آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5191
  • 841
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

13. باب تيرهون : پنهنجي پسند جو سوال

جيستائين اوهان اڳواٽ ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ نه ٿا رکو. تيستائين ان کي اوهان سمجهڻ جي به سگهه نه ٿا رکي سگهون ۽ نه ڪو وري ان کي پنهنجي وس ۾ آڻي ٿا سگهون. جيڪي ماڻهو وقت کان اڳ سوچيندا آهن. اهي آخرڪار ٻين لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندا آهن.
ميورس سوٽزر

هڪ پرڏيهيءَجي زندگي جذباتي لاهن چاڙهن سان ڀرپور هوندي آهي. جوانيءَ جا جولان ٿورا ٿڌا ٿيندا آهن ته شادي جي گنڀير ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي تمنا ٿيندي آهي. گهر سجائڻ ۽ ڪٽنب وڌائڻ جي چاهنا جاڳندي آهي. هر انسان جي زندگي جو اهو ئي نيم آهي. پر هڪ پرڏيهيءَ جي زندگي ۾ اها چاهنا حالتن جي اگر مگر تي آڌار رکندي آهي. جدائي جا ڊگها عرصا پرديسيءَ جي جذبن، جولانن، اڌمن ۽ اُمنگن تي پنهنجا اڻ-مٽ نشان ڇڏي ويندا آهن.
مان به ٻين کان الڳ ڪونه هوس. مون کي اڃا نار ۾ آئي ڪجهه سال مس ٿيا هئا جو هوتوءَ کي اچي هورا کورا لڳي ته هاڻي مون کي ڪو جيون ساٿي ڳولڻ گهرجي. هن جو خيال هو ته جيڪڏهن مون جلد شادي ڪري ورتي ته پوءِ مان وڌيڪ ذميدار ٿيندس ۽ هڪ منو ٿي پنهنجي ڪم ڪار تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهندس. ائين ڪو نه هو ته هو منهنجي قابليت ۽ محنت تي شڪ ڪري رهيو هو، پر هن جو خيال هو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن ساٿيءَ جو سهڪار ملي ويندو ته مان وڌيڪ لگن سان پنهنجو بزنيس ڪئريئر ٺاهي سگهندس. هن جو اهو به خيال هو ته جيستائين ماڻهو شادي نٿو ڪري، تيسين هو اڌورو آهي. عورت ئي مرد جي زندگي ۾ پختائي، اعتماد آڻي ٿي. جيئن رائنر ماريا رلڪي (Rainer Maria Rike) چيو آهي ته، “سٺي شادي اها آهي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي پنهنجي اڪيلائي جو رکوالو بڻائين ٿيون ۽ اعتماد ڏين ٿيون. اها ئي سندن هٿ ۾ وڏي ۾ وڏي شڪتي آهي، جا هو هڪ ٻئي کي ڏئي سگهن ٿا.”
گهروارن ڳولا شروع ڪري ڏني ۽ نيٺ پوني جي هڪ ڇوڪري پسند ڪيائون. پونو مهاراشترا جو هڪ سکيو ستابو انڊسٽريز جو شهر آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترا ئي سنڌي ڪٽنب پوني لڏي ويا هئا. ڪي بزنيس ڪارڻ ۽ ڪي وري هميشه جي لاءِ اُتان جا ٿي ويا. ان ڪري پوني شهر مان منهنجي لاءِ ڇوڪري ڳولي لهڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو. منهنجي چاچيءَ، پري سبناڻيءَ، منهنجي شادي لاءِ جوڙي ڳولڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو هو.
مون ڇوڪريءَ کي ڏٺو ۽ پنهنجي رضامندي ڏيئي ڇڏي. پر ڇوڪريءَ جي والدين کي، سندن ڪيل فيصلي کان ڪنفرم ڪرڻو هو. ان ڪري، مان جپان واري سفر تي هليو ويس. بڙودا (Baroda) ۾ به مان ان حوالي سان ڪا ڪوشش نه ڪئي. البت ڪجهه ڇوڪرن ۽ انهن جي والدين مون کي ڪجهه گهڻو ئي ٿلهو محسوس ڪيو. ان ڪري مون به انڪار ڪرڻ وارو حق پاڻ وٽ محفوظ ئي رکيو.
ايئن ناهي ته بڙودا ۾ ڪنوار ڳولڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي وئي. ڳولا ته وڏي ٿي، پر ڪن ڇوڪرين يا سندن مائٽن منهنجي تمام ٿلهي هجڻ ڪري صاف انڪار ڪيو ۽ ڪن کي وري مون پنهنجا حق استعمال ڪندي پسند ڪونه ڪيو. منگهن مل اڌارام ان منظر کي بيان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري شاديءَ جي سلسلي ۾ پاڻ ۾ ملندا آهن، تڏهن ڇوڪري جو سڄو ڌيان ڇوڪريءَ جي ٻاهرئين حسن تي هوندو آهي، پر ڇوڪري ڇوڪري کي ان نظر سان ڏسندي آهي ته هيءُ آهي اهو ماڻهو، جنهن سان مون کي باقي سموري زندگي گذارڻي آهي. ان ڪري عورت ۾ گنڀيرتا ۽ سوچ ويچار وڌيڪ هوندو آهي.
وهانوَ جا سارا بندوبست منهنجي غير موجودگي ۾ ڪيا ويا. اسان جهڙي تمام گهڻيءَ ويجهڙائيءَ وارن ڪٽنبن ۾ مٽ مائٽ پاڻ ۾ گڏجي شادي جون تياريون ڪندا آهن. ان ڪري جيڪڏهن مان هندستان ۾ کڻي هجان به ها، يا چاهيان به ها، ته به ايترو ڪجهه ڪري نه سگهان ها. هونءَ به مان ته پرديس ۾ پنهنجي نوڪري تي هئس. مان جپان ويل هوس جو اتي مونکي وڏي ڀاءُ جي تار ملي. لکيل هو، “تنهنجو مڱڻو ٿي ويو. واڌايون هجنئي.”
مائٽن طرفان طئه ڪيل شادي جو خيال ئي ڪجهه عجيب لڳندو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪن کي بي وقوفي جو به لڳي. خاص ڪري انهن ماڻهن کي جن جي سماج ۾ شادي کان اڳ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو ملڻ، هڪ ٻئي کي پرکڻ۽ پسند ڪرڻ عام ڳالهه ليکي ويندي آهي. اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته ٿوري تڪليف ڪري هن رواج کي سماجي توڙي سڀيتائي نظر سان به ڏسن. کين ارينجڊ مئريج هروڀرو ايترا خراب نه لڳندا. مان ان پراڻيءَ رسم جي طرفداري نٿو ڪريان. پر ان قديم رواج ۾ ڏاهپ ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.
هندستان ننڍي کنڊ بجاءِ پنهنجي سر هڪ کنڊ آهي. منجهس ڪيتريون ئي ٻوليون آهن، هزارين لهجا آهن، کوڙ سارا ڌرم ۽ ڌرمن جا حصا آهن، ذاتيون آهن، ذاتين ۾ وري گهراڻا آهن. هر ڌڙي جي زندي گذارڻ جو طريقو علحدو آهي، عادتون جدا جدا آهي، رسمون ۽ رواج ڀانت ڀانت جا آهن. انهن جا رنگ، قدڪاٺ، جسم هڪ جهڙا ناهن، نسل ڌار ڌار آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ هندستان هڪ ملڪ ناهي، سوين ملڪن جو هڪ ميڙ آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته آخر هنن هيترن سارن مختلف ماڻهن ۾ اها ڪهڙي هڪ جهڙائي آهي جيڪا کين هڪ قوم جي مالا ۾ پوئي ٿي.
