8. باب اٺون : انگريزي ڇاپ
چيني پهاڪو
انگريز گلف ۾ پنهنجا اڻ مِٽ نشان ڇڏي ويا. انگريزن جو دور حاڪماڻو هو ۽ منجهانئس هميشه چڱائي به ڪانه ٿي، پر هڪ ڳالهه جا گلف جي فائدي ۾ وئي سا هيءَ ته انگريز هِت آئيندي لاءِ واپار جي پيڙهه پڪي وجهي ويا.
انگريزن جو گلف ۾ اچڻ هندو واپارين جي لاءِ ان علائقي ۾ پيرن کوڙڻ جو سبب بڻيو. انگريزن گلف ۾ ان ڪري اچي ديروڄمايو جو 1622ع سن ۾ ايران جي باشاهه شاهه عباس ايسٽ انڊيا ڪمپني کي نينڊ ڏئي گهرايو ته جيئن هو اچي حرمز منجهان پورچوگيزن جا پير ڊاهين. انگريزن جي ته ڄڻ الله کڻي ٻُڌي. هو ته گهڻي وقت کان آتا هئا ته ڪو موقعو ملي ته وڃي گلف جي اوسي پاسي واپاري ٺڪاڻا ٺاهيون. دير ئي ڪانه ڪيائون. هڪ سال جي اندر اندر بندر عباس وٽ، ايراني سامونڊي ڪناري سان هڪڙو واپاري بندرگاهه جوڙي ورتائون. جلد ئي هنن پنهنجون واپاري ڪارروايون وڌائي ايران ۾ اصفهان ۽ شيراز تائين ۽ عراق ۾ بصري تائين ڦهلائي ڇڏيون. اها سندن هن علائقي مٿان پنهنجي اثر رسوخ ۽ داٻي جي شروعات هئي. ان کان پوءِ هو 350 سالن تائين پنهنجو تسلط قائم رکيو آيا.
هيءُ علائقو گهڻو تڻو 18 صدي عيسوي جي وچ تائين ٺاپر ۾ رهيو. ان کان پوءِ بئٺڪي دشمنيون شروع ٿي ويون. انگلنڊ ۽ فرانس هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۽ پنهنجي سرسي ڏيکارڻ لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪاهي پيا. فرينچن ۽ پورچوگيزن جون بئٺڪون ننڍي کنڊ ۽ ڏور اوڀر ۾ هيون. ايسٽ انڊيا ڪمپني به ننڍي کنڊ ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ خوب دولت ڪمائي هئي. ان ڪري انگريز پنهنجي واپار کي بچائڻ لاءِ پنهنجن ٻين مفادن جي حفاظت لاءِ ڏاڍا اتاولا هئا. هنن اهو پڻ چاهيو ٿي ته سندن جهازن کي هندوستان ۽ انگلنڊ وچ ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. ظاهر آهي ته اهڙن ارادن سبب بئٺڪي طاقتن جي وچ ۾ مفادن جي ويڙهه اڻ ٽر ٿي پئي ۽ ان ڏڦيڙ سبب گلف جي سمنڊ ۾ کلي جنگ جاري ٿي وئي. فرينچن جي سامونڊي ٻيڙن انگريزن جي واپاري بئٺڪ کي 1759ع سن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو. لاچار انگريزن کي اها جوءِ ڇڏي بُشائر ڏانهن هٽڻو پيو. چئن سالن کان پوءِ انگريزن ان علائقي جي سياسي حيثيت ۽ اهميت کي مڃيندي، اتي هڪ پوليٽيڪل ايجنسي قائم ڪري ڇڏي. اهي سياسي لاها چاڙها ايندا رهيا، پر اسان واپاري انهن ڏکن ڏولاون کي سهندا ماٺ ميٺ ۾، نيٺ وڃي پار پُڳاسين. اسان جي اها همٿ تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. اسان جي زنده رهڻ ۽ حالتن پٽاندر پاڻ کي موڙڻ جي صلاحيت جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو امتحان ٿي سگهي ٿو؟ اسان کي سنڌين جي ان ڳُڻ کي نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي. اهڙي لچڪ تي ٺٺولي ڪرڻ سولو ڪم آهي. ڪي ماڻهو ته ان کي موقعي پرستي يا شڪست به چوندا، پر ان جي ابتڙ اهائي لچڪ اسان جي طاقت جو وسيلو آهي. اوهان ٻيڙيءَ کي ڪڏهن وچ سمنڊ ۾ ترندو ڏٺو آهي؟ لهرن سان گڏ ڪڏهن اڀرندي آهي ۽ ڪڏهن هيٺاهين وٺندي آهي. جيڪڏهن هوءَ پاڻ کي لهرن مطابق ڇڏي نه ڏئي ته هوند ٻُڏي وڃي.
