3. باب ٽيون : بڙودا ۾ پرورش
پيٽارڪ رود فيوس
منهنجين يادگيرين ۾ بڙودا جو وڏو حصو آهي. يادگيريون منهنجي جوانيءَ جون، جڏهن هر نوجوان پاڻ کي سپر مئن سمجهندو آهي، جنهن کي ڪوئي مات ڏئي نه سگهي: جڏهن ساري دنيا اسان جي پناهگاهه هوندي آهي، جڏهن قسمت هر طرف کان اسان تي مهربان ٿيندي آهي، جڏهن خوش قسمتي بار بار در کڙڪائيندي آهي، جڏهن هستي ۽ مستي وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ڏيندي آهي، جڏهن اسان پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ۽ مختار هوندا آهيون، جڏهن غربت جو احساس جوش ۽ جذبي تي حاوي نه پوندو آهي.
هي اهو وقت هو جڏهن مان ٻٽي زندگي گذاري رهيو هوس: پارٽ ٽائيم شاگرد هوس ۽ فل ٽائيم ملازم، عمر ننڍي، جوابداريون وڏيون ۽ کيسي ۾ پئسو ندارد. اُن ۾ چڱايون به هيون، برايون به هيون، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ته پڪي ئي پڪي منهنجي فائدي ۾ وئي. اها هيءَ ته لاچار ئي سهي، پر مان پنهنجي عمر جي لحاظ سان، وقت کان اڳ ئي مچي مڙس ٿي پيس. اهي بارَ پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻڻ جي لائق ٿي ويس، جيڪي منهنجي عمر جا ٻار سوچي به نه ٿي سگهيا. پاڻ کان وڏن سان اٿڻ ويهڻ ۽ لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب مون کي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڪئوڙيون سچايون سمجهه ۾ اچي ويون. مون کي ڄاڻ هئي ته مان پنهنجن هم ڪلاسين کان گهڻو مختلف آهيان. مون تي ذميداريون هيون، پر هو پکين جيان آزاد هئا. مون کي سڀاڻي جو فڪر هو، هو هر ڳڻتي کان آزاد هئا. مون پنهنجي مٿان پاڻ ئي ڪي پابنديون هڻي ڇڏيون هيون، هو ڪنهن به پابندي جا محتاج نه هئا.
جيتوڻيڪ مون وٽ ٻاراڻين شرارتن، مستين ۽ کيچلن لاءِ وقت گهٽ هو، تڏهن به راند روند ۽ ڪچهري جي لاءِ ڪَسي ڪوري، مڙئي ٿورو گهڻو ٽائيم ڪڍي وٺندو هوس. بهرحال، 40 ۽ 50 وارن ڏهاڪن ۾ جيڪو وقت مون بڙودا ۾ گذاريو، سو ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان جواني ۾ قدم رکڻ لاءِ بڙودا کان وڌيڪ سهڻي ۽ وڻندڙ جڳهه ڪا ٻي ٿي ئي نٿي سگهي. ماڻهو سڀيتا ۽ ثقافت جي ڳالهه ڪندا آهن. مون کان پڇو بڙودا جي سڀيتا جي باري ۾. تاريخ ۽ قديمي ورثو ته خبر آهي، پر مون محسوس ڪيو ته منجهس جيئڻ جي سگهه به آهي، چاهه به آهي، گڻ به آهن، وقت سان گڏ پاڻ بدلڻ جي خوبي به آهي، ترقي جي لگن به آهي ۽ زندگي جي حرارت پڻ آهي.
مٿين حقيقت کي سمجهڻ لاءِ هن شهر جي تاريخ جو گهرو اڀياس ڪرڻو پوندو. اهو به ڏسڻو پوندو ته آخرڪار ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري تعليم، ڪلچر توڙي ڪارخانن ۽ واپار ۾ ايڏي ترقي حاصل ڪري هي شهر مرڪزي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
جڏهن مان بڙودا شهر ۾ جوانيءَ جي حد اندر پير پائي رهيو هوس، تڏهن هي شهر هندستان جي وڏن ۽ مکيه شهرن جي قطار ۾ شامل ٿي رهيو هو. مزيدار ڳالهه اها هئي ته وڏي شهر جي سڀني خوبين سان گڏوگڏ هن پنهنجون ٻهراڙيءَ واريون روايتون پڻ قائم رکيون. ائين کڻي چئجي ته شهر وڌي ويو، روڊ رستا، جايون جڳهيون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون به اچي ويون، پر شهري هوا جيڪا عام طور وڏن شهرن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ رسم رواج تي ڇانئجي ويندي آهي، تنهن کان بڙودا آجو رهيو. اهو شايد ان ڪري به ٿيو جو بڙودا سنسڪاري نگري يعني تهذيبي شهر هو.
