الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون آھن ڳچ

نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي: ”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن  تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳالھيون آھن ڳچ

ملاڪا شھر جو گائيڊ سان گڏ سير

ايشيا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي مختلف ٻيٽن کان، جيڪي IMO سيمينار لاءِ نمائندا، اسان وٽ ملاڪا جي مئريٽائيم اڪيڊمي ۾ آيا هئا، انهن جي لاءِ هڪڙي آچر تي ’ڪوالالمپور‘ گهمائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ هاڻ هن ٻئي آچر تي ’ملاڪا‘ شھر جي چڪر جو پروگرام رکيو ويو.
ملاڪا واري چڪر تي، ڌارين ملڪن کان آيل مھمانن سان گڏ، آئون به نڪتس. ملاڪا شھر ٺٽي، روهڙي، دهلي، بنارس جيان تواريخي شھر آهي. گذريل ٽن سالن ۾ اڪيلي سر ته ڪيترائي چڪر هڻي چڪو هوس پر هڪ گائيڊ سان گڏ گهمڻ ۾ اهو فائدو آهي ته جيڪا رهيل عمارت هجي، اها ۽ ان بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ساڳي وقت مون اهو به ڏسڻ چاهيو ٿي ته سڄو وقت هڪ گائيڊ مسافرن کي وندرائڻ لاءِ نت نيون ڳالهيون ڪيئن کوٽي کوٽي ٻڌائي ٿو. اها ته پڪ هيم ته هن گهمڻ ۾ نه فقط هڪ پڪنڪ جو مزو هو پر مختلف هنڌن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان سندن ملڪن ۽ ٻيٽن بابت پڻ خبرچار ڏيئي وٺي سگهياسين ٿي. ۽ اهي مھمان هئا وري ڪير؟ سڀ ڪنھن وقت جا جھازي هئا ۽ هاڻ پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ ڪو جھازرانيءَ جي آفيس ۾ ڪارگو سپرنٽينڊنٽ ٿي ويو هو ته ڪو جھاز سازيءَ جي ڪارخاني (شپ يارڊ) ۾ مئرين ڊپارٽمينٽ جو مئنيجر. ڪو ناٽيڪل (نيويگيشنل) سبجيڪٽ جو ته ڪو مئرين انجنيئرنگ جو ممتحن. ڪو پنھنجي ملڪ جي جھازن جي چڪاس ۽ سلامتيءَ جو اعليٰ سروير، ته ڪو اتي جي مئرين ڪاليج يا اڪيڊميءَ جو پرنسپال. ۽ اها ته پھرين ڏينھن ئي خبر پئجي ويئي هئي ته U.N.O طرفان آيل ڪئپٽن اندرجيت سنگهه، برونائيءَ کان آيل وانگ حاجي احمد، اپوح ملائيشيا کان آيل چيف انجنيئر مصطفار جھڙا جيڪي سيمينار هال ۾ ته بيحد سنجيده ٿي ويٺا ٿي ۽ لڳو ٿي ته هنن کليو ته ڇا پر سڄي زندگي ڪڏهن مُرڪيو به نه هوندو، تن هال کان ٻاهر نڪرڻ مھل سڀ کان گهڻو کل ڀوڳ ۾ حصو ورتو ٿي.
IMO جي سيمينار ۾ حصو وٺڻ وارن نمائندن کان علاوه اهي ڇوڪريون به گهمڻ لاءِ هليون، جيڪي سيڪريٽريٽ جا فرض ادا ڪري رهيون هيون_ يعني جن شارٽ هئنڊ، ٽائپنگ، فوٽو ڪاپنگ جھڙا ڪم ڪيا ٿي. انهن ۾ هڪ ويھه ٻاويھه ورهين جي ملئي ڇوڪري نور هاشيما نالي پڻ هئي. پاڻ نه فقط چرچائڻ آهي پر مڙني ۾ سھڻي پڻ آهي. ان ڪري آيل مڙني نمائندن، سيمينار هلڻ دوران، نه فقط کيس ٽيڏين اکين سان هر هر ڏٺو ٿي، پر رسيس ۽ مانيءَ جي وقفي مھل مٿس سينڍون به وڄائي ورتيون ٿي. پڪ اٿم ته تووالو، ونتائو، سولومن ۽ فجي جھڙن ٻيٽن کان آيل نمائندا _ جيڪي پنھنجي ننڍڙن ٻيٽ نما ملڪن کان سڌو هتي پھتا هئا ۽ ملائيشيا جو ڪو وڏو شھر گهمڻ بنا سڌو واپس هليا ويندا، سي فقط نور هاشيما کي ڏسي پنھنجي ملڪن ۾ ملئي ڇوڪرين جي حسن جي ڏاڍي واکاڻ ڪندا.
نورهاشيما_ جيڪا آفيس ۾ فقط ’شِيما‘ جي نالي سان سڏجي ٿي، ملاڪا هلڻ کان هڪ ڏينھن اڳ منھنجي آفيس ۾ مون کان پڻ پڇڻ آئي هئي ته آيا آئون به ملاڪا جي سير لاءِ هلندس يا نه. منھنجي حيثيت مھمان جي به هئي جو ڌارئين ملڪ کان آيل آهيان ته ميزبان جي به_ جو هتي ٽن چئن سالن کان رهيل آهيان ۽ نوڪري ڪري رهيو آهيان. مون هائوڪار ڪندي کانئس پڇيو، ”ٻيا ملاڪا وڃن ته ڀلي وڃن، پر تون ڪھڙو ڦاهو ڦڪڻ لاءِ هلي رهي آهين؟ تون ته ڄائينءَ نپنيئنءَ ئي هتي!“
”بس آئون وري مڙس ڳولڻ جي مِشن تي نڪران ٿي.“ هن کلندي چيو، ”ڪو ڇڙو سجهنئي ته اشارو ڪجانءِ ته ان کي وڃي پاسو ڏيان.“
”ڏاڍي ٻڌايئي،“ مون چيومانس. “چئبو ته ان ڪم لاءِ پنھنجي آفيس مان هلي ملي مون وٽ آئي آهين؟“
”ها. هڪ ته اهو ڪم سمجهه. ٻي ڳالهه اها ته سڀاڻي گهران اڪيڊميءَ ۾ اچي بس ۾ چڙهڻ بدران آئون گهر اڳيان ئي بيٺي هونديس. بس جڏهن اسان جي گهر ويجهو ٿئي ته ڊرائيور کي بس روڪڻ لاءِ چئجانءِ ته جيئن آئون چڙهي پوان.“
شيما جو گهر اڪيڊميءَ کان ملاڪا شھر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. گذريل سال سندس شادي پنھنجي ماسات سان ٿي هئي ته اڪيڊميءَ جا اسين ڌارين ملڪن جا ماستر (ليڪچرر) پڻ، لفافن ۾ پنج پنج ڊالر _ هتي جي رسم موجب شاديءَ جو تحفو _ کڻي سندس گهر پھتا هئاسين. پاڻ ملئي ڪنوار جي روپ ۾ سجيل هئي ۽ آيل ويل سان فوٽو ڪڍرائي رهي هئي. اسان به ماني کائي گهوٽ ڪنوار کي مبارڪ به ڏني ته فوٽا به ڪڍراياسون. ٻئي ڏينھن خبر پيئي ته شيما مڙس سان گڏ رات گذارڻ بدران سج لٿي کان اڳ ئي ٽن وڳن ۾ بس ۾ چڙهي ڪوالالمپور هلي ويئي. پاڙي پتيءَ جي ماڻهن کان خبر پئي ته هوءَ ان شاديءَ مان خوش نه هئي. مائٽن زور ڪيس ان ڪري هن هائوڪار ڪري شاديءَ جي رسم پوري ڪئي. باقي سندس عشق ڀر واري ڳوٺ جي هڪ فٽ بال رانديگر سان هو ۽ ان سان ئي هن شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
پنج ڇھه ڏينھن بعد هوءَ آفيس موٽي. هٿن تان اڃا مينديءَ جو رنگ به نه لٿو هوس. وڏي وات دنيا جھان جون خبرون ڪندي رهي. ڪنھن ٽوڪيس به ڪونه. ملائيشيا جي ماڻهن جي انگريزن وانگر اها سٺي ڳالهه آهي ته ذاتي ڳالهين ۾ دخل اندازي نٿا ڪن. سڀ ڪجهه خبر هوندي به ڪنھن نه سوال ڪيس ۽ نه وري ڪنھن شڪي ڪيس. ڪئپٽن ذوالفقار کي چيم ته شيما ڪم پاڪستاني هندوستاني فلمن وارو ڪيو آهي. پر پڇينس ته جڏهن ماسات سان شادي نه ڪرڻي هئي ته هن غريب مڙس ۽ پنھنجو پاڻ کي شاديءَ جي خرچن ۾ ڇو وڌءِ.
