتن کي پختو ڪرڻ ۾ ماحول ۽ وايومنڊل جو به وڏو دخل ٿئي ٿو. مثال طور، ايسڪيمو تندرا ۾ ۽ بدو صحرا ۾ گوشت کائڻ کان سواءِ جالي نه سگهندا.
منهنجي ويشنو ٿيڻ ۾ نه ڌرم جو دخل هو ۽ نه وري ڊاڪٽرن جي صلاح شامل هئي. منهنجي کائڻ جي عادتن ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۽ ٻه واقعا اهڙا ٿي گذريا، جن منهنجي دنيا ئي بدلي ڇڏي. پهريون واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن مان بزنيس سانگي تائيوان ويس. منهنجي ميزبان منهنجي مان ۾ ڊنر جو بندوبست ڪيو. هن اهڙي سوپ جو آرڊر ڏنو، جيڪو اتي جي کاڌن ۾ خاص اهميت رکندو هو ۽ ان کي تيار ڪرڻ ۾ وڏي مهارت کپندي هئي. انگريز اهڙي کاڌي کي Delicacy چوندا آهن. جڏهن اهو سوپ منهنجي ٽيبل تي آندائون، تڏهن منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. اهو نانگ جو سوپ هو. منهنجي دل ايڏي ته خراب ٿي جو هٿ پير ٺري ويم. مون ڏاڍي عاجزيءَ سان اهو سوپ پيئڻ کان لاچاري ڏيکاري. منهنجو ميزبان ته صفا وائڙو ٿي ويو. هن ويچاري ته مونکي خوش ڪرڻ لاءِ ڳري اگهه تي اهو سوپ آرڊر ڪيو هو. اڄ به جڏهن اها ڳالهه ياد ايندي اٿم ته بدن مان ڌرڙيون نڪري وينديون اٿم.
ٻيو واقعو به تائيوان ۾ ئي ٿيو. مان پنهنجي هڪ دوست جي ننڍي ڌيءُ جي برٿ ڊي پارٽي ۾ ويل هوس. جڏهن مان هال ۾ اندر ويس ته ڏٺم هڪڙو باندر زنجيرن سان هڪ ڪرسي سان ٻڌو پيو هو. باندر کي اهڙو ته سوگهو ٻڌو هئائون جو ويچارو جسم جو ڪوبه حصو چوري نٿي سگهيو. جڏهن سڀ مهمان گڏ ٿي ويا، تڏهن باندر جي مٿي جو مٿيون حصو ڪات سان ڪپي، ان مان ميڄالو ڪڍي ٻاهر ڪيائون. باندر جو ميڄالو Delicacy سمجهيو ويندو آهي! منهنجا ته ماشا ئي گم ٿي ويا. اهو ڏيک اڄ به جڏهن ياد ايندو اٿم ته منهنجا وار کڙا ٿي ويندا آهن.
اهي ٻئي واقعا مونکي ننڊ ۾ به رڙيون ڪرائيندا آهن. مون سوچيو ته جيڪڏهن مان دنيا کي بدلائي نٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ته بدلائي سگهان ٿو. پنهنجي کاڌي پيتي جي عادتن کي بدلائي سگهان ٿو. اهي ته منهنجي پنهنجي وس ۾ آهن. اهڙيءَ طرح، مون ماس کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويشنو ٿي پيس.
اڃا به هڪ ٻيو واقعو اهڙو ٿيو، جنهن مونکي پنهنجي کاڌي جي باري ۾ نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. اها 70 جي ڏهاڪي جي آخر جي ڳالهه آهي. مان جپان کان دبئي پئي آيس. رستي ۾ جهاز ٿوري دير لاءِ سينگاپور ۾ ترسڻو هو. اتفاق سان مان سينگاپور ۾ بيمار ٿي پيس. ان ڪري اڳتي جي مسافريءَ ۾ ٻن ڏينهن جي دير ٿي وئي. سينگاپور ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي ۽ مون وٽ گرم موسم جا لٽا ڪونه هئا. جپان لاءِ جيڪي اوني ڪپڙا کڻي ويو هوس، سي ئي ساڻ هئم. ان ڪري چيم ته ڇو نه وڃي بازار مان هڪ ٽي شرٽ ۽ هڪ پتلون وٺي اچان. هاڻي انهن ڏينهن ۾ منهنجو وزن هو 130 ڪلوگرام ۽ ڪالر جي سائيز هوندي هيم ساڍا سترهن انچ. سون تي سهاڳو اهو جو منهنجي چيلهه جي ماپ هئي 46 انچ. اهڙن ماڻهن جي سائيز کي عام طور XXL سائيز (ايڪسٽرا ايڪسٽرا لارج) سائيز چوندا آهن. هڪ دڪان کان ٻئي تي، ٻئي کان ٽئين تي، وتان ڳوليندو، پر منهنجي ماپ جا ڪپڙا اچن ڪٿان؟ سينگاپور جا ماڻهو جسم ۾ هلڪا آهن، سو وٽن وڏي ۾ وڏي سائيز به هئي لارج سائيز. مان هئس ڊبل لارج. هاڻي ڇا ڪريان؟ اچي آزار ۾ پيس. لاچار کان اهي ئي اوني ڪپڙا جيڪي ساڻ هئا سي ئي کڻي پاتم. جهاز ۾ ويٺس ته ويتر پنهنجيءَ ٿولهه جي احساس ماري وڌم. منهنجو پيٽ پيو اڳينءَ سيٽ سان رهڙجي ۽ ڀر ۾ ويٺل همراهن جي هنج ۾ ڪري. ڏاڍو شرم آيم. دبئيءَ اچي ڊاڪٽر سان صلاح ڪيم. هن چيو ته وزن گهٽائي 90 ڪلوگرام تائين آڻ. وزن گهٽائڻ لاءِ گهڻي پروٽين وارا کاڌا بند ڪرڻا پيا. پنجن ڇهن مهينن ۾ مون 40 ڪلوگرام وزن گهٽائي آڻي 90 ڪلوگرام تي پُڄايو.