اهڙن ڇڙوڇڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انبوهه ۾ مائٽن طرفان بندوبست ڪيل شادي جي ڏاهپ سمجهه ۾ اچي ٿي. اهي شاديون قومي سڃاڻپ جي سلسلي کي جيئرو رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. ڪنهن خاص سماجي ۽ سڀيتائي ماڻهن جي گروهه ۾ پراڻن رشتن کي قائم رکڻ ۽ نوان واسطا جوڙڻ جو وسيلو بنجن ٿيون. شاديءَ جو سمورو زور هوندو آهي ڪٽنب تي، ان ڪري شاديءَ کي به هڪ فرض سمجهي نباهڻو پوندو آهي. هندستاني روايت ۾ شادي جي ڳنڍ ٻڌڻ فقط هڪ علامتي رسم آهي. پيار ان ٻنڌڻ مان پوءِ پاڻ ئي ڦٽي نڪرندو آهي.
فرد ته اهم آهي ئي، پر جيون ساٿي جي چونڊ ۾ ٻيون به گهڻيون ڳالهيون ڏسڻيون ٿيون پون، جهڙوڪ سماجي، سياسي ۽ مالي برابريون، ڇو ته زور وري به ڪٽنب تي ئي آهي. ان موقعي تي وڏڙن جي سياڻپ ۽ ڀروسو ڏاڍو ڪم ايندو آهي.
هن سسٽم ۾ ڪي بچاءَ جا ڳڙکا (Safety Valves) به هوندا آهن. وڏو ڪٽنب پتي پتنيءَ جي ناراضگيءَ واري صورت ۾ سرچاءَ جو ڪم ڏيندو آهي. ٻار وڏي گهر ۾ رهي ٻين گهرڀاتين جي گهُرجن ۽ ضرورتن جو پورائو ڪرڻ سکندا آهن. کين پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. گهر جي وڏڙن جي سمجهاڻين، نصيحتن ۽ سياڻپ وارين ڳالهين وسيلي منجهن ڪٽنب جي پيار ۽ پاٻوهه جهڙين روايتن جي عادت پوندي آهي. اهي ڪجهه هاڪاري پاسا آهن ان سماجي روايت جا، جيڪا هندستان ۾ قديم زماني کان هلندي اچي.
مان ائين هرگز ڪونه چوندس ته هيءَ رسم اختيار ڪرڻ سان سرڳ جا دروازا کلي پوندا. ان جي ابتڙ، ريت رسم، رواج ۽ روايت جي نالي ۾ ڪيل ڪيتريون ئي ڳالهيون غير واجبي ۽ نامناسب پڻ آهن. ڪيترائي مثال موجود آهن جن ۾ زوريءَ ڪرايل شاديون توڙي ننڍيءَ عمر ۾ رچايل وهانوَ وڏيءَ تڪليف، پيڙا ۽ ڀوڳنا جو سبب بنيا آهن.
پر وري سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پيار جو پرڻو يا شادي کان اڳ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو آزادي سان ميل ميلاپ وڌيڪ سٺو حل آهي؟ يورپ ۾ جيڪو ڪجهه شادي جي پوتر ٻنڌڻ سان ٿي رهيو آهي ۽ ڪٽنب جي جيڪا درگت بڻي آهي، ان تي سوچ ويچار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. اهي سماجي خانداني روايتن تي زور ڏيڻ بجاءِ شخصي آزادي جي وڌيڪ حمايت ٿا ڪن. پر عام طور ائين سمجهيو ٿو وڃي ته پيار جي شادي هجي يا شادي کان اڳ ميل ميلاپ، انهن مان ڪا به ڳالهه ڪامياب ۽ سکي زندگي جي ضمانت نٿي ڏئي. بلڪ ان جي ابتڙ، جڏهن شادي کان پوءِ پيار جو ڀوت سر تان لهي ويندو آهي ۽ زندگي جون سچايون سامهون اينديون آهن، تڏهن ڪيتريون ئي شاديون واريءَ جي محل جيان ڀُرنديون نظر اينديون آهن. اهڙين شادين کي برباديءَ کان بچائڻ لاءِ وچ ۾ خاندان يا ڪٽنب ڪونه هوندو آهي، جيڪو سندن سرچاءَ جو بار پنهنجي سِر تي کڻي. ان سموري گفتگو جو آخري نتيجو اهو ٿيو ته شادي چاهي ارينجڊ هجي يا پيار جي، ٻنهي حالتن ۾ ٻنهي ڌرين کي وڏيءَ محنت ۽ قربانيءَ کان ڪم وٺي پنهنجيءَ شادي کي ڪامياب بنائڻو پوي ٿو. همدردي، سوچ-لوچ ۽ سمجهه کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. جيڪا ڳالهه يورپ وارن لاءِ چڱي آهي، سا ضروري ناهي ته اسان لاءِ به چڱي هجي. اوڀر ۽ اولهه اڄ به ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪ ٻئي کان هزارين ڪوهه پري آهن.
انهن سببن ڪري انڊيا جي شهري علائقن ۾، پڙهيل لکيل ماڻهو اڄ به مائٽن يا ٻين هٿان بندوبست ڪيل شادي کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا. نئين پيڙهي البت شادي جي معاملي ۾ وڌيڪ آزادي گهري ٿي. هو چاهين ٿا ته پنهنجو جيون ساٿي پنهجي مرضيءَ سان چونڊين. مائٽ به کين مڱڻي کان پوءِ وڌيڪ وقت ڏين ٿا ته جيئن هو پاڻ ۾ گهلي ملي، هڪ ٻئي کي چڱي ريت جاچي ۽ پرکي ڏسن. گلف ۾ رهندڙ پرڏيهين جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي ته وطن ۾ سندن مٽ مائٽ سندن جيون ساٿيءَ جي چونڊ ڪن. ڪنوارپ ۾ ته کين پنهنجي ڪميونٽي سان گهڻو واهپو نٿو رهي ۽ پرڏيهه ۾ نوڪري جي دوران کين ايترو وقت ڪٿي جو ڪنهن ڇوڪريءَ ساڻ روح رهاڻ ڪن؟ هونءَ به زندگي جي ساٿي ڳولڻ ۾ ته دير لڳندي ئي آهي. ان ڪري جڏهن به پرديس ۾ ڪمائڻ وارو ڪوبه ڪنوارو وئڪيشن تي وطن موٽندو آهي ته موڪلن جي ٿورن ڏينهن ۾ اهو ڏکيرڙو ڪم ڪرڻ سندس وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. تڙ تڪڙ ۾ ڇوڪري پسند ڪرڻ، ساڻس اڪيليون ملاقاتون ڪرڻ، پسند ناپسند جو فيصلو ڪرڻ ۽ پوءِ مائٽن کي سڱ گهرڻ تي راضي ڪرڻ جهڙا اوکا ۽ وقت گهرندڙ ڪم ايتريءَ ٿوريءَ مدت ۾، ايترو جلدي اُڪلائڻ ممڪن ئي ناهي. آخرڪار ته سندس زندگي ڀر جي ساٿ جو سوال آهي.
ان ڪري اهو سڄو بار وري به مائٽن جي ڪلهن تي آهي. پرڏيهي پکيئڙي کي سندن ئي پسند تي ڪنڌ ڌوڻڻو آهي.
اڄ ڪلهه وڌ ۾ وڌ ماڻهو شادي وهانوَ لاءِ اخباري اشتهارن تي ڀاڙڻ لڳا آهن. هندستاني اخبارون شادي جي لاءِ الڳ ڪالم ڇاپينديون آهن، جن ۾ پرڏيهين جي لاءِ ڪنوار ڳولڻ جا به چڱا موچارا اشتهار هوندا آهن. شادي جو اميدوار موڪل تي ڳوٺ موٽڻ کان مهينو کن اڳ اخبار ۾ اشتهار ڇپائي ڇڏيندو آهي ته جيئن کيس گهڻي جنجال کان ڇوٽڪارو ملي ۽ چئن پنجن چونڊ ڇوڪرين مان ڪا به هڪ پسند ڪري وڃي مٿس هٿ رکي. هفتي کن اندر شادي جي بکيڙن مان واندو ٿي، مهينو کن نئين ڪنوار سان گڏ گذاري، موڪل ختم ٿيڻ تي گهوٽ پنهنجي نوڪري تي چڙهندو.
