آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5191
  • 841
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

4. باب چوٿون : تاريخي شخصيتون

تاريخ مان ٻه ڳالهيون اسان کي ضرور سکڻ گهرجن. هڪ اها ته اسان پنهنجي پيءُ کان ڪنهن به طرح سان مٿانهان ناهيون ۽ ٻي اها ته اسان جيڪڏهن پنهنجي پيءُ کان اڳتي وڌي نه ٿا وڃو ته پوءِ اها ڳالهه اسان لاءِ شرمناڪ ئي هجڻ گهرجي.
ٿامس آرنالڊ

ڌنڌو سنڌين جي خون ۾ شامل آهي. سندن رڳ رڳ، نس نس واپاري رمزن کان واقف آهي. اها هنن لاءِ فطري ڳالهه آهي، ڇو ته سندن پالنا ئي واپاري ٻولي ٻُڌندي ٿيندي آهي. اٿندي ويهندي، کائيندي پيئندي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي هنن جي من جو لاڙو وري به ڌنڌي ڏانهن ئي هوندو آهي. ڪنهن به غير سنڌيءَ آڏو سنڌيءَ جو لفظ اُچاريو مس ته سندس ذهن ۾ هڪدم جيڪو پهريون خيال ايندو سو هي ته هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي سخت پورهيو ڪري، ڏک سک سهي، ڏينهن رات جاڳي، ڪاروبار وسيلي ڪنهن اوچي پَد تي پهچندا آهن. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو جيڪڏهن مان هي چوان ته سنڌي جي معنيٰ آهي واپاري، ڪاروباري، ڌنڌوڙي يا بزنيس مئن. اهي لفظ مان وڏي فخر ۽ نيڪ نيتيءَ سان ٿو چوان، شرم يا پشيماني وچان نه. جيڪڏهن ڪا قوم يا جاتي پنهنجي محنت، سمجهه ۽ تجربي سان ڪنهن هنر ۾ نالو ڪمائي پنهنجو پاڻ مڃائي ٿي ۽ ڪاميابيون ماڻي ٿي ته ان قوم کي ڪنهن ڀر به لڄي ٿيڻ جي گهرج ناهي. هنن جي موجودگي ئي سندن ڪاميابي جو وڏو دليل آهي.
پر صرف ڪاروبار ئي اسان جي سڃاڻ ناهي. اسان جو سنگيت، اسان جا کاڌا، اسان جو ساهت، اسان جي زنده قوم هئڻ جي شاهدي ڏيندا. سنڌي هٿ جا هنر هزارن سالن کان دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڄاتا سڃاتا ويندا آهن. قديم تاريخ، ادب ۽ قلمي نسخن وسيلي خبر پوي ٿي ته ٻاهرينءَ دنيا کي سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ هئي ۽ اهو به ته سنڌ جي لاڙ واري حصي جا ڪاروباري ناتا نه صرف ميسوپوٽيميا (اڄڪلهه جو عراق) بلڪ اوڀر ميڊيٽرينين جي ملڪن سان پڻ قائم هئا. اهو سڀ ڪجهه گهر ويٺي ڪونه ٿيو هوندو. ظاهر آهي ته اسان جي وڏن ڪشالا ڪڍي اهي ناتا جوڙيا هوندا. سنڌ جو نالو هنڌين ماڳين ڦهلائڻ لاءِ هنن کي پنهنجي وطن سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏيڻو پيو هوندو. پنهنجي قومي ورثي، ٻولي توڙي بُڻ بڻياد تي ناز جو اظهار ڪرڻو پيو هوندو. دنيا کي اهو نياپو ڏيڻو پيو هوندو ته ڏسو اسان سنڌواسي آهيون ۽ سنڌ فقط هڪ ديس ناهي، پيار ڀري ڌرتي به آهي، عظيم ثقافت به آهي، هنرمندن جو ڏيهه به آهي. اسان کي پنهنجي تاريخ آهي، پنهنجو ڪلچر آهي، پنهنجي ٻولي آهي ۽ پنهنجو شاندار ماضي آهي.
سنڌي جتي به ويا آهن، پنهنجون ريتون رسمون ۽ روايتون به ساڻ کڻي ويا آهن. اهو پيار ۽ تاريخ جو بارُ هو، جيڪو کين هر حال ۾ پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو هو.
سنڌي واپارين کي انگريزن جي دور ۾ توڙي ان کان اڳ ‘سنڌ ورڪي’ سڏيو ويندو هو. ان لفظ جي پويان ڏاڍي دلچسپ تاريخي سچائي لڪل آهي. سنڌي پنهنجي هٿ جي هنر سبب ڏاڍا مشهور هئا ۽ پرڏيهي اڪثر سنڌي ڪم (Work) جي ڳولا ۾ رهندا هئا. سنڌي ڪم ۾ واپار ڪندڙ آهستي آهستي سنڌ ورڪي ٿي پيو. اهڙي ريت جيڪي سنڌي واپاري سنڌ مان وکر کڻي سمنڊ پار ويندا هئا، سي پڻ سنڌ ورڪي سڏجڻ لڳا. نالو اهڙو پڪو ٿي ويو جو خود سنڌ جا سنڌي به کين سنڌو ورڪي ڪوٺڻ لڳا.
ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪهڙي خوبي آهي، جنهن اسان کي ايڏو وڏو نالو ڏنو آهي؟ دنيا چوي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه اسان جي خون ۾ شامل آهي. پر نه، اهو جواب ڏاڍو سادو سودو آهي. ان ۾ اها گهرائي ناهي، اها سچائي ناهي، اهو پگهر ۽ پورهيو ناهي، جنهن سبب سنڌي دنيا ۾ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. سچ ته اهو اهي ته اسان نانءُ ڪمايو آهي پنهنجي لڳاتار، اڻٿڪ محنت سان، تجربي سان، واپاري ذهنيت جي واڌ ويجهه واري عمدي روايت قائم ڪرڻ سان ۽ ڌنڌي ۾ انصاف ۽ ايمانداري جا اصول اختيار ڪرڻ سان مضبوط وڻ جي شروعات مضبوط ٻج ساڻ ٿيندي آهي. سنڌي واپاري جو پٽ، واپار جا راز ۽ رمزون جوان ٿيڻ کان اڳ ئي سکي وٺندو آهي. سمجهه ايندي ئي هو هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور جي باري ۾ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ لڳندو آهي. سنڌيءَ لاءِ انهن ٻنهي ملڪن جي ٻي ڪا معنيٰ ناهي، سواءِ واپار جي. هاڻي ته دبئي به ان لسٽ ۾ شامل ٿي چڪي آهي. هڪ سنڌي کي اها ڀلي ڀت پروڙ آهي ته سون سائوٿ آفريڪا مان ايندو آهي ۽ اسرائيل توڙي بيلجم هيرن ڪري مشهور آهن. هن کي سيلان جي چانهه جي باري ۾ ڀل ته معلومات گهٽ هجي، پر سيلان جي جواهرن بابت سڄي ڄاڻ هوندس. دنيا جي نقشي تي شايد هو جپان ڳولي نه سگهي، پر پڇڻ تي بنا هٻڪ ٻڌائي ڇڏيندو ته جپان اليڪٽرانڪ شين جي ڪري مشهور آهي. هو انهن ملڪن جي وکر جي باري ۾ وڏي اعتماد سان ڳالهائي سگهندو، ڇو ته هن جا چاچا ۽ ماما انهن ملڪن ۾ اڳواٽ ئي موجود آهن. هو اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ ٻه چار ڪلاڪ ڀلي ته سنگتين ساٿين سان راند روند ڪري، پر ان کان پوءِ کيس پيءُ جي دوڪان تي به ٻه ٽي ڪلاڪ ضروري ويهڻو آهي ته جيئن سندس هٿ ونڊائي سگهي. وئڪيشن جو مطلب رڳو موڪل نه، پر چاچي يا سوٽ سان گڏ ملڻ لاءِ هانگ ڪانگ يا ڪنئري آئلينڊ به وڃڻو آهي. هاڻي جيڪو ٻار اهڙي ماحول ۾ اک کوليندو، وڌندو ويجهندو، وڏو ٿيندو، سو 17 ۽ 18 سالن جي ڄمار تائين پنهنجي ڪِرت ۾ ڀڙُ نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
خانداني رواج موجب سنڌي واپاري پنهنجي پُٽ کي ان ڏينهن کان وٺي ڌنڌي سان لڳائيندو آهي، جنهن ڏينهن ڇوڪر اسڪولي تعليم پوري ڪئي. ٻار لاءِ وڌيڪ تعليم يا ڊگري حاصل ڪرڻ بي سود آهي، ڇو ته ان سان ڪاروبار کي ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن ڪا وڌيڪ تعليم ضروري آهي ته اها کيس دوڪان تي ئي ملندي. دراصل سنڌي واپاري لاءِ سڀ کان سٺي يونيورسٽي آهي سندس شهر، سندس گهر ۽ سندس دوڪان، ڇو ته انهن جاين تي ئي هو ڌنڌي ڌاڙي جي سڀ کان عمدي تعليم تجربي جي آڌار تي حاصل ڪري سگهي ٿو. جڏهن سندس پٽ بالغ ٿئي ٿو ته سمجهو ته هو هاڻي لائق ٿي ويو آهي ته واپار جي منجهيل مسئلن کي پاڻ سلجهائي سگهندو ۽ اڪيلي سر واپاري معاملن کي خود مُنهن ڏئي سگهندو.