وشوامتري ندي جي ڪناري تي آباد هن شهر جو نالو راجا چندن جي پويان چندراوتي رکيو ويو هو. اڳتي هلي چندراوتي مان ڦري ويراوتي (وير بهادرن جو شهر) سڏجڻ لڳو. پر جيڪو نالو پڪو ۽ پختو پيو ۽ جنهن نالي سان هو نئين دور ۾ داخل ٿيو، ان جو تاريخ سان ڪوبه واسطو ناهي. ها، البت جاگرافي ۽ فطرت سان گهرو تعلق اٿس. وشوامِتري ندي جي ٻنهي ڪنارن تي دور دور تائين بڙ جي وڻن جون قطارون بيٺل هونديون هيون. ان ناتي سان شهر جو نالو پيو ودپترا. ودپترا مان آهستي آهستي ڦري بڙودا ٿي ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، پر هندستان جي ٻين حصن وانگر علائقائي رنگ ڏيڻ خاطر بڙودا کي ودپترا مان بڙودا تائين پهچڻ کان اڳ ودودڙا جي مرحلي مان به گذرڻو پيو. اهڙي ريت ودودڙا کان بڙودا تائين جو سفر سولو ٿي پيو.
جنهن شخص بڙودا کي سماجي ۽ پيداواري صلاحيتون ميسر ڪري کيس جديد دور ۾ آندو، سو هو مهاراجا سياجيراءُ ٽيون (1939_1875ع). هو پنهنجي وقت جو بهترين انتظام سڌارڪ هو. هن جيڪي دليريءَ جا فيصلا ڪري بڙودا جي سماجي توڙي مالي حالت سڌاري، انهن جي ڪري ئي هيءُ شهر گهڻ رُخي ترقي ماڻي سگهيو. سندس نالي پٺيان قائم ڪيل ‘مهاراجا سياجيراءُ يونيورسٽي’ جي ڪري بڙودا تعليمي مرڪز بڻجي پيو. گهڻن سالن کان پوءِ مون کي اهو رتبو حاصل ٿيو ته مون اڻويهه سو اسي جي پوئين ڏهاڪي ۾، دبئي ۾ بڙودا جي مهاراجا رنجيت سنگهه گائيڪواڙ ۽ سندس موهڻي ڌرم پتني مهاراڻي شڀانگيني راجي گائيڪواڙ ۽ سندس ٻارن جي مهماني ڪرڻ جي عزت حاصل ڪئي.
مهاراجا جي ئي ڪوششن سان بڙودا ۾ مثالي ڪپڙي ٺاهڻ جون ملون ۽ ٽائيلن جا ڪارخانا لڳا. نه رڳو ايترو، پر مهاراجا نجي سرمائيدارن کي پڻ همٿايو ته هو اڳتي وڌي اچن ۽ هن شهر ۾ وڌيڪ سيڙپ ڪري وڌ ۾ وڌ ڪارخانا لڳائين. سندس پاليسين جي نتيجي ۾ اڄ بڙودا ٽيڪسٽائيل، ڪيميڪل ۽ تيل جي ڪارخانن جو مکيه مرڪز بڻجي پيو آهي. پهرين جديد فئڪٽري جيڪا هن شهر ۾ لڳي، سا هئي اليمڀڪ ڪيميڪلس ۽ سال هو 1907ع. سارا ڀائي ڪيميڪلس ۽ جيوتي لميٽيڊ جهڙيون ڪمپنيون گهڻو پوءِ 40 جي ڏهاڪي ۾ آيون. 1962ع ڌاري ڪمپنين جو انگ وڌي 288 ٿي ويو ۽ منجهن ڪم ڪندڙن جو تعداد هو. 2751.
انڊسٽري جي اهڙي طرح ڦهلجڻ ڄڻ ته چقمق جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. شاهوڪار واپاري ۽ ڪارخانيدار نه رڳو بڙودا مان، پر سڄي هندستان مان ڇڪجي هن شهر ۾ سرمايو لڳائڻ لاءِ پهچي ويا. اهڙي طرح بڙودا ڌار ڌار سڀيتائن جو باغيچو بڻجي پيو، جنهن ۾ هر رنگ ۽ هرسڳنڌ جا گُل اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا. انهن ۾ اسان سنڌي به شامل هئاسين. سنڌي ته بڙودا ۾ اڳ ئي موجود هئا ۽ گهڻي تعداد ۾ هئا. مٿان جو ٿيو ورهاڱو، سو ڪافي ماڻهو پنهنجن پراڻن ديس واسين جي آسري تي اچي ساڻن گڏ ٿيا.
بڙودا جا ڪئي رنگ ڪئي روپ هئا. ڏاڍو امن امان وارو شهر هو. ٿيڻ به گهربو هو. گجراتي ماڻهو گهڻو تڻو ڌنڌوڙي آهن، ان ڪري مٺ محبت ۽ صلح سانت سان رهڻ پسند ڪندا آهن. بزنيس لاءِ پڻ جيڪي گهربل حالتون آهن، انهن ۾ سڀ کان اهم آهي امن امان، سک ۽ شانتي. ان کانسواءِ ڪاروبار وڌي ۽ ويجهي، اهو ممڪن ئي ناهي.