انگريزن جي لاءِ هندستان کان انگلنڊ وڃڻ جو آسان ۽ ننڍڙو واپاري رستو اهو هو، جيڪو بصري جي گلف وٽان لنگهندو هو. اهو رستو ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سلامتيءَ وارو هو، ڇو ته ان رستي تي جيڪي به ملڪ هئا سي سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح انگريزن جي قبضي هيٺ هئا. ٻئي پاسي جيڪو روايتي رستو ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان پئي لنگهيو، سو نه صرف ڊگهو هو، بلڪ خطرناڪ به هو ۽ ان رستي تي ڪنهن به طرف کان دشمن طرفان مٿن حملو به ٿي پئي سگهيو.
بصري کان سامان خشڪي رستي شام يا حيفا ڏانهن موڪلي پئي سگهيا، جيڪو پوءِ ميڊيٽرينين سمنڊ کان ٿيندو انگلنڊ پهچي پئي سگهيو. ان ڪري اهو رستو انگريزن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت وارو هو، ان ڪري هو پڪو پهه ڪري بيٺا ته ڪنهن به طرح ان راهه تي دشمنن جي طاقت کي گهٽائڻ ضروري آهي.
مقامي حاڪم آهستي آهستي ڌارين جي طاقت واري ان ويڙهه ۾ ويا ڪمزور ٿيندا. ان وقت ايراني ڪناري تي عرب آباد هئا، جن جا حاڪم القاسمي شيخ، راس الخيما ۾ مقيم هئا. اڄڪلهه جنهن علائقي کي اتر امارات سڏن ٿا، سو القاسمي شيخن جي قبضي ۾ هو. اهو علائقو واپار جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو ۽ سندس آسودگيءَ جو مدار ڀر وارن ملڪن جي ڪاروبار تي هوندو هو ڇو، ته ان سموري واپار جي آمدني توڙي روانگي ٽروشل اسٽيٽ جي جهازن رستي ٿيندي هئي. اٽڪل 63 واپاري جهاز انهن بندرن تي مال پهچائيندا هئا يا اتان کڻي ٻئي هنڌ نيندا هئا. انهن منجهان 20 جهاز دبئي جا هئا، 18 شارجا جا، 15 راس الخيما جا، ۽ 10 ابوڌابي جا هئا. انهن مان ڪي جهاز ته ايڏا وڏا هئا جو 300 ٽن مال کڻي سگهندا هئا ۽ منجهن اٽڪل 50 ماڻهو به سمائجي سگهندا هئا، پر گهڻي ڀاڱي جهاز ننڍا هوندا هئا، جن ۾ ويهارو کن خلاصي ڪم ڪري سگهندا هئا.
انگريزن ته سڄو گرهه پاڻ کائڻ تي چاهيو، انڪري هنن کان مقامي ماڻهن جو اثر رسوخ برداشت نه ٿيو. ان ڪري جلد ئي هنن جو القاسمين سان ناراضپو شروع ٿي ويو. ان ڪاوڙ آخرڪار هڻي وڃي هنڌ ڪيو. 1819ع ۾ رائل نيوي راس الخيما تي حملو ڪري ڏنو. حملو اوچتو هو ۽ ڪنهن کي به اڳواٽ ان جو اطلاع نه ڏنو ويو هو. رائل جهازن راس الخيما جي بندر تي بيٺل 300 جهاز تباهه ڪري ڇڏيا. واپس موٽندي انگريزي ٻيڙي عجمان ۽ ام القوين جي بندرگاهن تي پڻ حملو ڪيو ۽ کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اها عجيب ڳالهه آهي ته ان حملي کان دبئي ۽ ابوڌابي بچي ويا.
