Self-Sufficient ٿيڻ!
ملاڪا (ملائيشيا) ۾ نوڪريءَ لاءِ پھچڻ تي اسان جي هم وطني دوست (جهازن جي چيف انجنيئر) آصف غيور کي جيڪو بنگلو مليو، ان ۾ پھرين رهندڙ ملئي همراهه _ پروفيسر قاسم وٽ جام ڪڪڙيون هيون. ويندي وقت ٻئي سامان سان گڏ ڪڪڙيون ته کڻي ويو، باقي ڪاٺ جا ٻه ٽي وڏا قدِ آدم پڃرا نشانيءَ طور ڇڏي ويو، جيئن اسان وارو پاڪستاني يار آصف چاهي ته گهر جي ڳنڌڻ لاءِ انهن ۾ ڪڪڙيون پالي.
آصف کي جڏهن خبر پيئي ته کيس اهو قاسم وارو گهر مليو آهي ته هن کي خوشي بنھه نه ٿي. مون سان ڳالهه ڪيائين ته ان پاسي وارن ٻنهي گهرن ۾ ڪڪڙين ڪري نانگن جي ڏاڍي اچ وڃ آهي. نانگ، ڏيڏرن، ڪوئن، ڪڪڙين جي ٻچن ۽ آنن تي ڏاڍو ٿا اچن. ڪي ڪي وڏا نانگ (Pythons) ته وڏيون ڪڪڙيون به ڳڙڪايو وڃن.
ڀر واري ڳوٺ ’ڪئالا سنگائي باروءَ‘ جي هڪ ڪڪڙين جي واپاريءَ_ جنھن وٽ ڪڪڙين جو وڏو فارم آهي ۽ ملاڪا شھر جي ”ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن“ وارن کي به ڏهاڙي سپلاءِ ڪري ٿو _ ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ جيتري ڪڪڙين پالڻ جي سھولت آهي اوتري سندن نانگ بلائن کان پرگهور ڪرڻ ڏکي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته وڏا نانگ ٽيھه ٽيھه وڏيون ڪڪڙيون ڳڙڪايو وڃن. رات جو سمهڻ مھل به خبردار رهڻو پوي ٿو ته جيئن ڪو اهڙو نانگ اچي ته بانٺن سان ڀڄائي ڪڍجيس. ننڍا ننڍا نانگ وري درن جي سيرن ۽ ڇتين جي ڳڙکن ۾ به ڪاهيو پون. پوءِ گهر جي ننڍي يا وڏي ڀاتيءَ جو مٿن پير اچڻ تي هو ڏنگيو رکن. ڪي ڪوبرا قسم جا نانگ چڪ هڻڻ سان گڏ زهريلي گيس جو ڦوهارو پڻ هڻن ٿا. ان ڪري نانگ کي سنهي ڄاري واري لوڙهي پويان بيھي به نه ڏسجي.
آصف ٻڌايو ته قاسم _ جنھن جو گهر کيس ملي رهيو هو، هڪ دفعي اهڙوئي واسينگ نانگ ماريو ٿي ته هن گئس جو ڦوهارو کڻي اکين ۾ هنيس. ٽي مهينا کن هو اکين جو علاج ڪرائيندو رهيو. پر اهو به شڪر ته خير ٿي ويو ۽ وڏي نقصان کان بچي ويو.
آصف نيٺ جڏهن قاسم جي گهر شفٽ ٿيو ته پھرين مزورن کي گهرائي قاسم طرفان تحفي ۾ ڇڏيل ڪڪڙين جا پڃرا کڻارائين ۽ پوءِ گهر جي اڳيان پويان نه فقط ڇٻر ڪترائي ننڍي ڪرايائين پر چپي چپي تي بي ترتيبيءَ سان هيڪاندا گهڻا لڳل ٻوٽا ۽ وڻ ٽڻ لاهن سميت پٽرائي صاف ڪرايائين. ”ملئي ماڻهن کي ٻوٽن ۽ وڻن جو ڏاڍو شوق آهي.“ آصف چيو. ”ڪيلو، پپيو، ڪٺل، مرچ، واڱڻ جھڙيون شيون جڏهن مارڪيٽ ۾ به سستيون ۽ عام ملن پيون ته اهڙا وڻ ۽ ٻوٽا ڇو ويھي گهر ۾ هڻجن.“
سندس هڪ پاسي ملئي همراهه انچڪ خميس جو گهر هو. (انچڪ معنيٰ مسٽر يا جناب ۽ ’خميس‘ هتي مردن جو تمام عام نالو آهي، جيڪو خميس جي ڏينھن تان کنيل آهي. جيئن پاڻ وٽ آچر، جمعو يا خميسو نالا ڏينھن تان ورتل آهن.) انچڪ خميس کي اڃا اتي ئي رهڻو هو، ان ڪري سندس صحتمند ڪڪڙين جا ڌڻ به اتي ئي موجود هئا. باقي ٻئي پاسي رهندڙ ملئي همراهه: انچڪ الياس پنھنجو گهر خالي ڪري قاسم وانگر ڪڪڙين جا پڃرا نئين ايندڙ همراهه لاءِ ڇڏي ويو هو. سندس گهر ڪجهه ڏينھن بعد اسان وانگر آيل ڪنھن فارينر: برمي، انڊين، سنگاپوري، پاڪستاني يا سلونيءَ کي ملڻو هو.