بڙودا ۾ جسماني جذباتي ۽ ذهني تفريح جو پڻ گهڻو سامان موجود هو. ڪلاسيڪل سنگيت ۽ ناچ ۽ جديد ٿيئٽر کان سواءِ بڙودا ۾ لوڪ پسند ڪلچر جا ٻيا به ڪئي. ذريعا هئا، جن کي گهڻن ماڻهن جي سرپرستي حاصل هئي ۽ اڪيچار ماڻهو کين پسند ڪندا هئا.
بڙودا کي پنهنجي ڪرڪيٽ جا ميدان هئا، ٿيئٽر گروپ هئا، سئنيمائون هيون، گشتي سرڪس هئا ۽ موسمي رام ليلا هئي. نوراتري، ديوالي، گڻيش چترٿي، عيد، نئون سال، اُتراڻ ۽ هولي جهڙا ڏڻ ڏاڍي ڌوم ڌام سان ملهايا ويندا هئا. اهي خوشين جا تهوار شهر ۾ رهندڙ هر مذهب ۽ قوم جي ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪندا هئا. اهڙن موقعن تي هر ڪو هڪ ٻئي جي خوشيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو.
مان انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو مشغول هوندو هوس. نوڪري به ڪندو هوس ۽ پڙهڻ به ويندو هوس. پر جيڪو وقت ڪڍي سگهندو هوس، ان مان گهڻي ۾ گهڻو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. ويجها دوست ادبي ذوق رکندا هئا، ان ڪري منهنجو لاڙو پڻ علم ۽ ادب ڏانهن رهيو. گڏوگڏ فائين آرٽ ۾ به دلچسپي وڌندي وئي. سچ ته اهو اهي ته علم ۽ ادب ۾ مان ايترو ته گهرو هليو ويو هوس جو 1958ع ۾ بمبئي ۾ ٿيندڙ ٻئين سنڌي سميلن ۾ شامل ٿيڻ جو پڪو پهه ڪيم.
جنهن شخص سان گڏجي سميلن ۾ نالو رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ويس، اهو هو ڊاڪٽر ايل.ڪي.پريم ميڊيڪل ڊاڪٽر هو ۽ بڙودا ۾ تمام سٺي پريڪٽس هلندي هيس. ڊاڪٽر پريم تمام سٺو شاعر هئڻ سان گڏ ڳائيندو به چڱو هو. پاڻ ‘سنڌو سماج’ جو پريزيڊنٽ پڻ هو ۽ منهنجي ادبي سرگرمين ۾ ايتري دلچسپي ڏسي مون کي آڇ ڪيائين ته مان سماج جو سيڪريٽري ٿيان. سنڌو سماج بڙودا جي سنڌين ۾ هڪ ادبي ۽ سماجي تنظيم جي حيثيت ۾ ڪافي مشهور هئي. ڊاڪٽر پريم جي ان آڇ کي مون پاڻ لاءِ وڏي عزت سمجهيو، خاص طور پنهنجي ننڍڙي عمر کي سامهون رکندي اهڙي عهدي جو ملڻ مون لاءِ تمام گهڻي فخر جي ڳالهه هئي. هي اهو وقت هو، جڏهن سنڌي سماج ۾ سجاڳي جي نئين لهر ڪر موڙي جاڳي اُٿي هئي ۽ هو بڙودا جي سماجي زندگي ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ اتاولو ٿي رهيو هو.
سماج جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ منهنجون ذميواريون هيون سماجي توڙي سڀيتائي پروگرامن جي رٿابندي ڪرڻ ۽ اهڙيون گڏجاڻيون ڪرائڻ جن ۾ سنڌي پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ روايتن جي واڌاري لاءِ ڪو عملي ڪم ڪري سگهن. ان ميل جول جو نتيجو اهو نڪتو جو منهنجي ڏيٺ ويٺ نالي وارن ليکڪن سان ٿي.
سماج هڪ ٽماهي مخزن سنڌي ٻوليءَ ۾ ‘سڀيتا’ جي نالي سان پڻ ڇپائيندي هئي. اها مخزن پنهنجي تر ۾ ڏاڍي مشهور ٿي. ڊاڪٽر پريم جي خيال ۾ منهنجو لاڙو ادب ڏانهن گهڻو هو ۽ مون وٽ لفظن جو به ڀنڊار هو، ان ڪري هن مون کي همٿائڻ شروع ڪري ڏنو ته مان سڀيتا لاءِ ضرور ڪجهه لکان. ويچارو وڏي محنت سان منهنجي لکڻين کي نه رڳو ويهي پڙهندو هو، پر منجهن ڦير ڦار ڪري، ڇپجڻ لائق پڻ بنائيندو هو. سندس مدد سان ڇپيل منهنجي لکڻين کي سٺي موٽ ملي ۽ اهڙي ريت مون کي گهربل همٿ افزائي به ملي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته مون وڌيڪ اُتساهه سان لکڻ شروع ڪيو.
سماج ۾ ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي سٺي تربيت ٿي. اتان سماجي ڪمن ۾ حاصل ڪيل تجربو مون کي بعد ۾ اڳتي هلي ڏاڍو ڪم آيو. دبئي ۾ پنهنجي ڪاروباري مشغولين باوجود مان ڪنهن نه ڪنهن ريت سماجي ڪمن ۾ رُڌل رهيس. اهو سمورو نتيجو هو نوجواني ۾ بڙودا جي سماج ۾ ڪم ڪرڻ جو.
