16. باب سورهون : لاوارث پرواسي
رابرٽ فراسٽ
مون جڏهن هندستان ڇڏيو، تڏهن مان هندستاني هوس. ان کان پوءِ مون کي نئون لقب، نئون نالو ڏنو ويو. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني (NRI). جڏهن مونکي هندستان ۾ NRI سڏيندا آهن، تڏهن مون کي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي. لڳندو اٿم، مان پنهنجي ئي ديس ۾ ڪو اجنبي، ڪو ڌاريو، ڪو پرڏيهي آهيان.اهي NRI ڪير آهي؟
ڌار ڌار ماڻهن لاءِ سندن جدا جدا حيثيت آهي. سرڪار لاءِ هو پرڏيهي ناڻي ڪمائڻ جو سٺو وسيلو آهن. ڪسٽم وارن جي لاءِ هو سمگلر آهن. مائٽن جي لاءِ حسد ۽ ساڙ جو سبب آهن. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. هر ماڻهو پنهنجيءَ سوچ آهر کين معنيٰ ۽ مطلب ڏئي ٿو.
منهنجي خيال ۾، جيڪي ماڻهو هندستان مان لڏي ڪنهن ڌارئي ديس ۾ هميشه جي لاءِ وڃي ٿا اتان جا وڻ وسائين ۽ ٻيا اهي، جيڪي روزگار جي ڳولا ۾ پرڏيهه ٿا اُسهن، تن جي باري ۾ عام ماڻهن جي ذهن ۾ تمام گهڻيون غلط فهميون ويٺل آهن.اهو ته سچ آهي ته ٻئي چڱي آئيندي جي تلاش ۾ وطن ڇڏين ٿا، پر روزگار لاءِ ماڻهو آخرڪار پنهنجو مدو پورو ڪري ٻيهر موٽي ماڳن تي ايندا آهن. اڄ، سڀان يا پرينهن، نيٺ انهن کي موٽڻو آهي. انهن جي ڪمايل موڙي وري به پنهنجي ملڪ ۾ ايندي ۽ ڪٿي نه ڪٿي اها رقم سيڙپ طور ڪم ايندي. اهو پئسو ملڪي دولت جو حصو ٿي ويندو.
منهنجي خيال ۾ مٿين ٻنهي لاڏائو ڌارائن کي ٻن الڳ الڳ سوچن سان چڱيءَ طرح جاچي جوچي ۽ پرکي ڏسجي.
ويجهي تاريخ ۾ هندستانين جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪاهه انگريزن جي راڄ ۾ شروع ٿي. انگريزن ٺيڪي تي مزورن کي چراگاهن، ٻنين ۽ باغن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سيلون (سري لنڪا)، برما (ميانمار)، ملايا (ملائيشيا)، ڏکڻ آفريڪا، اوڀر آفريڪا، ڪئريبين ٻيٽن ۽ ٻين اهڙن ملڪن ڏانهن موڪليو، جيڪي سندن اثر هيٺ هئا. ان کان پوءِ واپارين جي لڏپلاڻ شروع ٿي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، ڏور اوڀر، آفريڪا، اولهه ايشيا ۽ مغربي ملڪن ڏانهن هئي. انهن لڏي ويندڙماڻهن جا پونيئر هاڻي اُنهن ملڪن جا شهري بنجي چڪا آهن، پر انهن مان گهڻن جو هندستان سان اڃا به روح جو رشتو ۽ من جو ڳانڍاپو جڙيل آهي. منجهانئن ڪي ته پنهنجي وطن سان عملي طور اڄ به لاڳاپيل آهن. هندستاني نسل جي ان ٽولي جو انگ 17 ملين کان به مٿي ٿيندو.
ٻيو گروپ اهو آهي، جيڪو هندستان کان ٻاهر مزوري ڪمائي، سکيو ستابو ٿيڻ ويو. اهي ماڻهو روزگار جي تلاش ۾ نڪتا هئا، پر هنن جو پرڏيهه ۾ آباد ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه هو. بهرحال، هر ملڪ جا قانون هڪ جهڙا ناهن. گهڻن ملڪن، پنهنجن قانونن پٽاندر کين پنهنجيءَ زمين تي هميشه لاءِ آباد ٿيڻ جو حق نه ڏنو.
پنجاهه واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري، گلف ۽ مڊل ايسٽ جي ڪجهه ٻين ملڪن مزورن جي لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا ۽ روزگار سانگي انهن ملڪن ۾ ايندڙ ماڻهن جي پيهه اڃا به وڌي وئي، جڏهن 70 واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري تيل جو روانگي واپار شروع ٿيو. اڄ هن پوري علائقي ۾ اٽڪل ساڍا ٽي ملين هندستاني رهن ٿا.
گذريل صديءَ ٻه مهاڀاري لڙايون ڏٺيون. انگريزن جي سلطنت انهن جنگين جي مالي بار سبب ڀڄڻ ۽ ڀُرڻ لڳي. برٽش ڪالونين جا ماڻهو لاچار ٿي روزگار ڪمائڻ لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لڳا. اهو پهريون ڀيرو هو جو هندستان جي ماڻهن، ايڏي وڏي تعداد ۾ ملڪ ڇڏي، سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ٺيڪي تي مزوري ڪندڙ هندستاني هڪ طرف ته ويسٽ انڊيز تائين وڃي پهتا ۽ ٻئي طرف آفريڪا جي ڏاکڻي ڪناري تي وڃي ساهي پٽيائون. واپارين کي به واءُ سڻائو لڳو، ملبار جي ڪناري کان گلف جي ملڪن تائين ڦهلجي ويا. اهڙيءَ ريت، هندستاني مزورن توڙي واپارين، گڏجي سڏجي، پوري دنيا ۾ پاڻ کي آباد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
اڳتي هلي، ويهين صديءَ ۾ هندستاني ماڻهو دنيا جي وڏي ۾ وڏي لاڏائو قوم بنجي پيا. چين جي باري ۾ عام طور چيو ويندو هو ته چيني ماڻهو دنيا جي هر ملڪ ۾ ڦهليل آهن۽ ٻي ڪا به اهڙي قوم ناهي جيڪا پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ايڏي وڏي تعداد ۾ آباد هجي، پر هندستانين ان سلسلي ۾ چينين کي به مات ڏئي ڇڏي. هو نه رڳو دور دراز ملڪن تائين پهتا، پر پنهنجي هُنر، محنت۽ سچائيءَ ڪارڻ وڏو نالوبه ڪمايائون.
خود انگلنڊ ۾، جنهن کي سلطنت جو پايو وجهندڙ سڏيو ويندو هو، هندستاني ٻين سڀني قومن کان تعداد ۾ گوءِ کڻي ويا، پر مٿن پرڏيهي هندستانين (NRI) جو لقب اڃا به نه مڙهيو ويو هو. ان جي ابتڙ، انهن شروعاتي ڏينهن ۾، سندن خلاف ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ته پري رهيو، سندن همٿ کي چڱي نظر سان ڏٺو ويندو هو.
تاريخ ۾ هندستانين جي سفر يا ياترا جي باري ۾ رويو هميشه مختلف رهيو آهي. هو يا ته روزگار جي تلاش ۾ سفر ڪندا آهن، يا وري ڪٽنب ۾ ڪنهن خاص واقعي ڪارڻ ٻاهر نڪرندا آهن، جهڙوڪ ٻار جو جنم، شادي وهانءُ يا موت وغيره، يا وري ڪنهن ڌرمي فرض جي پورائي لاءِ.
ڏکيءَ، اڻانگيءَ ۽ اڻ وڻندڙ مسافريءَ ۾ خوشي جي جهلڪ به نه هوندي هئي ۽ هندستاني مسافر کي ته مورڳو جدائي ۽ موڪلاڻيءَ جون گهڙيون موت سمان لڳنديون هيون. اڪثر ماڻهن جي لاءِ ته اهي سفر هڪ طرفا ثابت ٿيندا هئا، سامونڊي سيلانين۽ واپارين ۽ سوداگرن، سڄيءَ دنيا ۾ سفر جو سوداءُ اهڙو ته ڦهلائي ڇڏيو هو، جنهن جهڙو لقاءُ شايد وري ڪڏهن به نظر نه اچي، جو لڳندو هو ته اهي ماڻهو ڪنهن جوکي جهڙي مسافري بجاءِ ڪن ڌرمي فرضن نباهڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍندا هئا. هندي ٻولي (۽ سنڌي ۾ پڻ) ان لاءِ هڪڙو تمام مناسب لفظ آهي، جنهن جو انگريزي ۾ هوبهو معنيٰ ڏيندڙ لفظ مونکي نٿو سُجهي.