آصف چيو: ”آئون ته کڻي ڪڪڙيون نه ڌاريان پر منھنجو هي ملئي پاڙيسري خميس جيسين هوندو، تيسين سندس ڪڪڙيون رهنديون ۽ نانگ بلائن جو خوف پڻ هميشه رهندو _ خاص ڪري رات جو ٻار ٻاهر کيڏي نه سگهندا.“
چيومانس: ”استاد هينئن ڪر. خميس کي ته في الحال ڇڏ. ٻي پاسي واري خالي ٿيل الياس جي گهر ۾ رکيل ڪڪڙين جا پڃرا به ڪڍرائي ڇڏ. ڇو جو ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙو انڊين، پاڪستاني، انڊونيشي يا ٿائي جهازن جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر اچي ان گهر ۾ رهي جيڪو پڃرا ڏسي ڪڪڙيون پالڻ شروع ڪري ڏي ته ماڳھين ڊبل مصيبت ٿيندءِ. پوءِ هن جي اچڻ بعد کيس تون ڪڪڙيون پالڻ کان جهلي به نه سگهندين.“
آصف کي ڳالهه وڻي. سو ساڳين مزورن کي گهرائي ڀر واري گهر پويان رکيل ڪڪڙين جا ڪاٺاڻا پڃرا، پاڻي ۽ ڏاري لاءِ رکيل ٺڪر جا ٿانو _ سڀ ڪجهه اڇلارائي ڇڏيائين. مزور به خوش ٿيا ته مزوريءَ کان علاوه ڪاٺ جو چڱو سامان ۽ ڄاري ملي ويئي. گهر سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري هو ٽرڪ يا لاريءَ بدران ٻيڙي ڪاهي آيا ۽ ڪڪڙين جا ٺھيل ٺڪيل پڃرا ان ۾ رکي کڻي ويا.
ڪجهه ڏينھن بعد آصف جو اهو ڀر وارو خالي گهر انڊيا کان آيل ڪرسچن ڪئپٽن رين ريگو کي مليو. اها خبر ٻڌي آصف کي خوشي ٿي، ڇو ته ريگو ۽ سندس زال لاءِ سندس ملڪ جي ڪئپٽنن ٻڌايو ته هو به آصف وانگر صفائيءَ جا متوالا آهن. ڪڪڙيون پالڻ ته ڇا، گهر جي پوئين پاسي وارو حصو هنن سمنڊ جي ڪناري تائين صاف سٿرو ڪرائي ڇڏيو. ان بعد آصف پنھنجي گهر پويان آرام ڪرسيءَ تي ويھي سمنڊ کي ڏسي چوندو هو: ”ڪڪڙين جي پڃرن ۽ ڪک پن نڪرڻ ڪري هاڻ سمنڊ جو ڪيڏو نه سٺو نظارو ٿي پيو آهي. بس رڳو خميس کي مت اچي ته اهو به ڪڪڙين جو ڪم ختم ڪري ڇڏي.“
ڪجهه مھينن بعد هڪ ڏينھن آصف آفيس ۾ اچڻ سان چيو: ”هڪ خراب خبر ٻڌي اٿانوَ؟“
انڊيا جي جهازن جي چيف انجنيئر راج ببر ۽ مون هڪدم پڇيس: ”ڪھڙي؟“
”اسان وارو پاڙيسري ڪئپٽن ريگو ڪڪڙيون ٿو پالي!“
”پر تو ته چيو ته هو صفائي پسند آهي ۽ ڪڪڙين جھڙي گند کان پري ڀڄي ٿو.“ اسان پڇيس.