بڙودا ۾ رهڻ جو مون کي هڪ ٻيو به فائدو ٿيو، مان گجراتي ٻولي سکي ويس. نه رڳو سکي ويس، بلڪ ماهر ٿي ويس. ڪن دوستن جو خيال آهي ته منهنجي گجراتي سنڌيءَ کان به وڌيڪ سٺي آهي. مون ته مشهور گجراتي ناٽڪن ۾ مکيه رول به ڪيا، جن ۾ پارڪي ڀاني ۽ شيشامان اُتاريا ڏاڍا پسند ڪيا ويا. اهي سڀ ڪم مان جيوتي لميٽيڊ جي نوڪري دوران ڪندو رهيس. ٿيئٽر ۾ منهنجي اداڪاري شايد ايتري ته چڱي هئي جو ڪن ٻين ڄاتل سڃاتل ٿيئٽر گروپن جي طرفان پڻ سٺيون آڇون ملڻ لڳم.
بڙودا جا ٿيئٽر نه رڳو اُتان جي مقامي ماڻهن جي شوق جو نتيجو هئا، بلڪ ماڻهن جو بي انتها چاهه ڏسي بمبئي مان به مشهور ڪمپنيون اسان جي شهر ۾ اچي اسٽيج ڊراما ڪنديون هيون. انهن ۾ پرٿوي راج ڪپور جي ڪمپني به هئي. پرٿوي راج ڪپور خاندان جو وڏو هو، جنهن بمبئي جي فلمي دنيا ۾ ڏاڍو وڏو نالو ڪمايو هو. پرٿوي راج ۽ سندس پٽ اسٽيج سان ايترو ته واڳيل هئا، جو جيتوڻيڪ بمبئي جي فلم انڊسٽري جا مضبوط ٿنڀا ليکيا ويندا هئا ۽ سندن ذهانت جي ڪري فلم انڊسٽري نئين راهه تي هلي نڪتي هئي، پر تڏهن به پاڻ کي ٿيئٽر کان جدا ڪري نٿي سگهيا.
پرٿوي راج پنهنجو پاڻ کي ٿيئٽر ۾ اهڙو ته گم ڪري ڇڏيو هو، جو هو چاهيندو هو ته جهڙي شرڌا سان ناٽڪ ۾ ڪم ڪري ٿو، ڏسندڙ پڻ ساڳئي جذبي سان مگن ٿي ڪهاڻي توڙي ڪردارن ۾ سمائجي وڃن. ڪا معمولي ڀُل چُڪ، لاپرواهي يا درشڪن جي طرفان بي توجهي کيس پريشان ڪري وجهندي هئي. ڊسيپلين جو ڏاڍو پڪو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو ٿيئٽر جي دوران هو ضد ڪري بيهي رهيو ته هال جا سمورا پنکا بند ڪيا وڃن، ڇو ته هن جي خيال ۾ پنکن جو آواز ناٽڪ جي گنڀيرتا ۾ خلل وجهي رهيو هو. ظاهر آهي ته ان زماني ۾ مائيڪرو فون استعمال ڪونه ٿيندا هئا، ان ڪري ٿيئٽر ۾ ڪم ڪندڙن کي پنهنجي آواز جي اُتار چڙهاءَ ۽ گفتگو جي انداز وسيلي ئي پنهنجي ڪردار کي نِکاري پيش ڪرڻو پوندو هو. ڪو به هلڪي ۾ هلڪو ڌاريو آواز سندن محنتن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڪافي هو. اهڙي طرح ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ پڻ پورو ڌيان ڏئي نه سگهندا هئا.
هو اڪثر ناٽڪ شروع ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تي وڃي ڏسندڙن کان معافي گهرندو هو ته پنکن بند ٿيڻ ڪري کين گرمي، گهُٽ، مونجهه ۽ پگهر ۾ شل ٿي ڊرامو ڏسڻو پوندو.
نوجواني ۾ جيڪڏهن مون ڪا هڪ شي ڪڏهن نه گسائي، ته اها هئي فلم. سٺي فلم منهنجي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي هئي. مان هميشه آخري شو ڏسندو هوس ۽ سو به هر هفتي جي آخري رات. نائين بجي شو شروع ٿيندو هو ۽ مان پنهنجي پياري ايسٽرن سٽار نالي سائيڪل تي ٺيڪ نائين بجي سئنيما وٽ پهچي ويندو هوس. سائيڪل جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻُڌائيندو هلان ته اها سائيڪل نه رڳو مون کي پياري هئي، بلڪ منهنجي ڪُل ملڪيت ۽ موڙي اها سائيڪل ئي هئي. فلم جو آخري شو ڏسڻ مان اهو فائدو هو ته ان وقت نه اسڪول کوٽي ٿيندو هو ۽ نه نوڪري.
