پکين جون ڄڀون ۽ رڇ جا کُر
اهڙيءَ طرح گراهڪن جي کائڻ لاءِ بيلجم جي هوٽلن ۾ ڏيڏر، هانگ ڪانگ جي هوٽلن ۾ جيئرا جاڳندا نانگ ۽ آڪٽوپس ڏسي شروع جي ڏينھن ۾ حيرت ٿيندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هوٽلن جي اڳيان بيھي گراهڪن کي ڏسندا هئاسين ته هو زنده نانگن يا مڇين جي ڪيئن ٿا چونڊ ڪن. ڪاسائي ڪيئن ٿو انهن کي وڍي ڪٽي، بورچي ڪيئن ٿو تري ۽ بئرو خومچي تي سجائي گراهڪ اڳيان ڪيئن ٿو پيش ڪري.
گراهڪ جي خوشيءَ لاءِ جيئريون شيون، سندس چونڊ مطابق وڍي، ڪَٽي، تري ڏيڻ هاڻ دنيا جي ڪيترين ئي هوٽلن ۾ عام ٿي ويو آهي_ خاص ڪري هن پاسي ڏور اوڀر جي ملڪن: ٿائلنڊ، ملائيشيا، سنگاپور، تائيوان، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا ۽ فلپين ۾.
ان تان هڪ ڪارٽون ياد پيو اچي ته هڪ پوڙهو جوڙو اهڙي هوٽل ۾ مانيءَ لاءِ پهتو، جنھن ۾ جيئرا ٺونٺ جيڏا گانگٽ (Lobster) رکيل هئا. زال پنھنجي پسند تي انهن مان هڪ کڻڻ چاهيو ٿي پر پاڻيءَ ۾ ٿورو هٿ وجهي وري ڊڄي ٿي وئي. مڙس جيڪو انتظار ۾ بيھي بيھي ٿڪجي پيو هو ۽ کانئس سندس ڪراڙي زال جا اهي نوان نخرا سَٺا نه پئي ٿيا، تنھن نيٺ ڇڙٻ ڏيندي چيس: ”ڊڄ نه، کائيندءِ ڪونه. تو جھڙيءَ کي چڪ هڻڻ لاءِ هن کي ٻه دفعا سوچڻو پوندو.“
ڪن هوٽلن ۾ گراهڪ پاڻ سان ڪڪڙيون کڻي ايندا آهن، جتي بئرو انهن کي ڪُھي، رڌي پچائي سندن اڳيان پيش ڪندو آهي. کانئن رڳو رڌ پچاءُ ۽ سروس جا پئسا ورتا ويندا آهن. اسان جو هڪ دوست ته وڏي واڪي چوندو آهي: ”مون کي هوٽلن جون اهي سڪل ڏٻريون ڪڪڙيون وڻن ڪونه. آئون جڏهن به يارن کي هوٽل ۾ ماني کارائڻ ويندو آهيان ته پنھنجي تاتيل ٿلهي متاري ڪڪڙ کڻي ويندو آهيان.“
جيتوڻيڪ اسان جي حساب سان سندس اهڙي ڪڪڙ پوڙهي سڏڻ کپي، جيڪا ٽن پاڻين ۾ پچڻ بعد به ڪچي رهي ٿي. ڪوالالمپور جي به ڪيترين هوٽلن جي در وٽ مڇين سان ڀريل شيشي جا حوض رکيل ملندا. گراهڪ هوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنھنجي پسند جي مڇي تاڻي، پوءِ ٻانھن جا ڪف کنجي، ان کي جهلي بئري حوالي ڪندو آهي.
هڪ دفعي پينانگ ۾ اسان جو ملئي دوست ڪٿان ٻه تتر ڦاسائي آيو. پچرائڻ لاءِ هوٽل ۾ وياسين. بئري ڇلي تري آڻي اڳيان رکيا. گيھه، مرچ مسالن ۽ خذمت جا فقط ٽي ڊالر ڏيڻا پيا. ڳالهه واھه جي وڻي ته هن پاسي هوٽلن ۾ اهو سٺو سک آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙين هوٽلن مان نقصان پڻ آهن.
ڳالهه ٿا ڪن _ خبر ناهي حقيقت آهي يا لطيفو _ ته تائيوان جي هڪ اهڙي هوٽل ۾ آمريڪن ٽوئرسٽ جوڙو مانيءَ لاءِ پهتو. ساڻن گڏ ننڍڙو Poodle ڪتو به هو، جيڪو پڻ بکايل هو ۽ هيڏانھن هوڏانھن جهٽ هڻي رهيو هو. سو هنن انگريزيءَ کان اڻ واقف چيني بئري کي سڏي گراهه کائڻ جو اشارو ڪري انگريزيءِ ۾ چيس:
“Dog wants to eat, can you?”