”اهو ته بلڪل صحيح آهي. پر گذريل هفتي هَري رايا (ملئي ٻوليءَ ۾ عيد کيHari Raya سڏين. هري معنا ڏينهن، رايا معنا وڏو ... يعني ’عيد‘) تي عيد جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ انچڪ خميس جي گهر ويو ته هن ويھي ڪڪڙين پالڻ جا کيس فائدا ٻڌايا.“
”مثال طور ڪھڙا فائدا؟“ اسان آصف کان حيرت مان پڇيو.
”سڀ کان وڏو فائدو اهو ئي ته گهر جي رڌ پچاءَ لاءِ مارڪيٽ مان گوشت وٺڻو نٿو پوي. يعني سيلف سفيشينٽ ٿيو وڃجي ۽ وقت ۽ پيٽرول جو به بچاءُ ٿيو وڃي. يعني بچت ئي بچت آهي.“
”بس؟“ ببر کلي چيو. ”آصف! هاڻ تنھنجا لاهه نڪري ويا. ٻنهي پاسي وارن گهرن جون ڪڪڙيون کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ نانگ بلائن جون ڪانفرنسون ۽ گڏجاڻيون تنھنجي ڇٻر تي ٿينديون.“
”اهي ته ٿينديون ئي ٿينديون پر آصف کي هڪ فائدو ضرور رسندو ته پنھنجن پاڙيسرين سان گڏ پاڻ به Self Sufficient ٿي ويندو.“ مون راز جي ڳالهه ٻڌائيمانس.
”اهو ڪيئن؟“ ببر پڇيو.
”بس هڪ ڏينھن هڪ پاڙيسريءَ جي ڪڪڙ چورائي پيو کائيندو ته ٻئي ڏينھن ٻئي جي.“
ان تي آصف به کلي چيو: ”هاڻ واقعي ائين ئي ڪرڻو پوندو.“ پوءِ آصف جھاز هلائڻ وارن ڏينھن جي هڪ ڳالهه ٻڌائي، جڏهن هو جھاز تي جونيئر انجنيئر هو.
”شروع وارو عرصو _ سال ڏيڍ مون هڪ ننڍي جھاز تي گذاريو،“ آصف ٻڌايو، ”ھن جهاز جي روٽ ڊگهي هجڻ بدران هتي ئي پاڙي پتيءَ ۾ ئي رهي ٿي. يعني هڪ پاسي گوادر، پسني، دبئي، عدن ۽ دوحا تائين ويندو هو ته ٻئي پاسي بمبئي، ڪولمبو، مدراس، چٽگانگ تائين. ٿورن ڏينھن جي سفر ڪري ڪمپني فروزن (ٿڌو) گوشت سپلاءِ ڪرڻ بدران سئو، ڏيڍ سئو کن جيئريون ڪڪڙيون بٽلر کي ڏئي ڇڏيندي هئي _ جيئن اهي جهاز جي ڊيڪ تي پيون چڳن ۽ بورچي ضرورت مطابق چٽگانگ يا عدن تائين روز پندرهن ويهه کن حلال ڪري رڌيندو رهي.
”ان جھاز جو چيف انجنيئر عبدالستار صاحب ڪڪڙيون کائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. هو هميشه آخري ڏينھن تي، جڏهن جھاز لنگر کڻڻ وارو هوندو هو، هڪ هٿ ۾ آفيس جي ڪاغذن جو فائيل ۽ ٻئي ۾ ٽي چار جيئريون ڪڪڙيون جهلي، جھاز تي چڙهندو هو ۽ پوءِ جھاز جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ مھل (شايد ڄاڻي ٻجهي) ڪڪڙين کي ڦٿڪائيندو آهستي آهستي مٿي چڙهندو هو _ جيئن ڪڪڙيون دانھون ڪن ۽ جھاز جو سڄو عملو ڏسي ته ستار صاحب پاڻ سان پنھنجيون ڪڪڙيون به آڻي رهيو آهي. واقعي ان وقت هرڪو پنھنجي ڪئبن (ڪمري) جي دريءَ (Port-Holes) مان منھن ٻاهر ڪڍي کيس ڏسندو هو.
