14. باب چوڏهون : ڇا، سنڌيت کي ڪو خطرو آهي يا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي؟
جارج واشنگٽن ڪارور
سنڌي ڪنهن کي ٿا چئون؟
آهي ئي کل جهڙو سوال. دبئيءَ جي سنڌي ڪميونٽي ۽ انڊيا جي ممبئي، بڙودا ۽ پوني واسين کي ته چرچو ئي لڳندو. پر سنڌين جي پنهنجي ڌرتي کان ڌار ۽ ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ سبب، سنڌي سڀيتا وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن ڪمزور پوندي. جيتوڻيڪ اسان جي سڀيتا پوريءَ ريت ختم نه ٿي آهي، پر هيڏي ساري گجگاهه ملڪ ۾ اسان ڪڻو ڪڻو ٿي ڦهلجي ويا آهيون، ان ڪري نٻل ۽ نستي ضرور ٿي وئي آهي. اهو اهڙو خطرو آهي، جنهن کان اسان ڪن لاٽار ڪري نٿا سگهون. ڪرڻ به نه گهرجي. لنوائڻ سان مسئلا نبرندا ناهن، وڌيڪ گنڀير ٿيندا آهن. جيڪڏهن سنڌين پنهنجي پورهئي سان زندگي سُکي ڪري ورتي آهي ته اها سندن اورچائي چئبي. ذاتي طور ڀلي ڪوبه ماڻهو ڪيترو به ڌنوان ڇو نه ٿي وڃي، سڀيتائي ڪنگالپڻو ڪٿي ڪميونٽيءَ کي ئي ميساري نه ڇڏي: ان ڳالهه کي وسارڻو ناهي، بچاءَ جا اُپاءَ ڳولڻا آهن.
سنڌيت جو هڪ حصو آهي اسان جي بزنيس واري روايت. ان کي ته ڪو ڀؤ ڀولو ناهي، پر بزنيس جي وهڪري ۾ وهي ڪٿي اسان پنهنجي تهذيب ۽ لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ سنگيت جو املهه ورثو نه وڃائي ويهون. اهو ڊپ هر وقت جيءَ کي جهوريندو ٿو رهي.
منهنجي هڪڙي دوست، جيڪو سنڌي ناهي، تنهن هڪ لڱا چيو، “توکي خبر آهي ته توهان سنڌي ايترو ڌن ڪيئن ٿا ڪمايو؟”
وري پاڻ ئي وراڻيائين، “ان ڪري جو توهان کي ڪامياب ٿيڻ جو ڏانءُ آهي.”
ٿي سگهي ٿو ته منهنجو دوست ڀوڳ ڪندو هجي، پر غلط ڳالهه هن به ڪانه ڪئي. سنڌي برابر بزنيس ڪري ڄاڻن. هنن ۾ حالتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي وڏي شڪتي آهي. هنن ۾ هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته هو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا آهن. نفعي ۽ نقصان جو ڪاٿو ڪري، هڪدم درست فيصلو ڪرڻ جي ساڃهه رکندا آهن. منجهن حيرت جهڙي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته ڪِرڻ کان پوءِ همٿ ڪري هڪدم اُٿي نئين سر وري اڳتي وڌڻ جي ڪندا آهن. مٿي کي هٿ ڏئي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي ۾ وقت نه وڃائيندا آهن. تنهن هوندي به سنڌين جي باري ۾ ڌارين جي عام راءِ ۽ عام سنڌي ماڻهوءَ جي حقيقي خوشحاليءَ جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق آهي.
دبئي ۾ انڊين ڪونسل جنرل، ڊاڪٽر جارج جوزف جي گهرواري، رانيءَ، هڪ ڀيري مون کان پڇيو ته ‘ڪو اهڙو سنڌي سُجهيئي، جيڪو غريب هجي؟’
چيومانس ته جيڪڏهن بمبئي جي ٻاهران الهاسنگر وڃڻ ٿئيئي، يا اجمير، جئپور يا جوڌپور وڃي ڏسندينءَ ته توکي سنڌين جي حالت ڏسي حيرت ٿيندي. اهي ماڻهو ورهاڱي کان وٺي جيئري رهڻ لاءِ جاکوڙيندا پئي رهيا آهن. منجهانئن ڪي ته دان تي گذارو ڪن ٿا، پر سنڌي پنندا ناهن. گهڻو ڪري اُن قسم جون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ نه اينديون آهن، ڇو ته اڪثر دولتمند سنڌي پنهنجن غريب ڀائرن جي هڙان ۽ وڙان مدد ڪندا آهن. ڪميونٽي به پنهنجي طرفان ڪونه ڪو رستو ڳولي سندن سار سنڀال لهندي آهي. مان به ڪيترن ئي اهڙين ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پنهنجي ليکي حصو وٺندو رهندو آهيان. جڏهن به ڪنهن غريب ڏانهن مدد جو هٿ وڌائيندو آهيان، تڏهن مون کي منهنجي ماءُ ياد ايندي آهي، جنهن تمام ڏکيا ڏينهن ڏسي، سخت جاکوڙ ڪري اسان کي پاليو.
مونکي ياد آهي ته هڪ موقعي تي هوءَ پنهنجي شاهوڪار سوٽ وٽ ٻه هزار روپيا اوڌر وٺڻ لاءِ لنگهي وئي، ڇو ته کيس منهنجيءَ وڏي ڀيڻ ستيءَ جي شادي لاءِ پئسن جي ضرورت هئي. سوٽ سندس مدد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. اُن کان پوءِ منهنجي ماءُ جڏهن به اها ڳالهه دهرائيندي هئي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا. مميءَ جي ان تجربي جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو. جڏهن به ڪو شريف ماڻهو مون کان مدد گهرندو آهي، تڏهن مون کي ماءُ جي ياد ايندي آهي ۽ احساس ٿيندو اٿم ته ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ وقت اڳلي جي دل تي ڇا ڇا نه گذرندو هوندو.