منهنجي ٿولهه گهٽجڻ جو ماڻهن تي ڏاڍو سٺو اثر ٿيو. مون کي ياد آهي ته هڪڙي پارٽيءَ ۾ ويس. اتي دبئي جو مشهور بزنيسمين الفردان به آيل هو. مون کي ڏسي خالص اردوءَ ۾ چيائين، “تمهارا باب ڪيسا هي؟”
گهڻيءَ دير کان پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آيم ته الفردان منهنجي پيءَ جي لاءِ نه، خود منهنجي باري ۾ پُڇي رهيو هو. جڏهن ٻڌايو مانس ته تون رام بخشاڻي سان ٿو ڳالهائين، سندس پٽ سان نه، تڏهن ڏاڍو کليو.
منهنجي وزن گهٽائڻ تي ‘معروف خواجا’ گلف نيوز جي اڳوڻي هفتيوار مئگزين “الجمع” جنوري 1981ع ۾ هڪ رپورٽ ڇاپي هئي، جيڪا هن ريت هئي:
“ڪاسموس ۽ آءِ ٽي ايل جي جنرل مئنيجر رام بخشاڻيءَ پنهنجي 90 ڏينهن واري “ٻاهر نڪتل پيٽ واري لڙائي” کان پوءِ پنهنجون ٽوٿ برش جهڙيون مڇيون ڪوڙائي ڇڏيون آهن. دوستن ۽ مخالفن، جن جو خيال آهي ته مُڇن کي چٽ ڪرائڻ پڻ بخشاڻي جي ان سخت پرهيز جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ گول مٽول رام هاڻي سوڀارو ٿيو آهي، ۽ سنهڙو سيڪڙو ماڻهو ٿي پيو آهي. تن جو چوڻ آهي ته جڏهن رام جي چرٻي ختم ٿي وئي آهي، تڏهن هن پنهنجو سڄو ڌيان پنهنجي مٿئين چپ تي ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن منجهان پڻ گهاٽن ڪارن وارن جي هڪ گرام جي ڏهينءَ پتي جيتري وزن جون مڇون ڇڻي اچي پٽ پيون آهن. رام جي گم ٿيل مُڇن جو هڪ تڪڙو نتيجو ته اهو نڪتو جو بخشاڻي جهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي 44 انچن جي پيٽ واري چرٻيءَ، ڏيڍ ڳچيءَ ۽ ٽيڻين ڇاتين جي ڪري پري کان سڃاتو ويندو هو، هاڻي دبئيءَ جي رات وارين محفلن ۾ بلڪل اجنبي ٿو لڳي. مشهور چوڻيءَ جيان اُٺ جي مٿان آخري ڪک تڏهن پيو، جڏهن رام جهڙو ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ وسرندڙ ماڻهو، جيڪو پنهنجو سنهڙو هٿ ورائي، وڏن ڏندن جو نماءُ ڪندي، مرڪي ماڻهن سان ملندو هو، تنهن کي پنهنجن دوستن، يارن ۽ واقفڪارن به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪن ته چيو ته هيءُ اهو بخشاڻي آهي ئي ڪونه، جنهن کي گذريل سال مان سنگهه پهلوان سان گڏ رنگ ۾ ڏسي ماڻهن سمجهيو هو ته اجهو ٿي ٻنهي جي وچ ۾ ڪشتي ٿئي.
مڇون ته ٻن هفتن ۾ ٻيهر اُڀري پنهنجي جوڀن تي پهچي ويون. پر انهن جي ڪري سندس عمر وري به ڏهه سال وڌيڪ ڏيکارجڻ لڳي. ويچاري وڏيءَ محنت سان مڇون ڪوڙائي، پيٽ گهٽائي، پنهنجي عمر به ڏهه سال پوئتي ڪري ڇڏي هئي. ها، اهو ياد رکجو ته مڇن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه وڌايو اٿس.
