17. باب سترهون : نئين پيڙهي، نئين اميد
وليم ايلين وائيٽ
ڪڏهن ڪڏهن صبح جي ماٺار ۾ من ڏاڍو مونجهو ٿيندو آهي. اها مونجهه هارَ جو اهڃاڻ ناهي. احساس آهي ان ڳالهه جو ته وقت ٿورو وڃي رهيو آهي ۽ ڪم گهڻو ڪرڻو آهي. شاعر رابرٽ فراسٽ جي حوالي سان جواهر لال نهروءَ چيو هو، “مون کي سمهڻ کان اڳ اڃا ڪوهين پنڌ هلڻو آهي.” منهنجي به ساڳي حالت آهي.
حال سارو ڏنل وچن سڀ پاڙيا اٿم، پر پوءِ به اڪيچار اُلڪا اندر ۾ آنڌ مانڌ لايو بيٺا آهن. گهڻو ڪم رهيل آهي، ڪرڻ چاهيان ٿو، شل ايتري مُهلت مليم!
ڪڏهن ڪڏهن صبح جو ماڪَ کي گاهه تي سُڪندو ڏسندو آهيان ته ڀانئيندو آهيان، شايد سورج سان سينو ساهڻ جي سزا ڀوڳي رهي آهي. اسان جو جيون به ائين ئي آهي. جوانيءَ جي هستي، مستي ۽ تازگي پل کن ۾ ائين ويندي رهي جو ڪَل ئي ڪانه پئي.
سورج کي اُڀرندو ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان، پوئين لاءِ ڪهڙو ورثو ڇڏيو پيو وڃان؟ ڇا، مون کين هن دورنگي دنيا ۾ عزت سان رهڻ جو ڍنگ سيکاريو آهي؟ ائين ته ناهي ته منهنجي لاڏ ۽ پيار ۽ پناهه کين ايترو لڪائي، ڇُپائي ۽ ڍڪي رکيو آهي جو مون پُڄاڻان هو سور جي سٽ به سهي نه سگهندا.
تڏهن مون کي وينا جو خيال ايندو آهي. هن ۽ مون گڏجي ٽن ٻارن کي سٺي تربيت ڏئي، گهڙي، ٺاهي، سٺو شهري بنايو آهي. اهي ٻار، جيڪي بدلجندڙ سڀيتائن ۾،اڻ ڏٺل ۽ اڻ ڄاتل ماڳن تي اٿاهه، عميق، اونهي ساگر ۾ ڇُلندا رهيا آهن، جو کين اسان جي آگيا جو پالن ڪرڻو هو ۽ پوءِ هنن ان اڻ کٽ سمونڊ ۾ ننڍڙا ۽ نٻل هٿڙا هڻي ترڻ ۽ تڙڳڻ سکيو. ڪجهه ڀئه، ڪي کٽڪا، ڪا آشا، ڪا نراشا پر پوءِ، اوچتو ئي اوچتو، هو دنيا جي ٻارن سان ملي هڪ ٿي ويا. ڌرتيءَ ڄايا، ڌرتيءَ نپايا، هن ساري سموريءَ وشال ڌرتي جا پنهنجا، هزارين لکين، ڪروڙين، گورن، ڪارن ۽ پيلن ٻارن جهڙا ٻار. زمين جي هر ڪنڊ، هر ڪڙڇ، هرگهٽي، هر گهيڙ، هر وستي، هر واهڻ سندن وطن هو.
ڇا هو به اهو ئي سوچين ٿا، جيڪو مان سوچيان ٿو؟ اهو ئي سمجهن ٿا، جيڪو مان سمجهان ٿو؟ اهو ئي ڄاڻن ٿا، جيڪو مان ڄاڻان ٿو؟ مون ۾ ايتري همٿ ڪٿي جو مان کانئن پُڇي سگهان؟ هو مونکي رستي تي لڳل دشائن جا نشان ڏيکاري سگهن ٿا، جيڪي مون کي گهڻو اڳ ڏسڻ گهرجن ها، پر مون نه ڏٺا. اهي ٽرئفڪ سنگل، جتان مونکي ساڄي پاسي ڦرڻو هو، پر مان ڦري نه سگهيس، ۽ هاڻي واپس ورڻ جي ڪا واهه نه رهي اٿم.
ڇا، مان پاڻ تي ٿيل ڌڻيءَ جون ڀلايون ياد رکندو آهيان؟
ها، مون هڪ هڪ چڱائي، هڪ هڪ ڀلائي، هڪ هڪ قرب سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. ڇا، مان هر صبح جو اک کولڻ سان سندس ديا، سندس دان سندس درياهه دلي ساراهيندو آهيان؟ ها، مان سندس اپار احسان ڳائيندو آهيان، ورجائيندو آهيان، ور ور ڪري پاڻ کي، پنهنجن پريوار وارن کي ۽ هر آئي وئي کي ٻڌائيندو آهيان.
ڇا، مان نوڙت، نياز ۽ نماڻائيءَ سان سندس آڏو سيس نوائيندو آهيان؟
ها، مان عاجزي ۽ نيازيءَ سان، جيڪي ڪجهه هن مونکي ڏنو آهي، تنهن جو ورنن ڪندو آهيان ته هو ڪٿي مون ڪميڻي تان پنهنجيءَ پناهه جو پاند نه لاهي.
ڇا مان ڪٽر ڌرمي آهيان يا تعصبي آهيان؟ ڇا، مان ماڻهن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيندو آهيان؟ ڇا، مان انهن پراڻن خيالن جو پانڌيئڙو آهيان، جن موجب ڀانت ڀانت جا ڪلچر ملن ته سهي، پر هڪ ٻئي سان ملي جُلي هڪ نه ٿي وڃن؟
اسان جيئن آهيون، جتي آهيون، جهڙا آهيون، اهڙائي رهنداسين. بدلجي نه سگهنداسين. دوستي، ويجهڙائپ ۽ ڀائپي حياتي لاءِ ضروري آهي. پر اسان جي سڀيتا، اسان جو ورثو، اسان جو بُڻ بڻياد اسانکي ٻين کان الڳ الڳ ۽ ڌار ڪري ٿا بيهارين. جي ائين نه هجي ته پوءِ مامرو ئي ڪهڙو؟ جيڪڏهن اسان سڀ، يا اسان مان ڪو به هڪ، پنهنجي الڳ رنگ ۾ رنگيل نه هجي ها ته پوءِ زندگي جو ڪهڙي قدر، ڪهڙي قيمت، ڪهڙو ماپو، ڪهڙو ماڻ هجي ها؟ ۽ اسان پنهنجي اها الڳ حيثيت ۽ هستي هٿ وٺي وڃائي رهيا آهيون، فقط ان لاءِ ته اڄ ڪلهه جي فئشن موجب پاڻ کي دنيا جي انبوهه ۾ شامل ڪري، ڪوڙي ايڪتا جي مالا جپيون ۽ اباڻن جي جوڙيل سرحدن جا ليڪا مِٽايون ۽ اهو وساري ويهون ته اسان ڪير آهيون، ڪٿان آيا آهيون ۽ اسان جو خمير ڪهڙيءَ مٽيءَ منجهان جُڙيل آهي؟
هي ايڪيهين صدي آهي ۽ منهنجون ڳالهيون ٻڌي شايد ڪو ائين به چئي ڏئي ته مان ماضي جي اونهن تهن ۾ اُترندو ٿو وڃان ۽ قديم ۽ صوبائي سڀيتا جي موهه ۾ نئين دور جي، تقاضائن کان اکيون ڦيري، گهڻو اڳ گذريل گهڙين جا ڳُڻ ڳائڻ لڳو آهيان.