اڄ به بالي ووڊ دنيا جي بهترين فلمون ٺاهيندڙ مرڪزن مان هڪ آهي، پر اُن زماني ۾ تمام ٿوريون فلمون رليز ٿينديون هيون. بهرحال، فلمون ئي تفريح جو اڪيلو وسيلو هونديون هيون. ٽيليوزن اڃا آيو ڪونه هو ۽ ريڊيو ان قسم جي تفريح مهيا ڪري ڪونه سگهندو هو.
فلمون گهڻو ڪري 50 هفتن کان به مٿي هلنديون هيون ۽ اڪثر ماڻهو ساڳي فلم بار بار ڏسندا هئا. فئملي وارا ماڻهو گهڻو ڪري ڌرمي فلمون ڏسڻ پسند ڪندا هئا، جهڙوڪ هر هر مهاديو. اها فلم پنجاهه جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري رليز ٿي هئي ۽ فلم شوقينن کي ياد هوندو ته ان فلم ۾ تر لوڪ ڪپور ۽ نروپاراءِ ڪم ڪيو هو ۽ اها فلم فل هائوس سان 100 هفتا لڳي رهي هئي. حساب ڪريو ته 100 هفتا ذري گهٽ ٻه سال ٿين ٿا. مقبول فلمون گهڻو ڪري نوجوان يا اڌيڙ عمر جا ماڻهو ڏسڻ ويندا هئا.
اُن زماني ۾ فلمن جي ڄاڻ سڃاڻ ميوزڪ ڊائريڪٽرن جي حوالي سان ٿيندي هئي. سچ اهو اهي ته فلمن جو وڪرو ميوزڪ ڊائريڪٽرن جي مشهوريءَ سان لاڳاپيل هوندو هو ۽ نڪي منجهس ڪم ڪندڙ اداڪارن جي نالي سان. ها البت راجڪپور، دليپ ڪمار، مڌوبالا، نرگس، ديو آنند، نمي ۽ نوتن وغيره تمام گهڻو مشهور هئا ۽ ماڻهو کين پسند به اوترو ئي ڪندا هئا. فلم ڊائريڪٽر ويچارو ته کاتي ۾ ئي ڪونه هوندو هو. دو آکين بارهه هاٿ، سيما، البيلا، بوٽ پالش، اناڙي ۽ وقت جهڙيون فلمون سريلن گانن جي ڪري وڌيڪ مشهور ٿيون. اهي امر گيت اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهن. ڀلي ته نوجوان نسل پراڻين فلمن کي اينگهيل يا سِلو چوي، پر دل ئي دل ۾ هو پراڻي سنگيت تي اڄ به واه واه ڪري ٿا اٿن.
سنگيتڪارن ۾ ڪي اهڙا نانءُ به آهن، جيڪي ان زماني ۾ فلم جي ڪاميابي جي گارنٽي سمجهيا ويندا هئا. مثال طور، سنڪر جئڪشن، نوشاد، سي رام چندرا، مدن موهن، سليل چوڌري، او.پي. نير ۽ روي. انهن نالن ۾ جادوءَ جو اثر هوندو هو ۽ سندن سنگيت ماڻهن کي موهت ڪري ڇڏيندو هو ۽ پلي بئڪ ڳائڻ ۾ هوندو هو امر گائڪ محمد رفيع ۽ ساڻس گڏ هئي اوڀر جي ڪوئل لتامنگيشڪر. ٻيا به هئا، جن جي گلي ۾ وڏو ميٺاج هو، جهڙوڪ طلعت محمود، بلوسي راڻي، سي ايچ آتما، ڪي ايل سهگل، ثريا ۽ آشا ڀونسلي. انهن سڀني گڏجي، پنهنجي ڪلا سان پنهنجو نانءُ ماڻهن جي دلين تي هميشه هميشه جي لاءِ پڪو پختو لکي ڇڏيو.
موضوع کان ٿورو هٽي مان هڪ دفعو وري سائيڪلن جي ڳالهه ڪندس. جيئن مان پهريون چئي آيو آهيان، مون وٽ ايسٽرن اسٽار نالي سائيڪل هوندي هئي. اها سائيڪل مشهور سائيڪل ريلي کان ٿورو سستي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هڪ عدد سائيڪل جو مالڪ ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هوندي هئي. خاص ڪري شاگردن ۾ ته ڪي تمام ٿورا هوندا هئا، جن وٽ چڙهڻ لاءِ سائيڪل هوندي هئي. گهڻا تڻا شاگرد اسڪول پيدل ايندا هئا. انهن مان اڪثر ڪيترا ميل پري کان ايندا هئا. اسڪولي بسون تمام ٿوريون هونديون هيون. ان ڪري اسان شهزادا، جيڪي سائيڪلن تي سوار ٿي اسڪول ويندا هئاسين، تن کي ٻيا شاگرد ڏاڍي حسد جي نگاهه سان ڏسندا هئا. اسان کي پنهنجي اهميت جو احساس هوندو ۽ لئه ڏيکارڻ جو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئاسين. سائيڪل وڏي ميراث هئي، ان ڪري ان جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ خاص اُپاءَ وٺڻا پوندا هئا. مان پنهنجي سائيڪل کي روز ڌوئي صاف ڪندو هوس ۽ تيل ڏئي ٽاٽ ڪري بيهاريندو هوس. رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي پياري سائيڪل کي ڪلهو ڏئي، ور وڪڙ ڏاڪڻين تان چڙهي، پنهنجي گهر پهرئين فلور تائين پهچائڻ ۽ صبح سوير وري ساڳي طرح هيٺ لاهي اچڻ منهنجي ڊيوٽي ۾ شامل هوندو هو. ڪم ڏاڍو ڏکيو هو ۽ سائيڪل هئي ڀاري، پر شوق جو ته ملهه ئي ڪونهي.
