آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5257
  • 894
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

1. باب پهريون : نئون ڏينهن، نئين شروعات

اسان مان ڪي هر روز حالتن کي اهڙو ئي ڏسندا آهن، جهڙيون ڪالهه ڇڏيون هئائون ۽ پڇندا آهن، ڇو؟ ٻيا حالتن کي ساڳيون نه ڏسندا آهن ۽ پڇندا آهن، ڇو نه؟
رابرٽ ڪينيڊي
وقت يادگيرين جو چور آهي.
ماڻهو وقت جي واريءَ تي ماضي جي پيرن جا نشان ڏسندا آهن، اهڙيءَ طرح جيئن تصوير ۾ هر شيءِ صاف ۽ چٽي نظر ايندي آهي. پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ هوندي آهي. وقت کي يادگيرين سان مذاق ڪرڻ جي عادت آهي. چار ڏهاڪا اڳ جيڪو واقعو ٿي گذريو، ان کي هوبهو جيئن جو تيئن ياد ڪرڻ سولو ڪم ناهي، ڏاڍو اوکو آهي. ماضيءَ جي چٽائي، چنچلتا، رنگ ۽ روپ، وقت جي ڪوهيڙي ۾ ڌنڌلا ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اوچتو ئي اوچتو ڪنهن پل ذهن ۾ ڪا ياد ترندي تڙڳندي، لهرن ۾ لڙهندي، کلندي ڪڏندي، مٿاڇري تي اُڀري ايندي آهي، پر ان ۾ اها تازگي، اها زندگي، اها گرمي نه هوندي آهي. بس، گذريل واقعي جي هڪ اڻ چٽي ۽ بي جان تصوير بنجي رهجي ويندي آهي، پاڇولي ۽ پڙلاءَ جيان.
ها، ماضيءَ جي يادن کي نئين سرجيئارڻ سولو ناهي. ان هوندي به يادون ڏاڍيون پياريون هونديون آهن ۽ انهن سان فرق پوي ٿو، ڇو ته اهي ئي آئيندي جو رخ موڙڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي شڪتي بخشين ٿيون.
جڏهن مون پهريون ڀيرو دبئي جي ڌرتيءَ تي پير ڌريو، تڏهن الائي ڇو پڪ ٿي ويم ته هتان موٽي واپس وڃي ڪونه سگهندس. بس، اهو ائين ئي هو، جيئن اڪثر ٿي ويندو آهي. اتفاقي، اوچتو، پل کن ۾ ڪن ڪيميائي جُزن جو پاڻ ۾ ملي وڃڻ. توهان کي ڪو ملڪ وڻي وڃي ۽ ان چاهت جو اوهان وٽ ڪو سبب نه هجي. شايد اهڙين جاين، ماڳن ۽ مڪانن کي پنهنجي هڪ آتما ٿيندي آهي، جيڪا توهان جي روح کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي.
ها، دبئي اهڙو ئي شهرآهي جنهن کي پنهنجي آتما آهي، روح آهي، جسم آهي، جان آهي، حُسن آهي، جمال آهي.
انهن ڏينهن ۾ دبئي ۾ رَسڻ جو سڀ کان سولو ذريعو سمنڊ هوندو هو. زندگي جو اهو پهريون سفر مون پنجن ڏينهن ۾ طئي ڪيو. اسان جو جهاز سمنڊ ۾ پنج ڪلوميٽر پري لنگر انداز ٿيو، ڇو ته ڪريڪ (ڇاڙ) جو منهن سوڙهو هو ۽ اهو اندر اچي نٿي سگهيو.
وير چڙهيل هئي. تيز سامونڊي هوا پاڻيءَ ۾ هلچل مچائي رهي هئي. ڪناري کان هڪ عملدار اسان جا پاسپورٽ جمع ڪرڻ لاءِ جهاز تي مٿي چڙهي آيو. جن کي اُتي لهڻو هو انهن کي ٻڌايو ويو ته کين ڏاڪڻ وسيلي هيٺ بيٺل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪناري تائين وڃڻو پوندو.
اهڙيءَ تيز هوا ۾ جيئن ئي ٻيڙيءَ کي جهاز جي ويجهو آندو ويو ته اها سڄي پئي لڏي ۽ لمي. اسان کي ڏاڪڻ رستي ان ڦٿڪندڙ ٻيڙيءَ ۾ لهڻو هو. سچ پڇو ته اهڙا پهلوانيءَ جاڪرتب ڏيکارڻ کان منهنجو ساهه پئي نڪتو. ڊپ پئي ٿيم ته جي ڪا معمولي غلطي ڪري ويٺس يا پير ترڪي ويم ته ڌو وڃي سمنڊ ۾ ڪرندس. سڀ کان وڌيڪ خوف مون کي پنهنجي سگهاري قدبت کان پئي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو وزن 125 ڪلوگرام هوندو هو، جيڪو هاڻي40 ڪلوگرام گهٽجي ويو آهي. مٿان وري سون تي سهاڳو اهو ته سٺو تارو به ڪونه هوس. اهي سڀ خيال ايندي ئي بدن کي ڪنبڻي وٺي ٿي وئي.
ڪريڪ انهن ڏينهن ۾ نه ايتري آباد هئي ۽ نه سڌريل، جيتري هاڻي آهي. وڏا سفيد رنگ جا ٻگهلا پکي سمنڊ جي لهرن تي پئي جهوليا. رکي رکي ڪوڪون ڪندا، پر ڦهلائي وٺي ٿي اڏاميا ۽ ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾ لامارا ڏئي پنهنجي شڪار ڏانهن ٿي جهپٽيا. مختلف سائيز جون دنگيون ۽ ڊونڊيون، هوڙا ۽ بتيلا، ڪي سفيد ڪي رنگين، ڇاڙ جي نيري سائي پاڻيءَ ۾ پوپٽن جيان پئي چلڪيا، چمڪيا ۽ ٽلڪيا. ڪن کي وري ناکئن ڪنڌيءَ جي چڪ تي ڇڪي، ٻاهرڪڍي بيهاري ڇڏيو هو.
۽ نانگن جيان وروڪڙ کائيندڙ ڪريڪ جي ٻنهي پاسي اڏيل هئي دبئي. گلف جي وينس. شهرتي جيڪا پهرين نظر پئي، ان جو عڪس منهنجي ذهن تي هميشه لاءِ اُڪرجي ويو. پري کان ڪنارو ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنهن ڪاريگر چترڪارجي ٺاهيل امر تصوير هجي. مون کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به محسوس نه ٿيو ته مان ڪنهن صحرائي ديس ۾ آهيان. خاص ڪري ان گهڙيءَ، جڏهن ٿڌڙي هوا پئي لڳي ۽ موسم وڻندڙ پئي لڳي.
ابرا (ٻيڙيون) سڄي ڪريڪ ۾ دوردور تائين ڦهليا پيا هئا، جن جا ملاح کين عجيب مڌرتا سان هوريان هوريان هاڪاري رهيا هئا ۽ مسافرن لاءِ واجهائي رهيا هئا ته اجهي ٿا ڪنهن سوق (مارڪيٽ) مان نڪرن، اڪثر سوق (بازاريون/مارڪيٽون) سڌين ڇتين ۽ منگهن وارن گهرن جي پويان ٺهيل هئا. ان زماني ۾ ٻيڙين ۾ اڃا موٽرن لڳائڻ جو رواج ڪونه پيو هو.
