5. باب پنجون : درجي بندي
جيسين ڪناري کان دور نه ٿيندا.
اينڊري گڊ
اسان مختلف ناهيون، پر اسان مختلف آهيون ۽ ان فرق ۾ اڻ لکو فرق آهي. مان مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته گهڻن رُخن کان سنڌي هندو جدا درجي جا ماڻهو آهن، پر جدا ملڪن جا ناهن. هندو ڌرم سان واسطو ضرور اٿن، پر ذات پات جو متڀيد رکي نه ڄاڻن. ائين ٿو لڳي ڄڻ هنن هندستان جي سڀني ڌرمن جون سڀ سُٺيون ڳالهيون چونڊي کنيون آهن ۽ کين ڪاڙهي، ٺاري، ڇاڻي، صاف ڪري. سندن جوهر پاڻ وٽ رکيو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر هندوسماج جي نس نس ۾ سمايل اوچ نيچ واري درجيبندي سنڌي سماج جو حصو بڻجي ڇو نه سگهي؟ سنڌين جي اها ڪهڙي خاص سوچ آهي، جنهن کين هندو سماج جي ان اهم ذهنيت کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي، جنهن جي اختيار ڪرڻ سان ننڍي کنڊ جي تاريخ تي ايڏا بُرا اثر پيا. ڳالهه ڏسڻ ۾ ته ننڍڙي ٿي اچي، پر ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن آئيندي جا تاريخ نويس باخبر رهن،
ڇا اها واپاري ذهنيت آهي، جنهن ۾ ڪاروبار ڪندڙ سڀني کي هڪ نظر سان ڏسندو آهي ۽ ڪنهن کي ننڍي وڏي يا گهٽ وڌ جي آڌار تي نظرانداز نه ڪري سگهندو آهي؟ يا وري ڪشاده دلي آهي، جنهن سبب ذات پات جي آڌار تي ٿيندڙ ڏاڍايون ڏکوئيندڙ ٿيون لڳن ۽ ڪيترا ئي لائق ماڻهو اوتري عزت نٿا پائي سگهن، جيتري عزت هو لهڻن ٿا؟ يا اڃا به اها سوچ ته اوچ نيچ جي بيڪار جهڳڙي ۾ ڪيترن ڏات ڌڻين جي ڏات زيان ٿي ٿي وڃي؟
سنڌي بنيادي طور اجائي زيان کي پسند ڪونه ڪندا آهن. اهو اسان جي نظر ۾ پاپ آهي. اسان پئسو ڀلي ميڙيون، ٻيا ڀلي ان کي ڏيکاءُ سمجهن، پر اسان بنا ڪنهن سبب وڃائيندا يا لٽائيندا ڪجهه به ناهيون. ان ڪري اسان پنهنجي ننڍ وڏائي پاڻ ٺاهي آهي.
ائين هرگز سمجهڻ نه گهرجي ته سنڌي سماج ڪو انساني انا يا خود غرضيءَ جهڙين جذبن کان مٿانهون آهي، جنهن سبب انسانن ۾ وٿيون ۽ ويريون پيدا ٿينديون آهن. ڪنهن حد تائين سنڌين ۾ سماجي درجي بندي هوندي هئي. جيتوڻيڪ اها ذاتين جي بنياد تي ڪونه هئي، پر تڏهن به اهڙي سماجي اڻ برابري ضرور هئي، جيڪا ساڳي ئي قوم جي ماڻهن ۾ اڪثر ڏٺي ويندي آهي. خوشقسمتيءَ سان اها اڻ برابري ان وقت گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وئي، جڏهن ملڪ ورهائجي ٻه اڌ ٿيو ۽ ماڻهو هندستان يا دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا. جيڪڏهن لوهاڻن کي ذات ڪري مڃيو وڃي، ته پوءِ سنڌين جي اڪثريت لوهاڻا آهن. ڀاٽيا ۽ کتري به واپاري ذاتيون آهن، پر اهي به لوهاڻن کان مختلف ناهن. دراصل گڏيل شادين ۽ مٽين مائٽين سبب قومون ۽ ذاتيون رشتيداري جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي هڪ ٻئي جي تمام ويجهو اچي ويون آهن.