اڄ به وطن جي ياد کي جيئن جو تيئن تازو رکڻ جي چاهنا دلين ۾ موجود آهي. سفر جون اهنجايون۽ اوکائيون هميشه کان ئي اسان جي روايتن جو حصو رهيون آهن. هندستان جي لوڪ-ڪهاڻين ۾ اوهان کي تمام گهڻا قصا ملندا، جن ۾ مسافرن جو مال۽ مڏي کسڻ لاءِ هر موڙ تي چور، ڌاڙيل، ٺڳ ۽ ڦورو، تاڙ ۾ ويٺل نظر ايندا.
هندستانين جي سوچ ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو خيال ئي وڏي شرم جي ڳالهه ليکي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پرديس وڃڻ جا سانباها ڪندوته ٺٺوليون ڪندڙ کيس ملڪ ۾ ناڪاميءَ جا طعنا ڏيندا. اسان جي سماج ۾ ان بهادر جي لاءِ به ڪو مانُ ڪونهي، جيڪو ملڪ مٿان ملڪ فتح ڪندو، وڏي شان سان پنهنجيءَ جيت جا جهنڊا کوڙيندو ويندو آهي. اسانوٽ مارڪوپولو جهڙا سيلاني به ڪونهن ۽ نه ئي وري آئندي جي لاءِ ڪا اهڙي اميد ئي ٿي نظر اچي. ان جي ابتڙ، اسان جي ڪهاڻين ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي پرڏيهي راڪاس جي آڏو ٻليدان ڪيو ويو، ته اُن کي ئي ڏوهاري ڄاڻائيندي چوندا ته منجهس ضرور ڪا وِڏ هوندي يا سندس جسم يا آتما جي پوترتا ۾ ڪو شڪ هوندو.
هندستانين جي سوچ ۾ ڇپيل سفر خلاف اهڙن شڪن، شبهن، ڀؤ ۽ گهٻراهٽ جي باوجود، هنن هر هنڌ وڃي ماڻهن کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو آهي.
هندستانين جي دلين ۾ پرڏيهين لاءِ روايتي شڪ ۽ شبها اڄ به اهڙي طرح قائم آهي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني اڄ به ان جي قيمت چڪائي رهيا آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين (NRI) جي حالت پادريءَ جي بيدي جهڙي آهي- اڌ سٺو، اڌ خراب.
اها حالت ان ڪري ٿي آهي جو هنن جي پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ سندن ملڪ جي ضرورتن ۾ زمين ۽ آسمان جو تفاوت آهي. اها وڇوٽي وڃي ٿي هر روز وڌندي. هنن جون پنهنجو گهرجون ته جي آهن سي آهن، البت سندن وطن جون ضرورتون ۽ اوليتون ملڪي حالتن موجب بدلجنديون رهن ٿيون. گهران ايندڙ فرمائشون پڻ نت نوان مسئلا کڙا ڪنديون رهن ٿيون.
ميڊيا (پريس، ريڊيو ۽ ٽيليويزن) پڻ NRI کي خود غرض، لاچار، ڪنجوس ۽ وطن دشمن وغيره ثابت ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو آهي. سندن تصوير اهڙي طرح چٽي پئي وڃي، جنهن مان عام ماڻهن کي اهو ٿو لڳي، ڄڻ NRI ڇڙو پنهنجي جهول ڀرڻ واريءَ هٻڇ ۾ پورا آهن ۽ ملڪي ڀلائي جو کين ٽڪي جو به خيال ناهي.
هندستان ۾ وري ويچارن NRI کي هر نموني پرڏيهي سمجهيو وڃي ٿو. انڊيا جا ڪيترا ڪاليج توڙي يونيورسٽيون NRI جي ٻارن کي جدا کاتي ۾ وجهن ٿا ۽ عام رواجي هندستاني ٻارن جي ڀيٽ ۾ کانئن وڏيون فيون گهرن ٿا. ڪن ٽيڪنيڪل۽ پروفيشنل ڪاليجن ۾ ته NRI جي ٻارن کان اهي فيون ورتيون ٿيون وڃن، جيڪي هوند هو يورپ جي ڪاليجن ۾ ڀرين. ٻيو ته ٺهيو، هاسٽلن ۾ رهڻ جي في به کين وڌيڪ ڏيڻي پوندي آهي. هوڏانهن وري آمريڪا ۾ يونيورسٽيون اسان پارن پرڏيهين جي ڌار کل لاهينديون آهن. خير، اها ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڏيهي ماڻهو پرڏيهين کان هر هنڌ وڌيڪ رقم گهرندا آهن، پر مونکي پڪ آهي ته آمريڪي پنهنجن شهرين کان فقط ان ڪري وڌيڪ ڏوڪڙ نه گهرندا هوندا ته سندن گهر وارا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري چاڪري يا ڌنڌو ڌاڙي نه ڪندا آهن. هندستاني يونيورسٽين کي اها وڏي غلط فهمي آهي ته NRI شاهوڪار آهن، تنهنڪري ڳريون فيون ڀري سگهن ٿا. سچ اهو اهي ته گلف ۾ ڪم ڪندڙ هندستاني پرڏيهين جي گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي ڏکيائي سان پنهنجو گذران ڪري سگهن ٿا. مزورن جي مارڪيٽ ۾ ايتري ته چٽاڀيٽي آهي جو هندستانين کي انهن ماڻهن سان مقابلوڪرڻو پوي ٿو، جيڪي انهن ملڪن مان اچن ٿا، جن جو ڪم ئي آهي مزورن کي ڪمائڻ لاءِ پرڏيهه موڪلڻ. ظاهر آهي، اهڙا ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ اجوري تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. ان ڪري، پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن گهٽ ڪمائي وارن ماڻهن کي شاهوڪار سمجهي، کانئن وڌيڪ پئسي جي گهر ڪرڻ سچ پچ ته ڏاڍائي چئبي. ان سلسلي ۾ سرڪاري ڪارندن جي ارهه زورائي به ڏسڻ وٽان آهي. کين اهو وهم ويٺل آهي ته جيڪي ماڻهو ٻاهر رهن ٿا، سي سون ۽ روپي ۾ ٿا تُرن. هو اهو به سمجهن ٿا ته پرڏيهه ۾ ڪمائيندڙ پنهنجي ديس واسين کان وڌيڪ آمدنيءَ وارا آهن. انهن مڙني ڳالهين NRI جي حياتي حرام ڪري ڇڏي آهي.
ساڙ ۽ حسد واري جذبي وري، سرڪاري ڪارندن جي ملي ڀڳت سان، وک وک تي NRI جي لاءِ نوا نوان مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي ديس ۾ قدم رکندي ئي جڏهن کين ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، تڏهن سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ويتر ڳالهه مان ڳالهوڙو پيدا ڪريو ڇڏي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو جيڪو ڪم ڏينهڪ ٿئي، تنهن کي هفتا لڳيو وڃن. ماڻهو ته اڳ ئي حسد ۾ پيا ٻَرن،سي وڃيو لڪن “پاليسي” جي اوٽ ۾. چون ٿا ته پاليسي ئي اهڙي آهي، اسان ڇا ڪريون؟ جڏهن مٿان کان پاليسي ۾ ڦير ڦار ٿيندي، تڏهن توهان جو ڪم چپٽي وڄائيندي ٿي ويندو.
جيڪڏهن سڀ ڳالهيون ٿيون ڳڻجن ته هروڀرو سڄو ڏوهه لوڪل ماڻهن جو به ناهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين ڪڏهن به ايڪو ڪري، مڙي مُٺ ٿي، پنهنجي ملڪ جي سرڪار آڏو پنهنجي صحيح صورتحال سامهون ڪانه رکي آهي. ان جي بلڪل ابتڙ، هنن پنهنجي غفلت، سبب يا ائين کڻي چئجي ته گڏيل ڪارج نه هئڻ ڪارڻ، ماڻهن ۾ اڳئي موجود ويساهه کي وڌيڪ پڪو ڪري ڇڏيو آهي ته NRI رڳوانڪري ٿا اچن ته جيئن موٽندي وقت پاڻ سان آچار، چٽڻي، پاپڙ، مصالحا ۽ جي موقعو ملي ته هڪ جوءِ به ساڻ کنيو وڃن. هي اهي ماڻهو آهن، جن تي وطن ۾ ٽوڪون ٿين ٿيون، پر پرديس ۾ رهي هو پنهنجين روايتن کي قائم رکن ٿا. ان ڳالهه تي مٿن نڪتي چيني به ٿئي ٿي ته هي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پرديس ۾ رهي به اتان جي ماڻهن سان ميل جول رکڻ پسند نٿا ڪن، بلڪ ان جي ابتڙ پنهنجو اڪيلو ڪُنو الڳ چاڙهي ويٺا آهن. ٽوڪون به صحيح، نڪتي چيني به اکين تي، پر ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو ته ديس کان دور، پنهنجن کان پري، وطن کان وڇڙيل هي ماڻهو پنهنجي رسمن ۽ رواجن کي به نٿا ڏسن، ڏکيا سُکيا ڏينهن گذارين ٿا، پر پوءِ به سوڀارا ٿين ٿا ۽ ڪاميابيون ماڻين ٿا.