ان واقعي جو گلف جي سياست تي تمام گهرو اثر ٿيو. ان وقت تائين ته ائين سمجهيو پئي ويو ته انگريزن جي علائقي ۾ موجودگي رڳو سندن واپاري مفادن جي بچاءَ خاطر هئي، پر هاڻي ته سياسي ۽ فوجي مقصد به ظاهر ٿي پيا.
هندستاني واپارين لاءِ اهي سخت امتحان وارا ڏينهن ثابت ٿيا، پر هو پنهنجي جاءِ تي ڄميا رهيا. عجمان ۽ ام القوين جا شيخ راس الخيما جي واليءَ جي حفاظت ۾ هوندا هئا. انگريزن وڏي چالاڪي کان ڪم وٺندي 1820ع ۾ انهن ٻنهي سان الڳ الڳ ٺاهه ڪري ورتو. اهڙي ويساهه گهاتي تي راس الخيما جي حاڪم کي سخت چِڙ لڳي.
جيتوڻيڪ انهن ٻنهي شيخن سان ڪيل ٺاهه کي ٻاهرينءَ طرح ته امن جو نالو ڏنو ويو هو ته جيئن انگريزن جا هندستان مان ايندڙ مال بردار جهاز سلامتي سان گلف مان لنگهي وڃن، پر انگريزن جي دل ۾ ڪا سِٽاءُ ئي ٻي هئي، جيڪا جلد ئي سڄي گلف جي علائقي تي انگريزن جي قبضي جي صورت ۾ ظاهر ٿي.
مٿي بيان ڪيل ٺاهه موجب انگريزن کي ان علائقي جي واپار تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ٿي ويو، جيڪو ميڊٽيرينين سمنڊ تائين سندن هٿ هيٺ رهيو. 1826ع سن ۾ هنن بشائر ۾ پنهنجي پوليٽيڪل ريزيڊنٽ جي طرفان شارجا ۾ پوليٽيڪل ايجنسي قائم ڪئي، جنهن جو ڪم هو سمنڊ ۾ انگريزن جي جهاز جي نظرداري ڪرڻ.
آگبوٽن ۽ تار ۽ ٽپال جي سرشتي اچڻ کان پوءِ ته ويتر هندستان ۽ يورپ جي وچ ۾ واپاري ناتا وڌي ويا. ان ڪري هن علائقي ۾ امن امان جي سخت ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي ته جيئن انهن جهازن جي اچ وڃ ۾ ڪو رخنو نه پوي ۽ واپاري رستا هر قسم جي بدامنيءَ کان آجا هجن. انگريزن جڏهن واپار ۽ ملٽري طاقت جي زور تي هن علائقي ۾ پنهنجي اهميت ڏيکاري ڇڏي، تڏهن هنن 1835ع سن ۾ هتان جي والين سان وڌيڪ جنگ نه ڪرڻ جو هڪ عهدنامو ڪيو. اهو عهدنامو هر سال نئين سر بحال ڪيو ويندو هو، پر 18 سالن کان پوءِ 1853ع سن ۾ ان کي پڪو ڪري هميشه لاءِ لاڳو ڪيو ويو. ان کانپوءِ ابوڌابي، دبئي ۽ اتر امارات جا علائقا ٽروشل اسٽيٽس سڏجڻ لڳا.