جواب به فلمن وارو ئي ڏنائين: “ماءُ پيءُ جي آس پوري ڪرڻ لاءِ مون شاديءَ جي رسم پوري ڪئي. باقي آئون هينئر به اهڙي Vigrin آهيان جھڙي پھرين هيس.”
کلي چيومانس: ”گهوٽ ۽ ڄاڃين سان فوٽا ته ائين پوزن ۾ ڪڍرائي رهي هئينءَ ڄڻ اهم تواريخي فوٽا فريم ڪرائي رکڻا هجنئي.“
“Tidak_Apa” (ملئي لفظ ’تداق آپا‘_ يعني پرواهه ناهي) ۽ پوءِ کلي چيائين: ”انجنيئرنگ جي ڪنھن ڇڙهي ملئي شاگرد جو مونسان تعارف ته ڪراءِ. منھنجي هڪ ساهيڙيءَ به مئرين انجنيئر سان شادي ڪئي آهي.“
”۽ فٽ بال رانديگر جو ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيومانس.
”اها ڳالهه ماڻهن ويھي گهڙي آهي.“ هن وراڻيو.
منھنجي شاگردن مان ڪو شيما سان ملي يا نه ان کان اڳ اڄ ڏينھن تائين هن جا انيڪ ماڻهن سان معاشقا ٿيندا رهيا آهن، جن جون دلچسپ اوائلي Proceedings هوءَ مون کي هميشه ٻڌائيندي رهي آهي. پر انهن معاشقن مان ڪو به عروج تي اڃا نه پھتو آهي، جو کڻي ڪنھن قاضيءَ کي گهرائڻو پوي ۽ اسان لفافي ۾ پنج ڊالر ۽ مٿي تي ملئي ڪاري ٽوپي (Songkok) رکي شاديءَ جي ماني هڪ دفعو وري سندس گهر کائڻ لاءِ وڃون. ۽ هاڻ هوءَ به ملاڪا شھر جي سير تي جھازين سان گڏ هلي رهي هئي.
اڪيڊميءَ کان بس جي ڇڏڻ جو وقت صبح جا ساڍا اٺ وڳا هو. مسافرن کي کڻڻ لاءِ بس هاسٽل جي ان هنڌ تي اچي بيٺي جتي ڌارين ملڪن کان آيل نمائندا رهيل هئا. ٿيلهي ۾ ڪاپي پينسل ۽ ڪيئميرا وجهي آئون به بس تي پھتس. بس ۾ اڃا رڳو مالديپ ٻيٽ جو احمد شريف ۽ سموئا (Samoa) ٻيٽ جو ڪئپٽن پول سئمي ويٺل هئا. بس جي در وٽ بيٺل ٿلهي ملئي ڊرائيور سلام ڪري هٿ ملايو. ان سان گڏ هڪ چيني ڇوڪري پڻ بس مان لٿي ۽ Selamat dating (سَلامت داتنگ) چئي، هٿ ملائي پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي: ”آئون توهان جي ٽوئرسٽ گائيڊ مس ’هو_پيڪ_ چو‘ (Ho-Peek-Cho) آهيان.“ هن صاف انگريزي ۽ سٺي لھجي ۾ ڳالهايو. اتي ٻيا همراهه به اچي گڏ ٿيا جن سان پڻ هوءَ مرڪندي ملي ۽ فري نموني سان ڳالهائيندي رهي. ڪنھن چرچو ڪيس ٿي ته ان کي چرچي ۾ جواب ڏنائين ٿي. سيمينار جو پوڙهو انچارج ڪئپٽن اندرجيت سنگهه جيڪو ملاڪا گهمڻ لاءِ هڪ ڏينھن اڳ نالو ڪٽائي چڪو هو ۽ مسافرن جي پارت لاءِ مون کي چيو هئائين، هڪ دفعو وري پارت ڪرڻ لاءِ مون وٽ آيو. چيني گائيڊ ڇوڪريءَ کانئس نه هلڻ جو جڏهن سبب پڇيو ته کلي وراڻيائينس: ”مون کي خبر هجي ها ته تو جھڙي ٺاهوڪي ڇوڪري گائيڊ طور هلندي ته آئون ضرور هلان ها.“
۽ پوءِ گائيڊ ڇوڪريءَ کي پڻ ڌارين ملڪن کان آيل نمائندن جي پارت ڪندي چيائين: ”هنن همراهن جو خيال رکجانءِ. متان واٽ تي ڪو گم ٿي وڃي.“
ڇوڪري جواب ڏئي ان کان اڳ ’ٽوگا ٻيٽ‘ جي قراقلي ٽوپيءَ جھڙي گهنڊي مٿي واري شيدي ڪئپٽن وراڻيس: ”تون فڪر ئي نه ڪر، اسان پاڻ ئي ڏندين ڏاند آهيون.“
”پر وري به، متان ’ملاڪا جايا‘ جي پُر رونق گهٽين ۾ گم ٿي وڃو.“
ان تي سريلنڪا جي پوڙهي ڪئپٽن هينريڪس ڇوڪريءَ جا ٻئي هٿ پنھنجن هٿن ۾ جهلي چيو:“مون کي ته تون هر وقت پاڻ سان گڏ گڏ ئي رکجانءِ، ڇو جو آءُ جلد وڃائجي ويندو آهيان. I easily get lost. “
ڪئپٽن هينريڪس جي ان ڳالهه ۽ ادا تي سڀ کلڻ لڳا. پاڻ عمر ۾ ڪئپٽن سنگهه کان به وڏو آهي. پنجھٺ ۽ ستر سالن جي وچ ۾ هوندو پر سندس هر وقت کل ڀوڳ ۽ چرچا ڪرڻ کان علاوه ٽينس راند ۾ سڀني سان مقابلو ڪرڻ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. آئون نٿو سمجهان ته سريلنڪا جو ڪو اهڙو ماڻهو جنھن جو جھاز سان واسطو هجي، ڪئپٽن هينريڪس کي نه سڃاڻندو هجي. بقول سندس، هڪ سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد جڏهن هو گهر پھچندو آهي ته سرڪار کيس ٻي نوڪريءَ لاءِ سڏائيندي آهي. هن وقت به هو هڪ ئي وقت ڪولمبو بندرگاهه جو هاربر ماسٽر به آهي ته سروير به. هو ايڏو پراڻو آهي جو اسان وٽ هڪ سريلنڪا جو ليڪچرار ’ڪئپٽن مونيڪ رڊرا ڪمار‘ به هن جو شاگرد ۽ هن جي جھاز تي ڪئڊٽ رهي چڪو آهي.