پهرين جڏهن ڪو مدد گهرندو هو، تڏهن مان هن جي باري ۾ پهرين تفصيل سان جاچ ڪندو هوس. پوءِ مون محسوس ڪيو ته ائين ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڪيترن موقعن تي ته ڳالهين مان ئي پتو پئجي ويندو آهي ته سوالي سچو آهي يا ڪوڙو. ساڌو واسواڻي سخاوت ۾ ڏاڍو مشهور هوندو هو. سندس در تان ڪوبه سوالي خالي نه موٽندو هو.
هڪ ڀيري ڪنهن پڇيس، “ماڻهن کي ڏوڪڙ ڏيڻ کان اڳ سندن جاچ ڇو نه ڪندو آهين؟” چيائين، “ڀڳوان جڏهن مون سان ايڏيون ڀلايون ڪيون، تڏهن منهنجي ڪهڙي جاچ ڪيائين؟”
سنڌين جي وڏي تعداد ۾ ڪاميابين جون ڪهاڻيون اُتساهه ڏياريندڙ آهن. Lonis D Brandies جا چيل لفظ ياد ٿا اچنم. چوي ٿو، “بزنيس ۾ نفعو ڪمائڻ ڪاميابي جي اتفاقي ماڳ کان به ڪا اڳڀري شي آهي. اهو (نفعو ڪمائڻ) ڪاميابي جي شرطن مان هڪ اهم شرط آهي، ڇو ته لڳاتار گهاٽي ۾ رهڻ پنهنجي سر ناڪامي جو اهڃاڻ آهي. پر جڏهن نقصان ناڪامي ظاهر ڪري ٿو، تڏهن ضروري ناهي ته فائدي ۾ رهڻ کي هر وقت ڪاميابي سمجهيو وڃي. بزنيس ۾ ڪاميابي لاءِ ڪوشش ته هر دم ڪندو رهڻ گهرجي، پر ان سان گڏ بهترين نتيجن تي به زور ڏجي.”
بزنيس ۾ بهترين ڪار ڪردگي پنهنجو پاڻ مڃائيندي آهي. ان لاءِ هيٺين ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي: ڪم ڪرڻ جا سڌريل طريقا ۽ ذريعا؛ پيداوار ۾ بهترين؛ سٺي ڪمپني ۾، اجائي زيان ۽ نااتفاقي کان پاسو؛ ملازمن جي حالت سڌارڻ، سندن قابليت ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ سندن خوشين ۾ اضافو ڪرڻ؛ ۽ گراهڪن توڙي ڪميونٽي سان سٺا واسطا ۽ تعلقات ۽ لاڳاپا رکڻ.”
سنڌ ورڪين جي سڄي دنيا ۾ ڪاروباري سوڀَ جا سبب مٿي ڄاڻايل ڳالهيون آهن. نفعو ڪمائڻ ڪاميابيءَ جو سڀ کان اهم مول ۽ متو هوندو آهي، پر سنڌين منافعي ڪمائڻ جا پنهنجا مول ۽ متا جوڙيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ماڻهو لاچاريءَ کان گهٽين ۾ گهورڙيا ٿي مال وڪڻندا هئا، تڏهن هنن سختيءَ سان پنهنجن ٺاهيل اصولن تي عمل ڪيو: گهٽ فائدو ۽ گهڻو وڪرو.
جيڪڏهن سنڌي ڪمپنين تي نظر وجهندؤ ته اوهان ڏسندو ته هو پنهنجن گراهڪن توڙي ڪميونٽي سان سٺا لاڳاپا رکڻ ۾ مشهور آهن. پنهنجين سنڌي روايتن کان ته هنن ڪڏهن به منهن نه موڙيو آهي. مٿن سختي سان قائم آهن. اها انتهائي خوشي جهري ڳالهه آهي ته سنڌين ڀل ته ڪاميابيون ماڻيون هجن يا ڌن ۽ دولت جا انبار ڪمايا هجن، پر هنن ڪڏهن به سنڌين جي روايتن کي پٺي ناهي ڏني. هو پنهنجن وڏن جو مانُ رکن ٿا، جيئن مئٿيو ائڊمس (Mathew Adams) چيو آهي، “ڪو چوي ته مون پنهنجي زندگي پاڻ جوڙي آهي، ته اهو صحيح ناهي. اسان هزارين ماڻهن جي زندگين مان جڙيل آهيون. ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ، جنهن ڪڏهن اسان سان پيار وچان ڳالهايو هجي، يا اسان سان ڪو ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو هجي يا ڪڏهن همٿايو هجي ته اهو به اسان جي ڪاميابي، اسان جي چرتر، اسان جي سوچ يا اسان جي زندگي کي ٺاهڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.”
سنڌين وڏا ڪشالا ڪڍي پنهنجي خاندان ۽ سندن عقيدن جي حفاظت ڪئي آهي. سڀ کان وڌي ڳالهه ته ساري دنيا ۾ ڦهليل هئڻ جي باوجود ۽ آزاد سوچ رکڻ کان پوءِ به هنن پنهنجن وڏڙن جي ڇڏيل پراڻين ريتن ۽ رسمن کي زنده رکيو آهي. انهن سڀني ڳالهين سنڌي ڪميونٽيءَ کي مضبوط ڪيو آهي. اسان جي ڪميونٽي بهادري، همٿ ۽ اٽل ارادي تي ٻڌل آهي.