ان زماني ۾ تفريح جو ٻيو ذريعو هو گشتي سرڪس. جيمينائي، گريٽ ايسٽرن، رائل ۽ اُن جهڙا ٻيا نالا ٻڌندي ئي ماڻهن جي دلين ۾ هلچل مچي ويندي هئي. اهي ڪمپنيون خوشي جي تهوارن تي شهر ۾ اينديون هيون ۽ پوءِ مهينن جا مهينا پيون پنهنجا شو ڪنديون هيون. انهن جي خاص نشاني هوندي هئي. هڪ تيز چمڪندڙ، سرچ لائيٽ جهڙي روشني، جيڪا اونداهيءَ کي چيري آسمان ڏانهن ويندي ئي دور دور تائين ڏيکاربي هئي. اهڙي قسم جون روشنيون اوهان کي اڪثر فلمن ۾ نظر اينديون هونديون. نوجوانن لاءِ اهي روشنيون وڏي ڪشش رکنديون هيون.
سرڪس انهن ڏينهن ۾ اڄوڪي ايم.ٽي.وي. جي حيثيت رکندي هئي نوجوانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جا منجهس هر قسم جا مسالا هوندا هئا. شينهن، چيتا، هاٿي، رڇ، باندر، ڀولڙا، هر قسم جا جانور اچي گڏ ٿيندا هئا. بئند پئي وڄندي هئي. پهلوان پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندا هئا. موت جي کوهه ۾ موٽر سائيڪل سوار جا ڦيرا پيا پوندا هئا. پر سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيا ويندا هئا، پينگهُن تي ڪمال ڏيکارڻ وارا بازيگر. اسان جي خوابن جون شهزاديون هونديون هيون پينگهُن تي ٽپا ڏيڻ واريون سهڻيون ڇوڪريون، جن کي سخت تنگ لباس پاتل هوندو هو. مان نٿو سمجهان ته اسان نوجوانن مان ڪوبه هڪ ڄڻو انهن جوانڙين جي جادوءَ کان بچيل هوندو. رنگين روشنين ۾ ڀڙڪيلا لباس اوڍي، جڏهن اهي خوبصورت ڇوڪريون بهادريءَ جا ڪارناما ڏيکارينديون هيون ته مون پارن جا ته وائيسر ئي ڦري ويندا هئا. دل چوندي هئي ته جيڪر ٽپو ڏئي وڃي ساڻن گڏ ٿيان. هاڻي ڳالهيون برابر کل جهڙيون لڳنديون هونديون، پر انهن ڏينهن ۾ دلچسپيءَ جا ذريعا به ته گهٽ هئا ۽ ههڙا تماشا يا ته ٿيئٽر ۾ يا وري سرڪس ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا هئا.
هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن فلمون ڀلجي به اخلاق ۽ شرافت جي دائري کان ٻاهر قدم نه رکنديون هيون. هيروئنون سدائين ويڙهيون سيڙهيون ستيون ساوتريون ٿي گهمنديون هيون. ان جي مقابلي ۾ سرڪس جون ڇوريون انهن ٻنڌڻ کان آزاد، وار ڇوڙي، جسم سان چهٽيل ڊريس پائي، سونهن سينگار ڪري، ناز سان ٽلنديون جڏهن تماشبينن آڏو اونڌيون ابتيون ٿينديون هيون، تڏهن ماڻهن جا ماشا ئي ڦري ويندا هئا. فلمن ۾ هيرو ۽ هيروئن جو پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملڻ اول ته سوچ کان به اتانهين ڳالهه هئي، پر جي ڪنهن وڏي همٿ ڪري اهڙي سين کڻي فلمايو به، ته به سينسر جي ڪينچيءَ کان بچي ڪين سگهندو هو. پر جي هروڀرو اهڙي قسم جي سين کان سواءِ ڪم نه هلندو هو، ته پوءِ ويچاري هيروئن ڀاڪر کان اڳ ئي ٻنهي ٻانهن سان ڇاتيون ڍڪي ڇڏيندي هئي ته ڪٿي هيرو جي جسم جو ڇهاءُ نه محسوس ٿئي. اگهاڙي ٽنگ ڏيکارڻ جو ته ڪو سوچي به نه سگهندو هو.