رام بخشاڻي جي وزن گهٽائڻ ۾ نه ته ڪسرت جو هٿ آهي، نه ڏنڊ ڪڍڻ، نه پڃري کڻڻ، نه سنهي ٿيڻ جي گورين جو ڪمال. بس، فقط هڪ هٿيار اٿس، جيڪو پڻ اکين کان اوجهل آهي. توهان ۽ اسان ان کي سندس پڪو ارادو (Will power) سڏينداسين، پر ڊاڪٽر ڊينگ، جنهن اهو سڄو تماشو پري کان بيٺي ڏسو، سو ان کي نالو ئي ٻيو ٿو ڏئي. هو چوي ٿو ته رام جي سنهي ٿيڻ پويان “جيئري رهڻ جي تمنا” وارو راز آهي. ماڻهو اهو نسخو تڏهن واپرائيندا آهن، جڏهن کين هاءِ بلڊپريشر، شگر ۽ دل جون بيماريون وڪوڙي وينديون آهن.
رام چواڻيءَ، اهو مسئلو وات بند ڪري بکون ڪاٽڻ يا رنڌڻي کي تالو لڳائڻ، يا جوڳي ٿي ڌوڻي دمائڻ جو ناهي. مون وٽ جيڪا فارمولا آهي، ان ۾ سماجي ڀکشو ٿيڻ جو نالو نشان به ڪونهي. کائو جيترو اوهان جي دل چاهي، پر اهو نه جيڪو اوهان جي دل چاهي.
نتيجو اهو آهي ته اوهين اهي شيون نه کائو، جنهن ۾ نشاستو، کنڊ ۽ چرٻي هجي، ڇو ته چرٻي اڳ ئي اوهان جي پيٽ ۽ ڌڏن وٽ جام ڀريل آهي.
نشاستو نه هجڻ جو مطلب آهي ته نه پٽاٽو کائو، نه روٽي، نه چانور يا اناج يا اناج مان ٺهيل کاڌا. ڪن دالين ۾ به نشاستو ٿيندو آهي، مثال طور اڙد جي دال. ان دال ۾ ايترو ته ڪلف هوندو آهي جو رام چواڻيءَ، ڪنهن زماني ۾ ماڻهو گهرن ٺهرائڻ وقت پٿرن کي جوڙڻ لاءِ سيمينٽ جي جاءِ تي اُڙد جي دال استعمال ڪندا هئا. توهان کي اها خبر آهي ته قطب مناري جا گرينائيٽ پٿر اڙد جي دال مان ٺهيل، سيمينٽ کان به پڪيءَ لئيءَ سان ڳنڍيل آهن؟ جيتوڻيڪ سڀني اناجن ۾ نشاستو ڪونه ٿيندو آهي، پر رام جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت لاءِ سڀني اناجن کان پاسو ڪجي ته چڱو. ڪڻڪ تي پيل بندش، جنهن اسان کي جنت مان نيڪالي ڏياري، سا ان مان ڪڍيل عرق تي پڻ پيل آهي. ان ڪري ان بوتل کي به ڇڏڻ گهرجي جيڪا ڪڻڪ مان ڪڍيل عرق سان ڀريل هجي، جيڪو پهريون ته پاڻياٺ آهي، پر اڳتي هلي سخت چرٻيءَ جي شڪل ۾ بدلجي وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان مٺاڻ کائڻ جا شوقين آهيو، ته انگريزي ۾ چئبو ته اوهان کي مٺو ڏند آهي (Sweet Tooth).ان ڪري چڱو ته ائين ٿيندو ته اوهان اهو ڏند ئي ڪڍرائي ڇڏيو يا وري ڪنهن به مٺيءَ شيءِ جي ويجهو نه وڃو، چاهي اها پاڻياٺ هجي يا سخت. ها، محبوب جي چپن لاءِ هيءُ نسخو ڪارگر ناهي! چانهه جي ڪوپ پٺيان ڪوپ پيئڻ وارا ڏينهن هاڻي گذري ويا. ڊاڪٽر ڊينگ ته نقلي مٺاڻ کان به جهليو آهي. چانهه ۾ وجهي پيئڻ واريون اهي گوريون هونديون ته برابر مٺيون آهن، پر سندن پڇاڙي ڏاڍي ڪوڙي ٿيندي آهي. صبح جو پهريون چانهه جو ڪوپ چرٻي گهٽائڻ لاءِ فائدي وارو آهي. پر رام چواڻيءَ، منجهس ليمون نپوڙي وجهڻ سان پيٽ جي اندرين ڀتين جي چرٻي به ڳري ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾، هر شيءِ کائو ۽ خوب کائو ۽ کائيندا رهو، جيستائين اها تيل يا ڀاڄين يا جانورن جي چرٻي مان تيار ٿيل ناهي. ڪنهن جي به ان ڳالهه تي اعتبار نه ڪريو ته ڪي تيل اهڙا به آهن جن ۾ چرٻي نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو اهڙو تيل آهي جيڪو ٿلهو نٿو ڪري. ته اهو آهي موبل آئل ۽ موبل آئل پيٽ بجاءِ گاڏيءَ ۾ وڌو ويندو آهي. ان ڪري هر شيءِ کائو. ڪچي هجي، اڌ پڪي هجي، پڪي هجي، ٻاڦيل هجي يا اڱرن تي سيڪيل هجي يا ساڙيل هجي.