لوهاڻا کلئي ليکي ٻن حصن ۾ ورهايل هئا، هڪڙا عامل ۽ ٻيا ڀائبند. اها ورهاست ڪا تمام پراڻي ڪانهي. ڌنڌي يا ڌرمي اعتقاد تي ٻڌل آهي. سنڌ فقط ڪي صديون اڳ جا آهن. اورنگزيب جي دور ۾ 1670ع ڌاري ڪيترائي هندو اتر هندستان کان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ڪڇ، ملتان ۽ گجرات مان به ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا. ٻاهران آيل انهن ماڻهن مان ڪافي تعداد ۾ خاندان سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ خداآباد ۾ رهي پيا ۽ واپار، هٿ جي هنر ۽ ٻين ڌنڌن ۾ سرگرم ٿي ويا. ٿوري ئي وقت اندر هنن پاڻ کي هڪ ڪامياب قوم ثابت ڪري ڏيکاريو. جڏهن مغلن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن کين صوبي جو وهنوار هلائڻ لاءِ پڙهيل لکيل ۽ تجربيڪار ماڻهن جي ضرورت پئي، سو هنن لڏي آيل هنرمند ۽ ڪاروباري هندن مان لائق ماڻهو چونڊي کين مکيه انتظامي عهدن تي رکيو. اهڙن هندن کي چوندا هئا عملدار. اهو نالو اڳتي هلي عامل ٿي پيو. عامل لفظ عمل مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪو ڪم ڪرڻ يا حڪم مڃڻ. اهڙي طرح حاڪمن جو حڪم مڃڻ ۽ مٿس عمل ڪرڻ وارا ٿيا عامل. هاڻي سنڌي هندو اڳ ئي واپاري ناتي سان ڪافي ناڻو ۽ نالو ڪمائي چڪا هئا. مٿان ملين سرڪاري عملداري. ان ته هيڪاري سندن اهميت مضبوط ڪري ڇڏي. مسلمان حاڪم پنهنجن عاملن کي چڱا انعام اڪرام ڏيندا هئا ۽ ايڪڙن جا ايڪڙ زمين پڻ سوکڙي طور عنايت ڪندا هئا. ان حوالي سان هُو زميندار ۽ جاگيردار به ٿي پيا. حاڪمن سان ويجهڙائي جي ڪري سندن عزت ۽ اهميت ۾ به واڌارو ٿيو. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري هو پاڻ کي مٿانهين ڪلاس ۾ شمار ڪرڻ لڳا.
مغلن ڪجهه عرصي کان پوءِ آهستي آهستي سنڌ جو انتظام ڪلهوڙن جي حوالي ڪري ڇڏيو. شروع ۾ ڪلهوڙا مغلن جي طرفان علائقي تي گورنر جي حيثيت ۾ انتظام هلائڻ لڳا، پر پوءِ اڳتي هلي هنن مغلن سان بغاوت ڪئي ۽ پاڻ حاڪم بنجي ويهي رهيا. ڪلهوڙن پڻ عاملن کي پنهنجن عهدن تي قائم رکيو، خاص ڪري ڍل ۽ محصول جي اوڳاڙڻ جو ڪم سندن حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو ته کين اُن ڪم جو تجربو ته هوئي، مٿان وري حساب ڪتاب جا هئا پڪا. اهڙي طرح، ڪلهوڙن جي دور ۾ به سندن اهميت وڌي ۽ هو سنڌي سماج تي پوريءَ ريت ڇانئجي ويا.
جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته هڪ دفعو وري عاملن کي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جهڙن وڏن عهدن تي رکي انتظامي ڪم سندن حوالي ڪيو ويو. سبب ساڳيو ئي هو ته هو تجربيڪار هئا ۽ پڙهيل ڳڙهيل هئا.
انگريزن جي ويجهو هئڻ ڪري، منجهانئن گهڻن انگريزن جهڙي رهڻي ڪهڻي، اُٿ ويهه، کائڻ پيئڻ ۽ هلت چلت اختيار ڪئي.
خوشحالي ڇا آئي، عامل ويا پاڻ ۾ وڌيڪ ورهائبا. سنڌ جي گادي خدا آباد جا عامل پاڻ کي ٻين عاملن کان اُتم سمجهڻ لڳا. خاص ڪري حيدرآباد ۾ اهو تفاوت کليو کلايو محسوس ٿيڻ لڳو. هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو خدا آبادي عامل غير خدا آبادي عالمن منجهان شادي ڪرڻ کي به عيب سمجهڻ لڳا. حيدرآباد کان ٻاهر، لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪائي عامل وري پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ معتبر سمجهڻ لڳا.
19 صدي عيسوي ۾ عامل لوهاڻا قوم جو اٽڪل 15 سيڪڙو کن هئا، هو ايترا ته طاقتور ٿي ويا جو پاڻ کي ڀائيبندن کان جدا هڪ الڳ قوم سمجهڻ لڳا، جيتوڻيڪ ٻئي لوهاڻن جون شاخون هيون. اها وٿي گڏيل شادين تي پڻ اثر انداز ٿيڻ لڳي. عامل مرد ڀائيبندن ۾ پرڻائڻ کان ڪترائيندا هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر عامل پنهنجا جدا پاڙا ٺاهي، ڀائيبندن کان الڳ رهڻ لڳا. اها دوري خدا آباد جي ڦٽڻ ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ٺهڻ کان پوءِ به قائم رهي.