جڏهن لهر ٿي اُٿي، تڏهن ڪناري تي جڙيل بلڊنگون، رهائشي عمارتون ۽ ڪچن گهرن جون قطارون ائين ٿي لڳيون ڄڻ پاڻيءَ ۾ پير پسائي رهيون هجن. عمارتون ڪي ايڏيون اوچيون به ڪونه هيون، پر ان جڳهه ۾ ڪا اهڙي ڪشش هئي جو ڏسندڙ کي کن ۾ هرکائي ٿي وڌائون. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي خوشيءَ جي ته ڪا انتها ڪانه هئي. مان ان زمين تي پهريون ڀيرو پير رکي رهيو هوس، جيڪا اڳتي هلي منهنجو ٻيو گهر بڻجڻ واري هئي. اهڙو گهر، جنهن منهنجي زندگي ۽ قسمت کي نئين سر جوڙيو. نئين راهه ڏني، جنهن مون کي اهڙا موقعا مُهيا ڪري ڏنا، جن جي وسيلي مون پنهنجي لاءِ ڪامياب واپار جو بنياد وڌو.
اسان ان پتڻ تي لٿاسين، جنهن کي اڄڪلهه ديوان اميريءَ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. تن ڏينهن ۾ اتي ڪسٽم وارن جون آفيسون هونديون هيون ۽ دبئي جو اڳوڻو حاڪم هزهائينس شيخ راشد بن سعيد المڪتوم مجلس لڳائيندو هو. اسان جو سامان دنگين وسيلي ساڳئي پتڻ تي آندو ويو، جنهن آفيسر اسان جا پاسپورٽ جمع ڪيا هئا، سو اڳ ئي ڪسٽم هائوس ۾ پهچي چڪو هو. پاسپورٽ تي ٺپا به پاڻ هڻندو هو.
تن ڏينهن ۾ دبئي تمام ننڍڙي جڳهه هئي. ٻاهريان ماڻهو گهٽ ايندا هئا، ان ڪري ڪاغذي ڪارروائي به نالي ماتر ٿيندي هئي ۽ مسافرن کي جلدي اُڪلايو ويندو هو. ماحول ۾ هاڻي جهڙي ڇڪتاڻ ۽ ڇتڪتائي ڪانه هئي ۽ غير رسمي وايومنڊل ۾ ڪم ڪار ڏاڍي فرحت سان ٿيندو هو. ٺپن لڳائڻ ۾ به دير ڪونه ڪندا هئا. انتظار جو ته نالو ئي ڪونه هو. ان ڪري اسان کي سُتت ئي سامان سوڌو گهر وڃڻ جي اجازت ملي وئي، ۽ چيائون ته پاسپورٽ تي ٺپو تمام ضروري هو، ڇو ته ان وسيلي ملڪ ۾ اسان جي موجودگي جي ثابتي ملندي هئي. باقي ٻيا ڪي فارم وغيره ڀرڻا ڪونه پوندا هئا ۽ نه وري ڪي ڪاغذ پٽ ڏيڻا پوندا هئا. ها، البت ٺپو مسافرن جي پنهنجي سهوليت لاءِ تمام ضروري سمجهيو ويندو هو. ڪسٽم وارا سامان پڻ چيڪ ڪونه ڪندا هئا. ڳورو سامان کڻڻ لاءِ حمال هوندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري بلوچ هئا. اهي حمال سامان ڍوئي گهرن تائين پهچائي ايندا هئا.
جلد ئي مون کي انهن سخت جسم وارن مزورن جي اهميت جو اندازو ٿي ويو. هو ڳورا بار پنهنجي مٿي يا پٺاڙن تي کڻي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تائين پهچائيندا هئا. ائين کڻي چئو ته هو ساهه واريون ڪرينون يا فورڪ لفٽر هئا، جن جي ڪري بازارن ۾ سامان جي اچ وڃ جاري رهندي هئي. مون کي اڃا تائين دروڳي نالي هڪ کلمک حمال جو چهرو ياد آهي جو پنهنجي هنر ۽ چرچائي طبيعت سبب دوڪاندارن ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويندو هو. اصل نالو ته الائي ڇا هوس، پر سڀئي سڏيندا هئس دروڳي. دروغ بلوچ زبان ۾ ڪوڙ کي چئبو آهي ۽ دروغي ٿيو ڪوڙو. مذاق ۾ نالو پئجي ويس ڪوڙو. هر ڪو پيار ۾ چويس، اڙي ڪوڙا، دروڳي، خوش ته آهين نه؟ اڙي دورڳي، هو سامان ته منهنجي هٽ تي پهچائي اچ. هو خوشيءَ خوشيءَ، کلندي ڪڏندي، اهو ڪم ڪري ايندو هو.
بلوچي ٽوپي ۽ گوڏ پائيندو هو. صبح جو سوير جيئن ئي مارڪيٽ کلي، دروڳي اڳ ۾ ئي موجود. جيتوڻيڪ سندس ساٿي حمال توڙي ٻيا مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا، تنهن هوندي به هو مٿن ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو، بلڪ مرڪي پنهنجي ڪم کي جُنبي ويندو هو. هن جي ان محنتي طبيعت سبب هو واپارين ۾ ڏاڍو مقبول هو. اڳتي هلي اهو کلڻو رلڻو ملڻو ماڻهو حمالن جو ليڊر بڻيو. ڪنهن جي محنت اجائي نه ويندي آهي.
ولفريڊ ٽيسيگر Wilfred Thesiger، صحرا جي مها ڄاڻو، ليکڪ ۽ کوجيءَ، پنهنجي 1945، 1950ع دوران ڪيل عربستان جي سفرن بابت لکندي، دبئي جي دلڪشيءَ، مارڪيٽ ۽ ڇاڙ جو ذڪر تمام سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي. هن اگهاڙن ٻارن کي جهڳين ٻاهران رلندو ڏٺو، دنگين کي يا مقامي ٻوليءَ ۾ ‘ابرن’ کي مسافرن جي ڳولا ۾ سرگردان ڏٺو، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اوچن پراون گهرن جي وچان لنگهندڙ سوڙهين گهٽين مان نڪري ٻاهر ايندا هئا. اهڙن گهرن جي مٿان چوڪنڊا بادگير چڙهيل هوندا هئا. گهرن جي پويان ڍَڪَ بازارون هونديون هيون. دوڪاندار پنهنجي وکر جي سامهون دِڪيءَ تي پلٿي ماري ويهندا هئا. اهڙي قسم جي رنگارنگي تهذيب ٽيسيگر کي موهي وڌو هو. کيس دبئي جا ماڻهو ڏاڍا نهٺا ۽ نياز وارا لڳا هئا، جن ۾ عرب شهري، هٿياربند بدو، بلوچ، پري کان پڌرا، اوني ٽوپين وارا ايراني، هندستاني، ڪاشگري، قبيلائي ۽ سومالي شامل هئا. اهي ماڻهو وقت جو قدر ڪندا هئا ۽ گفتگو پڻ مختصر ڪندا هئا. کين مزي سان ڀرپور زندگي گذاريندي ڏٺو ويو.
رات ٿيندي ئي مارڪيٽ بند ٿي ويندا هئا. اها اڪيلي گهٽي سنسان ٿي ويندي هئي ۽ جڳهه جڳهه تي گاسليٽ جا فانوس روشن ٿي ويندا هئا. لهرن جي لولي ماحول کي ننڊاکڙو ڪري ڇڏيندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ ڏوهه جو نالو ته ڄڻ ڪنهن ٻڌو ئي ڪونه هو. صرف هڪ پاڪستاني پوليس وارو، گُل سعيد نالي، ڊيوٽي تي رهندو هو. سعيد جا وار ۽ ڏاڙهي مينديءَ رتي هوندي هئي ۽ رات جو پنهنجي لٺ کٽڪائيندو چوڪيداري ڪندو هو ته جيئن ماڻهن کي خبر هجي ته هو ڊيوٽيءَ تي موجود آهي.
