آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5191
  • 841
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

11. باب يارهون : جڏهن وهنوار ساک ۽ ڪارپت تي هلندو هو

اعتماد ڪرڻ کان وڌيڪ پيار ڪرڻ وارو بنجڻ وڌيڪ ساراهه جو حقدار آهي.
جارج ميڪڊونالڊ

دبئيءَ جو مارڪيٽ منهنجي يونيورسٽي هو.
مون ننڍيءَ ڄمار ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي ڪاروبار جو سبق اُتان ئي پرايم. ماڻهوءَ جا ماڻهوءَ سان لاڳاپا ۽ ورتاءَ ۽ انساني بدلجندڙ حالتن ۾ ان جي الڳ الڳ موٽ، ڪڏهن روح راڳن ۾ ڪڏهن بُت کان بيزار، ڪڏهن درياءُ ٽپيو وڃي ڪڏهن واهڙ تي بيهي رهي، انهن سڀني ڳالهين جو اُڀياس مون مارڪيٽ ۾ ويهي ڪيو. دبئي جو مارڪيٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کليل دل وارو ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ڀريل آهي. دبئي واپار جي ڳڙهه هئڻ ڪري دنيا ڀر سان ناتا نڀائي ٿي. هر قوم، هر رنگ، هر نسل جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ريت دبئي جي مارڪيٽ سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. اهي سڀ رنگ گڏجي دبئي جي سونهن وڌائين ٿا ۽ نئين سُڃاڻ ڏين ٿا.
1960ع وارا سال نئين دبئي جي واڌ ۽ ويجهه ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. تيل نڪرڻ کان گهڻو اڳ دبئي پنهنجي بنيادي جوڙجڪ کي نئون روپ ڏيڻ لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو. سندس گهڻو زور ان ڳالهه تي هو ته خدمتون ۽ سهولتون هڪيون تڪيون حاضر ڪري ڏجن ۽ انهن کي انڊسٽريءَ جو درجو ڏيئي ناڻو ڪمائجي. جڏهن تيل نڪتو ته وارا نيارا ٿي ويا. ٻُڏل ٻيڙو تري پيو. مونجهارا مِٽجي ويا. سڄو ملڪ جهڙوڪر سون ٿي پيو.
تيل ڇا نڪتو، پرڏيهي ڄاڻو ڪم وارن جا ڪٽڪ اچي سهڙيا. جوڙجڪ جو نئين سر اڀياس ٿيو. مدايون دور ڪري چڱاين کي اوليت ڏيئي منجهن واڌارو ڪيو ويو. هوائي اڏو ٺاهيو ويو. ڪريڪ جي سڌاري لاءِ پروجيڪٽ جوڙيو ويو. عام ڀلائي ۽ سهوليت جا ڪيترا ٻيا ڪم هٿ ۾ کنيا ويا. انهن سڀني ڳالهين لاءِ ماهر ۽ ڄاڻو ڪاريگر توڙي گهٽ تجربيڪار مزور گهربل هئا. بس، ڪُڇڻ جي دير هئي، پرڏيهي ڪمين جي اٿل اچي وئي. کين رهڻ لاءِ گهر گهربا هئا. اڏاوت جي ڪم جي ڄڻ ٻنڌ ٽٽي پئي. جيڏانهن نهار تيڏانهن گهر پيا جڙن. امارات جي وک وک تي ڪنسٽرڪشن جو ڪم جاري ٿي ويو.
ننڍي کنڊ جا ماڻهو هونءَ ئي مزوريءَ جا مڙس ماڻهو آهن. اجورو به گهٽ وٺن. ان ڪري سندن گهرج گهڻي هئي. هونءَ به ويجهڙائيءَ سبب توڙي سماجي ۽ سڀيتائي هڪ جهڙائيءَ ڪري اهي وڌيڪ پسند ڪيا ٿي ويا. گهڻا مقامي شهري اردو ۽ هندي ٻولي سمجهندا به هئا ته ڳالهائي به ويندا هئا. کين ننڍي کنڊ جي ماڻهن سان گهلي ملي وڃڻ ۾ ڪا به دشواري نه هئي.
ان ڪري هنن گهڻا مزور ان ئي علائقي منجهان ڀرتي ڪيا. ويزا سولائيءَ سان ملي ويندي هئي. ماڻهن کي پهچڻ ۾ ڪا ڏکيائي درپيش نه ايندي هئي. هڪ ٻئي کي چيو، ٻئي ٽئين کي ٻڌايو، ائين ميلو مچندو ويو. ڪمي ڪاسبي ايندا ويا. دبئي هر روز نئون وڳو پهرڻ لڳي. جيڪي ڪالهه هو، سو گذري ويو. جيڪي اڄ آهي، سو سڀاڻي نه هوندو. دبئي وئي وڌندي. مالي حالت ويس ڏينهون پوءِ سڌرندي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي جو دبئي جي نئين سروپ مان ماڊرن دنيا جي جهلڪ پسجڻ لڳي. ان سڄي ردوبدل ۾ ڪاروباري ماڻهن وڏو ناماچار ڪمايو.
ان وقت جو واپاري ويڙهو اڄ کان تمام گهڻو مختلف هو. اهو تفاوت سمجهائڻ لاءِ جڏهن لفظن جي چونڊ تي سوچيان ٿو ته مهاتما گانڌي جا شبد ٿا ياد اچنم. انهن ڏينهن ۾ جي ڊي برلا (گهنشيام داس برلا)، جنهن هندستان ۾ انڊسٽريءَ جي سلطنت قائم ڪئي ۽ انگريزن جي آخري ڏينهن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي هندستان کي هڪ سگهارو بنياد مهيا ڪيو، سو گانڌي جيءَ جو ويجهو دوست هو ۽ ڪانگريس جي هڙان وڙان سهائتا ڪندو رهندو هو. ان تي ڪيترن ئي ماڻهن، خاص ڪري کاٻيءَ ڌر جي دانشورن مُنهن گُهنجايو، ڪاوڙ ڪئي، اعتراض واريا، پر گانڌي پنهنجي جاءِ تي اڏول رهيو. هن کي برلا کان ڏوڪڙ وٺڻ ۾ ڪا به برائي نظر نه آئي، ڇو ته هن جو اهو پڪو ويساهه هو ته اها دولت سماج جي امانت آهي.
گانڌيءَ جيءَ جي ويچارن پويان هلندي، دبئي جي واپاري ويڙهي، 1950ع ۽ 1960ع سن جي اوائل ۾، قوم جي ترقي ۾ وڌي وڌي هٿ ونڊايو. سماج بزنيس تي ڀاڙيندو هو ۽ بزنيس مين سماج جي سيوا لاءِ پاڻ ارپڻ جي حد تائين دل ۽ جان سان ميدان ۾ لهي پيا. کين خبر هئي ته اسان جي اصل طاقت وري به سماج ئي آهي.
بزنيس ۾ لالچ جو ڪو دخل ڪونه هو. سچائي ۽ خلوص جهڙوڪر اڻ لکيل قانون هئا. واپاري پنهنجي آمدني تي خوش ۽ راضي هئا. گهرج کان وڌيڪ ڌنڌو ڪرڻ سندن ڪتاب ۾ لکيل ئي نه هو. پنهنجي سوڙ آهر پير ڊگهيريندا هئا. حيثيت موجب مال گهرائيندا هئا. اهو به ڌيان ۾ رکندا هئا ته جيڪو مال وٽن موجود آهي ۽ جيڪو واٽ تي آهي، انهن جي سيڙپ لاءِ اوتري رقم به موجود آهي يا نه؟ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته مال جي گهرج وڌي ويندي هئي ۽ مال اچڻ ۾ دير پئجي ويندي هئي. گدام خالي ٿي ويندا هئا ۽ مهينن جا مهينا واپاري واندا ويٺا انتظار ڪندا هئا. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به واپارين ڪڏهن به مال ذخيرو نه ڪيو. بس، ايترو ئي رکندا هئا، جيترو سنڀالي سگهن.
اڄ جو حال سڀني کي ساريو پيو آهي. دنيا بدلجي وئي آهي. اهي گُڻ ئي نه رهيا آهن. امپورٽر ماڻهن جي گهرج کي نظر ۾ رکندي، هٻڇ ڪري، گهڻو مال گهرائي، گدام سَٿي ويهي ٿا رهن. جي اوچتو گهرج گهٽجي وئي ۽ مارڪيٽ ۾ مَندي اچي وئي ته يارن جا ٽپڙ ئي ٽيشڻ تي. گهڻن جا ته جهڳائي جهڻ ٿي ويا. چڱن ڀلن کي ڏينهن جو ڏيئو ٻاريندي ڏٺوسين.
اڳوڻي زماني ۾ واپاري وڙا پنهنجي پئسي ڏوڪڙ جو حساب ڪتاب گهڻي سوچ ۽ ويچار سان ڪندا هئا. ان مان کين ئي فائدو رسندو هو. خاص ڪري جڏهن مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي ايندي هئي، تڏهن هو پنهنجو اسٽاڪ تيستائين پاڻ وٽ رکي سگهندا هئا، جيستائين وري مارڪيٽ پاڻ ڀرو نه ٿئي. کين نقصان ۾ مال وڪڻڻ جي ضرورت ڪانه پوندي هئي. اڄ ائين ناهي. جيڪڏهن اڄڪلهه مارڪيٽ ويهي ٿي وڃي ته واپاري ٽوٽ ۾ مال نيڪال ڪرڻ لاءِ لاچار ٿي ٿا پون، ڇو ته هو بئنڪن جو دٻاءُ ۽ وڌندڙ وياج جو ڌڪ سهي نٿا سگهن.
شروعاتي ڏينهن ۾ دبئي ۾ حالتون ٻيون هيون.
