آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5191
  • 841
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

12. باب ٻارهون : زمانو ڪيترو به بدلجي حالتون ساڳيون ٿيون رهن

سموري خريداري عدم اطمينان جي ئي پيداوار هجي ٿي. نهايت غور ۽ فڪر جي باوجود به، ڪنهن به وکر جي خريداري نه ٿي ڪري سگهجي. جيستائين پهرين نظر ۾ خريدار ان کان عدم اطمينان جو شڪار نه ٿيو هجي.
وليم ايم. برين گيلسن

منهنجي هميشه کان اهاآس هئي ته مان جيڪر بزنيس مئن ٿيان.
مون کي پنهنجي پتا کان بزنيس ورثي ۾ نه مليو. ڪو ٻيو سولو رستو به نه هئم، جنهن سان بزنيس ڄمائي سگهان. ان هوندي به مان بزنيس جا خواب ڏسندو رهندو هوس. انهن شروعاتي ڏينهن ۾ مونکي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي ته ان خواب کي ساڀيا ڪرڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي. بزنيس جو سوداءُ ان ڪري هئم جو بزنيس منهنجي خون ۾ شامل هو. منهنجي نس نس، رڳ رڳ، ساهه پساهه ۾ بزنيس رچيل هو.
منهنجو سرڳواسي پتا، جيوترام بخشاڻيءَ جو واسطو بزنيس سان هو. اهڙي طرح منهنجي ڪٽنب جا ٻيا مرد پڻ بزنيس سان واڳيل هئا. منهنجي پتا ڪيترا سال جبرالٽر ۽ موراڪو ۾ ايم ڏيئلداس سان ڪم ڪيو. اها ڪمپني جڳ مشهور ڀائي پرتاب جي هئي، جنهن گجرات ۾ گانڌي ڌام جو ننڍڙو شهر اڏيو. گانڌي ڌام انهن بي گهر ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو، جيڪي ورهاڱي وقت سرحد جي هُن پار کان آيا هئا.
انهن شروعاتي ڏينهن ۾ مونکي ائين لڳندو هو، ڄڻ دبئي جي وايومنڊل ۾ منهنجا گونگا خواب دٻجي مري ويندا. ان هوندي به اميد جو ڪو ڪرڻو مونکي هر هر ياد ڏياريندو رهندو هو ته مارڪيٽ ۾ همٿ ڀرين سڄاڻ ماڻهن جي لاءِ موقعي جي کوٽ ناهي.
جيئن مان اڳ ۾ چئي آيو آهيان، مارڪيٽ تي وچئين ماڻهوءَ (Middleman)، جن کي دلال چيو ويندو هو، جو راڄ هو. آرڊر بڪ ڪرڻ ۽ سامان وڪرو ڪرڻ ۾ هنن جو وڏو هٿ هو. واپاريءَ جو مال وڪرو ڪرڻ سان تمام معمولي واسطو هو. سندن ملازم گهڻو ڪري ڪلارڪ هوندا هئا يا آفيس جو ٻيو ڪم ڪار ڪندا هئا. مونکي ان قسم جي ڪم ڪندي ڪڏهن به خوشي نه ٿي. مونکي هميشه ائين لڳندو هو ته منهنجي آفيس ۾ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو ڪيو نٿو وڃي. جيڪڏهن ڪوتاهي هئي ته رڳو دلچسپي وٺڻ جي، پهريون قدم کڻڻ جي، اڳتي وڌي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي. دل سٽون کائيندي هيم ته جيڪر مارڪيٽ وڃان، ماڻهن سان ملان، مال وڪرو ڪريان. ڪجهه ڪريان. ڪجهه ڪري ڏيکاريان.
منهنجو ساٿي، چيلارام سجناڻي، جيڪو اڪائونٽنٽ هو، سو منهنجي اُڌمن سان سهمت نه هو. هن مونکي ڪڏهن ڀلجي به مارڪيٽنگ لاءِ نه همٿايو. شايد هن جو خيال هو ته مون کي اجايون سجايون ڳالهيون ڇڏي سمورو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيڻ گهرجي. پر منهنجي اندر ۾ ويٺل جاکوڙي واپاري ڪڏهن به سک جي ننڊ نه سمهيو.
ڪمپنيءَ ڏانهن ڪيتريون ئي نين شين جا سئمپل ايندا رهندا هئا، جيڪي سجناڻيءَ جي سنڀال هيٺ رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو اهي سئمپل آفيس ۾ ايندڙ گراهڪن کي ڏيکاريندو هو، يا وري جڏهن کيس ٽائيم ملندو هو ته پاڻ سان کڻي وڃي ٻين کي ڏيکاريندو هو. مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ هو رڳو ميار پيو لاهي. هن ۾ اهو جوش ڪونه هو، جيڪو اهڙين ڳالهين لاءِ هئڻ کپي. ان ڪري مون پنهنجيءَ دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ڀل ته مونکي آفيس بند ٿيڻ کان پوءِ ٻه چار ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوي، پر مان ضرور انهن شين کي مارڪيٽ ۾ مڃائڻ جي ڪوشش ڪندس سوچي مون آفيس مان وقت ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڃي واپارين وڙن سان ملڻ شروع ڪيو ۽ کين سئمپل ڏيکاري کانئن آرڊر وٺڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳس. ان ڀڄ ڊڪ ۾ آفيس جو جيڪو ٽائيم کوٽي ٿيندو هو، ان جي پورائي لاءِ يا ته صبح جو سوير ٻين کان اڳ اچي پورو ڪندو هوس، يا وري آفيس ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻه چار ڪلاڪ ترسي پوندو هوس. مونکي ياد آهي ته رات جو دير تائين گئس بتي (گولي) جي روشني ۾ اڪثر پنهنجو ڪم ڪندو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ اڌ رات کان پوءِ به ويٺو رهندو هوس. انهن ڏينهن ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي ۽ جنريٽر صرف آفيس ٽائيم تائين هلندو هو.
ان کي منهنجا ڀاڳ چئو جو مون پهرينءَ ئي ڪوشش ۾ آرڊر بڪ ڪري ورتو. مان سئمپل کڻي ‘موسيٰ جي ڪريم’ جي نالي هڪ سنڌي ميمڻ وٽ ويس، جيڪو ديري ۾ دڪان هلائيندو هو. چينيءَ جو هڪڙو سگريٽ سيٽ هو، جنهن ۾ ايش ٽري به هئي، سگريٽ ڪيس به هو ۽ لائيٽر به هو، سو ڏيکاريو مانس، سمجهايو مانس ۽ آخر ۾ پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ دليلن وسيلي خريد ڪرڻ تي راضي ڪيومانس. هن هڪدم 125 ڊالرن جو آرڊر بڪ ڪرايو. اهو منهنجي زندگي جو پهريون واپار هو، جيڪو مون پنهنجي سِر پاڻ ڪيو. ان کان پوءِ مون ڪڏهن به واپس مُڙي نه نهاريو. منهنجي دل ايتري ته وڏي ٿي وئي جو مون اڪثر مارڪيٽ جا چڪر هڻڻ شروع ڪري ڏنا. منهنجي همٿ افزائي ٿي ته مون سينئر بزنيس مئنن سان ملاقاتون وڌائي ڇڏيون. منهنجو وڏو قدبت مونکي ڏاڍو ڪم آيو. عمر ته منهنجي اڃا ويهن سالن کان به گهٽ هئي، پر پنهنجي وڏي ۽ ويڪري جسم سببان ايترو ننڍو ڪونه لڳندو هوس. سچ ته اهو آهي ته مان وقت کان اڳ ئي بالغ ٿي ويو هئس.
جهونن ۽ آزمودگار واپارين سان اُٿ ويهه سبب مون ۾ ڌنڌوڙين وارا سڀ گُڻ ايندا ويا. مون غير روايتي (Non Traditional) ۽ نين شين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ان ڪري ته مارڪيٽ ۾ هر وقت هر قسم جا دلال پيا ڦرندا هئا، پر هنن جو ڌيان هوندو هو ٽيڪسٽائيل ۽ عام واهپي جي شين تي. انهن کان نه اڳتي چُرندا هئا ۽ نه پٺتي هٽندا هئا. هو به پنهنجيءَ پر ۾ درست هئا، ڇو ته انهن شين ۾ وڏي ڪمائي هئي. کين ڪهڙو لاچار پيو هو جو ٺهيو ٺڪيو مارڪيٽ ڇڏي اڻ آزمايل وکر تي ويهي نئين سر محنت ڪن؟
انهن پهرين ڏينهن ۾ ئي مون هڪ سٺو سبق پرايو، جيڪو اڄ تائين منهنجي ڪم آيو آهي. اهو هيءُ هو ته گراهڪ آڏو ڪڏهن به پاڻ کي وڪرو ڪندڙ ظاهر نه ڪجي. مٿس اهو اثر وهارجي ته مان تنهنجو صلاحڪار آهيان. هن کي اها پڪ ڪرائجي ته مان تنهنجو سڄڻ آهيان. ائين ڪرڻ سان هو توهان تي ڀروسو ڪرڻ لڳندو. ڪو به سيلسمئن جيڪڏهن گراهڪ کي سندس خيرخواهه مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ اها به خاطري ڪري ڇڏيو ته گراهڪ پنهنجا سڀ اُلڪا وساري مٿس پورو ڀروسو ڪرڻ لڳندو.