ان سموري ڪاڄ ۾ ائين ڄڻ گهوٽ ويچاري جي ته ڪا هلندي ئي ناهي. هر ڪم ٻين جي هٿن ۾. ڪرتا ڌرتا ٻيا، رڳو وني پڙ پوندي گهوٽ جي. پر وٽس ٻيو ڪو چارو به ته ناهي. هو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ اسان جو سماج ته زنده ئي ريتن، رسمن ۽ رواجن جي سهاري تي آهي. ڪٽنب جا ڪي فرض آهن ته وري ان جا ڪي حق به آهن. انهن فرضن ۽ حقن جي اڻ-ڏٺل ڌاڳي ۾ ٻڌل آهي سنڌي سماج جو هر فرد.
جڏهن منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون پڪيون ٿي رهيون هيون، تڏهن مان ڪم ڪار سانگي ٻاهر ويل هوس. مونکي ڏور-اوڀر ۾ بزنيس جو ڪم ڪار هو. پر مون صلاح بيهاري ته موٽندي انڊيا مان ٿيندو ويندس. ان ڪري پندرهن ڏينهن موڪل لاءِ درخواست ڏئي ڇڏيم. بمبئي پهچي، پنهنجي شهر بڙودا ڏانهن راهي ٿيس. اسان سنڌين ۾ رواج آهي ته شادي هميشه گهوٽ جي شهر ۾ ٿيندي آهي. مان جيئن ته بڙودا جو رهواسي هوس. ان ڪري وهانءُ به اُتي ئي ٿيڻو هو. پر مون پنهنجي طرفان اهو راضپو ڏيکاريو ته پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار وينا جي شهر پوني ۾ وڃي شادي ڪندس. اهو صرف سولائيءَ خاطر ڪيم. منهنجي هڪڙي چاچي پوني ۾ رهندي هئي. اسان شاديءَ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن سندس گهر رهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهياسين ٿي. وينا جو پتا ڀاڳچند کياڻي اتي مئنوفيڪچرنگ جي ڌنڌي ۾ هو. سندن واسطو مشهور ڄاتل-سڃاتل سنڌي خاندان نولراءِ لوهيءَ سان هو. ورهاڱي ٽاڻي هو سنڌ مان لڏي آيا هئا. اسان جي شاديءَ وقت وينا جا ٽي ڀائر ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪندا هئا.
جيئن ته پوني ڏانهن وڏي ڄڃ وٺي وڃڻ ڏکيو ڪم هو، ان ڪري اسان فيصلو ڪيو ته ڪن ٿورن ويجهن مائٽن ۽ دوستن کي شاديءَ جو سڏ ڏجي. انهن مان به ڪجهه مائٽ ڪن سببن ڪري شادي تي پهچي نه سگهيا. ڀائرن ۽ ڀينرن مان منهنجي وڏي ڀيڻ، ستي، جيڪا لاگوس ۾ رهندي هئي، سا اچي نه سگهي. منهنجو ڀاءُ روچي به هانگ ڪانگ ۾ هو، اهو به شريڪ ٿي نه سگهيو. ٻي ڀيڻ راڌا انهن ڏينهن ۾ پنهنجي گهر واري ڏانهن هانگ ڪانگ پئي وئي، تنهن پوني ۾ ترسي، خاندان سان گڏجي، شادي ۾ حصو ورتو. اسانجي شادي هڪ اسڪول جي هال ۾ ٿي. اٽڪل 100 کن مهمان آيا هئا، جن شادي جون واڌايون ۽ آئيندي لاءِ آسيسون ڏنيون. انهن مهمانن ۾ جي.بي. محبوباڻي به هو، جيڪو آءِ.ٽي.ايل. گروپ جو اڳوڻو چيئرمين رهي چڪو هو. شاديءَ جو بندوبست اڳ ۾ ئي رٿيل هو، ان ڪري اسان ٻنهي کي ايترو وقت ئي ڪونه مليو جو هڪ ٻئي سان شادي کان اڳ کلي ملون يا حال احوال ڪريون. دراصل اسان جو مڱڻو شادي کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيو. مڱڻي جي رسمن کان پوءِ بس ايترو وقت مليم جو وينا کي ٿوري دير لاءِ پاڻ سان ٻاهر وٺي ويس. ان ننڍڙيءَ ملاقات ۾ به سندس ڀيڻ اسان جو پيڇو نه ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين کي پنهنجي ٿيندڙ گهوٽ سان ٻاهر وڃڻ جي موڪل بنهه ڪانه هوندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن اسان پارو ڪو جوڙو ٿوري دير لاءِ به گڏبو هو ته ماڻهو کين “ماڊرن” هجڻ جو مهڻو ڏيندا هئا.
شادي کان هڪ رات اڳ “گهڙي” جي رسم ٿيندي آهي، جنهن ۾ صرف تمام ويجها مائٽ شريڪ ٿيندا آهن. هڪڙي قسم جي Mother’s Day (مائرن جو ڏينهن) جهڙي رسم هوندي آهي، جنهن ۾ گهوٽ ماءُ ۽ ڪنوار ماءُ تي سڀني جو ڌيان هوندو آهي. ٻنهي کي هار ۽ ڪنڊيون پارايون وينديون آهن ۽ کين سوکڙيون پاکڙيون پڻ ڏنيون وينديون آهن.
گهڻن هندستاني شادين ۾ رواج آهي ته شادي واري ڏينهن آيل مهمانن کي کاڌي جي دعوت ڏني ويندي آهي، پر اسان حيدرآبادين ۾ ائين ناهي. حيدرآبادي سنڌي، شاديءَ واري ڏينهن هلڪي ڦلڪي کائڻ جي ڪا شي ۽ پيئڻ لاءِ شربت يا بوتل وغيره ورهائيندا آهن. شادي جي دعوت، جنهن کي “ستاوڙو” چئبو آهي، سا ٻئي ڏهاڙي تي رکي ويندي آهي.
ستاوڙي کان پوءِ اسان ٽرين رستي بمبئي کان ٿيندا بڙودا پهتاسين. مون کي دبئي جلدي پهچڻو هو، ان ڪري تمام ٿورو وقت وڃي بچيو هئم. ڏاڍو عجيب پئي لڳو. وينا ۽ مان هاڻي گهوٽ ڪنوار هئاسين، پر پيار ۾ اجنبي پئي لڳاسين. هڪ ٻئي جي باري ۾ تمام گهٽ خبر هئي سين ۽ وڏي ڳالهه ته مان پرڏيهه پئي اُسهيس، پاڻ سان صرف شاديءَ رات گهاريل ڪجهه موهڻين گهڙين جي ياد کڻي.
ڪجهه نويڪلائي مختصر هني مون تي ملي. ان تنهائي لاءِ دل پئي ماندي ٿي. پران ٿورڙي وقت ۾ اسان ڪيئن پئي هڪ ٻئي جي دل جو احوال ڏئي سگهياسين. ڌاريائپ جو ٿورو پردو کڄيو، ڪجهه ويجهڙائي ٿي، ۽ بس. هني مون لاءِ اسان اوٽيءَ وياسين. اوٽي سائوٿ انڊيا ۾، تامل ناڊو جي هڪ خوبصورت پهاڙي جڳهه آهي، جتي انگريزن پنهنجا موهيندڙ اهڃاڻ ڇڏيا آهن. اسان ٽرين رستي بمبئي، پوني، بئنگلور ۽ مئسور کان ٿيندا، وڏو سفر سٽي اچي اوٽيءَ پهتاسين. نئين نئين شادي ٿي هئي، ان ڪري لکائي ڪانه پئي. وقت ڄڻ هڪ هنڌ بيهي رهيو هو. ٻن هزار روپين ۾ وڏي ٺٺ ٺانگر سان هني مون ملهائي اچي گهر پهتاسين. ان زماني ۾ ٻه هزار به وڏي وٿ هئي. هاڻي ته ان رقم کي ڪو چخي نٿو ڪري.