۽ جيئن مون اڳ چيو آهي، ان لاءِ وڏي شاباس سنڌي عورتن کي ملڻ گهرجي، جن پنهنجن مردن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ سندن صلاحڪار، اڳواڻ، رهنما، مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون بنجي ڪم ڪيو. مان هاڻي پاڻ کي عمر ۾ ڪجهه وڏڙو ٿو سمجهان، ان ڪري سنڌي ٻارن جي ڪميونٽي لاءِ ڪيل شيوا کي پڻ کليءَ دل سان مڃڻ ٿو چاهيان. اسان جي ٻارن به مشڪل حالتن سان مقابلا ڪندي، پنهنجي وڏن جي ڪاميابين کي اڳتي هلائڻ، وڌائڻ، جاري رکڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. هنن ان سموري پيار ۽ ڀروسي جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اسان مٿن نڇاور ڪيو. اسان جي ٻارن ٽيڪنيڪل انقلاب مان پورو فائدو ورتو آهي. ان سلسلي ۾ هو پٺتي مور ناهن. هن تيز رفتار زماني ۾ ۽ بدلجندڙ وايومنڊل ۾ به هنن پنهنجي وڏن جي سڀيتا کي سيني سان لڳائي رکيو آهي. هاڻي جڏهن اسان جي پيڙهي ٻرندڙ مشعل سندن هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي، تڏهن اهو آٿت اٿئون ته هنن پنهنجو سبق چڱي طرح ياد ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي ڪميونٽيءَ جو ڌن دولت، مان شان اڃا به وڌائيندا.
ڪي ڳالهيون سنڌي ڪميونٽي جي آئيندي جي باري ۾ بهرحال ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. اسان جي ڪميونٽي جي ايندڙ شڪل شبيهه ڪهڙي ٿيندي؟ ڇا اسان جي ڪميونٽي تمام گهڻو، تمام جلد ۽ تمام پري تائين ڦهلجندي ۽ نتيجي طور گهٽبي ۽ نٻل ٿيندي ٿي وڃي؟ ڇا اسان جا ٻار لاچار يا حالتن جو شڪار ٿي، ايندڙ گلوبلائيزيشن ۾ پنهنجو ايڪو وڃائي، سنڌيت تان هٿ کڻي ويندا؟ ڇا سندن اولاد اڃا به گڏيل ڪٽنب جون خوشيون پنهنجن چاچن، چاچين، نانن، ڏاڏن ۽ سؤٽن سان رلي ملي اسان جيان ماڻي سگهندا؟
ٻولي پڻ سنڌين کي پاڻ ۾ ويجهو آڻڻ جو هڪ وسيلو هئي. سنڌي ٻولي پراڻي ٽهيءَ کي سڀيتائي سڃاڻپ ڏني. اها ٻولي ئي هئي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ نه ڏنو. پري هئڻ جي باوجود اسان پري نه هئاسين. ٻولي اسان جي طاقت هئي، زور هئي، ڀرم هئي، ڀرجهلو هئي، اسان جي وجود جو هڪ اهم حصو هئي. پر هاڻي اسان جي ٻوليءَ سان جيڪي ڪلور ٿي رهيا آهن، سي سڀني جي اکين اڳيان آهن. ڇا،اسان جا ٻار پنهنجي ٻولي سولائي سان ڳالهائي سگهن ٿا؟ ڇا، اولهه جون طاقتون ۽ اثر انهن سڀني جُزن جي پاڙ پٽي ڇڏيندا، جن جي آڌار تي اسان پنهنجيءَ ڌار سڃاڻپ زنده رکي هئي؟
اها جدا ڳالهه آهي ته اسان جو نئون نسل پنهنجي پيڙهه ۽ بنيادن (Roots) ۾ هاڻي گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو آهي، پر مون کي ڊپ آهي ته اسان هڪ ڪميونٽي جي حيثيت سان پنهنجي ٻولي جي بچاءَ ۽ ان جي اصلي روپ کي بچائڻ لاءِ ايترو ڪجهه نه ڪري رهيا آهيون، جيترو اسان کي ڪرڻ جُڳائي. اها مڃڻ جهري ڳالهه آهي ته ڪا به ٻولي اڪيلي سر ۽ پاڻ مرادو زنده رهي نٿي سگهي. ٻولي کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نواڻ جي ضرورت هوندي آهي. ان واسطي نئين زماني جي نون لفظن کي پنهنجي ٻولي ۾ شامل ڪرڻو پوندو، ڪي بنيادي اصول ٻيهر جوڙڻا پوندا. زماني سان گڏ هلڻو پوندو. جيڪي رُڪيا، سي رهجي ويندا.
هندستان جي ڪجهه ٻولين جي صورتخطيءَ (Script) کي فقط ان ڪري سُڌاريو ويو ته جيئن اهي ڪمپيوٽر جي Key Board تي آسانيءَ سان اکر ڇاپي سگهن. ڪن ٻولين ۾ ايتري ته ردوبدل ڪئي وئي جو پراڻي پيڙهي لاءِ انهن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ مشڪل ٿي پيو. ساڳي طرح سنڌي ٻوليءَ کي پڻ اهڙي قسم جي تبديليءَ مان گذرڻو پوندو.