يعني ڪتو ڪجهه کائڻ چاهي ٿو. تون کارائڻ جو بندوبست ڪري سگهندين؟
بئرو پنھنجي پَرِ ۾ ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي مئڊم کان ڪتو وٺي “No Problem” _ ’ڪا وڏي ڳالهه ناهي‘ چئي رڌڻي ۾ گهڙي ويو. ٿوري دير بعد آمريڪن اڳيان ماني آئي، جن کائي ڍؤ ڪيو. اٿڻ مھل جڏهن پنھنجي ڪتي جي پڇا ڪيائون ته بئري تعجب منجهان سندن پيٽ ڏي اشارو ڪري، ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ چيو: ”اهو ته توهان کائي ڇڏيو!“
در اصل بئري سمجهيو ته گراهڪ پڇن پيا: ”ڪتو کائڻ چاهيون ٿا، اهو ڪم ڪري سگهندين؟“ ۽ هو وڏي هام سان ‘نو پرابلم‘ چئي ان کي رڌي پچائي کڻي آيو.
اهڙي معاملي ۾ چيني سڀ کان اڳ ڀرا آهن. رڌ پچاءُ جي ڪم ۾ ويرم ئي نه ڪندا. سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ ٻن چيني بورچين جو مقابلو ٿيو هو ته ڪير جلدي ڪڪڙ ڪھي، ڇلي، وڍي، تري، پليٽ ۾ رکي گراهڪ اڳيا پيش ڪري ٿو. کٽڻ واري بورچيءَ ان سڄي آپريشن لاءِ فقط ٽي منٽ ورتا. ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ هن گرم گيھه جي ڪڻڇي ۽ ٽھڪندڙ پاڻي اڳواٽ تيار رکيو. سيٽي وٺڻ تي جيئري ڪڪڙ کي ان ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ ٻه ٽي غوطا ڏيئي اڌ جيئري حالت ۾ کل لاهي وڏي ڪات سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري گرم گيھه ۾ وجهي هڪدم تري کڻي پليٽ تي رکيائين. ان مقابلي جي فلم وري ٽي ويءَ تي به ڏيکاريائون. بي زبان جانورن سان همدردي ڪندڙ ناظرين کي اها ڳالهه پڪ پسند نه آئي هوندي.
کائڻ جا شوقين ماڻهو تتر ۽ پلو کائڻ لاءِ سنڌ ۾ ايندا آهن يا ڳائي جي چاپ کائڻ لاءِ ڪوبي (جپان) ۾، پيزا ۽ اسپاگهيٽي کائڻ لاءِ اٽليءَ ۾، مِي بِيهُون ۽ مرتباڪ کائڻ لاءِ ملائيشيا ۾.
هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جي ڪجهه هوٽل وارن اهڙن شوقينن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڀٽڪڻ بدران پاڻ وٽ ڇڪڻ ۽ ملڪ جي ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ اهو سٺو طريقو ڪڍيو آهي ته هو پنھنجي کاڌي کان علاوه ڌارين ملڪن جون پڻ ڪجهه خاص شيون Specialties رکن ٿا. اخبارن ۾ اڪثر اهڙا اشتھار ايندا آهن ته اٽليءَ جي بھترين پيزا لاءِ هانگ ڪانگ جي فلاڻي هوٽل کي نه وسارجو. تندوري نان ۽ چڪن برياني لاءِ سنگاپور جي بلال هوٽل اٿانوَ. ڪوبي اسٽيڪ لاءِ جپان وڃڻ بدران هانگ ڪانگ جي فلاڻي هوٽل ۾ اچو. فرينچ کاڌن جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ فرانس وڃڻ بدران هانگ ڪانگ مان سستي شاپنگ به ڪريو ته فلاڻي هوٽل ۾ فرينچ کاڌن جو ذائقو به وٺو.
ڪڏهن ڪڏهن ته هوٽل جا سياڻا مالڪ، کاڌي جو مينيو مختلف ملڪن جي حاڪمن جي ست رڇي دسترخوانن وارو پڻ پيش ڪن ٿا. جيئن ”شھنشاهه بابر جو دسترخوان“. جنھن ۾ هوٽل وارا ٽيبل تي اڦراٽا، نان، سڄو ڪڪڙ تندوري، چپلي ڪواب جھڙيون شيون سجائي رکندا آهن. يا عربن جو سؤ سال اڳ جو دسترخوان مھيا ڪرڻ واري هوٽل اٺ جو تريل گوشت، کير، ڪتل، گدرو ۽ نان وغيره رکندي آهي.