ڪجهه منٽن بعد بس چُرڻ لڳي. ان وقت ڏٺوسين ته اسان وارو يار _ بنگلاديش جو ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌري ٽي ماڙ تان پنھنجي ڪمري مان هيٺ لھي رهيو هو. گائيڊ ڇوڪريءَ وري بس بيھاري. ڪئپٽن چوڌري سھڪندو بس ۾ چڙهيو. پھرين ئي سيٽ تي آئون ويٺو هوس. مون کي ڏسي اڙدوءَ ۾ چيائين: ”يار مون نيرن ته ڪئي ڪانهي. هڪ منٽ لاءِ بس ميس وٽ بيھندي ته آئون ڊوڙ پائي ڪا سئنڊوچ کائي اچان؟“
مون گائيڊ ڇوڪريءَ ڏي اشارو ڪندي چيومانس ته ان کي چئه، پر ان کان اڳ گائيڊ ڇوڪريءَ کيس پنھنجي ڀر ۾ ويھاريندي پڇيو: ”هيلو! توهان آهيو ڪئپٽن چوڌري؟“
۽ اسان جو يار، ڪئپٽن چوڌري، جيڪو بُک بُک ڪري رهيو هو سو رڍ وانگر، سڀ ڪجهه وساري، ماٺ ڪري سندس ڀر ۾ ويھي رهيو.
”هيءَ معشوق ڪير آهي؟“ هن اڙدوءَ ۾ مون کان پڇيو. منھنجي پويان مالديپ ٻيٽ جي ويٺل نمائندي اڙدو سمجهي جواب ڏنس: “ اها گائيڊ اٿئي”.
”رڳو مون کي گائيڊ ڪندي يا توهان مڙني کي به؟“
اتي بس ماڳھين ميس جون حدون ڇڏيون ٿي. سو ياد ڏياريندي چيومانس: ”گاڏي بيھار ۽ ڪجهه کائي اچ نه ته رستي تي ماڳھين ان گائيڊ ڇوڪريءَ کي نه کائي وڃين.“
”ها يار! ڳالهه ته واهه جي ڪيئي. مون کان ته ڳالهه ئي وسري ويئي. پر منھنجي سيٽ رکجانءِ. متان ڪنھن کي ويھڻ ڏنو اٿيئي.“
بس، هڪ دفعو وري ترسي. ڪئپٽن چوڌري جيڪو ٿولهه ۾ سڀني کان متارو آهي، هڪ هڪ ڪري ڏاڪو لٿو ۽ ميس مان مکڻ ۽ جئم لڳل ٻه چار ڊبل روٽيءَ جا پترا تڙ تڪڙ ۾ کڻي واپس ٿيو ۽ وري اچي گائيڊ ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ ويٺو. ٻين جھازين خاص ڪري برما جي ’سولون‘ ۽ پاپئا نيوگنيءَ جي ’جان ويل‘ سيٽيون وڄائي احتجاج ڪيو ته ڪئپٽن چوڌري هڪ ته دير سان آيو آهي ۽ ٻيو ڇوڪريءَ جي ڀرسان ڇو ويٺو آهي. پر ڪئپٽن چوڌريءَ ڪنھن جو به احتجاج ڪٿ ۾ نه آندو. ڊبل روٽيءَ ۾ چڪ هڻي قراقلي ٽوپيءَ جھڙي مٿي واري شيدي ڪئپٽن کي چيو:
”ڇوڪريءَ پاڻ مون کي ڀر ۾ ويھاريو آهي. توهان سڀني ۾ شريف ماڻهو آهيان نه. ان ڪري.“
منھنجي ڀر واري سيٽ خالي هئي پر ان تي پنھنجو ٿيلهو رکي ڪئپٽن چوڌريءَ کي چيم ته ڇوري جي ٿيلهو ڏيئي ته هيڏانھن منھنجي ڀر ۾ ته هرگز نه وهجانءِ.
گائيڊ ڇوڪريءَ مائيڪ آن ڪري سڀني کي ماٺ ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو جيئن هوءَ هن ملڪ ملائيشيا ۽ شھر ملاڪا بابت اسان ڌارين کي ٻڌائيندي هلي. مس مس جيئن ئي ماٺ ٿي ته اڪيڊميءَ جو ٻاهريون گيٽ اچي ويو. ڀر ۾ ٺھيل گارڊ روم مان سڪيورٽي مئن انچڪ سبتو ۽ عمر نڪري بس ۾ ويٺل ماڻهن کي ڳڻڻ لڳا ته ڪيترا ٻاهر وڃن پيا. گائيڊ ڇوڪريءَ سڪيورٽي واري همراهه کي چيو ته واپسيءَ ۾ هوءَ ملاڪا ۾ ئي ترسي پوندي باقي همراهن کي ڊرائيور وٺي ايندو.
هن جي ائين چوڻ تي هڪ ڪنڊ کان انڊونيشيا جي ڪئپٽن رڙ ڪري چيو ته هو به هن سان گڏ ملاڪا ۾ رهي پوندو ته ٻي ڪنڊ کان ڪوريا جي مئرين پروفيسر ڪئپٽن چانگ دانھن ڪئي. ان بعد جڏهن سڀ ماٺ ٿيا ته سريلنڪا جي ڪراڙي ڪئپٽن آهستي چيو: ”بابا سڀ ۾ سينئر آئون آهيان. گائيڊ ڇوڪريءَ سان ملاڪا ۾ آئون رھي پوندس.“
هڪ دفعو وري سڀ کلڻ لڳا. گائيڊ ڇوڪري به کلندي رهي ۽ کيس واقعي شاباس هجي جو هر وقت خوش طبعيءَ جو مظاهرو ڪندي رهي، جيتوڻيڪ بقول ڪئپٽن چوڌريءَ جي ”رضيه غنڊن ۾ ڦاٿي آهي.“
بس ۾ رڳو چيني گائيڊ ڇوڪري به نه هئي. هڪ ٻه ٻيون ڇوڪريون پڻ هيون. ۽ رستي تي شيما به چڙهي_ اهي سڀ سيڪريٽريٽ ڊپارٽمينٽ جون ملئي ڇوڪريون هيون. مختلف ملڪن کان آيل نمائندن ۾ سڀ مرد هئا سواءِ هڪ ملڪ فلپين جي. فلپين کان مئريٽائيم اٿارٽيءَ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ’مس ليليا بورجال‘ آئي هئي. انهن ئي ڏينھن ۾ فلپين ۾ مارڪوس ۽ ڪوريءَ جي اليڪشن ڪري هنگاما هلي رهيا هئا. هر وقت ٽرانسسٽر ريڊيو سندس ڪن تي هو يا ڪن ريڊيو جي آواز تي! رکي رکي، سنگاپور ۽ ڪوريا جي نمائندن کيس آٿت پئي ڏني. بلڪ آٿت بھاني سڄو وقت چنبڙيا پيا هئس. جيتوڻيڪ ڪن جي چواڻي اهو ڪم پاڪستان کان آيل چيف انجنيئر عارف حسين کي ڪرڻ کپندو هو، جيڪو سيمينار هال ۾ سندس ڀيچي هو. ٻئي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺا ٿي. ويھڻ جو بندوبست ملڪن جي نالن موجب رکيو ويو هو. پاڪستان ۽ فلپين جا نالا پي (P) سان شروع ٿيڻ ڪري هو ٻئي گڏ ويٺا ٿي. ان P جي چڪر ڪري جتي عارف حسين جي هڪ پاسي اها ’فلپيني‘ دوشيزه ويٺي ٿي ته ٻئي پاسي وري ’پاپئا نيوگنيءَ‘ جو هٽو ڪٽو شيدي ڪئپٽن ويٺو ٿي.