مڃان ٿو ته جڏهن مان دبئي پهتس، تڏهن ذهني طور ڪافي پريشان ۽ مُنجهيل هوس، ڇو ته دنيا جي هن حصي ۾ اهو منهنجو پهريون سفر هو. هتي نه ڪو ساٿي نه سنگتي ۽ نه ئي وري ڪو قريبي رشتيدار هو. پر هتان جو دوستاڻو ماحول منهنجي لاءِ وڏي ڏڍ جو باعث بڻيو. آٰءِ.ٽي.ايل. ڪمپني، جنهن مون کي نوڪري ڏني هئي، تنهن پنهنجي هڪ عيوضي چيلارام ساجناڻيءَ کي مون سان ملڻ لاءِ ڪسٽم آفيس تي ڏياري موڪليو هو. پنهنجي هم زبان ۽ هم وطن کي ڏسي منهنجا ته سڀ دک دور ٿي ويا. سامان کنيوسين. سامان ڇا هو، بس ٻن ٽن ٻين شين کان سواءِ هڪ جوڙو ڌاريدار پاجامن جو ۽ امڙ جي هٿ جي ٺاهيل مٺائي، جيڪا هن خاص منهنجي لاءِ ٺاهي هئي.
آفيس پري ڪانه هئي، ان ڪري چيلارام ۽ مان پنڌ روانا ٿياسين. هاڻوڪي ابرا اسٽيشن (ٻيڙين جو پتڻ) جي ڀرسان، بَر دبئي ڪناري تي آءِ.ٽي.ايل. ڪمپنيءَ جي آفيس هئي. بر دبئي ۾ فقط هڪ گهٽي هئي، جنهن ۾ عرب، ايراني، هندستاني ۽ پاڪستاني رهندا هئا. سامان يا ته هٿ گاڏن تي ڍوئبو هو يا وري سگهارا بلوچ پنهنجي پٺيءَ تي ئي کڻندا هئا. گڏهه گاڏا پاڻيءَ جا ٽين کڻي پيا گهٽيءَ ۾ هلندا هئا. سندن ٽلين جا سريلا آواز ۽ مالڪن جون هڪلون، هٿ گاڏن جي کڙکڙ ۽ مزورن کي تڪڙو هلڻ جا تاڪيد، اهي سڀ آواز گڏجي هڪ عجيب ماحول پيدا ڪندا هئا.
اهو سڀ ڪجهه هو، پر اجائي گپا گيهه ڪانه ڪئي. گهٽي ڇا هئي، ڄڻ ته هڪ ڊگهي بازار هئي، جنهن ۾ هر شيءِ پيئي هوريان هوريان چرندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ الف ليليٰ جو ڪو خيالي ڏيکاءُ آهي، جو اصل جو روپ ڌاري زمين تي لهي آيو آهي.
اسان جي رهائش اڃا ٿورو پرڀرو هئي، ان ڪري پهرين آفيس ۾ اچي لٿاسين. رستي ۾ ڏٺم ته ماڻهن چيلارام کي بيهاري سلام دعا پئي ڪئي ۽ منهنجي باري ۾ پئي پڇيائون. لڳي پيو ته شهر جا ماڻهو هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻن پيا. منجهن ڏاڍي نياز، نئڙت ۽ پنهنجائپ هئي ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ آتا پئي ڏٺا. اها هئي منهنجي پهرين راءِ هن شهر جي باري ۾.
شام تائين شهر جي هر ماڻهوءَ، خاص طور هندستانين کي منهنجي اچڻ جي ڄاڻ پئجي وئي. ننڍڙو شهر هو. خبر کي ڦهلجڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. ڀلا شهر ۾ ڪو اجنبي اچي ۽ ماڻهن کي ڪل ئي نه پوي؟ کوڙو ئي نٿي لڳو.
سڄا سارا پنج ڏهاڙا جهاز ۾ واڙيل رهڻ کانپوءِ ٿڪ ۽ سستيءَ کان منهنجو بُرو حال هو، ان ڪري سوچيم ته هتي آفيس ۾ ئي کڻي ٿورو آرام ڪري وٺان، گهر پوءِ ويندس. مٿو پئي ڦريم ۽ جيئن اڪثر ڪنهن نئين ملڪ ۾ وڃڻ وقت ٿيندو آهي، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيم. ويچاري چيلارام کي لک شابس هجي، چيائين ته هل ته ٻاهران ڪجهه کائي اچون. بک به لهندءِ ۽ طبيعت به وندري ويندءِ. دراصل چيلارام کي سڳنو مل عدناڻيءَ، جيڪو ماڊرن ٽريڊنگ ڪارپوريشن نالي ڪپڙي جي واپاري جو مئنيجر هو ۽ جنهن ڪمپنيءَ جو مالڪ ڪشنچند عدناڻي هو، تنهن اڳ ئي ڊنر جي دعوت ڏئي ڇڏي هئي. ان ڪري چيلارام مون تي زور ڀريو ته مان به ضرور هلان ۽ هلي پنهنجي ڪمپنيءَ جي ماڻهن ساڻ ملان. سڳنو مل دبئيءَ جو پڪو پختو مڃيل واپاري ليکيو ويندو هو.
ڊنر کان اڳ خوب شراب واپرايو ويو. مهمانن جاني واڪر، ريڊ ليبل جا کنڌا کڻي ڇڏيا. ڪيترا ته هوش مان ئي نڪري ويا. مون پيتو ڪونه، ٻين کي پيئندي ويٺي ڏٺم. جيڪي ڏيک اڳ فلمن ۾ ڏٺا هئم، يا ڪتابن ۾ پڙهيا هئم، سي هاڻي سچا پچا، جيئرا جاڳندا، اکين سان پي ڏٺم.
ڊنر ڪا خاص ڪانه هئي. ڇڙن ڇانڊن جي گذاري جهڙو کاڌو هو. گوشت جي ٻوڙ جو ڪُنو هو ۽ عام رواجي روٽيون، جن کي خبوس پئي چيائون. نه چمچا، نه پليٽون. ديگچيءَ جي چوڌاري گول ٺاهي بيهي رهياسين. روٽي ڀڃندا، ڪُني مان ٻوڙيندا، کائيندا پئي وياسين. ائين گڏجي آڱرين سان کائڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو. منهنجي لاءِ سچ پڇو ته اهو منظر ڏاڍو عجيب هو، ڇو ته ان کان اڳ مون ڪڏهن به ائين نه کاڌو هو. ٻڌايائون ته اهڙيءَ طرح گڏجي کائڻ هتان جي ماڻهن جي روايت آهي. ائين ڪرڻ سان محبت، دوستي ۽ ڀائيچارو وڌندو آهي. ههڙي ماحول ۾، ڏکين حالتن ۾ ۽ پرديس ۾ جتي لڳاتار موسم جي سختين سان جنگ جوٽڻي پوي، اتي هن طرح گڏجي رهڻ، کائڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ سان دل کي وڏو دلاسو پئي مليو. مون کي اها رات اڄ به ياد آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي تي ڀروسي، پيار ۽ برابريءَ جو عجيب نظارو ڏٺو هيم. پنهنجن پيارن ۽ گهروارن کان سوين ڪوهه پري، هن دوردراز ڏيهه ۾، هنن يارن مون کي اڪيلو ۽ ڌاريون محسوس ٿيڻ ئي ڪونه ڏنو.
