آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آکيرا آڪاس ۾

هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5191
  • 841
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رام بخشاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آکيرا آڪاس ۾

2. باب ٻيو : نـنـڍپـڻ

جڏهن اوهان آخري ڀيرو پنهنجي ملڪ، گهر يا ڌرتي ڏانهن ويندا آهيو ته اوهان ان کي پنهنجي پراڻي ملڪ، گهر يا ڌرتي طور نه پر پنهنجي ٻاروتڻي واري ملڪ، گهر يا ڌرتي طور ئي ڏسندا۽ ڳولهيندا آهيون.
سام ايونگ

وڏيءَ ڄمار ۾ ننڍپڻ يادگيرين جي اَلبم جيان آهي.
ڪاريون ڪاپيون ۽ اڇيون ڪاپيون. ڪي ڪُنڊن کان مُڙيل، ڪي پاسن کان جهريل، ڪي وقت جي وارداتن هٿان ڦِڪيون ۽ ڦٽل. ٻهڪندڙ، مُرڪندڙ، مُشڪندڙ نوجوان چهرا هڪ هنڌ ڄميل، ائين جيئن ڪنهن باسڻ تي ڪا شوخ، شرير، شبيهه چٽيل هجي ۽ ٻيون ائين جيئن اڃا ڪالهه ئي اکين آڏو گذري اڻ ڏٺي اوڙاهه ۾ گم ٿي ويون هجن ۽ وقت جي سيني تي سندن پيرا اڃا ساوا ئي هجن.
وقت ائين، جيئن واريءَ تي،
ڪنهن پياري جي پيرن جا نشان،
پرين ائين، جيئن پوٺي تي،
ٿئي پياسي کي پاڻيءَ جو گمان.

جيون، جهڙو ساوڻ ۾،
ڪو چنگ چُري ۽ ساههُ سُري،
موت ائين، جيئن موتئي جي،
ڪا شاخ سِري ۽ ماڪ ڪري.
ڪي واقعا ننڍپڻ جي علامت طور اُڀري ايندڙ آهن، سندن سارَ به ايئن ئي آهي ننڍپڻ جو اهڃاڻ، خاص طور تي اهي واقعا، جيڪي تصور جي تلاءُ ۾ اُڇليل هلڪي پٿر جيان اڻ کٽ لهرون پيدا ڪري ڇڏين يا جذبن کي ستار جي تار جيان ڇيڙي ڇڏين يا ذهن ۾ ڪنهن سُتل سورج کي سَٽ ڏيئي، جاڳائي ڇڏن يا ڏک ۽ سک جي وڃايل ڪنهن پل کي پَر هڻي اُڏاري آڏو آڻي بيهارين، پيڙاءُ يا پرڀاءُ جي اجهاڻل چڻنگن کي هوا ڏيئي ڀنڀٽ بنائين، امن ۽ شانتي، اهنج ۽ سهنج جون ساروڻيون ساڀيان ڪري ڏيکارين.
يادين جي واين جو ڪوئي
ڇيڙو ناهي ڇيهه الا
آءِ اسان جي ويراني ۾
ويهه گهڙي پل ويهه، الا.
خوشيءَ ۽ غم جي لڪ ڇپ راند سڪي جي ٻن پاسن جيان آهي. هڪ ٻئي جا اهي دائمي ضد ذهن تي اڪوريل ئي هوندا آهن ۽ سِڪو سوچن ۾ سدائين پيو ڦرندو گهرندو، پاسا مٽائيندو، هوا ۾ ابدي اڏام اڏندو رهندو آهي ۽ ماڻهو آسائتين اکين مان ڏانهنس تڪيندا رهندا آهن ته پٽَ تي ڪرڻ کان پوءِ اکر ايندو يا مُهر، هار ٿيندي يا جيت، خوشي ملندي يا غم. “مان پوڙهو ٿيندو ٿو وڃان، مان پوڙهو ٿيندو ٿو وڃان”، الفريڊ پروف راڪ جا اهي لفظ ٽي.ايس. ايليٽ جي شعر ۾ چيل آهن، پر مان اڃا به ننڍپڻ جي ساٿين لاءِ واجهايان ٿو ۽ پنهنجي گهر جي يادن کي ساريان ٿو.
منهنجي سيني ۾ به ساروڻيون ڇلڪي رهيون آهن، پنهنجن دوستن جون، پنهنجي گهر جون. منهنجي من ۾ يادن جي وير اٿلي پئي آهي. مان انهن راتين ڏينهن، گهڙين، پلڪن ۽ لمحن جي تصوير چٽڻ ٿو چاهيان. انهن ئي رنگن سان، جن جي ڇانوَ ۾ منهنجو ننڍپڻ گذريو. منهنجي ڪهاڻي به اتان ئي جنم وٺي ٿي. ان زمين مان، انهن هوائن ۽ فضائن مان، ان سونهن ۽ سرهاڻ مان، جتي منهنجون جڙون آهن، بُڻ بڻياد آهي. محبت جون ميخون آهن، پيار جا پيچ آهن، روح جا ريلا آهن، گيت ۽ سنگيت آهن، گهاءَ ۽ ويساهه آهن، خوشبو ۽ خواب آهن. اها آهي منهنجي جند، منهنجي سنڌ مون کي جنم ڏيندڙ، جياپو ڏيندڙ، جيون ڏيندڙ، سنڌو ڌارا جي ڇلڪندڙ ڇولين جي ڌرتي، منهنجي سپنن جي سَرتي سنڌ، فقيرن، درويشن، ساڌن ۽ سنتن جي سر زمين سنڌ، جنهن کان ڌار رهي به ڌاريو نه ٿيو آهيان. ڪا هڪ گهڙي اهڙي ته ٻڌايو جڏهن ڀُلجي به کيس ڀلايو هجيم. اهي ئي پاتال ۾ کُتل پاڙون، جن منهنجو جيءَ جڙي ڇڏيو آهي، جيڪي ائفرو آمريڪن ليکڪ، اليڪس هيلي، کي هڪ ويڳاڻي، وڃايل، اڃايل، ڌڪاريل، سڪايل ۽ ستايل انسان مان هڪ مضبوط ادارو بڻائي ويون.
مون کي پورو يقين آهي ته پاپ ۽ پڃ، ڪرڻي ۽ ڀرڻي، نيت ۽ مراد جو فيصلو هت دنيا اندر ئي ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو بُرو يا ڀلو اسان ڪريون ٿا، ان جا پاڇاوان انهن نتيجن تي پون ٿا، جن کي اسين قسمت سڏيون ٿا. نه، اها قسمت ناهي، قسمت کان به وڌ ۽ اڳتي ڪا ٻي شيءِ آهي. اسان جي ڪيل ڪرمن جي موٽ آهي. جيڪڏهن اسان کي اها ڄاڻ ناهي ته اسان ڪٿان آيا آهيون، ته پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي ته موٽي ڪٿي وڃڻو آهي؟ سڌي سنئين ڳالهه آهي ته پهرين سبب معلوم ڪريون ۽ پوءِ ان جو اثر. مان هاڻي جڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ پَرَ سوئي رهيو آهيان، تڏهن روحانيت توڙي فطري سچائي کان ٿورو مٿڀرو ٿي سوچڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان. ننڍپڻ جيڪو شرير آهي، شوخ آهي، چنچل آهي، لاپرواهه آهي ۽ جيڪو هميشه جيئن جو تيئن زنده رهڻ وارو آهي ۽ جواني جيڪا جوشيلي آهي، ضدي آهي، اجهل آهي، اٽل آهي ۽ ڪڏهن به آڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ان اجهل ۽ اٽل جذبن جي وچ ۾ ڪٿي ڪو ڊپ، ڪو انديشو، ڪو شڪ، ڪو شبهو پڻ لڪل آهي ۽ تنهن جي تهه ۾ ڇُپيل آهي انسان جي ازلي ڪمزوري. مان ان ننڍپڻ ۽ ان جوانيءَ جي ڳالهه ڪرڻ وارو آهيان.
ڪالهه، سُڀان ۽ اڄ جي وچ ۾،
ماڻهوءَ جو ئي مرڻ جنم آ،
ماڻهوءَ جو ئي خيال وهم آ،
ماڻهوءَ جو ئي رنج الم آ،
ماڻهوءَ جو ئي گوندر غم آ،
هر هڪ ساعت، هر هڪ لمحي،
وقت جو ماڻهوءَ سان ئي ڪم آ،
دم دم جنهن سان دم آ قائم،
هڪڙي ماڻهوءَ جو ئي دم آ.