ائين به ناهي ته ڪو سنڌي ڪاروباري ماڻهوءَ کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان عارُ آهي، پر ڇاڪاڻ ته مقصد ئي ڪاروبار ڪرڻ آهي ته پوءِ ايترو سارو قيمتي وقت وڃائڻ مان ڇا هڙ حاصل؟ سنڌين جي ان رويي کي جارج مئٿيو ايڊمس اجهو هنن لفظن ۾ ٿو بيان ڪري: ترقيءَ جي خواهش، ذهني هوشياري، نواڻ پيدا ڪرڻ يا ذهني توڙي روحاني ترقي جي لاءِ عمر جي ڪا به حد مقرر ڪرڻ ضروري ناهي. پراڻي ڪهاوت آهي ته جيڪو جوکو نه کڻندو، سو ڪجهه به نه لڻندو. ظاهري طور اها ڳالهه درست ٿي لڳي، پر ٻئي طرف اسان جا ڪيترا ئي اهڙا ڪم جن ۾ جوکو به شامل آهي، فائدي بجاءِ نقصان ڏيندا آهن. پر فقط اهو خيال ئي اسان جي آٿت لاءِ ڪافي آهي ته اسان جوکم کنيو. اهي ماڻهو، جيڪي ڪجهه نٿا ڪن، چپ چاپ بيٺا آهن، يا پاسيرا بيهي تماشا ٿا ڏسن، اهي زنده ته رهن ٿا پر اڌورا. رڳو مزي خاطر ئي سهي، مهم جوئي کي به مناسب هاڪاري اهميت آهي. سِر تي جوکا کڻندا رهو، توهان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندؤ.
مون کي پڪ آهي ته جارج مئٿيو ايڊمس مٿيون سٽون سنڌين جي لاءِ چيون آهن، ڇو ته هن جو هڪ هڪ لفظ روائتي سنڌي واپاري سوچ جي ترجماني ٿو ڪري.
شروعات ۾ سنڌي واپاري ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا. سنڏ ۾ تمام سٺو ڪپڙو تيار ٿيندو هو ۽ ان جو ناماچار دور دور تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪپهه مان ٺهيل اهو ڪپڙو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هٿو هٿ کڄي ويندو هو. ان ڪري دنيا ۾ جتي به سنڌي وڃي آباد ٿيندا هئا، پوءِ کڻي اهو سينگاپور هجي يا هانگ ڪانگ، انڊونيشيا هجي يا جپان يا وري دبئي ڇو نه هجي، منجهن ڪپڙي جا واپاري مڙئي سوايا هوندا هئا. اها صورتحال اڄ سوڌو ائين ئي آهي.
جڏهن انگريز انڊيا ۾ آيا تڏهن سنڌي ڪپهه جو ڪپڙو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ اها واکاڻ سڄي يورپ تائين پهچي وئي. ماڻهو دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان خاص طور ڪَهي اچي سنڌي ڪورين جي ڪاريگري ڏسندا هئا ۽ خوب ساراهيندا هئا. ڪپڙي جا ڪيئي قسم، سندن بناوٽ، هٿ جي صفائي، رنگن جي ملاوٽ ۽ ڪاريگرن جي مهارت سبب سنڌي ڪپڙو هٿو هٿ کڄڻ لڳو. رڳو ڪپهه جو ڪپڙو ته نه هو، سنڌي ڪاريگر سلڪ ۽ بروڪيڊ به واهه جو ٺاهيندا هئا. سنڌ جي روهڙي شهر ۾ ٺهندڙ سلڪ ته ڏاڍي مشهور هئي. پرڏيهه توڙي مقامي ماڻهو ان سلڪ لاءِ ديوانا هوندا هئا. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ ٺهندڙ چمڙي جو سامان پڻ دنيا ڀر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. مينهن جي کل مان جوڙيل سجاوٽي چمڙو، جنهن کي پورچوگيز سنڌي چمڙو چوندا هئا، تنهن تي ڪاريگر وڌي محنت سان ڌاڳي توڙي سلڪ جون ڊزائنون ٺاهيندا هئا ۽ مختلف رنگن سان سجائي وڪرو ڪندا هئا.
اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه جا سنڌي پنهنجي شاندار ورثي ۽ روايتن کان بي خبر آهن. نوجوان نسل ۾ اوهان کي ڪيترا اهڙا سڄاڻ ملندا جن کي معلوم هوندو ته سندن وڏن دنيا جي ٻن لاجواب سڀيتائن کي ملائي پنهنجي لاءِ انهن ٻنهي جي نچوڙ مان دنيا ۾ خاص مقام حاصل ڪيو هو. اهي ٻه سڀيتائون هيون مهراڻ جي ماٿري ۽ ويدن جي زماني جون تهذيبون. ان سلسلي ۾ نئين پيڙهيءَ کي پنهنجي انمول ورثي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪوششون ته ٿي رهيون آهن، پر اهي ڪافي ناهن.
قديم هندستاني تهذيب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ويدن جي سڀيتا جو سنگم هئي. ٻنهي ۾ جيڪو اهم تفاوت هو سو هيءُ ته سنڌو ماٿري جا رهواسي شو پوڄا ڪندا هئا ۽ ويدڪ سڀيتا جا ماڻهو صرف قدرت جا پوڄاري هئا. مهراڻ جي ماٿري جي تهذيب 2600 ق-م کان 1900 ق-م تائين عروج تي هئي. بنيادي طور اها شهري تهذيب هئي، جنهن ۾ ماڻهن جو خاص ڌنڌو هو واپار ۽ ڪاروبار. ويدن واري تهذيب دراصل ٻهراڙي سان واسطو رکندڙ هئي، جنهن ۾ ماڻهن جي روزگار جو ذريعو هو هر ڪاهڻ ۽ فصل اُپائڻ. 1924ع واري موهن جي دڙي ۽ ساڳي طرح هڙاپا جي کوٽائي مان سنڌو ماٿري جي رهاڪن جي صاف سٿري ۽ سڌريل زندگي جا ا هڃاڻ ملن ٿا. هي ماڻهو ميسوپوٽيميا (عراق) جي رهواسين وانگر لکي پڙهي ڄاڻندا هئا ۽ آرٽ توڙي هٿ جي هنر ۾ ماهر هئا. کوٽائي جي ماهرن کي سندن هٿ جا لکيل هزارين ثبوت مليا آهن. اها جدا ڳالهه آهي ته اڄ تائين انهن لکيتن کي ڪوبه پڙهي ڪونه سگهيو آهي. هڙاپا جي ماڻهن وري ميسوپوٽيميا جي رهواسين وانگر لکڻ لاءِ ڪي علامتون مقرر ڪيون هيون. شايد دنيا جو پهريون لکت جو طريقو انهن ماڻهن ئي ايجاد ڪيو هو. ميسوپوٽيميا جا ماڻهو اٽڪل 2400 ڪلوميٽر اولهه طرف رهنداهئا ۽ سندن شهر هڙاپا کان چند سؤ سال اڳ آباد ٿيا.