70 واري ڏهاڪي جي دبئي مارڪيٽ ۾ اليڪٽرانڪ شين جو شوق وڌڻ لڳو هو. اليڪٽرانڪ جي اهميت ايتري ته گهڻي ٿي وئي جو ٽيڪسٽائيل جي اوج جو زمانو ياد اچي ويو. جهڙيءَ ريت 50 ۽ 60 وارن ڏهاڪن ۾ هندستانين، خاص ڪري سنڌي ڀاٽين ٽيڪسٽائيل جو واپار پنهنجي هٿن ۾ رکيو، ٺيڪ اهڙي طرح هاڻي وري هنن اليڪٽرانڪ شين ڏانهن لاڙو ڪيو.
ان وقت تائين اڃا ٽيليويزن سيٽ ڪونه آيا هئا. والو ريڊيا ۽ چڪريءَ وارا ٽيپ رڪارڊر ميدان ماريو بيٺا هئا. انهن ۾ به فلپس ڪمپني جو مال زور تي وڪامندو هو. دبئي ۾ اهو ڪاروبار “ڀاٽيا ريڊيو” وارن جي هٿ ۾ هو. ان کان سواءِ فلپس جي جوڙ جو سيرا (Sierra) نالي هڪڙو ٻيو برانڊ هو، جيڪو فلپس جيترو ئي مقبول هو. وي وي سنز وارا اڪيلي سر ان جا ايجنٽ هئا. هو 78 ۽ 33 آر پي ايم جا رڪارڊ پڻ وڪڻندا هئا. سنڌ ۾ انهن کي لاک جا رڪارڊ يا ٿالهيون سڏيندا هئا.
جرمني جو گرنڊگ (Grundig) پنهنجي ڪوالٽيءَ جي ڪري مشهور هو ۽ مارڪيٽ ۾ اُن جي به ڏاڍي گهُر هئي. ان جا ڊيلر ديوان برادرس هئا، جيڪي پڻ ڀاٽيا هئا. انهن سڀني کان الڳ ٿلڳ هو مير محمد صالح اميري، جيڪو ايراني واپاري هو ۽ جرمني جي ٻي مشهور ڪمپني ٽيليفنڪن (Tleefunken) جو ڊيلر هو.
انهن ڏينهن ۾ جپاني مال جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو. سڄو مارڪيٽ يورپي سامان سان سٿيو پيو هوندو هو. يورپي مال جا گراهڪ نه رڳو دبئي ۾ هڪيا تڪيا حاضر هئا، پر ٻين ملڪن ۾ به جام ملندا هئا.
ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ بجلي ڪانه هئي ۽ پائيپن رستي پاڻي به ڪونه ايندو هو، تنهنڪري ريفريجريٽر، واشنگ مشين ۽ ٻين گهريلو ڪم ڪار وارين مشينن جو ڪو مارڪيٽ ڪونه هوندو هو. جڏهن پاور آيو ۽ حالتون بدليون ۽ پاڻي توڙي بجلي شهرن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو، تڏهن مارڪيٽ جو نقشو ئي اور ٿي ويو. آمريڪا جو اڪيلو ملڪ “اڇين مشينن” موڪلڻ وارو پهريون ملڪ هو. آمريڪا مان ايندڙ مشهور ريفريجريٽرن ۾ نورگي (Norge)، يارڪ (York)، جي.اي.، (GE) فرجيڊيئر (Frigidaire)، ويسٽنگ هائوس (Westinghouse) ۽ ايڊمرل (Admiral) شامل هئا. ايئرڪنڊيشنرن ۾ ڄاتل سڃاتل نالا هئا، ڪئريئر (Carrier)، نورگي، (Norge) يارڪ (York)، ويسٽنگ هائوس (Westinghouse) ۽ ويسٽ پوائنٽ (Westpoint).
انهن سڀني سامانن دبئي ۾ ته چڱو پاڻ ملهايو، پر دبئي رستي ننڍي کنڊ ۾ پڻ پهچي ويا. يا ته مال سمگل ٿيندو هو، يا وري پرڏيهه ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جا ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا. جلد ئي آمريڪي ۽ يورپي مال جي جاءِ تي جپان ڇانئجڻ لڳو. هيءَ 1960ع جي ڳالهه آهي، جڏهن جپان جي مال اچڻ جي شروعات ٿي.
جپانين جو مارڪيٽ ۾ اچڻ ڪو اوچتو ٽپو ڪونه هو. هوائي توائي به نه هئا. ٺيڪ ٺاڪ رٿابنديءَ سان ميدان ۾ لٿا هئا. کين چڱي طرح ڄاڻ هئي ته کين ڇا ڪرڻو آهي، ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ ڪڏهن ڪرڻو آهي. هڪ هڪ وک سوچي سمجهي کنيائون. مارڪيٽ کي چڱي طرح ٺوڪي وڄائي، جاچي جوچي ڏٺائون. پتو پين ته هندستان ۾ چڱي طرح چنبا کوڙي سگهبا. ان پڪ پڪاڻيءَ کان پوءِ هو هئا ۽ هندستاني مارڪيٽ هو. ان ڪم ۾ سندن سهائتا ڪئي هندستاني بابُن جي بي پرواهيءَ واري هلت ۽ سرڪار جي پاڳلپڻي، جنهن هر شي تي ڪنٽرول مڙهي ڇڏيو هو ۽ سوشلزم جي وڏن وڏن نعرن ۽ نظرين پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا هئا. انهن سببن ڪري هندستان پنهنجيءَ ئي مارڪيٽ جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو. نئين دور جي ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ پهچي نه سگهي. عام واهپي جي شين جي کوٽ ماڻهن کي لاچار ڪري ڇڏيو ته هو پرڏيهي مال جي پويان ڊوڙن. ان ڊوڙ کي وري اڃا به تکو ڪيو اخبارن، رسالن، ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ، جتان هر پل جي پئي خبر پوي ته دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري، ڪهڙيون نيون شيون مارڪيٽ ۾ پهتيون، ڪهڙا نوان ماڊل آيا، پراڻن ۾ ڪهڙيون خاميون هيون ۽ نون ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن، وغيره.
جپانين، دبئي ۾ پنهنجي مارڪيٽ جي ساٿين سان گڏجي صلاح ڪئي ته عام واهپي جو ايترو ته مال آڻي لاهجي جو هندستانين جي پرڏيهي مال واريءَ بُک کي منهن ڏئي سگهجي. ان ڪم ۾ ڪٺنائي اها هئي جو هڪ ته هندستاني سرڪار آمدني واپار تي ڪي رنڊڪون وڌيون هيون، ڪسٽم جا قانون سخت ڪيا هئا ۽ واپار تي به ڪرڙي نظر رکي هئي. ان ڪري قانوني ۽ جائز طريقي سان جپاني مال سرحد ٽپي ڪونه ٿي سگهيو. ان ڪري ماڻهن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ٻيا رستا وٺڻا پيا. ڏسندي ئي ڏسندي سمگلنگ جي بازار گرم ٿي وئي.
جڏهن جپان هٿراڌو ڪپڙي کي دبئي تائين پهچايو، ته هڪدم اهو مال لڪ چوريءَ هندستان جي چور بازار ۾ سمگل ٿي وڪامڻ لڳو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته جپان دنيا جي مارڪيٽ ۾ آيو ئي ان سنٿيٽڪ ڪپڙي جي وسيلي. هُن انڊيا جي ٽيڪسٽائيل واپار جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏي. هندستان اڃا ڪپهه جي ڪپڙي واري دور ۾ ساهه کڻي رهيو هو. جو جپان سنٿيٽڪ ڪپڙي سان هڪ نئون انقلاب آڻي ڇڏيو. جپانين سياڻپ اها ڪئي جو هندستاني ڊزائينون کڻي وڏي پيماني تي ساڙهيون ٺاهڻ لڳا. اهي ساڙهيون پوءِ هندستاني جنتا ۾ وڪامجڻ لڳيون. جتي هٿون هٿ کڄي وينديون هيون. جپاني ڪارخانن، جن ۾ اين آر سي (NRC)، ٽوري (Toray) ۽ ٽائيجن (Teijin) شامل هئا، ماڻهن جو من موهي وڌو. هر هندستاني ڳوٺ وڃڻ مهل پاڻ سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه ساڙهيون ضرور کڻي ويندو هو. ان قسم جا مسافر ٿورا ڪونه هئا. هيءُ اهو وقت هو، جڏهن اڇي توڙي بلو ڪالر وارا ماڻهو، سفيد پوش توڙي مزور، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، هندستان ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن کان جهجهي تعداد ۾ دبئي پهچڻ لڳا هئا. هوائي ڪمپنيون ماڻهن جي رش کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٽي اڏامون رڳو بمبئي کان هلائينديون هيون، جن جي ذريعي 1000 ماڻهو روز جي حساب سان دبئي پهچندا هئا. جيڪڏهن هر مسافر سراسري ٽي ساڙهيون سوکڙي ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هجي، ته به 20000 وال ساڙهين جا رڳو هڪ شهر ڏانهن روانا ڪيا ويندا هئا. ياد رهي ته هڪ ساڙهيءَ ۾ ڇهن والن کان ڪجهه وڌيڪ ڪپڙو ڪم ايندو آهي. ان جو مطلب ٿيو ته رڳو بمبئيءَ ڏانهن هر مهيني 600000 وال ساڙهين جو ڪپڙو دبئي کان ايندو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه سڌي سنئين رستي کان، ڪنهن به قانوني ڀڃڪڙي کان سواءِ ٿيندو هو.