دولت ميڙڻ جي جا ڊوڙ اڄ ڪلهه جاري آهي، اها هاڻي سڀ حدون اورانگهي، کل جهڙي کاهين طرف وڌي رهي آهي. اجهو ڄاڻ اهو وقت آيو، جڏهن ان ڊوڙ جي نتيجي ۾ هڪ ڀوائتي هڪ جهڙائي جنم وٺندي. ڊوڙ ختم ٿي ويندي. دولت جا ميڙي وئي آهي، ڌن جو ڇپايو ويو آهي، موتي ۽ مڻيا، جن جي تجلن کي قيد ڪيو ويو آهي، تن جي ڪا به حيثيت، ڪا به حقيقت، ڪو به قدر، ڪو به مُلهه باقي نه رهندو ۽ ماڻهو چاٻيءَ تي هلندڙ روباٽ بنجي ويندا.
اها ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته منهنجي سمجهه سچائي ۽ ڀرپور آواز گوڙ ۽ شور ۽ هنگامي ۾ اهڙي ريت دٻجي، گم ٿي ٿو وڃي جو منجهس ڪو به مطلب، ڪا به معنيٰ باقي نٿي رهي. ان لاءِ نه ته اهو گوڙ ۽ شور ڄاڻي واڻي ائين ڪرڻ ٿو گهري، پر ان لاءِ جو اسان جيڪي سرحدون جوڙيون آهن، سي ڪوڙيون ۽ ڪچيون آهن. صاف ۽ شفاف ۽ اڻ ڇُهيل، خالص سڀيتا، جنهن جي مان ڳالهه ڪيان ٿو، سا هٽلر جي برتريءَ واريءَ سوچ جيان ناهي. اها نسل جي تعصب تي به ٻڌل ناهي، جنهن ۾ اسان گڏ کائي نه سگهون يا سماجي برابري نه ڪري سگهون. اها آفريڪا ۾ جاري اڳوڻي ڀيد ڀاءَ واري Apartheid به ناهي يا هندستان جي اڇوت يا سائوٿ آمريڪا جي بيڪار گدلائي يا قبائلي مذهبي دشمني يا وري اهڙي نفرت ۽ ڪراهت جيڪا ٻئي کي پاڻ جهڙو نه سمجهي.
اسان، تو ۽ مون، اهڙا سَنڌا ۽ سرحدون ٺاهي ڇڏيون آهن، جن جو سڀيتا جي ميلاپ سان ڪو به واسطو ناهي. جڏهن آرٿر هيلي (Arther Hailey) پنهنجا بنياد (Roots) پئي ڳوليا، تڏهن هن ڄڻ پنهنجي اندر ۾ لڪل اُڌمن جو اظهار ٿي ڪيو ته آخر اسين ڪير آهيون.
اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجن رسمن، رواجن ۽ روايتن جو بچاءُ ڪريون. نئون نسل اهڙين ڳالهين کي لاپرواهيءَ سان نظر انداز ٿو ڪري ڇڏي. منهنجي لاءِ اها وڏي چنتا جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي نئين پيڙهي ڪيچ اپ ۽ چپس جي ڪلچر ۾ اهڙي اُلجهي وئي آهي جو کين پٺ ورائي اباڻي ورثي ڏانهن هڪ نظر ڏسڻ لاءِ به وقت ناهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي پنهنجا پُور به پراوا لڳندا آهن. اُداس ٿي ويندو آهيان. پاڻ کي اوپرو لڳندو آهيان. مان ته فقط اهو ٿو چاهيان ته اهم ڳالهين کي اوليت ڏيو. منهنجي لاءِ سنڌي سڀيتا کان وڌيڪ اهم ٻي ڪا به شي ناهي. ماڻهو مونکي غلط سمجهن ته به دکي مان ئي ٿيندس. ڀلا ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي ورثي جي رکوالي به ڪريون ۽ ٻين کي پيار به ڏيون، ساڻن نيازمندي به ڪريون ۽ سندن عزت ڪرڻ ۾ به ڪا ڪمي نه آڻيون؟ ڏکيو ڪم ضرور آهي. پنهنجيءَ سڀيتا کي ايڏو مانُ ڏيڻ، جو ٻين سڀيتائن وارا ان کي تهذيبي ميل جول جي ورڌ سمجهڻ لڳن، سچ پچ ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. مون کي ٻئي ڪنهن کان نه، پنهنجي ڀئه کان ڀئه ٿو ٿئي. مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي ته منهنجن ٻارن جا ٻار جڏهن سمجهه ڀريا ٿيندا، تڏهن کين اها ڄاڻ نه هوندي ته هو ڪير آهن ۽ سنڌ سان سندن ناتو ڪهڙو آهي؟ اڄ جي زماني ۾ ڪلچر وڃي ڪافيءَ جي ڪوپ تي دنگ ڪيو آهي. اسان جي روزاني زندگي ۾ سندس اهميت ڪا خاص نه رهي آهي.
اسان منجهان اهي، جيڪي سڀيتا جون سرحدي ليڪون پار ڪرڻ ۾ ڪو عارُ محسوس نٿا ڪن، سي واقعي وڏيءَ دل جا ڌڻي چئبا. پر هنن جي ٻين سڀيتائن سان ايڪي لاءِ اُٻهرائي، پنهنجي ڪلچر جو گلو گهٽڻ جي برابر آهي. اهو ڪلچر ئي آهي جيڪو هن دنيا کي رنگين بنائي ٿو. وڻندڙ، موهيندڙ ۽ پيارو ڪري ٿو.
اولهه اولهه آهي، اوڀر اوڀر آهي. گڏجي سڏجي رهن ٿا، پر پوءِ به پنهنجي الڳ سڃاڻ قائم رکن ٿا. دنيا جي هر سٺي شيءِ اسانجي تهوارن ۽ روايتن مان جنم وٺي ٿي. اسانکي گهرجي ته کين اوجهل ٿيڻ نه ڏيون. اسان کي پنهنجي ڌار سڃاڻپ وڌيڪ مانوارو بنائي ٿي. اسان ٻين کان نرالا آهيون. الڳ ٿلڳ آهيون. اسان جهڙو ٻيو ڪو ئي ناهي. مون پنهنجن ٽن ڌيئن کي دنياداريءَ جي سکيا ڏني آهي. کين هر قسم جي ڪلچر ۾ جذب ٿيڻ جي تربيت ڏني آهي. پر آهستي آهستي، ڏاڍي پريم ۽ پاٻوهه سان. پنهنجي سڀيتا جي سُڃاڻ به ڏني آهي. بيشڪ مونکي پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ روايتن سان ڏاڍو پيار آهي. جڏهن مان کين پنهنجي اندر جو احوال ٻڌائيندو آهيان، تڏهن لڳندو اٿم ته هو بيزاري وچان چوندا هجن، “هي ته ڪراڙن ماڻهن جهڙيون ڳالهيون پيو ڪري، جيڪي اڄ ڪلهه جي زماني ۾ وقت جو زيان آهي.”
شايد- شايد- شايد- هو صحيح سوچيندا هجن، پر منهنجي راءِ ڀلي غلط ئي ڇو نه هجي، مون کي پنهنجي اندر جي اُڌمن جو کلي طرح اظهار ڪرڻ ته ڏيو. منهنجو چوڻ فقط ايترو آهي ته توهان ڀلي هر ڪنهن سان گهلي ملي وڃو، کلو ڳالهايو، هر انسان کي قيمتي انسان سمجهي، سندن مانُ ڪيو، ساڻس پيار سان پيش اچو، سندس دل نه دکايو، پر پنهنجي الڳ سڃاڻپ به قائم رکو، اُن کي نه وڃايو.