سيمينار جي شروعات ڪرڻ واري رسم ۾ اڪيڊميءَ جي پرنسپال ڪئپٽن حمزه بن نور تقرير ڪندي چرچي ۾ سڀني کي خبردار ڪيو ته ”هيترن جھازي همراهن جي وچ ۾ هڪ ڇوڪري به ويٺل آهي. سو پنھنجي اصليت تي اچي هٿن مان نه نڪرجو، خاص ڪري سندس پاڙي وارا! Try to Behave Nicely.“
ان ڏينھن لنچ تي پرنسپال کي کلي چيم ته مس ليليا جي هڪ پاڙي واري_ يعني پنھنجي پاڪستاني آفيسر _ عارف حسين جي ساک آئون به ڏيندس ته ان جھڙو شريف ماڻهو _ يعني ’پاڙي وارو‘ مس ليليا کي نه ملندو، جيڪو جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ٿائلينڊ ۽ سائوٿ ڪوريا جھڙن ملڪن ۾ به نه پاڻ ۽ نه اسان کي ڀٽڪڻ ڏيندو هو، جيتوڻيڪ جھاز جي نوڪري اسان اختيار ئي ڀٽڪڻ لاءِ ڪئي هئي.
ملاڪا شھر ۾ بس هڪ گرجا گهر وٽ پھتي ته مس ليليا _ جيڪا عيسائي آهي، آچر واري عبادت لاءِ گرجا گهر ۾ وڃڻ جوخيال ڏيکاريو. ان تي سنگاپوري به لٿو جنھن کي برما جي چيف انجنيئر شڪي ڪندي چيو: ”هلا اٿئي! تون ليليا جي ڪري چرچ ۾ وڃين پيو.“
هڪ ٻئي رڙ ڪري ليليا کي چيو : “Please pray for me also” (منھنجي لاءِ پڻ دعا گهرجانءِ.)
مس ليليا جڏهن گرجا گهر جي چائنٺ وٽ قدم رکيو ته سريلنڪا جي پوڙهي ڪئپٽن هينريڪس بس جي دريءَ مان منھن ڪڍي چيس:
“Make all confessions. You have been naughty for this week.”
(ياد رهي ته عيسائي، پنھنجي عقيدي موجب پنھنجا ڏوهه بخشائڻ لاءِ ٻائي اڳيان سڀ گناهه باسيندا آهن، جنھن کي Confessions سڏجي ٿو.)
رستي تي شيما سان گڏ، هن پروگرام جو بندوبست ڪندڙ اسان جي اڪيڊميءَ جي ’پبلڪ رليشن آفيسر‘ (PRO) ڇوڪري مس عزيفان پڻ اتان ئي چڙهي. چڙهڻ سان مون کان ملئيءَ ۾ پڇيائين:
”گائيڊ ڇوڪري ڪيئن آهي؟“
”سڀني کي وندرايو ويٺي آهي.“ وراڻيومانس.
”ڪوالالمپور ويندي وقت ’گائيڊ‘ مرد هو. سڀ بور ٿي موٽيا. ان ڪري ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ کي چيم ته گائيڊ ڪا ڇوڪري موڪلجو.“
”۽ ڇوڪري به اهڙي موڪلي اٿن جيڪا جھازين جي سڄي ڌڻ يعني لوفرن کي منھن ڏيو ويٺي آهي.“
چيني گائيڊ ڇوڪري ’هو_ پيڪ_چو‘ ٻاهرين ملڪن کان آيل مھمانن سان چرچا ڀوڳ ڪرڻ کان علاوه رکي رکي ملائيشيا بابت پڻ ٻڌائيندي هلي. رستي تي نظر ايندڙ ملئي گهرن بابت ٻڌايائين:
”انهن جون ڀتيون ڪاٺ مان ٺھيل آهن ۽ ڇت ناريل جي پنن جي اٿن. اهڙا گهر هڪ ته مضبوط رهن ٿا ۽ ٻيو ته گرميءَ ۾ ٿڌا رهن ٿا. ملائيشيا ٽراپيڪل ملڪ آهي. خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سج جي سخت تپش ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻارهوئي مينھن ۽ جهڙ هجڻ ڪري موسم سٺي رهي ٿي پر جنھن وقت آسمان تي ڪڪر نه آهن ته سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ هي گهر ئي اهڙي وقت سج جي تپش کان بچائي سگهن ٿا. ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن لڳاتار مينھن ۽ هوا ڪري ٺار به ٿيو پوي. اهڙي حالت ۾ هي ڪاٺ جا گهر وري اندران ڪوسا رهن ٿا.“
ملئي گهر زمين کان، ڪاٺ جي پاون ذريعي، ٽي چار فٽ مٿي کنيل ٿين ٿا. اهو پھرين به لکي آيو آهيان ته هتي ڪڏهن ڪڏهن گهڻي مينھن ڪري ٻوڏون اچن ٿيون. گهر مٿي هجڻ ڪري پاڻي هيٺان وهي وڃي ٿو. ان کان علاوه گهر جي چوڌاري ۽ هيٺان هوا جو گذر ٿيڻ ڪري گهر وڌيڪ ٿڌو رهي ٿو. گهر جو هيٺيون حصو اسٽور روم طور پڻ ڪم اچي ٿو، جنھن ۾ گهر جو ڀڳل سڳل سامان، بالٽيون، ڪونڊيون، ٻار يا وڏي جي سائيڪل، کاڌو، مڇين ڦاسائڻ جون ڄاريون ۽ رسيون نظر اينديون. سمنڊ جي ڪناري تي رهندڙ مھاڻا ته پنھنجي گهرن هيٺان پنھنجيون ننڍيون ٻيڙيون ۽ سمپان به بيھارين. ڪڪڙيون ۽ بدڪون _ جيڪي پڻ ملئي ڳوٺاڻي گهر (Kampong) جو هڪ اهم حصو آهن، سي سڄو ڏينھن هيڏانھن هوڏانھن چڳڻ بعد رات جو گهر جي هيٺان ئي اچي وهنديون آهن. چور چڪار يا نانگ بلا جي اچڻ تي ڪڪڙين جي ڪڙڪڙ تي مٿي ستل گهر جا مالڪ خبردار ٿي پوندا آهن. پوءِ جي چور هوندو آهي ته پرانگ (Parang) سان ۽ جي نانگ هوندو آهي ته بانس جي ڏنڊي سان ڀڄائي ڪڍندا آهن...
ڇوڪريءَ ڳالهائي بس ڪيو ته سڀني واهه واهه ڪئي. ڇوڪريءَ کين ڳالهائڻ ۽ سيٽيون وڄائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. پاڻ تيسين ساهه پٽڻ لڳي. کيس پنھنجو پاڻ تي پورو اعتماد هو ته جيڪي ڪجهه هوءَ ٻڌائي پيئي اهو دلچسپيءَ کان خالي ناهي جو ليڪچر وقت سڀ ماٺ ڪري غور سان ٻڌي رهيا هئا. مٿين ليڪچر شروع ڪرڻ مھل هوءَ بنگلاديش جي ڪئپٽن چوڌريءَ واري سيٽ تان اٿي ڊرائيور جي ڀرسان اسان ڏي مھاڙ ٿيل ڪرسيءَ تي اچي ويٺي هئي، جيئن ڳالهائڻ مھل سندس منھن اسان مسافرن ڏي هجي. سندس مٿئين ليڪچر بعد ڪئپٽن چوڌريءَ مون کي ڇِي ڇِي جي آواز سان پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي اُڙدوءَ ۾ پڇيو ته شيما، جيڪا منھنجي ڀر ۾ اچي ويٺي آهي، اها هن جي ڀر ۾ وھندي؟
”ڀر ۾ ڇا شايد بنگلاديش به هلي هلئي،“ مون چيومانس، ”هونءَ به تو جھڙي ٿلهي متاري جي ڀر ۾ ٻيو ڪو ته ويھي نه سگهندو سواءِ انھيءَ سنهڙي شيما جي.“
شيما جنھن منھنجي ڀر ۾ ويٺي ڪدو يا گوگڙو جھڙي مڪروه ڀاڄيءَ جا ٻج ڇلي کاڌا ۽ کلون منھنجي ڪپڙن تي اڇليون يا وري سوئيٽر ويٺي ٺاهيو جنھن جا سوئا ۽ سرايون، بس جي لوڏن ڪري، رکي رکي مون کي ڪک ۾ پئي لڳيون، تنھن پڇيو ته ڪئپٽن چوڌري ڇا ٿو چوي.