رام 90 ڏينهن بک ۽ ڏک ۾ ڪاٽيا. صبر ۽ شڪر ڪيائين. نتيجو هيءُ نڪتو: وزن 107 ڪلو کان ڪري اچي 70 ڪلو تي بيٺو، چيلهه 44 انچن مان گهٽجي 33 انچ ٿي وئي، ڇاتي 40 مان 38 ۽ ڪالر جي سائيز ساڍي سترهن مان اسڪولي ٻار جي ساڍي چوڏهن سائيز ٿي وئي. ٻين انگن اَکرن ۾ وري گهٽتائي جي جاءِ تي واڌارو نظر ٿو اچي. ننڊ چئن ڪلاڪن جي پاسا بدلائڻ، ڦٿڪڻ ۽ تڙپڻ مان وڌي اٺن ڪلاڪن جي بي خوف ۽ گهري. ڪم ڪرڻ جي سگهه 6 ڪلاڪن مان وڌي 16 ڪلاڪ، (بئٽري ٻيهر به چارج ڪري سگهجي ٿي.)
ڪن ڳالهين جي نئين معلومات به ٿي: بنا ڪِرڻ جي ٽنگ مٿان ٽنگ رکڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي. ٻار کي جهوليءَ ۾ ويهارڻ جي خوشي ڇا ٿيندي آهي. ياد رهي ته جهولي ٽنگن ۽ پيٽ جي وچ واري حصي کي چئبو آهي. ڇهه مهينا اڳ رام جي ٻارن کي پتو ئي نه پوندو هو ته هيءُ دادا جي گود آهي يا پُٺي آهي. هڪ چتاءُ به ڏيندو هلان. هن نسخي آزمائڻ سان ڪي گهاٽا اهڙا به پئجي سگهن ٿا، جن جي چنهنڊي اهڙي جاءِ تي لڳندي آهي، جتي گهڻي ۾ گهڻو سور ٿئي. منهنجو مطلب مطلب ٻٽونءَ سان آهي، ٻيءَ ڪنهن جاءِ سان نه.مثال طور، سنهي ٿيڻ کان پوءِ رام بخشاڻي کي پنهنجي سڀني پراڻن ڪپڙن تان هٿ کڻڻو پيو. ڊزن کان مٿي سوٽ ته ٻارهن ڊزن قميصون ۽ پتلونون. بزنيس ۾ڪامياب ٿيڻ به ڊائٽنگ ۾ سوڀارو ٿيڻ جي برابر آهي.
تازا چرٻي کان آجا ٿيل ماڻهو هميشه محاوري واري ڊيموڪليس جي تلوار هيٺان جيئندا آهن. کين هميشه اهو خطرو هوندو آهي ته ٿولهه ٻيهر نه اُٿلي پوي. ان ڪري جن ماڻهن تازو وزن گهٽايو آهي، سي پنهنجي ڪاميابي تي گهڻو ناز نه ڪن. رام کي هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن چپاتي يا اڌ پليٽ چانورن جي کائي ويندو ته کيس ڪجهه نه ٿيندو. هن ڪجهه ڏينهن اڳ “ٽوسٽ” به پيتو. کاڌي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي عادت، کائڻ جي شين ۾ خودبخود برابري پيدا ڪري ٿي. رام کي ڄاڻ آهي ته ڪٿي ۽ ڪڏهن بس ڪجي- مُڇون هئڻ يا نه هئڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي. سوال رڳو اهو آهي ته ڇا توهان کي اها ڄاڻ آهي ته ڪڏهن شروع ڪجي؟”
کائڻ کان پوءِ منهنجي پيئڻ جو به ساڳيو حال ٿيو. مان ڪڏهن به عادي پياڪ ناهيان رهيو، پر مون 20 سالن جي عمر جي لڳ ڀڳ پيئڻ شروع ڪيو. شروع شروع ۾ مان دوستن جي ڪچهريءَ ۾ پيئندو هوس. سڄي هفتي جي محنت کان پوءِ ظاهر آهي ته هفتي جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجن دوستن سان ويهي پيئڻ تي دل ٿيندي آهي. ائين ڪرڻ سان خوشي به ٿيندي هئي ۽ اڪيلائيءَ، اٻاڻڪائيءَ، ڳڻتين ۽ واپاري چٽاڀيٽي کان به نجات ملندي هئي. پراڻي چوڻي آهي ته “جڏهن ڪڪڙ نشي ۾ هوندو آهي ته باز جي ڳڻتي لهي ويندي اٿس.”
هڪ سٺي ويڪ اينڊ (Weekend) ايندڙ هفتي جي مارڪيٽ جي مقابلن کي مُنهن ڏيڻ جي طاقت ڏيندي آهي. اڳتي هلي شراب پيئڻ منهنجي بزنيس جو حصو بنجي پيو. سماجي گڏجاڻين ۾ به پيئڻو پوندو هو. پر مون هميشه پيئڻ کي هڪ حد اندر رکيو. جيئن ونسٽن چرچل چيو هو ته “الڪوهل جيترو مون کان ورتو آهي، مون الڪوهل کان ان کان به وڌيڪ ورتو آهي.”