1950ع سن واري ڏهاڪي ۾ ۽ 1960ع جي ڳچ عرصي دوران واپاري پنهنجي پئسي تي ڌنڌو ڪندا هئا. هو ورلي بئنڪن کان قرض وٺي ڪاروبار ۾ لڳائيندا هئا. جيڪڏهن هو چاهيندا به هئا ته قرض کڻجي، ته به بئنڪن جا قانون ايڏا ته سخت هئا، جو کين مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو هو. ان وقت دبئي ۾ فقط هڪ بئنڪ هئي، جنهن جو نالو هو ‘برٽش بئنڪ آف دي مڊل ايسٽ.’ هيءَ ڪمزور بئنڪ صرف تڏهن ليٽر آف ڪريڊٽ (Letter of Credit) کوليندي هئي، جڏهن ان جي عيوض منجهس مناسب پئسا جمع ڪرايا ويندا هئا. اهو بلڪل ائين هو، ڄڻ ماڻهو پنهنجي ئي پئسن سان پيو واپار ڪري. ڪيترائي ڪاروباري ته مورڳو بئنڪ ۾ کاتو کولائڻ کان به پيا لهرائيندا هئا. چوندا هئا، “آخر بئنڪ ۾ پئسا رکڻ مان ڪهڙو؟ جيڪڏهن اسان پنهنجو ڌنڌو پاڻ هلائي ٿا سگهون ته پوءِ اهو مٿي جو سور ڇو کڻجي؟”
ڪيترا مقامي واپاري ته پنهنجا پئسا هندستاني بزنيس مين وٽ ڌراوت رکڻ وڌيڪ چڱو سمجهندا هئا. هو چوندا هئا ته بئنڪ ته ڏينهن ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ کلي ٿي، جڏهن ته هندستاني ڌنڌوڙي چوويهه ئي ڪلاڪ سڏ ۾ سڏ ڏيڻ لاءِ سولائي سان ملي سگهن ٿا. مقامي ماڻهو پنهنجي رکيل رقم تي وياج وٺڻ سٺو نه سمجهندا هئا، ان ڪري هنن لاءِ بئنڪ ۾ پئسا رکڻ جي ڪا گهڻي اهميت ڪانه هئي. هنن جي راءِ وري به ساڳي هئي ته هندستاني شاهوڪار سٺا بئنڪر آهن. مارڪيٽ ۾ گهڻي ڀاڱي لين دين ساک تي ٿيندي هئي. پئسن جو حساب ڪتاب ڇنڇر ڏينهن چُڪتو ڪندا هئا. ان ڏينهن کي واپاري ٻولي ۾ “شمبيدي” چئبو هو، جنهن جو مطلب هو پگهار جو ڏينهن. جيڪي ماڻهو مال خريد ڪندا هئا، سي ڇنڇر جي ڏهاڙي پاڻ اچي مال جي ملهه جي ڏهين پتي ڏئي ويندا هئا. اوڌر ڏهن هفتن يا ستر ڏينهن لاءِ هوندي هئي. اهو قانون سڀني سان لاڳو هوندو هو ۽ سڀ جا سڀ ان اڻ لکيل قانون جي پوئواري ڪندا هئا. ڪي تمام ٿورا هوندا هئا جي وقت تي رقم پهچائي نه سگهندا هئا. جڏهن اوڌر ڏئي پوري ڪبي هئي، تڏهن گهڻا ماڻهو ته رسيد وٺڻ به ضروري نه سمجهندا هئا.
ساک ۽ ڪارپت، اهي هئا ٻه ٿنڀا، جن تي ڪاروبار جي ڇت بيٺل هئي. واپاري، خاص ڪري ايراني، پنهنجو ليکو چوکو دماغ جي اسٽور ۾ سنڀالي رکندا هئا. مجال آهي جو ڪڏهن به سندن يادگيريءَ ۽ وهي کاتي ۾ ڪا ٽڪي پئسي جي گهٽ وڌائي ٿئي. جڏهن کان سخت مقابلي وارو واپار شروع ٿيو آهي، تڏهن کان اهو پراڻو، وڻندڙ ۽ صحتمند وايومنڊل ڳوليو نٿو لڀي.
ساک ۽ ڪارپت، جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪدم “حوالي” جو نالو دل تي تري ٿو اچي، جيتوڻيڪ اهو ڪاروبار انڊيا ۾ غير قانوني هو، پر هت ان تي ڪا به پابندي ڪانه هئي، ڇو ته هن ملڪ ۾ ڪرنسيءَ جي ڪاروبار تي ڪابه جهل پل نه هئي.
دبئي ۾ آيل ڪاروبار ۽ پئسي ڏوڪڙ جي طوفان جو فائدو وٺندي، “حوالو” هلائيندڙ هندستان جي سخت قانون ۽ سرڪاري ڊيگهه پٽاڙ ۽ اجائي دير کان تنگ آيل وهنواري لڏي کي سولائي سان ڪرنسي جي مٽاسٽا جي سهوليت آڇيندي، خوب ڪمايون ڪيون. ٻاهران آيل ماڻهن کي گهر ڏانهن پئسا موڪلڻ لاءِ هنن حوالي جي صورت ۾ تڪڙو ۽ ڀروسي جهڙو طريقو ڏنو. بئنڪن جي ڀيٽ ۾ “حوالو” وڌيڪ ڪفايت وارو به هو. ماڻهن کي هيءُ ذريعو ان ڪري به وڌيڪ وڻيو جو “حوالي” وارن جون شاخون هر شهر تائين ڦهليل هيون ۽ “حوالو” هلائيندي پنهنجي محنت ڦڙتيءَ ۽ گهٽ اجوري سبب بئنڪن مٿان ڇانئجي ويا. ڪن حالتن ۾ ته “حوالي” جو خرچ بئنڪن جي فيءَ کان اڌواڌ گهٽ ٿي ٿيو. ايتري ساري بچت ڀلا ڪنهن کي نه وڻندي؟ گورنمينٽ جي غلط مالي پاليسين پڻ “حوالي” کي وڏي هٿي ڏني. حوالي جو اگهه حالتن موجب گهٽبو ۽ وڌندو ٿي رهيو، پر بئنڪن جا اگهه هميشه لاءِ هڪ جهڙا مقرر ٿيل هوندا هئا. ها، ڪرنسيءَ جي ريٽ تي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪنٽرول هو ته اهو هو آمريڪي ڊالر جو. منجهس لاهه چاڙهه ماڻهن جي موڪليل رقم تي اثر انداز ٿيندو هو ۽ بدقسمتيءَ سان دبئي جي ڪرنسي آمريڪي ڊالر سان لاڳاپيل هئي.
دبئيءَ مان هندستان يا ٻين ويجهڙن ملڪن ڏانهن اڪثر سامان موٽ روانگي (Re export) سمجهي، ٻيڙين رستي يا مسافرن جي هٿان موڪليو ويندو هو، پر آمدنيءَ وارن ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ ان کي “سمگلنگ” چيو ويندو هو. اهو به سمجهيو ويندو هو ته اهو مال Under invoicing or Over invoicing (گهٽ يا وڌ مُلهه ڄاڻائڻ) جي قلم هيٺ ٿي آيو، جيڪا هندستان روانگي واپار (Export) جي قانون جي ڀڃڪڙي هئي. اهي سڀ ڳالهيون “حوالي” جا ريٽ مقرر ڪرڻ ۾ سوچيون وينديون هيون. جيڪڏهن انڊيا ۾ رقم جام گڏ ٿي ويندي هئي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهرموڪلڻ جي ضرورت هوندي هئي ته “حوالي” جو اگهه هڪدم چڙهي ويندو هو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن رقم موڪلڻ ۾ وڏو فائدو نظر ايندو هو. “حوالي” جا اگهه ننڍي کنڊ جي سياسي حالتن سبب پڻ تيزيءَ سان گهٽبا ۽ وڌندا رهندا هئا. جيڪڏهن هندستان ۾ ڪا سياسي هلچل يا ڪو هنگامو هوندو هو ته اهي اگهه چوٽ چڙهي ويندا هئا. مان هميشه سوچيندو هوس ته جيڪڏهن انڊيا ڇڪَ ڏني ته نزلو زڪام دبئي کي ٿيندو هو. ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي سان ايتري قدر ويجهڙائي هئي ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي ايترو ڀاڙيندا هئا.
جيڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي هئي ته سڀ کان پهرين شڪار موٽ روانگي (Re-exports) واپار ٿيندو هو. ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي چوڪسي وڌي ويندي هئي ۽ دبئيءَ کان ايندڙ ٻيڙين کي هميشه اهو ڀؤ رهندو هو ته رستي ۾ ڪٿي ڪا ڌر روڪي پڪڙي نه وجهي. هتان جا واپاري انهن ڏينهن جو انتظار ڪندا هئا، جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ صلح سانت هجي ته جيئن هو پنهنجو واپار بنا خوف خطري جاري رکي سگهن.
يو.اي.اي. عام طور ۽ دبئي خاص طور، گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ پنهنجي ڪرنسي جا ايڪا (Units) بدلائيندي رهي آهي. شروعات ۾ هتي هندستاني نوٽ (الڳ رنگ سان) ملندا هئا، ان کان پوءِ آيو قطر-دبئي دينار. اهو دينار فقط دبئي ۾ هلندو هو، جڏهن ته امارات جا ٻيا ملڪ بحرين جو دينار پنهنجي ڪرنسي طور هلائيندا هئا. اڄ ڪلهه درهم هلي رهيو آهي. مارڪيٽ ۾ اهي تبديليون بنا ڪنهن هٻڪ جي قبول ڪيون ويون، ڇو ته ماڻهن جو پنهنجي ملڪ جي مالي حالت تي ڪو شڪ شبهو ڪونه هو. جڏهن يو . اي . اي پنهنجي ڪرنسي آمريڪا جي مالي سرشتي سان جوڙي ڇڏي، تڏهن ته ويتر ماڻهن ۾ سلامتيءَ ۽ ويساهه جو احساس وڌيو.