مان رهان نه رهان، پر پڪ اٿم ته وقت ضرور ايندو ۽ جلدي ايندو، جڏهن اسان جون جڙون سايون ٿينديون، ماضيءَ جي طاقت موٽي ايندي ۽ اسان پنهنجي ڪلچر جي چهچ ساون ٻيلن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ هڪ دفعو وري سک جو ساههُ کڻي سگهنداسين. جيئن جانور ۽ گل هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن ۽ سندن گهُرجون به ڌار ڌار آهن، اسان به ائين ئي آهيون. اسان جي ذهني توڙي روحاني خوشحالي اسان جي جاتيءَ جي جيون سان لاڳاپيل آهي. جاتي زنده آهي ته اسان سُکي آهيون. ٻين سان ملي ٻين جهڙو ٿي وڃڻ، منهنجي نظر ۾ ڦرُ ۽ ڌاڙي جي برابر آهي. ڪڏهن نويڪلائي ۾ ٿانئيڪا ويهي، منهنجيءَ ان ڳالهه تي ويچار ضرور ڪجو.
ان پسمنظر ۾، مان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي باري ۾ سوچيندو آهيان ته مون ڇا ڪيو؟ ڪهڙي ريت مون اهي ڪم ڪيا، جيڪي منهنجي ويچارن جي ورڌ هئا. جو چيم، سو نه ڪيم. پر ائين ڪرڻ ۾ به منهنجي ڪا بد نيتي ڪانه هئي. جو ڪيم سٺن ارادن سان ڪيم.
اسان سنڌي آهيون. فطري طور بزنيس مين آهيون. ڪن جو ته چوڻ آهي ته بزنيس اسان جي رت ۾ شامل آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌي جاتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي ۽ اهڙي طرح اسان هڪ سُکي ڪميونٽي آهيون. اسان کي ان ڳالهه تي ناز آهي ۽ اهو به ناز اٿئون ته ماڻهو اسانکي “قاتل ڇهين حُس جا مالڪ” سڏيندا آهن. اسان مٿان اهو ليبل هو ڪو سِڪ وچان ڪو نه لڳائيندا آهن، پر تڏهن به هو غلط ڪونه چوندا آهن.
جيڪڏهن توهان بزنيس ۾ آهيو، ته آهيو. بزنيس ۾ ماڻهو نفعو ڪمائڻ لاءِ ويندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان اهو نفعو قانون جي اندر رهي، چڱي نموني سان ڪمايو ٿا ته اها توهان جي بنيادي “ڇهين حس” آهي، “قاتل ڇهين حس” ناهي.
مونکي هت ٿورو جوکو کڻي ڪجهه چوڻ ڏيو. جيڪڏهن اسان صدين جي تجربي مان بزنيس جو آرٽ سکيو آهي ۽ نسل در نسل هڪ کان ٻئي تائين پهچايو آهي ته ان ڪري جو واپار اسان جي روايت بنجي چڪو آهي. جيڪڏهن اسان جي اها “خوبي”، دنيا جي ٻين قومن ۽ جاتين سان ملڻ جلڻ سبب ختم ٿي وڃي ها، ته پوءِ اسان جي اها “مهارت” به سُڪي، سڙي، رک ٿي وڃي ها. مان بار بار اها ئي ڳالهه ثابت ڪرڻ ٿو چاهيان ته اسان جيڪي ڪجهه به آهيون، سو پنهنجي ماحول جي ڪري ۽ پنهنجيءَ اڍَ (Genetic Mak-up) جي ڪري آهيون. اسان کي گهرجي ته انهن ٻنهي ڳالهين کي سنڀالي رکون. ان ٻيلي مان ڪهڙو لاڀ، جنهن ۾ رهندڙ سڀ جانور زيبرا هجن؟ توهان مونکي اُن سوال جو جواب ڏيو.
مون کي وڏي اٿل پٿل پئي نظر اچي. دنيا تپرس ۾ وجهندڙ رفتار سان ڊوڙندي پئي وڃي.جيڪا مسافري اڳ ڏينهن وٺندي هئي، سا هاڻي چند ڪلاڪن ۾ پوري ٿي ٿي وڃي. جيڪڏهن انسان آواز جي اسپيڊ سان سفر ڪندو ته ان لاءِ ٻيلو ٻه ٻرانگون. موڪلاڻيون هاڻي ڊگهيون ٿين ئي ڪونه. اسان جي زماني ۾ شاديءَ وهانءَ تي هفتن جا هفتا خوشيون ملهائبيون هيون. هاڻي خاندان وارا شاديءَ تي هڪ رات لاءِ مليا ته به وڏي ڳالهه ليکبي. واندڪائي نالي لاءِ ڪانهي. جيڪڏهن ڪنهن کي سچ پچ فرصت آهي ته هن کان وڌيڪ ڀاڳوان ڀلا ٻيو ڪير هوندو؟ وڏن ڪٽنبن جي جاءِ تي ننڍا ننڍا خاندان وڃي رهيا آهن. تڏهن ته چون ٿا ته وڏن خاندانن کي نيوڪليئر خاندان ماري مات ڪيو آهي.
ان هوندي به اسان پنهنجي پاڻ کي ڀٽڪائي وڌو آهي. شاديون ائين ٿيون ٽٽن، جيئن سُڪل پن واءَ ۾ ڇڻندا آهن. شادي جي پهرئين چشڪي کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ اها ويجهڙائي ڪا نه ٿي رهي، جيڪا کين ان پوتر ٻنڌڻ ۾ سوگهو ٻڌي رکي. منهنجيون اهي ڳالهيون گهڻن کي پراڻن خيالن جهڙيون لڳنديون، پر ائين به نه ٿئي ته اسان تُهن سان گڏ ساريون به ٻهاري ڇڏيون. ترقي پسند آزاد خيال ٿيڻ جو اهو مطلب ته ناهي ته اوهان جي اندر ۾ جو ٻل آهي، ان کان ڀَڄي پاسو ڪريون ۽ ٿوري خوشيءَ يا عياشي خاطر ڪمزورين جي هنج ۾ وڃي ڪريو. اڄ جا نوجوان پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ ۾ رُڌل آهن. ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته هو وڃائجي ويا آهن. اها ڳالهه مان نٿو چوان. هو پاڻ چون ٿا ۽ چوندي نٿا ٿڪجن. سندن مايوسي وڃي ٿي ڏينهان پوءِ وڌندي. سج ٻڏندو ٿو وڃي. رات پنهنجا ڪارا پر ڦهلائيندي پئي اچي ۽ اها مايوسي، جنهن جي مون ڳالهه پئي ڪئي، سا ڪڙڪاٽ ڪندي ڪاهيندي پئي اچي.
مان هميشه چوندو آهيان ته درياءَ جي مڇي سمنڊ ۾ گهاري نه سگهندي. ساڳيءَ طرح سامونڊي مڇي نديءَ ۾ به جالي نه سگهندي. قدرت جي سونهن ۾ واڌارو اهي ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ڌارائون ڪن ٿيون.
پتا پنهنجي ٻارن کي ڪيئن ويهي سبق پڙهائيندو آهي ۽ هو ڪيئن ماٺڙي ڪري کيس ٻڌندا رهندا آهن؟ ماءُ ڪيئن پنهنجن ٻچن تي پرن جي ڇانوَ ڪري بيهندي آهي، جڏهن ساري دنيا کين کانئس ڌار ڪرڻ لاءِ حيلا هلائيندي آهي؟ ڪڏهن انهن مامرن تي به ڌيان ڌريو اٿوَ؟ اسان چئو دڳيءَ تي ڪونه بيٺا آهيون. ائين سوچڻ جو مطلب ٿيندو ته اسان هاڻي هيڻا ٿي ٿڪجي پيا آهيون. مون کي لڳندو آهي ته دنيا هڪ نديءَ مثال آهي، جيڪا نهايت تيز رفتار سان سمنڊ ۾ ڪرڻ لاءِ وڌي رهي آهي ۽ جڏهن ندي سمنڊ سان ٽڪرائبي تڏهن وڏو ڌوڏو ايندو، ڌماڪو ٿيندو، پاڻي چاڏيءَ ۾ پيل ڏڌ وانگر ولوڙبو ۽ لهرون اُٿنديون. اهو سڀ ڪجهه جلد ٿيڻ وارو آهي ۽ ان گهڙيءَ اسان مان گهڻا گهائبا. اهو سوچي، منهنجو روح ٿو ڪنبي، ڇو ته انهيءَ اوچتي وارَ لاءِ اسان جي پيڙهي هرگز تيار ناهي.