”هو جنھن ڏينھن کان ملائيشيا آيو آهي توتي اڪن ڇڪن آهي. هينئر به توسان گڏ ويھڻ چاهي ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
”ييس. ييس. ڪئپٽن چوڌري آءِ ايم ڪَمنگ.“ شيما اٿي کڙي ٿي ۽ کيس سندس ٻجن جي ٿيلهي، سئيٽر، سُوئا ۽ ڪکن جي ڇٻڙي جهلرايم، جيئن يڪو لڏي اوڏانھن وڃي ويھي.
ڊرائيور جي پوئين سيٽ تي ڏکيو ويٺل برونائيءَ جو حاجي احمد، شيما جي سيٽ خالي ٿيڻ تي اچي منھنجي ڀر ۾ ويٺو.
بُرونائي ’بورنيو ٻيٽ‘ تي هڪ تمام ننڍڙو ملڪ، اوڀر ملائيشيا جي ’سراواڪ رياست‘ سان مليل آهي. اتي جي رهاڪن جو مذهب ۽ ٻولي بلڪل ملائيشيا جي ماڻهن جھڙي آهي. پر گهڻي پيٽرول نڪرڻ ڪري ڪويت وانگر بيحد امير ملڪ آهي. جنوري 1984ع ۾ انگريزن کان آزادي مليس ۽ سندس بادشاهه _ سلطان حسن البولقياح کيس دنيا جو هڪ ماڊرن ملڪ بنائڻ جي خواهش رکي ٿو. ڏسندي ئي ڏسندي هن ملڪ جتي ٻين ادارن ۾ ترقي ڪئي آهي اتي تعليم جي واڌاري لاءِ پڻ ڪيترائي نوان اسڪول ۽ ڪاليج ۽ ٻيا ادارا کوليا آهن. انهن ۾ مختلف ملڪن جا انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ پروفيسر پڙهائين ٿا. پاڪستان مان پڻ ڪجهه اتي ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ته خيرپور پاسي جو انجنيئر عبدالشڪور منگي آهي ۽ ٻيو محمد عمر چنڊ_ جنھن کي برونئي جي حاجي احمد صاحب سڃاتو ٿي. ڪجهه دير انهن بابت ۽ برونائي جي حالتن تي ڳالهائيندا رهياسين. اتي ملاڪا جي هڪ پراڻي مسجد تنغقرا آئي جتي لھي ڪجهه فوٽا ڪڍياسين.
انھيءَ دوران گائيڊ ڇوڪريءَ رستي تي نظر ايندڙ ڪيترين ئي شين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي رهي. هڪ هنڌ رٻڙ جي پوک (Ladang-Getah) نظر آئي، جنھن ڏي مسافرن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”هي رٻڙ جا وڻ آهن جن مان رٻڙ ڪڍڻ لاءِ هي تامل ڇوڪريون روزانو صبح جو وڻ جي ٿڙ کي چيھڪ ڏيئي اڇو کير جھڙو رٻڙ ڪڍن ٿيون، جنھن کي Latex سڏجي ٿو. ان جو ڦڙو ڦڙو ٿي وڻ مان ٽِمي هيٺ ٺڪر جي ڪٽوريءَ ۾ ڪري ٿو، جنھن مان پوءِ رٻڙ جون مختلف شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. رٻڙ اسان جي زندگيءَ ۾ اهم پارٽ ادا ڪري ٿو. منجهانئس ڪيترائي ڪم ورتا وڃن ٿا. رٻڙ سان اکر ڊاهيا وڃن ٿا. رٻڙ مان بوٽ ٺھن ٿا. جنھن گاڏيءَ ۾ پاڻ هلون پيا ان جا ڦيٿا رٻڙ جا آهن. جنھن هنڌ سمهون ٿا ان جو گاديلو رٻڙ جو آهي.“ ۽ پوءِ مرڪندي چيو: ”۽ اها پڻ حقيقت آهي ته رٻڙ اسان جي آدمشماريءَ کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو...“
ظاهر آهي ان جملي تي هڪ دفعو وري واهه واهه ٿي. پر هن دفعي واهه واهه لاءِ گهڻو وقت ڏيڻ بدران چينائڻ گائيڊ يڪدم ٻي ڳالهه شروع ڪري ورتي. ”رستي تي جيڪي ڪارون ڏسو پيا انهن جي نمبر اڳيان مختلف اکر لکيل آهن. جن اڳيان M آهي اهي ڪارون ملاڪا جون رجسٽرڊ ٿيل آهن. جن اڳيان N آهي، اهي ڀر واري رياست نگري سيمبيلان جون آهن. J واريون جوهور رياست جون آهن _ جتي جو سلطان اڄڪلهه ملائيشيا جو بادشاهه آهي. W واريون وِلايا جون آهن. هي ڪوالالمپور وارو علائقو آهي.“
ٿورو اڳتي جڏهن ملاڪا شھر جي ويجهو پھتاسين ته ڪارن جو تعداد وڌڻ ڪري ٽرئفڪ ترسي ترسي هلڻ لڳي. بلڪ ڪٿي ڪٿي ٿورو جئم ٿيڻ لڳي. گائيڊ ڇوڪريءَ، ڌارين آيل ملڪن کان مھمانن کي ٻڌايو ته سندس شھر ملاڪا جي سوڙهن رستن تي اڪثر ٽرئفڪ هيئن جئم ٿي ويندي آهي. ۽ پوءِ وڏي فخر سان چوڻ لڳي: “ان ڪري ملاڪا لاءِ اهو پھاڪو مشھور آهي ته جيڪو ملاڪا ۾ ڪار هلائي سگهي ٿو اهو دنيا جي ڪنھن به حصي ۾ هلائي سگهي ٿو.”
سندس ان ڳالهه تي ڪٿي ٿا ٻيا اعتراف ڪن. برمي همراهه ٺھه پھه چيو:
“You have not gone to Rangoon.”
اتي ڪورين همراهه رڙ ڪري چيس: ”مائي اسان جي شھر سيول (Seoul) جو شايد نه ٻڌو اٿئي.“ اتي ٿائلينڊ جي همراهه اڃا به وڏي رڙ ڪري ماڳھين اسان کان پڇيو ته بئنڪاڪ جي ٽرئفڪ بابت اسان جو ڇا خيال آهي؟ بئنڪاڪ جي مقابلي ۾ رنگون ۽ سيول واقعي ڪجهه نه آهن. پر جي هاڻ منھنجي ڳالهه ٻڌن ته آئون کانئن پڇان ته ڪراچيءَ جي چاڪيواڙي ۽ لياريءَ ۾ ڪنھن گاڏي هلائي آهي؟ ۽ آئون شايد پڇان به ها پر سامهون ڪلڪتي کان آيل هندوستاني همراهه تي نظر پوڻ سان ڍرو ٿي ويس. جو اهو جي ڪڇي ها ته سڀ ٿڌا ٿي وڃون ها.