دبئي ۾ سڀ کان پهرين اسان جي ڪمپنيءَ، آءِ.ٽي.ايل، پئسن پيارڻ جي عيوض رسيد ڏيڻ جو رواج وڌو. اڳتي هلي جيئن واپار وڌيو ۽ گراهڪن جو تعداد به گهڻو ٿيو، ته ٻين ڪمپنين به اسان وانگر رسيدون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪم وڌي وڃڻ سبب پراڻو سرشتو هاڻي ڏکيرڙو ٿي پيو هو ۽ رسيد ڏيڻ تمام ضروري هئي. آءِ.ٽي.ايل. جو اهو قدم نه رڳو ساراهيو ويو، پر هن دور کي ٿا ڏسون ته لڳي ٿو ته ائين ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو.
آءِ.ٽي.ايل. دبئي ۾ 1953ع ۾ ٺهي ۽ پنهنجي ساڳئي نالي واريءَ ڪمپنيءَ، انٽرنيشنل ٽريڊرز (ايسٽ آفريڪا لميٽيڊ)، جيڪا ڪينيا ۾ هئي، تنهن جي برانچ طور ڪم ڪرڻ لڳي. ان وقت دبئي برانچ کولڻ جو مقصد فقط اهو هو ته ڪمپني جو جيڪو مال سينگاپور ۾ واڌو پيو هو، ان جو نيڪال ڪجي. دبئي ۾ پڪي آفيس کولڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. ڪمپني وٽ ٽيڪسٽائيل جو تمام گهڻو بچيل اسٽاڪ پيو هو، جنهن کي وڪڻڻ لاءِ ڪمپني ڏاڍي پريشان هئي. کيس دبئي ان ڪم لاءِ مناسب جڳهه لڳي، ان ڪري هڪ ننڍڙي برانچ هتي کولي وئي.
هن ڪمپني جي شروعات 1875ع ۾ ٿي، جڏهن انڊونيشيا ۾ ڪي.اي.جي. چوٽرمل اينڊ ڪمپني (KAJ Chotirmall and Company) قائم ڪئي وئي، جنهن گهڻي ڀاڱي ٽيڪسٽائيل ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انڊونيشيا جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي جو سنڌ ورڪين اتي اڳ ئي ٽيڪسٽائيل جي ڪاروبار لاءِ هڪ مارڪيٽ ٺاهي ورتو هو.
جنهن ماڻهوءَ کي دبئي ۾ ڪمپني جو اسٽاڪ وڪڻڻ لاءِ موڪليو ويو هو، تنهن جو نالو هو سترا مداس ڀاڳيا. جڏهن مال وڪامي ويو، تڏهن ڀاڳيا کي اوڳڙ ڪرڻ لاءِ هڪ ڀروسي جهڙي شخص جي ضرورت پئي. سندس ملاقات مورج منگهناڻي سان ٿي، جيڪو ليکراج سنز جو اڳ ئي ملازم هو ۽ ٿوري وقت لاءِ اوڳڙ تي دبئي پهتو هو. ليکراج سنز جو ڪاروبار هندستان ۾ ڪَسو پئي هليو. جڏهن ڀاڳيا ۽ منگهناڻي پاڻ ۾ مليا، تڏهن ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. ڀاڳيا کي هڪ ايماندار ۽ تجربيڪار ڪارندي جي گهرج هئي ۽ منگهناڻي کي نوڪري جي تلاش هئي. ٻنهي کي ڳالهه وڻي ۽ اهڙي طرح منگهناڻي آءِ.ٽي.ايل لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو.
جڏهن آئي . ٽي . ايل جا اسٽاڪ نيڪال ٿي چڪا ۽ رقم جي اوڳڙ پوري ٿي، تڏهن انٽراچوٽرمل ڪمبائينڊ گروپ (Intra Chotimall Combined Group) جو ڊائريڪٽر خوبچند ڏاسواڻي دبئيءَ آيو ۽ حڪم ڏنائين ته هتي ڪمپني جو ڪم هاڻي بند ڪيو وڃي. ڪنهن نه ڪنهن ريت منگهناڻيءَ ڏاسواڻيءَ کي راضي ڪري ورتو ته آفيس کي هڪدم بند ڪرڻ بدران سال کن جو ٽائيم وڌيڪ ڏنو وڃي.
ڏاسواڻي انڪار ڪري ڪونه سگهيو،ڇو ته منگهناڻي جيڪي شرط رکيا هئا، سي ڪافي وزندار هئا. مثال طور، جيڪڏهن آفيس پنهنجو خرچ پکو لاهڻ جيترو ڪمائي ٿي ته پوءِ کيس ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته پوءِ ڀلي آفيس کي بند ڪيو وڃي. اهو به فيصلو ٿيو ته جيڪڏهن آفيس پنهنجو خرچ ڪڍي نه سگهي ته پوءِ منگهناڻي پنهنجي پگهار تان هٿ کڻندو. ان وچ ۾ ڪمپنيءَ جو ڪاروبار هلي پيو ۽ کيس بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو. ان ڪري، 1958ع ۾، اهو طئي ٿيو ته دبئي جو ڪم جاري رکيو ويندو، پر هاڻي اها آفيس برانچ جي بجاءِ خود مختيار ٿي ڪم ڪندي. ان قسم جي رٿ مقامي انتظاميا وٽ آئي ته آفيس خود مختيار رهندي،پر محدود ذميداري (Limited Liability) سان هوندي.
وڏيون توڙي گهڻ قوميون ڪمپنيون پنهنجي بچاءَ واسطي گهٽ ذميواري جي راهه وٺنديون آهن. ان سان ٻيو فائدو اهو به ٿيندو آهي ته مقامي انتظاميا کي سٽي بازي ۽ اجايا اسٽاڪ گڏ ڪرڻ کان باز رکجي ته جيئن گهاٽي جو ڪو امڪان نه رهي.
دبئي ۾ ڌنڌو ڪرڻ تمام سولو هو. اتي توهان کي ڪنهن تجارتي لائسنس وٺڻ جي به گهرج ڪونه هئي. بس، ڪو دڪان مسواڙ تي وٺي، پنهنجيءَ پسند جو ڪو نالو چونڊي، نالي وارو بورڊ دڪان تي هڻو ۽ ڪاروبار شروع ڪري ڏيو. اتي ڪنهن “محدود ذميواري” واري ڪمپني جي خواهش ڪرڻ ڪيترن ماڻهن کي ڀوڳ جهڙي لڳي.
مورج منگهناڻي، جيڪو هاڻي آءِ.ٽي.ايل. دبئي جي ڪم جو وڏو هو، تنهن ڪمپنيءَ جي مرضي پٽاندر عيسيٰ صالح الفرغ سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. عيسيٰ صالح ان وقت ‘برٽش بئنڪ آف دي مڊل ايسٽ’ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ سندس عهدو ڪمرشل مئنيجر جو هو. الفرغ کي اها صلاح وڻي ۽ منگهناڻي مرحوم شيخ راشد سعيد المڪتوم وٽ ويو. شيخ راشد لاءِ مشهور هو ته هو ترقي لاءِ ڏنل نين رٿن کي ڏاڍي ڌيان سان ٻُڌندو هو. شيخ راشد هڪدم اسان جي ڪمپني لاءِ حڪم جاري ڪيو. ڪمپني جا مول ۽ متا (The Memorandum and Arcticles of Association) هڪ انگريز وڪيل بحرين ۾ تيار ڪيا ۽ اهڙي ريت انٽرنيشنل ٽريڊرز (مڊل ايسٽ) لميٽيڊ سڀ کان پهرين اجازت مليل ڪمپني ٿي، جنهن دبئي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. دستاويزن تي شيخ راشد پاڻ صحيح ڪئي.
ان کان پوءِ دبئي اليڪٽرسٽي ڪمپني لميٽيڊ، نيشنل بئنڪ آف دبئي لميٽيڊ ۽ دبئي ٽيليفون ڪمپني لميٽيڊ پڻ ساڳيءَ طرح شاهي فرمان وسيلي قائم ٿيون ۽ ڪاغذن تيار ڪرڻ وقت منجهن اسان جي ڪمپني جي مول متن The Memorandum and Articles of Association جو حوالو ڏنو ويو. هڪ طرح سان “فرمان” واري ڪلچر جو سهرو عيسيٰ صالح الفرغ جي سر تي سونهين ٿو، جيڪو پوءِ انگلنڊ ۾ ايلچي مقرر ٿيو ۽ ان سان گڏ دبئي جي وڏن ڪاروباري ماڻهن ۾ پڻ ڳڻجڻ لڳو.
شروع ۾ اسان جي محدود ذميواري واري ڪمپني ٺهڻ تي ماڻهن جي راءِ گڏيل سڏيل هئي. ٻاهران آيل بزنيس مين ته ٽوڪ ۾ اسان جي ڪيل وڏن فيصلن کي محدود ذميواري وارو فيصلو چئي اسان تي کلندا هئا.
اسان جي ڪمپني ۾، هڪ سسٽم هيٺ، جڏهن مئنيجر موڪل تي ويندو هو ته سندس جاءِ تي هڪ عارضي مئنيجر مقرر ڪيو ويندو هو. انڪري جڏهن منگهناڻي وئڪيشن تي ويو ته سندس جاءِ تي لڇمڻداس پنجابي اچي سهڙيو. پنجابي ان کان اڳ جپان ۾ڪافي تجربو حاصل ڪري چڪو هو، جتي گوئا جي ڪنهن ڪمپني طرفان هو پرچيز آفيسر طور ڪم ڪري چڪو هو. جپاني ٻولي ڏاڍي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو ۽ ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. مونکي هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ مزو ته آيو، پر گڏوگڏ کانئس گهڻوڪجهه پرائڻ جو به موقعو مليم. هن پنهنجا اختيار مونکي ورهائي ڏنا ۽ مونکي واپاري رازن ۽ رمزن سکڻ ۽ سمجهڻ جا پڻ موقعا ڏنائين. هن مونکي پيئڻ پڻ سيکاريو. بيئر پيئڻ جو آرٽ مون کانئس ئي سکيو. الڪوهل جي اها پهرين سرڪي هئي جا مون زندگي ۾ ان کان اڳ ڪڏهن ڪونه ڀري هئي.