بئنگلور ۾ اسان هڪ ڪاٽيج ڪرائي تي ورتي، جيڪا ووڊلينڊ هوٽل ۾ هئي. اها هوٽل تن ڏينهن ۾ فلمي ستارن ۽ سنگيتڪارن جي من پسند جڳهه هوندي هئي. مئسور ۾ به اسان اهڙيءَ ئي سٺي هوٽل ۾ ترسياسين. گهمڻ ڦرڻ کان سواءِ جيڪڏهن ٻي ڪا تفريح هئي ته اها هئي سئنيما. مئسور ۾ اسان تازي رليز ٿيل فلم “ميرا سايا” ڏٺي، جنهن ۾ ساڌنا هيروئن هئي. فلم ۾ گانا ڏاڍا سٺا هئا. هڪڙو گانو جيڪو وينا کي ڏاڍو وڻيو سو هو. تو جهان جهان رهيگا، ميرا سايا ساٿ هوگا. تون جتي جتي به ويندين، منهنجو پاڇو تو سان گڏ رهندو. وينا ڀڄن ڏاڍا سٺا ڳائيندي آهي. آواز به مٺڙو اٿس. اهو گانو زبان تي اهڙو چڙهيس جو هر هر پئي جهونگاري. ڄڻ مونکي ور ور ڪري ياد پئي ڏياري ته مان سگهو ئي پرڏيهه وڃڻ وارو آهيان.
اڃا اسان هڪ ٻئي جي ويجهو مس ٿيا هئاسين ۽ پيار جي پهرئين ڏاڪي تي پير مس ڌريو سين جو وڃڻ جي ويل اچي واسو ڪيو. جدائي جي ويچار ئي وڍ ٿي وڌا، مٿان وري اها اڻ تڻ ته هاڻي وري الائي ڪڏهن مُکا ميلو ٿيندو. رواج موجب وينا کي مون کان پوءِ مميءَ سان رهڻو هو. بمبئي تائين مون سان گڏ هلي. وڇوڙي جي گهڙي آئي ته ڀانيم، وڏيءَ مشڪل سان لڙڪ لڪائي رهي هئي.
انهن ڏينهن ۾ بمبئي جي ايئرپورٽ تي ايڏي ڀيڙ ڪونه هوندي هئي. هر شئي پئي ڏيکاربي هئي. توهان جهاز جي ڏاڪڻ تان مڙي پنهنجن دوستن يا مائٽن کي هٿ لوڏي خدا حافظ چئي سگهيا ٿي. جهاز جي در تي بيهي آخري ڀيرو هڪ نظر کين ڏسي سگهيا ٿي. هاڻي ته توهان ٽرمينل ۾ گهڙڻ کان پوءِ اکين کان اوجهل ٿي ويندو.
جهاز ۾ مونکي سيٽ ڀڳوان بابلاڻيءَ جي ڀر ۾ ملي. بابلاڻي جشن مل وٽ سينئر مئنيجر هو. هن شرارت وچان منهنجي قميص تي لڳل لپ اسٽڪ جي نشان ڏانهن اشارو ڪيو، پر مونکي ڪابه ڦڪائي ڪانه ٿي. پنهنجي من ۾ سوچيندو رهيس، “هائو، مان پاڻ سان گڏ دبئيءَ وينا سان گهاريل ڪجهه يادگار ڏينهن جي نشاني کڻي وڃي رهيو آهيان.”
ٽيليفون ته هئا ڪونه، سو هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ جو هڪ ئي ذريعو هو، اهو هو، خط لکڻ. وينا هڪ خاص قسم جي ڪاغذ تي خوشبو ڇٽي، مون ڏانهن خط لکندي هئي. هفتي ۾ ٻه خط کانئس ايندا هئا. خط ڇا هئا، پيار جي اُڌمن جو هڪ ساگر هو، جو ڪاغذ مان ڇلڪي پوندو هو. مان ور ور ڪري پيو اهي ساڳيا خط پڙهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو دير دير تائين سندس لفظ لفظ کي پيو گهوريندو هوس. اکيون ٿڪجي پونديون هيون، دل نه ڀربي هئي. ايڏو سنيهه هو سندس لکڻين ۾. خبر ئي ڪانه هيم ته آخر ڪڏهن وينا کي وٺي دبئي اچي پاڻ سان گڏ رهائيندس. ڪمپني جي قاعدن موجب هر ٻئي سال پگهار ۽ خرچ پکي سميت ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ملندي هئي. منهنجي وينتيءَ تي ڪمپني وارن قرب اهو ڪيو جو هر ٻئي سال ٻه مهينا موڪل ڏيڻ بدران هر سال هڪ مهينو موڪل ڏيڻ منظور ڪيائون. ان کان سواءِ مون ڇا ڪيو جو جڏهن به بزنيس سانگي ڏوراوڀر ملڪن ڏانهن وڃڻ ٿيندو هوم، تڏهن ٿورڙو وقت ڪڍي وينا سان ملڻ لاءِ بڙودا مان به چڪر هنيون ايندو هوس. اهڙي طرح مان گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي ڪٽنب سان ملي ايندو هوس.
وينا به سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا دبئي جو چڪر هڻي ويندي هئي، ان ڪري سنگت ساٿ ۾ اسان جي وڏي لئه هوندي هئي، ڇو ته ٻيا ويچارا پنهنجي گهروارن کي پاڻ وٽ گهرائي نه سگهندا هئا ۽ پاڻ هر ٻن سالن کان پوءِ وڃي مس مس گهران ٿي ايندا هئا. ڪمپني جا قانون سخت هئا ۽ گهڻي ڀاڱي ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي ٻن سالن کان پوءِ ئي موڪل ڏينديون هيون. ڪي ويچارا ته اها موڪل به ڪونه وٺندا هئا ته جيئن اهي چار ڏوڪڙ به بچائي سگهن.
اهڙين حالتن ۾ نئين شادي ڪيل جوڙي سان ڪهڙي جُٺ هوندي، سا ته توهان ڀلي ڀت سمجهي سگهو ٿا. ٻن هفتن ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي؟ زال سان پوري ڏيٺ ويٺ به نٿي ٿي سگهي. اڃا مُرڪڻ جهڙا مس ٿيندا هئاسين جو ٽائيم اچي پورو ٿيندو هو. پتي وئي کان پوءِ ڪنوار وري به سسُ سان گڏ گذاري. سَسُ به ڌاري. اهڙين ڇوڪرين جي من جي ماجرا اهي ئي سمجهي سگهندا، جيڪي ان عذاب مان گذريا هوندا. پتيءَ سان ٻه ٽي هفتا گڏ گذارڻ کان پوءِ وڇوڙو، ۽ وڇوڙي کان پوءِ ساهراڻي گهر ۾ اجنبي ٿي گذارڻ. نه ڪو پُڇڻ وارو، نه ڳاڇڻ وارو. گهر جا ٻُڍا ۽ ٻڍيون همدردي جو اکر به نه اُڪلن، سي ڇا ڄاڻندا ويچاري نئين نويل ونيءَ جي جيءَ جا جهير؟ اهڙين دکي نارين جي درد کي هاڻي انڊيا توڙي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ مٿن ڪهل ڪئي ٿي وڃي. اهڙيءَ حالت کي “گلف جو اهڃاڻ” (Gulf Syndrome) چوندا آهن.
شادي کان هڪدم پوءِ گهوٽ جي جدائيءَ ڪيترين ئي نوجوان ڇوڪرين کي ذهني مريض بنائي ڇڏيو آهي. اونداهي، اڻ ڄاتي آئندي جي اُن تڻ ۽ ساهرن سان گڏجي سڏجي رهڻ جون ڏکيائون ۽ نئين وايو منڊل جون ڪٺنايون، ڪنهن به ناريءَ جو جيون نرڳ بنائڻ لاءِ ڪافي آهن. 1970 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ ان وشيه تي گهڻا ڪاڳر ڪارا ڪيا ويا، ودوانن ريسرچ ڪئي ۽ هٿ ڪيل معلومات کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپايو ويو. اِهو اُهو وقت هو جڏهن گلف مان تيل هٿ آيو هو ۽ ماڻهن جا انبوهه گهر گهاٽ ڇڏي ننڍي کنڊ کان نار جي طرف روزگار خاطر لڏڻ لڳا هئا.