مٿيون ته هو قانوني طريقو، پر گڏوگڏ ٻيا طريقا به استعمال ڪيا پئي ويا. دبئي فري مارڪيٽ هو، جنهن ڪري ڪيترا ئي ملين وال ڪپڙو بليڪ مارڪيٽ ۾ هر سال بمبئي پهچي ويندو هو. ساڙهين جي گُهر ايتري ته وڌي وئي جو ڪارخانيدار اچي آزار ۾ پيا. گهڻا ئي زور لڳايائون، پر ايڏيءَ وڏيءَ گهرج کي پورو ڪرڻ سندن وس ۾ ئي نه هو.
ٽيڪسٽائيل مارڪيٽ ۾ ٻئي جنهن ڪپڙي رڻ ٻاري ڏنو، سو هو پوليسٽر سوٽنگ جو ڪپڙو. اهو ڪپڙو نه رڳو بمبئي جي بازارن ۾ ئي کتو، پر ڪراچيءَ ۽ ڍاڪا جي دڪانن تي پڻ وڪامڻ لڳو. جيئن جيئن ننڍي کنڊ جي دلچسپي وڌندي وئي، تيئن تيئن ايران جي اهميت گهٽجندي وئي. ايران ان وقت تائين ٽيڪسٽائيل جي موٽ-روانگي واپار سبب ڏاڍو اهم هو. جپان ۽ دبئي جي گڏيل سهڪار سبب کين جيڪو نفعو ٿيو، تنهن جپان جا ته پير پختا ڪري ڇڏيا، پر دبئي کي به دبئي بنائي ڇڏيو. هندستاني ڏاڍا عجيب آهن. هنن جهڙو ڪو ٻيو ٿئي، سا اڻ ٿيڻي آهي. رهندا پرڏيهه ۾ پر ڌنڌو ڪندا ڪنهن ٽئين ملڪ جي مال جو. دبئي ۾ پهرين چيني هوٽل کولي هئي ڪي ايم ڀاٽيا. ڏسو ته سهي، هڪ انڊين، رهي عرب ملڪ ۾ ۽ کولي چيني ريسٽوران! ان جي ڀيٽ ۾ هڪ جپاني جتي به ويندو، پنهنجي ملڪ جي شئي واپرائيندو.
هندوستان اڃا ڇپ جيڏن وڏن ريڊين مان ئي جان نه ڇڏائي هئي ته جپان مان ننڍڙا، وڻندڙ، صاف آواز وارا ٽرانزسٽر ريڊيا، جيڪي بيرڪ (Berec) يا ايوريڊي (Eveready) سيلن تي هلندا هئا، دبئيءَ جي مارڪيٽ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان ڪاهي پيا. ٽيليويزن اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو ۽ کيس مارڪيٽ ۾ پهچڻ لاءِ وقت گهربو هو. اهڙي وقت ۾ عام ماڻهوءَ جي تفريح جو اڪيلو ذريعو ريڊيو ئي هو. سرڪاري ريڊيو سروس ووڌيارتيءَ تان خبرون ۽ سنگيت ٻڌڻ لاءِ ماڻهو ريڊيو جو پاسو ئي ڪونه ڇڏيندا هئا. ڪرسين کي چهٽيا پيا هوندا هئا. ان کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندي هئي ريڊيو سلون جي “بناڪا گيت مالا”، جنهن ۾ نون هندي گيتن جو وڪري جي آڌار تي مقابلو ٿيندو هو ۽ جنهن کي مشهور ڪمپيئر امين سياني هر هفتي پيش ڪندو هو. ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي اهو پروگرام ٻڌندا هئا. ان ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ هرگز نه ٿيندو ته ننڍي کنڊ جي ٿڪل ٽٽل ۽ منورجن لاءِ اڃايل ماڻهن جي تفريح جو وسيلو فقط ۽ فقط ريڊيو هو. ان ڪري ٽرانزسٽرن جي گهرج ڪا جهڙي تهڙي ڪانه هئي، تمام گهڻي هئي.
هندوستان ان وقت چڱا ريڊيا ڪونه پئي ٺاهي سگهيو، ان ڪري ان کوٽ جو پورائو وري به دبئيءَ ڪيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ٻين گهڻين شين جيان ريديا به انڊيا ۾ هزارن جي انگ ۾ غير قانوني رستي کان پهچندا هئا.
جپان ۽ سندس ٺاهيل ريڊيا دبئيءَ جي مارڪيٽ ۾ وڏي ڌماڪي سان آيا، جن جو پهريون آرڊر هو هٽاچي جا ٻن بينڊن وارا 100 ٽرانزسٽر ريڊيا. دراصل اها انهن ٿورين ڪمپنين مان هڪ هئي، جنهن ٽيڪسٽائيل جي ڪاروبار مان هٽي ڪري اليڪٽرانڪ ۾ گهري دلچسپي ورتي. اهو ڪم ڪمپني پنهنجي ريزڪي دڪان ڪاسموس جي حوالي ڪيو. ٻيا جيڪي اليڪٽرانڪ جي ڌنڌي ۾ گهڙيا، انهن مان گهڻا ٽيڪسٽائيل جي ميدان ۾ ڪڏهن به ڪونه لٿا هئا.
الفتيم، جيڪي کاڌي جي شين جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ پوءِ موٽرڪارن جي واپار ۾ لڳي ويا، انهن پڻ عمان نيشنل اليڪٽرانڪس جي ذريعي اليڪٽرانڪ جو ڌنڌو شروع ڪيو. گورڌن ڀاٽيا “سونيءَ” سان واقفيت ڪرائي. سونيءَ جو نالو ايترو ته مشهور ٿيو جو گورڌن ڀاٽيا سونيءَ جي نالي سان سڃا پجڻ لڳو. ماڻهو چوندا ئي هئس گورڌن “سوني”. بحرين جا اشرف برادرس به سوني جا ڊيلر هئا، پر پوءِ اها ڊيلرشپ 1970ع ڌاري منو ڇاٻڙيا جي “جمبو” کي ملي. فلپس يورپين برانڊ هئي، پر گهڻي عرصي کان ماٺ هئي. سندس سرير ۾ ساهه ٻيهر تڏهن پيو، جڏهن ڪمپني وارن پنهنجي بيٺڪ وڃي چين ۾ ڪئي. اها برابر هاڻي الفاندي وٽ آهي. گاجريا برادرس، جن ڪڏهن به ٽيڪسٽائيل جو ڌنڌو ڪونه ڪيو، سي پهريون نيشنل ۽ پوءِ جي وي سي کڻي دبئي جي مارڪيٽ ۾ پهتا. نيشنل هاڻي عمان نيشنل وٽ آهي ۽ جي وي سي آخرڪار وڃي الشراوي وٽ پهتو. “سانيو” عاقل ارجمند ۽ اين “اي.سي.” محمد شريف بوخاش وارن وٽ آهي.
عقيل ارجائومند (Akil Arjoumand) جي طرفان سانيو (Sanyo)جي تمام گهڻي مارڪيٽ ٿي ۽ هاڻ ان جي الفتين(Al Futtain)طرفان به مارڪيٽ ٿي آهي. توڙي جو اين اِي سي(N.E.C) هڪ مشهور وکر/برانڊ آهي. پر اهو مارڪيٽ ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه ٺاهي نه سگهيو.
برٽش مال جي دبئي ۾ موجودگي پاءِ ريڊيو (Pye Radio) جي ڪري هئي، جنهن جي ايجنسي جشن مل وٽ هئي ۽ ان کانسواءِ بُش (Bush U.K.) پڻ مارڪيٽ ۾ مليو پئي. پر جپان سڄي مارڪيٽ تي ڇانئجي ويو. تازو هاڻي يورپين مال ٻيهر اچڻ شروع ٿيو آهي، پر ان جو سبب وچان ڪو ٻيو آهي، ٿيو هيئن آهي ته يورپين ڪمپنين پنهنجو ٺڪاڻو وڃي بنايو آهي ڏور-اوڀر جي ملڪن کي، جتي مزوري سستي آهي ۽ ڪم وارا ماڻهو به جام ملي ٿا وڃن. ان ڪري هاڻي سندن اگهه مقابلي جهڙو ٿي ويو آهي. ڇا به هجي، دبئي ۾ اليڪٽرانڪ مال جي ڀرمار تڏهن ٿي. جڏهن جپانين ريڊيو ڪئسيٽ پليئر مارڪيٽ ۾ آندو. نيون شيون هيون. خريدارن جا انبوهه لڳي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي کوڙ ماڊل اچي پهتا. ڪي هليا، ڪي پنهنجو موت مري ويا. جيڪڏهن منهنجي ياداشت صحيح آهي ته “نئشنل” جو هڪ ماڊل 543 آر.ڪيو. انڊيا جي ڪيرالا اسٽيٽ جي مليالي ماڻهن ۾ ايڏو ته پسند ڪيو ويو جو ان جو نالو ئي ملباري (ملبار-ڪيرالا جا رهاڪو) پئجي ويو. هرڪو مليالي وطن واپس ويندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ته پاڻ سان ضرور کڻيو ويندو. رڳو دبئي جي مارڪيٽ ۾ ان ماڊل جا پليئر ويهن لکن کان به وڌيڪ وڪاڻا. RXM 50 جا گذريل ڏهن سالن ۾ پندرهن لک داڻا وڪامي چڪا آهن.