ڇوڪريون ته خير وڻنديون ئي هيون. پر ٻئي نمبر تي مون کي سرڪس جا جوڪر ڏاڍا وڻندا هئا. مون کي هنن جي ڇيڙڇاڙ، کوچرائي ۽ سستي قسم جي مستي ۽ مشڪري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي. پر جيڪا ڳالهه مون کي هنن تي وڌيڪ موهت ڪندي هئي، سا هئي انهن جو کلڻ ۽ کلائيندڙ ماڻهن جي مُرڪ پويان لڪل اداسي. خبر ناهي ڇو مون کي سندن ٽهڪن ۾ چهڪ ۽ مرڪ ۾ لڙڪ نظر ايندا هئا. سوچيندو هوس ته هي ڀوڪپائي جهڙيون حرڪتون ڪري ماڻهن کي کلائيندڙ انسان اندران ڪيترا ڏکويل، اڪيلا ۽ اُداس هوندا. کين ڏسي مون کي راجڪپور جي فلم ميرا نام جوڪر ياد اچي ويندي هئي، جنهن ۾ هن زندگي کي بي بقا ۽ بي وفا سڏيو آهي، ڇو ته ان ۾ مڪمل سچائي ناهي، اڌ حقيقت آهي ۽ اڌ افسانو آهي.
ڪهتا هي جوڪر سارا زمانا،
آڌي حقيقت، آڌا فسانا.
خوشين جا تهوار پاڻ سان گڏ خوشي ۽ ميل جول جا موقعا کڻي ايندا هئا. گهرڀاتي، خاندان وارا ۽ يار دوست پاڻ ۾ ملندا هئا. ڪچهريون ٿينديون هيون. ڀوڳ ٺڪاءَ ڪبا هئا. مون پارا نوجوان، جيڪي هونءَ ته سارو ڏينهن پيا اسڪولن يا آفيسن ۾ ڳهندا هئا، تن کي ساهي پٽڻ جو موقعو ملي ويندو هو ۽ هو سڀ ٿڪ ۽ پريشانيون ڀُلائي ڏينهن ٻن جي لاءِ بي فڪرا ٿي ويندا هئا. انهن تهوارن ۾ هڪ ڏينهن ديواليءَ جو به هوندو هو، جيڪو ننڍن ٻارن توڙي نوجوانن کي ڏاڍو وڻندو هو. اسان کي ڄڻ ته آزادي جو پروانو ملي ويندو هو. گجرات ۾ ته ديوالي وڏي ڌام ڌوم ۽ شوق سان ملهائي ويندي هئي. ننڍڙا ننڍڙا ڏيئا جلائي هر طرف روشني ڪئي ويندي هئي. گهرن تي، درن تي، ديوارن تي، ڀتين ۽ ڇتين تي، باغن ۽ باغيچن ۾، جيڏانهن به نظر ڪر، جڳمڳ جڳمڳ ديپ جلدا نظر ايندا هئا. ائين جيئن آسمان ۾ ٽمندڙ تارا، جيئن اونداهيءَ رات ۾ اڏامندڙ بي شمار جگنو. آتش بازيون ٿينديون هيون، ڦٽاڪا ڦاٽندا هئا ۽ مٺايون ورهائبيون هيون.
هندستان جي ٻين تهوارن وانگر ديوالي پڻ ڌار ڌار ماڻهن لاءِ جدا جدا معنيٰ ۽ اهميت رکندي هئي. اتر هندستان ۾ ديوالي کي رام جو سيتا ۽ لڪشمڻ سان گڏجي ايوڌيا ڏانهن موٽڻ ۽ راوڻ جو موت سبب خوشي جي علامت طور ملهايو ويندو هو. راوڻ هڪ راڪشش راجا هو ۽ سندس موت سچ پچ ته خوشي جي ڳالهه هئي. ٻئي طرف رام جو 14 سال بنواس ڪاٽي واپس ورڻ پڻ گهٽ خوشي جي ڳالهه نه هئي. ايوڌيا اهڙي موقعي تي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. رام جي واپسي تي هنن سڄي راڄڌاني کي ڪنوار وانگر سينگاريو هو ۽ آتشبازيون ڪيون هيون ۽ ڦٽاڪا ٻاريا هئا ۽ رام کي تاج پارائي راجا جي سنگهاسڻ تي ويهاريو ويو هو.
موجوده دور ۾ انهن خوشين کي نئين زندگي جي شروعات جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ديوالي سياري جي آمد جو اطلاع ۽ پوک جي مند جو اهڃاڻ پڻ آهي. گجراتين، مارواڙين ۽ ٻين واپاري قومن لاءِ ديوالي لڪشمي ديوي جي پوڄا جو موقعو آهي. نئين مالي سال جي شروعات به ديوالي کان ٿيندڙ آهي.