پر جيئن جيئن پارٽيون وڌنديون ويون، منهنجي صبح جي ٿڪاوٽ وڌندي وئي. منهنجي خيال ۾ ان جو ڪارڻ هو مختلف شراب جو گڏيل واهپو.ان معاملي ۾ توهان جو ڪو به وس نه هلندو، ڇو ته توهان کي هڪ پارٽي مان اُٿي وري ٻي ۾ به وڃڻو لازمي آهي. هڪ ئي رات اهڙيون ڪيئي پارٽيون به ٿي سگهن ٿيون.
ان ڪري نوَ سال کن ٿيندا جو مون شراب پيئڻ بند ڪري ڇڏيو. نه صحت جي ڪري ۽ نه وري ڌرم جي ڪري مون اهو قدم کنيو. بس، مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي گهڻو ٿيو. هاڻي بس ڪرڻ گهرجي.
منهنجي دوستن کي اعتبار ئي نه آيو. مون پنهنجيءَ ڄمار جو وڏو حصو شراب پيئڻ ۾ گذاريو هو. ان ڪري هنن کي پڪ ئي نه پئي بيهي ته ڪو مان شراب ڇڏي ڏيندس ۽ منهنجي تندرستيءَ تي ڪو برو اثر نه پوندو. ڪن ته ائين به چيو ته سماج ۾ اڪيلو رهجي ويندين. يار دوستار ڇڏي ويندءِ. چيائون، “سماجي توڙي واپاري گڏجاڻين ۾ سافٽ ڊرنڪ تي ڪيتري دير هلي سگهندين؟”
پر مون کي پاڻ تي ڀروسو هو، هنيانءَ جو ڏڍ هئم. پنهنجي ڪيل فيصلي تان نه هٽيس. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي خبر هئي ته مان پنهنجن دوستن يا گراهڪن سان پاڻيءَ جي گلاس تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪري پئي سگهيس.
مون دوستن کي اهو به چئي ڇڏيو ته جي منهنجيءَ دل ٻيهر پيئڻ لاءِ چيو ته پوءِ مونکي پيئڻ کان ڪو به روڪي نه سگهندو. ان ڳالهه تي هڪ تازو واقعو دل تي تري آيو اٿم. ٽوڪيو ۾ هوس. شارپ ڪارپوريشن جي پريزيڊنٽ ڪي مچيڊا منهنجي مانَ ۾ ڊنر ڪئي هئي. هن مون کان پڇيو ته مان شراب صحت جي خيال کان پيئندو آهيان يا ڪا ڌرمي جهل اٿم. جڏهن ٻنهي ڳالهين جو جواب نڪار ۾ ڏنم، تڏهن چيائين، “ته پوءِ Kampai (چيئرس) لاءِ ئي کڻي هڪ سُرڪ ڀر.”
مون سندس ڳالهه مڃي ورتي. ٻيهر به ائين ڪندي مونکي ڪا هٻڪ ڪانه ٿيندي.
هڪڙو پراڻو پر ڏاڍو وڻندڙ گيت آهي، “اسان ڪراڙا ٿياسين ۽ ڏاها ٿياسين، پر اسان جا خواب اهي ئي ساڳيا رهيا.”
انهن مان ڪي خواب ڀڄي ڀري، پرزا پرزا ٿي پوندا آهن، ڇو ته اسان انهن خوابن کي مذهب، ڌرم، اصول يا نظرين جي نالي ۾ پنهنجي لاءِ رُڃ بنائي ڇڏيندا آهيون ۽ زندگي ڀر اُن رُڃ جي پاڇي پويان ڀٽڪندا رهندا آهيون ۽ پوءِ جڏهن اسان جا پنهنجا پيارا خواب اسان جي اکين آڏو ڦٿڪي ڦٿڪي، تڙپي تڙپي، دم ڏيندا آهن، تڏهن اسان کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اسان ڪٿي ڀُل ڪئي؟ ڪٿي ڀٽڪياسين؟ ڪٿي مات کاڌيسين؟ ضرور اسان ڪا غلط چونڊ ڪئي هوندي. ڪنهن ماڻهوءَ جي، ڪنهن رشتي جي، ڪنهن دوستيءَ جي، ڪنهن پاڙي جي، ڪنهن ساٿيءَ جي، ڪنهن دشمن جي يا ڪنهن اداري جي.
اُتي اسان جي انا ۽ غرور ۽ اعتماد کي چوٽ ٿي پهچي ۽ پوءِ اسان ڪنهن نه ڪنهن تي ڏوهه مڙهڻ لاءِ اتاولا ٿا ٿيون.