۽ پوءِ جھاز جيترو وقت سمنڊ ۾ هوندو هو، ستار صاحب روز جھاز جي ماني کان علاوه هڪ يا ٻه ڪڪڙيون ڌار پچرائي پاڻ به کائيندو هو ته ساڻس برج راند کيڏڻ وارن دوستن کي به کارائيندو هو. ڪڏهن ڪو خلاصي يا ڊيڪ آفيسر ان ڳالهه تي ڪنجهندو ڪرڪندو هو ته يڪدم چوندو هوس: ”ميان پنھنجيون آندل ڪڪڙيون پيو کان. انڌو هئين ڇا؟ ڏاڪڻ تي چڙهڻ مھل مون کي ڏٺو نه هئي ته مون پنھنجيون ڪڪڙيون آنديون هيون. اهي ئي کان پيو. سڙو ڇو ٿا؟“
”سو ان چيف انجنيئر وانگر مون کي به ڊزائين خاطر ٻه چار ڪڪڙيون پالڻيون پونديون،“ آصف غيور چيو، ”پوءِ پاڙي وارن جي ڌڻ ڪڪڙين مان روزانو هڪ يا ٻه چورائيندو رهندس ته ڪنھن کي شڪ به نه پوندو ته ڪنھن جون کٽن پيون. جي شڪ پوندن به ته نانگن ۾ پوندن ۽ نه مون ۾. اهڙيءَ طرح آئون پنهنجو پاڻ کي هميشه لاءِ Self Sufficient (خود ڪفيل) بڻائي ڇڏيندس.“
هونءَ ملائيشيا ۾ ماڻھن کي ڪڪڙين ۽ بدڪن پالڻ جو ڏاڍو شوق آهي. بدڪون گهڻو ڪري چيني پالين ۽ هو پنھنجن ڪن خاص ڏينھن تي بدڪن جي ٻوڙ جو خاص ڊش پچائين. جيئن ڪرسچن ڪرسمس ڊي تي ٽرڪي پچائين. ملئي ماڻهن جو _ خاص ڪري ڳوٺ جي رهاڪن جو زور ڪڪڙين پالڻ تي رهي ٿو. هتي ملائيشيا ۾ ڪڪڙيون پالڻ ڪو اهڙو ڏکيو يا محنت وارو ڪم نه آهي. نه ان ۾ ناڻي جي سيڙپ جي ضرورت آهي ۽ نه وري اونهاري جي گرمي ۾ ڪڪڙين جي مرڻ جو ڊپ.
ملائيشيا ۾ ڳوٺاڻا گهر _ خاص ڪري ملئي ماڻهن جا گهر ڪاٺ جا ٿين ۽ زمين کان ٽي چار فوٽ کن مٿي ڪاٺ جي ڏنڊن ۽ بانس جي لڙهن تي ٺاهين. ان جا ڪيترائي فائدا آهن. ڏينهن جو گرمي ۽ اس کان بچاءُ رهي ٿو. هوا جو گذر Circulation نه فقط مٿان ۽ ڀتين ۾ لڳل درين مان ٿئي ٿي پر هيٺان به هوا رهي ٿي. گهڻي مينھن ۽ ٻوڏ ڪري پاڻيءَ جو هيٺان ئي لنگهه ٿيو وڃي. گهر کي نه نقصان رسي ٿو ۽ نه پاڻي اندر اچي ٿو. ۽ جي گهر اهڙي هنڌ تي آهي جتي ڪيڏو به مينھن پوي ته پاڻي نه ترسي ته اهڙن هنڌن تي گهر جي هيٺان واري زمين اسٽور روم طور استعمال ٿي سگهي ٿي، جتي مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين، ڪاٺين، ڪلن کان وٺي ٻيڙين تائين بيھاري سگهجي ٿو. اها ئي جاءِ ڪڪڙين پالڻ لاءِ به ڪم اچي ٿي. پڃري يا بنا پڃري جي گهر هيٺان ڪڪڙيون رهن ٿيون. رات جي وقت ڪنھن به غير معمولي چرپر تي پٽ تي ستل ماڻهو خبردار ٿيو وڃن. يعني جيڪو گهر جو پٽ ٿيو اها ڪڪڙين واري جاءِ جي ڇت ٿي. رات جي وقت چور يا نانگ اچڻ تي ڪڪڙين ۾ ٽاڪوڙو پوڻ تي مالڪ يڪدم خبردار ٿيو وڃي ۽ ڏانٽي جھڙو ڇرو (Parang) يا بانٺو کڻي چور يا نانگ سان ويڙهه ڪري ٿو. ملئي ماڻهوءَ جو اهو ڇرو جنهن کي ’پرانگ‘ سڏين، عام طرح وڏو هٿيار آهي. بندوق يا پستول ته ڪنھن وٽ نظر نٿو اچي ۽ نه هو انهن هٿيارن جي ڳالهه ڪن ٿا. شايد ملائيشيا ۾ ڪنھن کي به ان قسم جي هٿيار رکڻ جي اجازت نه آهي.