بدقسمتيءَ سان غيررهائشي هندستانين (NRIs) جيڪي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن، وٽ بارگينگ پاور نه هجڻ سببان اهي پاڻ کي هڪ منظم گروپ ۾ آڻي نه سگهيا آهن. اهي نه ڪو هندستاني سياستدانن جي نظر ۾ ڪا وڏي قوت رکن ٿا ۽ نه ڪو وري اهي ڪا هڪ طاقت بڻجي سگهن ٿا. سبب اهو آهي ته اهي غيرمنظم ۽ ٽڙيل پکڙيل ئي آهن. هو اتي جيڪا زندگي گذارين ٿا. اها اتي جي نموني واري آهي. خليج ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ پنهنجي ڀائرن واري زندگي به گذاري سگهن ٿا. وطن جي حُب خليج ۾ رهندڙ هندستانين لاءِ وڏو فائدو آهي. جيڪڏهن اهي چاهين ته هڪ سال جي اندر هندستان ڏانهن ڪيترائي ڀيرا اچي ۽ وڃي سگهن ٿا. جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۽ حصن ۾ رهندڙ غيررهائشي هندستاني، مالي ڏکيائي يا وري جغرافيائي وٿيءَ جي ڪري، ائين پنهنجي ملڪ ڏانهن اچي يا وڃي نه ٿا سگهن. جيڪي هندستاني آمريڪا يا وري يورپ ۾ رهن ٿا. اهي ان ڳالهه کي وڏي ناسٽيلجيا سان قبول ڪن ٿا. البت ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ، اهي پنهنجي عقيدي، قدرن ۽ رواج توڙي ڪلچر کي برقرار رکڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا. بهرحال، وقت سان گڏ، اهي ڪمزور ئي ٿيو پون ٿا. مادر وطن ئي، تارڪ وطن جي هندستانيت کي محفوظ ڪري سگهي ٿي.
60 ۽ 70 جي ڏهاڪن ۾ جڏهن هندستان مان پڙهيل ڳڙهيل نوجوان ٻڌي اگهه سان ملڪ ڇڏي ٻاهرين ملڪن ڏانهن سٺن اجورن تي هليا ويا ۽ هڪ طاقتور وچولو ڪلاس ٺهي پيو، تڏهن ٻن يا ٽن پيڙهين کان پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني، جن وٽ اڃا به پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ هو، تن محسوس ڪيو ته نهروءَ ۽ گانڌيءَ جي ديسي انڊسٽري کي بچائڻ ۽ کيس سهارو ڏيڻ واري پاليسيءَ سبب، هنن جي هندستان ۾ واپسيءَ کي مناسب آڌر ڀاءُ نه ملندو. هنن اهو به محسوس ڪيو ته سندن خلاف مخالفت هٿ سان پيدا ڪئي ويئي آهي. ان هوندي به پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪئي. هنن پنهنجي وطن لاءِ نه پيار ۾ ڪمي آندي ۽ نه شرڌا ۾. انڊيا لاءِ سندن محنت سياسي سمجهوتن کان بلڪل مٿانهين هئي. پر وقت سان گڏوگڏ سندن وڍن ۾ وِهه ڀرجندو رهيو ۽ آخرڪار رشتن ۾ ڏار پئجي ويا. NRI جو اصلي مطلب وساري، ماڻهن NRI کي هڪ نئين معنيٰ ڏني. هاڻي هو Not Required Indians ٿي پيا، ڳالهه ته کل جهڙي هئي، پر منجهس ڏکوئيندڙ سچ به شامل هو، جنهن غلط فهمين جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيا.
ٻنهي طرفن کان ڪي سمجهو ۽ سياڻا ماڻهو به هئا، جن عقل کان ڪم وٺي انهن دورين کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو، پر افسوس جو سندن ڳالهه تي ڪنهن به ڌيان نه ڌريو ۽ سندن آواز انبوهه جي گوڙ ۾ گم ٿي ويو. ميڊيا جي ته موج ٿي پئي. پريس پرڏيهه ۾ رهندڙن کي ڏوهاري ٺهرايو. قاعدا، قانون ۽ سسٽم وچ ۾ ڪاهي پيا ۽ ائين لڳو، ڄڻ ملڪ سان ڪا وڏي ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي. انڊيا اندر، لاڏ جي ڇٽيءَ هيٺان پلجندڙ واپار ۽ انڊسٽريءَ، هڪ اڻ لکيل ٺهراءَ هيٺ، نيتائن ۽ ڪامورن سان ملي، NRI کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ساڳئي وقت، هندستان ۾ جاري ڪيل اسڪيمن، جهڙوڪ Sons of the Soil ۽ Be Indian, Buy Indian پاڻ ماڻهن جون دليون وڌيڪ کٽيون ڪيون. اهڙين حالتن ۾ ديس موٽڻ وڌيڪ تڪليف ۽ جوکم جو ڪم ٿي پيو.
اسان، جن تي NRI جو ٺپو لڳي ويو هو، سي ان نالي کان پريشان ته ٿيندا هئاسين،پر پوءِ جي حالتن اسان کي مُنجهائي وڌو. جي دکي نه ٿياسين، ته به حيران ضرور ٿياسين. اسان جي سيڙپ وارين ڪوششن کي رد ڪيو ويو. ڪاغذي ڪاررواين ۽ سرڪاري ڪامورن جي ڊيگهه ويتر رشتن ۾ گهاري وجهي ڇڏي. ڳالهيون ويون تيزيءَ سان خراب ٿينديون۽ نوبت اتي اچي پهتي جو پاڻ کي ڏوهاري سمجهڻ لڳا ۽ معاملو وڃي معافي تلافي تائين پهتو.
70 واري ڏهاڪي ۾ به حالتون ڪونه بدليون. ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه. اهي ڏهه ئي سال نمائندن پويان نمائندا انڊيا ويندا رهيا. ڳالهيون ٿينديون رهيون. نتيجو اهو ئي ٻُڙي. جيڪڏهن ڪو NRI هو ته هو ڌڪار جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو. کيس قطار ۾ بيهڻ جو به حق ڪونه هوندو هو. تاريخ ۾ اهو 60 ۽ 90 جي ڏهاڪن جو وچ واروعرصو ڪيئن گذريو، ڇو گذريو، تنهنجو جواب ڪنهن وٽ ناهي.
نيتا چوندا هئا، “پنهنجا ڊالر کڻي اچو، پر جواب ۾ اسان کان شڪر گذاريءَ جي اُميد نه رکجو. ديس ۾ توهان جو سواگت نه ٿيندو. توهان اسان منجهان ناهيو. ڌاريا آهيو. اسان کي توهان جي ڪا گهرج ناهي.”
جيڪو چوندا هئا، تنهن جو مطلب پاڻ به نه سمجهندا هئا. بس، دل ڏکوئڻ خاطر زباني همدردي ڪري ڇڏيندا هئا.
پرڏيهه ۾ وسندڙ ڏيهين جي نمائندن سان ملندا هئا. رسمي فوٽو ڪڍائيندا هئا.ان کان وڌيڪ ڪو به عملي ڪم ڪونه ڪندا هئا. هوريان هوريان، ذري گهٽ بي ڌيانيءَ ۾ NRI ڏک جي ڇيت چڀندي محسوس ڪرڻ لڳا.
“هي ڇا ٿي رهيو آهي؟” هو پاڻ کان پڇندا هئا.
نيوڪليئر خاندان جي نڪتي چيني کان دوستن جي نڪتي چينيءَ تائين، ۽ ڪامورن جي نڪتي چيني کان نيتائن جي نڪتي چينيءَ تائين، ائين لڳندو هو ڄڻ هندستانين ديس جا وڻ ڇڏي ڪو وڏو گناهه ڪيو هو. پرڏيهه ۾ وسندڙ ٻه هزار هندستاني سيڙپڪارن ان عرصي ۾ انڊيا ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون. موٽ ۾ ڇا ملين؟ هن در کان هُن در تائين، هن دفتر کان هُن دفتر تائين، هن آفيسر کان هُن آفيسر تائين، ڌڪا ۽ ٿاٻا. ڪڏهن لائيسن لاءِ منٿون، ڪڏهن نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ لاءِ ايلاز. 1980ع کان 2000ع تائين 46 سيمينار سرڪار ۽ انجي چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان ٿي گذريا، جن ۾ پرڏيهه ۾ وسندڙ هندستانين جي سيوا ۽ خدمتن کي ساراهيو ويو.پر انهن مان هر هڪ ڪوڙ، ڪپت ۽ ٻهروپ تي ٻڌل هو.