ڪهاوت موجب، انڊلٺ جي پرينءَ ڀر سونو ڪٽورو حاصل ڪرڻ لاءِ، پرڏيهي، زندگي جون ڪيتريون ئي خوشيون ماڻڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. پر اُن ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي. پنهنجي پسند ماڻڻ لاءِ کين ڪا ته قرباني ڏيڻي آهي ۽ سندن پسند آهي دبئي پهچڻ، ته جيئن حياتي بي اُلڪي گذاري سگهن.
پر، ڇا اها قيمت تمام وڏي آهي؟ پنهنجي پهرئين شوق ۽ امنگ ۾ جڏهن هو جهاز تي چڙهي وطن جا وڻ ڇڏين ٿا، تڏهن شايد کين اهو احساس ئي ڪونه ٿيندو آهي ته هو پوئتي ڇا ڇا ڇڏي ٿا وڃن. پوءِ جڏهن ڪجهه سال گذرڻ بعد هو وهي کاتو کولي حساب ڪتاب ڪن ٿا ته کين پتو پوي ٿو ته هو حياتيءَ جا اهي حسين پل پٺيان ڇڏي آيا آهن، جيڪي کين ٻيهر ڪڏهن به ملڻا ناهن.
برسات جو ئي سوچيو. ويچار ڪريو ته توهان دري جي اوٽ ۾ بيٺا آهيو ۽ ٻاهر بارش جو سنگيت سُرَ وکيري رهيو آهي. ڪاٺين مان ڀنڀٽ ڪري ٻرندڙ اُن باهه جي باري ۾ سوچيو، جيڪا ڪنهن سياري جي صبح جو اوهان کي ان وقت گرمائش پهچائي ٿي جڏهن سرد هوا جا جهوٽا ڪڻڪ جي سون جهڙن سنگن سان ڇيڙڇاڙ ڪندا آهن. ڳوٺ ٻاهران دور تائين ڦهليل تلاءَ متعلق سوچيو، چهچ ساين پهاڙين ۽ ماٿرين ۽ بازارن کي ياد ڪريو. موسمون، ميلا ملاکڙا، مٽن مائٽن جون گڏجاڻيون، شاديون مراديون، جنم ۽ موت، هڪ هڪ ڪري سڀن کي ساريو. ڇا، اسان مان هر هڪ، جيڪو ڏيهه ڇڏي پرڏيهه ۾ آيو آهي، خاص ڪري گلف جي صحرائي ملڪن ۾، ڪڏهن ڪڏهن انهن ننڍين خوشين کي ياد ڪري وياڪل نه ٿيندو هوندو؟
اهو سڀ ڪجهه ڇڏي اسان اهي وٿاڻ وسايا آهن، جتي پاڳل به پير ڌرڻ پسند نه ڪن. نوڪريءَ جا زنجير پرديسين کي پيار ته پري رهيو، هني مون جون چند گهڙيون به سُک سان گذارڻ نٿا ڏين. نئين نويلي ڪنوار کي چڱيءَ ريت ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ ئي اڪيلو ڇڏڻ تي مجبور ٿا ڪن. سال ٻن جي جدائيءَ کان پوءِ ٻيهر موٽڻ به ڪهڙو موٽڻ چئبو؟ جنهن عورت کي توهان گهونگهٽ ۾ ڇڏي ويا هئا، سا هاڻي وڌيڪ اوپري ٿي چڪي هوندي.
يا جڏهن ڪو ٻار ڄمي ٿو، تڏهن توهان سندس ٻالڪپڻي جون معصوم مُرڪون ڏسي ٿا سگهو؟ سندس ٽهڪ، هونگارون، ٻاتڙي ٻولي ۽ پهريون پنڌ، سڀڪجهه ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ کان محروم رهجي ٿا وڃو.
جڏهن هو انهن گهڙين کي ياد ڪن ٿا، جڏهن پنهنجي پتڪڙي ٻار جو پنکڙين جهرو ڪومل هٿ جهلي کيس پنڌ ڪرڻ سيکاريو هئائون، تڏهن سندن دل ۾ ڄڻ ڪا ڇيت چڀي ويندي آهي. کين اڃا به پنهنجي ننڍڙي جي بدن جي خوشبو ايندي آهي، توڙي جو هو کانئن سوين ڪوهه پري هوندا آهن. کين اهي پل رکي رکي ستائيندا آهن، جيڪي هنن پنهنجن پيارن سان گذاريا هوندا.
هيءَ به ڪهڙي زندگي آهي؟ ياد گيرين جي سهاري جيئڻ به ڪو جيئڻ چئبو؟ اهي کن، جي سندن زندگي جي سونهن آهن ۽ جي ٻيهر موٽي نه ايندا ۽ اهي کن ڄڻ ڪو ڌاڙيل ڌاڙو هڻي کانئن هميشه جي لاءِ کسي رمندو رهيو.
ڪيئي سال اڳ راجڪپور هڪ انٽرويو لنڊن ۾ ڏنو هو. اهو دل تي تري آيو اٿم. هندستاني فلمن جي ديومالائي هيرو چيو: “حياتي گذارڻ لاءِ اسان سخت پورهيو ڪريون ٿا، پئسي جي پويان ديوانن جيان ڊوڙندي زندگي فقط ان آسري تي ڳاري ٿا ڇڏيون ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان ان ئي پئسي جي سهاري سُکي جيوت گهاري سگهنداسين. پر جڏهن دولت اچي ٿي ۽ اسان جا خواب ساڀيان ٿيڻ جي ويجهو پهچن ٿا، تڏهن اوچتو پتو پوي ٿو ته هاڻي زندگي ۾ بچيو ئي ڇا آهي؟”
ڪيتري نه سچي ڳالهه ڪئي هئي راجڪپور! اهي ساڳيا ويچار پنڪج اُڌاس پنهنجي گيت “چٺي” ۾ ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ چيا آهن: “توني پيسا خوب ڪمايا، اس پيسي ني ديس ڇڙايا. پنڇي پنجرا توڙ ڪي آجا، ديس پرايا ڇوڙ ڪي آجا. آجا، عمر بهت ئي هئه ڇوٽي، اپني گهر ۾ ڀي هي روٽي.”
مون به پنهنجي جيون جون ڪيئي سونهري گهڙيون گنوائي ڇڏيون. اهڙا موقعا به آيا، جڏهن منهنجي اتي موجودگي شايد اسان جي زندگي جو رخ ئي موڙي ڇڏي ها. منهنجي پهرئين ٻار جو ئي کڻي مثال وٺو. ڪڪو جنم کان پوءِ ڪجهه هفتا مس جالي سگهيو. مان ان وقت بڙودا ۾ هوس، جڏهن هو ڄائو هو. اسان جون خوشيون اڌوريون رهجي ويون، جڏهن ڪَلَ پئي ته ننڍڙو ٺيڪ ناهي. کيس زنده رکڻ لاءِ خاص دوائن ۽ پرگهور جي ضرورت هئي. اهڙي موقعي تي وينا کي منهنجي ويجهڙائي ۽ ساٿ ۽ سهاري جي سخت ضرورت هئي. پر مون کي ڪنهن به حالت ۾ جپان وڃڻو هو. مان چاهيندي به ترسي نٿي سگهيس. مان ڊيوٽي کي پٺي ڏئي نٿي سگهيس، لاچار هوس!
دل کي اهو آٿت هئم ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ منهنجا گهروارا ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندا. جپان پهچي خبر پيم ته منهنجو پٽڙو گذاري ويو. منهنجي هانوَ تي ڪات وهي ويا. روح رتوڇاڻ ٿي ويم. هر ساههُ سڏڪو بنجي ويو. چيم، ڪاش! مان اتي هجان ها! شايد مان ڀڄ ڊوڙ ڪري کيس بچائي وٺان ها. شايد ڪو چمتڪار ٿي پوي ها. پر پوءِ دل کي اهو چئي آٿت ڏنم ته شايد ڌڻي جي اها ئي مرضي هئي. شايد مان به ڪجهه نه ڪري سگهان ها. شايد ڪوبه ڪجهه نه ڪري سگهي ها. دل تي پٿر رکي چپ رهيس، ڪڇيم نه پڇيم. پنهنجو فرض پورو ڪندو رهيس.