ڀائيبند يعني ڀائرن جو ٽولو، ڪاروباري ماڻهو هئا. سندن ڪرت صرف واپار ۽ ڌنڌو ڪرڻ هئي. هو وڏي همٿ وارا ماڻهو هئا، جيڪي هر قسم جو جوکو سر تي کڻي، سفر سٽي، دنيا جي دور دراز ملڪن ۾ پهچي، پنهنجو واپار ڄمائيندا هئا. پئسو ڪمائيندا هئا ۽ اهو ئي پئسو سنڌ ۾ آڻي سُکي زندگي گذاريندا هئا ۽ محلاتن جهڙن بنگلن ۾ رهندا هئا. پر پنهنجي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو ڌار ڪري، ڌرمائو ڪم به ڪندا هئا. عام ماڻهن جي سک لاءِ اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ ڌرمشالائون جوڙائيندا هئا. دان ڪرڻ ۾ مُٺ هميشه کُلي رکندا هئا.
عاملن وانگر ڀائيبند به ننڍ وڏائي کان آجا ڪونه هئا. سماج ۾ سندن رتبو به سندن ڌنڌي ۽ دولت جي حساب سان جُڙندو هو. جن وٽ وڏيون ڪوٺيون هونديون هيون، بيٺل دفتر هئا يا وري جيڪي اناج، جنسن يا روزاني کپت جي شين جا وڏا واپاري هئا، تن کي سماج ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ننڍڙا دوڪاندار، وياج خور ۽ ڳوٺاڻا ڀلاوڻا، جن کي هٽ واڻيا سڏبو هو، سي سماج ۾ هيٺين جاءِ والاريندا هئا. سنڌ ورڪي اهي ڀائيبند هئا، جيڪي شروعات کان ئي ڪپڙي ۽ هٿ جي هنر جو واپار ڪندا هئا ۽ حيدرآباد جا رهاڪو هئا. انهن کي سٺي سماجي حيثيت حاصل هئي.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌورڪين پنهنجي ڪاروبار جو ڄار مضبوطيءَ سان پوري دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيو. وڏي هوشياري کان ڪم وٺندي هنن پنهنجن ڀائرن ۽ سوٽن کي ڌار ڌار ملڪن ۾ ڪوٺيون کولي ڏنيون. اهڙي ريت هو هانگ ڪانگ کان اسپين، فلپائينس کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا، ۽ جپان کان ويٽنام تائين پکڙجي ويا. انهن ملڪن جي وڌندڙ گهرجن کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌورڪين گهرو ضرورت جي شين ۾ هٿ وڌو ۽ خوب ناڻو ڪمايو. شڪارپور جا ڀائيبند وري پنهنجين بئنڪنگ جي خوبين سبب هڪ ڌار مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
هندستان جي ورهاڱي ۽ سنڌي هندن جي ڀارت روانگيءَ سنڌين مان اها ٿوري گهڻي درجيبندي به ختم ڪري ڇڏي. عاملن جي سنڌ ۾ وڏي لئه هئي. تعليم ۽ سرڪاري عهدن سبب هو ڪنهن تي فلڪ به نه آڻيندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ نه سندن رتبو رهيو نه روزگار. هندستان پهتا ته پاڻ کي رفيوجي ڪئمپن ۾ ڏٺائون. پئسو ڏوڪڙ ته هو اڳ ئي سنڌ ۾ ڇڏي آيا هئا. ويچارن وٽ سواءِ تعليم ۽ تجربي جي ٻيو ڪو سرمايو نه رهيو. ان حوالي سان ڀائيبندن کي ڪجهه سرسي حاصل هئي، ڇو ته هنن پنهنجن واپاري ناتن سبب سنڌ کان ٻاهر پئسو ڏوڪڙ ڪاروبار ۾ اڳواٽ ئي سيڙايو هو. هاڻي اها سيڙپ هن ڏکئي وقت ۾ سندن ڪم آئي ۽ هنن ان سهاري تي هندستان توڙي ٻاهرينءَ دنيا ۾ نئين زندگي جي شروعات ڪئي. شرنار ٿي ڪئمپن جي زندگي سڀني آيلن جي لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ تجربو هئي. اهڙي تڪليف واري حياتيءَ ۾ عاملن ۽ ڀائيبندن جي وچ وارو سَنڌو مٽجي ويو. موقعي جو فائدي وٺي ڪيترن ماڻهن پاڻ کي عامل سڏائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ پنهنجي سماجي حيثيت مٿانهين ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي ذات منجهان سندس خاندان ۽ بُڻ بنياد جو پتو هڪدم پئجي ويندو هو، پر هتي ته قصو ئي ٽيون ٿي پيو.