هڙاپا تهذيب تمام گهڻي ڦهليل هئي. اولهه ۾ سنڌو ماٿريءَ کان ٿيندي، اُترا فغانستان ۽ ترڪيءَ تائين، اوڀر ۾ هماليا جي دامن کان دهليءَ تائين وارا علائقا ان جي ا ثر هيٺ هئا. هڙاپا سنڌو، ماٿري جي تهذيب جو سڀ کان وڏو شهر هو. ٻيا مکيا شهر هئا موهن جو دڙو، چانهون جو دڙو، ڪالي بانگن ۽ لوٿل. اهي شهر چار لک ڪلوميٽرن جي ايراضي تائين ڦهليل هئا. تازين کوٽاين مان معلوم ٿيو آهي ته هڙاپا جي تهذيب اڳ ڪيل سڀني ڪاٿن کان وڌيڪ پراڻي آهي. ماهرن وٽ ثابتيون موجود آهن ته 32000 سال قبل مسيح (هڙاپا شهر جي آبادي کان 700 سال اڳ) به هڪڙو ڳوٺ ان ساڳيءَ جاءِ تي موجود هو. ياد رهي ته هڙاپا جي پنهنجي تاريخ 2600 سال قبل مسيح جي آهي.
هڙاپا جي تهذيب جون ٻه مکيه ڌارائون هيون. هڪڙي هئي سورٺ هڙاپا ۽ ٻي هئي سنڌي هڙاپا. انهن ٻنهي ۾ سورٺ (سوراشٽرا) گهٽ ترقي يافته هئي، ڇو ته منجهس مُهرون، زيور، سينگار جون شيون توڙي اعليٰ عمارتون موجود نه هيون. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي هڙاپا تهذيب وڌيڪ سڌريل هئي. منجهس خوبصورت عمارت سازي جا نمونا، پڪيون سِرون ۽ انهن سان جوڙيل جايون، گندي پاڻي جي نيڪال جون ناليون ۽ ٽپال جي ٽڪلي جي سائيز جيتريون پٿر جون مهرون ۽ انهن تي اُڪوريل لکت توڙي شڪليون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه موجود هو، جنهن مان اتان جي ماڻهن جي سڌريل رهڻي ڪهڻي جو پتو پوي ٿو. ڪي مهرون يا سيلون اهڙيون به مليون آهن جن تي ديوتائن جون تصويرون اُڪريل آهن. ڪن تي وري جانورن جون شڪليون اُڪريل آهن. انهن ۾ ٿوهي وارو زيبو ڍڳو خاص طور تي قابل ذڪر آهي، ڇو ته اهو ڍڳو اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي. انهن مُهرن کي آليءَ مٽي جي تختين تي لڳائي پوءِ کين پچائي پڪو ڪيو ويندو هو. گمان آهي ته اهڙيون تختيون مال ۽ وکر جي مالڪي ڏيکارڻ لاءِ يا ان جي سڃاڻپ لاءِ ڪتب آنديون وينديون هيون.
هڙاپا جي ابشندن جي رهڻي ڪهڻي جا راز تڏهن کليا، جڏهن هڪ دڙي ۾ موجود اسٽوپا (ٿنڀي) جي پاسن کان کوٽائي ڪئي وئي، ان کوٽائي مان ٻين ڪيترين ڳالهين کان سواءِ اهو به معلوم ٿيو ته اهي دڙا ڪيترن ئي تهن جي مٿان بيٺل آهن. هڪ شهر جي تباهي کان پوءِ ايندڙ نسل ان ئي جاءِ تي ٻيو شهر آباد ڪيو. اهڙي طرح شهرن مٿان نوان شهر اڏبا ويا. عام طور چيو ويندو آهي ته ان دڙي هيٺان گهٽ ۾ گهٽ ست تهه موجود آهن ۽ هر تهه جي پنهنجي جدا تاريخ آهي، پنهنجا روڊ رستا آهن، پنهنجون عمارتون آهن. انهن شهرن جا رهواسي وچولي درجي جي شهري سماج جا فرد هئا. هو مهارت سان رٿيل شهرن ۾ رهندا هئا ۽ سندن سڌريل طرز زندگي پنهنجي دور جي مڙني تهذيبن کان مٿانهين ۽ مان واري هئي، جن ۾ مصر ۽ بابل جي تهذيب به شامل آهي. ياد رهي ته ٻنهي تهذيبن جي مشهوري اتان مليل خوبصورت برتنن، ٺڪر جي ٿانون، جن مان ڪي سادا آهن ۽ ڪن تي چٽسالي ٿيل آهي، ۽ سينگار جي سامان جي ڪري ٿي، جيڪو ان وقت جا شهري روزمره جي ڪم آڻيندا هئا. سنڌي هڙاپائي ننڍين ننڍين سردارين ۾ ورهايل هئا، جيڪي ٻن کان پنجن ايڪڙن جي ايراضي تي قائم هونديون هيون. سندن سماج ذات پات جي ڀيد ڀاوتي ٻڌل ڪونه هو، بلڪ ڪرت ۽ ڪسب جي لحاظ سان ورهايل هو. ان ڪري ماڻهو ذات، قبيلي يا قوم جي بجاءِ پنهنجي ڌنڌي جي ناتي سان سڃاتا ويندا هئا، جهڙوڪ: مهاڻا، سونارا، هاري، واپاري وغيرهه.
شهرن جون گهٽيون سڌيون، پڪيون ۽ ويڪريون هيون ۽ کين ڳنڍڻ لاءِ ڇوٽيون گهٽيون ٺهيل هيون. گهڻيون عمارتون گهڻ ماڙيون هيون، جن ۾ رهڻ لاءِ ڪافي ڪمرا، سنان جايون ۽ گدام پڻ هئا. اڪثر گهرن جي پڌر جي چوڌاري رهائشي ڪمرا ٺهيل هئا. اڄ به ان طرز جا گهر اتر هندستان توڙي پاڪستان ۾ جام نظر ايندا. گهر هوادار هئا. هر گهر ۾ هڪ هڪ کوهه، هڪ سنان جاءِ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ ڪسي يا نالي هئي، جيڪا گهر مان نڪري گهٽي جي ڪناري وهندڙ نالي ۾ پوندي هئي ۽ پوءِ سموريون گهٽين جون ناليون وري ڪنهن جاءِ تي هڪ وڏي نالي ۾ وڃي ڪرنديون هيون، جيڪو اندران ئي اندران ڪٿي دور وڃي ڇوڙ ڪندو هو. اهي سڀ ڪسيون، ناليون توڙي نالا صحت ۽ صفائي جي خيال کان هر طرح ڍڪيل هوندا هئا. شهر جي وچ ۾ هڪ ڌرمي مرڪز هوندو هو، جتي ماڻهوءَ گڏ عبادت يا پوڄا پاٺ ڪندا هئا. هڙاپائي پاڻيءَ جا ماهر انجنيئر هئا. اها مهارت کين گهڻ ماڙ عمارتن ٺاهڻ ۽ وڏا ۽ اوچا ٿلها جوڙڻ ۾ ڪم ايندي هئي. برسات ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ، ڪڏهن بنهه ڪونه پوندي هئي، ان ڪري هو کوهه کوٽيندا هئا ته جيئن جَرَ جو پاڻي حاصل ڪري سگهجي. ڪڻڪ پوکيندا هئا. جوئر، ٻاجهر ۽ جوَ به اُپائيندا هئا ۽ ماپ ۽ تور جو نظام پڻ ايجاد ڪيو هئائون. سون، چاندي، لوهه ۽ ٻين ڌاتن جا ڪاريگر هئا. هيرن، جواهرن، سون ۽ چاندي منجهان سهڻا زيور ٺاهڻ ڄاڻندا هئا. چوڙيون، جهومڪ ۽ هار مختلف ڊزائينن ۾، باريڪ ڪم سان ٺاهيل زيور اڄڪلهه جي فيشني زيورن کان گهڻو مختلف ناهن. ماڻهو گلي ۾ مهرون ۽ تائٿ هار جيان پائيندا هئا ته جيئن ديوتا مٿن راضي رهن.