روايتي ڏاهپ اهو ٿي ٻڌائي ته مارڪيٽ ۾ اوهان مال نٿا وڪڻو، خريدارن کي راءِ يا صلاح ٿا وڪڻو. کين پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پهرين کين ڳوليو، ڦولهيو، کوٽيو، ڄاڻو ۽ سڃاڻو. سندن سوچ کي پرکيو. توهان جي ٻڌايل شي لاءِ سندن رايو ڪهڙو آهي، ڇا ٿا چون، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ هڪ سيلز مين لاءِ تمام ضروري آهي. مارڪيٽ رڳو ڪنهن شي وڪڻڻ جو نالو ناهي. مارڪيٽنگ ۾ گراهڪ کي سهوليتون، فائدا ۽ سندن پئسي جو مُلهه وڪڻبو آهي. مٿيون ڳالهيون يورپ ۾ ته ڪارگر ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته گراهڪ سڀ پڙهيل لکيل آهن، پر دبئي جهڙيءَ روائتي مارڪيٽ ۾ انهن جو هلڻ مشڪل آهي. گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي ڏينهن ۾ اهو ممڪن نه هو. منهنجي خيال ۾ مارڪيٽ جي چال جي خيال کان دبئي ۾ ڪا گهڻي ڦيرڦار نه آئي آهي. اها ڳالهه مان عام ماڻهوءَ جي باري ۾ ڪري رهيو آهيان. پهرين ڏينهن ۾ گراهڪن جي گهڻائي مزور پيشي ۽ اڻ پڙهيلن جي هوندي هئي. انهن کي وکر جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏئي کين ان جون خوبيون ٻڌائڻ بيسود هو. وڪرو ڪندڙ کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو ڪونه پوندو هو. ڇو ته گراهڪ دڪان تي چڙهڻ کان اڳ ئي فيصلو ڪري ايندو هو، ته کيس ڇا وٺڻو آهي. ان ڪري دبئي جي ڪاروباري مارڪيٽ ۾ سمورو زور هوندو هو گراهڪ جي مرضي ڄاڻڻ تي ته کيس ڇا گهرجي. ڪمپني جي يا وکر جي واکاڻ ڪرڻ يا سامان جا گُڻ ٻڌائڻ يا گراهڪ کي اهو چوڻ ته تون هي نه وٺ هو وٺ، سڀ اجايو ۽ وقت جو زيان هو. جيڪڏهن گراهڪ کي مٿي ۾ اهو خيال ويهي ويو ته فلاڻي يا فلاڻي شيءِ منهنجي دوستن يا مائٽن کي ڪونه وڻندي، ته توهان ڀلي ته مٿو ڦاڙي بيهو، هو اها شي ڪنهن به قيمت تي ڪونه وٺندو. ان ڪري اهڙي موقعي تي ماٺڙي ڪري گراهڪ جي ڳالهه ٻڌبي هئي، ڇو ته هن به اها ڳالهه ٻين کان ٻُڌي هوندي. هو توهان جي ڳالهه کي وزن ئي ڪونه ڏيندو.
پر هنن اڻ پڙهيل ۽ پورهيت ماڻهن کي ڏوهه ڇو ڏجي؟ ريسرچ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا جهڙي سڌريل ملڪ ۾ به سراسري 40 سيڪڙو ماڻهو ڪا به خريداري ڪرڻ کان اڳ دوستن ۽ ڪٽنب جي ڀاتين کان راءِ ضرور وٺندا آهن. سو، جهڙي طرح ڪپڙي لٽي وٺڻ وقت گراهڪ ماڻهن کان ٻڌيءَ سُڌيءَ تي خريداري ڪندا هئا، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۾ به هوبهو ائين ٿيو. دبئي کان ننڍي کنڊ ڏانهن خريداري ڪري ويندڙ گهڻو ڪري سڀ ماڻهو هڪ ٻئي جي ٻُڌل ڳالهين تي لڳي مال وٺندا هئا. دبئي جي هوائي اڏي جي واڌ، هوائي اڏامن ۾ اضافو ۽ مزور طبقي جي گهڻي اچ وڃ، انهن سڀني ڳالهين گڏجي سڏجي دبئي جي تڪڙي ترقي ۾ حصو ورتو. جيئن اڳ دبئي کان ويندڙ مزور پاڻ سان گهروارن جي لاءِ ڪپڙو ضرور کڻي ويندا هئا، اهڙيءَ ريت هاڻي وري ڪانه ڪا اليڪٽرانڪ جي شيءِ وٺڻ لڳا.
دبئي جي اليڪٽرانڪ مارڪيٽ کي 1986ع ۾ ٿيندڙ ايشين گيمز به وڏي مدد ڏني. هندستان ۾ ٽي وي چئنلن رنگين پروگرامن ذريعي اهي رانديون سڌيون سَنيون ٽيليڪاسٽ ڪيون. شهرن ۾ ته ٺهيو، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ رهندڙ ماڻهن به اهي پروگرام ڏٺا. ان موقعي تي هزارين ٽيليويزن سيٽ وڪامي ويا. ڏکيائي رڳو اها ئي ٿي ته ٽي وي ٺاهيندڙ ڪمپنيون هيون ٻه يا ٽي، ۽ گهر هئي تمام گهڻي. ڪمپنين پنهنجي پاران ڪين گهٽايو، پر پوءِ به ان اوچتيءَ گهرج کي منهن ڏئي نه سگهيون. سپلاءِ ٿوري، وٺ وٺان گهڻي. جن کي ٽي وي سيٽ مليا، سي ڀاڳن وارا ليکيا ويا، ٻين چڱن ڀلن معتبر ماڻهن پنهنجا نالا انتظار ڪندڙن جي لسٽ ۾ لکائي ڇڏيا. ننڍيءَ وڏيءَ سفارش ڪم نه ڪيو ته وزيرن پاران چٺيون چپاٽيون اچڻ لڳيون. ماڻهو اصل هٿن کان پئي نڪتا. اها حالت ڏسي، ان وقت جي پرائيم منسٽر اندرا گانڌيءَ ڪلر ٽيليويزن سيٽن امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهڙي طرح “سوني” هندستاني مارڪيٽ ۾ وڏي زور شور سان داخل ٿي ۽ ٿوري ئي وقت اندر هر گهر ۾ سوني نظر اچڻ لڳو. “جمبو” جي ته سائينءَ کڻي سڻائي ڪئي. اڳي ڇڙو نالو “جمبو” هوس، هاڻي ته سچ پچ دبئي جو جمبو ٿي پيو.
اليڪٽرانڪ مارڪيٽ کڻي ڪيڏو به وڌيو، پر ٽيڪسٽائيل تي اثر ڪونه پيو. ٽيڪسٽائيل پنهنجي جاءِ تي ڄمي رهي. اليڪٽرانڪ ۽ ٽيڪسٽائيل هڪ ٻئي سان گڏجي مارڪيٽ ونڊيندا رهيا. ٻنهي جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ڪافي جڳهه موجود هئي. اليڪٽرانڪ جي سرسي 1990ع تائين قائم رهي، پر اڄ به توهان کي ڪيترا مسافر دبئي ايئرپورٽ تي اهڙا ملندا، جن جي هٿن ۾ ڪا نه ڪا اليڪٽرانڪ شئي ضرور هوندي.
جڏهن هندستاني سرڪار ارٿ ويسٿا کي آزادي ڏيڻ شروع ڪئي ۽ آمدني واپاري لڳل بندشون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن ان جو اثر هڪدم دبئيءَ ۾ محسوس ڪيو ويو. مشهور ڪمپني جو اڇو سامان، جهڙوڪ ريفريجريٽر، مائڪرو ويو اوون، واشنگ مشينون، وي سي آر ۽ ميوزڪ سسٽم آسانيءَ سان هندستان جي وستيءَ واهڻ ۾ ملڻ لڳو. ان جي نتيجي ۾ اهڙين شين جو دبئي ۾ وڪرو پنجاهه سيڪڙو ڪري پيو.
کڻي ڇا به ٿئي، منهنجي خيال ۾ دبئي جي اهميت گهٽبي ڪانه، ڇو ته دبئي جو مارڪيٽ نئين سوچ رکندڙ مارڪيٽ آهي. ڀلي ته هندوستان ٻاهران ايندڙ مال تان سموريون پابنديون لاهي ڇڏي، تڏهن به دبئي روزمره جي واهپي جي شين جو مرڪز رهندو ۽ پنهنجو ڪردار پنهنجي قدبت آهر ادا ڪندو رهندو. ڪنهن به پروڊڪٽ کي وڏي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچڻ لاءِ وقت درڪار آهي. گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ اوتري سپلاءِ جي به ضرورت پوندي آهي. اها ڏاڍي ڏکي صورتحال هوندي آهي، جڏهن ڪا نئين چيز مارڪيٽ ۾ اچي ۽ توهان کي ڄاڻ نه هجي ته هن جي آئو ڀڳت ڪيئن ٿيندي. ماڻهو پسند ڪندا، ناپسند ڪندا يا وچٿرا رهندا. اهڙي حالت ۾ ڪوبه ڊيلر وڏو آرڊر ڏيڻ جو جوکو سر تي کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جيتوڻيڪ گهُر تمام گهڻي هوندي، پر نئين شي جي سپلاءِ هميشه گهٽ ٿيندي. ان ڪري هميشه وچ ۾ خال رهڻ جو ڊپ رهندو آهي. دبئي ڇاڪاڻ ته هندستان کي ويجهي آهي، ان ڪري هوءَ اهڙي ڪنهن به خال کي ڀرڻ لاءِ ڪنهن به اوچي اليڪٽرانڪ مال جي گدام طور ڪم اچي سگهي ٿي. کوٽ ٿي ناهي، دبئيءَ منجهان مال پهتو ناهي.