18 ۽ 19 عيسوي جي دوران هندستاني جهاز انهن ٽروشل اسٽيٽس منجهان لنگهندا هئا. پر رستي ۾ کين ايراني بندرگاهه “لنگهي” وٽان گذرڻو پوندو هو، جيڪو راس الخيما جي القاسمي شيخن جي هٿ هيٺ هو. جيتوڻيڪ “لنگهي” عربي گلف جي ايراني ڪناري تي هو، پر ان جا گهڻي ڀاڱي رهاڪو گلف جي عربي پاسي جا هئا. اهو بندر ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ سڌريل هو، ان ڪري جيڪي جهاز بمبئي ۽ بصري جي وچ ۾ سفر ڪندا هئا، سي ان بندر تي ترسندا هئا. ظاهر آهي ته جهازن جي ايتري اچ وڃ سبب بندرگاهه جو واپار وڌي ويو. هڪ ٻيو سبب به هو. اهو هيءُ ته ان بندر تي آمدني ۽ روانگي واپار تي ٽئڪس ڪونه اوڳاڙيندا هئا. ٻين لفظن ۾ اهو فري پورٽ (Free port) هو، ان ڪري به واپاري گهڻو ڪري “لنگهي” بندر کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. بندر ته عربن جي هٿ هيٺ هو، پر ايراني حڪومت سندس معاملن ۾ دخل ڪونه ڏيندي هئي. بهرحال، راس الخيما جي تباهي کان پوءِ اتان جي شيخن جو لنگهي بندر تان قبضو آهستي آهستي ختم ٿي ويو. اهو حال ڏسي ايراني حڪومت کي خيال ويٺو ته جيڪڏهن اسان جي ڪناري جا بندر ايڏا ڪمائتا آهن ته پوءِ ڇو نه انهن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻجي. ان ڪري 20 عيسوي صدي ڌاري ايراني حڪومت عرب گورنر جو عهدو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايراني امپيريل ڪسٽم وارن، جهازن کان ٽئڪس وصول ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. واپارين کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، ان ڪري هنن ايراني حڪومت جي انهن قدمن جي مخالفت ڪئي ۽ ٽئڪس جي معاملي ۾ پڻ پنهنجي راءِ جو کلي ريت اظهار ڪيائون. نه رڳو ايترو، بلڪ حالتن کان نااميد ٿي واپاري آهستي آهستي پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي گلف جي سامهون واري بندرگاهن دبئي، راس الخيما ۽ ابوڌابي ڏانهن کڻي وڃڻ لڳا. گهڻا ڪٽنب وري ان ڪري به لڏي ويا جو کين ايران جي شاهي گهراڻي طرفان ٿيندڙ اسلامي سڌارا پسند ڪونه هئا.
“لنگهي” ۾ آباد گهڻا هندستاني واپاري موتين جي ڪاروبار ۾ سرمايو لڳائيندڙ هئا ۽ کاڌي جو سامان ٻاهران امپورٽ ڪندا هئا. جڏهن اهڙن واپارين لنگهي مان لڏڻ شروع ڪيو ته مٿن دارومدار رکندڙ ٻين ماڻهن به سندن ساٿ ڏنو. انهن ۾ ملاح ۽ هاري ناري به شامل هئا.
اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته دبئي ۾ منگهه يا بادگير به انهن لڏي آيل ايرانين اچي ٺهرايا.
لنگهي جلد ئي ويران ٿي ويو ۽ آهستي آهستي ماڻهن جي دلين تان ميسارجي ويو. لنگهي جي بربادي دبئي جي آباديءَ ۾ بدلجي وئي. هندستان سان هلندڙ واپار وسيلي واپارين تجربو ۽ مهارت حاصل ڪئي هئي، سي سڀ هاڻي لڏي اچي دبئي ۾ ويٺا. بس، جادوءَ جو کيل ٿي ويو. ڏسندي ئي ڏسندي دبئي ٽروشل ڪناري تي سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان اهم بندر بنجي ويو. ڪي ٻيون به ڳالهيون هيون جن دبئي جو شان وڌائڻ ۾ مدد ڏني. سڀ کان پهرين ۽ ضروري ڳالهه هئي دبئي جي حڪمران جي کلي ۽ سلجهيل سوچ ۽ دورانديشي. جنهن وقت ‘لنگهي’ نون قاعدن ۽ سخت قانون سبب پويان پساهه کڻي رهيو هو، دبئي جي حاڪم نون ايندڙن کي مفت زمين، ٽئڪسن کان ڇوٽڪارو ۽ جان مال جي حفاظت جهڙيون سهوليتون آڇي سندن من موهي وڌو. هو ايراني بندرگاهه ڇڏي دبئي لڏڻ لڳا. اها سڀ انهن سهوليتن جي آڇ جو نتيجو هو، جيڪي کين دبئي جي حاڪمن ڏنيون هيون.