ڪئمپن جي ڏکي زندگي، نئون ملڪ، پئسي پنجڙ جي تنگي، سڀ اهنج اچي هڪ ئي وقت جهوليءَ ۾ ڪريا، پر سنڌين همت نه هاري. توڪل جو ترهو ٻڌي گهيڙ ۾ گهڙي پيا. آزمائش کي مڙس ٿي مُنهن ڏنائون. ڏکن کي سکن جو سڏ سمجهي اڳي کان اڳرا ٿي بيٺا. سندن ثابت قدميءَ کين آهستي آهستي پير کوڙڻ جي قابل بنايو. تاريخ کولي ڏسو، توهان کي هر دور ۾ سنڌين جا اهي ڪارناما نظر ايندا جن ۾ هنن پنهنجي همٿ، جرئت، جوان مردي ۽ هنر ذريعي پاڻ کي ماري مڃايو آهي. مرد ته مرد آهن، سنڌي عورتن به اڻانگن وقتن ۾ پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ مردن کان گهٽ ويڙهاند ڪانه ڪئي آهي. 1800ع سن کان پوءِ جا انڊين قانوني دستاويز سنڌي عورت جي اٽل ارادي ۽ اجهل جذبي تي ڪافي روشني وجهن ٿا. ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون هيون، جن کي اڪيلي سر حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، ڇو ته سندن ڪٽنب جا گهر ڀاڱي مرد پرديس ۾ روزگار سانگي هليا ويندا هئا. نوجوان ڇوڪريون ڀائرن جي جدائي ان ڪري برداشت ڪنديون هيون، جو اهي ڀيڻ جي ڏاج لاءِ پرڏيهه وڃي قسمت آزمائيندا هئا.
اهي نوجوان عورتون، جن ۾ ڪيتريون بي اولاد هونديون هيون، اڪيليون رهنديون هيون، ڇاڪاڻ ته سندن مرد ملڪ کان ٻاهر هوندا هئا. هنن جو گذر سفر انهن پئسن تي ٿيندو هو، جيڪي پرڏيهه مان سندن مرد کين موڪليندا رهندا هئا. اهي پئسا ڪڏهن وقت سر نه ملندا هئا. جي ملندا هئا ته ايترا نه جو گهرجو خرچ پورو ٿي سگهي. ان زماني ۾ اڄ جيان تڪڙا ذريعا به ڪونه هئا جو پئسا جلد ملي سگهن. پر پوءِ به ويچاريون جيئن تيئن ڪري گذران ڪنديون هيون.
بد نصيبيءَ سان جيڪڏهن ڪو ڪمائڻ وارو ملڪ کان ٻاهر لاڏاڻو ڪري ويندو هو ته سندس گهر واري بي سهاري رهجي ويندي هئي. وٽس ڪجهه به باقي نه رهندو هو، جنهن جي آڌار تي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاري سگهي. مٿان وري مصيبت اها جو کين پنهنجن گهروارن جي پرڏيهه ۾ ڪيل سيڙپ ۽ ماڻهن ڏانهن رهيل قرض پکا موٽائي وٺڻ ۾ ڏاڍيون دشواريون سهڻيون پونديون هيون.
اڳئين زماني جي ته ڳالهه ڇڏيو، اڄ به اهڙي رقم ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ڳالهين کان سواءِ ڪيترن ئي پيچيدن قانوني مرحلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هاڻي اُهي سڀ ڳالهيون سامهون رکي سوچيو ته اڳ جڏهن قانوني روايتون ايتريون مضبوط نه هيون ۽ لکپڙهه، ٽپال توڙي ٽيليفون وغيره جو سرشتو ايڏو ڪارگر نه هو، تڏهن ويچارين انهن زائفائن کي ڪيترا نه ڏک ۽ ڏوجهرا ڏسڻا پوندا هوندا.