ڏوهه ٻئي ڪنهن جو ناهي، خود اسان جو ئي آهي. اسان پنهنجا اصول ۽ مول ۽ متا غلط بنياد تي جوڙيا. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀُل مڃي وٺون ۽ پاڻ کي ذميوار ۽ ڏوهاري سمجهون ته پوءِ هڪ قسم جو سڪون، شانتي، آرام اچي ويندو من کي. اسان جي ساڌن، سنتن ۽ گروئن ٻين تي ڏوهه نه ڏيڻ جو آرٽ سکي ورتو هو. ان مان هنن کي سچي شڪتي ملي هئي،جيڪا اصل شيءِ آهي.
سو، حالتون ڪڏهن به ساڳيون نه رهنديون آهن. ڪا به شيءِ جهڙي جا تهڙي نه رهندي آهي. ان هوندي به جيتريون شيون بدلبيون، اوترو ساڳيون رهنديون. اها ئي زندگيءَجي ڳجهارت آهي. اها ئي حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي پرولي آهي. چُرندڙ جي ورڌ بيٺل. هڪ ازلي شطرنج جي راند آهي، جنهن جي هڪ ئي پڄاڻي آهي- نرواڻ.
اسان جي زندگي جي حالت، سٺي يا خراب، وقت سان گڏ هلندي رهي ٿي. اسان ته فقط منچ تي آيل ڪلاڪار آهيون. جيڪي پنهنجا پنهنجا ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، پر اسان جي ڪهاڻيءَ هن دنيا کان ٻاهر، ڪنهن ٻي هستيءَ لکي آهي. ها، اسان پنهنجي ڪلا، ڪرتويه ۽ ڪوشش سان ان ڪهاڻي ۾ سهڻا رنگ ۽ موهيندڙ چٽ چٽي سگهون ٿا. پر ان لاءِ ساڌوءَ جو سنياس، ڪويءَ جي ڪوڪ ۽ آدرشي انسان جي گهرج پوندي. اسان جو جيون تڏهن سڦل ٿيندو، جڏهن اسان جي ڄاڻ ڄرڪندي ۽ اندر ۾ اُهاءُ ٿيندو.
اسان جي حياتي اڃا به آسان ٿيندي، جڏهن اسان پاڻ تي ٿيل ڌڻي جون ڀلايون ياد ڪنداسين. سُور کان ڪوئي بچي نه سگهيو آهي. پيڙا کان بچي سگهجي ٿو. دکي ٿيڻ يا نه ٿيڻ اسان جي پنهنجي وس ۾ آهي. فيصلو به اسان کي ئي ڪرڻو آهي. پر انسان پنهنجي بدنصيبي تي ماتم ڪندو آهي. اها هُن جي فطرت آهي. پنهنجي بدنصيبي تي ماتم ڪندو آهي. اها هُن جي فطرت آهي. پنهنجي بدنصيبي تي ويڻ ڏيڻ کان اڳ اسان کي گهرجي ته ڪجهه دير انهن خوشنصيبين کي به ياد ڪريون، اهي گهڙيون به ساريون، جن ۾ اسان خوشيون ڏٺيون، آنند ماڻيا ۽ کلياسين، ملياسين ۽ گڏجي ٽلياسين. اُتي هڪ سٺي چوڻي ذهن ۾ آئي اٿم جيڪا هن گفتگو سان ٺهڪي اچي ٿي، “جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته توهان ننڍا آهيو، ته پوءِ ياد رکو ته پکي اُڏامي سگهندا آهن، هاٿي اڏري نه سگهندا آهن.”
جيئن روڊ جي پاسي سان ميلن جا پٿر لڳل هوندا آهن، ٺيڪ اهڙي ريت اسان جي زندگي جي راهه تي به ڪي ميلن جا پٿر لڳل هوندا آهن، جيڪي ٻڌائيندا رهندا آهن ته اسان پنهنجي آخري منزل کي ڪيترو ويجهو پهچندا ٿا وڃون. پر اسان انهن پٿرن تي لکيل انگن پڙهڻ کان سواءِ وڏي تيزيءَ سان انهن جي ڀر مان لنگهندا ٿا وڃون. اسان مان ڪي ٿورا هوندا جن کي انهن پٿرن جي اهميت جي ڄاڻ هوندي ۽ سمجهندا هوندا ته سندن نجي زندگي سان انهن جو ڪهڙو سنٻنڌ آهي. فقط ايترو ئي نه، بلڪ اهو به ته اسان جيڪي فيصلا ڪريون ٿا، انهن فيصلن تي انهن پٿرن جو ڪيترو اثر آهي. ڇا، اهي وقتائتا فيصلا آهن؟ ڇا، جنهن گهڙيءَ اسان ڪنهن خاص جڳهه تان لنگهي رهيا هئاسين، ان وقت اسان کي ائين ئي ڪرڻ گهربو هو، جيئن اسان ڪيو؟ ڇا، ڪي فيصلا جيڪي اسان کي سفر شروع ڪرڻ وقت گهربا هئا، سي ڪٿي سفر جي پُڄاڻيءَ وقت ته نه ڪيا اٿئون؟
ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪتاب پڙهڻ سان، يا ڪا فلم ڏسڻ سان، يا ڪو واقعو ٿيڻ سان، يا ڪو تجربو ڪرڻ سان، يا انهن سڀني يا انهن مان ڪن ٻن ٽن ڳالهين جي گڏجي ٿيڻ سان، اسان ڪنهن نتيجي تي پهچون ۽ ڪا نئين راهه وٺون. ڪڏهن ڪڏهن ته روڊ پري پري تائين صاف نظر ايندو آهي، ڪڏهن ڌنڌلو ۽ اڻ چٽو هوندو آهي. ان حالت ۾ اسان مُنجهي پوندا آهيون ته اڳتي وڌڻ جو جيڪو فيصلو اسان ڪيو آهي، اهو الائي درست به هو يا نه؟ ان مونجهاري ۽ اُڻ تُڻ هوندي به اسان ڪا گهڙي بيهي ٻيهر ويچار نه ڪندا آهيون. ڌوڪيندا اڳتي وڌندا ويندا آهيون.