“لنگهي” جي تباهي کان صرف ٽي سال پوءِ، 1905/6ع سن ۾، بامبي اينڊ پرشن اسٽيم نيويگيشن ڪمپني (Bombay and Persian Steam Navigation Company) جي دبئي وٽان لنگهندڙ جهازن جو عدد وڌي 34 ٿي ويو ۽ مٿن رکيل مال جو وزن 70132 ٽنن تائين پهچي ويو. هن کان اڳ انگريزن جا آگبوٽ بمبئي ۽ بصري واري رستي تي سال ۾ ٽن کان پنجن ڦيرن کان اڳ وڌيڪ ڪڏهن به دبئي ۾ نه ترسيا هئا. جيڪڏهن مٿين انگن جي ڀيٽ ٿي ڪجي ته زمين ۽ آسمان جيتروتفاوت نظر ايندو.
ان کان پوءِ دبئي ڪڏهن به مُڙي نه ڏٺو، وئي اڳتي وڌندي. پنجاهه جي ڏهاڪي تائين آمدني واپار يا ٻيهر روانگي واپار وچٿرو رهيو. ان کانپوءِ هيءُ علائقو تيل جو هڪ مکيه ذريعو ٿي پيو ۽ ان سبب دبئي جي واپار ۾ جا واڌ آئي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. 1958ع سن ۾ آمدني واپار جو انگ هو ٽي ملين پائونڊ. صرف ٻن سالن کان پوءِ 1960ع سن ۾ اهو انگ ٻيڻي کان به وڌي 106 ملين پائونڊ ٿي ويو. ۽ اڃا ٽن سالن کان پوءِ 8 ملين پائونڊن تي وڃي پهتو. 1967ع ۾ 70 ملين پائونڊ کي وڃي ڌڪ هنيائين.
انڊيا مان هندستاني واپاري گهڻو ڪري اناج ۽ داليون ٽروشل اسٽيٽس جي بندرگاهن وسيلي آڻيندا هئا، جن جو ڪاٿو 205 ملين روپيا ساليانو هوندو هو. اهي جهاز جيڪي هيءُ مال کڻي ايندا هئا، سي هندستان ۽ ٽروشل ڪناري جي بندرن تائين محدود نه رهندا هئا، بلڪ ڀرپاسي وارن ملڪن ڏانهن به ويندا هئا. اهڙي ريت دبئي ۾ لاٿل مال ٻيهر دبئي کان ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿيندو هو. اتان جا مارڪيٽ جهڙوڪر دبئي جامارڪيٽ بنجي پيا.
پر سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ ويا موتين جا واپاري، سندن ماڻهو ۽ ٽروشل اسٽيٽس جا ٻيا رهاڪو. شارجا، دبئي ۽ ابوڌابي مان ڪافي، کنڊ، ڪپڙو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ان قسم جون شيون، ڪنارن کان دور رهندڙ بدُو توڙي ٻين قومن جي ماڻهن ڏانهن موڪلجڻ لڳيون، جتي ڳوٺن جي دڪانن تي ان قسم جو سامان عام جام وڪامڻ لڳو. اهڙي طرح ننڍڙا ننڍڙا دڪان کلي پيا. ماڻهو پئسو ڪمائڻ لڳا ۽ واپار کي هٿي ملي. جتي اهو سڀڪجهه ٿئي، اتي خوشي ۽ خوشحالي به ضرور ايندي. صدي جي پُڄاڻيءَ تي شارجا جو ساليانو محصول هو 8000 روپيا ۽ راس الخيما جو 800 روپيا، جيڪو ڪسٽم ڊيوٽيءَ جي صورت ۾ ٻاهران ايندڙ مال تي ورتو ويندو هو.