مان ڀلا نم ۽ پپر جا اهي وڻ ڪيئن ٿو وساري سگهان. جن جي ڇانوَ ۾ اسان کيڏندا، ڪُڏندا ۽ ڳائيندا هئاسين؟ وقت ته بس پاڻيءَ جو اڻ کٽ وهڪرو هو، جنهن جو ڪو ماڻُ، ڪو ماپو، ڪو انت، ڪو بحر ڪونه هو. ۽ ها، ڪيئن ٿو وساري سگهان اهي ننڍپڻ جون رانديون؟ اها اٽي ڏڪر راند، جيڪا پنهنجي ڳوٺ جي ڳلين ۾ کيڏندا هئاسين؟
مان حيدرآباد سنڌ جي هڪ وچولي گهر ۾ پيدا ٿيو هوس. سنڌ ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان جو هڪ سُکيو ستابو ۽ ترقي ڪندڙ صوبو هو. اسان وچ شهر ۾ هڪ وڏي گهر ۾ رهندا هئاسين، جنهن جي ڇت تي سنڌ جا روايتي منگهه يا بادگير ٺهيل هئا ۽ جن منجهان هوا گهوگهاٽ ڪندي گهر ۾ داخل ٿيندي هئي. دبئي جا منگهه مون کي اڪثر پنهنجو اباڻو شهر ياد ڏياريندا آهن، بلڪ ائين کڻي چوان ته غلط نه ٿيندو ته دبئي جا گهرمون کي سنڌ جي پراڻن گهرن جي ياد ڏياريندا آهن.
گهر ۾ گهڙڻ سان ئي سامهون اڱڻ يا پڌر ايندو هو، جنهن کان پوءِ ورانڊو هوندو هو. اسان جي گهر ۾ ننڍا وڏا ڪيترا ئي ڪمرا هوندا هئا جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا هئا. آخري ٻن ڪمرن تائين پهچڻ لاءِ ٻن درن منجهان لنگهڻو پوندو هو، جنهن کي ٻدرا سڏيندا هئا. مردن ۽ عورتن جي ويهڻ جون جايون ڌار ڌار هونديون هيون. اهڙي طرح مهمانن کي ويهارڻ لاءِ اوطاق هوندي هئي. چڱن ڀلن گهرن جون اوطاقون سڀ کان وڌيڪ سينگاريل ڪمرن ۾ هونديون هيون، جن ۾ اوچي فرنيچر ۽ سجاوٽ جا قيمتي سامان رکيل هوندا هئا. اوطاق کي هميشه صاف سٿرو رکيو ويندو هو ۽ جي ڀُل ۾ ڪنهن ٿورو به صفائي جو خيال نه ڪيو ته سمجهو ته ان جي شامت اچي وئي. ڏاڏي جمنا ٻائي جي عقابي نظرن کان ذري جيتري گندگي به لڪي نه سگهندي هئي. ڏوهاري جا ڏوڏا ئي ڏوڏا ڪٽيندي هئي ۽ ٿڙن تي اهي ٿڦڙ وهائيندي هئي جو ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا هئا. ڏاڏي ڏاڍي کلڻي ۽ رلڻي ملڻي عورت هئي. ديسي شراب جي واهه جي شوقين هئي. ڪنجهي جي ڪٽوري مان سرڪيون به ڀريندي ويندي هئي ۽ آکاڻي به ٻُڌائيندي ويندي هئي. ڪنجهي کي هنديءَ ۾ ڪانسي چوندا آهن جيڪا ٻن ڌاتن ملائڻ سان ٺهندي آهي. سنڌ جي نئين پيڙهي شايد ڪنجهو نه ڏٺو هجي، پر ٻهراڙين ۾ شايد اڃا به ڪنجهي جون تسريون، تسروٽا ۽ وٽيون موجود هجن.
ديسي شراب گهرن ۾ پُڄائڻ وارا ڪي خاص ماڻهو هوندا هئا، جي ڀيرو ڪونه ڀڃندا هئا ۽ کوٽ کٽڻ نه ڏيندا هئا. ڏاڏي ڪٽوري مان هڪ ٻه سرڪيون ڀري، حقي مان ٻه ٽي زوردار گرڙاٽ ڪڍي وٺندي هئي ته جيئن سرور وڌي ۽ آنند ۾ اضافو ٿئي. اسان جي سماج ۾ ڪراڙين عورتن جو شراب واپرائڻ توڙي حقو يا ٻيڙي ڇڪڻ خراب ڳالهه ڪونه سمجهي ويندي هئي.
پنهنجي گهر جي باري ۾ منهنجي ننڍپڻ جي اٽڪل ڇهن سالن جون يادون اڻ چٽيون ۽ ڌنڌليون آهن. ٻين جي واتان، خاص ڪري امڙ جي مدد سان ٻُڌل ڳالهين کي ملائي ڪي تفصيلي واقعا بيان ڪري سگهان ٿو.
مون کي اها گهٽي ياد آهي جتي اسان راند ڪندا هئاسين. مون کي اهو به ياد آهي ته اسان جي گهر ڀرسان بسڪوٽن ٺاهڻ جي هڪ فئڪٽري پڻ هئي، جنهن جي خوشبو اڄ به مون کي ياد آهي. بسڪوٽن جي وڻندڙ سڳنڌ سبب اسان ٻارن کي پيٽ ۾ بک جا چڪ پيا پوندا هئا، پر کيسي ۾ پئسو لڀي نه پائي جو کڻي ڊبل روٽي يا بسڪوٽ خريد ڪريون. ننڍپڻ جي ٻين اڻ پورين خواهشن جيان اهي ارمان پڻ دل جا دل ۾ ئي رهجي ويندا هئا. ها، البت اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ فئڪٽري جي مالڪ جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويندا هئاسين. هيڏانهن لنگهيو ناهي، هوڏانهن هوڪرا ٿيا ناهن ته سيٺ ڙي سيٺ، تنهنجي بسڪوٽن ۾ ڌپَ. ويچارو سيٺ بيزار ٿي، سهڪندو، پگهر ڳاڙيندو، گڦ وهائيندو، دانهون ڪوڪون ڪندو، اسان جي پويان مست ڏاند جيان ڀڄندو ڊوڙندو ايندو هو. ان وقت سندس پخال جهڙو پيٽ ڏسڻ وٽان هوندو هو. سندس ڇلڪندڙ پيٽ ڏسي اسان جي کل بيهندي ئي ڪانه هئي. هاڻي ٿو احساس ٿئي ته ٻار ڪيڏا نه بي رحم ٿيندا آهن. اسان به گهٽ ظالم ڪونه هئاسين.
ننڍپڻ جي ٻي ياد آهي شادي جو سرگس. شادين جي موسم ۾ اسان جي گهر اڳيان لنگهندڙ ڄڃن جي ڌم لڳي پئي هوندي هئي. دم دمام، رنگ روپ، ناچ گانا، اسان ٻارن جي ته موج ٿي ويندي هئي. ٻار اهڙن موقعن تي شرارت نه ڪن ته پوءِ ڀلا ڪڏهن ڪندا؟ گهوٽ گهوڙي تي سوار، مُنهن موڙن سان ڍڪيل، گلي ۾ گلن جون ڪنڊيون، پويان ڄاڃين جي لوڌ. بئنڊ چيڪلي آواز ۾ فلمي ڌن وڄائيندو وڃي، گهوٽ جا مِٽُ مائٽ جهُمر ۾ پورا. اسان ٻارن جا وات ڦاٽل. ڪڏهن گهوٽ کي ڏسون، ڪڏهن ڄاڃين کي، ڪڏهن بئنڊ باجي وارن کي. پاڙي جا ٻيا ٻار به اچيو گڏجن. ڪڏهن بود ۾ ڀرجي نچڻ وارن سان گڏجي جهمر هڻندا وڃون، ڪڏهن خالي نوس نوس ڪندا پٺيان ئي پٺيان گهٽي جي ڇيڙي تائين ڀڄندا وڃون. سڀ کان مزيدار هوندا هئا کدڙا. اسان کدڙن کي ڏسي جو خوش ٿيندا هئاسين، اها ڳالهه ئي نه پُڇو. وڏا ويڪرا گهاگهرا گهمائي جڏهن ڦيريون پائي، دهلن جي ڌن تي نچندا هئا، تڏهن مزا اچي ويندا هئا. ڦيري سان پڙا ڦوڪجي ڦوڪڻي وانگر ايترا ڦهلجي ويندا هئا جو ڀلي ته ڪو ٻار اندر گهڙي وڃي ته به خبر ڪانه پوي. انهن سڀني ۾ لوڪو نالي کدڙو ناچ گاني جو وڏو ماهر هوندو هو. سڄي پاڙي ۾ سندس وڏي لئه هوندي هئي.
اهڙن موقعن تي سماجي برابري جا وڏا ثبوت ملندا هئا. ماڻهو هڪ ٻئي سان هڪ جهڙا ٿي گلي ملي ويندا هئا. ذات پات، دين ڌرم، ننڍ وڏائي سڀ وسري ويندي هئي.