مون کي اهڙي ئي سهاري جي ضرورت هئي. ان ماحول لاءِ ته مون واجهايو پئي، ڇو ته مان اڃا ارڙهن سالن جو ڳڀرو جوان هوس. پر گڏو گڏ نين ڏورانهين جي ڪري مون کي وڏن جيان ورتاءُ ڪرڻ جي به ضرورت هئي. منهنجي سر تي پنهنجي ڪٽنب جو وڏو بار هو ۽ ان فرض کي نباهڻ لاءِ پنهنجو ديس ڇڏي هيترو دور هليو آيو هوس.
دبئيءَ جي بلڊنگن جي هيٺئن حصي ۾ گهڻو ڪري دوڪان هئا ۽ مٿي وارو حصو رهائش لاءِ ڪم ايندو هو. دوڪان اڪثر چورس شڪل جا هئا. واپاري پلٿي ماري ويهندا هئا ۽ وکر سندن چوڌاري هڪ ٻئي مٿان سٿيل هوندو هو. ڪي ڀاٽيا وري خالي کوکن کي ٽيبل يا بينچ طور به استعمال ڪندا هئا. وڏو کوکو ٽيبل ۽ ننڍو کوکو اسٽول جو ڪم ڏيندو هو. بس، رڳو گاديلي رکڻ جي دير هوندي هئي، کوکي مان ڏاڍو آرام وارو ڪوچ ٺهي پوندو هو. جيڪڏهن کوکي جو مٿيون تختو ڪڍي ڇڏجي ته ڪٻٽ جو ڪم ڏيندو هو، جنهن ۾ وهي کاتا ۽ ٻيو سامان به رکي سگهبو هو. اڪثر دوڪانن مان گاسليٽ تي ٻرندڙ بتين، پسار ۽ وکر سان گڏ مصالحن جي ڪِسِمري ۽ پگهر جي تيز بوءِ پئي ايندي هئي.
مون کي بازار جي ڀر ۾ هڪ بلڊنگ جو مٿئين حصي ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو ڏنو ويو، جنهن ۾ فرنيچر بس نالي ماتر هو. سنان جاءِ ڪمري سان گڏ ڪونه هئي، ٻاهر سڀني جي لاءِ هڪ گڏيل باٿروم ٺهيل هو، جنهن تي روز لائين لڳندي هئي. اٽئچڊ باٿ روم سهولت نه، عياشي سمجهيو ويندو هو، جيڪا اسان جهڙن ننڍن ماڻهن جي نصيب ۾ ڪانه هئي.
پاڻيءَ جي روزاني ڪوٽا بدوئن کان يا ٻين ٺيڪيدارن وٽان ملندي هئي. اهو پاڻي جميره جي کوهن مان ڪڍي، گاسليٽ جي وڏن ڪنسترن ۾ وجهي، گڏهن جي پٺيءَ تي يا گاڏن تي کڻي گهر پهچائي ويندا هئا. گڏهه وڌ ۾ وڌ ٻه دٻا کڻي سگهندو هو. جڏهن ته گاڏڙن ۾ ان کان گهڻو وڌيڪ سمائجي سگهندو هو. صفائيءَ جو پاڻي اسان پنهنجن ڪمرن جي ڀرسان رکيل ٽانڪين ۾ جمع ڪري ڇڏيندا هئاسين ۽ پوءِ هئنڊپمپ ذريعي اهو پاڻي ڇت تي رکيل وڏي ٽانڪي تي چاڙهي ڇڏيندا هئاسين. ان زماني ۾ ڪو اهڙو طريقو ڪونه هوندو هو جنهن وسيلي خبر پئي ته مٿينءَ ٽانڪي ۾ باقي ڪيترو پاڻي بچيل آهي، ان ڪري اڪثر سنان ڪندي پاڻي کٽي ويندو هو ۽ ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي.
کوهن جو پاڻي سُڪي ويو ته بدو، پاسي وارن ٻيٽن تي وڃي پاڻي وڏن پيپن ۾ ڀريندا هئا ۽ ٻيڙين رستي شهر ۾ پهچائيندا هئا. گهڻو ڪري چئن يا پنجن ڪنسترن مان هڪ وچولي ڪٽنب جو ڪم هلي ويندو هو. دبئي جي آبادي 1950ع جي آخري ڏهاڪي ۾ اٽڪل ٽيهه هزار هئي ۽ کين هر روز ٻارهن هزار ٽن پاڻيءَ جي ضرورت پوندي هئي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب اسان لاءِ هڪ هڪ ڦڙو قيمتي هوندو هو ۽ ان جي بچت به اهڙي ئي ڪفايت سان ڪندا هئاسين.
بدو پاڻي ڪهڙي نموني هٿ ڪند اهئا، ان جا قصا هو اڪثر اسان کي ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندا هئا. جڏهن مينهوڳي جي موسم ايندي هئي، تڏهن هو سڙهه جي وچ ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا. بارش پوندي هئي ته پاڻي اوهيرا ڪري سڙهه تان ترڪندو سوراخ مان هيٺ وهڻ لڳندو هو. بدو ان پاڻيءَ کي جمع ڪندا ويندا هئا. ڪن خاص مهينن ۾ قبائلي ماڻهو صحرا ۾ پنهنجا لٽا ڪپڙا يا ڪپڙن جون ليڙون وڻن ۽ ٻوٽن تي رات جو کولي وڇائي ڇڏيندا هئا. صبح جو اهي لٽا ماڪَ ۾ ڀڄي ويندا هئا ته کين نپوڙي منجهانئن پاڻي ڪڍي ڪنهن ٿانوَ ۾ سانڍي رکندا هئا.
بدو صفائيءَ جي پاڻي لاءِ هڪ دٻي جا چار آنا وٺندا هئا. ان زماني ۾ هڪ روپئي ۾ سورنهن آنا ٿيندا هئا. ظاهر آهي ته اهو پاڻي کارو هوندو هو. پيئڻ جي پاڻيءَ جا اٺ آنا وٺندا هئا. حالانڪ اهو به لوڻياٺو هوندو هو، پر وري به پيئڻ لائق هوندو هو. اها جدا ڳالهه آهي ته ان پاڻيءَ ۾ به مئل مکيون، تڏا ۽ گپ مليل هوندي هئي، ان ڪري اسين ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان پهرين ته ان پاڻيءَ کي خوب اوٻاريندا هئاسين ۽ پوءِ چڱي طرح ڇاڻي پيئڻ لائق بڻائيندا هئاسين. بجلي به ڪانه هوندي هئي. برٽش بئنڪ آف دي مڊل ايسٽ ۽ ٻين يورپي ڪمپنين کي البت پنهنجا جنريٽر هوندا هئا. اڳتي هلي ڪجهه ڪمپنين گڏجي بجلي سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. آءِ.ٽي.ايل. جنهن جو مان ملازم هوس، اها پڻ انهن ڀائيوارن مان هڪ هئي. ساڻس گڏ ٻيا ڀاڳيدار هئا: عريبين ٽريڊنگ ايجنسي، شورفا اسٽورس، محمد صالح ڪمالپور ۽ ڀڳواني واڀي. هڪ پراڻو جنريٽر گري ميڪنزي وارن کان خريد ڪيو ويو ۽ بجلي جي سپلاءِ شروع ٿي، پر اها صرف ڀائيوارن پاڻ تائين محدود رکي. ان کان پوءِ اها حد وڌائي هڪ سئو دوڪانن ۽ رهائشي ڪواٽرن تائين ڪئي وئي. ناصر عبداللطيف نالي هڪ مقامي واپاريءَ وري ديرا پاسي بجلي سپلاءِ ڪرڻ شروع ڪئي.