منگهن مل اُڌارام، جنهن کي عام طور ايم اُڌارام سڏيندا هئا، سوانٽرا-چوٽرمل گڏيل گروپ جو چيئرمن هو. هو اُونهي سوچ رکندڙ انسان هو ۽ هن جا مون تي ذاتي طور وڏا وڙ ڪيل آهن. مون ٿوري گهڻي جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان ۾ سندس ڏنل سکيا جو وڏو هٿ آهي. انٽرا (Intra) جي ٺهڻ کان اڳ، هو چوٽرمل گروپ جو سربراهه هو. اهو هڪ خالص پرائيويٽ گروپ هو، جنهن جو ٺڪاڻو انڊيا ۾ هو ۽ فئملي آرگنائيزيشن جي حيثيت رکندو هو. 1951ع ڌاري، سنڌورڪي سسٽم ۾ هڪ نئين باب جو واڌارو ٿيو، جڏهن چوٽرمل گروپ جي مالڪن کي سندن انتظامي ٽيم ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته کين ڪجهه وڌيڪ مالي اختيار ڏنا وڃن ته جيئن هو گروپ کي وڌيڪ ڪاروباري بنائي سگهن ۽ سندس ڪم جي دائري کي پرڏيهه تائين ڦهلائي وڃن. پنجاهه سال اڳ ان قسم جو قدم ۽ سو به ڪنهن سنڌي ڪمپنيءَ جي طرفان،ان کان اڳ نه ڪنهن ٻڌو هو نه سڻيو هو.
اها ڪوشش ڪامياب وئي ۽ نتيجي ۾ انٽرا چوٽرمل جوانئٽ وينچر وجود ۾ آيو. اڌارام گڏيل ڪمپني جو چيف بنيو. اڌارام کي پڪ هئي ته ائين ڪرڻ سان ڊائريڪٽرن ۾ سلامتي جو احساس پختو ٿيندو ۽ ان کان سواءِ ايماندار ملازمن کي سندن ڪم جي عيوض انعام پڻ ملندو. اهو خاص طور تي ٻڌايو ويو ته آئندي انٽرا (Intra) پنهنجا نوان دڪان صرف اولهه ۾ ئي کوليندو.
نئين ڪمپنيِءَ جي کلڻ سان سنڌي فرمن ۾ ڄڻ ته هڪ نئون مثال قائم ٿي ويو.مالڪن ۽ ڊائريڪٽرن جي وچ ۾ برابري ۽هڪ جهڙائيءَ جو احساس جاڳي اُٿيو. جڏهن ڊائريڪٽرن اهو محسوس ڪيو ته هاڻي سندن ڀاڳ ڪمپني جي ڪاميابي سان واڳيل آهي، تڏهن هنن پڻ پنهنجيءَ پر ۾ڪمپني جي ڀلي خاطر هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڏنا. ايم اڌارام ۽ ڪي ايل ڏاسواڻيءَ کان سواءِ گوپال داس بي محبوباڻي، هاسارام بالاڻي، رام چند ايل ڏاسواڻي ۽ ٻيا ڊائريڪٽر هئا. هو نئين ڪمپني جا شيئر هولڊر پڻ هئا.
منهنجا ڀلا ڀاڳ جو مونکي اُڌارام جي ويجهو رهڻ جو موقعو مليو ۽ مون کانئس ڪي قيمتي سبق پڻ سکيا. مون کي ساڻس ٿيل 1960ع واري پهرين ملاقات اڃا تائين چٽي طرح ياد آهي. مونکي چيو هئائين ته پگهار وڌائڻ بدران نفعي ۾ ڀائيوار ٿيڻ قبول ڪريان. پهرين ته مان ٿورو گهٻرايس. هن جي صلاح ۾ وڏو جوکو کڻڻو پئي پيم. پگهار ۾ ته هر مهيني مقرر ٿيل رقم ملندي هئي، پر نفعي ۾ ڀائيواري رڃ کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. ڇا به هجي، اها هڪ للڪار هئي. جيڪڏهن ڪمپني کي فائدو پئي ٿيو ته مونکي به ان مان لاڀ ٿي ٿيو. وڏي ڳالهه اها ته اهو نفعو مون کي ڪنهن به سيڙپ کان سواءِ ٿي ٿيو. مونکي ڄاڻ هئي ته ان ڪم ۾ سخت محنت درڪار هئي ۽ منهنجي پورهئي سان ڪمايل منافعي ۾ ڪمپني سان گڏ منهنجا ساٿي به شريڪ ٿيندا. اهوته ٿيو ڪهاڻيءَ جو هڪ پاسو. ٻئي طرف مان سڄيءَ دنيا ۾ ڦهليل هڪ نالي واريءَ ڪمپني ۾ ڀائيوار پئي ٿيس.
مون ان صلاح تي چڱو ويچار ڪيو، فائدا ۽ نقصان جاچي ڏٺم ۽ پوءِ آخرڪار اڌارام جي ڏنل رٿ منظور ڪري ڇڏيم. هاڻي جڏهن ان ڳالهه تي سوچيان ٿو ته لڳيم ٿو ته اڌارام نفعي ۾ ڀائيوار بنائڻ جي صلاح ڏيئي پنهنجي بهترين انتظامي قابليت ۽ ڏاهپ جي ثابتي ڏني هئي. ٿورڙي پگهار سان گڏ منافعي ۾ حصو ڏيڻ سان هن مقرر ٿيل خرچ هيٺينءَ حد تائين گهٽ پئي رکيا ۽ گڏوگڏ پنهنجي ڪمپني کي اجائي نقصان کان پڻ بچائڻ ٿي چاهيو.
اُڌارام اهو فيصلو به ڪيوته مکيه ڊائريڪٽر جي ڪرسي، سندس لاڏاڻي کانپوءِ يا رٽائر ٿيڻ بعد، سندس ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتيءَ يا ٻارن مان ڪنهن کي به ورثي ۾ نه ملندي. صرف هڪ مرد ڀاتيءَ کي ڪمپني ۾ ملازم رکيو ويندو. ان لاءِ به اهوشرط هو ته هو ننڍي پوزيشن کان ڪم شروع ڪندو ۽ آهستي آهستي مٿي چڙهندو ويندو. ائين ڪرڻ سان ڊائريڪٽرن جي ٻارن وچ ۾ ٿيندڙ ڄونڊا پٽ کي ٻنجو ڏنو ويو.
اڌارام جي چوڻ تي مٿين خرچن کي حد اندر رکڻ لاءِ سنها سنها تفصيل گڏ ڪيا ويا. مثال طور، ڪنهن جو به ذاتي خط ڪمپني جي خرچ تي نٿي موڪلي سگهيا.
هڪ دفعي اڌارام گشت تي آيل هو. مونکي هڪ خط ڏنائين ته وڃي پوسٽ آفيس ۾ ڏئي اچان. خط ته مان پوسٽ ڪري آيس، پر مون کانئس ٽڪلين جا پئسا وٺڻ مناسب نه سمجهيو. هن کي جڏهن ڳالهه ياد آئي ته مونکي زوريءَ پئسا ڏنائين ۽ چيائين ته توکي پئسن ڏيڻ جا ٻه سبب آهن: هڪ ته اهو منهنجو ذاتي خط هو، ان ڪري ڪمپني کي پئسا ڀرڻ نه گهرجن، ۽ ٻيو ته مان کانئس عمر ۾ ننڍو هوس، انڪري هن مونکي پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيڻ نه ڏنا.
هڪ ڀيري اسان ٻئي جپان ۾ گڏ هئاسين. ٻئي ڄڻا وار ڪٽائڻ لاءِ سئلون ۾ وياسين. مان پهرين واندو ٿيس ۽ پنهنجا توڙي اڌارام جا پئسا ڏئي ڇڏيم. جڏهن کيس ان ڳالهه جي خبر پئي تڏهن سخت ڪاوڙيو ۽ مونکي ڏاڍا دڙڪا ڏنائين ۽ چيائين ته هڪ بار وري ٿو چوانءِ ته جڏهن پاڻ ۾ گڏ هجون ته تون پئسا نه ڏيندو ڪر. عهدي جي لحاظ کان هو مون کان تمام گهڻو مٿي هو، پر انساني ناتي سان هو منهنجي بلڪل ويجهو هو.
1984ع ۾ آءِ. ٽي.ايل. دبئي کي هڪ انٽرنيشنل ايوارڊ مليو، جنهن کي وٺڻ لاءِ مان سينگاپور ويس. اُڌارام به اتي پهتل هو. مون عرض ڪيو ته اهو ايوارڊ توهان ڪمپنيءَ جي طرفان وصول ڪريو. پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ڇو ته آءِ.ٽي.ايل دبئي اهو ايوارڊ کٽيو آهي ۽ مان ايڏو دور کان ان کي وٺڻ لاءِ سينگاپور آيو آهيان، انڪري مونکي ئي ايوارڊ وٺڻ گهرجي. ڳالهه ته چڱي ڪيائين، پر منهنجي دل مڃي ئي نه پئي. ان ڪري ماٺڙي ڪري وڃي ايوارڊ ڏيندڙن کي چيم ته جڏهن اسانجو وارو اچي ته اڌارام جو نالو وٺي کيس نينڍ ڏجو ته اچي ايوارڊ وٺي.