ماڻهن جي ميل ميلاپ ۽ ڀت برادري ۾ کدڙن جو وڏو هٿ هوندو هو. اڪثر ماڻهو کين فقير به ڪوٺيندا هئا. بلڪ لفظ کدڙي جي ڪوڙاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ۽ هنن ويچارن ڏکويل ۽ لاچار انسانن جي دلجوئي خاطر، لفظ فقير وڌيڪ مانائتو لڳندو هو. ٻارن جي ڄمڻ تي خاص طور کدڙا فقير اهو رنگ لائيندا هئا جو وڃي ٿيا ست خير! اهڙن موقعن تي هو سماجي زندگي جو هڪ اهم حصو لڳندا هئا ۽ نه ڪي ڌڪيل، ڌاريا، اڻ پورا انسان.
جڏهن ڪو ٻار ڄمندو هو ته اهو رواج عام هو ته يڪدم کدڙن فقيرن کي گهرائي ٻارڙي جي مٿي تي دعا جو هٿ رکائجي. ائين ڪرڻ سان بلائون دور ٿينديون هيون ۽ ٻار بدنظر کان بچي ويندو هو. کدڙا فقير پاڻ ۾ گڏجي سڏجي مڙهين ۾ رهندا هئا. ڪي واپار ڪندا هئا ۽ ڪي مينهون ۽ گايون پاليندا هئا ۽ کير مکڻ وڪڻي گذران ڪندا هئا.
ها، سنڌ جي هر طبقي جا ماڻهو کير کنڊ ٿي رهندا هئا ۽ ڏاڍي پيار محبت سان گڏ رهڻ ڄاڻندا هئا. ننڍپڻ جو هڪ ٻيو واقعو خاص طور تي ياد ٿو اچيم. ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، جنهن اسان جي ڪٽنب جي زندگي جو رخ موڙي ڇڏيو. ورهاڱي جا ڏينهن هئا. ڏاڍا ڀيانڪ ۽ بي يقيني جا ڏينهن، جن ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، تنهن جي ڪا ڪَل ڪانه هئي. منهنجي هڪڙي شاهوڪار ماسي ٽِڪان سوڀراج، جي قيمتراءِ ائنڊ ڪمپني جي مالڪ سوڀراج جهمٽمل جي گهرواري ٻين ڪيترن ئي هندو ڪٽنبن سان گڏجي هندستان لڏي پئي وئي. سڀني لڏيندڙن وانگر هوءَ به پنهنجي گهر سميت ٻيو به گهڻو ڪجهه ڇڏي پئي وئي. سندس گهر وچ حيدرآباد جي سکئي ۽ سلامتي واري پاڙي ۾ هو. اسان کي چيائين ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ گهر جو خيال رکجو. انهن ڏينهن ۾ حفاظت ۽ سلامتي تي گهڻو زور هوندو هو، ڇو ته ڦرلٽ ۽ وڳوڙ عام ڳالهه ٿي پئي هئي. اسان سندس اها آڇ ڏاڍي خوشيءَ سان مڃي ۽ سندس گهر ۾ لڏي وڃي ويٺاسين.
اسان جو نئين گهر ۾ ٽپڙ ٽاڙي کڻي وڃي رهڻ ڏاڍو بدسوڻ ثابت ٿيو. جلد ئي منهنجو پتا جيوترام، جنهن کي دادا ڪوٺيندو هوس، سخت بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته کيس مُدي جو بخار آهي. ٽائفائيڊ انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو موذي مرض ليکيو ويندو هو. بچاءَ واريون دوائون، جهڙوڪ پينسلين ۽ ڪلورامائيسن آسانيءَ سان ڪونه ملي سگهنديون هيون. پينسلين اڃا نئين نئين آئي هئي ۽ ڪن چند اسپتالن کان سواءِ ڪٿي به ڪونه ملندي هئي. شهر ۾ وڳوڙ وارن علائقن ۾ ڪرفيو لڳل هو، ان ڪري ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهندا هئا. ان ڪري ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ توڙي مريض کي اسپتال کڻي وڃڻ ناممڪن هو. گهر ۾ ڪو اهڙو وڏو ڀاتي به نه هو جيڪو ڀڄ ڊڪ ۽ وٺ سٺ ڪري ڪو بندوبست ڪري وجهي. منهنجو وڏو ڀاءُ هوتو بخشاڻي ان وقت 13 سالن جو هو ۽ مان کانئس ست سال ننڍو هئس. ان بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ منهنجو دادا لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت سندس عمر ڇٽيهه سال هئي. بس، کن ۾ کيل ٿي ويا. هڪ ڏينهن موجود هو، ٻئي ڏينهن نه رهيو. گهر جو وڏو ويندو رهيو ۽ اسان يتيم ۽ بي واها ٿي پياسين. ان واقعي مان مون ٻه سبق پرايا. پهريون ته ڪا به شئي هميشه رهڻي ناهي ۽ ٻيو ته دک درد رڳو ٻين لاءِ ناهي، اسان جي در تائين به پڄي سگهي ٿو. اهو موت سان مُنهان منهن ٿيڻ جو منهنجو پهريون آزمودو هو.
مئل ماڻهوءَ جي منهن ڍڪڻ ۽ شمشان ڏانهن نيڻ کان اڳ رسم هُئي ته گهر وارن توڙي ٻارن کي سندس آخري درشن ڪرايو وڃي. خيال هو ته ائين ڪرڻ سان اها آخري ياد سندس دل ۾ سدائين زنده رهندي. ان ڪري ڏاڏيءَ مون کي ڇڪي آڻي دادا جي مڙهه آڏو بيهاريو ته جيئن مان چڱي ريت سندس منهن ڏسي سگهان. منهنجي عمر ان وقت فقط ڇهه ورهيه هئي ۽ موت جي مهما کي سمجهڻ جي سگهه بلڪل ڪين هيم: پر تنهن هوندي به مون کي ايتري ڄاڻ ضرور هئي ته ڪو دکدائڪ واقعو ٿي گذريو آهي، ان ڪري مان اُتي بيهي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيس ۽ سڏڪا ڀري روئندو رهيس. جلندڙ ڪافور جي خوشبو ۽ پوتر ڪتابن جي پاٺ ۽ ان سان گڏ منهنجي ماءُ ۽ ٻين مائٽن جي روئڻ جو آواز اڄ 60 سالن گذرڻ کان پوءِ به منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گونجي رهيو آهي.
خانداني مصيبت /مسئلا(Family Tragedy) ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وارو خوف ۽ غيريقينيت سببان وڌيڪ پيچيده ۽ڏکيا بڻجي ٿي ويا. سڄي گهر کي انهي ورهاڱي جي وڳوڙن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. مذهبي ڌريون پاڻ تي ٿيل حملن جي رد ۾ عوام جي انبوهن جي اڳواڻي ڪندي، جوابي ڪارروائين ۾ مصروف ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون.
ائين سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي راولپنڊيءَ ۾ مارچ 1947ع ۾ ٿيل خونريز وڳوڙن کانپوءِ پهرين لڏپلاڻ شروع ٿي.
ننڍي کنڊ جو روهاڱو هڪ انتهائي دکدائڪ الميو هو. جنهن تاريخ جا وڏا سور ۽ زخم چٽي ڇڏيا. انهي واقعي جي ڪري تاريخ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ لڏپلاڻ ٿي. سنڌي جي حيدرآباد ۽شڪاپور شهرن جا ڪيترائي سکيا ستابا واپاري خاندان بي يارو مددگار حالت ۾ هتان لڏي ٿي ويا. جن جي رستي ۾ ٻنهي حڪومتن طرفان ڪا به مالڪي نه ٿي ڪئي وئي. جنهن سببان اهي وڏي ڏکيائين ۽ مصيبتن کي مُنهن ڏيندي انڊيا پهتا. جن مان ڪيترائي سڀ کان پهريان بمبئي ويا ۽ بعد ۾ وري اتان کان دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن نڪري ٿي ويا.
گڏيل هندستان جو ورهاڱو اهڙو ته دل ڏاريندڙ ۽ دکدائڪ واقعو هو، جنهن کي ڇڙو ياد ٿو ڪجي ته هانوَ ۾ هٿ ٿا پون، اندر اڌ ٿو ٿئي، ڏيل ڏري ٿو وڃي. اهڙا گهاءَ پلئه پيا جي ڀرجي نٿا ڀرجن. تاريخ جي سڀ کان وڏي انساني لڏپلاڻ هئي، جنهن جاني جدا ڪري ڇڏيا. ڌرتي ماتا جي ڇاتي سان چهٽيل سندس معصوم ٻچڙا ڇڪي ڌار ڪري ڇڏيا. جنهن مٽي جنم ڏنو سا پنهنجي نه رهي. کن پل ۾ ڌار ٿي وئي. گهر گهاٽ، ماڳ مڪان، روڊ رستا، گهيڙ گهٽيون، چونڪ چوراها، پنهنجا نه رهيا، پراوا ٿي ويا. جن ڪالهه تائين سنڌ کي امڙ سڏيو هو، سي سندس چرن ڇُهي، مٽي ماٿي لائي، هٿ جوڙي، سيس نوائي، سڏڪي سڏڪي، ڪنهن اڻ ڄاتي آئيندي جي تلاش ۾ نڪري پيا. سڄڻ سفر هليا،ائين جيئن روح پٺيان روهه ۾ ڇڏي ويندا هجن.
