ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب ”سنڌيڪا سنڌي گرامر“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
گرامر، ڪنهن بہ ٻوليءَ جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ جي مقرر طريقي جو نالو آهي. جنهن جي ڄاڻ هجڻ تمام ضروري آهي. گرامر ٻولي جي سونھن ۽ سينگار آهي. افسوس آهي جو موجودہ دؤر ۾ اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اڄ اسان جو نوجوان پنھنجي پياري زبان جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو، جيڪو اسان جي ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار آهي. دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.
ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. مھربانيون محمد قاسم سومري جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي ايميل ڪئي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