واپسي تي وينا کي دلاسو ڏيڻ لاءِ هندستان مان ٿيندو ويس. دک، درد ۽ پيڙا جي پولارن ۾ ڀٽڪي رهي هئي وينا. شادي جي ڇهن سالن کان پوءِ اهو اسان جو پهريون ٻار هو. سندس ڏک ڏهوڻو پئي لڳو. موت ويلي جي ان ساڻس گڏ هجان ها ته شايد ڪجهه همت ساري سگهي ها. پر هن ڪڏهن به اندر جي آهه مون تائين پهچڻ نه ڏني. نه وري نااميديءَ جو اظهار ڪيائين. منهنجي دل رکڻ خاطر هوءَ دل ئي دل ۾ روئندي رهي، ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين.
مون موت کي جوت بنايو آ،
ڇا تک هُجي يا تاءُ، ميان!
جڏهن وينا ٻيهر ڳورهاري ٿي، تڏهن پنهنجي کاڌي پيتي جو ڏاڍو خيال رکيائين. هلڻ چلڻ ۾ به حد کان وڌيڪ سنڀال رکڻ لڳي. مون به ڏاڍي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هڪ سٺي اسپتال جي چونڊ ڪئي. وينا پاڻ کي بڙودا جي مشهور اسپتال مهاراڻي شانتا ديوي نرسنگ هوم ۾ رجسٽر ڪرايو. ڊاڪٽر وياس مٿس وڏا وڙ ڪيا ۽ هر طرح سندس دلجوئي ڪئي. وينا زور ڀريو ته ويم آپريشن وسيلي (Caesarean) ٿئي، ڇو ته هن نه پئي چاهيو ته قدرتي ويم سان ڪٿي ٻار جي حياتي خطري ۾ نه پئجي وڃي.
اڄ جون عورتون آپريشن (Caesarean Section) کان پوءِ ٻن ڏينهن جي اندر موٽي وينديون آهن، پر انهن ڏينهن ۾ اهو تمام وڏو آپريشن ليکيو ويندو هو. خاص ڪري بڙودا جهڙي ننڍڙي شهر ۾ هروڀرو ايڏيون گهڻيون سهولتون به ڪونه هيون. ماءُ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه چاليهه ڏينهن بستري داخل رهڻو پوندو هو. ٻه هفتا ته غلسخاني تائين وڃڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. گيهه يا تيل جو سڻڀ وارو کاڌو کائڻ جي سخت منع هوندي هئي. مون کي ياد آهي ته منهنجي ماءُ اسپتال پڇڻ ايندڙ مائٽن توڙي دوستن کي وڏيءَ گنڀيرتا سان چوندي هئي، “وڏيءَ آپريشن سان ٻار ڄائو آهي.”
اسان جو ايندڙ ٻار، گؤري، اسان جي حساب سان اسان جي شادي جي سالگرهه جي لڳ ڀڳ ڄمڻ واري هئي. سندس جنم جي تاريخ جو فيصلو اسان جي هٿن ۾ هو، ڇو ته هوءَ آپريشن وسيلي ڄمڻ واري هئي. نئين ٻار جي اچڻ تي اسان ڏاڍا اُتاولا هئاسين، خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن اسان جو پهريون ٻار ڄمندي ئي اسان کان وڇڙي ويو هو. ڇوڪريءَ جي ڄمڻ تي مان ارهو ڪونه ٿيس. منهنجي لاءِ ان سان ڪو فرق ڪونه پئي پيو ته نئون ٻار ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري. پر اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته انڊيا ۾ پٽ جي ڄمڻ تي گهڻيون خوشيون ڪيون وينديون آهن. هر ڪنهن جي دلي خواهش به اها هوندي آهي ته جيڪر پُٽ ڄمي. انڊيا جي سماج ۾ شروع کان ئي ائين ٿيندو آيو آهي ۽ ماڻهن جي سوچ مٽائڻ سولو ڪم ناهي. اها سوچ سماجي، سڀيتائي ۽ مالي مجبورين سبب پيدا ٿي آهي.
جيئن ته منهنجو انڊيا وڃڻ جو ڪو خاص ٽائيم مقرر ڪونه هوندو هو، جڏهن موقعو ملندو هئم، ڪجهه ڏهاڙا بڙودا ۾ گذاري ايندو هوس، ان ڪري پنهنجي ڪٽنب جي رٿابندي ڪري نه سگهيس. آپريشن کان پوءِ ڊاڪٽر جهلي ڇڏيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن تائين ٻئي ٻار کان پرهيز ڪجو. ان ڪري خيال رکندا هئاسين. پر هر طرح جي خيال رکڻ جي باوجود، گؤريءَ جي ڄمڻ کان اٽڪل هڪ سال پوءِ وينا وري اميد سان ٿي. انهن ڏينهن ۾ چوندا هئاته جيڪڏهن پهريون ٻار آپريشن سان ٿئي ته پوءِ ٻيو ٻار به هر حال ۾ آپريشن ذريعي ئي ٿيڻ گهرجي. اهو به چوندا هئا ته آپريشن مٿان جلد ٻيو آپريشن خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اسان فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿئي، اسان کي ٻيو ٻار گهرجي.
ڊاڪٽر وياس جو چوڻ هو ته گرڀ هئڻ سبب وينا کي ٻار ڄمڻ تائين بڙودا ۾ ئي رهڻ گهرجي ته جيئن ڊاڪٽرياڻي سندس نظرداري ڪندي رهي. دراصل ڊاڪٽرياڻيءَ ٻيهر آپريشن ڪرڻ کان ڪيٻايو پئي. ان ٽاڻي منهنجو وڏو ڀاءُ به بڙودا ۾ موجود هو. هڪ ڌيءَ کان پوءِ هن جي دلي مراد هئي ته جيڪر هن ڀيري پُٽ ڄمي ته جيئن پيڙهي قائم رهي. حساب لڳايوسين ته ٻار جو جنم ڏينهن جنم اشٽمي تي ٿي بيٺو، جيڪو ڪرشن مهراج جو پڻ جنم ڏينهن آهي.
هوتوءَ کي ڀلا هجي هوراکورا، سو وڃي پنڊت کان پڇيائين. موٽيو ته سرهو پئي لڳو. چيائين، پنڊت ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن ويم جنم اشٽمي تي ٿيندو ته ٻار پڪ ئي پڪ ڇوڪرو هوندو. منهنجو ٻيو ٻار جنم اشتمي جي ڏڻ تي ئي ڄائو ۽ جنم به بنا آپريشن جي ٿيو، پر چيتنا ڇوڪري نڪتي! مان ائين ته ڪونه چوندس ته جوتش وديا غلط آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن حساب ڪتاب ۾ ڀُل به ٿي ويندي آهي.
هاڻي ته ويتر ڏکيو ٿي پيو ته منهنجا ٻار اچي مون سان دبئي ۾ گڏ ٿين. آئيندي جي لاءِ به ڪي اهڙا آثار نظر نٿي آيا. ٻه ٻار ساڻ کڻي وينا دبئي جو سفر سٽي، سو به اوکو پئي لڳو. ان ڪري وينا جڏهن به دبئي ايندي هئي ته ننڍڙي ڪڪيءَ کي ڪڏهن منهنجي ماءُ يا پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ يا پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ ڇڏي ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻئي ٻار هندستان ۾ ڇڏي اڪيلي سر هلي ايندي هئي. گهڻو ڪري ٻه مهينا کن رهي واپس موٽي ويندي هئي.
منهنجي آمدني هاڻي ايتري ٿي وئي هئي جو مان پنهنجي ڪٽنب کي دبئي ۾ ته گهرائي پئي سگهيس، پر سندن اچڻ ڪري منهنجي بچت گهڻي گهٽجي وڃي ها. ان ڪري مون کين پاڻ وٽ گهرائڻ جي باري ۾ ڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچيو ئي ڪونه. وينا به اچڻ لاءِ زور بار ڪونه ڪيو. ان جي ابتڙ، هن انڊيا ۾ رهڻ وڌيڪ پسند پئي ڪيو. کيس خبر هئي ته مون کي ڪم کان واندڪائي ملڻي ناهي. ڄڻ ڪم ڪرڻ جي بيماري اٿم. کيس يا ٻارن کي وقت ڪيئن ڏئي سگهندس؟ ان ڪري هن جي لاءِ جهڙي دبئي، تهڙي بڙودا.