پر منهنجو سوال اڃا به ٻيو آهي. منهنجو سوال آهي ته ڇا سنڌي ٻولي، سنڌي ڪميونٽي جي بدلجندڙ طريقي زندگي (Life Style) واري سخت حملي جو مقابلو ڪري سگهندي؟
سنڌي هاڻي رڳو سنڌ يا هند ۾ نٿا رهن. اڳ به سنڌي پرڏيهه ڪمائڻ لاءِ سنڌ وَرڪي ٿي ٻاهر رهندا هئا، پر ورهاڱي کان پوءِ هڪ ته هو ڀارت جهڙي وڏي ملڪ ۾ ٻين گهڻين قومن سان رلي ملي ويا آهن ۽ ٻيو ته سندن انگ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به وڌي ويو آهي، جنهن ڪري هو جهڙوڪر سمورن ملڪن ۽ سمورين قومن جو حصو بنجي پيا آهن. اهڙي طرح خود سنڌين ۾ به ٻيون قومون، ٻيا مذهب، ٻيون ٻوليون، ٻيون سڀيتائون شامل ٿي ويون آهن. ڪي اهڙا ڪٽنب به آهن، جن ۾ وڻ وڻ ڪاٺي اچي گڏ ٿي آهي. اهڙن خاندانن ۾ سنڌي جي نئين پيڙهي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ انگريزي ٻولي کي وڌيڪ سولو ٿي سمجهي. انڊيا ۾ نوجوان يا ته هندي يا وري جنهن رياست ۾ هو رهن ٿا، اتان جي مقامي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڏکيائي محسوس نٿا ڪن. سنڌي ڪميونٽي جتي به رهي ٿي، اتان جي سڀيتا ۽ ٻولي کي جلد ئي پنهنجائي ٿي ڇڏي. اها چڱي ڳالهه به آهي، پر سنڌي ٻولي جي آئيندي لاءِ خطري جي گهنٽي به ٿي سگهي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته سنڌي ٻولي ڪميونٽي جي حد تائين ۽ اڃا به ٻين حالتن ۾ گهرجي چانئٺ تائين نظربند ٿي رهجي وئي آهي. ٻاهرين ملڪن ۾، خاص ڪري يورپ ۾ جيڪا سنڌيءَ اسان جو نوجوان نسل ڳالهائي ٿو، سا نج سنڌي ته پري رهي، نالي ماتر سنڌي به نه رهي آهي. اها مقامي ٻولين، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جي کچڻي بنجي وئي آهي.
ٻي اُلڪي جي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان وٽ مضبوط، ٺوس ۽ جاندار ادب توڙي ميڊيا جي اڻهوند آهي. اهي ٻئي ڳالهيون ٻولي جي واڌاري ۾ ڏاڍيون مددگار ٿينديون آهن. سنڌي ميڊيا، جنهن ۾ فلم، ٽي.وي. ۽ ڇاپو اچي وڃن ٿا، سا پڻ ڪمزور آهي، ڇو ته اسان سنڌين جي ڪميونٽي ٿوري آهي. هندستان جي سرڪاري ٻولي هندي آهي، پر ان کي به سخت مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو. وري به ٿورا مڃجن هندي فلمن ۽ هندي ٽي.وي. چئنلن جا، جن کيس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نه رڳو پهچايو پر لوڪ-پريه پڻ بنايو. ڏکڻ هندستان جي تامل ناڊو اسٽيٽ سڀ کان اڳتي وڌي هندي ٻولي جو وروڌ ڪيو ۽ کلم کلا چيو ته هندي کي سرڪاري ٻولي نه بنايو وڃي، تنهن پڻ هندي فلمون ٺاهي هندي ٻولي کي لوڪ-پسند بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. سڀني کي خبر آهي ته هندستان ۾ فلم تمام وڏي انڊسٽري آهي. هاڻي تامل ناڊو ۾ هندي چڱي طرح ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي.
سنڌي فلمن توڙي ٽي.وي. جي کوٽ ان ڪري به آهي جو اسان جو مارڪيٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو آهي، ان ڪري اهي جڙ پڪڙي نٿيون سگهن. هاڻي وري مان پنهنجو ساڳيو سوال دهرايان ٿو: جڏهن اسان جي سڃاڻپ، ورهاڱي سبب يا سنڌي ڪميونٽي جي دنيا ڀر ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ ڪارڻ، وڃي ٿي جهڪي پوندي، ۽ ان ۾ شامل ڪريو سنڌين جو ٻين قومن ۽ ڪميونٽين ۾ ملي جلي سمائجي وڃڻ، تڏهن ڇا اسان جي ٻولي اڪيلي سر زنده رهي سگهندي؟ مون وٽ پنهنجي پُڇيل سوال جو ڪوبه جواب ناهي. پر اهي سڀ ڳالهيون گڏجي سنڌين جي جهونن جوڳيئڙن لاءِ ڳڻتي جو سبب بنجڻ گهرجن، ڇو ته هنن جو سمورو ٻل، طاقت ۽ وشواس پنهنجي ڪميونٽي جي سڃاڻپ مان ئي نسريو، اُسريو ۽ اُڀريو هو. مونکي اها به پروڙ ناهي ته ڇا پراڻي پيڙهي سچ پچ پنهنجيءَ نئين ٽهيءَ کي اهي روايتون ۽ قدر ورثي ۾ ورهائي ڏنا آهن، جن جي ڪري اسان جي ڪميونٽي ۾ شڪتي ۽ وروڌ جنم ورتو هو. اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌي ڪميونٽي بي شمار طوفانن جو آمهون سامهون ٿي مقابلو فقط ان ڪري ڪيو هو، جو ان وقت اسان ۾ مضبوط ڪٽنبي سنٻنڌ هئا، وڏڙن جي لاءِ شرڌا هئي، ڌرم ۾ ڀروسو هو ۽ ٻيا به ڪيترائي گُڻ موجود هئا.
سنڌي ماڻهن ڌنڌي روزگار توڙي ڌن دولت ۽ دنيا جي آسائشن حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ ڪڏهن به پنهنجي شڪتيءَ جي اصل وسيلي کي نه وساريو آهي. اهو آهي پرماتما ۾ سندن پورن وشواس. اهو ضروري آهي ته نئينءَ پيڙهي کي روحانيت جي راهه ڏيکارجي، ڇو ته رڳو دنيا ئي شيون سڀڪجهه ناهن. ٻاهريون ٺٺ ٺانگر، آرام ۽ آسائش به برابر گهرجي، پر اصل خوشي ڪن ٻين ڳالهين سان ملندي آهي.