اسان لاءِ بجليءَ جا وقت مقرر هئا، صبح جو اٺين وڳي کان هڪ وڳي تائين ۽ شام جو چئين وڳي کان اڌ رات تائين. جنريٽر ويچارو اڳ ئي پراڻو هو، مٿان پوندو هوس بار، سو گهڻو ڪري ڊٺو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ان جا پرزا لنڊن مان گهرائبا هئا. لنڊن ۽ دبئي جي وچ ۾ هوائي جهازن جي اچ وڃ شروع ڪانه ٿي هئي، ان ڪري گهمي ڦري پهچڻ ۾ جيڪڏهن هفتا نه ته به ڏينهن ضرور لڳي ويندا هئا. منهنجي ڪمري ۾ هڪ پنکو ۽ هڪ ٽيوب لائيٽ لڳل هوندي هئي. ايتري گهڻي بجلي هوندي ئي ڪانه هئي جو ايئرڪنڊيشنر هلائي سگهجن. مارڪيٽ ۾ گاسليٽ تي هلڻ وارا فرج ملندا هئا. بجليءَ کي ته وڏي عياشي سمجهيو ويندو هو، جيڪا ڪي تمام ٿورا ماڻهو ماڻي سگهندا هئا. گهڻي ڀاڱي ماڻهو گاسليٽ ۽ ميڻ بتين تي گذارو ڪندا هئا. اونهاري ۾ جڏهن گرمي جوڀن تي هوندي هئي ۽ پارو پنجاهه سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو هو، تڏهن ماڻهن جي حالت ڏسڻ جوڳي هوندي هئي. رڳو تصور ئي کڻي ڪريو ته اسين ڪيئن سخت گرم ۽ گهميل گرمي ۾ بنا پنکي جي رهندا هونداسين. بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي ته ماڻهو اهي سخت گرم مهينا ڪيئن گذاريندا هوندا. رات ٿيندي ئي گهڻا ماڻهو يا ته پاڻيءَ جي ڪناري تي يا وري ڇت تي وڃي پناهه وٺندا هئا.
اسان کي منجهند جا ٽي ڪلاڪ ساهيءَ جا ملندا هئا. پر اهي ٽي ڪلاڪ رحمت بجاءِ زحمت ثابت ٿيندا هئا، ڇو ته ان وقت بجلي بند رهندي هئي. لنچ جو ٽائيم گذارڻ مشڪل ٿي پوندو هو. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. سو اسان مان ڪجهه ساٿين ان جو به حل ڳولي لڌو. انهن سڄڻن اهو وقت سنتو ۽ چمپا ڪرپلاڻيءَ جي گهر پناهه وٺڻ جو بندوبست ڪري ورتو. سنتو حيدرآباد سنڌ جو عامل هو ۽ برٽش بئنڪ ۾ وڏي عهدي تي نوڪري ڪندو هو. ان بئنڪ مان پوءِ ايڇ.ايس. بي.سي. ٺهي. جيئن ته دبئي ۾ اها هڪڙي ئي بئنڪ هئي، ان ڪري بئنڪ کي توڙي اُن ۾ ڪم ڪندڙن کي نه صرف عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، پر منجهس ڪم ڪندڙ عملي کي ڪافي سهولتون پڻ مليل هيون. ڪرپلاڻي ان بئنڪ ۾ سينيئر عملدار هو، ان ڪري کيس ايئر ڪنڊيشنڊ رهائش مليل هئي. سندس بجلي سڌي سنئين بئنڪ جي جنريٽر مان ايندي هئي. لنچ جي ٽائيم ۾ اسين ڪجهه ساٿي سندس گهر وڃي ٿڌيءَ هوا ۾ ٿورو آرام ڪري وٺندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لنچ جا ٽفن به سڀ ساڻ کڻي ويندا هئاسين ۽ تيستائين ويٺا مزا ماڻيندا هئاسين. جيستائين وڃي ٻيهر ڪم جو ٽائيم ٿئي.
مون لاءِ دبئي اچڻ هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات برابر هئي. ان ڳالهه کي چاليهن سالن کان مٿي وقت گذري چڪو آهي. تاريخ ياد اٿم، 18 نومبر 1959ع، ان ڪري اچو ته ڳالهه جي شروعات به اتان ڪريون.
مون کي دبئيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ خالي جڳهه جي ڄاڻ بمبئي مان ڇپجندڙ هڪ سنڌي اخبار وسيلي پئي. بمبئي کي هاڻي ممبئي سڏيندا آهن. مون کي دبئي جي باري ۾ ڪابه معلومات بنهه ڪانه هئي. شهر ڪيئن هوندو، حالتون ڪهڙيون هونديون، ماڻهو ڪهڙي قسم جا هوندا، ترقيءَ جا وجهه ڪيترا هوندا، اهڙي ڪابه ڄاڻ ڪانه هيم. جڏهن نوڪري جي اشتهار جي جواب ۾ درخواست پئي موڪليم، تڏهن جي ڪوئي چويم ها ته نقشي تي دبئي ڏيکار ته ٻڌائي نه سگهان ها. انهن ڏينهن ۾ دبئي ايتري مشهور ڪانه هئي. نوڪريءَ سانگي به هت ڪي گهڻا ماڻهو ڪونه ايندا هئا. ايل ڊوراڊو جيان ڏوڪڙن ڪمائڻ جهڙو شهر اڃا پوءِ ٿيو. پر مون لاءِ اهو اشتهار قدرت واري جي طرفان ڄڻ سوکڙي ٿي آيو. مون هميشه ملڪ کان ٻاهر ڪشنچند چيلارام (جنهن بمبئي ۾ ڪي.سي. ڪاليج ٺهرايو) يا ڪي.اي.جي. چوٽرمل ائنڊ ڪمپني جهڙي ڪنهن سنڌي ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ جا خواب پئي لڌا. اها اتفاقي ڳالهه هئي ته ڪي.اي.جي. چوٽرمل ائنڊ ڪمپني آئي. ٽي.ايل.جي بزنيس پارٽنر هئي. آئي.ٽي.ايل جي اشتهار پويان مون درخواست ڏني ۽ اڳتي هلي سندن ملازمت اختيار ڪيم.
جڏهن درخواست جو فارم پئي ڀريم تڏهن اندر جي آواز پڪ ڏنم ته اها نوڪري مونکي ضرور ملندي، ڇو ته مون ۾ گهربل سڀ لياقتون موجود هيون. تجربو به ڪافي هئم، پر ان کان به وڌيڪ اهو ته اهو ساڳيو ڪم آفيس اسسٽنٽ طور جيوتي لمٽيڊ ۾ ڪري چڪو هوس. جيوتي لمٽيڊ گجرات جي شهر بڙودا ۾ انجنيئرنگ سامان ٺاهڻ جي ڪمپني هئي. بڙودا جو هاڻي نالو آهي ودودڙا.