وينا کي منهنجي ڪاروباري مشغولين جي ته اڳ ئي خبر هئي. کيس اها به ڄاڻ هئي ته مان پنهنجي ڪم ۾ هر وقت غلطان رهندو آهيان. مٿي کنهڻ جيتري به فرصت ڪونه ملندي اٿم. مونکي سپلائرن ۽ گراهڪن جو خيال رکڻو پوندو آهي. ساڻن ملڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو آهي. هن کي اهو به معلوم هو ته منهنجي سوشل لائيف منهنجون گهڻي قدر راتيون ڳاري ڇڏيندي آهي. ٻه ٻار ساڻ کڻي، بنا نوڪر چاڪر جي، دبئي اچي رهڻ جو هوءَ به ساهس ساري نه پئي سگهي. انڪري هن انڊيا ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ اوليءَ سوليءَ ۾ ڪم اچڻ لاءِ مٽ مائٽ ته هئس. بس ان ۾ ئي راضي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ دبئي هلي ايندي هئي.
اسان اهڙيءَ ريت 18 سال ساندهه گهاريندا رهياسين. هاڻي جڏهن پٺتي مڙي ڏسان ٿو ته وينا جي قربانين جي واکاڻ ڪرڻ بنا رهي نٿو سگهان. هن کي جس آهي ته ڪٽنب جي ڀلائيءَ ڪارڻ هن ايڏا اهنج ڏٺا. منهنجا گهر ڀاتي بڙودا مان پوني لڏي ويا هئا، جتي وينا، ٻار، منهنجي ماءُ ۽ منهنجي ڀاءُ جو ڪٽنب گڏ رهندا هئا. جڏهن اسان پوني ۾ گهر ورتو، منهنجي ڀاڀي پنهنجن ٻارن سميت گهرواري سان گڏرهڻ لاءِ هانگ ڪانگ هلي وئي. ممي اسان سان گڏ رهڻ لڳي.
ٻن ڌيئن کان پوءِ هاڻي مون کي پُٽ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. چيتنا جو جنم بنا آپريشن جي ٿيو هو، ان ڪري ٽئين ٻار جي اچڻ تي ڪا چنتا ڪانه هيم. وينا کي ٽيون ٻار تڏهن پيٽ ۾ ٿيو، جڏهن اندرا گانڌيءَ انڊيا ۾ ايمرجنسي لڳائي هئي. جڏهن ٽين ڌيءَ جنم ورتو، تڏهن به مان هندستان ۾ ڪونه هوس. ايمرجنسيءَ ۾ شهرين جا بنيادي حق روڪيا ويندا آهن. منهنجو انڊيا اچڻ ۽ واپس وڃڻ جو حق مون کان کسيو ويو. ان ڪري ڏکيائيءَ جي ان گهڙيءَ ۾ مان پنهنجي پتني جي ويجهو رهي نه سگهيس. مون کي پنهنجي ٻار جي ڄمڻ جي خبر چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ پئي. هن ڀيري به مون کي ڌيءُ ڄائي هئي. اسان سندس نالورکيو ريکا.
منهنجي شادي ٿي هئي 1966ع ۾ ۽ وينا ۽ اسان جا ٻار انڊيا ۾ رهيا 1985ع تائين. اها جدا ڳالهه آهي ته هو سڀ گڏجي يا الڳ الڳ دبئي ايندا رهندا هئا. منهنجي وڏي ڌيءَ گؤري، جيڪا هاڻي ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، تنهن مون کي مڃايو ته مون کي پنهنجي گهر ڀاتين کي دبئي گهرائڻ گهرجي. وينا جي انڊيا ۾ رهڻ جي ڪارڻن مان هڪ اهو به هو ته هن منهنجي ماءُ جي سيوا ڪرڻ پئي چاهي. ممي پوني ۾ رهندي هئي.
هوتو اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀين رن جي باري ۾ ڏاڍو جذباتي هو. دادا جي لاڏاڻي وقت هوتوءَ جي عمر 13 سال هئي. ان کان پوءِ هن سڄي گهر جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ هر طرح جون قربانيون ڏنيون. ان ڪچيءَ ڄمار کان وٺي هوتوءَ جيڪي ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون سٺيون، تنهن کيس گهر جي هر ٻار ٻچي سان ايڏو پيار ۾ جڪڙي ڇڏيو، جو هو نه چاهيندو هو ته اسان مان ڪوبه هڪ ڪڏهن به ڪو غلط فيصلو ڪري پاڻ کي هاڃو پهچائي. هن کي اسان جي ننڍي ڀاءُ روچيءَ جي وڌيڪ اڻ تڻ رهندي هئي. هڪ ته هو ننڍو هو، ٻيو اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيل هو. شڪل صورت ۾ به ٺاهوڪو هو ۽ هميشه ٽپ ٽاپ رهندو هو. جڏهن ڦوهه جواني کي پهتو، تڏهن گهر جي مالي حالت به ڪجهه سڌري وئي هئي، اِن ڪري انجي شاديءَ لاءِ چڱن ڀلن گهرن مان سجهاوَ اچڻ لڳا.
هوتوءَ فيصلو ڪري ڇڏيو ته روچيءَ جي شادي ڪنهن نالي واري وڏي خاندان مان ڪرائيندس؛ پر روچيءَ اڳي ئي پنهنجي جيون ساٿي جي باري ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو. روچي هانگ ڪانگ جي ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. ساڻس گڏ ورجينيا نالي هڪ ڪرسچن ڇوڪري ڪم ڪندي هئي. هو ان سان نينهن جو ناتو ڳنڍي ويٺو ۽ ڳالهه وڃي شاديءَ تائين پهتي. هوتوءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته ويچاري جا ڇهه ئي ڇڄي پيا. ڏک به ڏکن جهڙو ٿيس. جيڪي آشائون ۽ اميدون سالن کان دل ۾ سانڍي رکيون هئائين، سي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيون. مميءَ ٻاهران ته ڪجهه ڪونه چيو، اندر ۾ ضرور دکي ٿي هوندي. ويچاريءَ سڄي ڄمار ايترا ڏک ڏنا هئا جو هاڻي جهڙي تهڙي پريشاني مٿس اثر ئي ڪونه ڪندي هئي.
هوتوءَ روچيءَ کي گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو جو چوندا آهن ته “لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي” سو ڪنهن جي ڪانه هلي. شادي ٿيڻي هئي، سا ٿي گذري. 1968ع ۾ روچيءَ ورجينيا سان بئنڪاڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي. اسان منجهان شاديءَ ۾ ڪوبه ڪونه ويو. ٿيو هيئن جو اسان کي ٿورن لفظن واري تار تڏهن ملي، جڏهن هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ اڳ ئي ٻڌجي چڪا هئا. ورجينيا پنهنجو نالو بدلائي ڀارتي رکيو ۽ هاڻي کين رميش نالي هڪ پُٽ آهي.
منهنجيءَ ماءُ 9 ڊسمبر، 1985ع تي لاڏاڻو ڪيو. ان وقت سندس عمر 72 سال هئي. سندن ديهانت کان ڪجهه ڏيهاڙا اڳ مان پوني ۾ هوس. ممي منهنجي ڀيڻ ستيءَ وٽ بڙودا ۾ هئي. ستي بڙودا ۾ رهندي هئي. مان ڏور اوڀر کان ڪم ڪار پورا ڪري دبئي ڏانهن ويندي رستي ۾ پوني ۾ ترسي پيو هوس. مميءَ کي جو منهنجي اچڻ جي خبر پئي، سو مونکي فون ڪيائين. چيائين ته مون کي اچي بمبئي مان پوني نه وٺي ويندين؟ بڙودا مان ته پاڻهي ٽرين تي بمبئي پهچي وينديس، پر بمبئي ۾ ٽرينون بدلائڻ ڏکيو ٿو لڳيم. ايندين ته ڏاڍي سولائي ٿي پوندم.”