“اسان هندستاني آهيون. اسان مانُ گهرون ٿا.” اهو هو 23 ملين هندستانين جو آواز، جيڪي دنيا ڀر ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا.
“نه، توهان هندستاني ناهيون،” دهليءَ رڙ ڪري وراڻيو، “توهان NRI آهيو. توهان اسان مان ناهيو.”
ان موقعي تي NRIs حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ۽ برابري جو حق گهرڻ لاءِ، خود پنهنجي پاڻ سان ڪا ڀلائي نه ڪئي. هنن پنهنجن لاءِ سرڪار کان ڪي وڌيڪ سهوليتون گهري ورتيون. اهڙيءَ گهر مان ائين پئي لڳو، ڄڻ هو پاڻ کي ٻين کان الڳ ۽ اوچو سمجهندا هجن. بس، سندن ان ڀُل ماڻهو مڇرائي ڇڏيا. پنهنجي پاڻ کي چڱو مڙس سمجهڻ وارن NRI ليڊرن اهڙي ته ڏک ڏني، جو لڳي پيو ته مار، هي ته ڪي پرڏيهي هندستانين جا چونڊيل نمائندا آهن. مٿان جو هنن پريس جي آڏو ويهي پنهنجي لئه ڏيکاري، تنهن ته هڻي ڪم خراب ڪري وڌو. اهي اچي رڙيون، واڪا ۽ ٻوڪڙ ڪيائون ۽ اهڙي ته زوردار نموني پنهنجيون گهرجون بيان ڪيائون، جو سڄي ديس کي پڪ ٿي وئي ته هي همراهه پئسي وارا ته ضرور آهن، پر پئسي جي زور تي کري خراب ٿيل به آهن ۽ ان ڪري ڪنهن به قسم جي همدرديءَ جي لائق ناهن.
اهي گهرجون، جيڪي NRI ليڊرن وڏي زور شور سان اُچاريون، تن کي جنتا توڙي سرڪار غلط رنگ ۾ ڏٺو ۽ سمجهيائون ته هي پرڏيهه ۾ ڪمائيندڙ شاهوڪار هاڻي اسان کان اجايا سجايا فائدا به ٿا گهرن. انهن ڳالهين سبب NRI کي وڏو هاڃو پهتو. سچائي ته اها آهي ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ حالتون ايتريون ته بگڙي ويون جو لڳي پيو، ڄڻ ٻنهي ڌرين ۾ ڇتي لڙائي ڇڙي پئي آهي. عام ماڻهن کي NRI کان چڙ وٺي وئي. سندس نيتن تي شڪ ٿيڻ لڳا.
مون کي ياد ٿو اچي ته ان وقت هندستان ۾ جائداد تي ظالماڻي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي، جيڪا 80 واري ڏهاڪي جي اڌ تائين جاري رهي. اهو پرڏيهي هندستانين، خاص ڪري دبئي وارن جو ڪارنامو هو جو ان ڊيوٽي کي بلڪل ختم ڪرايو ويو، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ٽئڪس دنيا جي سڌريل ملڪن، جهڙوڪ آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ به ورتي ويندي آهي.
ان ٽئڪس کي عام طور رشوت-ٽئڪس سڏيو ويندو هو. جن سڄاڻن ان کي بند ڪرائڻ ۾ ساٿ ڏنو، جاکوڙ ڪئي ۽ هر ايندڙ فنانس منسٽر سان ملاقاتون ڪيون، تن جي سٿ ۾ مان به شامل هوس. ٻيا دوست هئا: روسي پٽيل، جي وي ايشور، پرافل پٽيل، هسمک شاه ۽ نشت ڊيسائي. جن وزيرن سان ملياسين، تن ۾ شامل هئا پر تاب ڪمار مڪرجي ۽ وي.پي. سنگهه. اسان وڏيءَ محنت سان کين دليل ڏئي سمجهايو ۽ آخر ۾ مڃايو ته هيءَ زور آوري ٽئڪس ختم ٿيڻ گهرجي.
اها ڊيوٽي هن ريت هئي: جيڪڏهن ڪو ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويندو هو ته سرڪار ان جي جائداد تي 95 سيڪڙو تائين ٽئڪس لڳائيندي هئي، جيڪا سندس وارثن کي ڀرڻي پوندي هئي. ان ٽئڪس جو تخمينو جائداد جي ان وقت واريءَ مارڪيٽ جي قيمت تي ڪٿيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي وراثت ۾ 2 لکن جي ملڪيت ملي، پر ان وقت مارڪيٽ ۾ ان جو ملهه 20 لک روپيا هو، ته پوءِ سرڪاري ڊيوٽي ويهن لکن تي لڳائي ويندي هئي ۽ آمدني جي رقم ان اسٽيٽ جي خزاني ۾ جمع ٿي ويندي هئي، جنهن اسٽيٽ جو مرڻ وارو شخص رهاڪو هوندو هو.
هندستان ۾ جائداد ٽئڪس کان جان ڇڏائڻ لاءِ يا ته ماڻهو حساب ڪتاب سان هٿ چراند ڪندا هئا يا وري جائداد جو ملهه گهٽائي لکڻ لاءِ سرڪاري عملدارن جي مُٺ گرم ڪندا هئا. اسان حساب لڳايو ته هندستان سرڪار کي ان قسم جي ٽئڪس مان ساليانو 200 ملين جي لڳ ڀڳ آمدني ٿيندي هئي، پر ان رقم کي جمع ڪرڻ لاءِ جيڪو خرچ ٿيندو هو، سو ان کان به وڌيڪ هوندو هو.
پرڏيهي هندستاني، ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ ڪري، سڌن سادن ۽ شفاف ٽئڪس جي قانونن ۾ وشواس رکندا هئا. هو پنهنجي موڙي هندستاني بئنڪن ۾ رکندا هئا ۽ جيئن ئي ڪو منجهانئن گذري ويندو هو ته ناٽڪ هڪدم شروع ٿي ويندو هو. NRI جي صورت ۾ هندستاني ائمبيسي تيستائين نه ڪنهن دستاويز تي صحيح ڪندي هئي ۽ نه وري ڪنهن سرٽيفڪيٽ کي سچو ڄاڻائيندي هئي، جيستائين اڳواٽ ٽئڪس نه پياري وڃي ۽ ان جي ثابتي نه ڏيکاري وڃي.
اڇا به ٻه هٿ اڳتي، هڪ ٻيو مونجهارو پيدا ٿي پيو.اهو ته جيڪي هندستاني ملڪ کان ٻاهر لاڏاڻو ڪري ويا، اُنهن جي جائداد جي ٽئڪس ڪهڙي کاتي ۾ وڃي؟ قانون اهو هو ته پئسا ان اسٽيٽ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيندا، جتان جو مرڻ وارو رهواسي هوندو، پر ٿيو ايئن ته پرڏيهه ۾ گذاري ويندڙ جي رقم سينٽرل گورنمينٽ جي خزاني ۾ پئي جمع ٿي، جنهن جي اڪائونٽ جي ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانه هئي. شڪر آهي جو اها هچا ٽري وئي ۽ اها زوريءَ جي ٽئڪس بند ٿي وئي. هاڻي ڪو به هندستاني سُک سان لاڏاڻو ڪري سگهي ٿو! سندس آتما کي هاڻي اها چنتا ڪانه ٿيندي ته مُئي کان پوءِ سندس مال ملهالا کائي ويندا!
1987ع ۾ ابوڌابي جي انڊين انويسٽمينٽ سينٽر (جيڪو انڊين سرڪار طرفان کوليو ويو هو) جي بالا عملدار هڪ رٿ ڏني ته هند سرڪار ۽ NRI جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿيڻ گهرجن. ان لاءِ هڪ اوورسيز انڊين اڪانامڪ فورم او.آءِ.اي. (Overseas Indians Economic Forum-UAE) جوڙيو وڃي. مان ان فورم جو پهريون چيئرمين ٿيس ۽ ان وقت جو هندستاني ائمبيسيڊر، اندر جيت سنگهه راٺوڙ سرپرست (Patron) بڻيو. دبئي ۾ انڊين ڪانسل جنرل ارون ڪمار آبزرورن مان هڪ هو. ارون، روسي پٽيل ۽ جي ڀنڊاريءَ ان آرگنائيزيشن ٺاهڻ لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي.