جيڪڏهن سنڌين جي روايت تي سوچيندئو، تڏهن به منهنجي عمر ان نوڪري لاءِ مناسب هئي. 18 سالن جي ڄمار ۾ مان بزنس جي مقابلي واري دنيا ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ بلڪل مناسب هوس. اسان سنڌ ورڪي (حيدرآباد سنڌ جا ماڻهو) جڏهن اسڪولي تعليم پوري ڪندا آهيون يا سورهن سالن جا ٿيندا آهيون ته پوءِ هڪدم ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳي ويندا آهيون. اسان لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. اسان جا ابا ڏاڏا، جن هندستان کان ٻاهر وڃي واپار وڙو شروع ڪيو، سي هميشه ان عمر ۾ پنهنجن ٻارن کي پرڏيهه موڪلي ڇڏيندا هئا. سنڌ ورڪين لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هوندي هئي، ڇو جو منجهانئن ورلي ڪو وڌيڪ پڙهڻ جو چاهه ڏيکاريندو هو. سنڌ ورڪي پنهنجن نوجوانن کي ڪچيءَ کان ئي واپاري گُرن ۾ ماهر ڪري ڇڏيندا هئا، ان ڪري هو ڌنڌي واري ماحول ۾ پلجي جوان ٿيندا هئا ۽ پنهنجن وڏن کي ڏسي اهو سڀڪجهه اڻ سڌي طرح سکي وٺندا هئا، جنهن وسيلي آخرڪار هو خود خانداني بزنس کي سنڀالڻ جي لائق ٿي ويندا هئا. منهنجو گهراڻو به ٻين کان مختلف ڪونه هو. منهنجو پيءُ، جيوترام گهنومل بخشاڻي، جنهن کي مان دادا ڪوٺيندو هوس، جڏهن گذر ڪري ويو، تڏهن منهنجي عمر ڇهه سال هئي. هن پڻ ڪيترائي سال ڪئنري آئلينڊ، موراڪو ۽ جبرالٽر ۾ ڪم ڪيو.
مون اڃان اسڪولي تعليم پوري به نه ڪئي هئي جو پنهنجن چاچن ۽ ٻين مائٽن کي هانگ ڪانگ، سينگاپور ۽ نائجيريا ۾ اطلاع ڏئي ڇڏيم ته هاڻ مان پرڏيهه وڃڻ لاءِ تيار آهيان. موٽ ۾ چيائون ته انهن ملڪن جي ويزا ملڻ ڪجهه قدر آسان آهي، ڇو ته اهي ملڪ ڪامن ويلٿ جا ميمبر آهن. پر انهن سڀني ڳالهين مان ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو، ان ڪري مون فيصلو ڪيو ته اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي، هاڻي پاڻ تي ڀاڙجي ۽ دبئي وڃي قسمت آزمائجي.
سنڌي ڪمپنيون جيڪي پرڏيهه ۾ ڪم ڪنديون آهن، سي گهڻو ڪري نوڪريءَ جا اشتهار سنڌي اخبارن ۾ ئي ڇپائينديون آهن. ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي، پر تجربي ٻڌايو آهي ته ائين ڪرڻ وڌيڪ ڪارگر آهي. ملازمن لاءِ ڇڙوهجڻ وڌيڪ چڱو هوندو هو، ڇو ته ٻارن ٻچن سان گڏ پرڏيهه ۾ تمام گهڻيون ڏکيائون هونديون هيون. ڪن ملڪن جون حالتون سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هيون. اهڙن ملڪن ۾ رهائش توڙي گهروارن جي سار سنڀال لهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو هو. گهڻن جاين تي ته ملازم پنهنجن مالڪن سان گڏ رهندا هئا، ان ڪري مالڪن کي اهڙن ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ سولو لڳندو هو، جيڪي ساڻن گڏ رهي سگهن. ساڳيءَ جاتيءَ جو هجڻ ته ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائدي وارو هو، ڇو ته مالڪ توڙي ملازم سولائي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪندا هئا. پرديس ۾ اهڙي قسم جون ننڍيون ننڍيون ڪمپنيون ٺهڻ سان اهو به فائدو ٿيندو هو ته ڏکئي وقت ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي رهندا هئا.
جنهن اشتهار جي مون ڳالهه پئي ڪئي، ان ۾ نه ته پگهار جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايل هو ۽ نه وري ڪم ڪار جي روپ ريکا متعلق ئي ڪجهه چيل هو. مون کي ڇاڪاڻ ته ڪنهن نالي واريءَ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو، ان ڪري مون انهن ڳالهين جي پرواهه ئي ڪانه ڪئي. مون ته سڀ کان هيٺئينءَ ڏاڪي تان شروعات ڪرڻ جو سوچيو هو.
منهنجو انٽرويو ڪي.اي.جي. چوٽرمل ائنڊ ڪمپني جي مئنيجر ايس.ڊي. محبوباڻي ورتو ۽ مون کي آفيس اسسٽنٽ طور 125 روپيا ماهوار پگهار تي چونڊي ورتائين.
گلف جي گهڻن ملڪن جيان دبئي پڻ ان وقت انگريز سرڪار جي سار سنڀال هيٺ هئي. ان ڪري اتان جو چالو سڪو به هندستاني روپيو هو. اهو انتظام 1960ع تائين جاري رهيو. ان ڪري ڪرنسيءَ جي مٽاسٽا سان ڪو فرق ڪونه پوندو هو، بلڪ هندستاني روپيو وڌيڪ مهانگو هجڻ سبب دبئي جي 108 روپين جي بدلي ۾ 100 هندستاني روپيا ملندا هئا.
اها پگهار جيڪا مون کي آڇي وئي هئي، سا ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪانه هئي، ڇو ته سنڌ ورڪي ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي ڏاڍا سٺا الائونس پڻ ڏينديون هيون. پگهار کان سواءِ رهڻ لاءِ گهر، کاڌو پيتو ۽ ملڪ وڃڻ لاءِ اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڀُتو به ملندو هو. انهن ڳالهين کي ڳڻجي ته منهنجي پگهار سنئين سڌي بچت هوندي هئي. مٿان وري رونگ ۾ هفتي ۾ هڪ فلم جي ٽڪيٽ، وار ڪٽائڻ ۽ ڏاڙهيءَ جو سامان، ڪپڙن جي ڌئاراڻي وغيره به ڪمپنيءَ جي کاتي ۾ هوندي هئي.
منهنجي سفر جو بندوبست سنڌ اورينٽل ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي ايس.او.ٽي.سي.چوندا آهن. انهيءَ ڪمپنيءَ جون شاخون سڄيءَ دنيا ۾ ڦهليل آهن. بمبئيءَ ۾ برٽش ڪانسليٽ (Trucial States Visa) ٽروشل اسٽيٽس ويزا جاري ڪندي هئي. يو.اي.اي. کي تن ڏينهن ٽروشل اسٽيٽس سڏيندا هئا.
سفر جون ڪارروايون تمام سنهنجيون هونديون هيون. مالڪ ڪمپني دبئيءَ ۾ پوليٽيڪل ايجنسيءَ کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ گهرندي هئي ۽ جڏهن اهو سر ٽيفڪيٽ ملي ويندو هو، تڏهن برٽش ڪانسليٽ بمبئيءَ ۾ ان ويزا کي معمولي فيءَ جي عيوض قبوليت جي مُهر هڻي ڏيندي هئي. ها، ڪن حالتن ۾ پروٽيڪٽر آف اميگريشن (پرڏيهين جي حفاظت واري کاتي) کان به اجازت وٺڻي پوندي هئي. اهو رواج اڃا تائين جاري آهي.
دبئي وڃڻ لاءِ منهنجي پاڻيءَ جي جهاز ‘دارا’ تي سيٽ بڪ ڪرائي. دبئي ۾ هوائي اڏو ڪونه هو، ان ڪري سمنڊ رستي ئي سفر ڪرڻ وڌيڪ سولو هو، ويجهي ۾ ويجهو هوائي اڏو شارجا ۾ هو، پر ڪنهن به هوائي ڪمپنيءَ جا جهاز بمبئي کان سڌا شارجا اڏامون ڪونه ڪندا هئا ۽ نه وري ڪو سندن ڏينهن مقرر هو. ائين به ناهي ته ڪو هوائي اڏامون بنهه ڪونه هيون. هونديون ضرور هيون، پر سڌو سنئون اچڻ بجاءِ ڌار ڌار ملڪن مان ڦرنديون، ڊگها رستا وٺنديون پوءِ اينديون هيون. ڪالنگا نالي پرائيويٽ هندستاني هوائي ڪمپنيءَ جو ئي کڻي مثال وٺو، جيڪا بمبئي کان هوائي اڏامن لاءِ ڪرائي تي پوري جا پورا جهاز وڏين وڏين ڪمپنين کي چارٽر ڪري ڏيندي هئي. ان هوائي ڪمپنيءَ کي جڏهن به ڪجهه سيٽون بچنديون هيون ته اهي ڪراچي يا شارجا جي مسافرن کي آڇيندي هئي.