امڙ وڃي آڻ، چرخو آتڻ وچ مان،
ڪتيم جنهين ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
هن اوچتي لڏ پلاڻ ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد جا ڪيترا اهڙا ڪٽنب شامل هئا، جن پيڙهين کان پرڏيهه وسائي ڪافي ڌن ميڙيو هو ۽ جن جي دل سنڌڙي جا وڻ ڇڏڻ لاءِ ڪنهن پر به راضي ڪين هئي، پر حالتن آڏو لاچار هئا. ان آس تي وطن ڇڏيائون ته جلد ئي موٽي ماڳن تي اينداسين.
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گُل،
تڏهن ملنداسين،
جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هُل،
تڏهن ملنداسين.
ڪنهن لکي لڌو هو ته اهڙو ڪلور به ٿيندو؟ سچ پڇو نه ته هن قسم جي ڀاڄڙ ٻنهي حڪومتن مان ڪنهن به نه سوچي هئي، نه وري ايترن سارن ماڻهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو وٽن ڪوئي پروگرام ئي هو. گهڻا ماڻهو پهريون بمبئي ڏانهن ڀڳا ۽ اُتان پوءِ هوريان هوريان، ٿورا ٿورا ٿي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڦلجي ويا.
لڏ پلاڻ جي ٻي لهر 20 آگسٽ 1947ع تي شروع ٿي. بي وس بار اُٺن به ڇڏيا، انسان ڪهڙي وٿ آهي؟ ڏيهه ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ڀڳل ڀُريل انسان، ٽٽل دل سان پنهنجو مٺڙو ملڪ ڇڏڻ تي لاچار ٿي پيا. ڊنل، هيسيل، مُنجهيل ويڳاڻا ۽ بي وطن ماڻهو اباڻا پکا ڇڏي اڻ ڄاتي ديس اُسهيا.
مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
ڪڏهن ڪونه آيو، تن پنوهارن پهي،
ويڙا سي وَهي، جنب گذاريُم جن سين.
ٽين لهر جنوري 1948ع ۾ آئي. جيتوڻيڪ هن ڀيري ماڻهن جي لڏڻ ۾ ٻنهي حڪومتن جي مرضي به شامل هئي، تنهن هوندي به جن لڏيو پئي، سي پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي، ڪي ضروري شيون ساڻ کڻي، اوڇنگارون ڏئي، روئي موڪلائي، اکين کان اوجهل ٿيندا ٿي ويا. هوڏانهن جڏهن نئين سر زمين تي پير ٿي پاتائون ۽ زندگي کي نئين سر سهيڙڻ جا جتن ٿي ڪيائون ۽ موٽ ۾ اتان جي حڪومت اوترا ذريعا ۽ وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ٿي ڪئي، تڏهن پاڻ کي ڏاڍي مشڪل ماڳ تي بيٺل ٿي ڏٺائون. بمبئي ۾ صوبائي حڪومت وس آهر ته گهڻو ڪجهه ئي ڪيو پر شرنارٿين جي ڀرمار آڏو سندن ڪوششون به ناڪام ٿي ويون.
سرڪاري رڪارڊ موجب، آڪٽوبر1947ع تائين اٽڪل سوا لک شرنار ٿي سنڌ ڇڏي هند پهتا. 1948ع جي وچ ڌاري اهو انگ وڌي ٻارهن لک ٿي ويو. اها سموري مخلوق سنڌ ۽ بلوچستان کان آئي هئي. گهڻي ڀاڱي سنڌين کي بمبئي ۽ سوراشٽرا جي شرنار ٿي ڪئمپن ۾ رکيو ويو. گهڻن کي وري مڌيه پرديش ڏانهن موڪليو ويو، جيڪو راجسٿان ۾ هو ۽ مڌيه ڀارت ڪوٺيو ويندو هو. اجمير، جئپور ۽ جوڌپور، بڙودا ۽ احمدآباد، جيڪي بمبئي رياست جو حصو هئا، تن پڻ سنڌين کي پاڻ وٽ آباد ڪيو. پر سنڌي هڪ هنڌ ويهڻ وارا ڪونه هئا. چوطرف پکڙجي ويا، ايتري قدر جو ڪي ته مدراس تائين وڃي پهتا.
جيڪي ويچارا بي سهارا گهر گهاٽ ڇڏي آيا هئا، تن جي حياتي ڏاڍي ترس جوڳي هئي. ڪٽنب ڇڙوڇڙ ۽ ڌارون ڌار ٿي ويا. ذاتيون، پاڙا ۽ قومون، جي سنڌ ۾ سنهيءَ سُئيءَ سبيل هئا، سي هاڻي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا هئا. خوددار، اناپرست ۽ وڏي شان وارا ماڻهو غريبي ۽ ذلت جي زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي پيا. هي ته وجود جي جنگ هئي، جيڪا انهن ماڻهن کي لڙڻي هئي، جن پنهنجو الهه تلهه پوئتي ڇڏي اچي ڪئمپون وسايون هيون ۽ نئين سر شروعات لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. ڪئمپن جي زندگي عذاب کان گهٽ ڪونه هئي. منجهن حياتي گهارڻ جون بنيادي سهوليتون به موجود نه هيون. ماڻهن کي هڪ ٻئي مٿان سٿيو ٿي ويو، ڄڻ جنگي قيدي هجن. ٿوري گهڻي رازداري خاطر ماڻهن ڳوڻين جا پال ملائي، سبي، پردا ٺاهي ٿي ٽنگيا ته جيئن سندن انگ اگهاڙو نه ٿئي. ڪئمپن ۾ روڊ، رستا يا سواريءَ جو انتظام ته پري جي ڳالهه، گندي پاڻي جي نيڪال جو به بندوبست ڪونه هو. اونداهيون گليون، ڪرفتي ۽ ڌپ سبب حالتون ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿينديون ويون.
شاهوڪار زميندار، جيڪي ڪڏهن شاهاڻي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ سوين ڪُڙمي سندن سلامي هئا ۽ سندن سڏ تي ڪئي نوڪر چاڪر ڊوڙندا ايندا هئا، سي هاڻي مفت جو راشن وٺڻ لاءِ قطار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺل نظر اچڻ لڳا. ماڻهن ۾ شرمندگي ۽ بي عزتي جو احساس جيئن پوءِ تيئن وڌندو پئي ويو. جوان ڇوڪريون، جن ڪڏهن نوڪر يا ٻيليءَ کان سواءِ گهر کان ٻاهر پير نه ڌريو هو، سي هاڻي ميلن جا ميل سفر ڪري روزگار ڪمائڻ لاءِ مجبور هيون. عورتون گڏيل غلسخانن جي ٻاهران پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل، ۽ نلڪي مان پاڻي ڀرڻ لاءِ وڏا مفاصلا لتاڙي، ٿانوَ مٿي تي کڻي، پنڌ ئي پنڌ، ٿڙنديون ٿاٻڙنديون ۽ سهڪنديون نظر اچڻ لڳيون.
هاڻي، هيترا سارا سال گذرڻ کان پوءِ ڪيئي ڦٽ ڇُٽي ويا آهن، ڪيئي گهاءُ ميسارجي ويا آهن، ڪيئي ذلتون وقت جي رائي ۾ لٽجي چڪيون آهن. پر ورهاڱي جو درد انهن کان پُڇو جن روح ۾ ڪٽار لهندي محسوس ڪئي هوندي، جن ڇپرن جي ڇانوَ هيٺ سجايل سپنن جو سنسار پنهنجين اکين سان ڊهندو ڏٺو هوندو، جن جي جيءُ جي جوالا سندن وجود کي وڪوڙي، ساڙي ٻاري، رک ڪري ڇڏيو هوندو.