جان مئٿيو (John Mathew) جيڪو ان وقت شارجا جي انڊين ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو، سو فورم جو وائس چيئرمين ٿيو، مهيندر اشر سيڪريٽري ۽ ايس آر ڪرشنامورتي خزانچي بنيو. ميمبرن ۾ هئا ڀرت ڀائي شاهه، مهابير سنگهل، لڇو ڀاٽيا ۽ سرڳواسي ٽي.ايم نائر ۽ کيمچند کيارا (چاچا).
1985ع ۾ مون هندستاني سرڪار کي صلاح ڏني ته جيئن هانگ ڪانگ هڪ فري پورٽ آهي ۽ چين جي لاءِ مارڪيٽنگ جي شوڪيس جو ڪم ڏئي ٿو، اهڙي طرح انڊمان ۽ نڪوبار ٻيٽن کي به فري پورٽ بنايو وڃي. اها رٿ سرڪار توڙي جنتا کي ڏاڍي وڻي. نتيجي ۾، جڏهن سبرامنيم سوامي وزير هو، تڏهن ڪامرس منسٽريءَ، رونق سنگهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ان ڪم جي لاءِ ٺاهي. مون کان سواءِ، ان ڪميٽي ۾ ڪي رويندران، ڪي.آر موتي لال، وي ايس ونڪٽ رامن، ڊاڪٽر جيني راءِ گيري، اين هري ليلا، گيان ٽي وڇاڻي، جان مئٿيو، ايم جي ڦيرواڻي، شيامل گپتا ۽ جي ايس گل ميمبر هئا. ڪافي سفر سَٽڻ ۽ محنت کان پوءِ ڪميٽي اُن نتيجي تي پهتي ته اهي ٻيٽ ان ڪم لاءِ مناسب نه هئا. سبب اهو هو ته مکيه شهرن کان ڏاڍا پري هئا. ڪي ٻيا شهر به ويچار هيٺ آيا، جن ۾ ڪڇ (گجرات)، پانڊيچري، گوئا، ٽوٽي ڪورين (تامل ناڊو) به شامل هئا،پر ڪميٽيءَ آخرڪار فيصلو ڪيو ته گوئا ۽ ٻئي نمبر تي ٽوٽي ڪورين کي زون بنايووڃي.
گوئا، جيڪا هندستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پورچوگيزن جي هٿ هيٺ رهي هئي، سا هر طرح کان بهترين چونڊ ثابت ٿي. سيلانين جي لاءِ هت هر قسم جي سهوليت آهي، ڇڪ آهي، موهه آهي. هتان جا رهاڪو رلڻا ملڻا آهن. زمين به گهڻي آهي، جنهن تي ٻاهران ايندڙ سيڙپڪار پنهنجا ڪارخانا لڳائي سگهن ۽ پنهنجو مال ٻاهر موڪلي سگهن. ملائيشيا ۾ به ائين ئي ٿيو هو. گوئا فري زون ٿيڻ ڪري ڀر پاسي وارين رياستن کي پڻ روزگار ڏيئي پئي سگهيو. مهاراشٽرا ۽ ڪرناٽڪ جا ماڻهو نه رڳو ڌنڌي سان لڳي پئي سگهيا، بلڪ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي ٿي سگهيا. فري زون سامان سڙو رکڻ لاءِ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي به ڪم اچي سگهيو ٿي ۽ هندستانين جي لاءِ شاپنگ جو سرڳ به ثابت ٿي ٿي سگهيو. رونق سنگهه جي موڪليل سفارش تي، ڪئبينيٽ ۾ بحث مباحثو ٿيو، پر حڪومتون بدليون ته سمورا معاملا ٺپ ٿي ويا. سموري ڪئي ڪرتي تي پاڻي ڦري ويو. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ به پريشان آهن. تپرس جهڙي ڳالهه آهي ته انڊيا ۾ هونءَ تمام گهڻن ميدانن ۾ آزادي ڏني وئي آهي، پر تعليم جي معاملي ۾ ايتري سخاوت ڪانه ڏيکاري وئي آهي. مون، چيئرمين اورسيز انڊين اڪانامڪ فورم جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجيءَ ذاتي حيثيت ۾ پڻ، ڪيترا ئي ڀيرا سرڪار کي لکيو آهي ته تعليم کي آزاد ڪريو ۽ پڙهائيءَ کي انڊسٽري ڪري مڃو. ائين ڪرڻ سان سُکيا ماڻهو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پئسو سيڙائيندي ڪونه گهٻرائيندا ۽ ٻئي پاسي ديسواسين توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙن جي سيوا پڻ ڪري سگهندا.
هندستاني شاگرد پڙهائي جي سلسلي ۾ فقط آمريڪا ۾ ڪيئي بلين ڊالر خرچ ڪن ٿا. اُتي فيڪلٽي (پڙهائيندڙ) به هندستاني آهي. پئسو به هندستان جو، پڙهندڙ به هندستاني ۽ پڙهائيندڙ به هندستاني. فقط ديس ڌاريو آهي. هندستان پنهنجي زمين ڏئي. اهي سڀ آسانيون پنهنجن ديس واسين کي ڇو نٿو ڏئي، سا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.
ڪجهه سال اڳ، جڏهن گلف مان NRIs جو هڪ ٽولو هندستان جي ان وقت جي پرائيم منسٽر، نرسمها راؤ سان ملڻ ويو، تڏهن عام خيال اهو هو ته NRIs کي ضرور ڪانه ڪا نمائندگي ضرور ملندي، جنهن کي NRI سيل جو نالو ڏنو اٿن ۽ جيڪو ڪنهن ڪم ڪار جو ڪونهي، تنهن کي مانائتو ڪرڻ ۽ ڪنهن ڪار جوڳو بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا. اڃا به اهو چيو پئي ويو ته جيڪر هڪ جدا منسٽري ٺاهي وڃي، جيڪا 20 ملين هندستانين پرڏيهين جي سڏ ۾ سڏ ڏئي ۽ وقت پئي ته سندن سهائتا ڪري. هي اهي ماڻهو آهن، جن جي ديش ڀڳتي مڃيل آهي ۽ سندن پنهنجي وطن سان پيار بي مثال آهي ۽ جيڪي هر سال 50 بلين ڊالرن کان وڌيڪ رقم پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪلين ٿا. پر ائين نه ٿيو.
اهو سڀ معتبر هندستاني ماڻهن جي اڻ_کٽ (Relentless) ڪوشش جي ڪري ئي ٿيو، جو هندستان جي حڪومت سمنڊ پار رهندڙ اڻ_گهربل هندستانين جي مسئلن جي حل واسطي هڪ ڌار وزارت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.سمنڊ پار هندستانين جو اها وزارت 2004ع ۾ سمنڊ پار هندستانين جي سهائتا ڪرڻ واسطي سرگرم ٿي. ان جو بنيادي مقصد هو، تارڪ وطن ماڻهن جو پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتي سان ڳانڍاپو جوڙڻ ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ واسطي گهربل مدد فراهم ڪرڻ ۽ اهو ڪم انهن تارڪ وطن ماڻهن کي ٻن واضع گروپن ۾ هڪ “هندستان جا اصلي ماڻهو “(Persons of Indian orgin) ۽ هندستان جا غير رهائشي ماڻهو (Non_Resident Indians)ورهائندي ڪرڻو هو.
جڏهن ته اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هندستان جي پارليامينٽ ۾ اڃا تائين غيررهائشي هندستانين (NRIs)جي ڪا به نمائندگي ڪانهي. جيتوڻيڪ حڪومت وٽ ڪجهه مقرر ڪيل ميمبر ته آهن. پربهرحال، سمنڊ پار هندستانين جي ڀيٽ ۾ نمائندگي جو تعداد بنهه گهٽ ئي آهي ۽ اها ڳالهه انهن سان روا رکيل تعصب کي ئي ظاهر ڪري ٿي.
هاڻي غيررهائشي هندستانين کي به ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل آهي. جيتوڻيڪ اهو سندن آئيني حق آهي. پر بهرحال، اهو حق صرف انڊيا وڃي ئي ادا ڪري سگهجي ٿو. (ميزبان ملڪ ۾ ويهي اهو حق ادا نه ٿو ڪري سگهجي. )جنهن مطابق هڪ سمنڊ پار غيررهائشي هندستاني کي ووٽ ڏيڻ لاءِ انڊيا اچڻو پوي ٿو. پنهنجو نالو ۽ ووٽ داخل ڪرائڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه بهتر ۽ آئيني طريقي واري آهي. پر سوال آهي ته ائين ووٽ ڏيڻ لاءِ هڪ ئي وقت ڪيترن هندستاني ماڻهن جو اچڻ ممڪن ٿيندو؟ صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جيترن ماڻهن جو ووٽ خاطر هتي اچڻ ممڪن ٿيندو.