هڙاپا جا ماڻهو وڏا ڪاريگر هئا ۽ گڏوگڏ سٺا واپاري پڻ هئا. هو هٿ جا ٺهيل سونا زيور، پتل جا باسڻ ۽ نيم قيمتي پٿر، جهڙوڪ هلڪي يا گهري رنگ جا لاپز لازولي (لاجودر)، عاج ۽ مڻيا ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻهر عمان، گلف (نار)، ايران ۽ مغربي ملڪن ۾ وڪرو ڪندا هئا. هو لاپز لازولي افغانستان واري علائقي مان گهرائي، ان کي ڪَٽي گهڙي، پالش ڪري، ان مان زيور جوڙيندا هئا. عربستاني سامونڊي ڪناري کان وڏا، اُڀا، ڇلن وارا ڪوڏ گهرائي، ڪاراين سان ڪپي، چوڙيون ٺاهيندا هئا. ڀوري پيلي رنگ جي سخت پٿر کي گهڙي، ان مان وڏا مڻيا ٺاهيندا هئا. انهن مڻين جي اها خوبي هوندي هئي جو جيڪڏهن کين بٺيءَ ۾ وجهبو ته هڪدم رنگ بدلائي نارنگي ڳاڙها ٿي جرڪڻ لڳندا هئا. ماهرن اهي تجلا ڏيندڙ مڻيا ميسوپوٽيميا جي مقبرن ۾ چمڪندي ڏٺا آهن.
اناج کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ هڙاپاين هڪ لاجواب گودامن جو سسٽم ٺاهيو هو. هنن هڪ وڏو گودام عام ماڻهن جي لاءِ ٺاهيو هو، جيڪو بئنڪ يا خزاني طور ڪم ايندو هو. موقعي تان کوٽائي دوران حاصل ڪيل ماڻهن جي هڏاون پڃرن مان پتو ٿو پوي ته هو کاڌي پيتي ۾ خوشحال هئا. جانورن جي هڏن مان پروڙ ٿي پوي ته ان دور جا ماڻهو چوپايو مال، رڍون، ٻڪريون، مينهون، ڪتا ۽ ڪڪڙ وغيره پاليندا هئا.
چڱي ريت جاچ جوچ ۽ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته ان سڀيتا جا رهواسي جنگ جدل ۽ خون خرابيءَ کان ناواقف هئا. جيتوڻيڪ ڪجهه هٿيار پڻ لڌا ويا آهن. پر اهي ويڙهاند جي ڏانءُ جا ناهن. شهر جي وڌندڙ واپار ۽ ماڻهن جي سُکي حياتي باوجود، شهر جي پوڌاري بچاءَ جي ديوار ۽ جنگ جي هٿيارن جو نه هئڻ اهو صاف ظاهر ٿو ڪري ته اهي ماڻهو امن پسند هئا ۽ صلح سانت سان بي خوف زندگي گذاريندا هئا. اها به ڄاڻ پوي ٿي ته اها تهذيب ڪنهن خاص حصي تائين محدود نه هئي. بلڪ منجهس ڦهلجڻ جون سڀ خوبيون موجود هيون.
سنڌي هڙاپائي طرز زندگي جو اثر گجرات، ڪڇ، پنجاب، هريانا ۽ اتر پرديش تي به پيو، جنهن جا اهڃاڻ اڄ به نظر پيا اچن. تازو هماليا جي دامن ۾ مانڊا نالي قديم تهذيب جو هڪ نئون ٺڪاڻو ڳولي لڌو اٿن. ان جي جاچ مان خبر ٿي پيو ته هڙاپا جو هماليائي ڪاٺ جي واپار تي چڱو خاصو قبضو هو. گهبا نالي هڪ ٻي کوٽائيءَ واري جاءِ، جيڪا هڙاپا تهذيب جو حصو هئي، سا شايد ڌاتن، معدنيات ۽ ڪاٺ جي پرڏيهه روانگي لاءِ ٽرمينل جو ڪم ڏيندي هئي. ان جاءِ تي گڏ ڪري، وڪري جون شيون افغانستان ۽ اڳوڻي روسي، وچ ايشيائي ملڪن ڏانهن روانيون ڪيون وينديون هيون.
ڇاڪاڻ جو سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ويديائي تهذيب جي ميلاپ سان سنڌي سڀيتا جڙي هئي، ان ڪري اتان جي ٻولي تي پڻ انهن تهذيبن جو گهاٽو اثر پيو. ماهرن جي نظر ۾ سنڌي ٻولي ويديائي دور کان اڳ جي ٻولين جي هڪ شاخ آهي ۽ سنسڪرت جو به مٿس اثر هو، ان ڪري هن دراوڙن توڙي آرين جي ٻولين جا لفظ به پاڻ ۾ جذب ڪري ورتا هئا.
سنڌين جي ٻي هڪ خاص خوبي آهي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏڻ. سنڌي وڻج واپار سانگي اڪثر ڌارين ملڪن ڏانهن لڏيندا پئي رهيا آهن. يوناني ادب ۾ سنڌين جي ان رويي جو لکت ۾ ثبوت موجود آهي. يوناني ادب جي شاهڪار ڊگهي نظم اِليڊ ۾ سِنتين (سنڌين) ماڻهن جو ذڪر ڪيل آهي، جيڪي عجيب ٻولي ۾ گفتگو ڪندا هئا. اهو حوالو ولڪن نالي هڪ مڪار ڪَمي جو آهي، جيڪو پنهنجي ماءُ جُنو کي پرچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. هو چوي ٿو، هڪ ڀيرو اڳ به، جڏهن مون تنهنجي مدد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، هن مون کي پير کان جهلي عرش کان فرش طرف کڻي اُڇليو. سڄو سارو ڏينهن، صبح کان وٺي شام تائين مٿان کان زمين ڏانهن پئي ڪريس. جڏهن سج لٿو، تڏهن ليمناس جي ٻيٽ تي اچي ڦهڪو ڪيم. دم ته ذري گهٽ نڪري ويو هوم. سگهه باقي ڪانه رهي جو اُٿي سگهان. بي ستو پيو رهيس، تان جو سنتين (سنڌي) آيا ۽ اچي منهنجي مدد ڪيائون. (اليڊ1:594)
17 صدي عيسوي ۾ ايڊورڊ پوڪاڪ (91-1604) هڪ انگريز پادري، جيڪو مشرق (اُڀرندي) دنيا جي علم جو ماهر پڻ هو ۽ شام جي اليپو نالي شهر ۾ رهندو هو، تنهن هندستان جي يونان تي اثر بابت لکندي تفصيل سان سنڌين جي ميڊيٽرينين (ڀونوچ سمنڊ) ۽ اتر آفريڪا ڏانهن لڏ پلاڻ جي لهر جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ويدن واري دور ۾ پاني نالي هڪ قوم جنهن جو تعلق ساڳئي واپاري قبيلي وانڪس (Vanikas) يا واڻيا (Vanias) يا بنيئا (Banias) سان هو، سي لڏي پنهنجي وطن کان ڏور، يونان ۾ اچي آباد ٿيا. هو پنهنجو حيرت جهڙو ڪپڙو پاڻ سان گڏ نئين دنيا ۾ کنيو آيا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ڪپهه پراڻي دنيا جي دور دراز حصن ۾ مشهور ٿي وئي. اهڙي طرح سنڌ جو نالو سُواسا (Suvasa) يعني سٺي ڪپڙي جو ملڪ پئجي ويو.