ان کان اڳ ڏاهي ڇوڪريءَ هٿ ٻڌي چيو : ”پاڻ ۾ وڙهڻ بدران مون کي معافي ڏيو. ملاڪا جي هيءَ ٽرئفڪ واقعي ڪجهه به نه هوندي ۽ مون رنگون، بئنڪاڪ ۽ سيول ڏٺو ناهي.“
اڳتي هلي ڪئٿولڪ عيسائين جو گرجا گهر آيو. سريلنڪا جي ڪئپٽن هينريڪس رڙ ڪري چيو: ”بس کي ٿورو بيھارجو، آئون ڪئٿولڪ آهيان ۽ انھيءَ چرچ جو جماعتي آهيان.“ ساڻس گڏ هڪ ٻه ٻيا عيسائي به لٿا. شايد هانگ ڪانگ ۽ تائيوان کان آيل نمائندا هئا. بس کان هيٺ لھي، دريءَ وٽ ويٺل شيما کان ڪئپٽن هينريڪس پڇيو:
“Hello! Sweet girl!! Can I pray for you?”
شيما جواب ڏيڻ بدران، هيٺ لھي، هڪ ڳنڍي گولي ’آير باتو چئمپور‘ واري کان ڳنڍو وٺڻ لڳي. ڀر ۾ هڪ پينٽ بشرٽ ۾ چيني ڇوڪِري پڻ اچي ڳنڍو کائڻ لڳي. سندس وار بواءِ ڪٽ نموني ڪتريل هئا.
ڪوالالمپور کان آيل مقامي ملئي پروفيسرنيڪ محمد فخريءَ مون کي چيو ته اهو واهه جو ڳنڍو ٿئي ٿو جنھن کي هتي (ملاڪا) جا ماڻهو چَنڊول سڏين ٿا. هن اسان کي به هيٺ لھي کائڻ لاءِ صلاح ڪئي. ڪئپٽن چوڌري، ايران کان آيل نمائندو _ محمد نعماني ۽ آئون بس مان هيٺ لٿاسين. وڪڻڻ وارو ملباري مسلمان هو جنھن جا ابا ڏاڏا پڪ هندستان جي ملبار ڪناري کان هتي آيا هوندا. يا ٿي سگهي ٿو اڃا به گهڻو اڳ سندس پڙ ڏاڏا يا تڙ ڏاڏا آيا هجن جو ملاڪا ۾ ملباري گهڻو اڳ کان آيل آهن. ڪجهه ته پورچوگيزن جي لشڪر سان به آيا هئا ۽ ملاڪا جي فتح کانپوءِ هتي ئي ترسي پيا.
ملباري همراهه پھرين برف جي ڪاتر ڪري پيالي ۾ وڌي. ان بعد ٿلهيون سويون ۽ هڪ ڳڙ جھڙو گهاٽو شربت منجهس وڌو. ان شربت لاءِ نيڪ محمد فخريءَ ٻڌايو ته اها ملاڪا جي خاص شيءِ آهي ۽ ملاڪا گُولا (Melaka_Gula) سڏجي ٿي. اها ملاڪا نالي وڻ مان نڪتل چاش آهي. هي اهو وڻ آهي جنھن تان هن شھر تي ملاڪا نالو پيو. اسان کي اهو ملاڪا جو ڳنڍو_پيالو هرگز نه وڻيو. شايد پھريون دفعو کائڻ ڪري. بقول ايراني نمائندي جي ”اڃا ٽيسٽ Develop نه ٿيو آهي.“ پر سريلنڪا جي نمائندي چواڻي ”جيئن ته شيما جھڙي Sweet _Girl چشڪا ڏيئي کائي رهي هئي، ان ڪري اسان به اهو ڦاهو ڦڪيو.“
چنڊول کائي واپس بس ۾ ويٺاسين ته ڪئپٽن چوڌريءَ شيما کان پڇيو ته جنھن سان گڏ هوءَ بيٺي هئي اهو ڇوڪرو هو يا ڇوڪِري؟
”ڇو ڪئپٽن چوڌري، ڇوڪرين جھڙا وار ۽ ڪپڙا نه هئس ان ڪري ڇا؟“
”نه. Head-Ligths به صفا نه هئس ان ڪري مون کي لڳو ته متان ڇوڪرو هجي.“
شيما هيڊ لائيٽ (يعني ڪار جي اڳين بتين) واري ڳالهه پھرين ته نه سمجهي پر پوءِ ڏاڍو شڪي ٿي. برمي نمائندي وڏو ٽھڪ ڏيندي ڪئپٽن چوڌريءَ کي چيو: ”شابس هجئي! اسان سمجهيو تون ڳنڍا کائڻ لاءِ لٿو آهين، پر وتين ڇوڪرين جون ڇاتيون ڏسندو.“
هيٺ لھڻ تي اسان جي اڳين سيٽن تي مارشل آئلينڊ ۽ ٽونگا ٻيٽ جا نمائندا اچي ويٺا هئا. سو ايراني نمائندو نعماني ۽ آئون سندن پوئين سيٽ تي وڃي ويٺاسين.
ڪئپٽن نعمانيءَ ٻڌايو ته هو ايران جي پورٽ ائنڊ شپنگ آرگنائزيشن جو مئنيجر آهي. پاڻ تھران ۾ رهي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ويجهڙائيءَ ۾ ايران جي حڪومت، ايران جي ڏاکڻي بندرگاهه ۽ شھر “ڇابھار” ۾ هڪ ناٽيڪل ڪاليج کوليو آهي جيڪو پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۽ ملائيشيا جي هن مئريٽائيم اڪيڊميءَ وانگر آهي. ايران جي جھازن لاءِ ايراني نوجوانن کي مستقبل ۾، هن ڪاليج ۾ تعليم ۽ سکيا ڏني ويندي_ جيڪي في الحال گذريل چند سالن کان پاڪستان، هندوستان ۽ انگلينڊ ۾ جھاز رانيءَ جي تعليم وٺي رهيا آهن.
نعمانيءَ کان پڇيم ته اڄڪلهه ڏينھون ڏينھن سامونڊي جھاز ۽ نوڪريون وڃن بس ٿينديون، اهڙين حالتن ۾ اهڙي قسم جو ڪاليج يا اڪيڊميءَ تي ايڏو خرچ ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟
”ضروري ته واقعي ناهي، پر اڄڪلهه هرڪو ملڪ مئريٽائيم اڪيڊمي کوليو ويٺو آهي. ويندي فجي، پاپئا نيوگني، فلپين، مصر جھڙا ملڪ به! اهڙي قسم جا درسگاهه اڄڪلهه جي دور ۾ ضرورت کان وڌيڪ وڏ ماڻهپي جي نشاني (Status-Symbol) ۽ شان سمجهيا وڃن ٿا. سو اسان جي ملڪ جي حڪومت به ايراني نوجوانن کي هيڏانھن هوڏانھن موڪلڻ بدران ڳري خرچ تي پنھنجي ئي ملڪ ۾ پڙهائڻ چاهي ٿي. پر اسان هن ڪاليج کي الڳ ٿلڳ رکڻ بدران بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ شامل ڪيو آهي، جيئن اڳتي هلي ان ۾ مئرين بائلاجي (سامونڊي جيت جڻيا، جانور ۽ گاهه ٻوٽن) جي پڻ تعليم ۽ کوجنا شروع ڪئي وڃي.“
مون کي ان ڏينھن خبر پيئي ته ايران ۾ هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف بلوچستان“ نالي پڻ آهي.