هندستان جي اليڪشن ڪميشن کي سمنڊ پار رهندڙ غيررهائشي، هندستانين کي سندن ميزبان ملڪ ۾ ويٺي پنهنجي ووٽ جي حق ادائي جي باري ۾ ضرور سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. آمريڪا، روس ۽ ٻين سڌريل ملڪن ۾ ائين سولائي سان ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ انهن ملڪن ۽ قومن جي ابتڙ، سمنڊ پار رهندڙ هندستانين جو وڏو تعداد آهي. انهن جي انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. پر بهرحال، مسئلي کي گهربل سطح تي حل ڪرڻ جوارادو هجي ته پوءِ گهڻو ڪجهه ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. انٽرنيٽ واري سهولت جي ذريعي اهو مسئلو پڻ حل ڪري سگهجي ٿو. البت، حقيقيت اها آهي ته اسان وٽ مسئلي کي حل ڪرڻ جو ڪو به سنجيده ارادو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
اسان جي سياسي ليڊرشپ انڊيا کان ٻاهر رهندڙ هندستانين کي ٻٽي شهريت(Dual Citizenship) واري رعايت ڏيئي سگهي پئي. پر جڏهن به، ٻٽي شهريت وارو اهو سوال اٿندو آهي ته اهي هندستاني شهريت واري قانون جي ڳالهه ڪريو ڇڏيندا آهن. جيڪو ٻٽي شهريت جي ڪنهن به طرح سان اجازت نه ٿو ڏئي.جيتوڻيڪ اسان جي حڪومت مختلف وقت تي اڪيچار ڀيرا آئين ۾ ترميمون آنديون آهن ۽ گڏوگڏ سمنڊ پار هندستانين جي ڪيترن مسئلن جي حل واسطي ڪافي قدم کڻي پئي سگهي. پر ائين ڪرڻ بدران، حڪومت جي فنانس وار ي وزارت سمنڊ پار هندستانين کان ٽيڪس ۽ ٻيا ضروري ڏوڪڙ آساني سان وصول ڪرڻ واري مقصد خاطر مٿن “اڻ_گهربل هندستانين” (Non_Required Indian) جو ٺپو هڻيو ڇڏي. ايئن اهي سمنڊ پار هندستاني پنهنجي قوم ۽ پنهنجي عملي مقصدن خاطر اڻ_گهربل هندستاني بڻجي ٿي ويا. هاڻي هن ملڪ جي پُٽن کي پنهنجي ملڪ اچڻ ۽گهمڻ لاءِ ويزا ئي وٺڻي پوي ٿي. هو پاڻ کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ اجنبي محسوس ڪن ٿا. جڏهن جيل ۾ پيل قيدي، بارڊر تي رهندڙ سپاهي ۽ سمنڊ پار رهندڙ سفارتڪار به ملڪ ڏانهن اچي ووٽ ڏئي سگهن ٿا ته پوءِ اسان لاءِ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اڻ_گهربل هندستانين ووٽ ڏيڻ لاءِ ملندڙ سهولت ۾ اوڻائي ڇو ٿي ڳولهي وڃي.
بهرحال، اهو بي دليءَ سان ئي، اڻ_گهربل هندستانين کي ووٽ ڏيڻ واري حق وارو اهو قانون پاس ڪيو ويو. پر ان هوندي به، ان کي ملڪ جي مخصوص تڪ (جتي جا هو رهندڙ هجن ٿا) ڏانهن اچي ووٽ ڏيڻ واري مقصد لاءِ ئي ويزا ڏني وڃي ٿي.ڇا اها ڳالهه عملي هجي ٿي؟ آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ روس وغيره جا شهري پنهنجي ميزبان ملڪ ۾ رهندي ئي ووٽ ڏيڻ وارو حق ادا ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هندستان پي آءِ او ۽ او سي آءِ (Oversease citizenship of India)واري حيثيت کي متعارف ڪرائيندي، سمنڊ پار هندستان کي واپس ملڪ ورڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر بهرحال، اهڙا قدم ٻين ملڪن جي رواج ۾ آيل ٻٽي شهريت واري سسٽم کان گهڻو ئي پري آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هندستان پنهنجي اولاد کي اڪيلو ۽ يتيم ئي ڪري ڇڏيو آهي.
20 ملين NRI جي، گڏيل حيثيت ۾، هندستاني پارليامينٽ اندر ڪا به نمائندگي ناهي. جيتوڻيڪ ان مٿئين انگ کان گهڻو گهٽ انگ وارن مئنارٽي گروپن لاءِ به ميمبر ٿاڦيا ويندا آهن. هڪ طرف اهي آهن جيڪي ٻاهر رهي ديس جي لاءِ ايترو گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائي گهر موڪلين ٿا، پر پوءِ به پارليامينٽ ۾ سندن ڪو آواز ناهي، ۽ ٻي پاسي اهڙا ننڍا ننڍا ٽولا به آهن جن جو ديس جي ڀلائي ۾ ايترو ته ڇا، ان جي ڪنهن پتيءَ جيترو به حصو ناهي، پر پوءِ به هنن منجهان پارليامينٽ ۾ ميمبر مقرر ڪيا وڃن ٿا. اڄ تائين ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته جيستائين NRIs کي ووٽ جو حق نه ڏنو ويندو، تيستائين سندن ووٽ بئنڪ نه ٺهندي ۽ جيستائين سياستدانن کي سندن ووٽ بئنڪ جي اهميت جي ڄاڻ نه پوندي، تيستائين ڪوبه نيتا منجهن دلچسپي نه وٺندو. اها ڳالهه درست به ٿي سگهي ٿي، پر هن وقت تائين ان سلسلي ۾ جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون آهن، تن ڪوبه ڦل ڪونه ڏنو آهي. هاڻي جڏهن ڪمپيوٽر جو زمانو آهي ۽ خبرن توڙي اطلاعن کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچڻ ۾ ويرم ئي نٿي لڳي، ۽ هندستان ته هونءَ به ان ميدان ۾ اڳين کان اڳرو آهي، تڏهن اهو بهانو بنائڻ ته هندستانين جا ووٽ ٻاهرين ملڪن مان ڪٺا ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي، دل سان نٿو لڳي. انٽرنيٽ وسيلي ووٽ وٺڻ ڪو اهڙو مشڪل ڪم به ناهي. رڳو ٿوري گهڻي خبرداريءَ جي ضرورت پوندي. پر ڇا ڪجي، نيت کوٽي، عذر گهڻا. NRI به پنهنجي طرفان سالن کان وٺي ڪو اهڙو خاص زور نه ڀريو آهي ته کين به ووٽ جو حق ڏنو وڃي، نه ته ديس جي قانون موجود کين ايترائي حق آهن، جيترا ٻين کي. هنن وٽ انڊيا جو پاسپورٽ آهي ۽ هو هر طرح هندستان جي قاعدن جي پيروي ڪرڻ جا پابند آهن. ان ڪم جي لاءِ هندستان جون ائمبيسيون ۽ ڪانسليٽس موجود آهن. جڏهن اهو سڀ ڪجهه آهي ته پوءِ کين فقط ووٽ کان پري رکڻ ساڻن ڏاڍائي ناهي ته ڇاهي؟
ٻيو بهانو جيڪو هر ايندڙ سرڪار ڏيندي آهي، سو هيءُ ته جيڪڏهن پرڏيهه ۾ رهندڙ ٻن نمائندن جي چونڊ ڪرڻي پوي ته 20 ملين NRIs، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن، تن مان ڪيئن ڪجي؟ ايتريون ته ڌريون اميدوار يا اميدوارن جون حمايتي ٿي بيهنديون جو ڳالهيون سلجهڻ بجاءِ ويتر اُلجهي وينديون. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ به ڪٺي ڪئي وئي آهي، پر پوءِ به مايوس ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. دنيا کي ڀلي ته ڪيتريون ئي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ هر حصي کي پنهنجو پنهنجو نمائندو چونڊڻ ڏيو جيڪو اڳتي هلي NRI جي آخري ٻن نمائندن جي چونڊ لاءِ هڪ پرڏيهي Electoral College جو ميمبر ٿيندو. اهو Electoral College وري هر پنجن سالن کان پوءِ، هڪ ڪنوينشن جي شڪل ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي، پاڻ مان ٻه ڄڻا چونڊي لوڪ سڀا ۾ موڪلي ڏيندو. اهي ٻه نمائندا پنهنجن پرڏيهي ڀائرن جا مسئلا پارليامينٽ ۾ کڻي ويندا ۽ سندن ۽ ملڪي نيتائن جي وچ ۾ جيڪو وڏو خال نظر پيو اچي، ان کي به ڀري ڇڏيندا. ملڪي قانون جي پوئواري ڪندي، انهن ٻن ڄڻن کي سرڪاري طور ٿاڦڻ جي رسمي ڪارروائي به ضرور ٿيڻ گهرجي ته جيئن وڌان (آئين) (Constitution) جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.