انهن مڙني ۾ نرالو ۽ مھانگو مينو ڪجهه سال اڳ هانگ ڪانگ جي هڪ هوٽل _ائمبسڊر آڇيو هو. ان مينيو جو نالو “چيني حاڪمن جو دسترخوان” هو.
اخبار ۾ پوءِ آيو هو ته اهو مينو کائڻ لاءِ ٻارهن جپاني شوقين ٽوڪيو کان ان مانيءَ جو جملي بل ايڪيھه هزار آمريڪن ڊالر ڀري آيا هئا. هوٽل وارن کاڌي ۾ اهي مال تيار ڪيا جيڪي چين ۾ چنگ گهراڻي جا حاڪم پنھنجي دسترخوان تي کائيندا هئا. انهي ست رڇيءَ ۾ ٻين کاڌن کان علاوه هاٿيءَ جي سونڊ جو ٻوڙ، رڇ جا کُر ۽ ڏيڍ سؤ پکين جي ڄڀن جو مڪسڊ گِرل پڻ شامل هو _ جيڪو ان دور موجب سلڪ جي روايتي لباس ۾ چئن ڇوڪرين ۽ چئن ڇوڪر بئرن پيش ڪيو. ٿائلينڊ جي جهنگلن مان هاٿيءَ جي سونڊ هٿ ڪرڻ، مختلف هنڌن تان ايترا پکي گڏ ڪرڻ ۽ پوءِ ان سامان کي رڌي پچائي پيش ڪرڻ ۾ هوٽل وارن کي اٽڪل ٽي مھينا لڳي ويا هئا. هوٽل وارن ٻڌايو ته رڳو رڇ جي کرن کي کائڻ لائق بنائڻ لاءِ ديڳڙيءَ ۾ ٽي ڏينھن رڌڻو پيو هو.
دنيا ۾ سڀ ۾ عجيب کاڌا چينين جا آهن پوءِ اهي چيني کڻي پنھنجي اباڻي ملڪ چين ۾ هجن يا ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا ۾. چيني ماڻهو هر ساهه واري شيءِ کايو وڃي. چيني پاڻ ئي چرچي ۾ چوندا آهن ته هو هر اها شيءِ کائين ٿا، جنھن کي چار ٽنگون آهن، سواءِ ٽيبل ڪرسيءَ جي. هو هر اها شيءِ کائين ٿا جيڪا اڏامي ٿي، سواءِ هوائي جھاز ۽ هيليڪاپٽر جي!
اسانجي ملڪن جي ماڻهن کي هن پاسي _ خاص ڪري چين، هانگ ڪانگ ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن ڏي، هوٽلن ۽ ڪاسائين جي دڪانن تي ڪتن ۽ ڀولڙن کي ڪُسندو ڏسي تعجب لڳي ٿو. سوئر ته يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ به عام آهن، پر ڪتن، ڀولڙن ۽ نانگن جو رڌ پچاءُ هن پاسي نئين ڳالهه آهي. ملائيشيا ۾ کلئي عام ڪتن جي ڪوس تي شايد منع آهي. سوئر جي گوشت جا دڪان هر مارڪيٽ ۾ ڳئون ٻڪري جي گوشت جي مارڪيٽ کان پاسيرا ۽ ڍڪيل رکيا ويا آهن. سوئر جي کلئي عام Transport تي به منع آهي. ٽرڪن وارن کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان چيل آهي ته سوئر کڻڻ مھل ٽرڪن کي ڪپڙي سان ڍڪي پوءِ هڪ شھر کان ٻئي شھر هلو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا دفعا ملاڪا ڪوالالمپور هاءِ وي تي ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪور جي ٽرڪون سوئر ڍوئينديون نظر اچن ٿيون. ڀولڙن جو ڪوس ڪن ڪن شھرن ۾ ڪن خاص هنڌن تي ضرور هلي ٿو. شروع جي ڏينھن ۾ (1982ع ۾) ۽ ان کان اڳ جڏهن جھاز تي اچبو هو ته ڪوالالمپور جي چوڪٽ (Chow-Kit) واري علائقي ۾ ڀولڙن جو گوشت وڪامبو هو _ خاص ڪري انهن جو ميڄالو خريد ڪرڻ لاءِ چيني بيتاب هوندا هئا. جيئري ڀولڙي کي هڪ اهڙي سوڙهي ڪاٺ جي پڃري ۾ ويھاريو ويو ٿي جنھن جي ڇت تي ٺھيل گول سوراخ مان ڀولڙي جو اڌ کن مٿو ٻاهر نڪري اچي. پوءِ گول ڦرندڙ تيز ڪپ سان هن جي مٿي جي چوڌاري چيھڪ ڏئي کوپڙي کولي سندس ميڄالو ڪڍيو ويو ٿي. 1968ع _1969ع ۾ چين جي بندرگاهه سئم ڪانگ جي مارڪيٽ ۾ اهو ڪم عام ڏٺوسين. بھرحال ملائيشيا ۾ هاڻ ڀولڙن کي ڦاسائڻ تي بندش پوڻ ڪري سندن ڪوس نظر نٿو اچي. باقي نانگ، نوريئڙا ۽ ڪُميون ملائيشيا جي ڪيترن ئي شھرن جي چيني هوٽلن ۾ عام وڪرو ٿين ٿيون.