مون وٽ وقت صفا ڪونه هو. چيئرمن محبوباڻي مون کان اڳ ئي دبئي پهچي چڪو هو. “مون کي تڙ تڪڙ لڳي پئي هئي. دبئي پهچڻ ضرور هو. 9 تاريخ تي پارٽي رکيل هئي ۽ منهنجي لاءِ پارٽي گُسائڻ ممڪن نه هو. ان ڪري ساري ماجرا بيان ڪري ٻڌائيم مانس. چيومانس، “امڙ، سوَ دفعا پرمون وٽ وقت ڪونهي جو بمبئي اچي توکي وٺي پوني پهچايان.” ساڻس ملڻ کان سواءِ ئي دبئي هليو آيس.
ان ئي ڏينهن ستيءَ جي گهرواري پهلاج راءِ ڇتواڻيءَ جي فون آئي ته منهنجي پياري ماءُ هن دنيا ۾ نه رهي هئي. ڏاڍي ڏک منجهان آهستي سرٻاٽ ڪندي، مونکي منهنجي ماءُ جي موت جي خبر ٻڌايائين. چيائين، “ڪا به تڪليف ڪانه ٿيس. نه ئي وري بيمار ٿي. چپ چاپ، ماٺ ميٺ ۾ سنسار ڇڏي هلي وئي.”
منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. ان گهڙيءَ کي پئي پٽيم جڏهن کيس ملڻ کانسواءِ دبئي اچڻ جو فيصلو ڪيو هيم. جنهن پارٽيءَ لاءِ دبئي آيو هوس، تنهن کي ڇڏي هڪدم مميءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هندستان موٽي آيس. اتفاق سان 9 ڊسمبر، 1985ع تي ئي آءِ.ٽي.ايل. بورڊ مون کي پروموشن ڏئي ڊائريڪٽر بنائڻ جو فيصلو ڪيو. ماءُ جي دل ڏسو، جنهن وقت سندس چتا جلي رهي هئي، ان ويل به سندس آسيس مون سان گڏ هئي!
مميءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ وينا نيٺ دبئي اچڻ باسيو. تنهن هوندي به لڳي پيو ته دليون پئي هنيائين. سندس چوڻ هو ته مان آهيان سمورو وقت بزنيس جي سفر ۾، هوءَ اچي ڇا ڪندي؟ جي کڻي دبئي آئي به، ته به منهنجي ٻاهر هئڻ ڪري ٻارن سوڌو اڪيلي ويٺي هوندي. پر ائين نه ٿيو. وينا جڏهن دبئي پهتي ته اڻ کي حالتن آڌار هيرائي ڇڏيائين. جڏهن مان ٻاهر هوندو هوس ته هوءَ ٻارن جي سار سنڀال ۾ رڌل رهندي هئي. آواز ته سٺو هوس، سو پنهنجو گهڻو وقت ڌرمي ڪمن ڪارين ۽ ڀڄن ڳائڻ ۾ گذارڻ لڳي.
هندستان جو سماج مردن جي ڏاڍ-مڙسيءَ وارو سماج آهي. اهڙي وايومنڊل ۾ ڪنهن به عورت لاءِ اڪيلي سر گهر هلائڻ سولو ڪم ناهي، ان هوندي به لکين عورتون لاچار ٿي گهر به هلائين ٿيون ۽ ٻار به نپائين ٿيون، ڇو ته سندن مرد روزگار سانگي کانئن گهڻو پري اهڙي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ رهندا آهن. مان نٿو سمجهان ته ڪو يورپي يا آمريڪي ڪڏهن اهڙيءَ زندگيءَ جي باري ۾ سوچي به سگهي ٿو، جتي زال ۽ مڙس پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا ئي سهاڻا سال هڪ ٻئي کان فقط انڪري پري گهارين، ته سندن جدائي جو ڦل هڪ سکي آئيندي جي صورت ۾ ملندو.
مون کان ڪيترا ماڻهو ڏاڍا مُنجهائيندڙ سوال پڇندا آهن، “ڇا تنهنجي گهريلو زندگي اڃا تائين ساڳي طرح برقرار آهي؟ تنهنجي پري رهڻ ڪري تنهنجي گهر ٻار تي ڪو اثر ڪونه پيو آهي؟ تنهنجي گهر واري ۽ ٻار اڃا به توکي چڱو سمجهن ٿا؟ ڇا، ٻار پيءُ جي ايتري وقت دور رهڻ کان پوءِ به سماج ۾ اُٿن ويهن ٿا؟ ڇا، ڪٽنب جي مالي خوشحالي سماجي ۽ جذباتي سڪون کان وڌيڪ اهم آهي؟”
هڪ ٻئي کان پري رهڻ، خاص ڪري جواني جي سالن ۾، ذهني ۽ جذباتي دٻاوَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. زندگيءَ ۾ اهڙا به موقعا ايندا آهن، جڏهن عورت کي مرد جي ساٿ جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي آهي. اهڙيون حالتون به پيدا ٿينديون آهن، جڏهن مرد جي غير موجودگيءَ سبب گهراڻي جي آئيندي لاءِ رٿابندي تي خراب اثر پئجي ويندا آهن. پر اها قيمت ته هر حال ۾ چڪائڻي آهي، ڇو ته ٻيءَ حالت ۾ مالي آسودگي ڪيئن حاصل ٿيندي؟ اهي سمجهو تا ته ڪرڻا ئي پون ٿا.
پر تپرس جهڙي ڳالهه آهي ته عام سوچ جي ابتڙ، ڌار رهڻ ڪري سِڪ وڌي ٿي ۽ رشتا مضبوط ٿين ٿا. خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ ته ائين ئي ڏٺو ويو آهي. ڀَل ته گهر جو وڏو ڪيترو به ڌار رهي يا دور رهي، هو پوءِ به پريوار جو حصو ئي رهي ٿو. هن جي صلاح کان سواءِ ڪوبه فيصلو نه ٿيندو آهي. سڀ گهر ڀاتي اهو ئي چاهيندا آهن ته شل سندن آئيندو اُجرو ٿئي. کين گڏ رکڻ ۽ گڏ رهڻ ۽ گڏ سهڻ ۾ اها ئي سوچ سڀ کان اڳ ۽ سڀ کان اُتم هوندي آهي. ان ڪري، “جيڪي چُلهه تي، سي دل تي” واري چوڻي هنن پرڏيهين سان لاڳو نه ٿيندي آهي.
مون ٿورو اڳ پنڪج اُڌاس جي غزل جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پرڏيهه ۾ رهندڙن کي چيو آهي ته پنهجي ماڳ موٽي اچو، ڇو ته اوهان کي روٽي ٽڪر هِت به ملي ويندو. مون پڻ ڪيترا ئي ڀيرا هوبهو ائين سوچيو. چيم ته هي سمورا جهنجهٽ ڦٽا ڪري پنهنجي گهر واريءَ ۽ پنهنجن ٻارن ڏانهن موٽي وڃان. پر پوءِ پنهنجي ڪٽنب جي ذميواري منهنجي پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا. قدم رڪجي ويا. ارادا بدلجي ويا. جي هڪ ماڻهوءَ جي قرباني، ٻين کي سٺي زندگي ڏئي سگهي ٿي ته پوءِ ان کان وڌيڪ خوشي جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي؟
مونکي هڪ اهڙي پرڏيهي جي حيثيت ۾ اڪيلي رهڻ جو تجربو آهي، جيڪو حالتن هٿان لاچار هجي. مونکي پنهنجي پريوار سان گڏ رهڻ جو به تجربو آهي. مان سمجهان ٿو ته دبئي ۾ رهندڙ مون جهڙا سوين هزارين پرڏيهي، انهن ٻنهي قسمن جي تجربن مان ضرور گذريا هوندا، جن جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيترو تفاوت آهي: خوشي ۽ غم، ويجهڙائي ۽ دوري، ميلاپ ۽ جدائي. اها ئي ڪهاڻي آهي اسان پرڏيهه واسين جي، ٿورن لفظن ۾: مرڪ ۽ لڙڪ، ٽهڪ ۽ چهڪ، آشا ۽ نراشا!
*