سنڌي شايد پنهنجي حاڪمن جي سياسي زور آورين کان تنگ ٿي، ملڪ ڇڏي، لڏي هليا ويا هجن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو سمنڊ رستي دور دراز ملڪن ڏانهن امن امان جي تلاش ۾ ويا هجن، هو ضرور سامونڊي ڪنارو ڏئي مڪران وٽان لنگهيا هوندا، جيڪو گلف (نار) جي ايراني طرف آهي. گلف جي مُنهن مان لنگهي هو عمان، هيدرامنت (Hadramant) ۽ يمن مان ٿيندا ڳاڙهي سمنڊ وٽ پهتا هوندا. اتان وري نيل ندي تي چڙهي ڏکڻ مصر جي نيوبيا (Nubia) بادشاهت ۾ ويا هوندا، جيڪا سوڊاني سرحد ۽ ايبسينيا (هاڻي ايٿوپيا) سان لڳ آهي، هو اتي به نه ترسيا هوندا. نيل ندي جي ڇيڙي وٽ ميڊيٽرينين سمنڊ وٽ پُڳا هوندا. جيڪي انهن منجهان شام ۽ لبنان ۾ لهي پيا، سي فينيشنس (Phoenicians) سڏجڻ لڳا. پالي ٿي پيا پانيڪاز (Panikas)، يعني پيونڪ (Punic) نسل يا فينشنس (Pheonicians). تاريخدانن هنن لڏي آيل نون ماڻهن جي يوناني تهذيب ۾ آندل واڌاري ۽ سڌاري جو ذڪر ڪيو آهي.
مغرب جا ماڻهو جڏهن هنن لڏي آيل ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽ سندن رهڻي ڪهڻي ڏٺائون، ۽ سندن واتئون اوڀر جي واکاڻ ٻڌائون ته سندن مهم جو حاڪمن جي دل سُرڪي. هنن سوچيو ته ڇو نه اسان حملو ڪري هلي سنڌ فتح ڪريون ۽ پنهنجي اکين سان ان سکي ملڪ کي ڏسون. سنڌ هنن جي لاءِ سامونڊي توڙي خشڪي جي رستي کان پهچڻ ۾ سولي هئي. سٿين (Scythians)، پارٿين (Parthians)، ڪُشن (Kushans)، هُن (Hun)، گريڪ (Greeks) ايراني (Iranians) ۽ عرب قومن سنڌ لاءِ ايتري ته ڪشش محسوس ڪئي، جو هو وقت بوقت سنڌ تي حملي آور ٿيندا رهيا. انهن مان ڪيترائي سنڌ ۾ رهي پيا ۽ آهستي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي هڪ ٿي ويا.
عربن 638 کان711ع تائين سنڌ تي لڳاتار ڪيئي حملا ڪيا. تاريخدانن جي چوڻ مطابق عربن سامونڊي توڙي خشڪيءَ رستي 15 حملا ڪيا. آخرڪار بغداد جي حاڪم حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو محمد بن قاسم، عراقي، شامي ۽ عرب سپاهين جو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. ڊگهي ۽ ڇتي جنگ کان پوءِ 711ع ۾ هن سنڌ فتح ڪري ورتي. اهو هند توڙي سنڌ لاءِ ڏاڍو اهم واقعو ثابت ٿيو، ڇو ته ان کان پوءِ عربن جي حڪمراني اٽڪل ٻه سو سالن تائين رهي.
بهرحال، حملن جي حوالي سان سڀ کان دلچسپ حملو ڪيو سڪندر اعظم. سڪندر اعظم يوناني هو ۽ سندس حملو عربن جي اچڻ کان ڪيئي صديون اڳ ٿيو، جڏهن پنجاب مان اتان جي راجا پورس سان ٿيل مشهور ٽڪراءَ کان پوءِ واپس پئي ٿيو ته رستي ۾ سنڌ تي به حملو ڪيائين. دراصل هن پنهنجن طوفاني حملن دوران ايران، افغانستان ۽ اتر اولهه هندستان تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ ڪافي دشمن پيدا ڪري ورتا هئا. موٽندي وقت هن نٿي چاهيو ته ساڳئي رستي کان واپس وڃي. ان ڪري هن کي سنڌ تي حملو ڪرڻو پيو. حملو اوچتو هو، ان ڪري شروعات ۾ سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل ننڍڙيون رياستون گهٻرائجي ويون. پر جلدئي هو پاڻ سنڀالي ويا ۽ گڏجي سڪندر جي فوجن تي چئني پاسن کان حملو ڪري ڏنائون. سنڌ جي حاڪم سباس سان ويڙهاند ۾ سڪندر کي ڪلهي ۾ زخم رسيو، ٽنگ ڌڪجي پيس ۽ ڇاتيءَ ۾ تير لڳس. هڪ ڀيرو ته افواهه ڦهلجي ويو ته سڪندر اعظم جنگ ۾ مارجي ويو.
دنيا جي فاتح سڪندر اعظم لاءِ اهو وڏو ڌچڪو هو، ڇو ته هو تازو پنجاب مان پورس جي هٿان يقيني شڪست کان بچي نڪتو هو. يوناني تاريخدان پلوٽارچ (Plutarch) چوڻ موجب، پورس جي خلاف لڙائيءَ مقدونيا جي رهواسي سڪندر جا ڇيهه ڇني وڌا هئا. لاچار سڪندر کي پورس سان ٺاهه ڪرڻو پيو. پلوٽارچ لکيو هو ته سڪندر نه صرف پورس کي پنهنجي رياست جي گورنري ڏني، پر ٻين آزاد قومن جن کي هن جيتيو هو، تن جا علائقا پڻ کيس ڏئي ڇڏيا.
سڪندر تي سنڌ جي حڪمرانن جيڪي حملا ڪيا، تن مان نه صرف هو بچي نڪتو، پر مٿن سرسي پڻ قائم ڪري ورتائين. هن برهمڻن کي خاص طور پنهنجو نشانو بنايو، ڇو ته سندس خيال ۾ برهمڻ ڌرمي ۽ ڄاڻو هئڻ سبب سنڌ جي حاڪمن کي مقابلي ڪرڻ جون صلاحون ڏئي رهيا هئا. اُن کان پوءِ برهمڻن جي ڏيهه نيڪالي شروع ٿي وئي. بهرحال، سڪندر برهمڻن جي قابليت کان گهڻو متاثر ٿيو، ان ڪري هن ڏهه برهمڻ فلاسفر قيد ڪري پاڻ وٽ رکيا. پلوٽارچ انهن ڏهن قيدي برهمڻن ۽ سڪندر جي وچ ۾ ٿيل گفتگو اجهو هن ريت بيان ڪئي آهي.
سڪندر پهرئين برهمڻ کان پُڇيو، “اهو ٻڌاءِ ته سڀ کان وڌيڪ ڪير آهن: مئل يا زنده؟.”
“زنده. ڇو ته جيڪي مري ويا، سي باقي نه رهيا.” جواب مليو.