محفل نه رهي، ساقي نه رهيا، پيالا نه رهيا، پياسا نه رهيا،
اي شمع سحر، ڇا رات اها گذري به وئي گذري به وئي؟
ٻارن کان تعليم ڇڏائجي وئي. ويچارا معصوم وڏڙن کي سهارو ڏيڻ خاطر ڪچيءَ عمر ۾ ئي پورهيو ڪرڻ لڳا. اسڪول وڃڻ بدران ٽرينن ۾ کٽمٺڙا وڪڻڻ لڳا. عورتون پري پري ڪم ڪار تي وڃڻ لڳيون. ڪيترين ته گهر تي رڌ پچاءُ ڪري، کاڌي جون هلڪيون شيون تيار ڪري، در در تي هوڪو ڏئي ٿي وڪيون. مرد، جن اڳ پاڻ ٻين کي روزگار سان ٿي لڳايو، سي هاڻي رومال ۽ ڇٽيون وڪڻي گذران ڪرڻ لڳا. انهن دل ڏاريندڙ حالتن ۾ زنده رهڻ لاءِ بيشمار سنڌين جيڪا جدوجهد، وٺ وٺان، محنت ۽ پورهيو ڪيو، تنهن سندن زندگي کي ڀَڃي ڀوري مٽيءَ مُٺ ڪري ڇڏيو.
پر اسان بي حد خوددار انسان آهيون، عزت ۽ غيرت وارا، هنرمند، هٺيلا ۽ هوڏي ماڻهو آهيون. اسان آڻ نه مڃي، نه بي حس ٿياسين نه بي وس، نه نااميدي نه مايوسي. زندگي جا ڀڳل ڀُريل ۽ جهريل کنڊر اکين آڏو ڏسي به نه هوش وڃايوسين نه حواس. نه قسمت کي ڏوهه ڏنوسين نه حالتن کي. نه رڙياسين، نه رناسين، نه ئي ڪرم ڪُٽي، ڇاتيون پٽي ماتم ڪيوسين. اهو اسان جو وڙ ئي ناهي. اسان ته پنهنجي برباديءَ جي ڊٺل ڍير مان ائين اٿي کڙا ٿياسين جو دنيا حيران ٿي وئي. اها همٿ، اها محنت، اها جرئت ڏيکاريسين جيڪا دنيا جي تاريخ ۾ ان کان اڳ شايد ئي ڪنهن قوم ڏيکاري هجي. اسان پنهنجي پاڻ کي ٻيهر آباد ڪيو. ٻيهر پاڻ کي ڳولي لڌو. ٻيهر پاڻ کي ڄاتو، سڃاتو ۽ پنهنجو ڏس پاڻ ئي پاتو. جيئن فونيڪس پکي پنهنجي ئي رک مان ٻيهر جنم وٺندو آهي، اسان پڻ ٻيهر جي اُٿياسين. جاڳي اٿياسين، نئين عزم سان، نئين عهد سان، نئين وچن سان، نئين پرن سان. اسان پاڻ کي واپاري، بزنيس مئن ۽ ڪارخانيدار طور ماري مڃايو.
سِرن مٿان سوڀ جون، پَڳون جي پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پٺتي واجهايو،
لايو سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو!
چيو ويندو هو ته بمبئي ۾ آباد ٿيل چئن لکن شرنار ٿين مان چاليهه سيڪڙو واپاري هئا. انهن مان گهڻا ننڍڙا دوڪاندار ۽ وکر وڪڻندڙ هئا. ٻين جلد ئي وڏين ڪمپنين سان پنهنجا پراڻا واپاري ناتا بحال ڪري ورتا. اهڙين ڪمپنين جون برانچون گڏيل هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هيون.
ذاتي طور اسان جي ڪٽنب لاءِ ورهاڱو ٻيڻيون مصيبتون کڻي آيو. گهر به ويو ۽ گهر کي هلائڻ وارو به نه رهيو. منهنجي ماءُ ايشوري ٻائي 34 سالن جي عمر ۾ وڌوا ٿي پئي. ويچاريءَ کي نئين ڏيهه ۾ مشڪل حالتن هيٺ تمام ڳريون ذميداريون پنهنجن ڪمزور ڪلهن تي کڻڻيون پيون. جتي اڪيلي جيو جو جيئڻ به جنجال هجي، اُتي پنجن ننڍڙن ٻارن جي جوابداري سر تي کڻڻ لاءِ به ڪو شينهن جو جگر گهرجي. اسان ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينر هئاسين. امڙ اسان کي ماءُ پيءُ بڻجي پاليو ۽ ڪک کان شروعا ڪندي لک تائين رسايو. ڇا ڇا نه سٺو هوندائين؟ ڇا ڇا نه ڏٺو هوندائين؟ ڇا ڇا نه ٻڌو هوندائين؟ سندس وار وار تان صدقي ٿيڻ تي دل ٿيندي هئي. وڏي شان ۽ مان ۽ آن واري عورت هئي. بيشڪ هڪ مهان عورت هئي منهنجي جيجل مٺڙي ماءُ.
سوڳ جون رسمون پوريون ٿيون ته منهنجي مامي ريجهومل گوپواڻيءَ اسان کي انڊيا وٺي هلڻ جي آڇ ڪئي. اسان پنهنجا سامان سڙا، ڳهه ڳٺا، گهر جا ٽپڙ ٽاڙي ۽ سفر جو ضروري سامان ٻڌي تياري مڪمل ڪئي ۽ ريلوي اسٽيشن ڏانهن راهي ٿياسين. احمدآباد وڃڻ لاءِ ويچاريو هئوسين. اهو شهر اڳ نه ڏٺل هو نه ٻڌل. بس ڪٿي نه ڪٿي ته وڃڻو ئي هو.
قُلين جي موج ٿي پئي هئي. مسافر ويچارا وطن کان وڇڙڻ جي ڳاراڻي ۾ اڳ ئي ڳريا پيا هجن، مٿان وري بدبخت قُلين پئي دلگهريا دام ورتا. ماڻهن کي پلئٽفارم تائين سامان کڻڻ کان ئي پئي روڪيائون. جي، قُلين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سامان کڻڻ جي اجازت ناهي. اهڙي طرح پنهنجي مرضيءَ جا ظالماڻا اگهه زوريءَ پئي ورتائون. هڪ ننگ جا 100 روپيا ان زماني ۾ ڪنهن به لحاظ کان مناسب ڪونه هئا. غير انساني رويي جي به ڪا حد ٿيندي آهي. هي ته هر ليڪو لنگهي نانگ ٿي بيٺا هئا. مون کي ڪجهه ڳالهيون هلڪيون ياد آهن، ٻيون امڙ کان معلوم ٿيم. سنڌ ۾ اما ئي سڏيندا هئاسين. هندستان ۾ جڏهن مدراس پهتاسين، تڏهن اتان جي رواج موجب اما مان ڦيرائي ممي ڪوٺڻ شروع ڪيوسين. منهنجو وڏو ڀاءُ ته آخر تائين کيس اما ئي چوندو رهيو. ها، البت ڏاڏيءَ کي منڍ کان وٺي امي سڏيندا هئاسين.
اسان اڳ ئي سٿيل گاڏي ۾ سوار ٿياسين. مسافر هڪ ٻئي مٿان ٿي ڪريا. سُئي ڪيرائڻ جيتري جڳهه ڪونه هئي. چڱي طرح ياد اٿم ته ڏاڏيءَ سڄي رات بيٺي گذاري. جتي جڳهه مليس اُتي سڄي رات بيٺي رهي. پنهنجي جاءِ تان هڪ انچ به نه چُري. سندس ڌيءَ هانگ ڪانگ مان هڪڙو گهڙيال سوکڙي ڪري موڪليو هوس، ان کي سيني سان لڳائي رات گذاري ڇڏيائين. موڪري قدبت واري زائفان اهي ڪلاڪ ڪيئن گهاريا هوندا، سو فقط هن ئي ٿي ڄاتو. گهڙيال کي اهڙو چهٽي پئي جو آخر تائين نه ڪنهن ٻئي کي هٿ لائڻ ڏنائين ۽ نه ئي وري سامان رکڻ واري ڇڄهري تي هڪ پل لاءِ به ان کي رکيائين. ڏاڍي جذباتي عورت هئي منهنجي ڏاڏي. ان گهڙيال سان سندس دل جو ڳانڍاپو هو. ان کي کڻڻ لاءِ هن ڪيتريون ئي قيمتي شيون پٺتي رهائي ڇڏيون.
اسان مارواڙ جنڪشن تي لٿاسين ۽ احمد آباد واريءَ گاڏي ۾ سوار ٿياسين. اهو پلئٽفارم اسان لاءِ توڙي اسان جهڙن ٻين سوين ماڻهن لاءِ ڪيترن ڏينهن تائين اسان جو گهر بڻيو رهيو. خيراتي کاتن طرفان اسان کي کائڻ لاءِ پوري ۽ ڀاڄي ملندي هئي. اڳتي هلي منهنجن مامن صورتمل ۽ ريجهومل گوپواڻي اسان کي مدراس (هاڻي چنائي) وٺي وڃڻ جو بندوبست ڪيو، جتي منهنجي ماسي رُڪي ٿڌاڻي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهندي هئي.