ملاڪا شھر ۾ ڪلاڪ کن لاءِ بس بيھاري ويئي، جيئن ڌارين ملڪن ۽ ٻيٽن کان آيل هي نمائندا ملاڪا جو سينٽ پال جو پراڻو گرجا گهر، ملاڪا جي سلطانن جو محل، ڊچن جي مندر جو دروازو ۽ ٻيون شيون ڏسي سگهن. ان بعد شھر کان ٻاهر هڪ فائيو اسٽار هوٽل Village- Resort ۾ لنچ لاءِ وٺي هليا.
ان هوٽل ڏي هلڻ لاءِ رستي تي چينين جو قبرستان هو. چيني ماڻهو مئلن کي ساڙڻ بدران گهڻو ڪري زمين ۾ دفن ڪن ۽ قبر، مسلمانن وانگر ڊگهي ٺاهڻ بدران گول ٺاهين جنھن جو قطر گهٽ ۾ گهٽ ماڻهوءَ جي قد جيڏو رکيو ويندو آهي. ان گول دائري جي وچ تي قبر کي ڪجهه اڀاميل رکيو ويندو آهي جيئن ڳورهاڙي عورت جو پيٽ ٿئي ٿو.
چينائڻ گائيڊ ٻڌايو ته چيني قبر کي عورت جي پيٽ وانگر ان ڪري ٺاهين ٿا جو هنن جو اهو فلسفو آهي ته هرهڪ، ماءُ جي پيٽ ۾ ڄمي ٿو ۽ مرڻ بعد ان کي اهڙي ئي پيٽ ۾ وڃڻ کپي. يعني انسان کي هڪ پيٽ مان نڪري ٻئي پيٽ ۾ (ڌرتيءَ جي پيٽ ۾) وڃڻ کپي. قبر کي کليل ڌرتيءَ تي ئي، (خاص ڪري ڪنھن ٽڪريءَ تي) ٺاهيو وڃي ٿو، جنھن جي ڀر ۾ ڪا بلڊنگ يا اڏاوت نه هجي، جيئن سندن عقيدي موجب رحم جي ديوي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي مُڙدن وٽ ايندي ويندي رهي.
هوٽل ۾ مانيءَ جي وقت، منھنجي ڪرسي ڪئپٽن متٿياس جي ڀر ۾ هئي. پري کان کيڪار کڙي ته سيمينار هال ۾ روز ٿيندي هئي پر هينئر سندس ڀر ۾ ويھڻ ڪري کانئس سندس ملڪ جو پڇيم:
”آئون F.S.M کان آهيان.“
اهو ايف ايس ايم ڇا آهي؟ مون کي پاڻ سمجهه ۾ نه آيو. پھرين ڪڏهن ڪنھن ملڪ جو اهڙو نالو نه ٻڌو هوم. آخر وري پڇڻ جي همت ڪيم ته اهو (FSM) ڇا آهي؟
”اهو Federated States of Micronesia جو شارٽ فارم آهي.“
همراهه پئسفڪ سمنڊ جي ڪنھن ٻيٽ کان آيل هو. پر پئسفڪ سمنڊ هڪ ته وڏو _ مڙني سمنڊن کان وڏو ۽ ٻيو منجهس جتي آسٽريليا، پاپئا نيوگني، نيوزيلينڊ ، فلپين جھڙا وڏا وڏا ٻيٽ آهن، اتي ڪي “فجي، سولومن، ٽونگا جھڙا ننڍا ۽ باقي آباديءَ کان پري پري ٻيٽ پڻ آهن، جن کي دنيا جي نقشي تي ڳولڻ ايئن آهي جيئن انگريزي پھاڪي موجب بُھه جي ڀريءَ مان سُئي ڳولهڻ. ان ڪري وري پڇيومانس ته مائڪرو نيشين ٻيٽن مان به ڪھڙي ٻيٽ تي آهين ۽ اهو ڪٿي آهي؟
”جنھن خاص ٻيٽ تي رهان ٿو، ان جو نالو Caroline Island آهي ۽ آمريڪي رياست هوائي (Hawaii) کان به پري آهي.“
”هيستائين ڪيئن پھتين؟“ مون پڇيومانس.
”پندرهن ڏينھن ۾ هڪ دفعو آمريڪا جو هڪ ننڍو جھاز اسان جي ٻيٽ کان هوائي جي شھر هونولولو ۾ ايندو آهي. اتان پوءِ منيلا (فلپين) آيس. منيلا کان سنگاپور پھتس ۽ ان بعد ملائيشيا (ڪوالالمپور) ۽ تنھن کانپوءِ هتي ملاڪا ۾.“
”هاڻ ته منيلا وڃي نه سگهندين، جو اتي اليڪشن ڪري گوڙ متل آهي ۽ هوائي اڏو بند آهي.“ مون خبردار ڪندي چيومانس.
”بس پوءِ سنگاپور ۾ ئي ويٺو هوندس، جيسين اليڪشنون پوريون ٿين يا اڳتي جون اسٽيشنون ڪليئر ٿين. هونءَ به هوائيءَ ۾ هفتو ڏيڍ گهٽ ۾ گهٽ ترسڻو پوندو، جو پنھنجي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ، ان ئي ڏينھن تي اڏام هرگز نه ملندي.“
مانيءَ بعد مھمانن کي چڙيا گهر ڏيکارڻ جو پروگرام هو. پئسفڪ ٻيٽن جا ته مڙيئي نمائندا ملاڪا جو چڙيا گهر (Taman-Haiwan) ڏسڻ لاءِ لھي پيا جو سندن ننڍن ٻيٽن تي ڪٿان آيون اهڙيون شيون. انهن سان گڏ چين، ويٽنام، برما، سنگاپور جا همراهه پڻ لٿا. باقي ملائيشيا، ايران، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ پاڪستان جا اسين بس ۾ ئي پنھنجي پنھنجي سيٽ لاڙي سمهي رهياسين. مقرر پروگرام موجب پوري ڏيڍ ڪلاڪ اندر چڙيا گهر ڏسي چئين بجي سڀ اچي بس وٽ گڏ ٿيا ۽ بس شھر ڏي رواني ٿي. گائيڊ ڇوڪري جيڪا بس هلڻ مھل هر دفعي وانگر ماڻهو ڳڻڻ لڳي تنھن ميل ڏيڍ بعد رڙيون ڪري ڊرائيور کي بس بيھارڻ لاءِ چيو. خبر پيئي ته هڪ همراهه کٽي ٿو. ڪھڙو کٽي ٿو؟ يارو ڪھڙو کٽي ٿو؟ ڪنھن کي به ڌيان تي نه پئي آيو. سڀ هاڻ اهڙا ٿڪجي پيا هئاسين جو چرچا ڀوڳ ڪرڻ به ڇڏي ڏناسين. ڪنھن همراهه ڪاوڙ مان چيو ته ڪو کٽي ٿو ته کٽڻ ڏيو، هاڻ واپس گهر هلڻ کپي.
پر آخر کٽي ڪھڙو همراهه ٿو؟ مالديپ ٻيٽ واري چيو ته ڪٿي شيما ته گم نه ٿي ويئي آهي. ان تي سريلنڪا واري ڪئپٽن اڌ ننڊاکڙي حالت ۾، اکيون بند رکي وراڻيس: ”نه. گائيڊ ڇوڪري چوي پيئي ته فقط هڪ ڄڻو کٽل آهي. شيما کٽل هجي ها ته ان سان گڏ پاڻ وارو بنگلاديشي به کٽل هجي ها.“
گائيڊ ڇوڪري، جنھن جي ذميواري گهمائڻ کان علاوه واپسي تي ماڻهو پورا ڪري پھچائڻ پڻ هو، تنھن ڊرائيور کي بس موڙڻ لاءِ چيو. عارف حسين چيو ته پاڻ کي به ڇوريءَ ڳڻيو آهي يا نه؟ اجايا کڻي ٽاڪوڙا وڌا اٿس.
چڙيا گهر واپس پھچي گائيڊ ڇوڪريءَ سان گڏ اسان جو ڪئپٽن چوڌري ۽ برما جو چيف انجنيئر سن مئانگ کٽل همراهه کي ڳولڻ لاءِ بس کان هيٺ لٿا. آخر خبر پيئي ته پئسفڪ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تووالو (Tuvalu) جي مئري ٽائيم اسڪول جو پرنسپال ’ڪئپٽن جان هِل‘ آهي.
ٿوري دير ۾ ڳولا لاءِ نڪتل خدائي فوجدار سوڀارا ٿي، همراهه کي ٻانھن کان وٺي بس ڏي ايندي نظر آيا. ڪئپٽن جان هِل پٺيءَ اگهاڙو قميص هٿ ۾ جهلي بس ۾ چڙهيو. ڪئپٽن چوڌريءَ کي چيم ته هي قميص ڇو نٿو پائي؟
ڪئپٽن چوڌريءَ پنھنجي ڳري متاري جسم کي بس جي سيٽ تي اڇلائي، هٿ سان ’ترس ترس‘ جو اشارو ڪري، پنھنجي اڀ ساهيءَ کي ڪنٽرول ۾ آڻيندي چيو:
”پائيندو. پر ٿوري دير بعد. اڃا ان مان ڳاڙهيون ماڪوڙيون ڪڍڻيون اٿس.“
”ڳاڙهيون ماڪوڙيون؟“ تعجب مان پڇيو مانس جو مون کي سندس اها ڳجهارت سمجهه ۾ نه آئي.
“ها. ڳاڙهيون ماڪوڙيون! همراهه ڀولڙن جي پڃرن ڀرسان وڻ هيٺان گهاٽي ننڊ ۾ ستو پيو هو. ننڊ مان اٿاريوسين ته ماڪوڙين جي چَڪَن کان قميص لاهي، ٺاهي ٺوڪي انهن مان هڪ هڪ ڪري ماڪوڙي چونڊڻ لڳو. تنھن تي چيوسينس ته ’درويش! توکي وٺڻ لاءِ اسان اڌ رستي تان موٽي آيا آهيون ۽ سڀ بس ۾ ويٺا انتظار ڪن ۽ تون نئينءَ سئينءَ ويٺو آهين ماڪوڙيون چونڊڻ. اهو ڪم بس ۾ هلي ڪر.‘ ان تي راضي ٿي سڌو آيو آهي. هاڻ ٿوري دير لاءِ ماڪوڙيون چونڊي پوءِ قميص پائيندو.“
اتي، پٺن اگهاڙو تووالو ٻيٽ جي هن ڪئپٽن کي انڊونيشيا جي ڪئپٽن چيو: ”ڪجهه ته خيال ڪر، بس ۾ ڇوڪريون ويٺيون آهن ۽ تون قميص لاهي بيھي رهيو آهين؟“
همراهه کي هڪ ته ڪچيءَ ننڊ مان ڪو اٿاريو ويو هو، ٻيو ماڪوڙين جي چڪن ڇتو ڪيو هوس، مٿان جو انڊونيشيا جي ڪئپٽن ائين چيس ته ان کي اڇل مان جواب ڏنائين:
”يار قميص لاٿي اٿم، پتلون ته نه لاٿي اٿم جو ڦاهو ٿا ڏيو.“
سڀ چپ ٿي ويا ۽ اکيون بند ڪري ننڊ جو نمونو پيش ڪرڻ لڳا. مالديپ ٻيٽ جي احمد شريف بنگلاديشي ڪئپٽن کي چيو:
”اهڙي جِنَ کي هيڏانھن آڻڻ بدران ڪنھن ڀولڙن جي خالي پڃري ۾ ئي وجهي اچوس ها.“
تووالو ٻيٽ جي ڪئپٽن جي کھري طبيعت سريلنڪا جي ڪئپٽن هينريڪس پڻ محسوس ڪئي. تنھن بنگلاديشي ڪئپٽن کان پڇيو: ”ستو ڪھڙي پڃري ۾ پيو هو؟“
بنگلاديشيءَ بدران برمي چيف انجنيئر وراڻيو: ”پڃري ۾ مالڪ ستل هئا. پاڻ پڃري جي ٻاهران آرام فرمائي رهيو هو.“
”پنھنجي مائٽ کي به نه سڃاتائون ڇا؟“ ڪنھن پٺيان رمارڪ ڏنو.
برمي چيف انجنيئر سڀني کي ماٺ ڪرائي بس جي ڊرائيور ۽ گائيڊ ڇوڪريءَ لاءِ ”ڀاڙي ۽ رهنمائي“ جي فيءَ کان علاوه ڪجهه وڌيڪ چندو گڏ ڪرڻ چاهيو.
پٺيان وري آواز آيو: ”متان ڏنو اٿانوَ. ڇوڪريءَ کي آڱوٺو ڏيندو. پنھنجي ئي کيسي ۾ وجهندو.“
پر سائين اڳيان سن مئانگ جھڙو جهونو جھازي هو. تنھن مڙيئي پٽي سٽي پندرهن ويھه ڊالر کن ٺاهيا، جيڪي سڀني اڳيان ڊرائيور ۽ چينائڻ گائيڊ کي ڏيئي، مٿن پنھنجي طرفان ٿڌو ٿورو ڪيو.
چڙيا گهر (Malacca- Zoo) بعد، بس اچي ملاڪا شھر ۾ ڇڏيو. جتي ’ڪلاڪ کن‘ شاپنگ لاءِ، مھمانن کي ڏنو ويو. ان بعد مھمانن ۽ سندن شاپنگ کي ڊرائيور ڍوئي اچي اڪيڊميءَ ۾ ڦٽو ڪيو.
پر اڪيڊمي پھچڻ کان ڪجهه ميل اڳ بنگلاديش جي ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌريءَ کي سڀني کي سجاڳ ڪندي آخري دفعو بس ۾ ٽھڪڙو پيدا ڪيو. پنھنجي سيٽ وٽ بيھي، تاڙي وڄائي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائي چيو: ”يارو ڳالهه ٻڌو، پندرهن کن ڏينھن جي سيمينار ۾ باقي ڪو ڏينھن ٻه وڃي بچيو آهي. پنھنجي پنھنجي ملڪ پھچي، ظاهر آهي اسان مان هرهڪ کي هن سيمينار جي گهٽ ۾ گهٽ چئن صفحن جي رپورٽ پنھنجي پنھنجي حڪومت کي پيش ڪرڻي پوندي. ڇا ايئن نٿو ٿي سگهي ته اسان مان ڪو سياڻو لکي ان جي فوٽو ڪاپي اسان کي به ڏيئي ڇڏي، جيئن ان تي ئي صحيح ڪري اها ڪاپي پنھنجي باس کي ڏيون ۽ اصلي لکندڙ کي دعائن جا ڍير ڏيون.“
سولومن ٻيٽ جي ڪئپٽن ڪواليمانوءَ کي ته اها ڪا رٿ واهه جي وڻي جو دير دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهيو. ان وقت منھنجي ڀر ۾ ويٺل ٽونگا ٻيٽ (Tonga) جي مئريٽائيم اڪيڊمي جي پرنسپال ’ڪئپٽن تاپيا لاوا‘ چيو ته لڳي ٿو ته همراهه رپورٽ لکڻ ۾ مون ئي وانگر ڪمزور آهي. سڄي عمر رڳو جھاز هلايا اٿس، پڙهڻ جو ڪم بنھه گهٽ ڪيو اٿس.