جيڪڏهن اهي ڏاهپ جا اکر هنئين سان هنڊايون ۽ انهن منجهان روشني حاصل ڪريون ۽ ان روشني ۾ پنهنجا روزمره جا معاملا نبيريون ته پوءِ خبر پوندي ته هاڻي اسان جيڪي به ڪو ڪم ڪريون ٿا، اهي ان سياڻپ جي سوجهري ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ڌار ناهن. ڇڙوڇڙ، وائڙا ۽ ويسلا ناهن. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا ڪاما، ڪو اڌ دم ته اچي سگهي ٿو، پر ڪٿي به دَم (Ful Stop) ڪونه ايندو. دير مدار يا هلڪي ساهي ته ممڪن آهي، پر هٿ ڇنڊي، آس لاهي، مايوس ٿي ويهي رهڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. اسان کي گهر ۾ توڙي پنهنجي روزگار ۾ اها راهه اختيار ڪرڻ گهرجي. پنهنجا در، دريون ۽ روشندان بند نه ڪريو. هميشه هڪ دري کليل رکو ۽ اهو به خيال رکو ته پنهنجن خيالن توڙي ڪم ڪار ۾ سدائين تسلسل (Continuity) قائم رکو.
توهان کي اها ڄاڻ ناهي ته ڪنهن کي توهان جي ضرورت پوندي يا ڪنهن جي توهان کي گهرج پوندي يا توهان جي زندگي جي سفر ۾ ڪير، ڪٿي، ڪهڙين حالتن ۾ توهان سان همسفر ٿيندو. ان ڪري اهو دروازو ڪڏهن به بند نه ڪريو، جيڪو توهان ٻيهر کولي نه سگهو.
توهان کي اها ڄاڻ ناهي ته ڪنهن کي توهان جي ضرورت پوندي يا ڪنهن جي توهان کي گهرج پوندي يا توهان جي زندگي جي سفر ۾ ڪير، ڪٿي، ڪهڙين حالتن ۾ توهان سان همسفر ٿيندو. ان ڪري اهو دروازو ڪڏهن به بند نه ڪريو، جيڪو توهان ٻيهر کولي نه سگهيو.
جڏهن مان پنهنجي گذريل حياتيءَ تي نظر وجهندو آهيان ۽ ماضيءَ جي اونداهين مزارن ۾ جهاتي پائيندو آهيان، تڏهن مونکي بي انتها حيرت ٿيندي آهي ته مٿي چيل ڳالهين منهنجي زندگي کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪيڏي نه مدد ڪئي! بزنيس جي آرٽ ۽ سائنس ۾ منهنجي ٿوري گهڻي جيڪا به ڪاميابي ٿي آهي، ان جو راز فقط اهو آهي ته مون ڪڏهن به رشتن، واسطن، تعلقن يا گفتگو جا دروازا بند نه ڪيا. کين هميشه کليل ڇڏيم. پسند يا ناپسند ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ ته ٿي، پر فيصلن ڪرڻ وقت مون ڪڏهن به، ڪٿي به فل اسٽاپ نه ڏنو آهي.