اسان جو نئون نسل جڏهن سنڌين جي سڀيتا کي سڃاڻندو ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي روايتن کان واقف ٿيندو ۽ سنڌيت جي روح کي پرکيندو، تڏهن کيس خبر پوندي ته سنڌ سهپ، برداشت، پيار ۽ پنهنجائپ جو ڀنڊار آهي. هر متڀيد کان دور آهي. سنڌي ڪلچر ۾ نهٺائي، نماڻائي، عاجزي، ڏاهپ ۽ گڏجي گهارڻ ۽ پيار ونڊڻ ۽ هر ماڻهوءَ کي پرينءَ جو پاڇو سمجهڻ جو سبق ماءُ لوليءَ ۾ ڏيندي آهي. سنڌين وٽ اڄ جو ڪجهه آهي، اهو انهن اڻ لکيل اصولن جي ڪارڻ ئي آهي. اهي واٽون، اهي ويساهه، اهي وشواس اسان کي پنهنجن صوفين، ساڌن ۽ سنتن ۽ درويشن کان ورثي ۾ مليا آهن. انهن کان سواءِ اوهان ڪک به نه آهيو. لکپتي ٿيئو ته ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻچن کي پرڏيهه پڙهڻ لاءِ يا ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ موڪليون ٿا، ته ڇا اتان جون ريتون رسمون ۽ رواج کين پنهنجي مارڳ کان مُنهن مٽارائي سگهنديون؟ ڇا، هو پنهنجي ڪميونٽي کان ڌار ٿي ويندا؟ ڇا، هو سنڌيت جي راهه تان هٽي ويندا؟ ۽ ڇا، ڌارين قومن ۾ شادي ڪرڻ ۽ پرڏيهي جيون ساٿي آڻڻ کان پوءِ هو پنهنجي سنڌي سڃاڻپ تان هٿ کڻي ويندا؟ ڇا، اهو سپنو، جيڪو سنڌ ڇڏڻ وقت سيني ۾ سانڍي نڪتا هئاسين، ۽ جنهن کي ساهه پساهه کان وڌيڪ املهه ڄاڻي اڌ صدي تائين ابهم ٻار جيان تاتيوسين، نپايوسين، وڏو ڪيوسين، تنهن کي وساري ويهنداسين يا جهڪو ٿيڻ ڏينداسين، يا مورڳو اُجهائي ڇڏينداسين؟ ڇا، نئين دور جون نيون گهرجون ڌاڙو هڻي اسان کان سنڌيت جو جذبو کسي وٺنديون؟ اسان جو جيئڻ مرڻ، اسانجي ڄاڻ سڃاڻ، اسان جو واهپو ۽ ونهوار ته سنڌيت سان آهي. اها وئي ته پوءِ اسان وٽ ڇا بچندو؟ اسان جا ٻار يا انهن جا ٻار پنهنجي ڪميونٽي کان هٽي پري ٿي ويا، ته پوءِ ڪميونٽي ڪنهن جي سهاري جالي سگهندي؟ مان نٿو چاهيان ته ماڻهو مونکي پراڻن خيالن جو سڏين، پر اهي سوال منهنجي ذهن کي ولوڙيندا رهندا آهن.
پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ڪتاب، Sindhis: The Scattered Treasure ۾ نئين نسل جي بدلجندڙ روين بابت لکيو آهي، “مون ڪناري آئلينڊس ۾ سنڌي ٻارن کي اسپيني ٻولي پڙهندي ڏٺو آهي. گهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندي، هنديءَ ۾ ڀڄن ڳائيندي ۽ پارٽين ۾ اردو غزلن جا مقابلا ڪندي ڏٺو آهي. مون ماڻهن جا عجيب نالا به ٻڌا آهن، جهڙوڪ هانگ ڪانگ ۾ مس گريس واسواڻي ۽ پيٽر ٻيڙيچنداڻي، اسپين ۾ مس ماريا ٿڌاڻي، البرٽو ڀڏواڻي ۽ واشنگٽن ۾ مس سياتي ڏاسواڻي.”
اها قدرتي ڳالهه آهي ته ٻار جنهن ڪلچر ۾ رهن ٿا، ان ۾ ئي سمائجي وڃن ٿا. اها به درست ڳالهه آهي ته اسان جيڪڏهن چاهيون ته اهي ٻار پنهنجن پيئرن ۽ چاچن واري هلت هلن، ته اها اسان جي ٻاراڻي چئبي. پر اهو به صحيح آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو خيال نه رکيو ته پوءَ اسان جي لاپرواهي چئبي. منهنجي راءِ ۾ سنڌي پنهنجي سڃاڻپ ڏاڍي تيزيءَ سان وڃائي رهيا آهن. مثال طور پنهنجا نالا.
توهان پُڇندا ته نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ منهنجو جواب آهي ته نالي ۾ گهڻو ڪجهه آهي. اسان جا نالا تاريخ ۾ سنڌي سڃاڻپ جو اهم اهڃاڻ پئي رهيا آهن. اها جدا ڳالهه آهي ته نئين پيڙهيءَ کي انهن جي اهميت جو گهٽ احساس آهي ڪميونٽي ۾ ايندڙ تبديلي ضرور اسان تي به اثر وجهندي ۽ اسان کي هاڻي کان ئي ان تبديلي جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. شل Lewis Mumfordجي هي چوڻي اسان لاءِ به سچ ثابت ٿئي: “هر پيڙهي پنهنجي پيءُ جي پيڙهيءَ خلاف انقلاب آڻيندي آهي ۽ پنهنجي ڏاڏنگ سان سرچاءُ ڪندي آهي.”
ان ڪري اسان جي ڪميونٽي جو وڏو مسئلو اهو آهي ته پنهنجي جدا سڃاڻپ ڪيئن بچايون؟ منهنجي راءِ آهي ته سنڌي ڪميونٽي ان مامري ڏانهن سنجيدگي سان ڪونه ٿي سوچي. اسان پنهنجي مالي ۽ آرٿڪ خوشحالي لاءِ محنت ۾ ايترا ته مگن آهيون، جو اسان پنهنجي ادبي ۽ سڀيتائي ورثي کي ڄڻ ته وساري ويٺا آهيون.
مالي ۽ آرٿڪ آسودگي ته هڪ فطري ڳالهه آهي. پنهنجي وطن کان وڇڙڻ بعد اسان جي مکيه ڳڻتي اها ئي رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻيهر ڪٿي پير کوڙيون. ڌارين ملڪن ۾ رهڻ ڪري ٻيو سڀ ڪجهه نه، ته به مالي آسودگي ته تمام ضروري آهي. وطن به نه هجي، پئسو به نه جُڙي، ته پوءِ بچاءُ ڪير ڪندو؟
ورهاڱي کان پوءِ، ۽ خود هندستان ۾ رهندي، اسان پنهنجي وجود جي بچاءَ واريءَ جنگ ۾ تمام گهڻو جاکوڙيندا پئي رهيا آهيون. اسان جو سمورو زور اُن ڳالهه تي رهيو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح انڊيا ۾ ٻين سان گڏ رلي ملي هڪ ٿي وڃون. اسان کي وقت ئي نه مليو ته پنهنجي ورثي جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ ڪا سوچ ويچار به ڪريون. جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪجهه ڪيوسين به، ته اهو صرف ساروڻين جي ڪري، تاريخي اڻ تڻ سبب نه.
سنڌين پنهنجون روايتون ايتريون ته ڀلائي ڇڏيون آهن جو غير سنڌين کي سندن لوڪ-ورثي جي رتيءَ برابر به ڄاڻ ناهي. غير سنڌي اسان سنڌين کي فقط هڪ ڪاروباري ڪميونٽي طور سڃاڻن ۽ ان کان وڌيڪ کين اسان جي ڪا به خبر ناهي. اهو ساڳيو حال اسان جي نوجوان ٽهيءَ جو آهي، جيڪا ملڪ کان ٻاهر رهي ٿي. اسان وٽ تمام ٿورا ڪلاڪار وڃي بچيا آهن، جيڪي نوجوانن کي لوڪ-ڪلا ۾ تربيت ڏئي سگهن. اسان جون خاميون، ڪوتاهيون۽ لاپرواهيون ايتريون ته گهڻيون، ايتريون ته وڏيون ۽ ايتريون ته کليل ۽ ظاهر آهن جو لڪائي به لڪي نٿيون سگهن. جڏهن انڊيا جي قومي ڏينهن تي ٿيندڙ ڪلچر پروگرام ڏسندا آهيون، تڏهن سنڌيءَ جي ڪمي بري طرح محسوس ٿيندي آهي. ڇو سنڌي فلوٽ (float) يا ٽيبلو (Tableau) يا راڳ يا ناچ نظر نٿو اچي؟ سڄي قوم اهي پروگرام ڏسي ٿي، سڀ حصو وٺن ٿا، فقط سنڌين جو ڪلچر نظر نٿو اچي. ڇا، اسان ڌاريا آهيون؟
گذريل ڪجهه سالن ۾ مشڪل سان ڪا اهڙي سنڌي فلم ٺهي هوندي، جنهن جي ٿوري گهڻي واکاڻ ڪري سگهجي. اسان جو ٿيئٽر، جو ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي عام ڪرڻ جو ذريعو آهي، سو غائب ٿي ويو آهي. اسان دان ڪرڻ ۾ ته سخي آهيون، پر پنهنجي سڀيتا ۽ ڪلا ۽ ادب جي لاءِ ٽڪو به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.
روايتي سنڌي لباس ۾ گذريل پنجاهه سالن دوران تبديليون آيون آهن ته جيئن ان کي ماڊرن فئشن سان جوڙي سگهجي. ڪنهن به غير سنڌي کان پُڇو ته تو ڪڏهن روايتي سنڌي ڊريس ڏٺي آهي ته جواب گهڻو ڪري نهڪر ۾ ملندو. ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اصلي سنڌي لباس نظر ايندو آهي، پر اسان جا سنڌي پنهنجي قومي لباس کي عام ماڻهن اڳيان يا شادي مرادي ۾ يا ڪنهن سڀيتائي موقعي تي پائڻ کان لهرائيندا آهن.
ڇا، اسان کي پنهنجو قومي لباس پائيندي لڄ ٿي اچي؟ جيڪڏهن گجراتي گربا ڊريس تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته گذريل ڪيتري عرصي کان ان ۾ تمام گهڻي ردوبدل ٿي آهي، پر ان جي باوجود اهو لباس نه فقط گجراتيءَ ۾، بلڪ غير گجراتيءَ ۾ پڻ بي حد پسند ڪيو ٿو وڃي. پنجابي ڊريس ۾ پڻ انقلابي تبديليون آيون آهن. بدقسمتي وري اها آهي ته وڏن وڏن فئشن ڊزائينرن به سنڌي پوشاڪ کي صفا نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. سون تي سهاڳو وري اهو آهي ته منجهانئن گهڻائي وري به سنڌين جي آهي. جيڪڏهن ڪو ڊزائينر همٿ ڪري سنڌي ڪپڙن ۾ به نواڻ آڻي ها ته اسان جو ڪڙتو ۽ سٿڻ ايترو ته مشهور ٿئي ها جو فئشنبل گهراڻن جي هر وارڊروب ۾ اوهان کي ضرور ملي ها.
مان سمجهان ٿو ته اسان پنهنجن ٻارن کي ڌرم بابت به ڪا مناسب سکيا ڪونه ٿا ڏيون. وٺ وٺان جي هن دور ۾، جڏهن ماڻهو ڪمائي جي پويان ڇتا ٿي پيا آهن، تڏهن مائرن توڙي پيئرن کي ايترو ٽائيم ڪٿي جو ويهي پنهنجن ٻارن سان اهڙين ڳالهين تي مٿي ماري ڪن؟ سچ پُڇو ته هو تمام وڏي ڀُل ڪري رهيا آهن. وشواس کان سواءِ ڪوبه انسان همٿ ڀريو ۽ دلير ٿي نه سگهندو. پنهنجي پاڻ ۾ ۽ جيون ۾ وشواس جي کوٽ اوهان کي دنيا جي سچاين کان دور ڪري ڇڏيندي.
اوهان کي اهو ئي پلئه پوندو،جيڪو توهان گهرو ٿا. وڌيڪ ڪجهه نه ملندو. اهو ڏاڍو سادو سودو، پر سچو، کرو ۽ اونهو قانون آهي قدرت جو. بزنيس مئن جي لاءِ بهادري ۽ وشواس، دنيائي توڙي روحاني خوشيون ۽ انعام آڻيندا آهن. اڄڪلهه جي نئين سوچ وارن مائٽن کي اها سچائي مڃڻ گهرجي. ان هوندي به غمگين ۽ اُداس ٿيڻ جي ضرورت ناهي. اڃا سڀ ڪجهه هٿان نه ويو آهي. شام ضرور ٿي آهي، پر اوندهه اڃا پري آهي. يو.اي.اي. ۾، خاص ڪري دبئي ۾، اسان جي ڪميونٽيءَ ڏوڪڙن ڪمائڻ ۾ مشغول رهڻ جي باوجود ڪي چڱا ڪم به ڪيا آهن. هنن پنهنجي ڌرم، وشواس ۽ سڀيتا سان ڳانڍاپو قائم رکڻ تي ڪافي زور ڏنو آهي. ان ڪم ۾ سنڌي عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هر سال هزارين سنڌي، پري پري کان ڪهي، يو.اي.اي. ۾ گڏجي “چيٽي چنڊ” (سنڌي نئون سال) ملهائيندا آهن. ان موقعي تي ڪلاڪار خاص طور سان انڊيا مان گهرايا ويندا آهن.
“سُکي سميلن” نالي سنڌي عورتن جي جماعت 1970ع ۽ 1980ع ڌاري ڪيترائي ڪميونٽي فنڪشن ڪرايا. پهرئين سنڌي اسٽيج ڊرامي، “ڏس پئسي جا رنگ”، ڪرائڻ جون کيرون پڻ ان ئي همٿ ڀرئي گروپ لهڻيون.
“سُکي سميلن” کان اڳ، ناميارن سنڌين، جهڙوڪ مورج منگهناڻي، گورڌن ادناڻي، لاکو لولا ۽ رامچند ساولاتي سنڌي ڪلاڪارن کي دبئيءَ گهرايو ته جيئن اسان جي ڪميونٽي پنهنجي ڪلچر کان واقف ٿئي. انهن ڪلاڪارن ۾ سترام روهڙا، ڀڳونتي ناواڻي، وشنو ناواڻي، ڪملا ڪيسواڻي ۽ سرڳواسي دادا رام پنجواڻي شامل هئا. ڪجهه سالن کان، دادا رام پنجواڻي کان متاثر ٿي، مون سنڌي سڀيتا جي هلچل پنهنجن هٿن ۾ کنئي آهي. مون کي پاڻ جهڙن ٻين سڄڻن جو به سهڪار حاصل آهي. انهن ۾ نارائڻ ساولاڻي ۽ موهن گيهاڻي جهڙا والنٽيئر موجود آهن. اڄ تائين اٽڪل ٽيهه سنڌي ناٽڪ اسٽيج تي ڪيا ويا آهن. اڳواڻي ايس پي مينگهناڻيءَ ۽ رميش ڄاڃاڻيءَ جي هوندي آهي. مونکي خوشي آهي ته ان “ڊنر ٿيئٽر” کي ڪميونٽي طرفان ڀرپور موٽ ملي آهي ناٽڪ واري ڏينهن کان ڪيترائي ڏينهن اڳ “هائوس فل” جو بورڊ لڳائڻ مان اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته دبئي جا سنڌي ڪيتري نه سڪ ۽ پيار سان پنهنجي ٻولي جي ناٽڪن جو سواگت ڪندا آهن.
سنڌي ڪلچر کي دبئيءَ ۾ زنده رکڻ لاءِ جنهن ٻئي جانب وڏي جاکوڙ ڪئي آهي سو آهي ڊاڪٽر موتي پرڪاش. پاڻ ڄاتل سڃاتل ڊراماٽسٽ آهن ۽ انڊين هاءِ اسڪول دبئيءَ جا اڳوڻا ڊائريڪٽر پڻ آهن. انيلا سندر پڻ تمام مشهور ڪلاڪار آهي، جنهن پنهنجيءَ ڪلا جو جادو جاڳائي دبئي جي سنڌين ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي. انڊيا جي آزادي جي گولڊن جُبلي ملهائڻ لاءِ هندستان جي دبئي ۾ ڪانسليٽ جنرل، انيلا سندر جو مشهور ناچ “سنڌ منهنجي امان” ڪرايو هو. ڇا ته لاجواب پروگرام ٿيو هو! سنڌين کان سواءِ ٻين ڪميونٽين جي ماڻهن به انيلا جي فن کي ڏٺو ۽ ساراهيو.
ٻاهران ايندڙ ڪلاڪارن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ۽ لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري دبئي ۾ رهندڙ سنڌي فنڪارن جي پڻ همت افزائي ٿي آهي. انهن ۾ ايشور ادناڻي ۽ ڪوشي لالواڻي به شامل آهن، جن پري پري تائين وڃي سنڌي سڀيتا جو ڌاڪو ڄمايو آهي. دبئيءَ ٻيا به سٺا ڪلاڪار پيدا ڪيا آهن، جهڙوڪ ورشا کٽواڻي، ورشا پاڳراڻي، وشنوگر، رميش ڀاٽيا ۽ مسز چوڌري. انهن سڀني گڏجي سنڌي ٿيئٽر کي سينگاريو آهي. ڪن ڪن موقعن تي مون به اسٽيج تي ننڍڙا ننڍڙا رول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسٽيج پويان بيهي جن ساٿين محنت ڪئي آهي، انهن ۾ موهن گيهاڻي جو مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. هن کي انتظام سنڀالڻ جي وڏي ڏات مليل آهي.
توهان کي راندين جي ميدان تي گهڻا سنڌي ڪونه ملندا، پر ڪميونٽي کي راندين روندين جون سهوليتون پيدا ڪري ڏيڻ ۾ ڪيترن ئي سنڌين پاڻ ملهايو آهي. اڳوڻي انڊين اسپورٽس ڪلب، جنهن کي هاڻي انڊيا ڪلب چوندا آهن، تنهن ۾ راندين توڙي واند ڪائي جي وندر جو وڏو بندوبست آهي. ان ڪلب کي ماڻهو “فائيواسٽار لگزري” به سڏيندا آهن ۽ هڪ ‘بورڊ آف ٽرسٽيز’ ان کي هلائيندو آهي، جنهن ۾ وڏو انگ سنڌين جو آهي. سنڌين ئي ان ڪلب جو پايو وڌو ۽ هڙئون ۽ وڙئون مدد ڪري، وقت سيڙائي، تمام سٺي نموني ان کي هلائيندا اچن.
دان پڃ جي ڪمن ۾ به سنڌي سڀ کان اڳرا آهن. دبئي انڊين هاءِ اسڪول هڪ بنا نفعي جي هلندر بهترين تعليمي ادارو آهي، جنهن کي هڪ گروپ آف ٽرسٽيز هلائيندو آهي. ان گروپ ۾ گهڻو ڪري سڀ سنڌي آهن. هن اسڪول ۾ 13000 شاگرد بنا ڪنهن ڀيد ڀاؤ جي پڙهندا آهن. هن اسڪول جي لاءِ اها عزت جهڙي ڳالهه آهي ته ان جو پهريون چيئرمين منگهن مل پنچوليا هو. کانئس پوءِ مورج منگهناڻي، کيمچند اين کيارا، ڀڳوان ڄيٺواڻي، واسو شروف ۽ نول ويد به چيئرمين بنيا. اڄڪلهه مون لاءِ اهو اعزاز آهي ته مان ان جو چيئرمين آهيان. ڊاڪٽر موتي پرڪاش عرصي تائين هن اسڪول جي سر براهي ڪئي. موتي يو.اي.اي. ۾ سڀ کان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل سنڌين مان هڪ آهي. هونءَ به هڪ ليکڪ جي ناتي سندس توڙي سندس پتني ڪلاپرڪاش جي هاڪ هندستان ۾ ڦهليل آهي.
سڀيتائي طور سنڌي ڪميونٽي اڄ ڪلهه ڏاڍي مشڪل مرحلي مان گذري رهي آهي. اسان سڀ هڪ هوندي به هڪ ناهيون. سنڌي ڪميونٽي ۾ ڪيترا اهڙا ٽولا پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي پنهنجي مطلب ڪاڻ سنڌيت جي نالي ۾ پنهنجي ڏانءَ جي “سنڌيت” جي پرچار ڪندا ٿا وتن. اسان جي اصلي ۽ سچي ڪميونٽي ته ڪافي سرگرم آهي، پر “سنڌيت” جو نالو نشان ڳوليو نٿو لڀي. سنڌيت ته سنڌي زندگي جو هڪ حصو آهي، پوءِ ان کي پنهنجي زندگي کان ٻاهر ڪيئن ٿا ڳوليون؟ ڪنهن کي سنڌي سڏجي؟ ڪير آهي سنڌي؟ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي سوال ور ور ڪري پُڇيا ويندا. مون کي مشهور سنڌي شاعر ڪرشن راهيءَ جو هڪ بيت هنيانءَ تي ٿو هُري:
جيڪي هتي ڄمندا، سي ڀي سنڌي سڏبا،
سنڌي ٿي به، سنڌ کي، ڏسڻ کئون سڪندا،
ڌارين وانگر جڏهن، سنڌ وڃي ڏسندا،
ماڻهون ائين چوندا، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ.
جيتوڻيڪ اهو هڪ وڏو الميو ئي آهي. پر پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت به آهي. جڏهن مان ان جي باري ۾ سوچ ويچار ڪريان ٿو ته مان بنهه حيران ٿيان ٿو ته اسان جي جاتي کي هي ڇا ٿي ويو آهي، جو اسان جااڪيچار اڳواڻ ورهاڱي وارن ڏينهن ۾ پنهنجي سياست چمڪائي رهيا هئا. جيڪڏهن اهي پنهنجي جاتي جي ڀلائي لاءِ فڪر مند هجن ها ته اهي سنڌي جي زمين جي ٽڪري لاءِ ضررو ڪجهه ڪن ها. جنهن ٽڪري کي سنڌين جي پنهنجي ڌرتي ڪوٺي سگهجي پيو.
*