سڪندر اعظم اهو جواب ٻڌي خوش ٿيو. ٻئي برهمڻ کان پڇيائين، “سڀ کان وڌيڪ وڏا جانور ڪنهن پيدا ڪيا، سمنڊ يا زمين؟”
“زمين. سمنڊ ته زمين جو حصو آهي.”
ٽئين برهمڻ کان پڇيائين، “سڀ کان وڌيڪ مڪار جانور ڪهڙو آهي؟”
“اهو، جنهن کي انسان اڃا تائين ڳولي نه لڌو آهي.”
هُن پوءِ چوٿين برهمڻ کان پڇيو، “توهان سنڌ جي راجا سباس کي مون سان جنگ جوٽڻ لاءِ ڪهڙو دليل ڏنو؟”
“ڪوبه نه، سواءِ ان جي ته هو يا ته ذلت جي زندگي جيئي، يا عزت جو موت مري.”
پنجون سوال برهمڻ جي عقل جي امتحان وٺڻ جو سڪندر اعظم پڇيو، “ڏينهن ۽ رات ۾ ڪنهن جي ڄمار وڏي آهي؟”
قيدي جواب ڏنو، “ڏينهن، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ڄمار ۾ وڏو آهي.”
ڇهين کان سوال پڇيائين، “انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي جو کيس بي انتها پيار ملي؟”
قيدي وراڻيو، “کيس گهرجي ته هو پاڻ کي طاقتور ثابت ڪري، ظالم نه.”
ستين کان سڪندر پڇيو، “ماڻهوءَ کي ديوتا بنجڻ لاءِ ڇا گهرجي؟”
ڏاهي برهمڻ جواب ڏنو، “اهو ڪجهه ڪري ڏيکاري جيڪو ٻيو انسان نه ڪري سگهي.”
اٺون سوال هو، “زندگي ۽ موت مان وڌيڪ زوراور ڪير آهي؟”
“زندگي موت کان وڌيڪ سگهاري آهي ڇو ته اها تمام گهڻين مصيبتن کي سهارو ڏئي ٿي.” ڏاهي مرڪندي چيو.
نائين کان سڪندر پڇيو، “انسان لاءِ تنهنجي راءِ ۾ فضيلت سان جيئڻ لاءِ ڪيترو عرصو درڪار آهي؟”
“اوستائين، جيستائين زندگي کان وڌ موت جي تمنا نه ٿئي؟”
پوءِ جڏهن برهمڻن جو وارو آيو ته هو سڪندر اعظم کي سوال پُڇن، تڏهن انهن مان هڪ، جنهن جو نالو ڪالانس هو، تنهن بادشاهه سان ڳالهائڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيو ته جيسين سڪندر پنهنجا لٽا لاهي ساڻس نياز ۽ نئڙت سان نه ڳالهائيندو، تيسين هو به ساڻس گفتگو نه ڪندو.
جڏهن سڪندر اهو شرط مڃيو، تڏهن ڪالانس زمين تي هڪ سڪل، سڪڙيل ۽ گُهنجن واري کل اڇلي ۽ پاڻ ان جي ڪنڊن پاسن تي چڙهي بيٺو ته جيئن ثابت ڪري سگهي ته ائين ڪرڻ سان کل سڌي ٿي نه سگهندي. پوءِ پنهنجي ڏاهپ ڏيکاريندي، جڏهن کل جي وچ تي وڃي بيٺو ته اها کل هڪدم سڌي ٿي وئي. ڏاهي، سڪندر اعظم کي جيڪو سبق ڏيڻ ٿي چاهيو، سو هيءُ ته دنيا ۾ هيڏي هوڏي ڀڄڻ، ڊڪڻ ۽ رلڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو. نه کيس فائدو پهچندو ۽ نه سندس قوم کي. بجاءِ ان جي ته سڪندر اعظم دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين فوجون ساڻ کڻي ملڪ فتح ڪندو وتي. هن لاءِ چڱو اهو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ رهي ماڻهن جي خدمت ڪري.
سنڌ جي برهمڻ کي ختم ڪرڻ متعلق تاريخ ۾ هڪ ٻي به ڪهاڻي موجود آهي.
اٺين صديءَ ۾ هڪ ٻيو حملا آور محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ هتان جي راجا ڏاهر کي شڪست ڏنائين. محمد بن قاسم سياڻپ ڪري درٻار جي برهمڻن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ سندن دليون جيتڻ جو فيصلو ڪيو. نتيجي طور برهمڻن محمد بن قاسم جي لاءِ جاسوسيءَ جو ڪم سرانجام ڏنو. هنن جي مدد سان ئي محمد بن قاسم راجا ڏاهر کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيت کان پوءِ برهمڻن کي انعام اڪرام ڏيڻ بدران هو مٿن ڏمرجي پيو. هن جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو انعام جي لالچ ۾ پنهنجي ملڪ سان غداري ڪري سگهن ٿا، سي هڪ ڌارئي سان ڪهڙي وفاداري ڪندا؟ هن فيصلو ڪيو ته جيئن ته برهمڻ ڀروسي جي لائق ناهن ۽ پنهنجي ملڪ سان بي وفائي ڪئي اٿن، ان ڪري کين ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.
تاريخ جي انهن ڪهاڻين ۾ ڪيترو سچ آهي ۽ ڪيترو ڪوڙ آهي، اهو الڳ بحث آهي، پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي. اها هيءَ ته سنڌ جي آباديءَ جو تمام ٿورو حصو، اٽي ۾ لوڻ جي برابر، برهمڻ جو هو. دراصل سنڌ ۾ ڪوبه برهمڻ هو ئي نه، ڇو ته سنڌي سماج ۾ ذات پات جو ڀيد ڀاءُ ڪونه هوندو هو.
ذات پات ۽ رنگ يا نسل جو مت ڀيد، جنهن کي “ورڻ” سسٽم چيو ويندو هو ۽ خاص ڪري اهو رواج هندن جي سماج جو اهم حصو هو، سو سنڌ ۾ ڪنهن به طرح جڙ پڪڙي نه سگهيو. جيتوڻيڪ برهمڻ، جيڪي “ورڻ” سسٽم ۾ سڀ کان اوچي ذات جا سمجهيا ويندا هئا ۽ ڌرمي لحاظ کان سندن مان تمام وڏو هو، پر سنڌ ۾ اهي سنڌي سماج جو هڪ جهڙو حصو ٿي رهيا. ايڇ.ٽي. لئمبرڪ، جيڪو انگريزن جي طرفان سنڌ جو ڪمشنر ٿي رهيو ۽ جنهن “سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ” (Sindh Before the Muslim Conquest) نالي ڪتاب لکيو، تنهن جو چوڻ آهي ته برهمڻن جي اثر ڪري سنڌ هميشه ڌارين جي ڪاهُن جو مقابلو ڪيو.
برهمڻ جي اُسرڻ جي مشهور ڊگهي منظوم ڪهاڻي مهاڀارت ۾ ملي ٿي. ڪورون جي “دشالا” جڏهن پنهنجي قوم ۾ اخلاقي ڪمزوريون ڏٺيون، تڏهن دريوڌن کي وينتي ڪيائين ته ڪي برهمڻ ڏياري موڪل جيڪي ماڻهن کي سڌي راهه ٻڌائن. ديوڌن عرض اگهايو ۽ ڏهه هزار برهمڻ ڏياري موڪليائين. انهن مان ڪي جيڪي سنڌ ۾ آيا، سي ڌرمي ڪمن ۾ لڳي ويا ۽ پوڄا پاٺ ۽ ٻيون رسمون ادا ڪرڻ لڳا ۽ ڪي وري راجائن جا صلاحڪار بڻجي ويٺا. پر هو گهڻو تڻو شهرن ۾ رهيا.