هن عمر ۾ اسان ڪٿي وڃي آٿت ڳوليون؟ ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئون؟ ڪنهن کي من جي ماجرا ٻڌائون؟ بس، اها ڪل اٿئون ته اسان وڏي جاکوڙ ڪئي، ويڙهاند ڪئي۽ ڪوشش ڪري صحيح رخ ۾ وک وڌائي.
جڏهن منهنجيءَ ماءُ جو ديهانت ٿيو، تڏهن اسان پنهنجين ٽنهي ڪڪين کي دبئي وٺي آياسين. وطن کان سندن اها پهرين جدائي هئي. ننڍيون هيون، ايڏي سمجهه ڪا نه هُين، ان ڪري گهڻي ڏکيائي ڪانه ٿي. جلد ئي هري مري ويون.
هو جيئن جيئن وڏيون ٿيون، پنهنجي هم عمر ٻارن کي اولهه طرف تڪيندي ڏٺائون. ۽ جتي جتي مان ويس، اتي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي باري ۾ ماڻهن کي چوندو ٻڌم ته اولهه مان پڙهي ڳڙهي، وڏي شان مانَ ۽ اعتماد سان ڀرپور ٿي موٽيا آهن. جڏهن کين جاچي ڏٺم ته منجهن داڻا ڪونه هئا. رڳو رستن جا راجا. ڪپڙو لٽو، ٺاهه ٺوهه ۽ ٻاهريون ڏيکاءُ. وڏو ماڻهو سڏائڻ جو نسخو يا منتر پئي لڳو اولهه جي تعليم. مان سوچيندو هوس ته ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ته اسان اوڀر جا ماڻهو، جن جي قديم تهذيب ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، سي هاڻي اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ اولهه جا محتاج ٿيا آهيون ۽ اسان ۾ ايتري اهليت ناهي جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ورثي کان آگاهه ڪري سگهون. ڇا، مان سودائي ٿيندو ٿو وڃان؟ ڇا، مان ننڍڙين ڳالهين کي وڏو سمجهڻ لڳو آهيان؟ ڇا، مان وڌيڪ ڏکڻو ٿيندو وڃان؟ ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي. پر ان جو ته ڪو ئي جواب ڏئي ته اسان پنهنجي دنيا کي ٻين جي ڀيٽ ۾ ايترو گهٽ ڇو ٿا سمجهون؟
ان جو مون کي ڪو به مناسب جواب نه مليو آهي. هڪ اهڙي قوم، جنهن والميڪيءَ ۽ تانسين، تلسيداس ۽ ٽئگور، چاڻڪيه ۽ دادا واسواڻيءَ جهڙا اوچا ۽ اڏول ٻڌيمان ۽ مهان پرش پيدا ڪيا، جن پنهنجي وديا، جي جوت سان ڪروڙين انسانن جي جيوت سنواري، سا قوم ۽ سي ماڻهو خود اعتماديءَ ۾ ٻين کان گهٽ ڇا ۾ آهن؟
وقت گذرندو ويو. منهنجين نظرن کان نظرون بچائي، لڪي ڇپي، پاڇي جيان وقت گذرندو ويو. تڏهن اوچتو پنهنجي ڏاڏيءَ جي لاڏلي، منهنجي پياري ڌيءَ گؤري، ڪاليج تائين پهچي وئي. منجهس ننڍي وهي، کان وٺي ئي اڳواڻي ڪرڻ جا گُڻ موجود هئا. هوءَ ڪنهن به ڪاريه لاءِ سڀ کان اڳ اُٿي کڙي ٿيندي هئي ۽ منجهس ٻين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ کانئن ڪم وٺڻ جون خوبيون سوايون هيون. چيتنا ۽ ريکا جي راءِ کي درست رکڻ ۾ به سندس وڏو هٿ هو ۽ اهي ٻئي ڄڻيون سندس ڳالهه ٻڌنديون ۽ مڃينديون هيون. منهنجي پتني کيس سڏيندي ئي هئي ٻي ماءُ.
دراصل اسان جي گهر ۾ انگريزي ٻوليءَ جو واهپو شروع ئي گؤريءَ جي ڪوشش سان ٿيو. ان کان اڳ اها ٻولي گهر جي ڪنڊ پاسي ۾ پاسيري پئي پنهنجو وقت گذاريندي هئي. سندس ڪو خاص ڪارج گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ ڪونه هوندو هو. گؤري پنهنجن خيالن ۾ گم سم رهندي هئي. گهٽ ڳالهائيندي هئي ۽ پاڻ کان وڏيءَ ڄمار وارن جي ساٿ ۾ وڌيڪ خوش نظر ايندي هئي. ان ڳالهه تي جيئن ٻين پيئرن کي ڳڻتي ٿيڻ گهرجي، مونکي پڻ فڪر ٿيڻ لڳو.
سندس آواز ۾ ماکيءَ کان وڌ ميٺاج هو. هوءَ پاڻ کان وڏن مٽن مائٽن کي ويهي پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ هو پڻ خوشي سان سندس مٺڙي آواز مان آنند ماڻيندا هئا. سُر ۽ سنگيت جي اها ڏات کيس ماءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. گهر ۾ سڀ ڀاتي گڏ هئاسين. زندگي مثالي هئي.سڀني کي ويجهو ۽ گڏ ڏسي منهنجي من ۾ پڻ پيار جون ڀاونائون جاڳنديون هيون. ان هوندي به، بدلاؤ جون هوائون ڪنهن نه ڪنهن ڳليءَ مان اندر پهچي وينديون هيون. چوندا آهن ته تبديليءَ جهڙي دائمي شيءِ ٻي آهي ئي ڪانه.
هڪ ڏينهن، جڏهن صبح جو ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڪرت ڏانهن وڃي رهيا هئا، 92 ايف.ايم ريڊيو تي رچرڊ ڪورام جو آواز سڄي گهر ۾ گونجي ويو. آواز ڇا هو، ڄڻ ڪا ڪٽار هئي جا منهنجي دل ۾ لهي وئي. خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته گؤريءَ جو ڪاليج کلڻ وارو آهي.
اسان جي شانت زندگي ۾ ڄڻ ڪو ڀونچال اچي ويو، جيڪڏهن گؤري پڙهائيءَ لاءِ انڊيا پئي وئي ته سندس ماءُ کي به ساڻس گڏ وڃڻو ٿي پيو ۽ پويان ٻن ڌيئرن جي سار سنڀال مون جهڙي نالائق پيءُ کي ڪرڻي ٿي پئي.
پاڻ کان پڇيم، “مونکي؟”
پاڻ جواب ڏنم، “هرگز نه.”
مان انڪار ڪري بيهي رهيس.
ڪو ته اُپاءُ ڪرڻو هو. ان زماني ۾ NRIs ايڏو گهڻو پسند به ڪونه ڪيا ويندا هئا. سندن ٻارن کي ڪاليج ۾ سيٽ ملڻ ڏاڍي مشڪل هوندي هئي. اسان ٻن باهين جي وچ ۾ اچي ڦاٿاسين. وڏي هڻ هڻان کان پوءِ مس وڃي ڪا صلاح بيٺي. منهنجي وڏي ساليءَ ايشوري پنهنجي طرفان بمبئي ۾ منهنجي سالي نردوش جي گهر ۾ رهڻ جي هام هنئي. نردوش هانگ ڪانگ ۾ رهندو هو، ان ڪري سندس گهر خالي پيو هو. سڀ ڪجهه ٿيو، پر دل ۾ ڪنڊو چڀيل ئي رهيو. گؤري بمبئيءَ هلي وئي ۽ وڃي لکا پڙهيءَ وسيلي بيچلر آف ڪامرس جي ڊگري ورتائين، جنهن سهڻي نموني سان هن پنهنجي پڙهائي ڪئي ۽ پاس ٿي، ان مان سندس همٿ ۽ ارادي جي پڪائيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي. مونکي پنهنجي ڌيءَ سان پيار ته اڳ ئي هو، هاڻ ته مٿس ناز به ٿيڻ لڳم.