پر اهڙن انتظامن تي ڀاڙڻ اجايو هو. سيٽون صرف ان صورت ۾ ملنديون هيون جڏهن پڪين ٻڌل ڪمپنين جي ماڻهن کڻڻ کان پوءِ ڪا جاءِ بچندي هئي. ان کان سواءِ ٽيڪنيڪل سببن ڪري ڪراچيءَ ۾ ترسڻ جو وقت وڌي به سگهيو ٿي ۽ هي ڪمپنيون باقاعدي ڪنهن پروگرام هيٺ ڪونه هلنديون هيون، ان ڪري مسافر سندن رحم ڪرم تي هوندا هئا. ٻه ڏينهن لڳندا يا چار ڏينهن، ان جي نه خبر هوندي ڪمپني کي ۽ نه مسافرن کي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ميٽنگ وغيره ۾ وڃڻو هوندو هو ته اهو ويچارو وڃڻ توڙي موٽڻ جي رٿابندي اڳواٽ ڪري ئي ڪونه سگهندو هو.
ٻيو رستو اهو هو ته بي.او.اي.سي (برٽش ڪمپني) ۾ سفر ڪجي. هيءَ ايئرلائين بمبئي کان لنڊن ڏانهن جهاز اڏائيندي هئي، پر وري رستي ۾ بحرين تي به ترسندي هئي. مسئلو هي هو ته بحرين مان ڪا سهوليت واري فلائيٽ ملڻ مشڪل هوندي هئي. مسافرن کي ڪويت کان شارجا ويندڙ گلف ايوئيشن جي جهاز جو انتظار ڪرڻو پوندو هو، ۽ پوءِ اهو جهاز شارجا پهچڻ کان اڳ بحرين ۽ دوها جا درشن به ڪرائيندو ويندو هو.
جيئن ته هيءَ ايئرلائين هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن پنهنجا جهاز اڏائيندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو مسافر بحرين ۾ بدقسمتيءَ سان ڪنهن غلط ڏينهن تي لهي پوي ته سمجهو ته سندس ڄڙهه ئي نڪري وئي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن ته ڪتي ٻلي کان سُڪ ٿي ويو، جيسين ڪا فلائيٽ اچي جان ڇڏائين.
جيڪي بختاور ڌڪا ڌوما جهلي آخرڪار اچي شارجا پهتا، انهن جي لاءِ وري شارجا کان دبئي پهچڻ هڪ جدا مسئلو هو. منڍو ڀڄي کاهيءَ کان، سائي کاهي اڳيان. انهن ٻنهي شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪونه هو. وارياسو رڻ جهاڳڻ لاءِ صرف لئنڊ روور ٽئڪسيون هلنديون هيون. ڪريڪ مٿان ڪا پل نه هئڻ ڪري بر دبئي پڄڻ لاءِ وري به ٻيڙين جو سهارو وٺڻو پوندو هو.
هوائي جهازن جا اهي آزار ڏسي ماڻهو ڪنن کي هٿ ڏيندا هئا ۽ پاڻيءَ جي سفر کي وڌيڪ سولو سمجهندا هئا. پاڻيءَ جي سفر ۾ ڏينهن ٻه وڌيڪ ضرور لڳندا هئا، پر تڪليف گهٽ ٿيندي هئي. دي برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني (The British India Steam Navigation Company) 1904ع کان وٺي باقاعدي دبئي لاءِ پنهنجي سروس چالو رکندي آئي هئي. ڪمپنيءَ جي دورانديشي ته ڏسو، کين اڳواٽ ئي ڄاڻ هئي ته امارتن جو واپار ايندڙ وقت ۾ ضرور وڌندو ۽ جي سندن پير کتل هوندا ته پوءِ سندن چاندي ئي چاندي آهي.
بصري ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج بحري جهاز هلندا هئا، جيڪي رستي ۾ ڪراچي، گوادر (ان وقت آزاد علائقو ۽ هاڻي پاڪستان جو حصو)، مسقط، دبئي، دوها، بحرين ۽ ڪويت ۾ بيهندا هئا. پنجن ئي جهازن جي نالي جي پويان الف جو اکر هوندو هو: دارا، دوارڪا، دريسا، دمرا ۽ سرڌانا.
سر ڌانا دبئي جي مسافرن ۾ ايترو ته مقبول ٿيو جو بر دبئي جي هڪ بلڊنگ جو نالو ئي سرڌانا رکيو ويو. اها بلڊنگ اڄ ٽيڪسٽائل مارڪيٽ ۾ موجود آهي ۽ ساڳئي ئي نالي سان سڏي ويندي آهي.
مون دارا نالي جهاز ۾ ٽوئرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ورتي. ٽوئرسٽ ڪلاس ۾ ٻن پئسينجرن کي هڪ ڪئبن مليل هوندي هئي. ٽڪيٽ جي قيمت هئي 300 روپيا، جڏهن ته ڊيڪ جي ٽڪيٽ وڌيڪ سستي هئي، يعني 100 روپيا. گهڻي ڀاڱي مسافر جيڪي يا ته واپاري هئا يا نوڪري ڪرڻ جي ڳولا ۾ نڪتل بي روزگار يا موڪلن تان موٽندڙ عرب يا وري بمبئي مان علاج ڪرائي موٽندڙ مريض، سي سڀ ڊيڪ تي سوار هئا. جهاز هروڀرو تمام گهڻي عياشيءَ وارو ته ڪونه هو، پر آرام ۽ آسائش وارو ضرور هو. ان سفر کي هيترا سارا سال گذري ويا آهن، پر اڄ به جڏهن اهي چنڊ ڏينهن ياد ڪندو آهيان ته دل کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.
دبئي ڏانهن ويندي جهاز پهريون لنگر ڪراچي ۾ کوڙيو. ڪيترائي مسافر جهاز مان لهي سير ۽ تفريح لاءِ ڪراچي جو شهر گهمڻ ويا، پر مان ڪونه لٿس، جهاز ۾ ويهي ماڻهن جي اچ وڃ ڏسندو رهيس. ايترو پئسو به ڪونه هئم جو سُڪيءَ تي وڃي خرچ ڪريان ۽ سچ پُڇو ته دل به نه پئي چاهي ته جهاز ڇڏي هيٺ وڃان. اهو به ٻڌڻ ۾ پئي آيم ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪنهن جا مٽ مائٽ، عزيز، رشتيدار يا يار دوستار آهن ته پوءِ ته ٺيڪ آهي، ٻيءَ حالت ۾ اميگريشن وارن جا قانون ڏاڍا سخت آهن.