سڄي چين ۾ (ويندي هانگ ڪانگ ۾) ڪتن جو گوشت عام وڪامي ٿو، سواءِ انهن هنڌن تي جتي مسلمانن جي گهڻائي آهي _ خاص ڪري پاڪستان جي مٿان واري اترهين چين جي حصي ۾، جتي چينين جي مئجارٽي مسلمان آهي. يا هيڏانھن چيني سمنڊ واري پاسي جي ڪجهه شھرن ۾ _ خاص ڪري دئرين بندرگاهه ۾ جتي سوئر به نظر نه آيو، جو اتي مسلمان چينين جو تعداد گهڻو آهي.
اڄڪلهه آمريڪا ۽ ٻين حڪومتن جو ڏکڻ ڪوريا تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. (جتي ايندڙ سالن ۾ اولمپڪ رانديون ٿيڻ واريون آهن) ته ڪتن جو هوٽلن ۾ وڪرو بند ڪيو وڃي. ڪتا ته چين، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان ۾ به کاڌا وڃن ٿا، پر جنھن نموني سان ڪوريا جي هوٽلن ۾ ڪتن جو ڪوس هلي ٿو، ان مان ظلم جي جهلڪ ملي ٿي. ڪوريا جي هوٽلن ۾ گراهڪ لاءِ ڪتو ڪھي گوشت پچائڻ کان اڳ ڪتي کي ڏنڊن سان ماريو وڃي ٿو. ائين ڪرڻ سان هنن جو چوڻ آهي ته ڪتي جو گوشت ٽينڊر (نرم) ٿئي ٿو. هونءَ ڪنھن به گوشت کي نرم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪچي پپئي جو استعمال ٿئي ٿو. آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ ڪنھن به جانور کي ڪھڻ کان اڳ ڪچي پپيتي جي جيوس جي انجيڪشن لڳائي وڃي ٿي. پر ڪوريا ۾ گوشت ٽينڊر ڪرڻ لاءِ هي عجيب ۽ ظالماڻو نمونو آهي، جيڪو اولمپڪ وارن ڏينھن ۾ ڪوريا جي حڪومت کي دنيا اڳيان شرمندو بنائي سگهي ٿو. ذرا تصور ڪريو دنيا جي ملڪن جا رانديگر ۽ تماشبين ڪوريا جي شھر سيول ۾ گهمڻ وقت هوٽلن جي پٺيان موچڙن لڳڻ ڪري ڪتن جا ڪوڪڙاٽ ٻڌي، ڏکڻ ڪوريا لاءِ ڇا اثر وٺندا.
چين ۽ ڪوريا جي پھرين Voyage (سفر) ۾ مون پنھنجي ڪليگ انجنيئر عبدالصمد کي چيو هو: ”يار هي ڪھڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪتي جو گوشت ٿا وڪڻن!“
عبدالصمد ٽوڪ واري انداز ۾ کلندي چيو: ”پاڻ کان ته بھتر آهن. گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙ ته نٿا ڳالهائين _ ڪتي جو گوشت ڪتي جي ئي نالي ۾ وڪڻن ٿا. پاڻ وانگر ٻڪري، رڍ جي نالي ۾ ڪتي جو گوشت ته نٿا وڪڻن. گابي ۽ وَڇَ جي نالي ۾ گڏهه جو گوشت ته نٿا وڪڻن؟“
ياد رهي ته انهن ڏينھن ۾ نوابشاهه جي هڪ واقعي جي خبر سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي هئي ته نوابشاهه کان مردار گڏهن جو گوشت ڪراچيءَ ۾ بيف (ڳئون جي گوشت) جي نالي ۾ وڪامي ٿو.