منهنجي هڪ ٻن ويجهن دوست ۽ تعليم ماهر ماديو بلواڻي ۽ بمبئي يونيورسٽي جي اڳواڻي وائيس چانسلر ايس. ڊي ڪارنڪ منهنجي ڌيءُ گوري جي سندس پڙهائي ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ سندس تمام گهي مدد ڪئي. انهن ٻنهي همراهن ان وقت گوري جي اسٽوڊنٽ لائيف ۾ سندس تعليم ۽ پڙهائي ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ وڌي سهائتا ۽ مددد ڪئي. جڏهن گوري اوپري ماحول ۾ وٺجي وئي هئي.
مون کي چوڻ ڏيو ته هندستان تعليم جي سڌاري لاءِ اهو ڪجهه نٿو ڪري، جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي. انڊيا اڪاناميءَ کي ته آزاد ڪرڻ جا ارادا رکي ٿو، پر تعليم کي آزادي ڏيڻ جو وٽس ڪو به پروگرام ناهي. اسان اهو ڇو ٿا وساريون ته هڪ مضبوط اڪانامي جو سمورو دارومدار تعليم تي آهي. اسان کي اهڙي تعليم جي گهرج ناهي، جيڪا اڌ ڪچي اڌ پڪي هجي. ان مان ڪاوڙ، ڪروڌ، مايوسيون ۽ حسد پيدا ٿو ٿئي ۽ شاگرد سمجهن ٿا ته ساڻن ٺڳي ٿي وئي آهي. هونئن تعليم ته دان آهي، خيرات آهي. جيڪو مليو، تنهن تي راضي رهو، وڌيڪ نه گهرو. نه منجهس گهرائي آهي، نه اڳتي جي سوچ. فقط جاگرافي جي حدن ۾ قيد. ڪتابي پڙهائيءَ سان شروع ٿئي ٿي، ڪتابن تي ئي پوري ٿئي ٿي. ميڪاوليءَ جي نظرئي موجب پئي هلي. مدي خارج ۽ ڪاغذي ڊوڙ ۾ ئي پوري، پرگؤري جي گريجوئيٽ ٿيڻ تي گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ هڪ گريجوئيٽ ته آيو، ۽ ظاهر آهي، پيءُ جي خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو ڪونه هو. اها خوشي، اهو ناز ان ڪري به وڌيڪ پئي ٿيو، جو منهنجي پنهنجي تعليم تمام ٿوري هئي ۽ جيڪي ڪجهه مون سکيو، سو دنيا جا ڌڪا ٿاٻا کائي سکيو. جتي مليو، جيڪي مليو، سو ميڙي سهيڙي پئي پانڌ ۾ وڌم.
انهن ڏينهن ۾ هڪڙي صلاح جُڙي آيم. هونءَ ته منهنجي هر سوچ هر لوچ هندستاني آهي، پر خيال آيم ته گؤريءَ کي ڇو نه جنيوا ۾ داخلا ڏياريان. اها رٿ اوچتي هئي. مون جهڙي ماڻهوءَ جي مزاج جي بلڪل ابتڙ هئي، پر پوءِ به مون سوچيو ته گؤريءَ جي زندگي کي هڪ نئين موڙ جي ضرورت آهي. ان ڪري، اسان هن کي مانٽريوڪس ۾ واقع اسڪول انسٽيويٽ ويلا پئاريفيو(Institue Villa Pierrefeu) ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. اسڪول جي پرنسپال ميڊم وائيواني نيري (Madam Viviane Neri) سٺي ساک رکندڙ آهي ۽ گوري اتان ئي سکيا وٺي ٻاهر نڪتي. توهان جيڪڏهن مون کان پُڇندؤ ته آخر اها ڪهڙي لاچاري هئي ته ايتري ساري رقم خرچ ڪري، رڳو ان لاءِ ٻار کي ٻاهر موڪلجي ته هوءَ اتي وڃي ڪيلا ڇلڻ، ۽ هٿ ۾ ڪانٽو ۽ ڇُري جهلڻ جا هنر سکي، ته مان جواب ڏئي نه سگهندس. پر گؤري جي شخصيت ٺاهڻ ۾ ان اسڪول چڱي مدد ڏني. اوڀر ۽ اولهه جي ڪلچر جي ميلاپ ۽ انهن ٻنهي مان لاڀ پائي گؤريءَ گهڻو ڪجهه پرايو. اسان جا دوست ڪمل ۽ پرڪاش هندوجا جنيوا ۾ رهندا آهن ۽ انهن واعدو ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت پئي ته هو ضرور ڪندا.
سئٽزرلينڊ ۾ ٻيا سنڌي به رهندا هئا. سينٽ مارٽين جون ٻه جاڙيون ڀينر، شانو ۽ شالني ته سندس پڪيون ساهيڙيون ٿي ويون، ۽ اڳتي هلي صلاح بيهاريائون ته گؤري سندن ڀاءُ اجئه جي لاءِ مثالي جيون ساٿي ٿيندي.
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو. ڳالهه منجهان ڳالهه ٺهندي رهي، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن وينا ۽ مان جهاز ۾ چڙهي ڪئريبين ڏانهن راهي ٿي وياسين.
اجئه ۽ گؤريءَ جي شادي ٿي وئي آهي. گؤريءَ جو نئون نالو آهي هنيشا. ٽي پٽ اٿس: نيليش، امر ۽ هريتڪ. شاديءَ جي هر ڳالهه ڏاڍي آرام سان ائين ٿي گذري جو پتو ئي نه پيو. لکيا ائين ئي ٿيندا آهن.
منهنجيءَ هن ڌيءَ ۾ مريادا ۽ مڻيا جي کوٽ ناهي. هڪ ڀيري منهنجي جهوني دوست، سرڳواسي منوڇاٻڙيا، مونکي ٻڌايو ته جڏهن هو ۽ سندس گهرواري وديا سينٽ مارٽين گهمڻ ويا ته گوريءَ ۾ بزنيس ڪرڻ جا گُڻ ڏسي دنگ رهجي ويا. منجهس ماڻهوءَ کي موهڻ جي جيڪا ڏات مليل آهي، سا ورلي ڪنهن ٻئي ۾ هوندي. منوءَ سٺ هزارن ڊالرن جا زيور خريد ڪيا ۽ جڏهن بل ڏيڻ جي لاءِ کيسي مان ڪريڊٽ ڪارڊ ڪڍيائين ته گؤريءَ چيس” “پرواهه ناهي توهان جويلري گهر کڻي وڃو. جيڪا توهان کي وڻي سا رکو ۽ باقي رقم سميت موٽائي ڏجو.”