بهرحال، سنڌي عورتون ايتريون ڪمزور نه هيون. ظالم تقدير جي آڏو هنن جهڪڻ سکيو ئي نه هو ۽ نه ئي وري آساني سان هار مڃڻ سکي هئائون. هو پنهنجن حقن لاءِ وڙهي ڄاڻنديون هيون، پوءِ کڻي اڳيان ڪير به هجي. هڪ سؤ سال اڳ سنڌي عورتن پنهنجا حق ۽ ورهاست ۾ حصو گهرڻ لاءِ جيڪي سرڪاري ڪامورن ۽ ٻين اختيار اورن کي خط لکيا هئا، سي پڙهڻ کان پوءِ پروڙ ٿي پوي ته سنڌي عورتون ڪيتريون نه خود مختار، ڪيتريون بي ڊپيون ۽ ڪيتريون قانوني ويڙهاڪ هيون.
شريمتي ايسر ٻائيءَ جو ڪيس مثال طور ئي کڻي وٺو. عمر هيس 38 سال ۽ وڌوا هئي. سندس گهروارو، نندومل، وچ ايشيا ۾ بخارا جي ڪنهن ننڍي شهر ۾ يارهن سالن کان ڪم ڪندو هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو ويچارو نندو مل اوچتو ئي اوچتو پرديس ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن نندومل وطن ڇڏي بخارا پئي ويو، تڏهن پويان ٻه ننڍڙيون نياڻيون ۽ پنهنجي پتني ان آس تي ڇڏي ويو ته هو کين پنهنجي ڪمائي مان رقم موڪلي پيو ڏيندو ته جيئن هو آرام سان گذر بسر ڪري سگهن. شريمتي ايسر ٻائي جي آمدنيءَ جو اُن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذريعو نه هو. ان ڪري جڏهن کيس نندومل جي موت جي خبر پئي تڏهن هن جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. نه گهر ۾ پئسو نه ڏوڪڙ ۽ نه وري آئندي جي آمدني جو آسرو ئي رهيس. جيڪڏهن ڪا اميد نظر آيس ته اها ته مڙس جي ڇڏيل جيڪا به رقم هجي، اها ڪنهن به ريت گهرائي وٺان. اهو خود سندس توڙي ٻنهي ٻارڙين جي زندگي جو سوال هو.
ايسر ٻائي ٽي سال سانده انتظار ڪيو ته جيئن سندس گهرواري جي ڪمپنيءَ جا مالڪ ڪو جواب ڏين. آخرڪار جڏهن سندن جواب آيو ته ويچاري وڌوا جي اميدن تي پالي ڦري ويو. مالڪن رهت جا سمورا 3550 روپيا پورا ڪونه موڪليا هئا. ايسرٻائي سڀ ڪاغذ پٽ گڏ ڪري شڪارپور جي ڪليڪٽر ڏانهن موڪليا ۽ درخواست پڻ ڪئي ته منهنجو حق ڏيارڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه 1899ع جي آهي.
مائيءَ جيڪا درخواست لکي هئي، سا پڙهڻ وٽان آهي. مقابلي جو جذبو ۽ حالتن هٿان هار نه مڃڻ جو پڪو پهه سندس درخواست جا جملا هن ريت آهن، “توهان چڱي طرح سمجهي سگهو ٿا ته هن واقعي مون کي ڪيڏو نه صدمو پهچايو هوندو. منهنجي گهُر 3550 روپين جي هئي، پر مون کي ان جي ويهين پتي مس ڏني وئي آهي. اهڙي طرح منهنجو حق کسيو ويو آهي. جنهن ڏک ۽ پيڙا مان مان گذري آهيان، ان جو لفظن ۾ بيان ممڪن ناهي. جيڪڏهن توهان مون کي پنهنجي ملڪيت جو رهيل حصو موٽائي وٺي ڏيڻ ۾ مدد نه ڪندا ته منهنجي دل ٽٽي پوندي ۽ منهنجي توڙي منهنجي يتيم ٻارن لاءِ جيئڻ محال ٿي پوندو.”
ايسر ٻائي نيٺ پنهنجي حقي رقم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ٻيو مثال به هڪ وڌوا ڀاڳي ٻائيءَ جو آهي.
هوءَ به پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ وڏين تڪليفن ۾ اچي وئي. 1909ع ۾ هن سکر جي ڪليڪٽر کي درخواست ڏني جنهن ۾ عرض ڪيائين ته سندس گهرواري جي ڇڏيل رقم کيس ڏيارڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي. لکيائين، “پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ مان وڏي مالي مشڪل ۾ اچي وئي آهيان. ٻه ڌيئر ساڻ اٿم. انهن جو بار به منهنجن ڪلهن تي آهي. ڏڪر ۽ بک مون کي پاههُ ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي سهائتا ڪئي وڃي.” 1898ع جي هڪ ٻئي خط ۾ هڪ وڌوا ماءُ، سينٽ پيٽرسبرگ ۾ برٽش ڪونسل کي لکيو ته سندس سرڳواسي پٽ جي رهيل رقم کيس ڏياري وڃي ته جيئن هوءَ سندس آخري رسمون پوريون ڪري سگهي. لکيائين، مان هڪ ڪراڙي، لاچار، رن زال آهيان. مون پنهنجي پٽ جي هندو ڌرم موجب آخري رسمن تي چڱو موچارو خرچ ڪيوآهي. پئسو پنجڙ مون وٽ ڪونهي. قرض کڻي پورائو ڪيو اٿم. اڃا به ڪي رسمون رهيل آهن جيڪي ڪرڻ تمام ضروري آهن. منهنجي پٽ جي ملڪيت ۽ موڙي مون کي ڏياري وڃي ته جيئن مان پنهنجي پٽ ۽ خود پنهنجي آتما کي شانتي ڏياري سگهان.”