مٿينءَ رٿ ۾ گهڻو وزن آهي، ڇو ته هن وقت جڳهه جڳهه تي NRIs جي نالي ۾ ٽولا ٺهي ويا آهن، جيڪي پنهنجون پنهنجون ڪانفرنسون ۽ ڪنوينشون ڌار ڌار هنڌن تي ڪندا ٿا وتن ۽ پاڻ کي هروڀرو NRIs جو نمائندو ٻڌائيندا وتن ٿا پنهنجا ڪم سولا ڪندا. ماڻهن ۾ ورهائڻ لاءِ هو پنهنجا سرٽيفڪيٽ ڇپائي، ٽرافيون ۽ اوارڊ ٺهرائي، ڪن مُدي خارج نيتائن کي گهرائي، هڪ اڌ ڀاشڻ ڏياري، پاڻ چڱا مڙس ٿي، منچ تي ويهي ويٺا مُڇون مروٽين، اهي سڀ پئسن ڪمائڻ جا ناٽ آهن. جن کي ٽرافي ملندي، يا سرٽيفڪيٽ ملندو، سي ضرور چار پئسا به خرچ ڪندا. آخرڪار هيڏي وڏي مانَ جي ڪا قيمت به ته چڪائڻي پوندي يا نه؟
NRIs کي بدنام ڪرڻ ۾ اهڙين گهٽيا بازيگرن جو وڏو هٿ آهي. ٻئي طرف ڪي سنجيده ۽ گنڀير ڪانفرنسون سرڪار جي طرفان به ڪوٺايون ويون آهن. اهي ڪانفرنسون ننڍيءَ توڙي وڏيءَ ليول تي صرف ان لاءِ ڪوٺايون ويون ته جيئن سرڪار ۽ NRIs هڪ ٻئي جي دل جو حال چڱي طرح سمجهي سگهن.
جيڪڏهن سرڪار ۽ NRIs جي رشتن وچ ۾ ڪا سچي پچي گهٽتائي يا ڪمي به آهي ته ان جو ذميوار خود پرڏيهي هندستاني آهي. هن پنهنجي نمائندگيءَ جا حق، پنهنجن پرڏيهي اڳواڻن جي ذريعي، وڏي ڪمزوريءَ ۽ ڪم همتيءَ سان، ماٺ ميٺ ۾، بنا ڪڇڻ پڇڻ جي، ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ناميارن ۽ زورآور ماڻهن جي ته ڄڻ ٻيگهي مچي وئي آهي. هنن کي ميدان کليو ملي ويو آهي. ڪنهن سان مقابلو ڪونه ٿو ڪرڻو پوين. اڪيلي سر پيا ٿا فائدا حاصل ڪن. NRI به سندن محتاج ٿي پيا آهن. گهڻين حالتن ۾ ته NRI پنهنجو ڪم ٽپائڻ لاءِ انهن ناميارن ۽ طاقتور ماڻهن جي اڳيان پنهنجن ئي ساٿين جي گلا ۽ غيبت ڪندا آهن. بجاءِ ان جي ته هو پنهنجا حق گهُرن، هو مورڳو پاڻ ۾ کٽا مٺا ٿيو پون. هاڻي جتي اهڙي حالت هوندي، اُتي ڪٿي ٿي پاڻ ۾ ٻڌي ٿئي؟
انهن افعالن جي ڪري گرو گنجو NRI تي آڪڙيو بيٺو آهي. مٿان وري ميڊيا جي باهه پئي ٻري ۽ ساڙ ۽ حسد جا ڀنڀٽ جدا پيا ڀڙڪن.ماڻهن جي نظرن ۾ پرڏيهي هندستاني ديس دروهي، بکيا، لالچي ۽ هٻڇي وڃي رهيا آهن. هرڪو کين ويجهو وڃڻ بجاءِ پيو کانئن ٽهي ۽ پري ڀڄي. اها ڀيانڪ شڪل انهن ماڻهن جي چٽي وئي آهي، جيڪي ديس جي لاءِ دلداري جو ڪارڻ آهن، ملڪ جو مانُ آهن، رشتن جو شانُ آهن.
واجپائي جي سرڪار به رشتن کي جوڙڻ لاءِ ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. جيتوڻيڪ بي جي پي جي ساٿارين گهڻائي ڀيرا وات ٽڪاڻي ڪندي ورجايو آهي ته پرڏيهي هندستانين ۽ ڏيهين جي وچ ۾ پيار جا پيچ پوڻ گهرجن ته جيئن ديس جي چڱيءَ پر شيوا ٿي سگهي، پر چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون! پرڏيهي هندستانين کان جيڪڏهن ديس ۾ سيڙپ ڪرائڻي آهي ته کين ڪوٺ ڏيڻ کان اڳ تمام ضروري سهوليتن جو بندوبست لازمي آهي. خالي پوٺي تي ته ڪوئي اچي پنهنجي پونجي ڪونه لُٽائيندو؟ پر اهو سڀ ڪجهه تيسين ڪونه ٿيندو، جيسين ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪيل گمان دور نه ڪيا ويندا ۽ اهو نه ٻڌايو ويندو ته NRIs به ديس سان وفادار ۽ سچا آهن ۽ هو به اسان جا آهن ۽ اسان منجهان آهن.
نئين صدي شروع ٿيڻ کان پوءِ نيٺ سائينءَ در عرض اگهاڻو. اسان جو نٻل ۽ نماڻو آواز آخرڪار وڃي دهليءَ وارن جي ڪن تي پيو. سالن جي هڻ هڻان، وٺ پڪڙ ۽ آزي نيزاريءَ کان پوءِ ۽ ايندڙ سرڪار آڏو عرض گذارشون ڪرڻ بعد واجپائي سرڪار کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ٻيلي هنن فقيرن کي ٻٽي شهريت ملڻ کپي. هاڻي ٻئي ڪنهن ملڪ جو پاسپورٽ وٺڻ جو مطلب اهو ناهي رهيو ته ڪو اسان گهٽ درجي جا هندستاني آهيون يا وري مورڳو NRI هندستاني هجڻ تان ئي هٿ کڻي ويا آهيون.
هاڻي جيڪا رٿ سامهون آهي، ان جي معنيٰ فقط اها هئي ته NRI کي پنهنجي هندستاني هجڻ جي سڃاڻپ ملي. کين سياست ۾ حصو وٺڻ جو پوءِ به ڪو حق ڪونه هوندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي پسند جي ديس جي شهريت به رکڻ چاهيندا ۽ ان سان گڏ انڊيا جا به شهري چوائيندا، سي نه ته اليڪشن لڙي سگهندا ۽ نه وري انهن اليڪشنن ۾ ووٽ ڏئي سگهندا.
ٻٽي شهريت انهن کي آڇي وئي آهي، جيڪي آمريڪا، انگلنڊ، ڪئناڊا، يورپي ملڪن، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ سينگاپور ۾ آباد آهن. اهو ان ڪري آهي جو اهي ملڪ ٻٽي شهريت ڏين ٿا ۽ سندن اهو سسٽم اڳ ئي هلندڙ آهي. جيڪي هندستاني سري لنڪا، ماريش ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن NRI ۾ رهن ٿا، انهن کي صرف اهو سرٽيفڪيٽ ملندو جنهن ۾ لکيل هوندو ته هي ماڻهو اصل هندستاني نسل جو آهي. انگريزي ۾ انکي “Person of Indian Origin” يعني PIO چوندا آهن.
سيپٽمبر 2000ع ۾ جيڪا پنجن ميمبرن جي ڪميٽي منسٽري آف ايڪسٽرنل افيئرس ٺاهي هئي، تنهن سفارش ڪئي هئي ته ٻٽي شهريت جو قانون تڏهن لاڳو ٿيندو، جڏهن سٽيزن شپ ائڪٽ 1955ع ۾ تبديلي آندي ويندي. ٻٽي شهريت جو مرتبو ملڻ کان پوءِ پرڏيهي هندستانين ۾ ساههُ پوندو ۽ هو هندستان جي مالي معاملن ۾ پاڻ کي به ڀائيوار سمجهندا ۽ سيڙپ پڻ ڪري سگهندا.
