الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون آھن ڳچ

نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي: ”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن  تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳالھيون آھن ڳچ

سائين چنتا نه ڪريو

هڪ ڏينھن اسان جي اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ (پرنسپال) ڪئپٽن ’حمزه بن نور‘ مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرايو. سندس اڳيان هڪ خط هو، جنھن ڏي اشارو ڪري چيائين: ”P.U.O انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال وٽان هي خط آيو آهي. کين مئرين انجنيئرنگ لاءِ ڪو ليڪچرار ناهي. هو چاهين ٿا ته اسان وٽان ڪو هفتي کن لاءِ اتي جي فائينل ايئر جي شاگردن کي وڃي پڙهائي. تون ويندين؟“
اسان جي اڪيڊميءَ ۾ Post Sea جي انجنيئرنگ تعليم لاءِ جيڪي ملائيشيا جا انجنيئر اچن ٿا، اهي پنھنجي اوائلي تعليم P.U.O (پوليٽيڪنڪ انگڪو عمر) انسٽيٽيوٽ مان وٺن ٿا، جتي چئن سالن جو مئرين انجنيئرنگ ۾ ’ڊپلوما ڪورس‘ آهي. هيءَ انسٽيٽيوٽ پيراق رياست جي شھر اپوح (Ipoh) ۾ آهي جيڪو هتان ملاڪا کان ساڍا ٽي سؤ ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ مئرين انجنيئرنگ کان علاوه مڪينيڪل، سِوِل، اليڪٽريڪل ۽ ڪامرس جا ڊپارٽمينٽ پڻ آهن. بلڪ مئرين انجنيئرنگ جو ڊپارٽمينٽ (Bahagian-Perkapalan) منجهس ويجهڙائيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو جپانين جي ڪوششن جون نتيجو آهي. جپانين هن ڊپارٽمينٽ لاءِ نه فقط ماڊل مشينريون جھڙوڪ ڊيزل انجڻ، بئالر، ٽربوچارجر، جنريٽر ۽ اسٽيرنگ گيئر وغيره ڏنيون پر پڙهائڻ لاءِ ڇھه ست جپاني مئرين انجنيئر پڻ ڏنا، جيڪي ڪجهه عرصو اڳ مدو پورو ٿيڻ تي جپان موٽي ويا. انهن جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ هتي جا ڪجهه انجنيئر مقرر ڪيا ويا. جھڙوڪ: مسٽر مصطفار_جيڪو جيتوڻيڪ مڪينيڪل انجنيئر آهي، پر ڪجهه مئرين انجنيئرنگ جا سبجيڪٽ پڻ پڙهائي ٿو. مسٽر هاشم جيڪو نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيٽ آهي. اهڙيءَ طرح مئٿس، اليڪٽرانڪ ، مئرين لئجسليچر، مشين ڊرائينگ جھڙن سبجيڪٽن لاءِ موهن ڪرشنان، فيصل، صوفيان، اسماعيل، ارشد، رضوان، ليو وغيره هتي جا ملئي، تامل ۽ چيني ليڪچرار آهن. باقي مئرين انجنيئرنگ جا اهي ڀاڱا جيڪي جھاز جي ايمرجنسي ۽ پرئڪٽيڪل مسئلن سان واسطو رکن ٿا: جھڙوڪ: طوفانن ۾ ڇا ڪرڻ کپي؟ جھاز جا پاسا چيري سمنڊ جو پاڻي گهڙي اچي ته ڇا ڪرڻ کپي؟ باهه لڳي ته ڇا ڪجي؟ بلڪل بليڪ آئوٽ (اونده) ٿي وڃي ته ڇا ڪجي؟ انجڻ اسٽارٽ نه ٿئي يا ان جي اندر (Scavenging – Fire) باهه لڳي وڃي ته ڇا ڪرڻ کپي؟ وغيره لاءِ کين مون جھڙي مئرين انجنئير جي ضرورت هئي، جيڪو جھاز تي گهڻو عرصو رهيو هجي ۽ اهڙن مسئلن کي منھن ڏيڻ جي تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ هنن کي پهچائي سگهي.