مٿي ڏنل چند مثال صاف ظاهر ڪن ٿا ته اڄ کان سؤ سال اڳ جي غريب وچولي درجي جي سنڌي عورت ڪيتري نه پاڻ ڀري، همٿ واري ۽ بي باڪ هئي. اهي عورتون جن جا حوالا مون مٿي ڏنا آهن ۽ انهن جهڙيون ٻيون ڪئين عورتون جيڪي اهڙين حالتن مان گذريو هونديون، تن پنهنجي شان مان کي نيچو نوائڻ کان سواءِ وڏي واڪ پنهنجا حق گهري ورتا هئا. سندن مالي توڙي گهرو حالتون کڻي ڪيڏيون به خراب ڇو نه هجن، هنن حقن تي سودي بازي هرگز ڪانه ڪئي.
هڪڙو تازو مثال دل تي تري آيو اٿم. ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، هڪڙي سنڌي عورت جو گهروارو چين ۾ گذاري ويو. مرڻ وقت سندس ڪٽنب به ساڻس گڏ چين ۾ ئي هو. وڌوا ستن ٻين گهر ڀاتين سميت هانگ ڪانگ کان ٿيندي هندستان لاءِ رواني ٿي. پر ويچاريءَ وٽ ايترو پئسو ڪونه هو جو ايترن ماڻهن جو بندوبست ڪري سگهي، ان ڪري هانگ ڪانگ ۾ انڊين ائسوسيئيشن جي وڏي ڪاڪي ڪرمچند، جيڪو مشهور ڪمپني اوڪي گدومل واٽومل سان لاڳاپيل هو، تنهن کي مدد جي اپيل ڪندي چيائين ته منهنجي واهرڪر جيئن مان ٽڪيٽون وٺي سگهان.
ڪاڪي ڪرمچند چيس ته دلجاءِ ڪر. مان ائسوسيئيشن جي ٻين ميمبرن سان صلاح ڪري تنهنجو ڪونه ڪو بلو ضرور ڪندس. باقي اڪيلي سر ايڏو ڏوڪڙ ڪڍڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. مائي کي اها ڳالهه بنهه ڪونه وڻي ته سندس تڪليف جي خبر هر ڪنهن جي ڪَن تي پوي، ان ڪري فيصلو ڪيائين ته اسان سڀ هانگ ڪانگ ۾ ئي رهي ٿا پئون. گذر بسر لاءِ گهر ۾ کاڌو رڌي وڪڻڻ لڳي. اڄ اهو ڪٽنب هانگ ڪانگ جي امير ترين کاڌي خوراڪ پهچائڻ واري ڪمپني جو مالڪ آهي. ان ميدان ۾ اها ڪمپني هڪ قسم جي سلطنت جي حيثيت رکي ٿي، ۽ اها سلطنت هڪ بي واهيءَ، لاچار پر همٿ واريءَ عورت جي پڪي ارادي ۽ لڳاتار محنت سبب بڻي. اڄ اهو هانگ ڪانگ جو مشهور جوهري لال ڪٽنب آهي.
مينيو (Manu)جا وسيع لاڳاپا هئا. هن جي لاڏاڻي بعد جڏهن ايثال ثواب خاطر هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي ته ان ۾ خود دبئي جي حڪمران هز هائنيس شيخ محمد بن راشد به شرڪت ڪئي هئي. مان نه ٿو سمجهان ته دبئي ۾ ڪنهن جي لاڏاڻي جي موقعي ته ان ۾ دبئي جي حڪمران خاندان جي ڪنهن فرد شرڪت ڪئي هجي. اهو دراصل، حڪمران خاندان جي فرد طرفان، مينيو جي قابليت ۽ ڏاهپ جي قبوليت جو هڪ اشارو هو. جيڪا هن دبئي جي ڪاروباري برادري ۾ رهي حاصل ڪئي هئي.
اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن جن ۾ وڌوائن پنهنجي گهرواري جو ڪاروبار پنهنجي سنڀال هيٺ وڏي ڪاميابي سان هلايو. گهڻو ڪري حيدرآبادي عورتن اهي ڪم اڪيلي سر ۽ آزاديءَ سان سر انجام ڏنا. شايد مردن جي وڏي ۽ ڊگهي عرصي تائين کانئن پري رهڻ سبب اهي عورتون پڪيون، پختيون ۽ وڌيڪ خود مختيار ٿي وينديون هيون. جڏهن منهنجي ماءُ ننڍي ڄمار ۾ وڌوا بڻجي پئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ کيس لاچار هندستان ڏانهن لڏي اچڻو پيو ۽ پاڻ سان گڏ پنجن ٻارن جو بوجهه به سر تي سهائڻو پيو، تڏهن هن به ساڳي طرح وڏي همٿ سان حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ عزت آبروءَ سان وقت گذاري پنهنجن ٻچن کي پالي نپائي وڏو ڪيو.
منو ڇاٻڙيا دبئي ۾ آباد، ڊالرن ۾ ڪروڙ پتي واپاري هو. هن جي ڪمپني “جمبو اليڪٽرانڪس” جي نالي سان تمام گهڻو مشهور هئي. ڪمپني ڇا هئي، اليڪٽرانڪ سامان جي ڄڻ ته تمام وڏي سلطنت هئي. منوڇاٻڙيا 2002ع سن ۾ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو. پٺيان ڪو اهڙو مرد ماڻهو ڪونه هئس، جو سندس ايڏو وڏو ڪاروبار سنڀالي سگهي. ان ڪري اچي سوال اُٿيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ سنئون سڌو وارث موجود ڪونه هو. يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ئي ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته سرڳواسيءَ جو ڪو حقيقي وارث ڪونه هو. جن ماڻهن منوڇاٻڙيا جي آخري رسمن ۾ بمبئي ۾ حصو ورتو، تن ان ڳالهه جي ساک ڏني ته منوءَ جي ڪٽنب جي عورتن تمام گهڻي صبر ۽ بردباريءَ کان ڪم ورتو. منوءَ کي ٽي ڌيئر هيون، جن مان ٻه پرڻيل هيون. سنڌي يا هندو رواج موجب، جيڪڏهن مري ويل ماڻهوءَ کي پُٽ جو اولاد نه هوندو آهي ته پوءِ ڪو ويجهي ۾ ويجهو رشتيدار فوتيءَ جون آخري رسمون پنهنجي هٿن سان ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو ويجهو مائٽ نه هوندو آهي، تڏهن به ڪنهن ڌيءَ يا ٻي عورت کي اهي رسمون ڪرڻيون نه هونديون آهن.
منوءَ کي پٽ ته هو ئي ڪونه، ان ڪري ڪٽنب جي ڪنهن ٻئي مرد کي رسمن جي اڳواڻي ڪرڻي هئي. پر ڏسندڙن جي اچرج جي انتها نه رهي جڏهن هنن ڏٺو ته منوءَ جي ڪنواري ڌيءَ ڪرن پنهنجي پيءُ جي ارٿيءَ کي ڪلهو ڏئي شمشان گهاٽ پهتي ۽ آخري رسمون پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪرڻ بيهي رهي. مان ان ڇوڪريءَ جي جرئت تي حيران آهيان. هن صديون پراڻيءَ روايت کي ٽوڙي هڪ نئين روايت قائم ڪئي. هن هڪ نئين تبديلي جو بنياد وڌو هو. هن اهو ٻڌائڻ پئي گهريو ته ڌيءَ ٿيڻ ڪو ڏوهه ته ناهي؟ هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن ڪا ڌيءَ پيءُ جو ڪريا ڪرم ڪري ڀي ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي. مئل ماڻهوءَ جي آتما کي شانتي ڌيءَ هٿان به ملي سگهي ٿي.