هندستاني واپاري جيڪي ٽروشل اسٽيٽس ۾ ڏيڍ سؤ سال کن اڳ آيا هئا ۽ جن ۾ وڏو تعداد ٺٽي کان آيل ماڻهن جو هو، تن موتين جي ڪاروبار ۾ چڱو پاڻ موکيو. اهي سڀ هندو هئا، جيڪي هن علائقي ۾ آباد ٿيڻ لاءِ نه آيا هئا، بلڪ هو موتين جي مُند ۾ هرسال لڳاتار ايندا رهندا هئا. شروع شروع ۾ ته هو صرف موتين جي ايڪسپورٽ ۾ دلچسپي وٺندا هئا. آهستي آهستي هو ٻين وکرن تي به ڌيان ڏيڻ لڳا، جهڙوڪ چانور، ڪافي، کنڊ، ڪپڙو وغيره جيڪو هو اتان جي ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ مهيا ڪرڻ لڳا. هندستاني واڻيا وياج خور ۽ ڪي ايراني واپاري دبئي ۾ آباد ٿي ويا. انهن دبئي جي ڏيتي ليتي واري مارڪيٽ ۾ ڪافي اثر رسوخ پيدا ڪري ورتو ۽ وڏي وياج تي اوڌر ڏيڻ لڳا.
دبئي جا ڪجهه مکيه موتين جا واپاري هئا: آسڪرن داس آسن مل واڀي، ڌمن مل لاچند واڀي، ڌمن مل ايسرداس، ڄيٺانند لالچند، ڪيشو داس تاراچند، خوشحالداس ڪنبنداس ڀاٽيا، ڪشنداس ناٿامل ڪيساڻي، لکميداس تلسيداس ۽ سندس ڀائر، شمبي مل ڀاٽيا، تلسيداس فتحچند ۽ اتمچند تلسيداس.
20 صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ اٽڪل 7000 ماڻهو سڌيءَ طرح موتين جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هئا ۽ سي به فقط دبئي ۾. انهن ويچارن کي پنهنجي سخت پورهئي جي بدلي ۾ تمام معمولي اجورو ملندو هو، پر تنهن هوندي به موتين جو واپار زورن تي هوندو هو. ان جو سبب صرف اهو هو ته ماڻهن جي گهڻائي کي ان کانسواءِ آمدني جو ڪو ٻيو وسيلو موجود ئي ڪونه هو. موتين منجهان ڪمائي ته بيشڪ گهٽ هئي، پر ٻئي وسيلي نه هئڻ سبب ان ڪاروبار جي ڪري مقامي واپار کي وڏي هٿي ملي پئي پر افسوس جو موتين جو اهو ڪاروبار گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو. ان زوال جا ٻه ڪارڻ هئا. هڪ اهو ته جپان موتي پالڻ جو طريقو ڳولي لڌو. هنن ڇا ڪيو جو سپن ۾ واري ۽ سنهڙي پٿري نقلي نموني سان وجهي، کين سمنڊ اندر پڃرن ۾ پالي وڏو ڪندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي وقت تي سپون ڪڍي انهن کي کولي منجهانئن موتي حاصل ڪندا هئا. جپان جي ان ڏاهپ دبئي جي مارڪيٽ جا ترا ڪڍي ڇڏيا، ٻيو ڪارڻ هو پهرين مهاڀاري لڙائي جو يورپ جي سياسي سوچ تي اثر.دراصل موتين جي ڪاروبار جي مند 1920ع جي وچ ڌاري شروع ٿي چڪي هئي. 1929ع ڌاري دبئي جون 60 موتين جي شڪار واريون ٻيڙيون فقط ان ڪري بيڪار ٿي ڪناري ڀيڙيون بيهي رهيون جو هو ٽوٻن توڙي مزورن ۽ ملاحن کي ائڊوانس ڏئي نٿي سگهيون. يورپ جي مارڪيٽ ۾، خاص ڪري پئرس ۾، موتين جي نه پهچڻ سبب سرمائي جي ڪمي ٿي پئي. واپاري اچي پريشان ٿيا ته آخر ايترو پئسو ڪٿان آڻجي جو موتين جي ڪاروبار کي ٻيهر صحيح نموني جاري ڪري سگهجي. انهن منجهان وڏي پيماني تي ڪيترا ئي شاهوڪار موتين جاواپاري، جن جو مکيه ڪم ئي هوندو هو وڏي پيماني تي پئسو سيڙائڻ، سي قرضن ۾ وٺجي ويا.