ٻٽي شهريت مان هڪ ٻيو فائدو به ٿيندو. هندستانين کي جذباتي آٿت پڻ ملندو. هو پاڻ کي هندستان جي صديون پراڻي سڀيتا سان کلي طرح پاڻ کي لاڳاپي سگهندا. پر ان قدم سان پنجٽيهه لکن (365 ملين) NRIs جيڪي مدل ايسٽ ۽ گلف ۾ رهن ٿا، تن کي ڪو به فائدو ڪونه پهچندو، ڇو ته انهن ملڪن ۾ ٻٽي شهريت نالي ڪا به شي ڪانهي.
1990ع ڌاري جڏهن راءُ سنگهه جو جوڙو سرڪار ۾ آيو، تڏهن بدلاءَ جا وڏا وڏا وعدا ڪيا ويا. نيتا NRIs کي پڪ ڏياريندي ٿڪبا ئي ڪونه هئا ته اجهو هاڻي ٿو توهان سان انصاف ٿئي. توهان کي پيار ملندو، پنهنجائپ ملندي، توهان جي سار سنڀال لڌي ويندي. اهي ڳالهيون ٻڌي ڪجهه آٿت مليو. اوچتو ظالماڻا قانون به ختم ٿيا. مدي خارج ڍال به هٽي وئي. NRIs ڪميونٽيءَ جا ڀوَ به ڪجهه ڍرا ٿيا. پر ڇا، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ به پرڏيهي هندستاني ويندا؟ اهو تمام اهم سوال آهي.
ڪجهه وقت اڳ تائين ماڻهو چوندا هئا ته رقم هندستان ان ڪري ڪونه ٿا موڪليون جو اتي سرڪار ڪامورن رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ ڪم ڪار ۾ به سَوَ رخنا وڌا ٿيا وڃن. اهي ڏوهه ثواب ڳڻائي، NRIs ڪمايل ناڻو پنهنجي ديس موڪلڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي حفاظت واري ملڪ ۾ رکي ڇڏيندا هئا. مزيدار ڳالهه اها هئي ته هڪ طرف ته اسان جا پنهنجا پرڏيهه ۾ رهندڙ ساٿي پنهنجي ڪمائي ڌارين ديسن ۾ پاڇي ڪري رکندا وتندا هئا ۽ ٻئي پاسي هندستاني سرڪار وڏي وياج تي رقمون اولهه جي ملڪن کان وٺي پئي ملڪ جو ڪم ڪار هلائيندي هئي.
هاڻي جڏهن هندستان وٽ پرڏيهي ناڻو جام اچي ڪٺو ٿيو آهي، مارڪيٽ کلي ويا آهن ۽ انڊسٽري توڙي سيڙپ جي سرڪاري ڍال واري پاليسي پڻ نه رهي آهي، تڏهن NRIs کي محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته هو به هندستان جا شهري آهن. پر جڏهن کان BJP سرڪار ۾ آئي آهي، تڏهن کان اوليتون بدلجي ويون آهن. سرڪار ضرور ڪمين پيشين ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. جيڪي ڳالهيون اڳ ممڪن نظر نه اينديون هيون، سي ٿيڻ لڳيون آهن. جادوءَ جو کيل ته نه ٿيو آهي، پر چمتڪار جون جهلڪيون ضرور پيا ڏسون. هاڻي سوال رڳو اهو آهي ته هن کان پوءِ گڏجي سڏجي، پنهنجا ذاتي فائدا ڀُلائي، ديس جي ڀَلائي لاءِ سرڪار جي وڌايل سهڪاري هٿ کي ساڳي موٽ ڏيندا يا نه؟
ڀلائي، نيڪي ۽ سخاوت هاڻي ماڻهن مان موڪلائيندي ٿي وڃي. اڳ، هندستاني پرڏيهي اسڪولن، اسپتالن، يتيم خانن ۽ ٻين اهڙن چڱائي جي ڪمن ۾ دل کولي چندو ڏيندا هئا. ڌرمي ڪاريه ۾ پڻ ڏوڪڙ پئسو ڏيندي سندن هٿ نه ٿڪبو هو. هاڻي اسان جا يار زمين خريدي، مٿس گهر ٺهرائي، اگهه ڦٽائي، پاڻ کي اڻ وڻندڙ پاڙيسري ثابت ڪرڻ ۾ پورا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ٻنهي ڳالهين تان هٿ نه کڻجي. دنيا کي به منهن ڏجي، ڌرم کي به نه وسارجي.
NRIs جي مسئلن لاءِ مٿينءَ ليول تي هڪ وزارت جو هجڻ هاڻي حق بجانب آهي. اها ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي جنتا جو NRIs ڏانهن رويو اڃا به ڍرو آهي، پر ٻئي پاسي گجرات، آنڌرا ۽ مهاراشٽرا جهڙين رياستن NRIs ڏانهن هاڻي پنهنجيءَ سوچ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي ۽ ساڻن گڏجي وڏا وڏا پراجيڪٽ هٿ ۾ کنيا آهن. منهنجي خيال ۾ ائين ٿيڻ گهرجي.
25 ملين هندستان پاسپورٽ رکندڙن کي هاڻي هڪ وڏي “ووٽ بئنڪ” مڃڻ گهرجي ۽ کين نمائندگي ڏيڻ گهرجي. اصولي طور، گهٽ ۾ گهٽ سندن ٻه NRIs پارليامينٽ ۾ ضرور هئڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ NRIs جي سَچن ۽ مکيه اڳواڻن ۽ سرڪاري ڪارندن ۽ انڊسٽري ڪپتانن جي وچ ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين کي هاڻي تيز ٿيڻ گهرجي. ميڊيا هن وقت تائين ڪو چڱو ڪردار ڪونه پئي ادا ڪيو آهي. هاڻي ان کي تيار ڪجي ته ديس جي ڀلائيءَ خاطر، ماضيءَ کي وساري، هاڪاري رويو اختيار ڪري. ان مان منهنجو اهو مطلب هرگز ناهي ته ميڊيا NRIs جي ڪن ناميارن ماڻهن تي ڌيان ڏئي ۽ کين پڏائي آسمان تائين پهچائي، پر 120 ملڪن ۾ رهندڙ 25 ملين پرڏيهي هندستانين کي هڪ ايڪائي سمجهي، سندن گڻن ۽ ڀڳتي جو صحيح چتر چٽي ۽ کين هندستان جا شهري هئڻ ناتي، ديس جي مالا ۾ پويل موتين منجهان هڪ اهم موتي ڄاڻائي.
وطن دوستي ۽ واپار ٻه جدا شيون آهن. انهن کي ڌار ئي رهڻ ڏنو وڃي ته چڱو. منجهانئن هڪ کي ٻئي جي خاطر ڇڏڻ لاءِ زور ڀرڻ ناانصافي ٿيندي. جيڪڏهن انڊيا سرڪار چٽاڀيٽي وارو وايومنڊل اگهه توڙي معيار (Quality) جي لحاظ کان ٻين جي ڀيٽ ۾ چڱو آهي، ته پوءِ ماضيءَ جا اڻ وڻندڙ تجربا وساري، هڪ لاڳيتي پاليسي جوڙي، اجائي دفتري ڊيگهه پٽاڙ ختم ڪري، NOC جي چڪر مان نڪري، گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
اسان اهو ڇو وساري ٿا ويهون ته NRIs ڏاڍا جذباتي ماڻهو ٿيندا آهن. هو اڪثر هندستان ۾ وسندڙ هندستانين کان وڌيڪ هندستاني هوندا آهن. اڄ ڪلهه جي بدلجندڙ دنيا ۾ اسان کي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي ورثي جي وڌيڪ ويجهو رهڻ جي ضرورت آهي. اهو به ضروري آهي ته اسان جي ٻارن کي پنهنجي بُڻ بنياد جي ڄاڻ ڏني وڃي. اسان کڻي پنهنجي ڏيهه کان هزارين ميل دور هجون، پر هاڻي اها ڏوري گهڻي دوري نه رهي آهي، دُنيا سُسندي، ننڍڙي ٿيندي ٿي وڃي. ويجهڙائي هر پل وڌيڪ ويجهي ٿيندي پئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ ڏيهين توڙي پرڏيهين جي لاڳاپن کي نظرانداز ڪرڻ ڏاڍي شرم جي ڳالهه ٿيندي. ان جي ابتڙ اهو سمجهه ۽ سياڻپ وارو قدم ٿيندو، جيڪڏهن اسان ايڪتا تي وڌيڪ زور ڏيون ۽ NRIs کي ملڪ ۽ ماڻهن جي لاءِ سرمايو سمجهون.
جڏهن ٻيو سڀ ڪجهه وسري ويندو، تڏهن هميشه اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن انڊيا جي نيڻن نير هوندو، تڏهن اسان جي اک به آلي هوندي.
*