اهڙي طرح مدراس هندستان ۾ اسان جو پهريون گهر بڻجي ويو. مان اُتي ڪنڊر گارٽن پڙهيس. پر اتي به اسان جو رهڻ عارضي ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته منهنجي چاچي لالچند بخشاڻيءَ اسان لاءِ اڃا به ٻيو ڪجهه سوچيو هو. چاچو هانگ ڪانگ جي ڀرسان پورچوگيز ڪالونيءَ ‘مڪائو’ ۾ ڪم ڪندو هو. سندس پتني ڪشني اڳ ئي هندستان لڏي آئي هئي ۽ گجرات جي شهر بڙودا ۾ رهندي هئي. ان ڪري هن جي مرضي هئي ته اسان به وڃي ساڻس گڏ ٿيون. مدراس ۾ اٽڪل هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ وقت گذارڻ کان پوءِ اسان بڙودا هليا آياسين، جيڪو اسان جو نئون شهر بڻجي پيو.
اهڙي ريت آخرڪار اسان جي زندگي ۾ ڪجهه ٺهر اچي وئي. مون پنهنجي ڀيڻ راڌا ۽ ننڍي ڀاءُ روچي سان گڏجي اسڪول ۾ داخلا ورتي، پر منهنجو وڏو ڀاءُ هوتو، جيڪو چوڻ ۾ وڏو هو، پر عمر اڃا ٻاراڻي هيس، تنهن اسان جي خاطر قرباني ڏني ۽ ڪچي ۾ ئي ڪم ڪار تي لڳي ويو ته جيئن گهر جو گاڏو ڌڪي سگهجي. مردن ۾ گهر جو وڏڙو هوتو ئي هو. بار به مٿانئس ئي پيو. اسان کي سک ڏيڻ لاءِ هن پنهنجو ننڍپڻ پورهئي ۾ گذاري ڇڏيو. اسان جو هڪ سوٽ هو مرچومل، تنهن 15 روپين تي پاڻ وٽ نوڪري ڏنس. پگهار گهڻي ته ڪانه هئي پر گهٽ ۾ گهٽ گهر جي مسواڙ 12 روپيا ان مان سولائي سان نڪري ايندي هئي. اسان جي چاچي به اسان تي وڏا وَڙ ڪيا. مڪائو مان ڪجهه نه ڪجهه رقم اسان جي مدد لاءِ موڪليندو رهندو هو.
انهن ڏينهن ۾ ڪوبه ڪٽنب ستر روپيا ماهوار ۾ مناسب زندگي گهاري سگهندو هو. پر پئسي جي کوٽ پوءِ به محسوس ٿيندي هئي. ڏوڪڙن جي تنگي اڃا تائين به وڌي جڏهن منهنجي ڀيڻ ستي، هاڻي گنگا ڇتاڻي، شادي جي ڄمار کي پهتي. مميءَ کي اچي فڪر ورتو ته جلد کان جلد ڪو مناسب گهوٽ ڳولهي نياڻيءَ کي گهر ڀيڙو ڪريان. ان ڪم ۾ گهڻي دير ڪانه لڳي. ستيءَ جي شادي پهلاجراءِ ڇتاڻيءَ سان ٿي وئي. پهلاجراءِ قداور ۽ سهڻو جوان هو. ويسٽ اينڊيز ۾ رهندو هو ۽ هندستان فقط شادي جي خيال سان آيو هو. ممي سنڌ مان جيڪي ڳهه ڳٺا آندا هئا، سي وڪڻي تڪڻي شادي جو خرچ پورو ڪيو. شادي ته خير جي ٿي گذري. ظاهر آهي ته انهن حالتن ۾ گهر مٿان پئسي جو بوجهه وڌي ويو هوندو، پر ڪا هستي اهڙي به آهي جيڪا اسان جي منزل آسان ڪرڻ لاءِ هر وقت اسان تي نظر رکي ٿي. منهنجي ڀاءُ کي هانگ ڪانگ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ممي جو ساهه ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. هانگ ڪانگ ۾ آمدني سوائي هيس، پر ان هوندي به ايتري ڪين هئي جو اسان آرام سان وقت گذاري سگهون. مون کي ياد آهي ته منهنجي ماءُ پنهنجا سونا ڪڙا ۽ چوڙيون وڪڻي، آهستي آهستي پئي گهر جو خرچ هلائيندي هئي. پائي پائي اُملهه هئي ۽ هن عورت هڪ ڪوڏي به اجائي نه وڃائي. ٻه روپيا هر مهيني منهنجي اسڪول جي في ڏيندي هئي. پر اهي پئسا هر ڇهين مهيني اسڪول مان گڏجي موٽي ملندا هيس. ممي پئسا وٺڻ لاءِ چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول ويندي هئي. پيدل هلڻ ڪري هوءَ هڪ آنو رڪشا جو ڀاڙو بچائي وٺندي هئي. چوندي هئي ته جي هڪ پئسو بچايم ته ڄڻ پنهنجن ٻچن لاءِ هڪ پئسو ڪمايم.
مون سنڌ هندو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. هاڻي اُن اسڪول کي شري لڌارام سنڌ هندو هاءِ اسڪول سڏيندا آهن. ان اسڪول ۾ پاڪستان مان آيل سنڌي شرنار ٿين جي ٻارن کي هنڌي ٻولي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اصل ۾ اهو اسڪول گجراتي ٻارن جو هو. جڏهن گجراتي ڪلاس پورا ٿيندا هئا، تڏهن اسان جا سنڌي ڪلاس شروع ٿيندا هئا. اونهاري ۾ گرميءَ سبب گجراتي ڪلاس جلد ٿيندا هئا، ان ڪري اسان جا ڪلاس سخت اُس ۾، ٽاڪ منجهند جو لڳندا هئا. سياري ۾ وري سنڌي ٻار سخت سرديءَ ۾ سوير سيءَ ۾ ڏڪندا پڙهائي لاءِ پهچي ويندا هئا ته جيئن گجراتي ٻار ٿورو دير ڀرو آرام سان تيار ٿي اسڪول پهچن. اسان پارن شرنارٿين کي پنهنجي سهوليت موجب وقت مقرر ڪرڻ جو ڪو حق نه هو. هونءَ به ويچارن جي وَس ۾ هو ئي ڇا؟
بڙودي جي مهاراجا اڳتي هلي اسڪول جي لاءِ زمين دان ڪئي. اهڙي ريت سنڌ هندو هاءِ اسڪول پنهنجي نئين بلدنگ ۾ هلڻ لڳا. اسان جو پرنسيپال هو سرڳواسي لڌارام موهنداس چنديراماڻي. مهاتما گانڌي جو پڪو پوئلڳ هو ۽ حيدرآباد سنڌ جي مشهور گرداس مل هاءِ اسڪول مان تعليمي تجربي جا خزانا پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ هو هڪ هوشيار هوميوپيٿ پڻ هو. اسڪول پوري ٿيڻ کان پوءِ مريضن کي ڏسندو هو ۽ سندن علاج مفت ڪندو هو. ڪنهن کان ٽڪو آنو ڪونه وٺندو هو. بعد ۾ سندس قومي توڙي تعليمي خدمتن جي عيوض اسڪول جو نالو سندس نالي پويان رکي ڇڏيائون. چنديراماڻي تمام کلئي دل ۽ دماغ ۽ گهريءَ سوچ وارو انسان هو. هن جو سڄو ڌيان ٻارن جو چرتر سڌارڻ تي لڳل هوندو هو. اسڪولي ڪورس به هن اهڙو جوڙيو هو، جنهن مان شاگردن جي شخصيت سڌري. ان ڪري، سنڌي ميڊيم اسڪول هئڻ جي باوجود ۽ پئسي ڏوڪڙ جي اڻ هوند هوندي به، هن اسڪول اهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي هر ميدان ۾ پاڻ مڃايو.
مون کي پنجين درجي ۾ داخلا ملي. خبر ناهي ته اهو ڪيئن ٿيو. مون کي اها به ڄاڻ ناهي ته اهو فيصلو ڪنهن ڪيو. گهر جو وڏو ته لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ عورتون ٻارن جي تعليمي مامرن ۾ پونديون ئي ناهن. شايد آءَ ڪنڊر گارٽن انگلش ميڊيم اسڪول ۾ پڙهيو هوس ان ڪري، يا وري ڪٽنب جي وڏڙن سوچيو هوندو ته ڀلي ته پنهنجي ڀيڻ راڌا جي ڪلاس ۾ وڌو وڃي ته جيئن هوءَ اڪيلي نه ٿئي. راڌا مون کان ٻه سال وڏي هئي. مان پنهنجي عمر جي حساب کان قد ۾ ڊگهو هوس ۽ بت ۾ به ڀريل هوس، ان ڪري سوچيو هوندائون ته مان سندس حفاظت ڪري سگهندس. بهرحال، منهنجي ڊيل ڊول کي ڏسي ڪنهن کي به گمان نه پيو هوندو ته مان پنهنجي ڪلاس کان عمر ۾ ٻه سال ننڍو آهيان.