منوءَ جون سموريون ڪاروباري ذميداريون سندس گهرواريءَ وديا ڇاٻڙياخود سنڀالي ورتيون. جنهن عقل، سمجهه ۽ بهادريءَ سان وديا ڪاروبار هلائي رهي آهي، مونکي پڪ آهي ته هوءَ ان کي صحيح رُخ ۾ هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
هڪ ٻيو واقعو به ياد ٿو اچيم. منهنجي دوست سرڳواسي ڪنهيي ڏاتواڻي دبئي ۾ ڪافي عرصو بزنيس ڪيو ۽ آخر سٺ جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري هندستان موٽي ويو. اتي هن دهليءَ ۾ هڪ بي حد ڪامياب گارمينٽ فئڪٽري قائم ڪئي. جڏهن ڪجهه سال اڳ مون اها فئڪٽري وڃي ڏٺي، تڏهن سندس وڌوا وملا ڏاتواڻي پنهنجي مڙس جو ڪاروبار هلائي رهي هئي. مڙس جي ويهڻ واري ٽيبل جي ڀرسان صوفا سيٽن تي پنهنجي آفيس ٺاهي هئائين، جتان ويهي فئڪٽري جي ڪم ڪار جو اُڪلاءُ پئي ڪيائين. ڀرسان ديوار تي ڏاتواڻي جو هڪ وڏو ڦوٽو ٽنگيل هو. وملا کان پڇيم ته مڙس جي ٽيبل ڪرسي ڇو نٿي استعمال ڪرين؟ ڏاڍي نهٺائي سان جواب ڏنائين، مان ته پرائي امانت جي رکوالي ڪري رهي آهيان. مون کي شوڀا نٿو ڏئي ته مان اُن ڪرسيءَ تي ويهان، جيڪا منهنجي گهرواري خالي ڪئي آهي. جڏهن به ڪا ڏکيائي يا ڪو مسئلو درپيش ايندو اٿم، تڏهن سندس تصوير کي ڏسندي آهيان، کانئس صلاح پُڇندي آهيان. سوال ڪندي آهيان، جواب ملندو اٿم. بس جيئن حڪم ملندو آهي، ائين ڪندي آهيان. وملا پنهنجي گهرواري جي لاڏاڻي کان پوءِ ايڏي وڏي فئڪٽري کي هلائڻ جون جوابداريون وڏي ذميداري سان نڀائي رهي آهي. اڄ هوءَ ڪامياب آهي ته فقط ان ڪري جو هن پنهنجي سوچ کي روحانيت جي فلسفي جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي.
اسان ڏٺو ته سنڌين جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته هنن هندن جي ذات پات جي متڀيد جهڙي صديون پراڻي رسم کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو. سنڌين جي ٻي خاصيت اها آهي ته هو ٻين جي ڌرمي اعتقادن، نظرين ۽ سوچ کي ڏاڍيءَ آسانيءَ سان نه صرف قبولي وٺندا آهن، بلڪ سندن عزت پڻ ڪندا آهن. هو ٻاهرين ڌرمي اثرن کي کليءَ دل سان پنهنجي سماج ۾ جڳهه ڏيڻ لاءِ هردم تيار هوندا آهن، جڏهن ته هندو سماج جا ٻيا طبقا ان معاملي ۾ ايترا ڪشاده دل ناهن.
سنڌي هندن جي گهڻائي نانڪ پنٿ يا سهجداري سکن جي آهي، پر هو شيوزم ۽ وئشنازم سوچ وارن سان به ڪا ڏکيائي محسوس ڪونه ڪندا آهن. سنڌ ۾ شيوزم جا پوئلڳ گهڻي تعداد ۾ هوندا هئا. جڏهن پنجاب ۾ هندن ۽ سکن جي وچ ۾ ناراضگيون وڌي ويون، تڏهن سنڌين ٻنهي ڌرين سان پنهنجا پيار ۽ صلح جا رستا برقرار رکيا، اهو به ان ڪري جو سندن سوچ ۾ ڪٽرپڻو ڪڏهن به ڪونه آيو. ساڳي طرح اسلام سان پڻ سندن تعلقات ۽ واسطا سِڪ ۽ سانت جا رهيا. هندو ۽ سک ڌرم اختيار ڪرڻ جي باوجود، سنڌي تصوف جي روحاني رمزن ڀرئي رستي تي هلندي، سنڌي اسلام جي ويجهو پڻ پهچي ويا. سنڌ جا هندو گهڻي ڀاڱي صوفي پيرن فقيرن ۽ بزرگن جا مريد هئا. هو اڳ توڙي هاڻي شاهه عبداللطيف جهڙي صوفي شاعر کي بي انتها مان ڏيندا آهن ۽ کيس سِرَ جو سائين مڃيندا آهن. هو ساڳي عزت داتا دستگير (عبدالقادر جيلاني) کي به ڏيندا آهن، جنهن کي ‘پيران پير’ پڻ سڏيو ويندو آهي ۽ جنهن جي مزار بغداد ۾ آهي. سنڌي هندو سنڌ ۾ محرم جي موقعي تي شيعا مسلمانن سان گڏجي امامن جي ياد ۾ ماتم به ڪندا هئا ۽ پاڻيءَ جو سبيلون پڻ لڳائيندا آهن.
*