مهيني کن کانپوءِ هو گذاري ويو. اها ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي ته ايوارڊ وٺڻ وقت سندس جيڪو فوٽو ڪڍيو ويو هو، سو ئي سندس آلبم ۾ سڀني کان سٺو سمجهي، اخبارن ۾ سندس موت جي خبر سان گڏ ڇاپيو ويو. هو ان سال گذاري ويو، جڏهن منهنجي ماءُ لاڏاڻو ڪيو. منهنجي لاءِ اهو ٻيڻو ڏک هو. اُڌارام جيڪي اصول پنهنجي جيئري جوڙيا، سي اڄ به ڪمپني ۾ رائج آهن. مٿين خرچن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڀائيواري سرشتي کي همٿائڻ وارا قانون ايترا ته فائدي وارا ثابت ٿيا جو 25 کان مٿي ملازم هاڻي به آءِ.ٽي.ايل. دبئيءَ ۾ منافعي ۾ ڀائيواري واري شرط تي ڪم ڪن ٿا.
1950ع ۽ 1960ع وارن ڏهاڪن ۾ سڀني کان وڌيڪ ايران جي مالي حالت سٺي هئي. ان ڪري دبئي مارڪيٽ جي لاءِ اها فطري ڳالهه هئي ته هو پنهنجي بنيادي سکيا ايران کان وٺي، جيڪو گلف جي ٻئي ڪناري تي هو. ڪي تاريخي سبب به هئا، جن جي ڪري ايراني واپارين جي دبئي مارڪيٽ مٿان سرسي هئي. 1900ع ڌاري ايراني واپارين جي هڪ وڏي تعداد کي ‘لنگهي’ مان زوريءَ ڪڍيو ويو هو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن لنگهي بندر جي واپاري ڪارگذاري پٺتي پئجي وئي هئي ۽ سندس جهاز رانيءَ توڙي سوداگريءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو هو.
ايران ڏانهن وکر ٻيڙين وسيلي نيو ويندو هو. ان ۾ کاڌ خوراڪ، ڪپڙو لٽو ۽ ٻيون ضروري شيون شامل هيون. اليڪٽرانڪ شيون اڃا مارڪيٽ ۾ نه آيون هيون. ڪپڙي جو ڪاروبار زور تي هو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ٽيڪسٽائيل گهڻو ڪري انڊيا يا جپان مان ايندو هو. هندستان جي ڪاٽن وائل جي تمام گهڻي گهُر هئي، خاص طور مشهور برانڊ جي ڪپڙن جي، جن ۾ کٽائو، سريرام ملز ۽ سري نواس ملزم جا نالا مشهور هئا. ايران جي سخت گرمي واريءَ موسم ۾ ڪاٽن وائل جو ڪپڙو ڏاڍو فرحت ڏيندڙ هو ۽ماڻهو وڏي شوق سان پائيندا هئا. ڪاٽن مل (Cotton Mill) نمبر8181، جيڪو جپان جي نچيبو (Nichibo) ڪمپني ٺاهيندي هئي ۽ عام ماڻهو کيس ساسوني سڏيندا هئا، سو پڻ ڏاڍو گهڻو وڪامندو هو.
ڪاٽن لٺو وري حج جي سيزن ۾ تمام گهڻو وڪامندو هو. انهن ڏينهن ۾ حاجين ۾ اهو رواج هو ته هو پاڻ سان گڏ ڪپڙي ٽڪر ساڻ کڻي ويندا هئا، جنهن کي زم زم جي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي موٽائي کڻي ايندا هئا. جڏهن به ڪو ڪٽنب ۾ گذاري ويندو هو ته ان ڪپڙي جو کيس ڪفن پارائيندا هئا. ڪفن جي لاءِ جيڪو ڪپڙو وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو، سو جپان جي ڄاتل سڃاتل مشهور ملن ۾ تيار ٿيندو هو. انهن مان هڪ مل جيڪا وڌيڪ نالي واري هئي، تنهنجو نالو هو نشينبو (Nishinbo)، ٿري پيچز نمبر 10000 ۽ ٽويوبو فلائنگ ڊريگن نمبر 16000. لٺي کي پردن وغيره جي لاءِ لائيننگ طور به ڪم آندو ويندو هو.
ريان پڻ ڪپڙي توڙي ڌاڳي جي صورت ۾ ايران گهڻي ويندي هئي. چوندا هئا ته اهو ڪپڙو ڏاڍو نرم ٿئي ٿو، ان ڪري ماڻهن کي وڻي ٿو. مونکي ياد آهي ته ٽوري (Toray) ڪمپني جي ايگل بيل ململ نمبر 9 ۽ ڪانيبو (Kanebo) ڪمپني جي چيري بيل ململ نمبر 9 ڏاڍيون مقبول هيون.
ايران سان ٽئڪسٽائيل جو واپار دلال جي ذريعي ٿيندو هو، جن ۾ گهڻائي ايرانين ۽ هندستانين جي هئي. اهي ئي مارڪيٽ جي سُڌ ٻُڌ رکندا هئا ۽ اگهه پار ٻڌائيندا هئا. ان زماني ۾ حال احوال ۽ خبر چار جا تڪڙا وسيلا اڃا ايجاد ڪونه ٿيا هئا. نه فون هئي، نه روزاني اخبار ۽ نه وري ٽيليويزن. وڌ ۾ وڌ تار وسيلي هڪ ٻئي سان لههَ وچڙ ۾ اچي سگهبو هو.
ٽئڪسٽائيل جي قيمت هڪ ڪري ڪانه هوندي هئي. پئي لهندي چڙهندي هئي. اگهه جو دارومدار هوندو هو فصل جي صورتحال تي. فصل ڀلو ٿيو يا ڍلو، مارڪيٽ تيز آهي يا مندو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ئي اهڙا سوال ۽ انهن جا جواب ٽيڪسٽائيل جي اگهه جو فيصلو ڪندا هئا. ان ڪري هن مارڪيٽ تي رقم لڳائڻ سٽي کيڏڻ جي برابر سمجهي ويندي هئي. خاص طور تي، جڏهن هِتان جي خبر هُتي وقت سِرِ نه پهچي ته پوءِ ڍينگو ئي ڍيري.
اسان کي جپان کان هر روز تار رستي اگهه ملندا هئا. هڪ برطانيا جي ڪمپني ڪيبل ائنڊ وائرليس (Cable and Wireless) جي نالي سان هوندي هئي. جيڪا تار پهچائڻ جو ڪم ڪندي هئي.ان ڪمپني جون ٻه آفيسون هيون. هڪ ديرا ۾ ۽ ٻي دبئي ۾. جيئن ئي ڪنهن جي ڪا تار يا ڪيبل ايندي هئي ته ڪمپني جا ماڻهو اها جلد کان جلد اچي پهتي ڪري ڏئي ويندا هئا. صبح جو 8 بجي پهريون ڦيرو ڪندا هئا ۽ شام جو 5 بجي آخري.
جپان جا اگهه دلالن کي ٻڌايا ويندا هئا ۽ اهي وري مارڪيٽ ۾ وڃي انهن اگهن جا آرڊر بُڪ ڪندا هئا.ڪي دلال ڪنهن خاص ڀلاوڻي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ ٻيا وري سڀني جي لاءِ بزنيس هٿ ڪندا هئا. ظاهر آهي ته جيڪا ڪمپني سٺا اگهه آڇيندي هئي، سا ئي بزنيس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي هئي. دلچسپ ڳالهه اها هئي ته مقابلو ڪندڙ ڪمپنين جي اگهن ۾ڪو خاص تفاوت ڪونه هوندو هو. انهن جااگهه 0.01 سيڪڙو کان 0.1 سيڪڙو جي وچ ۾ ئي رهندا هئا.
دلال آرڊر بڪ ڪرڻ سان گڏ سيلسمئن جيان مال وڪڻڻ ۾ مدد به ڪندا هئا. ڀلاوڻا دلاليءَ جي لاءِ 100 روپين تي پنج آنا ڏيندا هئا، جيڪو وڃي 0.3125 سيڪڙو بيهندو هو. مقامي مارڪيٽ ۾ مال وڪڻڻ جي دلالي به ساڳئي ئي هوندي هئي. پر ان ۾ مال وڪڻندڙ ۽ خرچ ڪندڙ برابر جا حصيدار هوندا هئا. ان وقت جا مشهور دلال هئا؛ بوني مل، گورڌن ادناڻي، هاسانند لکياڻي، هوندل داس ادناڻي، خوشال گانڌي، محمد احمد ڪئپيٽل، نارائڻداس لکياڻي، رئيس احمد خان، روچي رام چمناڻي، سڳنومل منواڻي، تولارام ليلوا، واشديو ڀاٽيا ۽ واڌورام نڀينداس. چيلارام سجناڻي به رٽائر ٿيڻ کان پوءِ وڃي دلال ٿيو.
سڄو ڏينهن مارڪيٽ ۾ آرڊر وٺڻ کان پوءِ دلال وڃي ڪمپني کي شام جو سڄي ڏينهن جو حال احوال ڏيندا هئا. سڀني جو آرڊر ملائي جوڙ ڪري، جپان جي سپلائر کي اماڻيو ويندو هو ۽ کيس چئبو هو ته مليل آرڊر جي جوابي پڪ ڏئي. مال جي پهچڻ ۾ پنجن مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي ويندو هو، ڇو ته جپان کان دبئي تائين ڪابه جهازران ڪمپني سڌا جهاز نه هلائيندي هئي. مال روانو ڪندڙ ڪمپني سامان بمبئي موڪليندي هئي، جتي ان کي لاهي گدام ۾ رکي ڇڏيندا هئا.جيسين وري گلف واري رستي تي هلندڙ ڪو جهاز ملي يا ان جهاز ۾ ايتري جڳهه هجي، اهو مال مهينن جا مهينا نه ته به هفتا ضرور پيو هوندو هو. اڳتي هلي جپان کان سڌا جهاز دبئي ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا. اهڙي طرح وقت جو گهڻو بچاءُ ٿي پيو.