سبب ڪهڙو به هجي، مان ئي گهاٽي ۾ ويس. سنڌي لکي توڙي پڙهي ڪونه سگهندو هوس ۽ حسابن ۾ ته صفا چٽ هوس. ان ڪري جيڪو ڪجهه ڪلاس ۾ پڙهايو ويندو هو، اهو منهنجي مٿي مٿان لنگهي ويندو هو. مون کي ته بلئڪ بورڊ تان ڏسي نقل ڪرڻ به ڪونه ايندو هو ۽ نه وري ششماهي امتحان ۾ هڪ لفظ به لکڻ آيم. مون پنهنجو جوابي پرچو ڪلاس جي هڪ ڇوڪري کي وڪڻي ڇڏيو ۽ جيڪي ڏوڪڙ مليم، انهن مان دڪان تان کٽمٺڙا ۽ چاڪليٽ وٺي کائي ڇڏيم.
ظاهر آهي فيل ته ٿيڻو ئي هو. پرنسيپال ممي کي چوندو رهيو ته مون کي ٽيوشن ڏياري، پر هن صاف انڪار ڪيو. چيائين، کٽنس ڀاڳ. هوندس نصيب ۾ ته پڙهي پوندو، جي فيل ٿيڻو اٿس ته پوءِ ڀل فيل ٿئي، باقي مون وٽ ٽيوشن جي لاءِ پئسا ناهن.
مون کي خبر ناهي ته اهو منهنجو ڀاڳ هو يا ماءُ جون دعائون هيون. بهرحال، مان جيئن تيئن ڪري پاس ٿي ويس. ان کان پوءِ مان ڪڏهن فيل نه ٿيس. ها، البت ڇاڪاڻ ته منهنجي پرائمري ۾ پيڙهه مضبوط نه هئي، خاص ڪري سنڌي ۾، ان ڪري ڏکيائي ضرور ٿيندي هيم. سنڌي جو گرامر توڙي صورتخطي جا قاعدا ڏاڍا ڏکيا آهن. جيڪڏهن توهان ننڍي وهي ۾ اهي نه سکيا ته پوءِ توهان جي لکڻي ۾ ڪوتاهي رهجي ويندي. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. باقي ڳالهائڻ ۾ مون سان ڪونه پُڄي.
مان ڏهين درجي تائين پڙهيس. مئٿس ته اڳ ئي ڪين ايندي هيم، مٿان وري اٺين ڪلاس کان آلجبرا ۽ جاميٽري به اچي شامل ٿيون، تن ته هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا. حالتون به اهڙيون اچي بڻيون جو مون کي نوڪري ڪرڻي پئجي وئي. ٽائپنگ سکڻ ضروري هو، ان ڪري رلائنس ٽائپرائيٽنگ نالي هڪ ٽريننگ اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس. شهر جو هڪ وڪيل چمن لال شاهه ۽ سندس پٽ ونود ڀائي ۽ همسک ڀائي گڏجي سڏجي اهو اسڪول هلائيندا هئا. پهريون سبق جيڪو مون حاصل ڪيو، سو هيءُ ته رفتار ايتري اهم ناهي جيتري ڪم ۾ صفائي. ان ڪري مون پهرئين ڏينهن کان ئي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ته ڪم صحيح، صاف ۽ سٿرو هجي ۽ ڪا غلطي نه ٿئي. رفتار جو خير آهي، پاڻهي وڌي ويندي. اها ڳالهه مون کي پنهنجي زندگي ۾ قدم قدم تي ڪم آئي.
منهنجي ڀيڻ راڌا، جيڪا منهنجي هم ڪلاسي هئي، تنهن پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ جو امتحازن پاس ڪيائين. ان کان پوءِ جلد ئي سندس شادي واڌواڻي بردرس سنگاپور جي چيلارام واڌواڻي سان ٿي وئي.
شاهه ٽريننگ اسڪول اڳتي هلي بڙودا جو سڀ کان وڏو ادارو بڻيو. وڪيل هئڻ سبب سندس ڄاڻ سڃاڻ تمام گهڻي هئي. ان ڪري وٽس تمام گهڻا قانوني ڪاغذ ٽائيپ ٿيڻ لاءِ ايندا هئا. ڪم کي جلد اُڪلائڻ لاءِ کيس ٽائيپسٽن جي ٽيم رکڻي پئي. منهنجي ڪم مان خوش ٿي هن مون کي موقعو ڏنو ته جيترا پنا ٽائيپ ڪندين، پئسا به اوترائي ملندءِ. اڳتي هلي ان اسڪول ۾ مان مفت ۾ تربيت پڻ ڏيڻ لڳس.
اها منهنجي پهرين نوڪري هئي، جنهن مان مون کي 40 روپين تائين اجورو ملي ويندو هو. هاڻ مان ڏهين ڪلاس جو شاگرد به هوس، اعزازي استاد به هوس ۽ گهر هلائڻ لاءِ کاٽائو پٽ پڻ هوس. جلد ئي مون کي جيوتي لميٽيڊ ۾ آفيس اسسٽنٽ ۽ ٽائپسٽ جي نوڪري ملي وئي. جيوتي لميٽيڊ هڪ انجنيئرنگ ڪمپني هئي جا امين فيملي جي ملڪيت هئي. وٽن اليمبڪ گروپ آف ڪمپنيز به هئي. جيتوڻيڪ منهنجي ماهوار پگهار رڳو 75 روپيا هئي، پر مان اوور ٽائيم ڪري ڪجهه وڌيڪ به ڪمائي وٺندو هوس. سخت پورهيو ڪرڻ ننڍي ڄمار کان ئي منهنجي زندگي جو حصو رهيو آهي.
نوڪر ۾ اچڻ کان پوءِ مون پنهنجي رفتار توڙي ڪم جي صفائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. ان هنر جو شوق به ڏاڍو هئم. وڏي ڳالهه ته اهو ڪم منهنجي دل وٽان به هو. آسڪروائلڊ چيو هو، جيڪڏهن ٽائيپ رائٽر کي هلائڻ وقت منجهس اندر جو اجار به شامل ڪندو ته پوءِ هو ايترو بيزار ڪندڙ نه لڳندو جيترو توهان جي ڀيڻ يا ڪنهن مٽ مائٽ جو پيانو وڄائڻ. سچ پُڇو ته هن ننڍڙي مشين کي مون هميشه چاهه ڀرين نظرن سان ڏٺو، جنهن اظهار جي دنيا ۾ عجيب تبديلي آڻي ڇڏي.
مان ٽائيپ رائيٽر کي پنهنجين آڱرين جو ڦهلاءُ محسوس ڪندو آهيان. ڪنهن ماهر ٽائپسٽ کي ٿورو ڌيان سان ڪم ڪندي ڏسو. جيڪڏهن هو واقعي قابل ۽ لائق آهي ته پوءِ سندس کٽ کٽ جو آواز، توهان کي سُريلو لڳندو. لائين پوري ٿيڻ تي گهنٽي جو هلڪڙو آواز، شيهي جي اکرن جو ڪاغذ تي ڪرڻ جو آواز ۽ رول ڇڪي پنهنجي جاءِ تي موٽائي آڻڻ وقت وڻندڙ سنهڙي چيخ، اهي سڀ گڏجي هڪ عجيب سنگيت پيدا ڪندا آهن. اڄڪلهه اهي آواز ختم ٿيندا ٿا وڃن.
مون ٽائيپ رائيٽر تي ٻيا به تجربا ڪيا. ٿوري سوچ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ سان توهان نه رڳو ڪاغذ تي لکي سگهو ٿا. بلڪ آرٽ پڻ تخليق ڪري سگهو ٿا.
مون مهاتما گانڌي جي اها تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منجهس اهي لڪيرون، گولايون ۽ گهنج شامل ڪرڻ جا جتن ڪيا، جيڪي مهاتما جي ڪردار جو حصو آهن. ڏاڍو ڪٺن ڪم هو، پر پوءِ به مون باپوءَ جي شبيهه جوڙي ورتي. اها تصوير اڄ به منهنجي لئبرريءَ ۾ موجود آهي. منهنجي هڪ ويجهي دوست ڪي. رام اسوامي (K. Ramaswamy) مون تي اهو زور ڀريو ته مان ان کي اخبارن ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏئي ڇڏيان. ان کانپوءِ مان به ان کي سنڌي ۾ نڪرندڙ هفتيوار اخبار کي ڏئي ڇڏيو.