منهنجا ٻار پڃري مان آزاد ٿي اُڏامي ويا آهن. هاڻي وڃي پنهنجا جدا آکيرا جوڙيا اٿن. ماءُ پيءُ جي روزمرهه جي واهپي ۾ ضرورت گهٽبي ٿي وڃي. اها قدرتي ڳالهه آهي. پر هڪ ٻئي لاءِ سڪ، پريت ۽ پيار ته گهٽ ٿيڻو ناهي. اسان هڪ ٻئي جا آهيون، هڪ ٻئي لاءِ آهيون، ان ڪري سندن جدائي کي وڌيڪ محسوس ٿا ڪريون، جدائي جي ان ڏکوئيندڙ دور کان پوءِ وري هڪڙو ٻيو دور شروع ٿيندو آهي: ماضي ۾ نهارڻ جو دور، گذرئي وقت کي ياد ڪرڻ جو دور، هڪ هڪ ڳالهه، هڪ هڪ واقعي، هڪ هڪ مُرڪ، هڪ هڪ ٽهڪ جي ياد ڳولي ڦولي، ڇنڊي ڦوڪي، ٺاهي جوڙي رکڻ جو دور. اهي يادون جيئريون جاڳنديون لڳنديون آهن، ائين جيئن اجهو اجهو ڪو هاڻي ئي هتان اُٿي ويو هجي ۽ سندس جسم جي گرمي اڃا سرد ٿي نه هجي ۽ ٽهڪن جي گونجار اڃا باقي هجي ۽ ساهن جي سڳنڌ ڪمري ۾ ڦهليل هجي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته بي خيالي ۾ اوچتو ٽيبل تي سندن جاءِ خالي ڏسي کين سڏ ڪرڻ لاءِ چپ چورجن ئي مس ته ياد چي وڃي ته هو هتي ناهن. اهي يادون مفاصلا وڌائڻ بجاءِ گهٽتائي ڇڏينديون آهن ۽ هو دور هوندي به دور نه هوندا آهن. دل ۾ وسندا آهن، دل ئي ۾ رهندا آهن: کلندا آهن، ڳالهائيندا آهن، سرٻاٽ ڪندا آهن، آٿت ڏيندا آهن.
اڪيلائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ جي چاهنا زور وٺندي آهي. سڄو ڏينهن هجڻ جي بجاءِ دل ٿيندي آهي ته ڪٿي کن پل بيهي گل جو واس وٺجي. عمر سان گڏ ڄاڻ جي جاڳرتا تيز ٿي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به ڳالهه کي جيئن جو تيئن مڃڻ کان منُ انڪار ڪري ٿو. زندگي آنند جو مارڳ ماڻي ٿي. وقت وڌيڪ پيارو لڳي ٿو ۽ ڪوبه اُن کي اجايو وڃائڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي.
ڪي ڳالهيون جي زندگي جو حصو بنجي چڪيون هيون، هاڻي انهن کان لنوائڻ لڳو آهيان. ڪي ماڻهو، جن کي ڏسڻ بنا رهي نه سگهبو هو، تن کان به ڇڊو ٿيندو ٿو وڃان. گوڙ ۽ شور ۽ ماڻهن جي پيهه کان دل گهٻرائي ٿي ۽ تنهائي وڻڻ لڳي آهي، اڪيلائي نه. مان ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو آهيان. تنهائيءَ ۾ مان پنهنجي وجود کي يادن جي وادين ۾ ڇڏي ڏيندو آهيان. ماضي جون يادون، ننڍپڻ جون يادون، گهر جون يادون، ڪٽنب جون يادون، ڪاميابين ۽ ناڪامين جون يادون.
اهو سڀ ڪجهه رات جي پيٽ ۾ نه ٿيو آهي. ائين ناهي ته مون ڪنهن جوڳيءَ يا سنت يا ڀڳت جو چولو پائي پهاڙن ۾ وڃي مُڪتي پراپت ڪئي آهي يا وئراڳي ٿي سنسار تياڳي ڇڏيو آهي. مان ته اڃا چانئنٺ تي بيهي اندر جهاتي پائي رهيو آهيان. ائين ڪرڻ سان مون کي آنند ملي ٿو. منهنجي آس آهي ته جن نوجوانن جي زندگي کي مون ڪنهن پَرَ ڇهيو آهي، اهي پڻ ساڳيءَ راهه تي هلي پون. منهنجو تجربو مون کي ٻُڌائي ٿو ته منجهن گهڻا گُڻ آهن.
اسان مان گهڻا، جوانيءَ جي هوڏ ۽ هستي ۽ مستي ۾ سوچيندا آهن ته هو لاڳاپا لاهي لاتعلق ٿي وڃن. اهو سندن حق آهي، پر منهنجي صلاح اٿن ته مفاصلو ضرور رکو، پر لاڳاپي جي سنهڙيءَ تند کي نه ٽوڙيو. توهان ڌنڌوڙي هجو يا بزنيس مين، توهان مان ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي ته ايندڙ وقت جي جهوليءَ ۾ اوهان لاءِ ڇا پيل آهي.
۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي حياتي جي گذريل واقعن کي پنهنجي هاڻوڪين حالتن سان ضرور ڀيٽجو. ماضي به توهان جي ئي وجود جو هڪ حصو آهي.
ان کان اڳ جو مان قلم رکي ڇڏيان، دل ٿي چوي ته پڇاڙي ۾ پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ ٻه اکر چوان. منهنجو هڪ سنڌي شعر ۾ آهي:
زندگي ۾ سڀن کي ايترو پرچايم
جو سڀ
رسڻ جا عادي بڻجي پيا
۽ مون کي ته رُسڻ جو
ڄڻ حق ئي ڪونه هو.
ڳجها ڳوڙها ڳاڙيم
ايترا جو
روئي روئي اکڙين جي آلاڻ
گم ٿي وئي!
فقط تڏهن
جڏهن جاڳين ٿو
ڄاڻين ٿو
ته تون ننڊ ۾ هئين.