هتي ڀلاوڻن (Indentors) جي ڪم جي باري ۾ ٿورو تفصيل ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. انهن ڏينهن ۾ سندن ڪم ڏاڍو اهم هوندو هو، ڇو ته هو خريدار ۽ وڪروڪندڙ جي وچ ۾ پُل جو ڪم ڪندا هئا. هو خريدار جي طرفان سپلائر کي مال جو آرڊر ڏيندا هئا. تمام ٿورا خريدار سپلائر سان سنئون سڌو لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، نه ته ان قسم جو سمورو ڪم انڊينٽر ئي ڪندا هئا. ان جا ٻه سبب هئا. هڪ ته خريدار يا امپورٽر وٽ اهي سهولتون ڪونه هونديون هيون، جيڪي اُن ڪم لاءِ ضروري هيون، ٻيو ته خود سپلائر پڻ چاهيندا هئا ته وچ ۾ ڪو ٽيون ماڻهو ضرور هجي. سندن خيال ۾ ائين ڪرڻ سان بچت ٿيندي هئي.
ٽيليفون ڪونه هوندا هئا ۽ جيئن مون اڳ چيو آهي، هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو فقط هڪ ئي ذريعو هو. اهو هو ٽيليگرام يا تار. لکاپڙهي يا ٽائيپ ڪرڻ جا ماهر به هروڀرو ايترا ڪونه هئا.
ڪي واپاري جيڪي بزنيس جي دنيا ۾ اڄ ڪلهه وڏيون هستيون ليکيا ٿا وڃن، سي ٻين وٽ ڪم ڪندڙ ٽائپيپسٽن کان پاڻ وٽ پارٽ ٽائيم ڪم ڪرائيندا هئا. ڪن بئنڪن جا سينئر آفيسر، جن کي چڱي موچاري پگهار ملندي هئي، سي به شام جو واندا ويهڻ بجاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڪمپني ۾ پارٽ ٽائيم ٽائيپسٽ جو ڪم ڪندا هئا. اهو ڪم کين 40 روپيا کن ماهوار آمدني ڏياريندو هو. انهن ڏينهن ۾ 40 روپيا ڪا گهٽ رقم ڪانه هوندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن امپورٽر انڊينٽر تي ايل سي (Letter of Credit) جو فارم ڀرڻ لاءِ به ڀاڙيندا هئا. ڪن حالتن ۾ ته خريدار پاڻ انڊينٽنگ شيٽ کڻي بئنڪ وارن ڏانهن ويندا هئا ۽ کين وينتي ڪندا هئا ته هو کين ايل سي (Letter of Credit) ٽائيپ ڪري ڏين. امپورٽر ڇڙو فارم تي صحيح ڪري ڇڏيندا هئا، باقي ڪم وچ وارا ماڻهو ڪندا هئا.
انڊينٽر جي ڪمائي ڪميشن منجهان ٿيندي هئي. اها ڪميشن کين مال ٺاهيندڙ ڪمپنيون يا سپلائر ڏيندا هئا. شروع ۾ ڪميشن هڪ سيڪڙو هئي، جنهن مان 0.3125 سيڪڙو دلال کي ملندي هئي، ڇو ته دلال ئي مارڪيٽ ۾ رُلي، واپارين کي مڃائي، آرڊر وٺندا هئا.اهڙي طرح انڊينٽنگ هائوس کي 0.6875 سيڪڙو بچت ٿيندي هئي. ايندڙ سالن ۾ ڪميشن هڪ سيڪڙو مان وڌي ٽي سيڪڙو ٿي. هاڻي جيڪڏهن انڊينٽنگ هائوس تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندوته کين نه گهڻي پئسي سيڙائڻ جي ضرورت هئي ۽ نه وري گهڻي عملي جي. کين کپندي هئي هڪ ٽيبل ۽ ڪرسي ۽ هڪڙو اهڙو ماڻهو جيڪو چڱي طرح ٽائيپ ڪري سگهي. ان لحاظ کان سندن ڪمائي انهن ڏينهن جي حوالي سان چڱي موچاري چئبي. ڪي انڊينٽنگ هائوس ته ان ڪمائي مان وڌي وڏيون واپاري ڪمپنيون بنجي پيا.
خريدارن کي انڊينٽرن جي معرفت ڪم ڪرڻ ۾ هڪ ٻيو به فائدو هو. هو پنهنجي بزنس تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهندا هئا ۽ هر شي سندن پوري ڪنٽرول ۾ به رهندي هئي، ڇو ته سپلائر ته پرڏيهي هئا، پر انڊينٽر ته سندن پنهنجي مارڪيٽ جا ماڻهو هئا.
ڀڄ ٽٽ يا نقصان ته واپار جو حصو آهي. ان حالت ۾ خريدار پنهنجو ڪليم انڊينٽر وٽ داخل ڪندو هو ته جيئن هو کوٽ جو پورائو ڪرائي ڏين. گهڻن موقعن تي ته انڊينٽر نقصان جي رقم پنهنجي کيسي مان ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ پيا سپلائر کان ڪليم وصول ڪندا هئا. مونکي اهڙو هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي، جنهن جو واسطو اسان جي ڪمپني سان هو. ڪجهه واپارين گڏجي جپاني رومالن جو آرڊر اسان جي ڪمپني جي معرفت بڪ ڪرايو. جڏهن مال پهتو، تڏهن امپورٽر اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته رومالن جي جاءِ تي سپلائر ڪپڙي جا ٽڪڙا موڪليا هئا. نه انهن جون ڪناريون سبيل هيون ۽ نه انهن جي حاشين تي ڪي لائينون يا ڊزائينون ٺهيل هيون. اسان هڪدم مال موٽائي ورتو ۽ خريدار کي سندن رقم موٽائي ڏني.
جيئن مون اڳ چيو آهي، انهن ڏينهن ۾ واپار سڄو ساک ۽ ڀروسي تي هلندو هو. ماڻهن ۾ شرم ۽ حياءُ هو، اخلاق هو، ذميداري هئي. جيڪڏهن ڪنهن واپاريءَ واعدو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي، هو پنهنجي چئي تان ڪڏهن به نه ڦرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آرڊر ڏيڻ کان پوءِ قيمتون تمام گهڻيون وڌي وينديون هيون يا صفا گهٽجي وينديون هيون، پر ٻئي ڌريون پنهنجي ويساهه کي ڇيهو نه پهچائينديون هيون. ڀل ته کين ائين ڪرڻ سان ڪيڏو به گهاٽو پوي. اسان پارا ڀلاوڻا به اها ڪوشش ڪندا هئا ته مارڪيٽ لهي يا چڙهي، پر مال ڌڻين کي وقت سِر ضرور پهچي.
هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي.اها هيءُ ته انهن ڏينهن ۾ ماڻهو نفعو گهڻو ڪونه ڪندا هئا. بس، رڳو پنجن کان ڏهه سيڪڙو جي وچ ۾ منافعو رکندا هئا. واپار جو مطلب گهر گهاٽ هلائڻ هوندو هو، راتو رات لکاپتي ٿيڻ نه هوندو هو. ان کان سواءِ بزنيس کي عام ماڻهن جي شيوا به سمجهيو ويندو هو.
1960ع ڌاري،جڏهن دبئي جي مالي سُکيائيءَ جا ڏينهن آيا ۽ هندستان توڙي پاڪستان کان ماڻهو دبئي ڏانهن ڪاهيندا پهتا، تڏهن ٽيڪسٽائيل جي ڌنڌي کي ڄڻ ته نئين زندگي ملي وئي. هيءُ اهو وقت هو جڏهن مارڪيٽ ۾ پوليسٽر ڪپڙو نئون نئون اچڻ لڳو هو.پوليسٽر سوٽن جي ڪپڙي کي آمريڪا ۾ ڊيڪران (Dacron)، انگلنڊ ۽انڊيا ۾ ٽيريلين (Terylene)، جپان ۾ ٽيٽران (Tetoron) ۽ جرمني ۾ ٽرگال (Tegral) چونداهئا. اهو ڪپڙو دبئي ۾ ڌڙا ڌڙ اچڻ لڳو. جيئن جيئن مارڪيٽ وڌيو، ته مارڪيٽ جو نقشو به بدلجڻ لڳو. مقابلو سخت ٿيندو ويو. چٽاڀيٽي زور وٺندي وئي ۽ جيئن چٽاڀيٽيءَ زور ورتو، تيئن دبئي پڻ بدلجڻ لڳي.
ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾ تبديلي آئي، سا گهڻو ڪري، مقامي زائفن جي ڪري آئي. هنن ٻاهران ايندڙ ڪپڙن مان نوان فئشن ڪڍيا. ڪا خاص ڊزائين يا ڪو خاص ڪپڙو کين وڻيو ٿي ته ٻين به انهن جو نقل ڪندي ساڳين ڪپڙن جو آرڊر ٿي ڏنو. ائين وئي ڳالهه وڌندي.
آزاديءَ کان پوءِ هندستان جون انڊسٽريل پاليسيون تڙتڪڙ ۾ ٺاهيون ويون هيون. اهي آڏيون اُبتيون پاليسيون ۽ ڪنٽرولڊ ايڪانامي اڳتي هلي خود هندستان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيون. ان وچ ۾ هندستان ۾ مڊل ڪلاس ماڻهن جو انگ وڌندو رهيو. سندس گهرجون به ان حساب سان وڌڻ لڳيون. خاص ڪري ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين جي گهرج ۾ ڏاڍو واڌارو ٿيو. دبئي ان کوٽ جو پورو پورو فائدو ورتو.
هندوستان ۾ ٺهيل شين جي ڪريل معيار ۽ غلط انڊسٽريل پاليسين سبب منع ڪيل سامان لڪ چوري انڊيا ۾ سمگل ٿيڻ لڳو يا پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين جي هٿان ملڪ ۾ اچڻ لڳو. دبئي جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي هئي جو ڪٿان جو به مال دبئي منجهان ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ موڪلڻ ڏاڍو سولو هو. اُن ڪري دبئي ننڍي کنڊ ۾ مال موڪلڻ جو ڳڙهه بنجي پيو. خاص ڪري ڪپڙي جي واپارين ته وڻ وڄائي ڇڏيا. ٽيڪسٽائيل جون ڪيتريون ئي شيون يا ته سمگل ٿيڻ لڳيون يا دبئي ۾ رهندڙ هندستانين توڙي پاڪستانين جي هٿان انهن ملڪن ۾ پهچڻ لڳيون.