موتين جا واپاري عام طور ڳرن اگهن تي قرض وٺندا هئا. اها اوڌر 36 سيڪڙو وياج تائين به ورتي ويندي هئي. اوڌر ڏيڻ وارا هوندا هئا بمبئي يا ٽروشل اسٽيٽس جا واڻيا توڙي وياج خور، جيڪي موتين جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ ان ڌنڌي ۾ اوڌر ڏيندا هئا. جڏهن سيزن پوري ٿيندي هئي ته اهي واپاري هندستان مان واپس موٽي پنهنجي ڪمائي مان اوڌر ورتل رقم وياج سميت موٽائي، حساب ڪتاب برابرڪري ڇڏيندا هئا. ان زماني ۾ اهو ئي رواج هوندو هو.
جڏهن مارڪيٽ ڪرندو هو ته ان جو اثر هڪ اعليٰ ماڻهوءَ تي نه، بلڪ انهن سڀني تي پوندو هو، جيڪي ان سموري ڪاروبار سان ڪنهن نه ڪنهن طرح لاڳاپيل هوندا هئا. جي واپاري مارڪيٽ ۾ موتي وڪڻي نه سگهندا هئا ته ظاهر آهي ته اهي اوڌر ڪيئن لاهي سگهندا؟ ان ڪري ويچارا اوڌر ڏيڻ وارا سيڙپڪار به آزار ۾ اچي ويندا هئا.
موتين جو هڪ مشهور واپاري محمد بن بياط هو، جنهن تي ڇهه لک روپيا قرض چڙهي ويو ۽ کيس ڏيوالو ڪڍڻو پيو. ڇهه لک روپيا ان زماني ۾ تمام وڏي رقم ليکي ويندي هئي. هڪ ٻئي واپاري محمد بن احمد بندلمڪ کي، ٻه لک روپيا هڪ واڻئي وياج خور کان اوڌر وٺي، محمد علي زنيل نالي بمبئي جي هڪ مشهور واپاري جو قرض لاهڻو پيو.
مارڪيٽ جي حالت وئي ڏينهون ڏينهن بگڙجندي. آخرڪار دبئي ۽ شارجا جي ڪيترن اوڌر ڏيندڙ سيڙپڪارن، جيڪي انگريزن جا رعايا هئا، تن وڃي برٽش پوليٽيڪل ايجنسي جو در کٽڪايو ته اسان کي موتين جي واپارين کان پنهنجا پئسا اوڳڙ ڪرائي ڏيو. آخرڪار حڪومت کي وچ ۾ پئي ڪيترا اهڙا ڪيس نبيرڻا پيا. ڌرين کي ٺاهه ڪرڻا پيا ۽ قرض جون قسطون ڪري ڊگهي عرصي تائين ٿورو ٿورو ڪري بار لاٿو ويو. ڪم گهٽجڻ ڪري سوين مزور بي روزگار ٿي پيا. اها صورتحال جڏهن ڊيگهه پڪڙي وئي ۽ سڌاري جي ڪا اميد نه رهي، ته وياج خور واڻيا به ٽپڙ ويڙهي ٽروشل اسٽيٽس ڇڏي هليا ويا.