گجرات جي هر گهٽي، پاڙي ۽ علائقي ۾ الڳ الڳ جشن ملهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. گربا ناچ پوري رات جاري رهندا هئا، تان جو ٻيو ڏينهن ٿي ويندو هو. گربا لفظ گربا ديپ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مٽي جو ڏيئو. گجراتي عورتون مٽي جي برتڻ چوڌاري نرت ڪنديون هيون، جنهن کي گربو ڪوٺيو ويندو هو ۽ ان برتڻ ۾ پاڻي وڌو ويندو هو. اهو ناچ ديوالي، نوراتري، شردپورنيما، وسنت پنچمي، هولي ۽ اهڙن ٻين تهوارن تي ڪيو ويندو هو. هڪ سوپاري ۽ هڪ چاندي جو سڪو هڪ برتن ۾ وجهندا هئا، جنهن کي چوندا هئا ڪُنڀ، ۽ مٿان رکبو هو ناريل. هڪ ڳائڻو ڳائيندو هو ۽ ڍولڪ وارو ڏيندو هو تال. نچندڙ ٽولي تاڙيون به وڄائيندي هئي ۽ برتن جي چوڌاري ڦرندي ۽ ڊانس به ڪندي ويندي هئي.
پر ديوالي جو سڀ کان اهم اسم هو رام ليلا. ڪيترائي ٽولا هفتن تائين گهٽين ۾ رام جي دلچسپ ڪهاڻي ناٽڪي انداز ۾ ڪري ڏيکاريندا هئا. بڙودا جون بي انتها گليون رام ليلا جي سُرن، ۽ ٽلين جي آواز سان گونجي اٿنديون هيون.
اداڪار هٿ جي ٺاهيل اسٽيج تي رام جي حياتي جي چونڊ واقعن کي ڊرامائي شڪل ڏئي پيش ڪندا هئا. هنن جا ويس وڳا شوخ، تيز ۽ ڀڙڪيلن رنگن جا ۽ ڏاڍا سينگاريل هوندا هئا. ميڪ اپ گهاٽو ۽ گهرو هوندو هئن ۽ اداڪاري ٿيئٽر جهڙي زوردار ۽ وڏي واڪي واري هوندي هئي. عورتون ۽ ٻار حيران ٿي ڏسندا هئا ۽ وڏا چوڌاري ميڙ ٺاهي ٽيڪاٽپڻي ڪندا ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سيٽيون وڄائي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪندا هئا. وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن رامائڻين جو ٽولو، جنهن ۾ هر عمر جا مرد توڙي عورتون شامل هونديون هيون، رام چترمانس منجهان ڀڄن ڳائيندا هئا، پر اهو ڪم گهڻو ڪري ناميارا گروپ ڪندا هئا، ڇو ته 16 صدي جي مشهور سنت ۽ ڪوي تلسيداس جي شاعري ڳائڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ڪونه هئي. مان رام ليلا ڏسڻ لاءِ رات جي کاڌي کان پوءِ ويندو هوس ۽ صبح تائين ويٺو مزو وٺندو هوس.
نوجواني ۾ جذباتي ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر مون کي نا انصافي کان سخت چڙ ايندي هئي. آفيس ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان انياءُ ٿيندو ڏسندو هوس ته مون کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. ڪنهن به سبب ڪري، هڪ عام انسان سان سماجي ڏاڍائي مون کي سخت مايوس ۽ اداس ڪري ڇڏيندي هئي. اهڙي طرح ڪنهن نااهل ماڻهوءَ جي پاس خاطري يا ڪنهن سفارشي جي ڪوتاهين کي درگذر ڪرڻ واري روش به مون کي ڏاڍو ڏکوئيندي هئي. جنهن ٽائيپنگ اسڪول ۾ مون ٽريننگ ورتي ۽ پوءِ اتي ڪم ڪيم، اُتي به ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا جن مون کي رنج پهچايو. جيڪو ڪم مان ڪندو هوس، هوبهو اهو ساڳيون ڪم ڪندڙ ڪن ماڻهن کي مون کان وڌيڪ اجورو ڏنو ويندو هو. منهنجو ڀاءُ هوتو، جيڪو ان وقت هانگ ڪانگ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ منهنجو اڪيلو رازدان هو، تنهن کي مون پنهنجي شڪايت لکي موڪلي. جواب ۾ هن جيڪو شعر ڏياري موڪليو، سو اڄ به مون کي چڱي طرح سان ياد آهي.
ڊرو مت ڪِ دنيا خلاف هي،
راستا وو چلو
جو سيڌا اور صاف هي.
مون کي صلاح ڏنائين ته جيڪو ٻين کي ملي ٿو تنهن جو ڏک نه ڪر، تون پنهنجي روزيءَ تي صبر ۽ شڪر ڪر.
هن جي اها صلاح منهنجي لاءِ زندگي ڀر جي نصيحت ٿي پئي. ان کانپوءِ مون پنهنجي لاءِ هڪ اصول ٺاهي ڇڏيو. اهو هيءُ ته جيڪڏهن توهان 100 روپيا ڪمائڻ ٿا چاهيو ته 125 روپين جي محنت ڪريو. نظر اوچي رکو. ان مان توهان کي نااميدي گهٽ ٿيندي. اهو اصول مون پنهنجي لاءِ اڄ به قائم رکيو آهي. نااميدي ضرور ٿيندي آهي، پر دشمن جي چال مون کي تڪليف پهچائي نه سگهندي آهي. ڪاميابي ۽ ناڪامي وانگر اها به هڪ وقتي ڳالهه آهي. مان اهڙين ڳالهين کي وسارڻ سکي ويو آهيان.
*