آمريڪا ۾ ٺهندڙ بمبوشارڪ اسڪن (Bamboo Sharkskin) جو ڪپڙو ڏاڍو مقبول ٿيو. هيءُ ڪپڙو ريان فيبرڪ مان ٺهندو هو. پري کان سلڪ جهڙي ڏِک ڏيندو هو. ماڻهو شادين مرادين تي گهوٽ کي شارڪ اسڪن جو سوٽ پارائيندا هئا. چين جي فيو جي سلڪ، جنهن کي عام طور ڊبل گهوڙا بوسڪي سڏيندا هئا، سا به ڪڙتن لاءِ ڏاڍي پسند ڪئي ويندي هئي. هيءُ ڪپڙو سؤ سيڪڙو سلڪ مان ٺهيل هوندو هو ۽ مهانگو هئڻ ڪري صرف شاهوڪار ماڻهو خريدي سگهندا هئا.
اها مڃيل ڳالهه آهي ته جنهن به ملڪ پنهنجي انڊسٽري جي بچاءُ لاءِ ٻاهريون مال ملڪ ۾ اچڻ کان روڪيو ته جيئن مقابلي جو امڪان ختم ٿئي ۽ جهڙو تهڙو پنهنجو مال وڪامي، ان ملڪ اندر نقلي مال ٺهڻ ضرور شروع ٿيندو ۽ ماڻهن کي سندن پئسن جي بدلي ۾ هلڪو مال ملندو. سرڪار جي ان پاليسي سبب ملڪ جي انڊسٽري ڪو ٻوٽو ٻاري سو ته ٺهيو، مورڳو پرڏيهي مال جي سمگلنگ کي هٿي ملي ويندي. ظاهر آهي ته هندستاني ماڻهن کي گهربو هو سٺو مال، جيڪو ملڪ ۾ ٺهي ئي ڪونه، پوءِ ٻاهريون مال ڪچوريءَ نه ايندو ته ڇا ٿيندو؟
انهن ڏينهن ۾ “فارين” لفظ لاءِ ماڻهو ايترا ته ديوانا هئا جو “فارين” جو نالو ٻڌندي ئي، پئسن جي پرواهه ڪئي بغير، کڻي جهول ڀريندا هئا. ٻيون شيون ته ڇڏيو، معمولي چمپل جيڪي پلاسٽڪ جا چمڪڻا ۽ نرم هوندا هئا ۽ وِنائل (Vinyl) جهڙي سستي مٽيريل مان ٺهيل هوندا هئا، سي فقط ان ڪري هٿو هٿ کڄي ويندا هئا جو اهي جپان مان ايندا هئا. ماڻهو مٽن مائٽن کي سوکڙي طور اهي چمپل ۽ سليپر ڏياري موڪليندا هئا. ڪي ته وري دبئي مان ايندڙن کي خريداريءَ جون جيڪي لسٽون ڏياري موڪليندا هئا،تن ۾ سڀ کان پهرين انهن سليپرن ۽ چمپلن جو نالو هوندو هو. هندستان اهڙيون سٺيون ۽ سستيون شيون ڪهڙي سبب جي ڪري نه پيو ٺاهي سگهي، اُن تي اڄ به دل کولي ڳالهائي سگهجي ٿو.
هڪ بزنيس مئن جي حيثيت ۾ مون هندستان جي مالي پاليسين کي تمام گهريءَ نظر سان ڏٺو آهي، ڇو ته ان ۾ ڪا به ڦير گهير دبئي جي مارڪيٽ تي اثر ڪري سگهي ٿي. جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته هندستاني پنهنجي مارڪيٽ کي بچائڻ جي پاليسيءَ (Protect Market Policy) دبئي جي مارڪيٽ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان دبئي ۾ رهندڙ هندستانين به ان پاليسيءَ مان فائدو ورتو، پر اسان کي اها به خبر هئي ته هندستان پنهنجو وقت ۽ وقت سان گڏ سٺا موقعا پڻ وڃائي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان وڌيڪ سٺي نموني سان حالتن کي ڏسي سگهياسين ٿي، ڇو ته اسان دبئي ۾ رهي دنيا جي وڏن ملڪن جي راند کي سمجهي سگهياسين ٿي. اسان اهو به ڏٺو پئي ته ڪي ننڍڙا ملڪ پنهنجين درست پاليسين سبب ڪيئن نه ڪاميابيون ماڻي رهيا هئا. نهروءَ جنهن جمهوري سوشلزم (Democratic Socialism) جي زوردار وڪالت پئي ڪئي، تنهن هندستاني بزنيس مئن مان سرمائيڪاري جي آتماءَ ئي ختم ڪري ڇڏي. هن دراصل سوويٽ آرٿڪتا جهڙو چمتڪار، انڊيا ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. سوويٽ نموني جي رٿابندي ۾، پيداوار جا مکيه ذريعا سرڪار جي هٿ هيٺ هئا. نهرو روس جي ان پاليسي کي دنيا جي گڏيل نگاهه سان ڏسي جذبات جي ڌارا ۾ وهي ويو. ان ڪري نهروءَ روس جي انهن اُتانهين سوچن جي پٺڀرائي ڪئي، جن جي ڪري اهو ملڪ ڪامياب ويو هو. هن جي رٿابندي ڪندڙن به ائين ئي سوچيو. پر هنن کان اها ڳالهه وسري وئي ته هن ملڪ ۾ لکين ڪروڙين عام ماڻهو رهن ٿا، جن جي جيوت سڌارڻ لاءِ ڪي ننڍڙا عملي ڪم ڪرڻ سان وڏو فرق پوندو. آزادي کان پوءِ انڊيا جيڪو ڊيموڪريٽڪ سوشلزم جو نعرو ڏنو، تنهن ۾ سادين سودين، معمولي ۽ ننڍڙين انساني گهرجن جي پورائي لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه هئي.
نهروءَ جو خيال هو ته هندستان جي گهڻن مسئلن جو ٽوڙ پبلڪ سيڪٽر وٽ هو. انهن ۾ بي روزگاري به شامل هئي. پرائيويٽ سيڪٽر کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو. پر اڳتي هلي پبلڪ (سرڪاري) سيڪٽر سفيد هاٿي ثابت ٿيو، جنهن جو گذارو وري به جنتا جي خزاني تي هو.
ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ ائين هرگز ڪونه هو. 1960ع ڌاري ڪوريا جي حڪومت پرائيويٽ سيڪٽر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي سستا قرض جاري ڪيا. هانگ ڪانگ جهڙي ننڍڙي ملڪ جي رانديڪن ۽ ٻين معمولي روزمره جي استعمال وارين شين جي ايڪسپورٽ مان آمدني هندستان جي سموري روانگي واپار کان وڌيڪ هئي.
ان جي مقابلي ۾ هندستان جو پرائيويٽ سيڪٽر جيڪو اڳ ئي گهڻن قائدن ۽ قانونن هيٺ دٻيل هو، تنهن کي ڪڏهن به وڌڻ ويجهڻ جو موقعو نه مليو. هر طرح سان کيس نيست ۽ نابود ڪرڻ جا اٺسٺا ڪيا ويا. مثال طور، The Industiral Licensing Act of 1951 ۽ Industrial Policy Resolution of 1956، جيڪي هندستان ۾ انڊسٽري کي وڌائڻ ۽ همٿائڻ لاءِ جاري ڪيا ويا، سي نه رڳو الٽو انڊسٽري لاءِ هاڃيڪار بنيا، پر پرجا جي حياتيءَ کي پورا 35 سال عذاب ۾ مبتلا ڪندا رهيا. آخرڪار 1991ع ۾ ماڻهن تڏهن سک جو ساهه کنيو جڏهن مارڪيٽ کي کليل ڇڏيو ويو.
ريگيوليٽري سسٽم، جنهن کي “لائسنس راج” سڏيندا هئا، تنهن هندستان مان چٽاڀيٽي، سرمائيڪاري ۽ واڌاري کي پاڙئون پٽي ڪڍيو. ان مان رشوت خوري ايتري ته وڌي جو ملڪي سياست جي جسم ۾ ڪئنسر جيان ڦهلجي وئي. انهن ڏينهن ۾ سرڪاري ڪامورا نه رڳو پيداوار جي مقدار جو فيصلو پڻ ڪندا هئا، بلڪ شين جا اگهه به پاڻ ئي مقرر ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڪارخانيدار پنهنجي لائسنس ۾ ڏنل انگ کان وڌيڪ اُپت ڪندو هو ته کيس سزا ملندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ڌنڌي وڌائڻ جي گهرج پوندي هئي، ته به کيس سرڪاري ڪامورن کان اجازت وٺڻي پوندي هئي. ان کان وڌيڪ ڪرپشن کي وڌائڻ لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟ برلا جهڙو ماڻهو، جنهن کي پُٺ به هئي۽ پهچ به هئي، سو به مايوس ٿي پيو ۽ هندستان کان ٻاهر پنهنجو ڪاروبار لڳائڻ تي لاچار ٿيو. جڏهن هن جي پنهنجي ملڪ کيس بزنيس وڌائڻ جي موڪل نه ڏني، تڏهن ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپائين جهڙن دورانديش ملڪن کيس ٻئي ٻانهون کولي پنهنجن ملڪن ۾ پئسو لڳائڻ لاءِ ڀليڪار چئي. سنئين سڌي ڳالهه آهي ته سندن فائدو ۽ هندستان جو نقصان هو.
نهروءَ ڀاري انڊسٽريءَ تي زور ڏنو، پر اهو نه سوچيائين ته ٿوري موڙي ۽ ننڍي جوکم واريءَ ڪنهن عام ضرورت جي انڊسٽري کي همٿائجي. اهڙيءَ انڊسٽريءَ ۾ رانديڪا، ڪپڙو ۽ ريڊيو وغيره ٺهي سگهيا ٿي ۽ چڱو ناڻو پڻ ملي سگهيو ٿي. ان سان گڏ هزارين بي روزگارن کي روزگار سان پڻ لڳائي پيو سگهجي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته جپان يا ايشين ٽائيگرز پنهنجي ڪامياب سفر جي شروعات هاءِ-ٽيڪ شين سان نه بلڪ سادين سودين ۽ سستين عام رواجي استعمال جي شين سان ڪئي هئي.
نهروءَ اها به ڀل ڪئي جو هن ايڪسپورٽ کي وڌائڻ بجاءِ امپورٽ جي بدلي ۾ ملڪ ۾ اهي سامان تيار ڪرڻ جي پاليسي جوڙي.
هندستان ۾ هر ڳالهه جي لاءِ اجازت وٺڻ ۽ قاعدن قانونن جي پنجوڙن ۾ ماڻهن کي ڦاسائڻ سبب ڪرپشن وڌي وئي ۽ ڪن ڌرين جي هڪ هٽي ٿي وئي. ڪن سرمائيڪارن جي لاءِ ته اهي سڀ رڪاوٽون لاڀائيتون به ثابت ٿيون. هيءُ اهي ماڻهو هئا، جن تي سرڪار يا سرڪاري ڪامورا مهربان هئا. انهن پنهنجي لاءِ سرڪار ۾ جڳهه ٺاهي ورتي هئي، ڇو ته هو سرڪاري پارٽين کي دل کولي رقم ڏيندا هئا. هنن جي طاقت ايتري ته وڌي وئي جو هو حڪومت جون پاليسيون پنهنجي مرضي موجب بدلائي سگهندا هئا. سندن اثر رسوخ کين پنهنجي ڪم جي ميدان ۾ کلي ڇٽي ڏئي ڇڏي ۽ هو بي تاج بادشاهه بنجي ويهي رهيا.
جپان کي ئي کڻي ڏسو. هندستان کان فقط ٻه سال اڳ، 1945ع ۾ کيس آزادي ملي. جپان جي مقابلي ۾ هندستان جتي بيٺو آهي، ان مان ئي حساب لڳايو ته اسان جي شروعاتي نيتائن (اڳواڻن) پنهنجن غلط پاليسين سبب کيس ڪيڏو نه وڏو هاڃو رسايو آهي.
15 آگسٽ 1945ع تي، جڏهن جپان جنگ هارائي ۽ آڻ مڃي، تڏهن ماڻهن سُک جو ساهه کنيو، ڇو ته جنگ جي بار سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي ۽ سندن مالي حالت تباهه ۽ برباد ٿي چڪي هئي. انڊسٽريءَ جي اُپت ٻڙي هئي. بي روزگاري جو ڀوت هر گهر ۾ واسو ڪري چڪو هو. ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿي ٿيا. جنگ ڇا هارايائون، ماڻهن جو پاڻ مان ويساهه ئي نڪري ويو.
پر جپانين پنهنجيءَ هار کي جيت ۾ بدلائي ڇڏيو. هنن ويچار ڪيو ته هاڻي اسان کي پنهنجو ملڪ ٻيهر اڏڻو آهي. ملڪ ۾ جنتاراڄ ۽ پنهنجي ديس واسين جي عزت بحال ڪرڻي آهي. قبضو ڪندڙ آمريڪين سان گڏجي، جپانين پنهنجي مدي خارج سماجي ڍانچي کي ٻيهر جوڙيو. پنهنجن اسڪولن جي سسٽم کي سڌاريائون ته جيئن نئين پيڙهي سماج ۾ اڳتي وڌي ۽ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري. انڊيا جي ابتڙ، جپان جي بيوروڪريسي هاڪاري انداز اختيار ڪيو ۽ ماڻهن کي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ صحيح رستو ڏيکاريو. هنن ماڻهن جو اعتبار هٿ ڪرڻ لاءِ ڪين گهٽايو. جهڙي ريت جرمنيءَ ۾ ٿيو هو، اهڙي طرح جپان پڻ پنهنجي آرٿڪتا کي دنيا آڏو مڃائي ڏيکاريو.
اهڙا سماجي سڌارا هندستان ۾ آيا ئي ڪونه. ان جي ابتڙ، جي سچي ڳالهه پُڇو ته انڊيا ۾ سڌارن آڻڻ لاءِ ڪا ڪوشش ئي ڪانه ڪئي وئي. انڊيا پنهنجي مٿان لڳل بيٺڪي راڄ جي ڇاپ لاهي ئي نه سگهيو. اڳتي ڪٿان وڌندو؟ جنهن زماني ۾ ڏور اوڀر جا ملڪ پاڻ کي “ٽائيگر” پيا سڏائين، انڊيا هاٿيءَ جو هاٿي ئي رهيو. ڀاري ڀرڪم هاٿي، جيڪو ڊٺُ هڻي پٽ تي ليٽيو ئي رهيو. اُٿڻ کان صفا نابري واري بيهي رهيو.
دکدائڪ ڳالهه وري اها هئي ته نئين انڊيا جا ڪارخانيدار پڻ پنهنجي اهميت کان اڻ واقف هئا. کين موقعا ته گهڻا مليا، پر هنن انهن ڏي اک کڻي نهاريو به ڪونه. هاڻي اهڙن ماڻهن کي ڇا چئجي جن جي پنهنجي اڱڻ ۾ گنگا وهي ۽ کين سُڌ ئي نه هجي؟ ڳالهه اها هئي ته هندستان جي آزادي کان اڳ ئي هنن پنهنجي من ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته اسان کي جيسين حڪومت جي طرفان پڪ پڪاڻي نه ٿيندي ته توهان جي رقم توڙي ڌنڌي کي سرڪاري سرکشا نه ملندي، تيسين اسان ڪجهه به ڪو نه ڪنداسين.
هندستان جي وڏن ڪارخانيدارن جي بمبئي ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هو اُن ڪري گڏ ٿيا ته انڊيا جي انڊسٽري لاءِ آئندي ڪهڙا قدم کڻجن جو دنيا سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلي سگهجي. اها گڏجاڻي 1944ع ۾ ٿي، جنهن ۾ ويچار ڪيو ويو ته آزادي کان پوءِ انڊيا جي انڊسٽري جي باري ۾ ڪهڙي پاليسي هئڻ گهرجي. ان ميٽنگ ۾ جيڪو وهيو واپريو، سوقصو ڏاڍو دلچسپ آهي.
هندستان جي تمام وڏن ڪارخانيدارن، جن ۾ جي آر.ڊي. ٽاٽا، جي.ڊي.برلا، لالاشري رام، ڪستور ڀائي لال ڀائي، پرشوتمداس ٺاڪرداس ۽ اي.ڊي. شرف شامل هئا، تن گڏجي “بمبئي پلان” ٺاهيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هندستان ۾ تڪڙي ۽ پاڻ ڀري انڊسٽرئلائيزيشن ٿيڻ تمام ضروري آهي. هنن اهو به چيو ته پرڏيهي قرض کڻي ۽ ٻاهرين ٽيڪنالاجي وٺي ان ڪم کي هر قيمت تي توڙ پُڄائجي. پر گڏوگڏ هنن جي راءِ هئي ته ان سموري معاملي ۾ کين سرڪار جي سهمتي ۽ سرکشا به گهرجي ۽ سا به سخت نظرداريءَ هيٺ، هنن گهر ڪئي ته ڪن ميدانن ۾ پرڏيهين کي ناڻي جي سيڙپ ڪرڻ کان بنهه روڪيو وڃي، جهڙوڪ انشوئرنس، بئنڪنگ، پاور ۽ هوائي سفر وغيره. هنن اها به گهر ڪئي ته هلندڙ پرائيويٽ سرمائيڪاري کي ختم ڪري سرڪاري هٿ هيٺ ڏيڻ گهرجي.
مٿيان مطالبا مڃائڻ واسطي هو خود پنهنجي آزادي کي گهٽائڻ لاءِ به تيار ٿي بيٺا. جن ڳالهين تان هو هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿيا، تن ۾ کليل امپورٽ ۽ پرائيويٽ سرمائيڪاريءَ جي آزادي به شامل هيون. هنن اسٽيٽ ڪنٽرول هيٺ اهم ميدانن ۾ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ته سهي، پر اهو ڪونه ويچاريائون ته اڳتي هلي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. اهي ڳالهيون جيڪي پوءِ سندن ڳچيءَ ۾ پيون، تن ۾ اگهه مقرر ڪرڻ، نفعي کي گهٽائڻ، پرڏيهي واپار تي ڪنٽرول ڪرڻ، پرڏيهي ڪرنسيءَ تي سختي ڪرڻ، لائنسنس وٺڻ ۾ سرڪار جو دخل ۽ عام واهپي جي شين جي ورهاست شامل هيون، هنن اهڙو وايومنڊل جوڙيو جنهن ۾ سرڪاري ڪامورن جا اختيار چئن ئي ڏسائن ۾ ڦهلجي ويا. ان جي ابتڙ، ڏور اوڀر جي ملڪن آئيندي جي باري ۾ وڏي سوچ ويچار کان پوءِ درست فيصلا ڪيا. اهي ئي فيصلا سندن ڪم آيا ۽ کين زمين تان کڻي آسمان تائين پهچائي آيا.
اها آهي دبئي جي ڪهاڻي. انڊيا جي پاليسين جنتا کي هر طرح سِڪائي ڇڏيو ۽ انهن ئي پاليسين دبئي کي دبئي بنائي ڇڏيو. دبئي کي اڄ گهڻا ئي رستا موجود آهن، پر 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ دبئي کي ٺاهڻ ۾ انڊيا ۽ ايران وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. مائي ڀاڳي جي مشهور گيت “دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري” جي سُر تي عام ماڻهو جهونگارڻ لڳا، “دل دبئي دبئي پئي ڪري!” دبئي کي ٻيو ڇا گهرجي؟
*