منوءَ چيس، “مون تي ايترو ويساهه اٿئي؟”
“جيڪڏهن مان توهان تي ڀروسو نه ڪنديس، انڪل،” گؤريءَ وراڻيو، “ته پوءِ ٻيو ڪنهن تي ڪنديس؟” جڏهن هو موٽي دبئي آيو، تڏهن مون کي چيائين، “رام، توتي سچ پچ ايشور جي وڏي ڪرپا آهي؟” مون وراڻيو، “مون کي ڄاڻ آهي.” اهي ڳالهيون مونکي پاڻ تي ناز ڪرڻ سان گڏوگڏ نماڻو پڻ ڪنديون آهن. هتي مون کي هڪ ننڍڙو واقعو ٿو ياد اچي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن گؤري سينٽ مارٽين ۾ وڃي گهر وسايو هو. هيءَ اها ڇوڪري هئي، جنهن ڪڏهن به پنهنجي تن تي هڪ زيور به نه پاتو هو، پر هاڻي هوءَ جويلريءَ جي ننڍڙي سلطنت جي مالڪ هئي. هن کي ته تور ماپ جي به خبر ڪانه هئي. رتيون، تولا، ماسا، گرام سندس سمجهه کان ٻاهر هئا. پر هاڻي اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي هيرن جي سمنڊ ۾ ترندي ڏٺائين. ايتري ساري دولت، موتي، مڻيا، هيرا ۽ جواهر ڏسي به هن جي طبيعت ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ها، ايترو سو ٿيو جو کيس قيمتي پٿر وڻڻ لڳا. جيتوڻيڪ هوءَ آهستي آهستي بزنيس جا گُر سکندي وئي، پر ان هوندي به هوءَ سنڌي ڏڻن وارن ملهائڻ ۾ سڀ کان اڳري رهڻ لڳي هئي. خاص طور سنڌي سال جو پهريون ڏينهن “چيٽي چنڊ” هن جي ئي ڪوشش سان پهريون ڀيرو ڪئريبين ٻيٽن تي ملهايو ويو. ٻيٽ تي سڀ کان ننڍي ڄمار واري ڇوڪري هئڻ ڪري، ايڏو وڏو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر پنهنجي گهرواري، اجئه ۽ سس ۽ سهري، ورکا ۽ ديالداس، جي پوري پوري سهائتا سان هن اهي ڪمال ڪري ڏيکاريا جو گهڻن جو من موهي وڌائين. اڄ ڪئريبين ۾ ڪو به فنڪشن گؤريءَ جي صلاح کان سواءِ اڻ پورو ليکيو ويندو آهي. ڀلي ته اهو ڪنهن جو جنم ڏينهن هجي يا سالگرهه يا وري جاتيءَ جو ڪو فنڪشن سمورو ڪم گوريءَ جي حوالي ڪيو ويندو آهي.
مون کي هڪ ڀيري ڏاڍي خوشي گاڏڙ حيرت ٿي، جڏهن گؤري کي رام بخشاڻيءَ جي ڌيءَ بدران مونکي هنيشا جي پتا طور سڃاڻپ ڪرائي وئي. ان ڏينهن مونکي پڪ ٿي وئي ته اسان جا لايا سجايا ٿيا آهن. جنهن سمجهداري سان هوءَ ماڻهن جي خطن يا فون جا موٽائي جواب ڏئي ٿي يا ڪنهن کي سندس معمولي چڱائي جي بدلي مهرباني چوي ٿي، يا ٻين سان همدرد ۽ هڏ ڏوکي ٿئي ٿي، ته انهن سڀني ڳالهين جي ڪري کيس ڏاڍو پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪو به تهوار، ڏڻ، موقعو يا فنڪشن گؤريءَ کان سواءِ ٿئي، سو سوچي به نٿو سگهجي. ڪنهن به پيءُ جو جيڪڏهن هڪ ٻار سُکي آهي، پنهنجي گهر ۾ آسودو آهي، ته پيءُ پاڻ کي ڀاڳوان سمجهندو آهي. جن جا ٻه ٻار خوش هجن، سي پاڻ تي ايشور جي ديا سمجهن. پر جڏهن ٽن جا ٽيئي ٻار هر فڪر کان آجا، هر چنتا کان دور ۽ سکيا سهنجا هجن، ته پوءِ سواءِ ان جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي ته آسمان ڏانهن منهن ڦيري، آهستي سان چئجي، “ڌنيواد!”
چوندا آهن ته تاريخ پاڻ کي دهرائيندي آهي. اوچتو چيتنا به پاڻ کي پنهنجيءَ وڏي ڀيڻ واريءَ جاءِ تي بيٺل ڏٺو. چيتنا ڏاڍي شرميلي، خاموش، اڪيلي ڇوڪري هئي. تمام گهٽ گهرندي هئي، ان ڪري اڪثر کيس نظر انداز ڪيو ويندو هو. پر پوءِ جڏهن وقت اچي پهتو، تڏهن سندس اندر ۾ ويٺل هڪ بهادر ناري جاڳي اُٿي.
مان هميشه ان خيال جو رهيو آهيان ته مائٽ پنهنجي اولاد کي تعليم کان وڌ ٻي ڪا سوکڙي ڏئي نٿا سگهن. مائٽ امير هجن يا غريب، پر پنهنجي حال ۽ حيثيت آهر کين ٻارن کي تعليم ضرور ڏيڻ گهرجي. لفظ تعليم رڳو پڙهڻ کي چوڻ وڏي ڀُل ٿيندي. ان جي معنيٰ ۽ مطلب کي اوچي ۽ اونهي انداز ۾ وٺڻ گهرجي. عورتون پڻ تمام وڏيون دانشور ٿي سگهن ٿيون. کين پنهنجي مقرر ڪيل ماڳ کان هٽائڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي جو عورتون اُن سماج ۾ وڌيڪ ڪامياب آهن، جتي کليءَ دل سان کين تعليم ڏني ويندي آهي. يو.اي.اي. جو مثال ئي کڻي وٺو. هت عورتن جي نه رڳو اهميت آهي، بلڪ ان اهميت کي ذهن ۾ رکندي هو نه رڳو نتيجا ٿيون ڏين، بلڪ سٺا نتيجا ٿيون ڏين. يو.اي.اي. اهو ملڪ آهي، جنهن عورتن کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت کان گهڻو اڳتي وڃي کين اها تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سهوليتون پڻ حاضر ڪري ڏنيون آهن. ان ڪري شاديءَ ۽ تعليم جي اڻ-برابريءَ واري مقابلي ۾ اڪثر شاديءَ جي ڀيٽ ۾ تعليم گوءِ کڻي ويندي آهي.
هن ڀيري پڻ اسان ممبئيءَ جي باري ۾ سوچيو، پر لڳو ته هاڻي حالتون ساڳيون نه رهيون آهن، پهريون ته ايشوري پنهنجين مجبورين جي ڪري ايڏو گهڻو وقت ممبئي ۾ رهڻ کان لاچاري ڏيکاري. ڪٽنب کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۽ وينا کي ممبئي موڪلڻ جي ڳالهه مونکي بنهه نه وڻي. اين.آر.آءِ جو پراڻو معاملو ٻيهر جاڳي اُٿيو هو ۽ هنن جي حقن لاءِ اسان هڪ دفعو وري پهاڙ سان مٿو ٽڪرائي رهيا هئاسين. اڳيان ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه هو. 25 ملين هندستاني ملڪ کان ٻاهر رهي هاءِ گهوڙا ڪري رهيا هئا، پر اڳيان به رڍن اڳيان رباب وڄائڻا هئا. ڪا به شنوائي ڪانه ٿي ٿي. حاسد ۽ ساڙولا ماڻهو کين ڪا به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نٿي ٿيا.
ڪرڻي اها ٿي جو هڪ رات منهنجي ملاقات پنهنجي دوست ڪشن ڄيٺواڻيءَ سان ڪنهن ڊنر تي ٿي وئي. هن سان گڏ سندس ڌيءَ پريا به هئي، جنهن اڃا تازو رچمنڊ (لنڊن) ۾ ڪاليج جي تعليم پوري ڪئي هئي. مونکي پريا جي هوشياري، سمجهه ۽ ڄاڻ موهي وڌو. ڪشن چيو ته هو پريا جي پڙهائيءَ کان ڏاڍو خوش آهي. هن ان ڪاليج جي کلي دل سان نه رڳو واکاڻ ڪئي، پر زوردار سفارش به ڪئي. بس، مونکي جيڪڏهن ڪا چنتا هئي ته اها ته منهنجي ڌي ايڪانت پسند هئي ۽ اسان کي ڇڏي لنڊن پڙهائڻ لاءِ وڃڻ تي شايد راضي نه ٿئي. اهو منهنجو خيال هو. مون ساڻس ڳالهه چوري مس ته هوءَ هڪدم تيار ٿي وئي. پيئر ويچارا پنهنجن ٻارن جي اندر جي اونهائيءَ کان هميشه اڻ ڄاڻ رهندا آهن. منهنجي خيال ۾ اسان پنهنجن ٻارن جي معاملي ۾ پاڻ ايترا ته فڪرمند هوندا آهيون، جو کين سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهيون.