بھرحال ملائيشيا ۾ ڪڪڙين جي رهائش جو مسئلو نه آهي. هرهڪ جي گهر هيٺان خالي جاءِ آهي، جتي ننڍڙو پولٽري فارم نظر ايندو. گهڻي مينھن ڪري پاڻي جي ريلي لنگهڻ وقت ڪڪڙيون ڏاڪڻ تي چڙهي ويھن جيڪا ڏاڪڻ چڙهي مٿي ملئي گهر ۾ اچجي ٿو. گهڻي مينھن ۽ سٺي زمين ڪري سڄو ملائيشيا ساوڪ سان جهنجهيو پيو آهي. گاهه ۽ ٻوٽن ۾ ڪئين قسمن جا گل ڦل، انهن جا ٻج ۽ ان داڻا ٿين. ڪڪڙين جي مرضيءَ تي آهي ته هو اهي کائين يا گاهه ۾ هلندڙ جيت جڻا ۽ ڪينئان وغيره. يعني هتي ڪڪڙيون پاليندڙ ماڻهن کي فقط جهنگلي جانور ۽ وڏن نانگن (Pythons) کان ڪڪڙين کي بچائڻو پوي ٿو، جيڪي ڪڪڙين ۽ انهن جي بيضن پٺيان هوندا آهن.
آئون ڏسان پيو ته ڪڪڙيون وڪڻڻ يا کائڻ کان وڌيڪ ملائيشيا جا ماڻهو ڪڪڙيون پالڻ جا شوقين آهن. جيئن اسان وٽ ڪو ڪبوتر، تتر يا طوطا پالي، تيئن هتي جا ماڻهو _ خاص ڪري پوڙهيون عورتون وندر خاطر ڪڪڙيون پالين. چڱو ٿيون ڪن. وڏي عمر ۾ پھچي ٻين جي ڳالهين ۾ رُخنو وجهڻ يا گلا ڪرڻ کان بھتر آهي ته پنھنجو وقت نماز، روزي ۽ ڪڪڙين پالڻ ۾ گذارين ٿيون ۽ پوءِ شام جو پنھنجن پوٽن پوٽين کي ڪڇ ۾ ويھاري ڪڪڙين کي چڳندو ڏسي خوش ٿين ٿيون. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هتي جون ڪڪڙيون سڄو ڏينھن پنھنجي خوراڪ پاڻ ئي ڳولين، پر هتي جي رسم يا ڪلچر موجب سج لٿي مھل ڪڪڙين کي هڪلي گهر هيٺان آڻي ان وقت مُٺِ اَنَ جي ضرور ڏين.
هتي ملائيشيا ۾ سج لٿي مھل هرڪو پنھنجي گهر ۾ گهڙي ويندو آهي ۽ سانجهي نماز پڙهي رات جي مانيءَ جي تياري ڪندو آهي. ڪڏهن ڪا ملئي فئملي گهمڻ به ايندي آهي ته سج لٿي کان ڪجهه گهڙيون اڳ “وقتو سمڀايانگ” چئي اٿڻ جي ڪندي. وقتو سمڀايانگ (Waktu Sambhayang) معنيٰ نماز جو ٽائيم. پر جي زور ڪبو ته ”هتي ئي کڻي نماز پڙهو، ايترو جلدي وڃو نه.“ ته منجهن موجود پوڙهيءَ ڏي اشارو ڪندي چوندا، ”دِيا ڪاسيح مَڪنن اَيام“ معنيٰ هن کي ڪڪڙين کي کاڌو ڏيڻو آهي. يعني اها هڪ اهڙي روٽين آهي، جنھن کان ڪنھن به صورت ۾ ڦرڻو ناهي. سج لٿي مھل ملئي ڳوٺن ۾ پوڙهيون عورتون هش هش ڪري ڪڪڙين کي ائين پيون بند ڪنديون آهن، جيئن ڪنھن زماني ۾ بجلي نه هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺن ۾ سج لٿي مھل هر گهر ۾ ڪا نه ڪا عورت ماچيس کڻي لالٽين کي ٻارڻ ۾ لڳي ويندي هئي. اڳتي هلي ملائيشيا اڃا به ترقي ڪري، گهر مغربي اسٽائيل جا بلاڪن ۽ سيمينٽ جا ٿي وڃن، ٽي ويءَ جھڙيون ٻيون وندرون عام ٿي وڃن، پوءِ ته شايد اها ڪڪڙين پالڻ جي هابي اڄ جون نوجوان ڇوڪريون پوڙهيون ٿي قائم رکي نه سگهن.