مون ڪجهه تبديليءَ خاطر، ڪجهه نئين اداري ۽ ماڻهن کي ڏسڻ خاطر ۽ ڪجهه نئون شھر ۽ رياست گهمڻ جي شوق ۾ يڪدم هائوڪار ڪئي. ڪئپٽن حمزي چيو ته پڙهائڻ جي في جيڪا ملندي سا هتي جي قانون موجب اڪيڊمي کڻندي جو تون اڪيڊميءَ جو پگهاردار آهين. باقي وڃڻ جو ڀاڙو ڀتو، ماني ۽ رهائش جو توکي سڀ خرچ ملندو. آئون پڙهائڻ وارو سليبس وٺي پنھنجي آفيس ۾ آيس.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو ڪافي گهڻو هو پر جيئن ته اپوح وڃڻ ۾ اڃا مھينو هو سو تيسين تياري پوري ڪري ڇڏيم. ڪجهه Transparancies ٺاهيم، جيڪي اوور هيڊ پروجيڪٽر (O.H.P) تي رکي ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هيون. ڪجهه سوالن جي جوابن جا هئنڊ آئوٽ ٺاهيم، ڪجهه زباني سمجهائڻ لاءِ ڇڏيم. ڪجهه عنوانن تي Mavis پروجيڪٽر جون فلمون مون وٽ موجود هيون _ جھڙوڪ: باهه بابت، سمنڊ تي گند اڇلڻ (Pollution) بابت، فيول انجيڪٽر تيار ڪرڻ ۽ بئالر جي صفائي سٺائي بابت_ اهي کنيم.
مقرر تاريخ تي صبح جو اٺين بجي ڌاري ملاڪا کان نڪتس. اسان جي هڪ ليڪچرار _ مسٽر چيانگ (جيڪو اپوح جو آهي) تنھن صلاح ڏني هئي ته اپوح وڃڻ لاءِ ڪوالالمپور شھر ۾ اندر هرگز نه وڃان. ڪوالالمپور کان اڳ هڪ رستو جنھن جي مٿان Utara لکيل نظر ايندو، اهو وٺي اتر طرف هليو وڃان. (ملئي ۾ اتارا جي معنيٰ آهي اتر.) اپوح، پينانگ، الور اسٽار _ اهي سڀ شھر اتر ڏي ويندڙ ان رستي تي آهن.
ڪوالالمپور کان ٻاهريون رستو وٺڻ ڪري ڪوالالمپور شھر جي ٽرئفڪ کان بچاءُ ٿي ويو ۽ جلدي ٻي ڪنڊ کان وڃي نڪتس. اڳتي هلي Utara (اتر) وارو رستو ٽن شاخن ۾ ورهائجي ويو. جنھن مان هڪ جنھن تي اپوح لکيل هو ان کي فالو ڪندو شام جو ٽين بجي ڌاري اپوح شھر ۾ پھچي ويس.
ملائيشيا ۾ رستن جا نشان (Road Signs) کڻي سنگاپور جھڙا بھترين نه آهن ته به ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ئي مشھور ملڪن جھڙوڪ: ڪوريا، انڊونيشيا، فلپين، ٿائلينڊ، پاڪستان، هندوستان، ڪينيا، نائجيريا، وينزوئلا، چلي وغيره کان بھترين آهن. ڪار تکي هلائڻ مھل ڪنھن جو ڀر ۾ هجڻ ضروري آهي، جيڪو رستي جا مختلف نشان پڙهي ڊرائيور کي ٻڌائيندو هلي، نه ته اڪيلي سر گاڏي هلائڻ ۽ هر هر ڍري ڪري رستي جا نشان پڙهڻ پنھنجي لاءِ ۽ پويان ايندڙن لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪرڻ آهي _ جيڪو آئون ڪافي حد تائين پيدا ڪندو اپوح پھتس. اپوح شھر ۾ پھچي جيڪي هوٽلن جا نالا اخبارن، رسالن ۽ گائيڊي ڪتابن مان ياد ڪري آيو هوس، اهي هوٽلون منھنجي بجيٽ کان هيڪانديون مٿي هيون. يا وري حيدرآباد جي گڊس ناڪي جھڙيون بنهه بي افعاليون هيون _جن ۾ منگهڻ ۽ مڇرن جي پڻ رهائش هئي، واڌو ڪار بيھارڻ جي جاءِ نه هئي. نتيجي ۾ نيون هوٽلون ڳولهڻيون پيون.