ان وقت موتين جي واپار جي جيڪا دکدائڪ حالت هئي، ان جو اندازو توهان هن رپورٽ مان لڳائي سگهو ٿا، جيڪا 1934ع سن ۾ بشائر ۾ برٽش ريزيڊنسيءَ لنڊن جي ڊپارٽمنيٽ آف اوور سيز ٽريڊ (Department of Overseas Trade in London) کي موڪلي هئي.
“ڪيترن سببن جي ڪري هيءَ انڊسٽري، ڪجهه سالن کان وڃي ٿي پوئتي پوندي. هاڻي ته سندس حالت بد کان بدتر ٿي وئي آهي ۽ سڌاري جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي. هڪ ته آمريڪا ۽ يورپ جي مالي حالت خراب آهي، ان ڪري انهن ملڪن ۾ موتين جي گهر ڪافي گهٽجي وئي آهي ۽ يورپي خريدار هاڻي اڳي جيان هرسال بحرين ڪونه ٿا وڃن. ٻيو ته جپانين جيڪي پاليل نقلي موتي مارڪيٽ ۾ آندا آهن، انهن جي ڪري به اصلي موتين جي وڪري تي خراب اثر پيو آهي. ٽيون ته مقامي موتين جي ڪوالٽي به هاڻي اها ساڳي نه رهي آهي، ڇو ته جن ماڳن تان موتي ملن ٿا، تن تي سالن کان پيو ٿو شڪار ٿئي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته سپن جو نسل گهڻو گهٽجي ويو آهي.”
موتين جي واپارين پراڻا مارڪيٽ وساري، نون مارڪيٽن کي آزمائڻ شروع ڪيو، خاص ڪري آمريڪا ۾ گهڻي ڪوشش ڪيائون، پر جپاني نقلي موتي سستا هئڻ سبب هر هنڌ مارڪيٽ تي ڇائنبا ويا. اها به ڪوشش ڪئي وئي ته ڀلا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ کڻي موتين کي صاف ڪري پالش وغيره ڪجي، پر اتي به ڪاميابي نه ٿي، ڇو ته هندستان ۾ موتين جي ڄاڻ رکندڙ ڪاريگرن جو تعداد گهڻو هو ۽ هو هنر توڙي صفائي ۾ اڳي ئي ماهر هئا. گلف جا نڪتل موتي سڀ هندستان موڪليا ويندا هئا، جتي انهن کي سڌاري، صاف ڪري، پالش ڪري، زيورن ۾ جڙي، اولهه جي ملڪن يا ڏور اوڀر جي ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ موڪليو ويندو هو. هندستاني ڪاريگرن کي پنهنجي ملڪ مان ڀرتي ڪري وچان ڪنهن ٽئين ملڪ ڏانهن موڪلڻ مان فائدو ڪونه هو، ڇو ته هندستان ۾ اهو ساڳيو ڪم سستي اگهه ۾ ٿي ويندو هو. ڌارئي ملڪ ۾ اجورو وڌي وڃي ها.
1940ع سن ڌاري اهو چٽيءَ طرح معلوم ٿي ويو ته هاڻي موتين جو ڪاروبار ٻيهر اهو اوج ماڻي نه سگهندو، جيڪو اڳ ماڻيو هئائين. گلف کي هاڻي ڪو ٻيو ذريعو تلاش ڪرڻو پوندو، جيڪو سندس رهواسين کي روزگار ڏئي سگهي. هن موقعي تي وري به دبئي ڪم آئي. دبئيءَ هن وقت تائين پنهنجين ٻين ويجهين رياستن کان وڌيڪ تجربو حاصل ڪري ورتو هو. خاص طور آمدني مال کي ٻيهر پرڏيهه ۾ وڪڻڻ (Re export) جي ڪم ۾ دبئي واسي هاڻي ڀڙ ٿي چڪا هئا، ان ڪري هنن ان ڪم جو بنياد وڌو، جيڪو اڄڪلهه دبئي جي واپار جي سُڃاڻ آهي.
*