جيڪي ٿورا برهمڻ سنڌي ڪميونٽيءَ ۾ نظر اچن ٿا، سي تازو سنڌ ۾ آيا آهن. انهن ويچارن کي ته سنسڪرت جي به پوري ڄاڻ ڪانه هئي، جتي هندستان جي ٻين حصن جا برهمڻ سنسڪرت جا وڏا ڄاڻو آهن. سنڌي برهمڻن کي ٿورا شلوڪ ياد هوندا هئا، جيڪي ڌرمي رسمن وقت اُچاريندا هئا. هنن جو ڪارج فقط اهو ئي هو ته ضرورت آهر ڪي رسمون پوريون ڪجن، پر هو سنڌ ۾ ڪڏهن به وڏي طاقت ٿي ڪونه اُڀريا.
ڌارين جي ڪاهن مان هڪڙو فائدو اهو نڪتو ته سنڌي واپارين کي مختلف قومن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو سٺو موقعو مليو. اهڙي طرح هو پرڏيهه جو سفر به ڪرڻ لڳا، ۽ منجهانئن ڪي ته ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيڻ لڳا. سنڌي سوداگر نائين صدي عيسوي کان عربي نار جي ايراني پاسي آباد ٿيڻ لڳا هئا. هنن جو واپار عمان، يمن ۽ ان کان به اڳتي ڳاڙهي سمنڊ تائين ڦهليل هو.
نئين دور جي لڏ پلاڻ 15 صدي عيسوي ڌاري ٿي، جڏهن ٺٽي (لاڙ) جي سوداگرن، ڀاٽين عمان سان سڌو سنئون واپار شروع ڪري ڏنو. ان کان پوءِ سنڌ جي ٻين حصن مان پڻ واپاري عمان سان واپاري ناتن ۾ شريڪ ٿي ويا. ڪڇ جا ڀاٽيا ۽ حيدرآباد جا کوجا به پٺتي ڪين رهيا.
سنڌي واپاري روايتي طور سامونڊي رستو اختيار ڪندا هئا، پر مغلن جي دور ۾ هنن خشڪي رستي پڻ واپار جي شروعات ڪئي. 18 صدي عيسوي جي وچ ڌاري اپر سنڌ جي ننڍڙي شهر شڪارپور مان باقاعدي رٿابنديءَ هيٺ لڏ پلاڻ ٿيڻ لڳي. اٽڪل هڪ سؤ سال پوءِ حيدرآباد، جيڪو ٽالپر حاڪمن جي دور ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو (1843ع _1783ع)، ان به شڪارپور جي پوئواري ڪئي ۽ هتان جا ماڻهو به واپار سانگي پرڏيهه وڃڻ لڳا. اهي ٻه صديون سنڌ جي اتهاس ۾ ڏاڍيون اهم آهن: واپاري لڏ پلاڻ جي ناتي سان ۽ واپار جي نوعيت سان به.
شڪارپوري پئسي ڏوڪڙ جي لين دين ۾ هوشيار هئا. سندن مشهوري بئنڪرن جي حيثيت سان تمام گهڻي هئي. ڏوڪڙ هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ جلد پڄائڻ لاءِ هنن “هنڊي” جو رواج وڌو. ان سسٽم هيٺ اعتبار تي واپاري پنهنجي رقم ڏيهه پرڏيهه ۾ جلد کان جلد موڪلي سگهندا هئا. هيءُ سسٽم ان دور ۾ وجود ۾ آيو جڏهن آمدورفت جو ٻيو ڪو خاطر خواهه وسيلو ڪونه هو، سواءِ نجي ٽپالين جي. شڪارپورين جي ناڻي جي معاملن ۾ ڏاهپ ۽ رٿابنديءَ جي شهرت هنڌين ماڳين ڦهليل هئي. 18 ۽ 19 صدي عيسوي ۾ سندن مهارت کين روس جهڙي دور دراز ملڪ تائين پهچائي ڇڏيو. هنڊي رستي رقمن جي ڏي وٺ جو طريقو، جيڪو هنن پاڻ جوڙيو هو، سو دنيا ۾ ايڏو ته مقبول ٿيو جو روسي وچ ايشيا ۾ آخرڪار هو پير پختا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
هنڊي جو سسٽم انهن واپارين، سوداگرن ۽ مسافرن لاءِ رحمت ثابت ٿيو، جيڪي اڻانگن رستن ۽ خوفناڪ علائقن مان لنگهندا هئا. خاص ڪري وچ ايشيا جا علائقا، جيڪي امن جي لحاظ کان سلامتي وارا نه سمجهيا ويندا هئا. هُنڊي جي ڪري واپارين کي رقم پاڻ سان گڏ کڻڻي نه پوندي هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو افغانستان جي قنڌار شهر کان سينٽر (وچ) ايشيا جي ڪنهن شهر ڏانهن سفر ڪرڻ گهرندو هو ته هو هُنڊي رستي پنهنجا پئسا اڳواٽ قنڌار ۾ جمع ڪرائي، اُها ساڳي رقم پنهنجي منزل تي وڃي وصول ڪندو هو.
سنڌي بئنڪرن جي هاڪَ ايڏي ته ڦهلجي ويئي جو هو روسي بئنڪرن جي لاءِ “وچئين ماڻهوءَ” جو رول ادا ڪرڻ لڳا. هو بئنڪرن کان قرض وٺندا هئا ۽ ساڳي رقم ٻيهر هارين ۽ زميندارن کي قرض تي ڏيندا هئا. هو چين جي سنڪيانگ صوبي ۽ ڏکڻ ايران ۾ به ناتي سان ڇانيل هئا. ساڳي طرح هو 1917ع جي روسي انقلاب اچڻ تائين وچ ايشيا ۾ هڪ مضبوط طاقت بنيا رهيا. روسي انقلاب کان پوءِ ملڪي حالتون بگڙي ويون ۽ سياسي ڀونچال اچي ويو. اها صورتحال ڏسي هو هندستان موٽي آيا ۽ هتي اچي ڪامياب بئنڪرن طور ٻيهر ڪم شروع ڪيائون. انڊيا ۾ شروعاتي مرحلي ۾ هنن پنهنجا مضبوط ٺڪاڻا بمبئي ۽ مدراس ۾ قائم ڪيا ۽ پوءِ جڏهن پاڻ ڀرا ٿيا، تڏهن پنهنجو ڪم برما ۽ سيلون تائين وڌائي ڇڏيائون. هاڻي هندستاني معيشت جي ڦهلاءَ کي نظر ۾ رکندي، هنن پنهنجي ڌنڌي کي پڻ گهڻ رخو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي طرح وقت جي للڪارن جو وڏي همٿ ۽ هوشياريءَ سان مقابلو ڪري رهيا آهن.
هڪ طرف شڪارپورين پنهنجي لاجواب بئنڪنگ واري ذهن طور نالو ڪمايو ته ٻئي طرف وري حيدرآبادي سنڌين واپار ۾ وڏو مانُ حاصل ڪيو. سندن ڪاميابيءَ جو راز اهي گُڻ هئا، جيڪي هنن پنهنجن وڏڙن جي تجربي مان سکيا هئا. سنڌ ورڪي (حيدرآباد جا واپاري) پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به وڏي ۾ وڏو جوکو کڻڻ تي هريل هئا. انهن ڏينهن ۾ مسافري ڪرڻ وڏي جوکي جو ڪم هوندو هو. سفر ڪرڻ اڻانگو به هوندو هو. اڄڪلهه جيتريون سهوليتون به ڪونه هيون. سنڌ ورڪي انهن حالتن هيٺ پرڏيهه جا سفر ڪري ڪپڙي توڙي ٻين قيمتي شين جو واپار ڪندا هئا. هو اڪثر ٻه ٻه سال يا اڃا به وڌيڪ وقت وطن کان پري رهندا هئا. جڏهن موٽندا هئا ته ٿورا ڏينهن ٻارن ٻچن سان گذاري وري ٻيهر سفر جا سانباها ڪندا هئا. عورتون ساڻ وٺي وڃڻ اوکو ڪم هو، انڪري محدود مدت لاءِ ويندا هئا ۽ پئسا ڪمائي واپس ورندا هئا ته جيئن گهر وارا سکيا ڏينهن گذاري سگهن.