پڇا تي ڪنھن ڪھڙي هوٽل ٿي ٻڌائي ته ڪنھن ڪھڙي. ڪنھن ويجهي هوٽل جو ڏسُ ڏنو ٿي ته ڪنھن ڏورانھين هوٽل جو. ڪنھن ته چيو ٿي ته اها پٺيان به ته هڪ ڇڏي آيو آهين. ۽ ان پٺينءَ هوٽل ڏي اتان ئي مڙڻ جي چڪر ۾ اپوح ۾ ٻن ٽن هنڌن تي رستي جي قاعدي جي ڀڇڪڙي به ڪري ويٺس. پر شايد ويجهڙائيءَ ۾ ڪو پوليس سنتري موجود نه هو جو بچي ويس. آخر هڪ هوٽل Mikado ۾ سامان کڻي اچي رهيس. ڪجهه مسواڙ مناسب هئي. ڪجهه وڌيڪ هوٽلون ڳولڻ جي هاڻ همت نه رهي هئي. پر ٿورن پئسن ۾، ماٺ مٺوڙي واري هيءَ جپاني نموني جي هوٽل مون کي ايتري وڻي جو پوءِ ٻئين ۽ ٽئين دفعي به ساڳيءَ هوٽل ۾ اچي رهيس _ جو پوءِ هر ٽئي مھيني هفتي کن لاءِ اپوح اچڻ منھنجي لاءِ ڄڻ مقرر ٿي ويو.
ٽئين دفعي اپوح آيس ته خبر پئي ته سڄي اپوح جي هوٽلن جي مالڪن ملڪ ۾ ٽوئرزم کي وڌائڻ لاءِ، مھيني ڏيڍ لاءِ هوٽلن جي مسواڙ گهٽائي اڌ ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري پھرين پراڻي هوٽل مڪاڊو ۾ اچي، سامان رکي، باقي ڏينھن ڪنھن ٻي اتاهين هوٽل ۾ رهڻ لاءِ، هوٽلن جي ڳولا ۾ نڪري پيس. هوٽل جو خوش اخلاق چيني مالڪ _ مسٽر ٽوني ۽ ڪيشيئر ڇوڪري ڊورين، جن سان ڪافي عليڪ سليڪ ٿي ويئي هئي تن کي کلي چيم: “اڄ آخري ڏينھن توهان جي هوٽل ۾ آهيان، ٿي سگهي ٿو وري پنھنجي ملاقات نه ٿئي.“
ٽونيءَ کلي چيو: ”ڀلي. هوٽل هن کان سٺي ضرور ملي ويندانوَ پر هھڙي سستي، صاف سٿري، سٺي هنڌ تي ۽ باحفاظت هرگز نه ملندانوَ.“
”شايد. پر تو جھڙو دلچسپ مالڪ ته هرگز نه ملندو.“ مون وراڻيومانس.
”ينگ ڪلثوم“ روڊ (جنھن تي مڪاڊو هوٽل آهي) ۽ ڪووان اسٽريٽ ڏيئي ايڪسيلشر هوٽل تي پھتس. رسيپشن تي ويٺل هڪ يوريشين ۽ چيني ڇوڪريءَ ان هوٽل ۾ رهڻ لاءِ ڏاڍو آماده ڪيو ته سنگل روم جي مسواڙ هڪ سؤ ويھه ڊالر آهي پر هينئر گهٽائي پنجاسي ڪئي ويئي آهي. مون اڃا به گهٽائڻ لاءِ چيومانس.