ننڍي کنڊ جي هاڻوڪيءَ مارڪيٽ جي صورتحال کي جاچيندي، دبئي مارڪيٽ هاڻي هر ڏٺل وائٺل شي جي بجاءِ گهٽ روايتي ۽ نين شين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ان تبديليءَ پاڻ سان گڏ ڪي چئلينج پڻ آندا آهن. آءِ.ٽي. سان واهپو رکندڙ مال اڄ ڪلهه جي ضرورت به آهي ته فيشن پڻ. آءِ.ٽي. ۾ جيڪا نواڻ اچي ٿي تنهن جو واسطو سڌو سنئون رفتار سان آهي ۽ رفتار تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون هر روز ڪا نه ڪا نئين شي مارڪيٽ ۾ آڻين ٿيون. جهڙي ريت گرم گرم ڪيڪ بيڪريءَ تي تڪڙا تڪڙا وڪامندا آهن، اهڙي طرح آءِ. ٽي. جو سامان به هر روز هٿون هٿ کڄي ٿو وڃي. اڄوڪو مال سڀاڻي تائين پراڻو ٿي ويندو ۽ سڀاڻي جو مال شايد پرينهن تائين ڪم جو نه رهي. واپارين کي ان تيز رفتاريءَ سان نباهه ڪرڻو آهي. اهي ڏينهن ويا، جڏهن مال اڄ وڪاميو ته سڀاڻي نه، ته پرينهنءَ ته ضرور وڪامبو.
ها، اهو زمانو به هو. هاڻي انهن ڏينهن کي صرف ياد ئي ڪري سگهجي ٿو، موٽائي نٿو سگهي. 50 ۽ 60 ۽ 70 وارا ڏهاڪا هاڻي ماضي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪا. انهن ڏينهن ۾ مارڪيٽ ڏاڍو سولو، فرحت وارو ۽ دوستاڻو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه هئي واپارين جو پاڻ ۾ ڀائپيءَ، پيار ۽ پنهنجائپ وارو رشتو.
ڌنڌي جو ٽائيم پورو ٿيندي ئي، جهونا واپاري ڪنهن مقرر جاءِ تي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ گڏجي رات جي ماني تيار ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مارڪيٽ هاڻي جيان دير تائين ڪونه کليل ڪونه رهندو هو. سج لٿي ئي هرڪو دڪان کي تالو هڻي وڃي گهر ڀيڙو ٿيندو هو.
ڳالهه پئي ڪيم سينيئر واپارين جي، جيڪي ڪم ڪار کان واندا ٿي رات جو سڀئي گڏجي کاڌو ٺاهيندا هئا. هر ڪم پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. ڪنهن کي به ڪو اڻ وڻندڙ ڪم ڪندي عار ڪونه ٿيندو هو. جن ۾ بورچيگيري جا ڪي گُڻ هئا، سي بيهندا هئا چُلهه جي مٿان ۽ ٻيا وري سندن مدد ۾ لڳي ويندا هئا. هڪڙا ڀاڄيون وڍيندا هئا، ٻيا برتن ڌوئيندا هئا. مطلب ته جنهن کي جيڪو هنر ايندو هو، سو بنا شرم حجاب ڪري ڏيکاريندا هئا. گهر ڀاتين کان پري رهڻ ڪري ڪي بزنيس مين ته ٺاهوڪا بورچي بنجي پيا هئا. ايترو ڪجهه سکڻ لاءِ هنن جيڪي ٻين تي وئل وهايا هوندا، سا خبر ته ڪو ئي کانئن پُڇي. ڪڏهن لوڻ وڌيڪ ته ڪڏهن مرچ جياستي. يارن جو پاڻيءَ تي زور!
شامون هونديون هيون ڪچهريءَ ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ جي حوالي. ڌنڌي جون ڳالهيون رهيون دڪان تي. مارڪيٽ جا مقابلا مارڪيٽ ۾ کاڌي تي اگهه پار، ڪاروبار يا ڌنڌي ڌاڙي جي ڳالهه نه هلندي هئي.
هفتي جي پڄاڻيءَ تي موڪل ٿيندي هئي ۽ اسان کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملندو هو. ڪي فئملين وارا ۽ سندن ويجها دوست گڏجي ڪڏهن خوانيج (دبئي) ۾ يا ظائد يا راس الخيما يا ڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڏينهن گذاري ايندا هئا.
راس الخيما ڏانهن مڙئي سرس ماڻهو ويندا هئا، ڇو ته اتي پاڻي جام هوندو هو. دبئي ۾ پاڻيءَ جي چويهه ئي ڪلاڪ کوٽ رهندي هئي. ڪن مقامي شهرين کي فارم هائوس هوندا هئا، جي اسان پارن پرڏيهين کي ڏينهن اڌ لاءِ ڏيندي ڪونه ڪيٻائيندا هئا، بلڪ دوستيءَ جو حق سمجهي خوشي سان ڏيندا هئا. فارم هائوس جا نوڪر چاڪر ۽ ٻيو عملو به مهمانن جي خدمت لاءِ سندن حوالي رهندو هو.
موڪل جا ڏينهن ڏاڍي مزي سان گذرندا هئا. آرام ڪندا هئاسين. فون ڪونه هو، ان ڪري دنيا کان ڪٽيل هوندا هئاسين. اڪثر اسان جا اهي دوست جيڪي اُتان جا اصل رهاڪو هئا، اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا. ساڻن گڏ سمنڊ ۾ مڇيون ماريندا هئاسين. فارم هائوس جو بورچي اهي مڇيون رڌي اسان کي کارائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مڇيون پڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ئي پچائيندا هئاسين. گاني بجاني ۾ هرڪو ساٿ ڏيندو هو. مستيءَ ۾ اچي جهمر به هڻندا هئاسين. هڪڙو يار جيڪو اهڙن موقعن تي سدائين اسان سان گڏ هوندو هو ۽ پنهنجين ڳالهين، چرچن ۽ راڳ سان وندرائيندو هو، تنهن جو نالو هو سُرور. ٻيا جيڪي ههڙن موڪل جي ڏينهن کي يادگار بنائيندا هئا، تن ۾ عمران شمسي، جاسم ال مدفا، احمد ال مدفا ۽ جاسم ال ادي شامل هئا.
انهن ڏينهن ۾ واپاري طبقو گهڻو ڪونه هو. سندن گهرجون به پوريون ساريون هيون ۽ زندگي سک چين واري هئي. مارڪيٽ جي ماڻهن ۾ به انسانيت ۽ خلوص هو. جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو ته هڪدم دڪان بند ٿي ويندا هئا. نه رڳو سوڳ ۾، پر ان لاءِ به ته هر ڪو وڃي ڪريا ڪرم يا ڪفن دفن جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي. جي سرڳواسي هندو هوندو هو ته ڪميونٽيءَ جا ماڻهو انساني زنجير بنائي سمنڊ ڪناري ٿي بيهندا هئا ته جيئن سمنڊ جي پاڻي جو باسڻ وڌائي، هڪ ٻئي کي ڏيندا، شمشان تائين پهچائي سگهن. لاچاري هئي، دبئي ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري ائين ڪرڻو پوندو هو.
اليڪٽرانڪ جي ميدان ۾ جپان پنهنجين شين کي گهڻي قدر سڌاري ويو. ائين ڪرڻ لاءِ هن کي “ابتي انجنيئرنگ” (Reverse, Engineering) جي ترڪيب استعمال ڪرڻي پئي. هنن ڇا ڪيو جو يورپ مان ايندڙ لوڪ پريه مال کي کولي، چڱي طرح ان جي ٽيڪنيڪ کي جاچي، ٻيهر جوڙڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح کين خبر پئجي وئي ته اهو مال ڪهڙي ريت ٺاهيو ويو هو ۽ اهو ڪهڙي طرح ڪم ڪندو هو. جپاني ڏاڍا محنتي ۽ هوشيار ڪاريگر آهن. يورپي سامان جي ترڪيب هڪ دفعو سمجهي ورتائون ته پوءِ کين ان کان به سٺي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان جهڙي شي ٺاهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي هئي. کين ڪو جهلڻ پلڻ وارو به ڪونه هو. ڪو غلط ڪم به ڪونه پئي ڪيائون. انڊسٽري ۾ “ابتي انجنيئرنگ” جي منع ناهي. نئين سر ڪا ترڪيب ٺاهڻ يا ڪا نئين ايجاد ڪرڻ کان ته چڱو آهي ته ٻين جي ايجاد کي نظر ۾ رکي ان جهڙي يا ان کان وڌيڪ سُڌريل شي ٺاهي ڇڏجي.
جپانين هڪ ٻيو به واڌارو ڪيو. ڪوالٽيءَ کي سڌارڻ جو بلڪل نئون طريقو ٺاهيائون. هر ڪارخانيدار پنهنجي ڪل ڪمائيءَ جو اٽڪل ست سيڪڙو پاسي ڪري رکندو هو ته جيئن ان سموريءَ رقم کي ملائي پنهنجي انڊسٽري ۾ ٺهندڙ مال جي جاچ جوچ ۽ واڌاري (Research and Development) تي لڳائي سگهجي. جيڪڏهن مثال طور ڪا شي گراهڪ کي 1000 درهمن ۾ ڏبي هئي ته ان منجهان 70 درهم پنهنجو پاڻ آر ۽ ڊي جي کاتي ۾ جمع ٿي ويندا هئا.
هڪ دفعو ڪا پروڊڪٽ ٺيڪ نموني جڙي وئي ته پوءِ ان کي آر ۽ ڊي جي وڌيڪ گهرج نه پوندي هئي. اها رقم پوءِ آر ۽ ڊي مان ڪڍي، پروڊڪٽ جي قيمت مان ڪٽي ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت ان شي جو اگهه گهٽجي ويندو هو.
جپان ۾ هر ڪمپني کي هڪ ماهرن جي ڪميٽي ۽ هڪ آر ۽ ڊي کاتو ضرور هوندو آهي. ڪڏهن پاڻ کان پُڇيو اٿئون ته ان قسم جا بندوبست هندستان يا هن علائقي جي ٻين ڪهڙين ڪمپنين وٽ آهن؟ آهي ڪا هڪ به اهڙي وڏي يا ننڍي ڪمپني جيڪا ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر مال موڪليندي هجي ۽ وٽس اهڙا فنڊ موجود هجن؟
ان سڄي واڌاري واري سلسلي ۾ جپاني سرڪار جو تمام وڏو هٿ هو. سرڪار پنهنجي ڪارخانيدارن کي ڪڏهن به سهائتا طور گهٽ اگهه وصول ڪرڻ کي ڪونه همٿايو. مورڳو سامان جي معيار تي سخت چوڪسي رکي ۽ هر هڪ ڪارخانيدار لاءِ لازمي ٺهرايو ته هو پنهنجي ٺاهيل مال جو گهٽ ۾ گهٽ ويهه سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪري. ڪارخانيدار ته ٺهيو، هارين نارين کي به پئسي ڏوڪڙ جي رعايت نه ملندي هئي ۽ نه وري کين ٽئڪس ۾ ڪا ڇوٽ ڏني ويندي هئي. ها، سرڪار ايترو ضرور ڪندي هئي جو هارين کان سندن اُپايل يا ٺاهيل شين کي مناسب اگهه تي خريدي وٺندي هئي ته جيئن سندن همٿ افزائي ٿيندي رهي. جڏهن ڪارخانيدار کي ڪا سرڪاري رعايت نه ملندي هئي ته هو پنهنجو مال انٽرنيشنل اگهه تي نيڪال ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندو هو. ائين ڪرڻ لاءِ مال جو معيار به انٽرنيشنل سطح جو هئڻ ضروري هو. اهو ڪارخانيدار جو ڪم هو ته هو پنهنجي مال جي ڪوالٽي ڪِرڻ نه ڏئي، بلڪ ان ۾ سڌارو آڻيندو رهي. وچيون ڪوئي رستو ڪونه هو.
جيڪڏهن ڪو ڪارخانيدار انٽرنيشنل معيار ۽ اگهه برقرار رکي نه سگهندو هو ته هن لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه بچندو هو، سواءِ ان جي ته پنهنجي کوٽ ٽوٽ جو بار پنهنجي ملڪ جي خريدارن تي وجهي. ڪوبه ڪارخانيدار ان قسم جو قدم کڻڻ لاءِ ڏهه ڀيرا سوچيندو هو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي ئي ملڪ ۾ بدنام ٿي وڃي ها.
ان ڪري ڪمپنيون پنهنجي پيداوار جو معيار سڌارڻ لاءِ مجبور هيون. سچ پچ جپاني سرڪار جي اها ڏاڍي هوشياريءَ جهڙي پاليسي هئي جنهن وسيلي هو پنهنجي انڊسٽريءَ کي صاف سٿرو رکي ٿي سگهي. جپاني ڪارخانيدار پنهنجي پيداوار جي قيمت وڌائي ڄاڻائڻ جي اٽڪل به ڄاڻندا هئا. مثال طور، هو سرڪاري طور ڪنهن شي جي قيمت 200 ڊالر ٻڌائيندا هئا، پران جي سچي پچي وڪري جي قيمت 170 ڊالر هوندي هئي. انهن واڌو 30 ڊالرن جو حساب هو ڌار رکندا هئا. پر اهو هڪ الڳ داستان آهي. هاڻي مٿئين ڳالهه کي اچو ته هندستاني مثال سان ڀيٽيون. انڊيا کي به پنهنجي هڪ ايڪسپورٽ پاليسي هئي، پر هندستاني سرڪار ڪارخانيدارن کي مالي مدد ڏئي سندن خرچ جو پورائو ڪندي هئي ته جيئن اهو مال مناسب اگهه تي پرڏيهه روانو ڪري سگهجي. هت اها ڳالهه ڳنڍ سان ٻڌڻ جهڙي آهي ته جتي سرڪاري امداد ملندي، اتي سڌارو اچڻ مشڪل آهي. اهڙيون امدادون سرڪار کي ٺڳڻ جو سٺو بهانو بنجي وينديون آهن. ڪارخانيدار پنهنجين بنايل شين جي لاڳت ڄاڻي ٻجهي وڌيڪ ڄاڻائي، ايڪسپورٽ جي بهاني امداد وٺي، پنهنجو مال سمنڊ ۾ ٻوڙي، ٻانهن سيراندي ڪري وڃي سمهي رهندا هئا. ٻاهرينءَ چٽاڀيٽيءَ واري مارڪيٽ ۾ مال وڪڻڻ کان سواءِ، مفت ۾ انعام وٺڻ انهيءَ کي چئبو آهي. حقيقت اها آهي ته سخت مقابلي ۽ لاهن چاڙهن واري مارڪيٽ ۾ جپان جي سرسي گهڻا ڏينهن جٽاءُ ڪري نه سگهي. اڄ جپان هوبهو ساڳيءَ صورتحال ۾ آهي، جهڙيءَ پوزيشن ۾ ان وقت آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنيون هيون، جڏهن جپان مارڪيٽ ۾ قدم رکڻ لاءِ پنهنجون راهون پئي جوڙيون. مقامي مزورن جا خرچ ايترا ته وڌي ويا جو جپاني پيداوار وڌيڪ مهانگي ٿي وئي هئي. پر جپاني نه ڊنا، نه گهٻرايا، نه ميدان ڇڏي ويا. هنن پنهنجو دماغ ٿڌو رکيو. جڏهن ڏٺائون ته مارڪيٽ سندن فائدي ۾ نه رهيو آهي، تڏهن پنهنجي پيداواري ڪارخانن کي پاسن وارن ملڪن تائين ڦهلائي ڇڏيائون. اُتي کين ڄاڻو مزور وڏي تعداد ۾ ۽ سستا ملي ويا. اهڙي ريت سندن بنايل مال جي قيمت گهٽجي وئي. شروعات ۾ هنن ڪوريا ۽ تائيوان ۾ ڪارخانا لڳايا ۽ پوءِ ملائيشيا تائين به پُڄي ويا. هنن پنهنجي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو. يورپين ڪارخانيدارن ائين ڪونه ڪيو هو، ان ڪري جپان هٿان ڌڪ کائي ويا. جپان وڏي ڏاهپ کان ڪم وٺي، سستي مزوريءَ وارن ملڪن ۾ پيداوار شروع ڪري، اگهن کي حد اندر رکيو ۽ مارڪيٽ کي هٿان وڃڻ نه ڏنو.
ٻي دلچسپ ڳالهه جيڪا ڌيان لهڻي، سا هيءَ هئي ته جن ملڪن کي جپان پنهنجيءَ اُپت لاءِ چونڊيو، انهن ملڪن ٻيو ته ٺهيو رڳو روزگار ملڻ جي حد تائين ڪيترو فائدو ورتو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايترا سارا ماڻهو جيڪي اڳ بي روزگاريءَ جو شڪار هئا ۽ ملڪ مٿان بار هئا، سي ڪم ڪار سان لڳي ويا. سندن ملڪن جي مالي حالت سڌري وئي ۽ ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، منجهن خوشحالي اچي وئي. پر هاڻي انهن مان گهڻا ملڪ جپاني ڪارخانيدارن لاءِ رڳو روزگار ڏيڻ جا مرڪز وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن اُن ڳالهه تي ٿورو ويچار ڪبو ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته انهن ملڪن جي مالي حالت توڙي سموري آرٿ ويسٿا وڃي جپانين جي هٿ ۾ رهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به گهڙيءَ جپاني ڪارخانيدارن اهو فيصلو ڪيو ته فلاڻي يا فلاڻي ملڪ ۾ مزوري وڌيڪ سستي آهي، ته هو دير ئي نه ڪندا، ٽپڙ ويڙهي اوڏانهن هليا ويندا. پوءِ هِنن ويچارن ملڪن جو ڇا ٿيندو؟ سندن ته الهه تلهه ناس ٿي ويندو ۽ سندن اَرٿ ويسٿا ۾ اهڙو ابتو ڦيرو ايندو جو دنيا ڏندين آڱريون ڏيندي.
مٿين ڄاڻايل ملڪن مان رڳو ڪوريا هئي، جنهن جپاني مال پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ڪندي، سندن ٽلون ۽ اٽڪلون سکي ورتيون ۽ پنهنجي نالي سان انهن جهڙو مال به ٺاهڻ لڳا. دراصل جڏهن جپان جي عرض تي ڪوريا جي سرڪار جپاني ڪارخانيدارن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪارخانا لڳائڻ جي اجازت ڏني، تڏهن ڪيترين ئي ڪورين ان فيصلي جي نندا ڪئي هئي. ان جو هڪڙو سبب اهو به هو ته ڪوريا ۾ جپانين کي پسند ڪونه ڪيو ويندو هو، ڇو ته جنگ ۾ جپانين ڪوريا سان سٺو سلوڪ ڪونه ڪيو هو. پر سياسي طور اهو فيصلو درست هو ۽ مالي طور به منجهس چڱائي نظر آئي. وڏي ڳالهه اها ته جپانين جي اچڻ ڪري ڪوريا واسين کي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي تمام گهڻي ڄاڻ ملي، جيڪا شايد ٻيءَ صورت ۾ کين بنهه ڪانه ملي ها.
ڪوريا جلد ئي پنهنجا برانڊ تيار ڪري ورتا، جهڙوڪ سامسنگ، گولڊ اسٽار (ايل جي)، ڊائيوو، هنڊائي وغيره. پئسو ايندي ئي ملڪ سرهو ٿي پيو. سماجي طور به ڏوڪڙن ملڻ کان پوءِ ماڻهن جي رهڻ سهڻ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. ان ڪري سندن مزوري به مهانگي ٿي وئي. پر ڪوريا وارا به جپانين جا سيکاريل پڙهايل هئا. هنن به پنهنجن استادن وانگر دير ئي نه ڪئي. هڪدم اهڙا ملڪ ڳولي لڌائون، جتي جو مزور کانئن گهٽ اجوري تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجي. جتي جتي پير ڦٻين، بسترو ويڙهي وڃي اتي پهتا. اڄ دنيا ۾ ڪوريا جي ڀل ڀلان آهي. سندن نالو ٿو وڪامي. هندستان ۾ به ڪوريا پنهنجا پيداواري يونٽ لڳايا آهن. هتي به سندن وڏو مارڪيٽ پيدا ٿي چڪو آهي.
ڪنهن به پيداواري ڪمپني لاءِ پنهنجي اُپت جي “برانڊ” کي مشهور ڪرڻ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي. برانڊ جي ساک جو ڌاڪو وڳو ته سمجهو ته ٻيڙا ئي پار ٿيا. گهڻيون ڪمپنيون پنهنجي برانڊ کي عام ماڻهن جي ذهن ۾ پڪو پختو اڪوري ڇڏڻ لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙينديون آهن. کين خبر آهي ته عام جنتا نالي مٿان مرندي آهي. مثال طور، ٿورو اڳ مون ٻڌايو هوته نئشنل ڪمپني فقط دبئي جي مارڪيٽ ۾ 345 ملين (پنجٽيهه لک) ريڊيو ڪئسيٽ وڪرو ڪيا هئا. اڻ پڙهيل پرڏيهي مزورن جي لاءِ ريڊيو ڪئسيٽ جو نالو ئي “نئشنل” ٿي پيو. دوڪاندار کي ريڊيو ڪئسيٽ ڏيکارڻ بجاءِ چوندا ئي هئا ته اسان کي نئشنل ڏيکار. ائين ناهي ته ان وقت نئشنل کان وڌيڪ سٺيون ڪا ريڊيو ڪئسيٽ مارڪيٽ ۾ ڪانه هئي. هيون، گهڻيون هيون ۽ اڌو اڌ قيمت جيتري سستيون به هيون، پر ماڻهن جي مٿي ۾ جنهن برانڊ جو نالو ويٺو سو ويٺو.
اڄ به اها ئي حالت آهي. مارڪيٽ جو وايومنڊل ڪافي سڌري ويو آهي، پر برانڊ سان لڳاءُ اڄ به ساڳيو ئي آهي. خريدارن جي ذهن ۾ ڪنهن ڪنهن پراڊڪٽ جو برانڊ نالو سندس اصلي نالي جي بدران هميشه لاءِ ويهي ويندو آهي. ماڻهو اڄ به فوٽوڪاپي ڪرائڻ ويندا آهن ته چوندا آهن ته زيراڪس ڪري ڏيو. “زيراڪس” (Zerox) فوٽو ڪاپيئر ڪمپني جو برانڊ نالو آهي. اهڙيون يا ان کان به سٺيون ڪمپنيون ٻيون به ڪيتريون ئي مارڪيٽ ۾ موجود آهن، پر زيراڪس ماڻهن جي زبان تي چڙهي ويو آهي. اهڙي طرح “فلاسڪ” کي ماڻهو اڄ به “ٿرماس” چوندا آهن، جيڪو برانڊ نالو آهي.
ڌار ڌار شيون جدا جدا ملڪن ۾ مشهوري ماڻينديون آهن. ڪمپنيون وري انهيءَ مشهوري جو فائدو وٺندي، پنهنجي مارڪيٽ جي رٿابندي ڪنديون آهن. مثال طور، سونيءَ ۽ هٽاچيءَ جي ٺاهيندڙن ڪجهه سالن کان انٽرنيشنل گارنٽيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن ته جيئن پرڏيهه مان پنهنجي ملڪ موٽندڙ ماڻهن کي ويساهه ڏيکاري سگهجي ته سندن ٺاهيل سامان ۾ ڪا به خرابي ٿي ته هو ڪٿي به ان کي ٺهرائي يا بدلائي سگهن ٿا. هٽاچي جي گارنٽي ڪيرالا جي هندستاني مارڪيٽ لاءِ جاري ڪئي وئي، جتي گراهڪ وڪري کان پوءِ سروس جي سهوليت آساني سان حاصل ڪري سگهندا. “برانڊ” ڪنهن به پيداوار کي ٻين ڪمپنين جي ساڳئي قسم جي ٺاهيل مال کان ڌار سڃاڻپ جو ڏنل نالو آهي. اهڙي طرح ڪي ڪمپنيون وري ڪا علامت (Symbol) پڻ استعمال ڪنديون آهن. علامت نشاني (Symbol)، ڪوچتر (Logo)، ٽريڊ مارڪ يا انوکي بئنڪنگ جي شڪل ۾ به ٿي سگهي ٿي. برانڊ جي آئيڊيا آهي هڪ انوکو تعلق يا واسطو پيدا ڪرڻ. اهي واسطا ۽ ويجهڙايون پيدا ڪرڻ لاءِ پراڊڪٽ جون خوبيون وڌائي چڙهائي بيان ڪيون وينديون آهن، جهڙوڪ ڪوالٽي، نالو ۽ ٻيون ڳالهيون.
برانڊ جو تصور پيدا ڪرڻ جو مکيه سبب آهي قيمت جي اهميت کي گهٽائڻ. برانڊ خريدار جو ڌيان اگهه تان هٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. خريدار جڏهن ڪنهن مشهور برانڊ کي ڏسي ٿو ته قيمت ۾ ٿوري گهڻي گهٽ وڌائيءَ جي ڳڻتي نٿو ڪري. جيڪي ماڻهو ڪنهن خاص برانڊ جا عادي ٿي ويندا آهن، اهي هر قيمت تي اها ئي برانڊ خريد ڪندا رهندا.
سو جپان جيان ڪوريان به اهڙو مثال آهي، جنهن کي هندستان يا ان جهڙا ٻيا ملڪ نظر ۾ رکن ته چڱو. جيڪڏهن ڪوريا پنهنجا برانڊ ٺاهي سگهي ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ وڪڻي سگهي ٿي، ته پوءِ هندستان کي ائين ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ انڊيا وٽ ته ويتر وڌيڪ تربيت ورتل، تجربيڪار ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهو موجود آهن. جيڪڏهن انڊيا هن وقت پنهنجا برانڊ نٿي ٺاهي سگهي، ته پوءِ کيس به ٻين ڏور-ايشيائي ملڪن وانگر سستي روزگار جي پڙي ٿي رهڻو پوندو.
ائين به ناهي ته ڪو هندستاني سرمائيڪارن جپان وانگر ٻين جي پيداوار جو هوبهو نقل نه ڪيو آهي. سچ ته اهو آهي ته ٻين ملڪن جي پراڊڪٽس جي نقل سان سڄو هندستاني مارڪيٽ سٿيو پيو آهي. پر وڏو تفاوت اهو آهي ته هندستاني سامان لڳاتار گهٽ معياري ۽ اڻ وڻندڙ پئي رهيو آهي، ڇو ته اُتي سچي پچي آر ۽ ڊي جي کوٽ آهي، ان ڪري منجهس سڌاري جي کوٽ آهي. جپانين جنهن نموني محنت ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو آهي، اها ڪمي انڊيا ۾ محسوس ٿيندي پئي رهي آهي. ڪا پبلڪ پاليسي اهڙي ٺهڻ گهرجي ها جيڪا ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جي سهائتا ڪري کين همٿائي ها ته جيڪر اڄ نقشو ئي بدليل هجي ها. روزمره جي شين کي کڻي ڇڏيو، انڊيا رڳو پنهنجي کاڌي جي انڊسٽري کڻي ائين سڌاري ها، جيئن آمريڪن سڌاري آهي. پيزا-هٽ ۽ ميڪڊانلڊ وانگر هت به ديسي طرز جا فاسٽ فوڊ ڏاڍا پسند ڪيا وڃن ها. هندستاني ديسي کاڌن، جهڙوڪ “اڊلي” ۽ “ڊوسا” کي سڄي دنيا ۾ ايتري ئي شهرت ملي ها، جيتري ميڪڊانلڊ ۽ ڪي ايف سي کي ملي آهي. ملڪ ۾ ترتيب ورتل ۽ تجربيڪار ماڻهو موجود آهن، انهن کي اڳيان ڪري دنيا ۾ اهي هنڌ ڳولي سگهجن ٿا. جتي اسان پنهجي پير کوڙي سگهون.
ان سلسلي ۾ ياد رکڻ گهرجي ته جپان جڏهن پنهنجي ترقي جي راهه تي پهرين وک رکي، تڏهن سندس حال اسان کان به خراب هو. وٽس قدرتي وسيلا ته هئا ئي ڪونه. هنن جي جيڪڏهن ڪا دولت هئي ته اهي هئا سندن پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو ماڻهو. هندستان ۾ انڊسٽري توڙي انساني ترقيءَ کي سياستدانن پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو آهي. مقامي سياسي نيتائن (اڳواڻن) کي ايتري سمجهه ناهي جو پنهنجي نڪ کان اڳتي ڏسي سگهن. سندن اکين تي نفرت ۽ تعصب جا کوپا چڙهيل آهن. هو ڏسن ٿا ته صرف ۽صرف پنهنجو فائدو، ان کان وڌيڪ نه کين گهرج آهي، نه ڳڻتي. هن ملڪ سان اها ئي ويڌن آهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊسٽري اهڙيءَ جڳهه تي لڳائي پئي وڃي، جيڪا پري هئڻ سان گڏ مهانگي به آهي ۽ اتان کان مارڪيٽنگ ڪرڻ ڏکيو ڪم به آهي.
فيڪٽري لڳائڻ لاءِ جڳهه جي چونڊ، ٽيڪنالاجي توڙي ڪارخاني جي سائيز وغيرهه جو فيصلو خود فيڪٽري لڳائيندڙ جي هٿن ۾ هئڻ گهرجي. هت ته اهي سڀ بنيادي فيصلا، ويندي پيداوار جو اگهه مقرر ڪرڻ به اهي سياستدانن ۽ سرڪاري ڪامورا ٿا ڪن، جن کي ڪارخانا ته ڇڏيو، معمولي ڌنڌو هلائڻ جي به خبر ناهي. اُن قسم جي سوچ مان اهي ئي نتيجا ٿا نڪرن، جيڪي نڪرڻ گهرجن. نڪمائي، ڳاٽي ڀڳا اگهه، مهانگي لاڳت، سرڪاري ڪامورن جي لعل ڦيٿي واري دير، مُدي خارج ٽيڪنالاجي جو استعمال، هڪ طرفا فيصلا ۽ سڀ کان وڌيڪ رشوت خوري. نوڪريون نه قابليت تي ٿيون ملن ۽ نه ڄاڻ يا تجربي تي، بلڪ سياسي سفارش تي. مقامي سياسي وڏيرا پنهنجي مرضي سان ڳنڍي ڇوڙيءَ ۾ لڳا پيا آهن.
ڪنهن ڪارائتي ۽ لاڀ واريءَ فئڪٽري کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو بدترين مثال آهي سرڪاري ملڪيت ۾ هلندڙ ڪليٽران (Keltron) نالي هڪ پراجيڪٽ، جيڪو ڪيرالا ۾ اليڪٽرانڪ جي پيداوار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ 70 واري ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو ويو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن سڀني پئي چيو ته ڪليٽران ملڪ جي اليڪٽرانڪ سامان ٺاهڻ ۾ سڀن کان گوءِ کڻي ويندي. منجهس اليڪٽرانڪ شين ٺاهڻ جا ڪيترا ئي جدا جدا کاتا هئا. هنن دهلي ۽ بئنگلور جهڙن وڏن شهرن ۾ ٽرئفڪ سنگل وڏي ڪاميابيءَ سان لڳايا هئا. سندن ٺاهيل ٻيون اليڪٽرانڪ شيون، خاص ڪري ٽيليويزن، تمام سٺيون ۽ اوچي معيار جون هيون. جڏهن 1986ع ۾ دهلي اندر ايشين گيمز ٿيون، تڏهن هن ڪمپني جا ٽيليويزن سيٽ وٺڻ لاءِ ماڻهو ڇتا ٿي پيا هئا. گهرج تمام گهڻي هئي ۽ پيداوار گهٽ. نتيجو اهو نڪتو جو هزارين ماڻهن جا نالا انتظار ڪندڙن جي لسٽ ۾ لکيا ويا.
پر اڄ ڪليٽران ڪنهن کي به ياد ناهي. هنن ٽيليويزن سيٽ ٺاهڻ ئي ڇڏي ڏنا، ڇو ته هو انڊيا توڙي ٻاهرين ٽيليويزن سيٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين سان مقابلو ڪري نه سگهيا. هر سال جي گهاٽي سندن چيلهه ڀڃي ڇڏي. اُپت گهٽ ۽ اسٽاف وڌيڪ، مڙس ڏئي وٺي بيهي رهيا. نوڪريون ملنديون هيون سياسي سفارشين کي جن کي نه ملڪ جي پرواهه ۽ نه سٺيءَ شي جو قدر. هنن کي ته بس پنهنجن ووٽرن جي تڪن کي راضي رکڻو هو. ٻيڙي تري يا ٻُڏي، تنهن سان هنن جو ڇا؟
سڀني ڳالهين جو تت هيءُ آهي ته انڊسٽريل انقلاب، جيڪو رٿابندي ڪندڙن ملڪ ۾ آڻڻ ٿي گهريو، سو ڄمندي ئي مري ويو. ان رٿابندي وسيلي جيڪي سماجي سڌارا سوچيا ويا هئا، سي ساڀيان ٿي نه سگهيا. نه ماڻهن کي روزگار مليو، نه غريب ۽ شاهوڪار جي وچ واري وٿي گهٽ ٿي ۽ نه وري هندستاني جنتا کي آرٿڪ محرومي ۽ غربت جي گهاڻي کان ڇوٽڪارو مليو.
مون جپاني ۽ ڪورين قومن جي اورچائي، سچائي ۽ محنت تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ هندستاني سرڪار جي لاپرواهيءَ ۽ بي فڪريءَ جهڙي رويي سان سندن ڀيٽ به ڪئي آهي، پر مونکي جپاني توڙي ڪورين سماج جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ فڪر وڪوڙي ويو آهي. انهن قومن محنت به ڪئي، همت به ڪئي، ترقي به ڪئي، سڀ ڪجهه ڪيائون، آسودا به ٿيا. پر هاڻي، جڏهن هو سکيا ستابا ٿي ويا آهن، تڏهن سندن سماجي لاڙن ۾ وڏو ڦيرو ايندو ٿو وڃي. منهنجي لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها تبديلي آهي.
جپاني ڪمپنين سان منهنجا واپاري لاڳاپا تمام پراڻا آهن، ان ڪري مان جپاني سماج جو چڱي ريت اڀياس ڪندو رهندو آهيان. هاڻي سندن نئين پيڙهيءَ ۾ جيڪا سماجي تبديلي آئي آهي، ان مون کي ڪافي پريشان ڪري وڌو آهي. انڊيا، جنهن جو مڊل ڪلاس طبقو سکي به آهي ۽ يورپ جي آدمشماريءَ جيڏو وڏو به آهي، تنهن کي جپان ۾ ايندڙ سماجي ڦيرڦار ڏانهن وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي.
جپان اميري، خوشحالي ۽ ماڊرن سوسائٽي جي ڀوڳنا ڀوڳڻ شروع ڪري ڏني آهي. سندس دولت کيس سماجي پيڙا ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سندس نئين پيڙهي پنهنجي شڪتي وڃائڻ لڳي آهي. سکين ماڻهن جا اهي ٻار، جن جي وڏن ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏي مدد ڪئي، سي پڙهيل ته گهڻو ئي آهن، پر منجهن پنهنجن وڏن جهڙي گنڀيرتا ڪانهي.
پراڻي پيڙهيءَ جيڪا ڪشمڪش ۽ هڻ هڻان ڪئي، سا فقط ان لاءِ ته هو جپان جي ڪنهن مشهور ڪمپني ۾ روزگار سان لڳي وڃن ته جيئن کين زندگي ڀر جي روزگار جي پڪ ملي وڃي. ان زماني ۾ ائين ئي ٿيندو هو. يونيورسٽيءَ مان نڪتل گرئجويٽس ڪا ڪمپني پسند ڪندا هئا ۽ رٽائر ٿيڻ تائين ان ۾ ئي ڪم ڪندا رهندا هئا. بدقسمتيءَ سان سندن سنتان ان راهه تان ڀٽڪندو پيو وڃي. مڊل ڪلاس جپاني زندگي جو اهو نمونو، جيڪو سندن وڏن اختيار ڪيو، سو هو ڪنهن سٺي ڪمپنيءَ ۾ سلامتي وارو روزگار، شهر کان ٻاهر هڪ سهڻو گهر، هڪ پڙهيل ڳڙهيل گهرواري ۽ وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار. ان جي ابتڙ، اڄ جا جپاني نوجوان ڳولين ٿا معمولي قسم جا عارضي ڪم، جيڪي وڻيا ته واهه نه ته ٻيو در واجهائبو. انهن مان به گهڻا ته پارٽ ٽائيم جاب ڳوليندي نظر ايندا. هو چون ٿا ته اڄ ته سکيو گذاريون، سڀاڻي جو ننگ سائينءَ تي. ڇا جي محنت، ڇا جي ڳڻتي؟ جتي پڪي اتي کاڌي. ڪنهن کي پئي آهي جو آئندي لاءِ اڄ جي قرباني ڏئي؟
هڪ سروي موجب، پنجن مان ٻن نوجوان جپانين کي ڪنهن وڏي ڪمپني ۾ پگهار تي نوڪري ڪرڻ جو شوق ناهي. سروي مان اهو به ظاهر ٿيو ته نوجوان گريجوئيٽن جي ٽين پتي پنهنجي پهرين نوڪري ٽن سالن اندر ڇڏي ٿي وڃي. اڄ کان ڏهه سال اڳ اهي ڳالهيون ڪنهن جي سوچ ۾ به نه اينديون هيون.
اڄ جي جپاني سماج جي حالت تي ڪو سماجي سائنسدان ڳوڙهواڀياس ڪري ته ڪافي دلچسپ معلومات حاصل ٿيندي. پر رڳو جپان تي ڏوهه ڏيڻ اجايو آهي. دنيا جي گهڻي ڀاڱي انهن ملڪن جي ساڳي حالت آهي، جن هاڻي ته سکيا ڏينهن ڏٺا آهن، پر انڊسٽرئلائيزيشن کان اڳ هنن ڏينهن رات هڪ ڪري پورهيو ۽ محنت ڪئي هئي.
*