جلد ئي هوءَ تيار ٿي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ لاءِ لنڊن رواني ٿي وئي. جيئن چارلس لئمب چيو آهي ته “علم جي گهارين” مان گذرڻ لاءِ تياري گهرجي، تيئن سندس محنتي طبيعت به کيس علم جي گهارين مان پار اُڪاري وئي. هوءَ جڏهن موٽي آئي، تڏهن وڏي شان سان “آنرز” ڪري موٽي. اسان کي لڳو ته اسان سندس نالو “چيتنا” هروڀرو ڪونه رکيو هو. هوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکي آئي. وينا جي سوٽ وشي ڀارواڻي ۽ سندس گهر واريءَ پريا سندس لنڊن ۾ ڏاڍي مدد ڪئي.
جڏهن واپس آئي، تڏهن مون ڏٺو ته هاڻي هوءَ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو فيصلو ڪري آئي آهي ۽ اهو فيصلو هو پنهنجي جاتيءَ جي سيوا ڪرڻ جو. مون ته ائين پئي سمجهيو ته منهنجي ڌيءَ ۾ ٿوري ٿوري بغاوت جي جهلڪ به پئي نظر آئي، پر اها بغاوت نه، سندس اعتماد ۽ پڪو پهه هو. هن کي پنهنجين جڙن ۽ بنياد ۽ سڃاڻپ جي احساس پهاڙ جيان پختو ۽ اڏول بنائي ڇڏيو هو. هوءَ هاڻي ته پنهنجي آدرشن لاءِ بحث ڪرڻ کان به ڪونه پئي ڪيٻائي.
مون کي سندس اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. هوءَ ٻين کان مختلف ضرور هئي، پر هئي ساڳئي خيال رکڻ واري، پرگهور لهڻ واري ۽ پاڻ تي ڀرسو ڪرڻ واري. منهنجي سينيئر ساٿيءَ، دادا رام پنجواڻيءَ، جيڪو سنڌي جاتيءَ جو سڀيتائي سفير سڏيو ويندو هو، تنهن هڪ لڱا چيو هو ته اسان سنڌين جي جسم جي به هڪ ٻولي ٿيندي آهي، جيڪا ڳالهائڻ کان سواءِ سڀ ڪجهه ٻُڌائي ڇڏيندي آهي. اسان جي اها جسماني ٻولي (Body Language) ئي اسان کي هڪ ڌار حيثيت ڏئي ٿي. اسان جي ڳالهائڻ واري لهجي ۽ اشارن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه سمايل آهي، جيڪا فقط ٻيو سنڌي ئي سمجهي سگهي ٿو. پنهنجائپ جو اهو احساس، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجون، اسان کي آڻي هڪ ٻئي جي ويجهو بيهاريندو.
چيتنا کي هميشه ٻارن سان پيار هوندو هو. هر عمر جا ٻار کيس چاهيندا هئا ۽ هوءَ به مٿن اول گهول پئي ويندي هئي. ان ڪري هن وڏي شوق سان مانٽيسوري ڪورس کنيو. ڪورس پورو ڪرڻ کان پوءِ وڃي هڪ مانٽيسوري اسڪول ۾ نوڪري ڪيائين. پئسن ڪاڻ نه، پر رڳو پنهنجي دلي لڳاءَ ۽ سڪون خاطر. ننڍڙن ٻارڙن سان پنهنجي تجربي کي ونڊڻ جو ان کان وڌيڪ سٺو موقعو کيس ٻيو نه ملي ها. جواب ۾ کيس مليو صبر، همٿ ۽ ٻارن کي سمجهڻ ۽ سندن گهرجن جي پرائي ڪرڻ وارو ڏانءُ. مان بي خوف ٿي چئي سگهان ٿو ته هن نه رڳو ٻارن سان پنهنجي ٽريننگ دوران پيار ۽ هڪ جهڙائيءَ جو ناتو جوڙي ورتو، پر پاڻ کي به هڪ ماءُ ٿيڻ لاءِ تربيت ڏئي ڇڏيائين.
اڄ چيتنا، بنٽيءَ جي جيون ساٿي آهي. بنٽي دبئي ۾ لوهه جو ڪاروبار ڪندو آهي. کين هڪ ڏاڍي پياري ڌيءَ جانوي آهي. جنهن نموني سان سندس پالنا ٿي رهي آهي، ان کي ڏسي ڪو به چئي سگهندو ته هوءَ سمجهو ۽ سلڇڻي ٿيندي. مون کي پنهنجي ڌيءَ چيتنا کي ڏسي بي انتها خوشي ٿي. اُن ڪري جو هن پنهنجي ننڍپڻ جي خاموشي ۽ شرميلي پڻ کي ٽوڙي، پاڻ کي بلڪل هڪ نئون انسان بنائي ڇڏيو آهي. مون ٻه دفعا حالتن کي قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن کيس وڻي تيئن منهنجي تقدير لکي ۽ قسمت ٻئي دفعا مون تي مهربان ٿي آهي.
مون گهڻا ئي حيلا هلايا ته منهنجا ٻار هندستان جي وايومنڊل ۾ ئي رهن ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻي، ريت رسم کان پاسو نه ڪن، پر وري به قسمت منهنجي غلط فهمي کي دور ڪرڻ لاءِ مون کي سبق سيکارڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي. ڀل ته تازي هوا گهلي. ڇو ته جي ٻار اٽل ارادي وارا هوندا، سگهارا هوندا ۽ سندن پالنا سٺي ماحول ۾ ٿي آهي، ته پوءِ هو سَرَ جي ان ڪاني جيان ٿيندا، جيڪو تيز هوائن ۾ جهڪي ته ويندو، پر ٽٽي نه سگهندو آهي. ڀل ته طوفان اچن، هن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيندو. منهنجي لاءِ اهي ويچار ڀلائي جو ڪارڻ بنيا آهن ته منهنجو تاريخ، سڀيتا ۽ ورثي ۾ پڪو ڀروسو آهي. منهنجون ڪڪيون منهنجي ويچارن جي پاڇي ۾ پليون آهن. جيئن جيئن وڏيون ٿيون آهن، تيئن تيئن هنن ڪجهه ڪجهه پنهنجيءَ گلوبل شخصيت جو رنگ به منهنجي ڏنل تربيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو گهڻ-پاسائين شخصيت جون مالڪ آهن.
ناني جو ڪردار نباهيندي، مونکي ڏاڍو مزو ايندو آهي. لڳندو به سچو پچو نانو آهيان. مون وٽ ايندي ٻارڙي ڏاڍيون ريهون ڪندي آهي، پر کيس ٿورو سمجهه ڀريو ٿيڻ ڏيو. مون کان سواءِ کيس ٻيو ڪو ئي ڪونه وڻندو.
هاڻي اچون ٿا ريکا تي. منهنجي سڀ کان ننڍي ڌيءَ، سڀن جي لاڏلي. ٿوري کيچلي. ٿوري چلولي، ننڍڙي هجڻ جو واهه جو فائدو ورتائين. شروع کان ئي پنهنجي هر ڳالهه مڃائڻ جو هنر سکي وئي. وڻندڙ هئي. موهيندڙ ادائن سان دل جيتڻ ته ڪو کانئس سکي. اسان مان ڪنهن کي به کيس انڪار ڪرڻ جي مجال ئي نه ٿيندي هئي. توهان سمجهندا هوندؤ ته اهڙين حالتن ۾ هوءَ هڪ اڻانگو ٻار ئي ٿي هوندي. ائين ناهي. بلڪل ان جي ابتڙ، هوءَ هڪ پيارو ٻار ثابت ٿي. ڏاڍي هوشيار هئي. ننڍي هوندي کان هڪ ئي ڌُن سندس سر تي سوار هوندي هئي: وڪيل ٿيڻ جي. جهڙو تهڙو وڪيل به نه، فوجداري وڪيل (Criminal Lawyer) ۽ هن ۾ اهي سڀ گُڻ موجود هئا.