”ڀلا اسي ڊالر.“
”آئون يڪو هفتي لاءِ رهندس. پنھنجي باس کان پڇي ٻڌاءِ.“
”باس هن وقت ڪونهي پر آخري اگهه جي خبر اٿم. جي هفتو رهو ته پنجھتر ڊالر توهان کان وٺنداسين. جيڪا هن جھڙي فور اسٽار هوٽل لاءِ تمام گهٽ مسواڙ آهي.“
آئون ڪجهه ڪجهه راضي ٿيس. پر جيئن ئي هن چيو ته ان ۾ ڏهه سيڪڙو سروس چارجز ۽ ڏهه سيڪڙو سرڪاري ٽئڪس به ڏيڻو آهي _ يعني پندره ڊالر ٻيا وجهي نوي ڊالر ڏيڻا آهن ته مون سنئون سڌو چيومان: “Tidak Boleh” (ملئي لفظ. معنيٰ ته پوءِ ممڪن ناهي.) وڃڻ وقت يوريشين ڇوڪريءَ کي چيم ته آيا هوءِ ڪنھن ٻي هوٽل جو نالو ٻڌائي سگهندي جيڪا هن کان ٿورو سستي هجي.
”ٿورو ترسو. آئون نه فقط هوٽلن جا نالا پر اگهه به معلوم ڪري ٿي ٻڌايانوَ.“
”مھرباني پر خيال سان. ڪٿي باس جا موچڙا نه کائين جو ڪھڙو مالڪ چاهيندو ته سندس هوٽل ۾ آيل گراهڪ کي پرائي هوٽل جو ڏس ڏجي.“ مون چيومانس.
اپوح ۾ هوٽلن جو تعداد گهڻو ۽ هن مند ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ مسافرن جو تعداد گهٽ هجڻ ڪري اها ته پڪ هئي ته سڀ هوٽلون خالي پيون آهن. هن يوريشين ڇوڪريءَ جن ٽن چئن هوٽلن کي فون ذريعي بحث ڪري مسواڙ گهٽرائي مون کي آخري اگهه ٻڌايو. هڪ ته تمبون ان (Tambun- Inn) هوٽل هئي جيڪا ايڪسيلشر هوٽل جي ئي معيار جي هئي، پر هنن مسواڙ بنھه گهٽائي پنجاهه ڊالر رکي هئي. شھر کان گهڻو پري هجڻ ڪري مون لاءِ بيڪار هئي. ٻي هوٽل ايسٽرن ۽ هوٽل فرينچ هئي، جن جي مسواڙ سٺ کن ڊالر هئي، پر اتي پھچي جڏهن مون ڀيٽ ڪئي ته اسان جي يار جي ڳالهه صحيح نڪتي ته مڪاڊو هوٽل ٿورن پئسن ۾ گهڻي سُکَ واري آهي.
ايڪسيلشر هوٽل ۾ يوريشن ڇوڪري _ جيڪا ڏسڻ ۾ نه ملئي لڳي ٿي نه چيني تنھن کان پڇيم ته هوءِ يوريشين ڪھڙي حساب سان آهي. ماءُ پيءُ مان ڪھڙو يورپي آهي ۽ ڪھڙو ايشيائي. (جيئن ملاڪا ۾ ڪيترائي يوريشين اهڙا آهن جن جا پيئر پورچو گالي هئا ۽ مائر چيني يا ملئي.) ڇوڪريءَ وراڻيو: ”ماءُ ملئي اٿم ۽ پيءُ سلوني.“
تعجب مان چيوماسن: ”ته پوءِ اهو يوريشين _ يعني يورپ ۽ ايشيا جو ميلاپ ته نه ٿيو. پر ايشيا جو ايشيا سان ئي ٿيو.“
”هتي اهي به يوريشين سڏائين. خاص ڪري جن جا پيئر سلون جا سنھالي آهن. باقي جن جا پيئر سلون جا تامل آهن، اهي انڊين ئي سڏرائين.“
”گهر ۾ ڪھڙي زبان ڳالهايو؟“ مون پڇيومانس.
”ملئي ۽ انگريزي، پر سنھالي به ٿوري ٿوري سمجهان ٿي.“ هن وراڻيو.
هوٽل مان نڪرڻ وقت، هوٽل جي ڪافي روم اڳيان هڪ شو ڪيس ۾ رکيل پيوