15. باب پندرهون : تبديليءَ جي ڪا منزل ناهي
آئزڪ ايسيموف
تبديلي اٽل آهي،
تبديلي اڻ ٽر آهي،
تبديلي ڪائنات جو قانون آهي،
زندگي ۾ جيڪڏهن ڪا هڪ شيءِ دائمي آهي ته اها آهي تبديلي.ان کان سواءِ اسان هوند سينوارجي وڃون. تبديلي جا گهڻا رنگ، گهڻا روپ آهن. ويس بدلائي ايندي آهي. ڪڏهن اوچتو، اُڇل ڏئي ايندي آهي ۽ ڪڏهن پير پير ۾ پائي، چپ چاپ اڱڻ اورانگهي هلي ايندي آهي. ڪڏهن ڪڙو کڙڪائي، ڪڏهن اڻ ڪوٺيو مهمان ٿي، ڪڏهن ظاهري، ڪڏهن باطني. ڪڏهن ٻاهرين، ڪڏهن اندروني، پر ايندي ضرور آهي. عمر سان گڏ طبيعت ۾ جا نرمي، ٺهر ۽ پختائي انسان ۾ اچي ٿي، سا نوجوانيءَ ۾ نٿي اچي. زندگيءَ جي جام مان توهان مختلف قسمن جي رس جيڪا فقط هڪ دفعو پيئو ٿا، ان مان ئي اڳتي هلي توهان کي اصلي ۽ نقلي، سچي ۽ ڪوڙي، کري ۽ کوٽي جي وچ ۾ فرق ٻڌائڻو آهي. جيڪڏهن اسان صرف اڄ لاءِ جيئون ٿا ۽ اهڙي ريت جيئون ٿا ڄڻ سڀاڻي ٿيڻي ئي ناهي، ۽ سؤ سيڪڙو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيون ٿا ۽ لوڻو ڦيري نه ساڄي نه کاٻي، نه اڳيان نه پٺيان، نه مٿي نه هيٺ نهاريون ٿا، ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته توهان جو جيون ئي توهان جي ماڳ ۽ ڀاڳ جي رکوالي ڪندو. ان مان ڀلائي ڪري اهو مطلب نه ڪڍجو ته جيڪي ٿيڻو آهي سو اوس ٿيندو ۽ اسان کي آئيندي جي ڪا به رٿابندي ڪرڻي ناهي. Yogi Berra چيو هو، “جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، ته پوءِ ساوڌان ٿيو، ڇو ته پوءِ توهان اُتي رسي نه سگهندو.”
منزل ۽ ماڳ ضرور آهن، پر ان کان وڌيڪ اهم آهن اهي ننڍڙا ڏاڪا، جيڪي اوستائين پهچائين ٿا.
مان جڏهن به پنهنجي ماضي جي جهونجهڪڙي ۾ جُوهه وجهي ڏسندو آهيان، تڏهن پنهنجي پالڻهار جا اپار احسان مڃيندو آهيان. هن مونکي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ان کان به گهڻو، جنهن جو مان حقدار آهيان.مون پينار جو پانڌ هن اڻ مين خوشين سان ڀري ڇڏيو آهي. ڏک سُک ته حياتيءَ ۾ ايندا ئي رهندا آهن، پر سڀڪجهه ڳڻڻ کان پوءِ به هن جيڪي ڀال ڀلايا آهن، تن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. ڪا حد، ڪو حساب ناهي.
تون سپڙ آئون سيڪڙو،تون ڏاتر آئون ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان!
جيئن جيئن ڏينهن لنگهندا ٿا وڃن، تيئن تيئن آنند جو احساس وڌندو ٿو وڃي. مان پاڻ کي حقيقي “سچ” جي ويجهو پوندو محسوس ٿو ڪريان. جڏهن انسان ٻاهرين خوشين جي لاءِ وٺ سٺ ڇڏي ٿو ڏئي، تڏهن هڪ نئينءَ سچائيءَ جو سورج سندس اندر ۾ اُڀري ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجي زندگي کي ۽ زندگي جي چوڌاري مڙيل ماڻهن کي هڪ نئين ۽ انوکيءَ سوچ سان ڏسي ٿو. کيس حياتي جي اصل مُلهه جي ڄاڻ پوي ٿي. مان دبئي جو ٿورائتو آهيان، جنهن مونکي اڻ-ميا موقعا ڏنا. رڳو پنهنجي حياتي سنوارڻ ۽ ڌن ميڙڻ جا نه، پر روحاني رازن ۽ رمزن کي پروڙڻ ۽ پائڻ جا پڻ. مون سان اها به ڀلائي ٿي، جو مون کي دبئي ۾، انڊيا توڙي ٻين ملڪن جي نيتائن ۽ ناميارن ڪاروباري ماڻهن سان گڏ اٿڻ ويهڻ ۽ سندن ساٿ جو سڳنڌ ماڻڻ جا به موقعا مليا. مان انڊيا جي مهان روحاني پيشوائن سان به مليس. مهاگُرن جا پير پڻ ڇهيم. انهن ۾ سوامي چنميانندا، سوامي سچيدانندا، دادا جي پي واسواڻي، پوجيه نارائڻ بابا، دادي هري ديوي واسواڻي ۽ دادا رتن چند ڇتلاڻي جهڙا مهاپرش به شامل آهن، جن سان رتيءَ جي رهاڻ منهنجي ڪايا پلٽي ڇڏي.
ڪوڙين ڪنوٽن جا، ڀينر ڀانئيان ڀال
سامين جيءَ سنڀال، منهنجو چِت چڱو ڪيو.
سوامي سچيدانندا جو ڪتاب The Golden Present مون ساهه سان سانڍي رکيو آهي ۽ بار بار پڙهيو آهي. 7-سيپٽمبر مان هيءُ ٽڪرو پڙهي ڏسو؛
“وڏو ملهه ڏيڻ وارا ٿورا ماڻهو، تمام ٿورا ماڻهو آهن، جي دليئون ڪنهن اوچائيءَ تي پهچڻ جي آس رکندا هوندا، ۽ ان جو مُلهه ڏيڻ لاءِ به تيار هوندا. اهو مهانگو مُلهه آهي جيون ۾ ڊسيپلين ڌارڻ.”
هڪ ماڻهوءَ کي چنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ڪيترو ڊسيپلين درڪار آهي؟ اولمپڪ چئمپئن ٿيڻ لاءِ ڪيترو ڊسيپلين گهرجي؟ رانديگرن کي سگريٽ پيئڻ جي جهل آهي. مٿن کاڌي پيتي جون ڪي شيون واپرائڻ تي به سختي آهي. جلدي سمهڻ جو به قانون آهي. کين هر روز پرئڪٽس به ڪرڻي آهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿا ڪن ته جيئن سون جو هڪڙو ننڍڙو ٽڪر کٽي سگهن.
هڪ ننڍڙي جبل تي چڙهڻ لاءِ ڪيترو ڊسيپلين گهرجي؟ ڀلا ايوريسٽ جي چوٽي تي پهچڻ لاءِ ڪيترو وڏو ڊسيپلين کپي؟ ياد رهي ته هت اسان دنيا جي سڀ کان وڏي جبل Everest (دائمي آرام) جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون. مڙني ساڌن ۽ سنتن چيو، “ڊسيپلين تمام ضروري آهي. پاڻ تي ڊسيپلين رکو. پنهنجن حواسن تي ڪنٽرول ڪيو.” هو نادان نه هئا. گياني هئا.
اسان کي اهي جايون گهرجن، جتي ڊسيپلين سکي سگهون. پنهنجي ٻل ۽ شڪتي کي لغام ڏينداسين ته خود اسان جو ئي فائدو ٿيندو. مثال طور، هائبرواليڪٽرڪ انرجيءَ کي ئي کڻي ڏسو. ڪٿان ملندي آهي؟ ڪيئن ملندي آهي؟ هڪ آزاد، ڇيڪ ۽ ڇڙواڳ درياءَ تي پهريون بندُ ٻڌبو آهي. پوءِ پاڻي کي هڪ وڏي ۽ ويڪري پائيپ مان لنگهائڻو پوندو آهي. پاڻي پکن لڳل مشين (turbine) مان گذرندو آهي. اهڙي طرح جڏهن بجلي پيدا ٿيندي آهي، تڏهن ان کي ننڍن ٽرانسفارمرن جي وسيلي توهان جي گهر تائين پُڄائبو آهي. جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ ڪا هڪ تار به ڇڳل آهي يا کليل آهي ته اها اوهان کي جهٽڪو ڏئي سگهي ٿي يا گهر کي باهه ڏئي ساڙي سگهي ٿي.
جيڪڏهن توهان ڪو جانور ڌاريو آهي ۽ ان کي چئو ٿا “ويهه” ۽ هو ويهي ٿو رهي، ته توهان کي خوشي به ٿئي ٿي ۽ فخر به ٿئي ٿو. ياد ڪريو، توهان کي ڪيترا اهڙا مالڪ سُجهن جيڪي جڳ کي ڏيکاريندا وتندا آهن ته ڏسو، اسان جو پالتو جانور ڪيڏو نه چئيوان آهي. سرڪس ۾ اوهان ڇا ڏسندا آهيو؟ سڀ شينهن، چيتا، هاٿي ۽ گهوڙا ڊسيپلين ۾ هوندا آهن. ان ڪري ڪڏهن به نه ڀُلايو ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا هڙ حاصل ٿي اَٿَوَ ته اها ضرور ڊسيپلين جي ڪري ئي ٿي هوندي.”
هن قسم جي ڪتابن مان تمام وڏي سکيا ملي ٿي. دادا جي پي واسواڻي ۽ نارائڻ بابا جا اهڙائي ڪجهه ٻيا ڪتاب منهنجي پوڄا جي ڪمري ۾ موجود رهندا آهن ۽ جڏهن به من مُنجهيل هوندو آهي، تڏهن دل کي ڏاڍو ڏڍ ڏيندا آهن. مان سمجهان ٿو ته انسان جي زندگي ۾ گرو ان وقت ايندو آهي، جڏهن هو سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. اُن تياري جو مطلب آهي انسان جو روحانيت ڏانهن لاڙو. اهڙو لاڙو ماڻهوءَ کي آلي اٽي وانگر ڳوهي، نئين شڪل نئين شبيهه ڏيندو آهي ۽ ان سموريءَ تبديلي جي پويان ايشور جي اِڇا ۽ آسيس هوندي آهي. گروءَ جي شڪشا جو پالن ڪرڻ سان هو هردم توهان سان ساڻ رهندو ۽ سندس ٻڌايل ڳالهين کي دل سان هنڊائڻ کان پوءِ هو اوهان جي من ۾ ديرو دمائي ويهندو.
دبئي ۾ رهندڙ هندستانين (NRI) جي آرگنائيزيشنن سان ويجهڙائيءَ سبب مونکي سياسي ليڊرن سان ملڻ جا به موقعا مليا. انهن ۾ اندرا گانڌي، راجيوگانڌي، نرسمها رائو، چندر شيکر، وي.پي. سنگهه، اٽل بهاري واجپائي ۽ ايل.ڪي. آڏواڻي شامل آهن.
هڪ ڳالهه جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو، سا هئي سندن روزمره جي سرڪاري معاملن کي مُنهن ڏيڻ جي قابليت. مان سمجهانٿو ته هو هڪ پل کان ٻيو پل ڌار ڪري ٿا جيئن. هنن لاءِ هر گهڙي نئين للڪاريندو کڻي ايندي آهي، ۽ هو وڏي همٿ ۽ صبر سان پنهنجي خوشي توڙي غم، ڪاوڙ توڙي ڪروڌ کي منهن ڏين ٿا، پر ٻاهر ذري برابر به ان جي ڏِک نٿا ڏين. هر قسم جي ماڻهن سان ملڻ ۽ سندن کٽيون مٺيون ڳالهيون ٻڌڻ ڪري هو پاڻ تي ضبط ڪرڻ سکي ويا آهن. ظاهر آهي ته هو سياسي ليڊر آهن ۽ ان ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کي ناراض ڪرڻ يا ڏکوئڻ جو ته هو سوچيندا به نه هوندا.
سياست جي ڳالهه ڪندي هڪڙو خيال اوچتو منهنجي ذهن ۾ آيو آهي ۽ اهو هي ته سنڌين جي سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سواءِ ڪن ٿورن جي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سياسي سوچ سان سلهاڙيل آهن، باقي سنڌي سياست جي نالي کان به ونءُ ٿا وڃن. مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن اسان جي اها حالت رهي ته پوءِ سنڌين جي سياسي ميدان ۾ ڪهڙي حيثيت رهندي؟
جيڪڏهن اسان وٽ ڪي قابل قدر اڳواڻ هجن ها، جيڪي پنهنجي جاتيءَ جي چڱڀلائي ۾ دلچسپي رکن ها ته اڄ ورهاڱي واري ڪهاڻي ڪجهه مختلف ئي هجي ها.
سنڌي بزنيس ليڊرن ۾، منهنجي راءِ ۾، سريچند هندوجا سڀن کان مٿانهون آهي. هر ڀيري جڏهن به مان ساڻس ڳالهائيندو آهيان، کانئس ڪجهه نه ڪجهه نئون سکندو آهيان. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي مون کيس صلح ۽ امن جي دعا ڏني هئي. هن وراڻيءَ ۾ چيو هو، “مونکي جدوجهد جي دعا ڏئي. امن ته تڏهن ملندو جڏهن ڏينهن پورا ٿيندا.”
کيس ويجهو کان ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو موقعو مليو اٿم. 1992ع يا 1993ع جي ڳالهه آهي. پنهنجي جُميراهه واري ولا جي لان تي ويٺو صبح جي چانهه مان مزا وٺي رهيو هوس جو سندس فون آيو. هن مون سان ڪا بئنڪ قائم ڪرڻ جي باري ۾ صلاح ڪرڻ ٿي گهري. ڏاڍي نماڻي سان ٿي ڳالهايائين، پر سندس گفتگو ۾ تمام گهڻا جذبا، جوش ۽ اميد پئي جهلڪي. ڪلاڪ کان به وڌيڪ دير تائين ڳالهائيندو رهيو.
مون کي خبر هئي ته ٿورو ئي وقت اڳ هن جو پٽ دکدائڪ حالتن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، پر مون سندس آواز ۾ دک جو ڪو به اهڃاڻ نه ڏٺو. هن پنهنجي بدنصيبيءَ کي قبول ڪري ورتو هو. “کيل هلندو رهي” جي چواڻي، هن پڻ ڪٿي رڪجي بيهي رهڻ نٿي چاهيو.
هڪ دفعي مونکي چيائين، “جيڪڏهن مون کي دک ڀوڳڻو آهي،جيڪڏهن اهو ئي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي، ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت ان کي ٽاري نه سگهندي. ڏور ڪنهن زبريءَ، زورآور ۽ اَبدي طاقت جي هٿ ۾ آهي. هو منهنجي لاءِ جو سوچيندو، مون کي ڪنڌ جهڪائي مڃڻو پوندو.”
پهرينءَ ئي گفتگوءَ ۾ مونکي ڄاڻ پئجي وئي ته سنڌين جي ڇڙوڇڙ ڪميونٽي کي جنهن ڪپتان يا ناکئي جي گهرج هئي،سو هندوجا جي صورت ۾ موجود آهي. ان باري ۾ مون هڪ سنڌي گڏجاڻي ۾ چيو هو:
ڪشتي سڀ ڪي ڪناري لگ جاتي هي
جس ڪا ناخودا نهين هوتا
اس ڪا خدا هوتا هئي.
هندوجا سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ وڏي ڪامياب جاکوڙ ڪئي. هن نيشنلائيزيشن کان پوءِ واري دور جي پهرين پرائيويٽ بئنڪ ٺاهڻ ٿي چاهي. ان سلسلي ۾ هن سڄيءَ دنيا جي سنڌين جا وڏا وڏا نالا کڻي هڪ هنڌ ڪٺا ڪيا. هئري ليلا ۽ ڪي. سيتل هانگ ڪانگ مان، واشي پرسواڻي بيئنڪاڪ مان، ٽيڪمداس مولاڻي سينگاپور مان، ناري پوهاڻي آمريڪا مان، لال تولاڻي، داسي ٻڌراڻي ۽ سندر ڊالامل انگلنڊ مان ۽ مان دبئيءَ مان. انڊيا مان نرنجن هيراننداڻي، نانڪ روپاڻي، امر دولتاڻي، ناري گرسهاڻي ۽ ڊي ايم هريش پڻ سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. فقط 67 ڏينهن اندر هندوجا پنهنجو 100 ڪروڙ (هڪ بلين) روپين جو خواب سچو ڪري ڏيکاريو. بئنڪ ٺهي وئي.
مٿي ڄاڻايل ميمبرن مان ڪيترا انڊيا آيا. جدا جدا سياسي پارٽين جي نيتائن سان مليا. بئنڪ جي باري ۾ کين آگاهي ڏنائون. چيائون پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانيءَ جي طرفان هي پنهنجي ملڪ لاءِ سوکڙي آهي. ٿوريون گهڻيون اهنجايون ٿيون، پر جلد ئي دور ڪيون ويون. اهڙيءَ ريت انڊس انڊ بئنڪ لميٽيڊ (IndusInd. Bank Ltd.) جو جنم ٿيو. اهو نالو اصل ۾ انڊس ويلي سولائيزيشن اينڊ انڊيا) (Indus Valley Civilization and Inia) کي ڇوٽو ڪري بنايو ويو هو. ان بئنڪ پنهنجن حصيدارن کي پهرئين سال کان ئي منافعو ڏيڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين ڏيندي پئي اچي. ٽن سالن تائين لاڳيتو اها بئنڪ سڀني بئنڪن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر رهي. هڪ بلين روپين جو مُور ذاتي طور تي گڏ ڪيو ويو.ان تي رواجي طرح 15 سيڪڙو واڌو خرچ ايندو آهي، جيڪو بچايو ويو. سڀئي ميمبر توڙي رقم جمع ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ، پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، دهليءَ توڙي ٻين شهرن ۾ پهتا. بئنڪ جي اڳواٽ خرچن واري مَدَ مان پائي ڪونه ورتائون. ايس پي هندوجا جي اڳواڻي جو جادو انهيءَ کي چوندا آهن.
سنڌي ڪميونٽي هيل تائين بنا ڪپتان ڪم پئي ٽپايو. هاڻي کين هندوجا جي روپ ۾ سچ پچ هڪ ڄاڻو ڪپتان ملي ويو آهي.
دبئي ۾ منهنجا ڪيترا ئي دوست آهن، پر ٻه نالا سڀني کان مٿانهان آهن. منو ڇاٻڙيا ۽ هيرو جشن مل. ٻئي ڄڻا هاڻ اسان ۾ نه رهيا آهن. منوءَ جمبو اليڪٽرانڪس جي وسيلي ڄڻ ته سلطنت جوڙي ورتي. وڏو دلير شخص هو. اٽل،اجهل ۽ آڻ نه مڃڻ وارو. اهڙا ماڻهو روز روز نه ڄمندا آهن. مونکي چڱي طرح ياد آهي جڏهن مون هن جي ڪوٽ جي ڪالر تي “لائنس ڪلب” جو ٻلو هنيو هو. اها 1970ع جي شروعات جي ڳالهه آهي ۽ ان وقت مان دبئي ۾ ڪلب جو پريزيڊنٽ هئس. هو ڇاتي تاڻي منهنجي سامهون بيٺو هو ۽ مات ڏيندڙ مرڪ سندس چپن کي چمي رهي هئي. اُن کان پوءِ اسان تمام ويجها دوست بنجي وياسين ۽ اڪثر لنچ تي گڏجي ويهي هڪ ٻئي جا ذاتي مسئلا ٻڌندا هئاسين.
هيري جشن مل جهڙا املهه موتي به ڪن قسمت وارن کي ملندا آهن. ڏاڍو چرچائي ۽ بي حد ذهين هو. 1950ع ۽ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اسٽيج تي به وڏا ڪم ڏيکاريائين. انڊيا جي ريپبلڪ ڊي واري جشن توڙي اهڙين موقعن تي به سدائين بهرو وٺندو هو. نه ته پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو ماٺيڻو هوندو هو. جڏهن مان انڊيا اسپورٽس ڪلب (هاڻي انڊيا ڪلب) جو چيئرمن هوندو هئس، تڏهن هو مئنيجنگ ڪميٽي جو ميمبر هو. جيتوڻيڪ ميٽنگن ۽ فنڪشنن ۾، ميمبر هئڻ جي ناتي، اڳين سيٽن تي ويهڻ هن جو حق هوندو هو، پر هو ڄاڻي واڻي پوين سيٽن تي وڃي ويهندو هو.
1960ع جي اوائل ۾ جشن مل جو دڪان ڊيرا شهر جي آخري ڇيڙي تي هوندو هو. ڊيرا وڃڻ لاءِ بر دبئي کان ابريءَ تي چڙهڻو پوندو هو، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ڪريڪ جي مٿان اڃا پل ڪونه ٺهي هئي، جيڪا ڇاڙ جي ٻنهي ڪنارن کي ملائي. هڪ ڀيري مون کي سيٽن جو سئمپل ڪٿان ٻاهران کان مليو، سو سوچيم ته هيري کي وڃي ڏيکاريان، ڇو ته جشن مل کان سواءِ ٻيو اهڙو ڪوبه ڪونه ٿي سمجهيم جيڪو اهڙين شين ۾ دلچسپي وٺي. ڪريڪ ٽپي، سخت گرمي ۾ پنڌ ئي پنڌ، سئمپلن سميت وڃي جشن مل جي دڪان تي پهتس. منهنجي عمر ان وقت ويهه سال مس هئي. نئون نئون بزنيس ۾ پير پاتو هئم. ڀوءَ به پيو ٿئيم. ڊڄندي ڊڄندي وڃي سئمپل سندس سامهون رکيم. ڳالهه وڻيس يا نه، سا ته مونکي ڪل ڪانه پئي، باقي اهو چوڻ کان رهي نه سگهيو ته کيس منهنجي اهڙيءَ نٽهڻ اُس ۾ ايڏو پري کان پيدل اچي سئمپل ڏيکارڻ تي ڏاڍو اچرج ٿيو آهي. هن هڪدم مونکي آرڊر بڪ ڪرايو. ان کان پوءِ هن جو ساٿ ۽ سهارو هميشه مون سان گڏ رهيو ۽ منهنجي ترقي ۽ واڌاري ۾ مدد ڪندو رهيو. مون کي اها به خوشي آهي ته هو مونکي ڏاڍو پسند ڪندو هو. منهنجي وڏي ڪڪيءَ گؤريءَ کي به ڏاڍو چاهيندو هو.
جشن مل وارن جي فئملي شايد سڄي مڊل ايسٽ ۾ اڪيلي سنڌي فئملي آهي، جنهن جون پاڙون عراق ۾ کتل آهن. اهو ڪٽنب ورهاڱي کان اڳ، گذريل صدي ۾ لڏي وڃي بصري ۾ آباد ٿيو. اتي ئي هنن پنهنجو بزنيس شروع ڪيو. ان کان پوءِ هنن پنهنجو ڪاروبار وڌائي ڪويت، بحرين ۽ ٻين جي سي سي ملڪن تائين ڦهلائي ڇڏيو. هنن جلد ئي پنهنجو نانءُ سٺي وکر رکڻ وارن طور مشهور ڪري ورتو ۽ اهڙو سامان رکندا هئا، جيڪو ٻين وٽان ڪونه ملندو هو. ان ڪري هنن جي گراهڪن جو هڪ خاص ڪلاس پيدا ٿي پيو. مون کي ياد آهي ته Gray Mackenzie وارن جي هڪ بالا عملدار Mr. Padiyath سان هڪ ڀيري منهنجي ملاقات ٿي. ڳالهين مان ڳالهيون نڪتيون ته جشن ۾ جو ذڪر ٿيو. هن چيو ته هو هميشه جشن مل تان خريداري ڪندو آهي ۽ چيائين ته هڪ جوڙي جورابن جي ڏهه سال اڳ جشن مل تان ورتي هيم، جيڪا اڄ به صفا نئين ٿي لڳي.
1960ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ منهنجي ملاقات نارائڻ جشن مل سان ٿي. هو ڪويت ۾ ڪمپني جو ڪم ڪار سنڀاليندو هو. هن مون کي هڪ ڏاڍو سٺو سبق ڏنو. چيائين، “هڪ ريزڪي دڪان ۾ ضروري آهي ته جڏهن صبح جو در کلي ته دڪان جو مالڪ موجود هجي ۽ وري جڏهن شام جو دڪان بند ٿئي، تڏهن به مالڪ موجود هجي.”
گنگو بترا، جيڪو اڄڪلهه جشن مل جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، سو ان وقت ڪويت ۾ هوندو هو ۽ مان کين جپاني ساڙهين جو ڪپڙو وڪڻندو هوس. ڪيترائي ماڻهو ڪم ڪار پورو ٿيڻ کان پوءِ شام جو هيري جي گهر وڃي گڏ ٿيندا هئا. هيرو ۽ سنس گهرواري، گل، وڏي خوشي سان سندن آءُ ڀڳت ڪندا هئا. هو اتي ئي رهندا هئا، جنهن بلڊنگ ۾ جشن مل جو دڪان هوندو هو. کيس پنهنجو جنريٽر ۽ پنهنجي بجلي هوندي هئي. هيري جي گهر ڀرسان دبئي جي اڪيلي سئنيما هوندي هئي. جنهن کي ڇت ڪانه هوندي هئي. هيري ۽ سئنيما جي وچ ۾ هڪ ننڍي ڀت هئي، انڪري جيڪي به دوست هيري سان ملڻ ويندا هئا، سي سندس گهر جي مٿئين حصي تي ويهي مفت ۾ فلم به ڏسي سگهندا هئا. انهن گرمي جي راتين ۾، جڏهن سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ ٿڪجي هيري جي گهر ۾ ٿڌو بيئر جو گلاس هٿ ۾ جهلي فلم ڏسندا هئاسين، ته آنند اچي ويندا هئا. سئنيما ۾ رڳو لوهي ڪرسيون هونديون هيون، ان ڪري جنهن کي وڌيڪ آرام گهربو هو، سو پنهنجي گهران فولڊنگ ڪرسيون پاڻ سان گڏ کڻائي ايندو هو.
ٻي سئنيما جميره ۾ هئي، جنهن جو مالڪ ڪڇ جو سنڌي حاجي هارون هوندو هو. ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. هر ڪنهن جي مدد لاءِ آتو هوندو هو، ان ڪري عام ماڻهن ۾ ڏاڍو مقبول هو. ڌنڌو به تمام سٺو هلندو هوس. گهڻو ڪري ننڍي کنڊ سان واپاري لاڳاپا هئس. هڪ دفعي برٽش پوليٽيڪل ايجنٽ جي ڊنر تي حاجي هارون جي واقفيت هن طرح ڪرائي وئي: “دبئي جي ڪاميابي جي ڪهاڻي هيءُ شخص آهي.”
سڀني سئنيما گهرن ۾ هندي فلمون هلنديون هيون. حاجي هارون ڪجهه عرصي کان پوءِ ڊيرا ۾ هڪ کليل ڇت واري سئنيما کولي، جيڪا اڄ به موجود آهي. فرق صرف ايترو آهي جو اڄ ڪلهه ان سئنيما ۾ نئين زماني جون سڀ سهوليتون موجود آهن.
ان کان پوءِ ڪڇ جي هڪ ٻئي سنڌي حاجي مامو “دبئي سئنيما” کولي، جيڪا پڻ کليل ڇت واري هئي.
تلسيداس تلريجا، جنهن امر ٽريڊرس جو پايو وڌو، سو دبئي جو ڄاتل سڃاتل فلم ڊسٽريبيوٽر هو. امر ٽريڊرس، هندوجا گروپ جي هڪ شاخ هئي، جنهن دبئي ۾ ڪم شروع ڪيو. تلريجا ٻين ڪمن سان گڏ ٽيڪسٽائيل جو واپاري پڻ هو. ان زماني ۾ ڊسٽريبيوٽر پنهنجي في فلم جي ڏهاڙي ڪمائيءَ جي حساب سان وٺندا هئا. تلريجا پاڻ هر سئنيما ۾ وڃي حساب ڪتاب ڏسندو هو ۽ پنهنجي في اُڳاڙيندو هو. منهنجي ۽ تلريجا جي عمر ۾ وڏو فرق هو، ان هوندي به اسان جي ڏاڍي پڪي ياري ٿي وئي. ان کان سواءِ هو اسان جي ڪمپني جو سٺو گراهڪ پڻ هو. جڏهن مون کي واندڪائي هوندي هئي، تڏهن مان ساڻس گڏجي سئنيمائن جي چڪر تي ويندو هوس. فلم شروع ٿيندي هئي نائين بجي، ان ڪري اسان کي ايترو ٽائيم ملي ويندو هو جو روٽي ۽ دال سان گڏ هڪ ٻه گلاس بيئر جا پي ٺاهوڪي ڊنر ڪري وٺندا هئاسين. اسان ٻنهي جو اهو سلسلو سالن تائين جاري رهيو. تلريجا کي ٽي پٽ هئا: پرڪاش، گرڌاري ۽ سريش. هاڻي تلريجا توڙي سندس گهرواري هن دنيا ۾ نه رهيا آهن. گرڌاري جو موت اوچتو ۽ ڪُمهلو ٿيو. پرڪاش اڃا دبئي ۾ رهندو آهي ۽ سريش انڊيا هليو ويو.
جڏهن به مان انڊيا اسپورٽس ڪلب جي چونڊ لڙندو هوس، تڏهن مون کي پڪ هوندي هئي ته هيرو بنا چوڻ جي منهنجي مدد ضرور ڪندو. اهي اليڪشنون ٿينديون ته صاف سٿريون هيون، پر مقابلا ايڏا سخت ٿيندا هئا ڄڻ انڊيا جي چونڊ پئي لڙجي. وڏي ورڪ هلندي هئي، ماڻهو ميڙڻا پوندا هئا ۽ رُٺن کي پرچائڻو پوندو هو. مان 1991ع ۾ ڪلب جو چيئرمين چونڊجي ويو هئس.
انهن ڏينهن ۾ ڪلب هڪ اڻ وڻندڙ جڳهه ۾ هوندي هئي. جيتوڻيڪ ڪلب جا بئنڪ ۾ سٺ لک درهم رکيا هئا، پوءِ به ڪلب جو ههڙو هيڻو حال ڏسي حيرت ٿيندي هئي. ڪو به ماڻهو اها رقم خرچ ڪري ڪو چڱو ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو. اسان جي ڪمپنيءَ ڪجهه پئسا ڪڍي هڪ نئينءَ بلڊنگ ۾ سيڙپ ڪرڻ چاهي، پر اهو گلف واريءَ جنگ جو زمانو هو ۽ اهڙي ڪا به سيڙپ فائدي بدران مورڳو نقصان ڏئي ها. ماڻهن ۾ ڊپ ۽ خوف ۽ حراس ڦهليل هو. هو ملڪ ڇڏي ڀڄي رهيا هئا. ماڻهن آڱريون کڻڻ شروع ڪيون.
ڪن الزام هنيا، ڪن ته مورڳو دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون ڪيون، پر اسان پنهنجي فيصلي تي قائم رهياسين. منهنجو چوڻ هو ته پئسو ڪميونٽي جو آهي ۽ خرچ به ڪميونٽي تي ٿيڻ گهرجي. جنگ سبب مارڪيٽ ڪريل آهي ۽ ڪريڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپ ڪرڻ سان اڳتي هلي ضرور فائدو ٿيندو. منهنجي راءِ هئي ته هڪ وڏي بلڊنگ ٺهرائجي ۽ ڪلب کي وڏو ڪجي ته جيئن اسان هن شهر جا ٿورا لاهي سگهون، جنهن اسان کي ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ ۽ سک ڏنو آهي. اها بلڊنگ دبئي وارن کي هميشه ياد ڏياريندي رهندي ته اسان سندس ڪيترا نه شڪر گذار هئاسين. جنگ سبب ڪنسٽرڪشن جو ڪم به گهڻي قدر گهٽجي ويو هو، ان ڪري اسانکي سولائي اها ٿي جو اسان ٺيڪيدارن کي گهٽ ڏوڪڙن تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. هر ماڻهوءَ ساٿ ڏنو. نقشن ٺاهڻ وارن کان ويندي ميمبرن تائين، هر شخص هڙان وڙان مدد ڪئي ۽ اهڙي طرح سڄي امارات ۾ سڀ کان سٺي ڪلب ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. جيڪڏهن شاهجهان پٺيان خزانو ڇڏي وڃي ها ته ڪوبه سندس واکاڻ ڪونه ڪري ها، پر جڏهن ان ئي خزاني مان هن تاج محل ٺهرايو ته اڄ به دنيا ڏندين آڱريون ٿي ڏئي ۽ شاهجهان کي سهڻن لفظن ۾ ياد ٿو ڪري.
مونکي ياد آهي ته ڪلب جو جنرل سيڪريٽري، ڪي ڪمار رات جو دير سان مون وٽ ايندو هو. ويچارو سڄي ڏينهن جي پورٽ آفيس ۾ هڻ هڻان کانپوءِ ٿڪو ٽٽو اڃا مون وٽ پهچندو مس هو ته مان کيس وٺي دبئي کان ٻاهر سنگ مرمر جي فئڪٽريءَ ويندو هوس، جتي اسان ڪلب جي لاءِ سامان جي چونڊ ڪندا هئاسين ۽ ڪم جي رفتار جو جائزو وٺندا هئاسين. ڪي ايم ڀاٽيا منهنجي چيئرمنيءَ واري زماني ۾ وائيس چيئرمين هو. هن پڻ ڪلب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. بهرام ڪپايا ڪلب کي هڪ بهترين بورچيخانو ٺاهي ڏنو، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به بورچيخاني (Kitchen) سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
What’s On نالي مئگزين ته ان حد تائين وئي جو ڪلب لاءِ لکيائين ته هيءَ ڪلب ته ناهي، فائيو اسٽار عياشي آهي. ڪلب جي بلڊنگ ۽ منجهس پيل سامان کي ISO سرٽيفڪيٽ پڻ مليو. هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن موهن ولراڻي چيئرمين ٿيو.
مون اڳيان ڪٿي لکيو آهي ته دبئي مارڪيٽ منهنجي لاءِ يونيورسٽيءَ جو درجو رکي ٿو. دبئي مارڪيٽ ۾ بزنيس جي ڳوڙهين ڳالهين، رازن ۽ رمزن ۽ انساني روين، واٽن، واسطن ۽ رشتن کان مونکي جيڪا واقفيت ملي، سا نه ته ڪنهن درسي ڪتاب ۾ لکيل آهي ۽ نه وري ڪنهن اسڪول جي ڪلاس ۾ پڙهائي وڃي ٿي. جيڪي واقعا اکين سان ڏٺم ۽ جن ماڻهن سان مليس، انهن مونکي ماڻهوءَ ۾ لڪل ڪيترن ئي ڪُنڊن پاسن، انساني ڪلچر ۽ بدلجندڙ حالتن هيٺ ماڻهن جي بدلجندڙ سوچ جا عجيب سبق سيکاريا. ان سڀ ڪجهه هوندي به هڪ ڳالهه اڃا به وڌيڪ پلئه پيم، اها هئي انسانذات جي هڪ جهڙائي. رنگ، نسل، ڌرم، قوم، ٻولي ڪهڙي به هجي، ماڻهو آخرڪار ماڻهو آهي. ڳالهه نڪتي آهي. ته يادن جو ڄڻ بند ڀڄي پيو آهي. انهن مان هڪ آهي موت جي باري ۾ ۽ ڪنهن ڏکوئيندڙ واقعي تي انساني موت جي باري ۾.
ڪيئي سال اڳ جي ڳالهه آهي جو مسٽر منابي اسان وٽ مهمان ٿي آيو. منابي جپاني هو ۽ Chori Co Ltd. جو سينيئر عملدار هو. انهن ڏينهن ۾ دبئي ۾ مهمانن جي آءُ ڀڳت ڪرڻ ۽ کين تفريح ڪرائڻ جي ڪا جاءِ ڪانه هئي. رڳو راس الخيما ۾ هڪ ڪاسينو هوندو هو، سو اسان کيس اتي وٺي وياسين. جيئن دنيا ۾ ٻين هنڌن تي ڪاسينو هوندو آهي، هيءُ به اهڙو ئي هڪ تفريح جو ماڳ هو، جنهن ۾ رانديون ۽ ٻيا تماشا ٿيندا هئا. اسان عام طور مهمانن کي دبئي ۾ يا شارجا ۾ ڊنر ڪرائيندا هئاسين. کاڌي ۾ احمد علي ڪبابيءَ جو دڪان مشهور هو، ان ڪري گهڻي ڀاڱي اتي ئي ويندا هئاسين، ۽ پوءِ کين گاڏين ۾ چاڙهي راس الخيما وٺي ويندا هئاسين. ڪاسينو ته سڄي رات کليل هوندو هو. اسر ڌاري بند ڪندا هئا، ان ڪري اسان ڏاڍي مزي سان ڊنر ڪري، ڪچهريون ڪندا، دير ڀرو وڃي ڪاسينو ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ڀل ته مهمان باقي رات موج مستيون ڪن.
بدبختي اها ٿي ته جنهن گاڏيءَ ۾ منابي سفر ڪري رهيو هو، تنهن جو رستي تي حادثو ٿي پيو ۽ منابي سخت گهايل ٿيو. ويچارو ڌڪن جا سور نه سهي سگهيو ۽ گذاري ويو. اسان سندس مڙهه جپان موڪلڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.
مهينو کن گذريو مس ته اسان کي جپاني ڪمپني طرفان خط مليو ته منابي جو پيءُ پنهنجي پوٽي سان گڏجي دبئي اچڻ ٿو گهري، ڇو ته هو اسان جي مهرباني مڃڻ ٿو چاهي، جو اسان سندس پٽ جي اسپتال ۾ سار سنڀال لڌي هئي ۽ مرڻ کان پوءِ سندس لاش جپان ڏياري موڪليو هئوسين. مونکي تپرس وٺي ويو. جيڪڏهن ان جاءِ تي ڪو هندستاني هجي ها ته لک گار ڳڻي ان جاءِ کي ڏئي ها. مٿان وري ڏهه الزام انهن ماڻهن تي به ڌري ها، جيڪي ان وقت ساڻس گڏ هئا، پر جپاني پيءُ جي دل ڏسو. ايڏو پري کان دبئي فقط ان ڪري پئي آيو ته اسان کي شڪر گذاري جا ڪجهه لفظ روبرو اچي چئي، جو اسان سندس پٽ جو مرڻ کان اڳ توڙي مرڻ کان پوءِ خيال رکيو هو.
جڏهن اهو ڪراڙو آيو ۽ اسان سان مليو ته وايومنڊل ڏاڍو جذباتي ٿي ويو. اڪيلو آيو هو. پوٽي کي ان ڪري نه وٺي آيو جو ننڍڙو بار ايڏي وڏي مسافريءَ جو ٿڪ سهي نه سگهي ها. پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي ڪٽنب جي طرفان اسان جا ٿورا مڃڻ کان پوءِ چيائين ته مونکي هلي اهو هنڌ ڏيکاريو، جتي حادثو ٿيو هو. اسان کيس در گهٽنا واريءَ جاءِ تي وٺي وياسين. هو ڪجهه دير چپ چاپ بيٺو رهيو ۽ پوءِ زمين تان مُٺ واريءَ جي ڀري کنيائين ۽ چيائين، “مان هيءَ واري گهر کنيو ٿو وڃان ۽ اتي ان کي سنڀالي رکندس. جڏهن منهنجو پوٽو وڏو ٿيندو، تڏهن کيس ڏيندس ته پنهنجي پتا جي يادگيريءَ طور پاڻ وٽ رکي.”
سڀني جون اکيون آليون ٿي ويون. ڪجهه مهينا پوءِ، جڏهن مان جپان ويس ته منابي جي ڪٽنب مون سان ملڻ لاءِ ٽائيم رکيو. مونکي ساڻس ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. اسان سنڌي ماڻهو اڳ ئي دل جا ڪچا، مٿان وري هيءَ ڏکويل فئملي. سچ پڇيو ته مان سندن ڏک ڏسڻ جي سگهه ساري نٿي سگهيس، پر جڏهن هو مون سان ملڻ آيا، تڏهن منهنجيءَ گهرواريءَ لاءِ هڪ قيمتي ڪِمونو (جپاني عورتن جو ڊگهو لباس) سوکڙيءَ طور وٺي آيا. اهو هنن جي احسانمندي جي اظهار جو طريقو هو. هنن جنهن نموني زندگي جي سچاين جو مقابلو پئي ڪيو، ان مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙيون خوبيون مون ٻين جپانين ۾ به ڏٺيون آهن.
جپانين جي چال چلت، عادتون، روايتون، رواج ۽ رَوَيا پنهنجي جاگيرداراڻي ماضيءَ سان اڄ به مضبوط جڙيل آهن. ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳري اڄوڪي جپان ۾ پڻ اوهان کي اڳوڻي زمينداري ۽ سرداري جپان جا اهڃاڻ نظر ايندا.هو اڄ به پنهنجي شهنشاهه تي ساهه ڏيندا آهن. ماڻهن سان ڏي وٺ وڏي خبرداريءَ سان ڪندا آهن. پرڏيهين سان ته وڌيڪ چڱو سلوڪ ڪندا آهن. ٻئي جي دل رکڻ ڪاڻ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪندا، جيڪا اڳلي کي ڏک رسائي. ماڻهن جي دل آزاري ڪرڻ سکيا ئي ناهن. جيڪڏهن سمجهندا ته سچ چوڻ ڪنهن کي ڪڙو لڳندو ته ڏاڍي نماڻائي سان ڳالهه بدلائي ويندا. ڪڏهن ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه چوڻي به هوندن ته وڏيءَ بردباريءَ سان، عزت واري نموني سان چوندا. ڳالهه ڪندا ته شروعات هميشه سٺي انداز ۾ ڪندا. اهي ئي ڳالهيون ڪندا جيڪي وڻندڙ ۽ مناسب هونديون. جيئن جيئن گفتگو اڳتي وڌندي ته ڪنهن چڱي گهڙيءَ جو انتظار ڪندا ته جيئن صحيح موقعي تي سخت سچ چئي سگهن. هو هندستانين جيان هٿن، اکين ۽ جسم جي اشارن سان سٺي نموني پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يورپي قومون، جيڪي ان قسم جي ڳالهين تي هريل ناهن، سي، جپانين توڙي اوڀر وارن ملڪن جي ڪلچر کان ناواقف هئڻ ڪري، اهڙين ڳالهين کي يا ته چالاڪي ۽ مڪاري سمجهنديون آهن، يا وري ٻه چاپڙائي ۽ ٻهروپيائي چونديون آهن. منهنجي خيال ۾ اها انهن جي ڏاڍائي آهي، جيڪا اوڀر جي سڀيتا کان اڻ ڄاڻائيءَ ڪري هنن جي دماغ ۾ ويٺي آهي. هو جپانين کي ڳجها ۽ اندر جا اونها به ان ڪري ئي سمجهندا آهن.
جپاني ڪنهن کي به عام راوجي ماڻهو نه سمجهندا آهن. خاص ڪري بزنيس جي معاملي ۾ پرڏيهين سان ڳالهائڻ وقت اکيون، ڪن ۽ دماغ بلڪل کليل رکندا آهن. هو پاڻ کي وڌيڪ سياڻو يا ٻئي کي اياڻو ڪونه سمجهندا آهن. هنن سان واپار ڪرڻ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ٻه سومو (Sumo) پهلوان ميدان ۾ لٿل هجن. سومو ملهه جپان ۾ بي حد پسند ڪئي ويندي آهي. اوهان به فلم ۾ يا ٽي وي تي ضرور ڏٺي هوندي. ٻه وڏا پهاڙ جيڏا پهلوان ميدان ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيندا آهن. وزن گهٽ ۾ گهٽ 300 کن پائونڊ هوندن. جسم جي هر حصي مان گوشت جا چڪا پيا لڙڪندن. جسم اگهاڙو، چيلهه وٽ هڪ معمولي چوٽو ٻڌل. هڪ ٻئي کي ٻکين پئي ڪيرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل، پيا داءَ پيچ هڻندا. کٽندو اهو، جيڪو پنهنجي مقابلي واري جي بچاءَ وارين ڪوشش کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ائين ڪرڻ لاءِ هڪ ته هن کي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو آهي، ۽ ٻيو ته کيس هر گهڙيءَ هوشيار رهڻو پوندو آهي. بس، جنهن پل اڳلو ٿورو به ويسلو ٿيو، ان دم هو ميدان مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس.
ان سڄي رٿابنديءَ جو تت آهي هر دم هوشيار رهڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ: موقعو ملندي ئي دشمن تي وار ڪري ڏيو.
جپاني بزنيس ٽيمون جڏهن ڪاروباري ڳالهيون هلائڻ اينديون آهن، تڏهن مون منجهن اهو ساڳيو سُومو وارو گُڻ ڏٺو آهي. ملاقات ۾ سلام دعا کان پوءِ هو چپ ڪري انتظار ڪندا آهن ته ڀل ته ٻي ڌر پنهنجا رايا ڏئي. ماٺ ڪيو ويٺا چانهه پيئندا، پر ڌيان سمورو ڳالهائيندڙ ۾ هوندن. اها اٽڪل کين سامهون واري پارٽي جي پاڻيءَ ڪڇڻ ۾ ڏاڍي مدد ڏيندي آهي. جڏهن اڳلن جي اندر جو اوڳر ڪڍي بيهندا، تڏهن وڏي هوشياري سان هر هڪ سوال جو جواب ڏيندا. پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ دليل ڏيندا ۽ جتي مناسب سمجهندا، اتي ڪَسُ ڪسر کائڻ کان به نه ڪيٻائيندا. ائين ڪرڻ سان به پنهنجو نقصان ٿيڻ هر گز نه ڏيندا.
جپانين جي روايت آهي ته اڪيلو ماڻهو نه، بلڪ سڄي ٽيم ڳالهين ۾ حصو وٺندي آهي. جوابداري به سڀني جي گڏيل هوندي آهي، اڪيلي سر جي نه. اهو مثال ائين کڻي ڏجي ته جيئن هڪ ڏوهاريءَ کي بندوق باز گڏجي گوليون هڻي ماريندا آهن. هڪ ڄڻو گولي هڻندو ته پاڻ کي ڏوهاري ڀانئيندو. ان ڪري جي سڀ هڪ ئي وقت فائر ڪندا ته ڪو به ائين نه چوندو ته جوابدار کي ڪنهن جي گوليءَ ماريو. گڏيل جوابداري هڪ طرف ته اڪيلي سر ڏوهه پاڻ تي کڻڻ کان بچائي ٿي، ٻئي طرف ڪاميابي جي صورت ۾ ڪو به ماڻهو پنهنجيءَ سورهيائي جي ٻٽاڪ هڻي نه سگهندو.
جپاني پنهنجي رُتبي، درجي يا ڪلاس جي باري ۾ به ڏاڍا ڏکڻا ٿيندا آهن. سندن اها روش بلڪل هندستانين جهڙي آهي، جن کي پڻ پنهنجي ذميداري، سرداري يا چوڌراهٽ تي وڏو ناز هوندو آهي. جپاني ته هندستانين کان به ٻه هٿ اڳتي آهن. هنن کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته هو ملڪي نظام ۾ ڪهڙو درجو رکن ٿا. کانئن مٿي ڪير آهن ۽ هيٺ ڪير. هنن کي ڪچيءَ کان ئي تربيت مليل هوندي آهي ته پنهنجي سماجي پوزيشن ڪهڙي نموني برقرار رکجي. اها ئي تربيت کين پنهنجا ادارا، ڪاروبار ۽ ڪمپنيون هلائڻ لاءِ گهربل ڊسيپلين هڪيو تڪيو حاضر ڪري ڏيندي آهي. مٿئين ماڻهوءَ جو حڪم هڪدم مڃڻو آهي، بنا چون چرا جي مڃڻو آهي ۽ وڏيءَ قابليت ۽ هوشياريءَ سان ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻي آهي. اهو جپانين جو اصول آهي.
جپانين جي اها عادت مونکي هميشه تڏهن ياد ايندي آهي، جڏهن مان ڪا انڊين فلم ڏسندو آهيان يا ڪنهن هندستاني جو لکيل ناول پڙهندو آهيان، جنهن ۾ هيرو سماج جي خلاف بغاوت ڪندو آهي ۽ رسمن رواجن کي للڪاريندو آهي ته ڏسندڙ يا پڙهندڙ واهه واهه ڪري اٿندا آهن. اولهه جا ملڪ ته ويتر اهڙن ڪردارن کي وڌيڪ مانُ ڏيندا آهن. اتان جي ماڻهن کي پنهنجن سماجي حقن جو ايترو ته فڪر هوندو اهي جو هو ننڍ- وڏائيءَ کي ڏسندا آهن.ان ڪري اولهه جي ملڪن ۾ ڪو حڪم ڏنو ويندو آهي ته ان جي پوئواري تي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي. ان جي ابتڙ، جپان ۾ حڪم عام رواجي سادي سودي نموني ڏنو ويندو آهي، ڇو ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته ان جي پوئواري هر حال ۾ ٿيندي. جپانين جي گفتگو مان به توهان سندن سماجي رتبي جو پتو لڳائي سگهو ٿا. ڪنهن ڪمپنيءَ جو مالڪ پنهنجي سائينءَ سان يا پاڻ کان وڌيڪ درجي وارن سان جنهن انداز، لهجي يا لفظن ۾ ڳالهائيندو، اهڙي طرح پنهنجن زيردستن سان بلڪل ڪونه ڳالهائيندو. هن جي گفتگو ٻڌڻ سان ئي توهان کي پتو پئجي ويندو ته هو هڪ جهڙن سان ٿو ڳالهائي يا پاڻ کان وڏن سان يا ننڍن سان. ننڍي کنڊ ۾ به ساڳي حالت آهي. جپاني پنهنجن اصولن يا نيمن کان ڪونه ڦرندا آهن. مون کي ٽوڪيو جي هڪ هوٽل جو واقعو ٿو ياد اچي جپان ۾ هوٽلن وارا جيڪو کاڌو گراهڪن کي آڇيندا آهن، اهو شيشي جي شوڪيسن ۾ عام پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ پڻ رکي ڇڏيندا آهن. دراصل اهو اصلي کاڌو ڪونه هوندو آهي، پر پلاسٽڪ منجهان ٺهيل ماڊل هوندا آهن، جيڪي هوبهو اصل جهڙا ڏيکاربا آهن. انهن تي وزن توڙي قيمت به لکيل هوندي آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن کاني ۾ ٽماٽو ساس به شامل آهي ته ماڊل ۾ رکيل پليٽ جي ان پاسي ٽماٽو ساس رکيل نظر ايندو، جيئن اوهان کي سچو پچو هوٽل ۾ اندر ملندو.
انهن ڏينهن ۾ جپان اندر انگريزي ٻولي ايڏي عام ڪونه هئي. ماڻهو تمام گهٽ انگريزي سمجهندا توڙي ڳالهائي سگهندا هئا. ان ڪري ماڊل ٺاهي رکڻ وارو رواج ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي لاءِ سهوليت هئي. هو ڏسي سگهندا هئا ته فلاڻيءَ ڊش ۾ ڇا ڇا ملندو ۽ ڪيتري ۾ ملندو. وڌيڪ ڊيگهه پٽاڙ جي ضرورت ئي ڪانه ٿيندي هئي.
مون کي سلاد جي پليٽ گهرائڻي هئي، پر ماڊل ۾ ڏيکاريل سلاد جي مٿان ٽماٽا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇٽيل هئا.مونکي منهنجي ڊاڪٽر ٽماٽا کائڻ کان جهليو هو، ان ڪري مون چاهيو پئي ته ٻيو ته سڀ ڪجهه ساڳيو هجي، رڳو ٽماٽا نه هجن. ويٽر ڇوڪري کي سڏ ڪري چيم ته “او هوءَ پليٽ جيڪا سامهون شوڪيس ۾ پئي آهي، سا کپيم. ٽماٽا نه کپن.”
هن کي ڏاڍو عجب لڳو. چيائين، “Ah! Sodiska? Chutmate kudasai يعني، “اڇا، اها ڳالهه آهي؟ ٿورو ترسو.”
هوءَ بورچيخاني ڏانهن ويئي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ مرڪندي آئي، چيائين، “هائو، چون ٿا اهو ممڪن آهي.”
مون سلاد کاڌي، پر سوچيندو رهيس ته آخر هوءَ بورچيخاني ڏانهن ڇو وئي هئي؟ جڏهن بل آيو، تڏهن وڃي ڳالهه سمجهه ۾ آيم. ڏٺم ته جيڪو اگهه شوڪيس ۾ پيل ماڊل تي هو، تنهن کان بل ۾ وڌيڪ هو. پڇيم، “ايڏو بل ڇا جي لاءِ؟”
هن آرام سان جواب ڏنو، “توهان جي خاص آرڊر تي ڊش تيار ڪرائي وئي هئي.”
مون ٻئي هٿ کڻي پنهنجن ڪرمن تي هنيا. دل ۾ چيم ته جي اهڙو ئي اڇو مُنهن ڪرڻو هئم ته کڻي هٿ سان ٽماٽا ڪڍي پري ڪري رکان ها! پر ويٽر ڇوڪريءَ جو ڏوهه ڪونه هو. هوءَ ويچاري ته پنهنجي سسٽم جي هٿان لاچار هئي.کيس پنهنجي سماج توڙي قانون جا اصول مڃڻا هئا. مون کي هڪ سچائيءَ جي ته گهٽ ۾ گهٽ خبر پئجي وئي.اها هيءَ ته جيڪڏهن جپاني ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندا آهن، پر پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سچ ڳالهائڻ کان پاسو ضرور ڪندا آهن.
ٻيو ميدان، جنهن ۾ انديا جهڙا گهٽ ترقي ڪيل ملڪ جپان کان سبق سکي سگهن ٿا، سو آهي تعليم. جنگ کان پوءِ جيڪي سڌارا جپان تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي ملڪ ۾ آندا آهن، انهن کي ڏسي اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڪوبه ملڪ هن قسم جي رٿابندي ڪري، ٿوري ۾ ٿوري وقت اندر پنهنجي ماڻهن جي قسمت بدلائي سگهي ٿو. اهي اهڙا سڌارا آهن، جن جي وسيلي جپاني ماڻهن جا حوصلا وڌيا ۽ سندن لڙائيءَ ۾ کاڌل هار جا گهاءَ ڀرجي پيا.جنگ کان پوءِ جپان هڪدم تاڙي ورتو ته تعليم ئي اڪيلو رستو آهي، جنهن وسيلي هو ٻين قومن سان برابري به ڪري سگهندا ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا به حاصل ڪري سگهندا. هنن اهو پڻ محسوس ڪيو ته تعليم ئي سماجي ترقي لاءِ ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندي. تعليم جي ئي آڌار تي هو جپان کي سرداري ۽ زمينداري ڄار مان ڪڍي، هر ماڻهوءَ جو مانُ مٿانهون ڪري سگهندا.
اهي سڀ ڳالهيون سوچي، جپانين پنهنجي وڏي سيڙپ ڪئي تعليم ۽ صحت ۾. ائين ڪرڻ سان هنن ننڍ-وڏائيءَ جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا. گڏوگڏ هنن انڊسٽري ۾ پڻ گهڻو بهرو وٺڻ شروع ڪيو. ائين ڪرڻ سان هنن دنيا آڏو ثابت ڪري ڏيکاريو ته تعليمي سڌارا نه رڳو تڪڙي ترقي جي راهه هموار ٿا ڪن، پر غربت کي پڻ ٻُنجو ٿا ڏين. هنن دنيا کي اهو به ڪري ڏيکاريو ته پرائمري تعليم ۽ پرائمري صحت عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ايترو ته گهڻو ڪم ڪري ٿيون سگهن، جيترو شايد گهٽ اگهه تي ملندڙ سرڪاري کاڌو ۽ غريبن کي ملندڙ خيرات يا دان به نه ڪري سگهي.
اها ڳالهه سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. جيڪڏهن غريب پڙهيل لکيل آهي ته پوءِ هو انڊسٽري توڙي مالي ترقيءَ مان ڀرپور فائدو وٺندي، سٺو روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو.جپانين غريبن کي تعليم ڏياري کين ترقي ڪرڻ ۽ سُکي زندگي گذارڻ جا دروازا کولي ڏنا. هنن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سڀ کان سٺي سيڙپ اها آهي، جيڪا انسان جي چڱاين کي اُڀارڻ ۾ مدد ڪري.اها ئي اڪيلي سيڙپ آهي، جيڪا مهانگائيءَ جي هن زماني ۾ عام ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار اوچو ڪري سگهي ٿي ۽ هر شخص خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿو.
هندستان ۾ به سماجي انقلاب آڻڻ ۾ تعليم جو وڏو هٿ آهي. ٻين سڀني ڳالهين کي پاسيرو رکو، رڳو تعليم کي ئي ڏسو ته گهٽ ذات وارن کي ٻين جي برابر آڻڻ ۽ زندگيءَ ۾ اُڀرڻ ۽ اُسرڻ ۾ تعليم سندن ڪيڏي نه سهائتا ڪئي آهي. پر پريشاني جي ڳالهه اها آهي ته انڊيا تعليم کي سڄي ملڪ ۾ هڪ آدرشي ڀاوَ سان ڦهلائڻ ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي. اها انڊيا جي وڏي هار آهي. خاص طور پرائمري تعليم کي هندي ٻوليءَ جي ڳڙهه ۾ بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏڻ.
جپان جي تعليمي تاريخ جنگ کان گهڻو پراڻي آهي. 1868ع واري Meiji Restoratic کان به اڳ واري جاگيرداراڻي دور ۾، ان جي شروعات ٿي چڪي هئي.
انهن اوائلي ڏينهن ۾ به اسڪول هوندا هئا، جيڪي سماج جي جدا جدا طبقن کي تعليم ڏيندا هئا. سمورائي، جيڪي جنگجو ۽ ويڙهاڪ هوندا هئا،تن جا پنهنجي اسڪول هئا.اهڙيءَ طرح واپارين توڙي ٻنيون ٻارو ڪندڙن جا الڳ الڳ اسڪول هئا. عام ماڻهن جي اسڪولن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ کان سواءِ حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو پڻ سيکاريوويندو هو.
نئين دور جي تعليم جپان ۾ 1876ع کان رائج ٿي. ان سال سرڪار سڄي ملڪ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول کوليا. هر ٻار جي لاءِ ضروري هو ته هو پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ضرور وڃي. نئين صدي جي شروعات کان پرائمري تعليم مفت ڪئي وئي ۽ 1908ع کان ڇهين درجي تائين مفت تعليم جو دائرو وڌايو ويو.
لڙائيءَ کان اڳ جپان ۾ تعليم جو طريقو يورپي سسٽم تي ٻڌل هو. لڙائي ختم ٿيڻ شرط، آمريڪي تعليمي ماهرن جي مدد سان،ان سسٽم کي بدليو ويو ۽ آمريڪي سسٽم جو رواج وڌو ويو. ان طريقي موجب پرائمري تعليم جا ڇهه سال۽ جونيئر هاءِ اسڪول جا ٽي سال هر ٻار لاءِ ضروري ۽ مفت ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح، نوَ سال پرائمري ۽ جونيئر هاءِ اسڪول جا پورا ڪرڻ کان پوءِ، ڪو به شاگرد ٽي سال سينيئر هاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ جا پڙهڻ لاءِ وڃي سگهي ٿو، جنهن تي گهڻو ڪري چار سال لڳي ويندا آهن.
جپان ۾ اڄ به ٻن قانونن تي ٻڌل اصولي ۽ بنيادي تعليمي عمارت بيٺل آهي: پهريون آهي تعليم جو بنيادي قانون، (The Fundamental Law of Education) ۽ ٻيو آهي اسڪولي تعليم جو قانون (The School Education Law) اهي ٻئي قانون 1947ع ۾ لاڳو ڪيا ويا. بنيادي قانون ۾ هر ٻار کي هڪ جهڙي تعليمي سهوليت جي خاطري ڪرايل آهي. ان قانون ۾ نسل، خاندان، جنس، سماجي رتبي، اميري-غريبي يا ڪنهن اهڙي ٻئي متڀيد کي سختيءَ سان رد ڪيو ويو آهي. تعليم جو خاص زور آهي سياسي ڄاڻ ۽ ڌرمي سهپ تي.پر اُن هوندي به، ڪنهن به سياسي لاڳاپي يا ڌرمي ڪٽرپڻي تي بندش پيل آهي.
شروع ۾ هر ماڻهوءَ يا اداري (Institution) جي مرضي تي ڇڏيل هوندو هو ته هو ڪوبه تعليمي اسڪول کولي سگهندا هئا، پر کين تعليم کاتي جي وزارت کان موڪل وٺڻي پوندي هئي ۽ اهو به ڄاڻائڻو پوندو هو ته هو مقرر ڪيل قانون جي هر حال ۾ پوئواري ضرور ڪندا. سرڪار پنهنجي طرفان هر علائقي ۾ هڪ يونيورسٽي کولڻ لاءِ ٻڌل هوندي هئي. لڙائي ۾ شرمناڪ شڪست کان پوءِ، ٽن سالن اندر جپان ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو انگ 19 مان وڏي 70 تائين وڃي پهتو.انهن ئي ساڳين ٽن سالن ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيون 25 مان وڌي 105 ٿي ويون.
جيئن جيئن جپان جي مالي حالت سڌرندي وئي، تعليمي ادارا پڻ وڌندا ويا. ان کان ايندڙ 30 سالن ۾ يونيورسٽين جو ڪل تعداد 553 ٿي ويو، جن مان 92 سرڪاري خرچ تي هلندڙ هيون. هتي هڪ ضروري ڳالهه اها ٻُڌائڻي آهي ته جپان ۾ هائر تعليم ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ نه ورتي ويندي آهي. ماسٽرس ڊگري لاءِ ڪاليج گريجوئيٽن جا فقط پنج سيڪڙو شاگرد ويندا آهن ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ رڳو 1.5 سيڪڙو. ان هوندي به نوڪريءَ جي لاءِ اپر سيڪنڊري تعليم (Upper Secondary Education) تمام ضروري آهي.
هنري اسڪول به ڏاڍا پسند ڪيا ويندا آهن. سبب اهو آهي ته ڇڙي ڊگري روزگار جي ضمانت نٿي ڏئي سگهي. ڊگري وارن کي ڪو هٿ جو پورهيو، سيلسمئن جو ڪم يا ڪنهن خدمت جي انڊسٽري ۾ ورڪر جو روزگار ئي ملي سگهي ٿو. ها، البت نامور ڪمپنيون تازيون ڊگريون ورتل نوجوانن کي روزگار ڏين ٿيون، پر شرط اهو آهي ته اهي ڊگريون ڪنهن مڃيل يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيل هجن.مڃيل يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ وري ڪنهن تمام سٺي اسڪول يا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري فقط اهي وديارٿي (شاگرد) ڪاليجن ۾ داخلا وٺندا آهن، جن کي تمام وڏيون نوڪريون گهرجن يا وري جن کي وڌيڪ پڙهڻ جو شوق هجي. مڃيل يونيورسٽيءَ ۾ داخلاوٺڻ لاءِ وري ڪنهن تمام سٺي اسڪول يا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري مٿين تعليمي ادارن، جهڙوڪ ڪاليج يا يونيورسٽيءَ تي بار ڪافي گهٽجي ٿو وڃي.
اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي ته يو اي اِي هاڻي تعليم جي ميدان ۾ به وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هاڻ هتي سرڪار سطح جي تعليمي ادارن جهڙوڪ: يو اي اِي يونيورسٽي ال زين زيد يونيورسٽي ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل هاير ڪاليجن جي ڀيٽ ۾ ٻين خانگي ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جو جهجهو انگ پيدا ٿيندو پيو وڃي.انهن اعلى تعلمي ادران ۾ سڄي قوم جي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو شاگردن کي 2020ع واري قومي پروگرام مطابق داخل ڪرڻ جا انومان آهن.
ان سلسلي ۾ جيڪڏهن يو اَي اِي. تي نظر وجهي ته خوشي ٿيندي ته هت پڻ تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي. يو.اي.اي. ۾ هن وقت 33 پرائيويٽ ڪاليج ۽يونيورسٽيون آهن. سرڪاري يونيورسٽيون ۽ ڪاليج انهن کان سواءِ آهن، جن ۾ يو.اي.اي. يونيورسٽي، العين زايد يونيورسٽي فار وومين۽ هائر ڪاليج آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. هر سال 30000 کان مٿي شاگرد جدا جدا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا وٺندا آهن.
نيشنل ايڊميشنس اينڊ پليسمينٽ آفيس (National Admission and Placement Office) جيڪا منسٽري آف ايڊوڪيشن اينڊ سائينٽفڪ ريسرچ (Ministry of Higher Education and Scientific Research) جو هڪ کاتو آهي، تنهن تازو هڪ رپورٽ ڇپائي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مٿانهينءَ تعليم لاءِ شاگردن جي رجسٽريشن ۾ واڌارو ٿي ويو آهي، جن مان 65 سيڪڙو اميدوار ڇوڪريون آهن.
ان ساڳيءَ منسٽري آف هائر ايڊيوڪيشن (Ministry of Higher Education) قائم ڪئي آهي، جنهن جو ڪم آهي پرائيويٽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪم ڪار تي نظر رکڻ ۽ کين قاعدي قانون موجب هلائڻ. مطلب وري به اهو ئي آهي ته تعليم جو معيار قائم رکجي ۽ سٺي تعليم تي ڌيان ڏجي. يو.اي.اي. دنيا ڀر جي مشهور سروسز پرووائيڊ ڪمپنين جي نگاهن جو مرڪز بنجي چڪي آهي.اهي ڪمپنيون دبئيءَ ڏانهن ڇڪجي اچي رهيون آهن.انهن ڪمپنين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ دبئي ٻاهرينءَ جوڙجڪ جو جوڳو بندوبست ڪيو آهي، خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾.
مون کي پڪ آهي ته دبئي پنهنجن شهرين توڙي پرڏيهين جي لاءِ بهترين تعليم جو انتظام ڪرڻ ۾ وس آهر سڀ ڪجهه ڪندي. هن ملڪ جي نيتائن، (اڳواڻن) فيڊريشن جي ٺهڻ کان پوءِ، تعليم جي اهميت کي سڃاتو آهي ۽ کين ان ڳالهه تي وشواس آهي ته تعليم انسان جي اندر ۾ لڪل خوبين کي ٻاهر آڻي کين سماجي تبديليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنائي ٿي.
هندستان جهڙن ملڪن کي به گهرجي ته هو هاڻي ان ڳالهه کي چڱي ريت سمجهن ته مٿاهين تعليم هاڻي ضرورت آهر سڄيءَ دنيا ۾ بدلجي رهي آهي. هي زمانو سڄي دنيا کي ويجهو آڻڻ، آزادي ڏيارڻ ۽ پرائيويٽ سيڙپڪاريءَ جو زمانو آهي. ان دور ۾ تعليم جي عيبن ثوابن تي پردو رکڻ يا کيس ايندڙ وڏي تبديلي کان بچائڻ هاڃيڪار ٿيندو.اهو اصول دنيا جي هر ملڪ سان لاڳو آهي. سرڪار جو ڪم آهي هر ٻچي ٻار کي پڙهائڻ، پر بهتر، سٺي ۽ ڪم جهڙي تعليم ڏيڻ لاءِ اسان کي دنيا جي مڃيل ۽ مشهور تعليمي ماهرن کان مدد وٺڻي پوندي.
اهو سچ آهي ته انڊيا جي گهڻي ڀاڱي يونيورسٽين وٽ ڪم ڪا هلائڻ لاءِ پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ آهي. پورائي ڪرڻ لاءِ هو وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏين ٿا، پر انهن جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ سندن وس ۾ ناهي. بلڊنگون ڪونهن. جي آهن ته ڏسڻ ۾ موچاريون ڪونهن. سڌريل ملڪن ۾ اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين جي اندرئين توڙي ٻارهينءَ ڏيکاءَ، سونهن ۽ شان تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي.اهو به سٺي تعليم ڏيڻ جو هڪ اهم حصو آهي. اُستادن کي پگهارون به سٺيون ملڻ گهرجن. لائق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجيءَ پسند جو ڪورس يا ڪاليج چونڊي کڻن. هندستان ۾ ريسرچ، ڪتابن ۽ ٻئي ضروري سامان جي کوٽ آهي. اسٽيٽ گورنمينٽ توڙي فيڊرل سرڪار تعليمي ادارن کي سندن روزمره جو خرچ ڏئي نٿي سگهي.
اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هندستان ۾ تعليم عام ڪرڻ واري رٿ هاڻي ڪافي ڪامياب ٿي چڪي آهي. ان هوندي به، اسان کي تعليم جي لاءِ هڪ مثالي وايومنڊل ۽ سازوسامان گهرجي، جيڪو دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪلهو هڻي سگهي.
ان ڪم ۾ اين.آر.آءِ. (پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني) گهڻي سهائتا ڪري سگهن ٿا. هندستاني سرڪار کي جڳائي ته هو اين.آر.آئي کي همٿائي ته جيئن هو پنهنجي ملڪ ۾ اوچي تعليم جي لاءِ چڱي موچاري سيڙپ ڪن.اهڙن ماڻهن جي ڳولا ڪجي، جيڪي اڳ ئي اُن ميدان ۾ لٿل آهن.مثال طور سني ورڪر کي ئي کڻي ڏسو. سني ورڪي “ورڪي”، گروپ جو چيئرمين آهي ۽ يو.اي.اي. توڙي گلف جي ٻين ملڪن ۾ هن جون تعليم لاءِ ڪيل خدمتون جسَ لهڻن. اهو گروپ 21 اسڪولن جو يا ته مالڪ آهي يا انهن مان ڪن جي سار سنڀال لهندو آهي ۽ انتظام سنڀاليندو آهي. انهن مان گهڻا اسڪول يو.اي.اي. ۾ آهن. هن گروپ جي مکيه ڳالهه اها آهي ته هو سماج جي الڳ الڳ طبقن لاءِ ۽ سندن گهرجن آهر، جدا جدا قسم جي تعليم جو بندوبست ڪندو آهي. پرڏيهي سندس خاص ڌيان لهڻندا آهن. انڊيا اهڙن ماڻهن کي ملڪ ۾ گهرائي، کانئن تعليمي ضرورتن جي سروي ڪرائي ته پتو پئجي ويندو ته ملڪ ۾ تعليمي مارڪيٽ ڪيترو نه وڏو آهي.
جپانين ۾ هڪ ٻي خوبي به آهي، جيڪا مونکي وڻندي آهي. هو ڳالهيون ڪرڻ کان وڌيڪ سچي پچي ڪم ڪري ڏيکاريندا آهن ۽ منجهن نين شين ٺاهڻ جو وڏو ڏانءَ آهي. سندن موٽر ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپنين جو ئي کڻي مثال وٺو. دنيا جي وڏين ڪمپنين سان ڪلهي گس ٿا ڪن. هنن موقعي جو فائدو وٺندي اڌوراڻين (Second-hand) گاڏين جو مارڪيٽ پوريءَ دنيا اندر پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، اڄ اسان جپان کان بهترين ٻيهر جوڙيل (Re-conditioned) موٽر ڪارون نه رڳو دبئي ۾، بلڪ پوري دنيا جي رستن تي ڊوڙنديون ڏسون ٿا. دبئي ۽ ٻين امارات ۾ اڌوراڻين گاڏين جو هڪ تمام وڏو، ڪمائتو ۽ رٿابنديءَ وارو مارڪيٽ اُڀري رهيو آهي. پر بدنصيبي سان اها ساڳي حالت نه ٽيڪسٽائيل ۾ نظر ٿي اچي، نه اليڪٽرانڪ شين ۾ ۽ نه وري روز مره جي ٻين ڪيترن ئي وکرن ۾. سيڪنڊ هئنڊ سامان جو مارڪيٽ ڪنهن به ملڪ جي مالي حالت سڌارڻ لاءِ بي حد ضروري آهي، ڇو ته ان منجهان ئي نئينءَ شيءِ جي گهرج پيدا ٿئي ٿي. اڻ سڌي طرح اهو مارڪيٽ عام ماڻهن جي رهڻيءَ ڪرڻي کي سڌارڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.
اڄ ڪلهه يورپ جا سڌريل ملڪ به پراڻين شين کي ٻيهر سڌاري (Recycle) استعمال ڪري رهيا آهن. هو ته ايترو اڳتي وڌي ويا آهن جو انساني ڪرفتيءَ کي به Recycle ڪري منجهانئس ڀاڻ ٺاهي پيا وڪڻن. پر هنن کي به هندستاني ڪمند جي رس وڪڻندڙن کان سبق سکڻو پوندو. توهان ڏٺو هوندو ته هندستان جي بازارن ۾ ڳني منجهان رس ڪڍندڙ ڪيئن نه چيچڙي ۾ ڪمند کي تيستائين پيا نپوڙيندا آهن، جيستائين منجهانئس آخري ڦڙو به ڪڍي نه وٺندا. اتي به سُک نه ايندن. نپوڙيل ڪمند وري جانورن جي چاري لاءِ به استعمال ڪندا. ذري به زيان ٿيڻ نه ڏيندا. سچ پُڇو ته هندستانين بار بار شين کي واپرائڻ جا گُر سکي ورتا آهن ۽ ان ڪم ۾ ڪلاڪاريءَ جي حد تائين ڪمال ڪري ڏيکاريندا آهن. گهر جا پراڻا ڪپڙا ۽ جوتا ڏئي انهن جي بدران نوان باسڻ وٺڻ کي توهان ڀلا ٻيو ڪهڙو نالو ڏيندا؟ پراڻين شين کي وري وري ڪم ۾ آڻڻ سان وايومنڊل صاف سٿرو رهي ٿو، ماڻهن کي روزگار ملي ٿو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته گندگي گهٽجي ٿي.
بدقسمتيءَ سان،سڌريل ملڪن Re-cycling تي گنڀيرتا سان ڌيان ڪونه ڏنو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو اڌوراڻين شين جي لاءِ ڪو مناسب مارڪيٽ ٺاهي نه سگهيا آهن. ان جو ڪارڻ سندن خوشحالي آهي. هو سُکيا آهن، پئسو جام اٿن، ان ڪري هنن جو ڌيان ٻئي طرف وڃي ئي نٿو. ڪنهن به سماج ۾ عام طور ٽي طبقا ٿيندا آهن. شاهوڪار، وچولو ۽ غريب طبقو. يو.اي.اي.۾ ڏسبو ته عملي طرح غريب ڪلاس آهي ئي ڪونه. جن جي آمدني گهٽ آهي، سي به ٻين کان وڌيڪ سکيا آهن. انهن ملڪن ۾ ماڻهو پراڻي سراڻي ڪپڙي لٽي يا اهڙي ٻيءَ ڪنهن شي کي اڇلائي ڇڏيندا آهن. اسان وانگر ان کي ٻيهر ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڪارج ۾ ڪونه آڻيندا آهن.
اسان جهڙن پرڏيهين ۾ اوهان کي اهي ٽئي ڪلاس نظر ايندا. آخري يعني غريب ڪلاس ته سڀني کان وڏو ڏيکاربو. انهن جي لاءِ جيڪڏهن ڪو پراڻين يا اڌوراڻين شين جو مارڪيٽ ٺاهجي ته جيڪر کين ان مان وڏو فائدو رسي. اهڙي ئي قسم جو ڪو باقاعدي جوڙيل مارڪيٽ اليڪٽرانڪ يا ٻين شين جو هجي ته هوند اسان جا پرڏيهي ڀائر چڱي موچاري رقم بچائي سگهن. سيڪنڊ هئنڊ سامان ۾ کين نئين ماڊل جهڙو سامان ملي سگهندو ۽ قيمت به گهٽ ڏيڻي پوندي. اهڙي طرح سندن لاڙو نون ماڊلن جي سامان خريد ڪرڻ طرف وڌيڪ ٿيندو. ملڪي مالي حالت به سڌري پوندي، ڇو ته هر ڪلاس جي ماڻهن کي سندن آمدنيءَ موجب جڏهن گهرج جون شيون ملڻ لڳنديون ته هو به خرچ ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا.
واپار جو هڪڙو اصول، جيڪو مونکي ڏاڍو ڪم آيو آهي، اهو اوهانکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان، پراڻي زماني ۾ سماج ۾ اڻ-برابري هوندي هئي. ننڍ-وڏائي هئي. اڃان به آهي، پر ايتري گهڻي نه، جيتري اڳ هئي.ان اڻ-برابريءَ ۾ سماجي ننڍ وڏائيءَ جي سبب ئي واپاري وايومنڊل ۾ تيزي ۽ هلچل هوندي هئي، جيڪا اسان اڄ به ڏسي سگهون ٿا. اهو سسٽم، جنهن جي مان ڳالهه ٻڌائڻ گهران ٿو، سو هن طرح ڪم ڪندو آهي: مٿئين ۽ وچولي ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي روزمره جي استعمال جو سامان ٿورو پراڻو ٿيڻ تي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندا، جيڪڏهن کين اها پڪ ٿي وڃي ته اهو سامان چڱي اگهه تي وڪامي ويندو. جيڪڏهن کين مناسب ڏوڪڙ ملي ويا ته هو ٻيهر ساڳيو ئي سامان نئين ماڊل جو خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، ڇو ته هو هاڻي مٿان ٿورڙا پئسا وجهي نئين شي جا مالڪ ٿي ويندا. اهڙيءَ ريت، هو ٿوري ٿوري عرصي کان پوءِ پراڻي شيءِ وڪڻي، نئينءَ جو شوق پيا پورو ڪندا. نئين ماڊل جي موٽر ڪارن جي شوقينن کي اوهان گهڻو ڪري ائين ڪندي ڏٺو هوندو.
ڪوبه ماڻهو، ڀلي کڻي هو ڪيترو به ڌنوان ڇو نه هجي، گهٽ مُلهه تي پنهنجي نئين شيءِ ڪونه وڪڻندو. مثال طور، مون وٽ هڪ ٽي.وي. سيٽ آهي، جيڪو پنج سال پراڻو آهي. ان ٽي.وي. سيٽ کان مونکي ڪا به شڪايت ناهي. آواز به صاف، تصوير به چٽي. ڪڏهن خراب ڪونه ٿيو. انهن پنجن سالن وچ ۾ ٽي.ويءَ جا ڪيترائي نوان، سهڻا ۽ سٺا ماڊل مارڪيٽ ۾ آيا، پر مان پنهنجي ٽي.وي. سيٽ کي ان ڪري وڪڻڻ نٿو گهران جو منجهس ڪا به خرابي ناهي. جيتوڻيڪ نوان ماڊل ڏسي گهڻا ڀيرا دل به سرڪندي اٿم، وات ۾ پاڻي به ايندو آهي، پر ڇا ڪريان ٽي.وي ۾ ڪا ڏنگائي هجي ته وڪڻانس، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي منهنجي ٽي.ويءَ جي سٺي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ته مان جيڪر ان کي وڪڻي ٿورو گهڻو مٿيون خرچ ڪري وڃي نئون ٽي.وي سيٽ وٺي اچان.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته دبئي ۾ جتي ڪيترائي پرڏيهي ڪم ڪن ٿا، اتي اهڙين اڌوراڻين شين جو مارڪيٽ ڇو نٿو کلي؟ هڪ سبب ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته دبئي جا واپاري اهڙي مارڪيٽ ۾ پئسو سيڙائڻ نٿا چاهين، جنهن مان کين گهٽ آمدني جو ڀئُه هجي. ان ڪم لاءِ پهرين ته ميدان ٺاهجي، پوءِ ڏوڪڙ سيڙائجن.وڏو خرچ ته انهن ٻن اسمن تي ئي اچي ويندو. مزور ۽ ريئل اسٽيٽ.
سيڪنڊ هئنڊڪار مارڪيٽ وارن کي اهو فائدو آهي ته جيڪي نين گاڏين جا ڊسٽريبيوٽر آهن،اهي ئي پراڻين گاڏين جو نيڪال ڪن ٿا. کين نه ته ڪا نين جڳهه کپي، نه ان مٿان ڪو مزور مَڙي جو خرچ اچي ۽ نه وري ڪا نئين سيڙپ ڪرڻي پوي. هر شيءِ وٽن اڳ ئي موجود آهي. نيون گاڏيون به اُتي ئي وڪڻندا، جتي پراڻيون وڪڻندا. بغير محنت ۽ گهٽ سيڙپ سان هو آرام سان نين توڙي پراڻين گاڏين جو ويٺا واپار ڪن. اهو ئي مکيه ڪارڻ آهي جو پراڻين گاڏين جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندي.
پراڻين گاڏين جي گهڻي کپت جي ڪري فالتو پرزن (Spare Parts_ جو ڌنڌو پڻ وڌي ٿو. جيئن ته ڊسٽريبيوٽر اهي پرزا وڪڻندا آهن، انڪري اهو نفعو پڻ هو پاڻ ڪمائيندا آهن. گاڏين کي ٻيهر جوڙڻ (Re-conditioned) جو ڪم به هو ئي ڪندا آهن. اڃا به اڳتي، اهي نئين سر جوڙيل (Re-conditioned) گاڏيون هو ڀروارن ملڪن ۾ وڪڻندا آهن، جتي وڏي انگ ۾ پرڏيهي رهندا آهن. جڏهن اهو سڀ ڪجهه هڪ ئي ڌر ڪندي هجي، ته پوءِ ڪهڙي اچرج جي ڳالهه ٿي. العوير جو شهر هر روز وڃي ٿو ڦهلجندو،ڇو ته اتي ئي سيڪنڊ هئنڊ موٽرن جو وڏو مارڪيٽ آهي.
جهڙيءَ طرح موٽرن جو مارڪيٽ آهي، اهڙي نموني سيڪنڊ اليڪٽرانڪ سامان جو پڻ مارڪيٽ هئڻ گهرجي. پر ان ڪم لاءِ وڏي تياري ۽ ٻين ضروري ڳالهين جي گهرج پوندي، جيڪي هن وقت موجود ناهن. ٿي سگهي ٿوته ڪو خاص علائقو، جيڪو شهر کان ٻاهر هجي ۽ جتي زمين توڙي جائداد جي قيمت گهٽ هجي، اتي نئون بنيادي ڍانچو ٺاهي، اهڙي قسم جو مارڪيٽ قائم ڪري سگهجي. ان سڄي مامري جو مطلب رڳو اڌوراڻو سامان وڪڻڻ ناهي، پر اهڙو مارڪيٽ ٺاهڻو آهي، جتي سيڪنڊ هئنڊ شين کي کپائي سگهجي ۽ نين شين جي لاءِ راهه جوڙي سگهجي.
ان ڳالهه تي ياد آيوته پراڻن ڪپڙن جي لاءِ پڻ مارڪيٽ موجود آهي. سيڙپ ڪندڙن کي هن واپار ڏانهن آڻي سگهجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته کين سستا پورهيت هٿ ڪري ڏجن. اهو ڪم اخبار وڪڻندڙ هاڪرن واري نموني تي ٿي سگهي ٿو. اخبارون وڪڻندڙن کي نوڪري ته مالڪ ڏيندا آهن، پر هو پنهنجي ڪمائي ڪميشن مان ڪندا آهن. جيتريون گهڻيون اخبارون وڪڻندا، اوتري گهڻي ڪميشن ڪمائيندا. اهڙي طرح هڪ مارڪيٽ ڊکڻن جو ۽ درزين جو به ٺهي سگهي ٿو، جن جو اجورو ڪميشن جي شڪل ۾ کين ڏئي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن کي به اڌوراڻين شين جي مارڪيٽ جي باري ۾ ڪو شڪ شبهو آهي ته اهي مهرباني ڪري اخبارن ۾ اشتهار جا پنا پڙهن. خاص ڪري انگريزي اخبارون ته اهڙن اشتهارن سان ڀريون پيون آهن، ڇو ته انهن کي گهڻو ڪري پرڏيهي پڙهندا آهن.
زندگيءَ ۾ تبديلي اڻ-ٽر آهي. ساڳيءَ طرح بزنيس ۾ به تبديلي اڻ-ٽر آهي. دبئي ۾ هاڻي تمام گهڻا نوان چئلينج آهن. دبئي جي ڪيترن ئي مارڪيٽن کي هاڻي پنهنجيون پيداواري فئڪٽريون آهن، ان ڪري بزنيس مين جو ڪم تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. فري زون جي اچڻ ڪري واپارين کي اڃا به وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڇو ته هاڻي ڪارخانيدار ٻاهران اچي خود دبئي جي اندر شين کي تيار ٿا ڪن. ڊسٽريبيوٽر جو حال ويتر خراب آهي. هو هاڻي وچيان ماڻهو يا دلال ٿي ويا آهن.
اسانکي هاڻي اڳين روش ڇڏي ايندڙ وقتن جي للڪارن کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪرڻي پوندي. منهنجي خيال ۾ سنڌي جاتيءَ کي جلد ئي روايتي بزنيس جي راهه ڇڏي، پاڻ کي نون لاڙن ۽ نين راهن لاءِ واجهائڻ گهرجي. اسان جي نوجوان نسل بي انتها دولت جي ماحول ۾ اکيون کوليون آهن ۽ سندن پالنا به پئسي ڏوڪڙ جي ريل ڇيل ۾ ٿي آهي. ان کانسواءِ هنن کي هميشه وڏڙن جي طرفان سُک، پيار، سلامتيءَ ۽ ڇانوَ واري زندگي ملي آهي. ڪوسو واءُ ڪونه لڳو اٿن. دولت ۾ دادلا ٿي پليا آهن. پر هاڻي جڏهن حالتون بدلجي رهيون آهن، تڏهن هنن کي هڪ دفعو ٻيهر انهن واچوڙن سان وڙهڻو پوندو، جن سان سندن ابن ڏاڏن مهاڏو اٽڪايو هو ۽ طوفانن مان ٻيڙي پار اُڪاري ڪناري ڀيڙي ڪئي هئي.
منهنجي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته شل سنڌين جي ايندڙ نسل کي ٻيهر ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون. اسان جيڪي ڀوڳيو سو ڀوڳيو. اسان جي ٻارڙن تي ڪَکُ به نه ڪِري. منهنجي اها به ڪوشش رهي آهي ته بزنيس هجي يا سماجي ڪارج، شل پت سان رهجي اچي. بزنيس ۾ ماڻهو نفعو ڪمائڻ لاءِ ئي ته رت ولوڙي ٿو. پر ڏسڻو اهو اهي ته اهو نفعو ڪهڙي ريت ٿو ڪمائجي. مون هميشه اهو ئي چاهيو آهي ته پنهنجو حساب ڪتاب صاف رکان. ڪنهن کي به واپاري لين دين ۾ شڪايت جو موقعو نه ڏيان. ظاهر آهي، ڌنڌي ۾ جيڪڏهن مون ڪنهن تي سرسي حاصل ڪئي هوندي ته ڪنهن وري مونکي به مات ڏني هوندي. ڏسڻو اهو آهي ته کٽڻ توڙي هارائڻ وارا مونکي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسن. دل ۾ اها ئي آس اٿم ته شل مون کي عزت سان ياد ڪيو وڃي ۽ مون پُڄاڻان منهنجي ساک زنده رهي.
اڄڪلهه “عزت” جي لفظ کي به ماڻهو پنهنجي مطلب ڪڍڻ لاءِ ڪم ٿا آڻين. ڪن کي مهلت گهرجي يا ڪن کي ايترو وقت کپي جو هو ڪو جوڳو بندوبست ڪري وٺن. اهڙن موقعن تي هو اڪثر پنهنجي نام ناموس ۽ عزت ۽ مان کي وچ ۾ آڻيندا آهن. اسانجي وقت ۾ جي واعدو ڪبو هو ته پاڙبو ضرور هو. کڻي جان ڇو نه هلي وڃي، پر ڏنل زبان تان ڦرڻ جو مهڻو سهڻ لاءِ ڪو به تيار نه ٿيندو هو. اڄ جا نوجوان انهن ڳالهين کي اسانجي چريائپ سمجهندا هوندا. ڪي ته کلندا به هوندا. دولتمند گهراڻن جا شاهوڪار ڇوڪرا، جيڪي نوان نوان بزنيس ۾ پير پائن ٿا، سي اسان جي ڳالهين کي يا ته اسان جي ڪمزوري سمجهندا يا وري چوندا ته ان کان ته آپگهاتي ڀاونا وڌيڪ چڱي چئبي. گهٽ ۾ گهٽ مان ڪنهن به اهڙي آپگهاتي ڀاونا جي حق ۾ ناهيان.
اسان جا اهي ئي نيم اسان کي ان وحشي پڻي کان پري رکن ٿا، جيڪو ايڪيهينءَ صدي جي هن دور ۾ به تهذيب جي سنهيءَ کل هيٺان لڪل آهي. اسان جي روايتن لاءِ اهو ئي سڀ کان وڏو خطرو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي عزت ۽ مان جي حفاظت نه ڪئي، ته پوءِ اسان جو ڪو آئيندو به نه هوندو.
*