اسان پڇندا هئاسونس، “وڪيل ٿيڻ ڇو ٿي چاهين؟”
ڏاڍي آرام سان وراڻيندي هئي، “انسانن جي سيوا ڪرڻ ٿي چاهيان.”
ٻيو ڪو اهو جواب ڏئي ها ته جيڪر ٻاراڻي يا بيوقوفي جي ڳالهه سمجهي لنوائي ڇڏجي ها. پر هوءَ ايتريءَ ته ٺهر ۽ اعتماد ۽ ڀروسي سان جواب ڏيندي هئي جو اسان جا ڪيترائي دوست سندس ايمانداري ۽ سچائي ڏسي چپ ٿي ويندا هئا.
اها ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي جو ٽيون دفعو مون کي ساڳئي تجربي مان گذرڻو ٿي پيو، ۽ اها ڳالهه مون کي ڪانه ٿي وڻي. ممبئي وڃڻ هڪ دفعو وري پهاڙ جيڏو مشڪل ڪم ٿي پيو. وڌ ۾ وڌ اسان پوني تائين وڃي سگهياسين، پر ان مان ڪم نه ٺهيو.
منهنجي حالت جو اندازو اُهي مائٽ چڱيءَ طرح لڳائي سگهندا، جن کي خبر هوندي ته سندن ٻار هوشيار ۽ لائق آهي ۽ کيس اهو ڪجهه ملڻ گهرجي، جنهن جي هو چاهنا ڪري ٿو. پر هو اهو پائي ان ڪري نٿو سگهي جو سندس اميد ۽ ماڳ جي وچ ۾ سسٽم جي ديوار اُڀي آهي. جيڪا هر آس تي نراشا جو پاڻي ڦيري ڇڏيندي آهي. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڇا ڇا نه ڪيم، پر پاڻ کي دکي ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ڪري نه سگهيس.
خوشقسمتيءَ سان هاڻي دبئي ۽ شارجا ۾ به ڪافي ڪاليج کلي ويا هئا. تعليم حاصل ڪرڻ هاڻي ڪو وڏو مسئلو ڪونه رهيو هو، پر جنهن ڳالهه ماريو ٿي، سا هيءَ ته قانون پڙهائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هو. هندستان ۾ ته ڪو ڪلياڻ ڪونه ٿيو، البت دبئي جي بدليل حالتن وري به ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو.
سو ريکا ‘امريڪن يونيورسٽي آف دبئي’ ۾ داخلا ورتي ۽ بزنيس ائڊمنسٽريشن پڙهڻ لڳي. پيسي ڏوڪڙ جي ته گهرج ڪانه هئس، پر اندر ۾ اُمنگ هيس ته ڪنهن نموني جنتا جي ڀلائيءَ جو ڪو ڪم ڪريان. پنهنجا ڪافي ڪريڊٽ ٽرانسفر ڪرائي ڪنيڪٽيڪٽ اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ موڪليائين ۽ سندن ٻن سالن جو ڪورس چائلڊ سائڪالاجيءَ ۾ ڪيائين. سڄي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آئي. وڏي شان مان سان گرئجوئيشن ڪيائين ۽ پوءِ سفوڪ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ وئي.
روائئي تعليم سان سرشار، هن شاندر ٻار وري ٻيهر دبئي ڏانهن قدم رکيا. جڏهن دنيا هن لاءِ صرف لفظي طاقت کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. ان کانپوءِ هوءَ پنهنجي ڪم ۾ غلطان (Immersed) ٿي وئي ۽ پنهنجي زندگي جي روز مره جي چيلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪيائين. هوءِ پنهنجي زندگي ڏانهن موٽي آئي ۽ حوصلا افزائي سان اهڙو ڪم ڪيائين، اهو ڪو وڏو ڏکيو ڪم ته نه هو. هن دبئي واري شارجا شهر جي هڪ خانگي اسڪول جي ڪائونسلر واري نوڪري حاصل ڪري ورتي.
ان کانپوءِ هوءِ آمريڪا ۽برطانيا جهڙن ملڪن سميت وڏين تعليم فرمن سان ڪم ڪندڙ دبئي جي هڪ ٻي تعليمي اداري جيمز گروپ(Gems Group) جي ڪائونسلر بڻي. تنهن کانسواءِ هڪ اڪيچار ڀيرا ريڊيو ۽ ٽي وي شوز ۾ مختلف موضوعن خاص طور تي والدين جي موضوع تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ به مدعو ڪئي وئي. جتي هن بهترانداز م پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
هن هاڻي، هڪ آمريڪي معاشي ماهر ، رميش ميرپوري سان شادي ڪري ورتي آهي. جنهن جو خانداني ڪاروبار ورهين کان آمريڪا جي گرينڊ ڪيمن جزيري جي پاسي کان هلندڙ آهي.
اهو 2006ع وارو سال ئي هو. جڏهن اسان رميش سان مليا هئاسين. وينا ۽ مان ، گوري ۽ ريکا رائل ڪيريبين جي سفر تي نڪتا هئاسين. اسڪيج وي ڪال جو هڪ بندرگاهه آهي. جتي اسان جو رميش سان ملڻ جو اتفاق ٿيو. جيڪو تن ڏينهن پنهنجي خاندان جي ڪاروبار ۾ مصروف هو. ريکا ۽ هن سال جي پڇاڙي ۾ شادي ڪري ورتي. گوري ۽ اجي وري، هندستاني روايت مطابق، ريکا جي ماءُ ۽ پيءُ جو ڪردار ادا ڪندي، ڪنيادان (Kanyadan)ڪيو.
ريکا، بطور هڪ گهريلو گهرواري ءَ جي ، پنهنجي خوبصورت ننڍڙي گڏي ڌيءُ دِويا (Divyanas) ۽ پُٽُ دهر(Dhir) سان گڏ خوش گذاري رهي آهي. جڏهن ته هن پنهنجي ڊاڪٽوريل واري تعليم کي جاري رکڻ جو پڻ پروگرام جوڙي ورتو آهي. اسان کي اميد آهي ته هن جو مڙس هن جي زال، ماءُ ۽ نوڪري ڪندڙ عورت واري ڪردار کي مثبت انداز سان قبول ڪندو. اسان ڀلي ڀاڳ وارا ئي آهيون، جو رميش منهنجي ڌيءُ جي هر ڪم جي هرطرح سان حمايت ئي ڪري ٿو.
وينا ۽ مان ائين به محسوس ڪريون ٿا ته اسان ٻنهي والدين طور پنهنجون سموريون ذميواريون سُٺي طريقي سان سرانجام ڏنيون آهن. منهنجون ٽي ڌيئرون پنهنجي اصل زندگي جون مالڪ بڻجي ويون آهن ۽ اسان خدا جو شڪر گذار آهيون، سندس اهڙي مهرباني جا. هڪڙو ماڻهو ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهري سگهي ٿو ته هن کي هڪ پيءُ ۽ مڙس طور ثواب جو اجورو ملي ٿي سگهي.
آخر ۾ مان ڀانيان ٿو ته مون کي هاڻي هن باب کي ختم ڪرڻ کي گهرجي. مان چانهه پيان ٿو ۽ ان جي ڀرپور مزو وٺي رهيو آهيان. سج جا ڪرڻا به ائين تڪي رهيا آهن. ڄڻڪ اهي منهنجي خيالن ۾ مون سان شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجن.
*