هاڻي جڏهن ته مان سڄو ڏينهن نوڪري حوالي ٿي ويس، تڏهن اسڪول لاءِ وقت ڪڍڻ مشڪل ٿي پيو. اُن ڪري فيصلو ڪيم ته ڏهين درجي کان پوءِ پڙهائي کان بس ڪجي. مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان ڏنم. منهنجي ڏينهن رات جي محنت کان پوءِ به اسان جي گهر جو خرچ ڇڪي تاڻي پورو مس ٿيندو هو. مٿان وري ممي جو تاڪيد مٿان تاڪيد ته خرچ گهٽايو، اڃا گهٽايو. هوءَ چوندي هئي، پنهنجي خرچ وڌائڻ کان اڳ پنهنجي آمدني وڌايو.
ان هوندي به هن اسان کي ننڍي خوشي کان ڪڏهن به محروم نه رکيو. جيڪڏهن منهنجي دل فلم ڏسڻ تي هوندي هئي ته هوءَ يڪدم پئسا ڪڍي تريءَ تي رکندي هيم. پنهنجي 75 روپين جي پگهار مان 70 روپيا ممي کي ڏيندو هوس. ائين ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. باقي 5 روپيا منهنجي پوري مهيني جي خرچي هوندي هئي. ٿورا گهڻا انگل آرا ممي سان هلندا هئا ۽ هوءَ ويچاري به ڪڏهن انڪار نه ڪندي هئي. پر پوءِ جلد ئي خبر پيم ته منهنجي مٿئين خرچ جي ڪري ويچاريءَ جو هٿ صفا تنگ ٿي ٿو پوي، ان ڪري کانئس گهرڻ ئي ڇڏي ڏنم. هڪ ڏينهن منهنجي نانيءَ مون کي پنج روپيا ڏنا، ۽ وشواس ڪيو ته اِها منهنجي لاءِ وڏي نعمت هئي. پر مون ڪجهه به اظهار نه ڪيو. مون نانيءَ کي چيو، هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان. توکان پئسا ڪونه وٺندس. پنهنجو ڪمائي کائيندس.
منهنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين، وٺ ٻچا وٺ ضرور، پر کپائجانءِ نه. دل ۾ سانڍيندو وڃ، پوءِ ڏس ته ڪيئن نه ٿا وڌي سئوڻا هزاروڻا ٿين.
سال گذري ويا آهن پر نانيءَ جي ڳالهه منهنجي دل ۾ اڄ به تازي آهي. منهنجي زندگي جي وڏن پڇتائن مان هڪ اهو به آهي ته ناني جو ڏنل اهو نوٽ مون کان ڪٿي وڃائجي ويو آهي. ها، اهو معمولي نوٽ وڌي وڻ ٿيو. سئوڻو ٿيو، هزاروڻو ٿيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي. اڄ مان ان نوٽ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اڄ ايترن ورهين کان پوءِ به اکين اڳيان اٿم اهو نئون نڪور، کڙڪيدار نوٽ. ذهن تي ڇپجي ويو اٿم ۽ دل تي اُڪري ويو اٿم اهو ناني جو ڏنل نوٽ.
زندگي جون اهي ننڍڙيون پر اهم ڳالهيون آهن، جيڪي ڪڏهن وسرڻ جون ناهن. هونءَ ته ڏسجي ته انهن ڳالهين جي ڪا ايتري وڏي اهميت به ناهي، پر جڏهن انهن تي ويچار ٿو ڪجي ته لڳي ٿو ته اهي جهڙوڪر اڳڪٿيون هيون جيڪي وقت سچيون ڪري ڏيکاريون.
اسان مان گهڻن پئسي ڏوڪڙ کي ڪاميابيءَ جي علامت ڪري ورتو آهي ۽ پڪ ٿا ڀانيون ته اها ڪاميابي وڏڙن جي آسيس ۽ دعائن سبب ئي ملي آهي. اڄ جڏهن ڪافي وقت گذري چڪو آهي، ساڳي آسيس ۽ دعا مان پنهنجي نوجوان پيڙهيءَ کي پڻ ڏيان ٿو، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي شڪتي ۽ قابليت کان بي خبر آهن. اسان کي وڏڙن جي انهن دعائن جو احسانمند ٿيڻ گهرجي جو اسان کي سچ پچ ته خبر ناهي ته انهن آسيسن جي پويان ڪيڏي نه طاقت لڪل آهي.
مون کي ياد ناهي ته منهنجي ماءُ مون کي ڪڏهن ڪا سزا ڏني هئي. هڪ ڀيري مون کي سگريٽ پيئندو ڏسي ورتائين. مون کي اچي ڀئو ٿيو ته اجهو ٿي مار ملي. پر هن صرف ڪرڙيون اکيون ڪري مون ڏانهن نهاريو. مون کي لڳو ته سندس نهار ۾ ڪاوڙ کان وڌيڪ درد ڀري التجا هئي. ڄڻ چوندي هجي: نه پُٽ، اها ڳالهه چڱي ناهي.
مون هڪدم محسوس ڪيو ته مون کان غلطي ٿي وئي آهي. ان کان پوءِ مون کيس ڪڏهن به اهڙو موقعو نه ڏنو جنهن ۾ کيس ڳڻتي ٿئي.
جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين، پنهنجي ماءِ ڏاڏيءَ کان ماضي جي ٺٺ ۽ ٺانگر جون ڪهاڻيون ٻڌندا ويندا هئاسين. هو اسان کي پنهنجي غربت، جدوجهد ۽ تڪليف جا قصا پڻ ٻڌائينديون هيون. ويجها مٽ مائٽ به اهڙيون ئي آکاڻيون ٻُڌائيندا هئا. اسان جي ننڍڙي گهر ۾ جڏهن رشتيدار اڪثر ملڻ ايندا هئا، تڏهن اهي ئي ڳالهيون پيون ورجائبيون هيون. کين اهڙي طرح پاڻ سان گڏ ڏسي دل کي ڏاڍو آٿت ايندو هو، پنهنجائيءَ جو احساس ٿيندو هو ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيندو هو.
ڏاڏيءَ ڪڏهن به دل سان نه مڃيو ته کيس سڄي زندگي هن نئين ملڪ ۾ ۽ مسواڙي گهر ۾ گهارڻي آهي. گهڻا شرنارٿي فوجي بيرڪن مان جوڙيل وارشيا ڪالوني ۾ رهندا هئا. اسان فيصلو ڪيو ته بڙودا جي ڪنهن هيٺئين وچولي ڪلاس واري علائقي ۾ ڪنهن بلڊنگ جو حصو مسواڙ تي وٺون، پر ڏاڏيءَ جو ساهه اٽڪيل هو پنهنجي سنڌ ۾. چوي ته ڇا جو ڪرايو ڇا جي ڳالهه؟ هلو ته پنهنجي وطن موٽي هلون. منهنجو گهر منهنجي سنڌ آهي. ويچاري مرڻ گهڙي تائين سنڌ سنڌ ڪندي وئي. 1957ع ۾ گذاري وئي، هندستان ۾ اچڻ کان پورا ڏهه سال پوءِ.
مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
ڪڏهن ڪونه آئيو، تن پنوهارن پهي،
ويڙا سي وَهي، جنب گذاريُم جن سين!
ڏهه سال پوءِ 1967ع ۾ اسان آخرڪار پنهنجو گهر جوڙايو. نالو رکيوسين: ‘اميءَ جو خواب’ ڏاڏيءَ جي دلي خواهش کي مانُ ڏيڻ جو اهو ئي مناسب طريقو هو.
اسان ننڍا هئاسين، ان ڪري نئين ملڪ ۾ رلي ملي وڃڻ ۾ ڪا تڪليف ڪونه ٿي. بڙودا منهنجي ٻالڪپڻ جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن کي پاڻ کان ڌار ڪري نٿو سگهان. صاف سٿرو شهر، ويڪرا رستا، محلن جهڙيون عمارتون ۽ مهاراجا. مون کي اڄ به اُتان جو چوماسو ياد آهي، جڏهن اسان سڀ ٻار گڏجي ننڍن وڏن تلائن ۾ وهنجندا هئاسين، کيڏندا ۽ کل مشڪري ڪندا هئاسين.
ماضي جي ڏور ڏاڍي پڪي، پختي ۽ مضبوط ٿيندي آهي. دل اڪثر سٽون کائندي آهي ته موٽي پنهنجي جڙن ڏانهن، پنهنجي ننڍپڻ جي شهر ڏانهن وڃان. جگجيت سنگهه جو جڏهن هيءُ گونجندڙ آواز ٻُڌندو آهيان، تڏهن اها خواهش شدت سان تڙپائڻ لڳندي آهي:
يي دولت ڀي لي لو
يي شهرت ڀي لي لو
چاهي ڇين لو مجهسي ميري جواني
مگر مجهڪو لوٽادو بچپن ڪا ساون
وو ڪاغذ ڪي ڪشتي، وو بارش ڪا پاني
اهو غزل منهنجي دل ۾ دماغ ۾ تنبوري جي تارجيان پيو وڄندو آهي ۽ ماضيءَ جي مزارن تان ورهين جي دز ڌوپجي ويندي آهي.
*