ٻيو بندر هو گوادر، گوادر ۾ جهاز ڪناري کان ڪجهه پرڀرو لنگر انداز ٿيو. مسافرن کي ڪنارو گهمائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ننڍڙيون ٻيڙيون جهاز کي وڪوڙي ويون. مان هتي به ڪونه لٿس. جهاز ۾ ئي ويٺو رهيس. مسافريءَ جو رهيل حصو مون يا ته ڪتاب پڙهندي گذاريو يا ٻين مسافرن سان ڪچهريون ڪندي گذاريم. مون وٽ مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا ٽي ڪتاب هئا. هن ليکڪ جي باري ۾ ته سڀني کي خبر هوندي ته هو شخصيت کي سڌارڻ ۽ تقرير جي فن کي اثرائتو بنائڻ جو ماهر ليکيو ويندو آهي. مون کي کانئس وڌيڪ مقبول لکندڙ ڪو ٻيو نٿو سجهي، جنهن اڄ کان اڌ صدي اڳ نوجوانن کي ايتري قدر متاثر ڪيو هجي. هندستان ۾ ته ماڻهو سندس ڪتابن لاءِ ڇتا هوندا هئا. ڇا ته سندس لکڻ جو انداز هو. ڇا ته سولي، سڌي سنواٽي سندس ٻولي هئي. ڇا ته سندس ڏنل مثال هئا. هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ لفظ ڄڻ دل ۾ گهر ڪندو ويندو هو. سچي پچي زندگي سان ٺهڪي ايندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي جڏهن ڪو نُڪتو سمجهائيندو هو، ته پڪ سمجهو ته پڙهندڙ ان کي جهٽي ورتو.
منهنجو ڀيڻويو چيلارام واڌواڻي جڏهن مون کان بڙودا جي ريلوي اسٽيشن تي موڪلائڻ آيو، تڏهن هن مون کي جيڪي ڪتاب ڏنا، سي هئا
1. How to win friends and influence people.
1. دوستيون ڪيئن وڌائجن ۽ ماڻهن کي ڪيئن پنهنجو ڪجي.
2. How to stop worrying and start living.
2. ڳڻتي ڪيئن ختم ڪجي ۽ زندگي ڪيئن ماڻجي.
3. The Quick and easy way to effective speaking.
3. متاثر ڪندڙ تقرير جا سولا ۽ ڪارگر گُر.
افسوس جو جڏهن مان هي ڪتاب لکي رهيو هوس، تڏهن چيلارام واڌواڻي سرڳواسي ٿي ويو. مون سندس قرب وچان ڏنل اهي ڪتاب ور ور ڪري ويهي پڙهيا ۽ ان کان پوءِ به ڪيترن سالن تائين مان کين پاڻ کان ڌار ئي ڪونه ڪندو هوس. منهنجي وجود جو ڄڻ ڪو اهم حصو بڻجي پيا اهي ڪتاب. سچ پُڇو ته انهن ڪتابن منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، ڇو ته اهي مون جهڙن ماڻهن جي لاءِ ئي لکيا ويا هئا، جن ۾ ٻين ڳالهين کان سواءِ اهو ٻڌايو ويو هو ته مشڪلاتن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ڪاميابيءَ جي راهه ڪيئن اختيار ڪجي. وڏي خوبي جيڪا هن جي لکڻين ۾ هئي، سا اها ته هو مثال ڏئي پنهنجو نُڪتو سمجهائيندو هو. جن نوجوانن هي ڪتاب نه پڙهيا آهن، سي ڀلائي ڪري پڙهي ڏسن. کين پنهنجن روين ۾ وڏو فرق محسوس ٿيندو.
مان ڪپڙي لٽي ۾ بيحد سادو هوندو هوس. ائين کڻي چئو ته بلڪل بيپرواهه بادشاهه هوندو هوس. اڇي رنگ جي قميص ۽ پٽي دار پاجامو، ٻيو ٿيو ڀلو. نه گهڻي ڊيگهه نه پٽاڙ. سولي راند سونٽي جي. کاڌو ڏاڍو سٺو ڏيندا هئا. خاص طور سان گوشت مان ٺهيل تيوڻ. مون کي چانور ۽ تيوڻ ڏاڍو وڻندا آهن ۽ مڙس ٿي کائيندو آهيان. گهڻي عرصي کان پوءِ پتو پيم ته اهو سارو عرصو مون وڏو گوشت پئي واپرايو آهي، جيڪو مون کي کائڻ نه کپندو هو. پهريون ته ڏاڍو شرمسار ٿيس. پاڻ کي ڏوهاري به سمجهيم. پر پوءِ دل ۾ چيم ته ٻيلي گوشت ته مڙئي گوشت آهي، ننڍو هجي توڙي وڏو. جيڪڏهن سٺو ٺهيل آهي ۽ مزيدار به آهي ۽ مون کي پسند به آهي ته پوءِ کائڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟ ڪجهه سال اڳ تائين به مان گوشت وڏي چاهه سان کائيندو هوس، پر پوءِ ويشنو ٿي ويس، پر اڄڪلهه مان ڪڏهن ڪڏهن مڇي کائيندو آهيان.
جهاز جي ڊيڪ تي ڪڏهن ڪڏهن آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پنهنجي چوڌاري ڦهليل وشال عربي سمنڊ کي گهوريندو هئس. سمنڊ ۾ سج لهڻ جو نظارو هونءَ ئي ڏاڍو دلڪش ۽ حسين ٿيندو آهي. منهنجي ته دل ۽ دماغ کي ولوڙي رکندو هو اهو ڏيکاءُ. انجڻ جو اڻ لکو گهرڙاٽ، اٿاهه خاموشيءَ کي اڻ کٽ کاٽ هڻندو رهندو هو ۽ اُن ماحول ۾ ڪوبه حساس ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ، قدرت جي فنڪاريءَ ۾ سمائجي، سموئجي، سراپجي، آسمان جي اوچي چادر کي اُفق تي ترندو ڏسي، سوچ جي سمنڊ ۾ گم ٿي وڃي، اها ڪا انوکي ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه ته نه چئبي. ڳاڙها، پيلا، اڇا، ڀورا رنگ ۽ سون ۽ چانديءَ جهڙيون چمڪندڙ، چلڪندڙ، جرڪندر، چِلوليون ۽ چنچل لهرون ۽ مٿن ترندڙ لکين، ڪروڙين، اربين، پدمين ترورا ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا تصوراتي تصوير حد نگاهه تائين وڇائي پئي هجي ۽ جا حقيقي به هئي، خيالي به هئي، جلالي به هئي، جمالي به هئي. ان نظاري جي ياد، خوبصورت آسمان جو سج لهڻ تي لهندڙ اولڙو ۽ اولڙي جي چوڌاري پگهريل سون جهڙي روشني جو ڦهلاءُ اڄ به جڏهن ياد ايندو آهي ته هانءَ ۾ هٿ پئجي ويندا آهن ۽ دل سَٽون کائڻ لڳندي آهي ۽ ماضيءَ جو ازغيبي آواز پاڻ ڏانهن پڪارڻ لڳندو آهي.
منهنجي سفر کان اٽڪل 18 مهينا پوءِ، 18 اپريل 1961ع تي، دارا جهاز ۾ هڪ بم ڦاٽو. باهه جون ڄڀيون ٻه ڏينهن لاڳيتيون اُڀ ڏانهن اڏرنديون رهيون ۽ جڏهن آخرڪار اهو بدنصيب جهاز دبئي جي ڪناري ڀرسان پاڻي جي پاتال ۾ پيهي ويو ته پاڻ سان گڏ 238 انساني جانيون به کڻي ويو، جن ۾ عورتون، ٻار ٻڍا ۽ نوجوان جوڙا به شامل هئا. جيڪڏهن اهو حادثو يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ٿئي ها ته ضرور ڪا دردناڪ فلم جوڙي راس ڪن ها. امن جي زماني ۾ ڪنهن بحري حادثي ۾ مرڻ وارن جو اهو تعداد ‘ٽائيٽينڪ’ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو.
*