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻُڌي
پاسا مَٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
وڄا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.
هنن جي محنت ۽ مهارت جو اندازو اُن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن مصر جديد سياحت (ٽوئرزم) جو مرڪز بڻيو ۽ سڄي دنيا کان ماڻهو مصر گهمڻ ۽ اُتان جون انوکيون شيون خريد ڪرڻ اچڻ لڳا، تڏهن اسان جا سنڌ ورڪي سنڌي هٿ جا هنر ۽ ٻيون قيمتي شيون ساڻ کڻي وڃي اتي وڪڻي ايندا هئا. هنن تڪڙ تڪڙ ۾ پاڻي جي ڪناري وارن رستن تي پنهنجا دڪان کولي ڇڏيا، جن ۾ وڻندڙ ۽ نرالو وکر سَٿي، سياحن جو رخ پاڻ ڏانهن موڙي ڇڏيائون. مارڪيٽنگ ته قدرتي ڏات هئي جا ڌڻيءَ کين ڄائي ڄم کان ڏئي ڇڏي هئي. سامان وڪرو ڪيئن ڪجي، سو ته ڪو کانئن سکي. ڪيترا سنڌ ورڪي ڪرنسي جي مٽا سٽا وارو ڌنڌو به ڪندا هئا ۽ ان مان لکَ ميڙيائون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جي لاکيڻي لال، سنڌ ورڪين ۽ سندن ڪٽنبن جي باري ۾ سر سامونڊي ۽ سر سري راڳ ۾ دل کي ڇهندڙ بيت چيا آهن. سُر سري راڳ ۾ چوي ٿو:
ماءِ! وِلاتي موٽيا، ٿا تڙين تنوارين،
وايون وَڻجارن جون، جيءَ کي جيارين،
کليو کيڪارين، جنين سيڻ سلامت آئيا.
سُر سامونڊي جو بيت آهي:
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
اٺ ئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو.
انتظار جي ڪيفيت اجهو هيئنءَ ٿو بيان ڪري:
وائنٽيون ٿيون وڙڪن، اڃا سِڙهه نه پڌرا،
سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا.
سر سامونڊي ۾ شاهه سائين انهن ونين جي ڏک، پيرا ۽ بيتابيءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني چٽيو آهي، جن کي سندن سنڌورڪي وَرَ پٺتي ڇڏي، پاڻ ڏيساور ڪمائڻ لاءِ هليا ويندا هئا.
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
روئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
انتظار ۽ اوسيئڙي جون گهڙيون ان پل کان شروع ٿينديون هيون، جڏهن ڀوريءَ جو ڀتار، در جي چانئٺ ٽپي پرڏيهه اسهندو هو. ويچاري ڳڻتين ماري، دريا شاهه جي ڪپ، گيهه جا ڏيا ٻاري باسون باسيندي هئي، لڙڪ لاڙيندي هئي، ٻيهر ملڻ لاءِ واجهه وجهندي هئي ۽ دور ويل ساٿي جي سلامتي لاءِ ڌڻي در دعائون پنندي هئي.
سَرَ نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.
ويچاري وياڪل عورت، اڪيلي ۽ اٻالي، دل جو درد دل ۾ سانڍي، من جي مانڌاڻ شانت ڪرڻ لاءِ لکين جتن ڪندي هئي. پاڻ کي پاڻ آٿت ڏيندي هئي. هر هڏڪيءَ کي پرين جو سنديسو سمجهي، سوچ جي ساگر ۾ گم ٿي ويندي هئي. دل ۾ پڪو پهه ڪندي هئي ته هيڪر مون وٽ موٽي اچي ته ٻيهر پاڻ کان پري وڃڻ نه ڏينديمانس. جهيڙينديسانس، روسامو ڪنديمانس. ايلاز منٿون آزيون نيزاريون پيرن جا پلاند، پيار جو واسطو:
آيل ڍولي ساڻ، جي اچي ته جهيڙيان!
لايئه ڏينهن گهڻا، مون سين ڪيئي ٿورڙا.
کيس ڄاڻ آهي ته سندس گهوٽ جڏهن گهر ورندو ته هن لاءِ سون، چاندي ۽ هيرن جواهرن جا تحفا ۽ سوکڙيون پاکڙيون پڻ ضرور آڻيندو. پر کيس نه زر سان چاهه نه زيور جي تمنا آهي. کيس گهرجي ته فقط ۽ فقط پنهنجو پيار گهرجي. جدائي جون ڊگهيون راتيون هاڻ کانئس اڪيلي سر گهاريون نٿيون پُڄن. اوسيئڙي جا پل مٿس وَرهيه بنجي ورن ٿا، انتظار ۽ اوجاڳا سندس جوڀن ۽ جوانيءَ کي جوالا جيئن جلائن ٿا. هوءَ سکين سهيلين کي صلاح ٿي ڏئي ته ڀلجي به ڪنهن سنڌورڪي کي جيون ساٿي نه بنائجو، جيڪو لنڪا جي سون لاءِ سودائي هجي ۽ پيارل جي پريم کان اڻڄاڻ.
۽ آخرڪار جڏهن سڪ جي ڇڪ سڄڻ کي ٻيهر وطن جا وڻ ڏيکاري ٿي ۽ آسائتن جي آس پُڄي ٿي ۽ محبتي ملن ٿا، تڏهن خوشيون خوشبو بنجي هر سو ڦهلجي وڃن ٿيون ۽ ٽهڪن جا ٽانگر ٽڙن ٿا ۽ مرڪن جون مُکڙيون مهڪن ٿيون، پر اها خوشي، اهي ٽهڪ اها مرڪ دائمي ناهن، ڏياري گذرندي ئي وڻجارو ٻيهر وڃڻ جي وائي ڪري ٿو. هلڻ هارو سپرين روئڻ سان به نٿو رهي، سامونڊي سڱ ئي اهڙو آهي ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي. سنڌي سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪا آهن ۽ سندن ضرورت هر هنڌ محسوس ڪئي ٿي وڃي، دنيا جي معيشت ۾ سنڌين جو وڏو هٿ آهي، ٻن مهاباري لڙاين جي وچ ۾ اهي سنڌي ئي هئا، جن ٽيڪسٽائل جي مارڪيٽ کي هٿي ڏني ۽ سمورو ڪاروبار پنهنجي ڪلهن تي کنيو، هنن اڪيلي سر جپاني شين، خاص ڪري ڪپڙي ۽ اليڪٽرانڪس کي پوري دنيا ۾ ته واقفيت ڏياري ۽ کين وڪري ڪرڻ ۾ مدد ڏني، پر ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ اولهه آفريڪا ۾ جپاني پيداوار جي خاص طور مارڪيٽ ڪرڻ صرف سنڌين جو ئي ڪم هو.
اهڙي طرح سنڌين نه رڳو بي انتها ڌن ڪمايو، پر گڏوگڏ ناڻي توڻي وڪري جي تجربي سان پڻ مالا مال ٿي پيا. هنن پنهنجيون روايتون ڪونه وساريون آهن. ڌنڌي توڙي اڪائونٽنگ جا طريقا ساڳيا رکيا اٿن. پر نئين زماني جي نين ضرورتن ۽ تقاضائن کي به نظر انداز نه ڪيو اٿن. وقت سان گڏ ڪلهو ڪلهي ساڻ ملائي هلڻ سنڌين جي وڏي خوبي آهي.
*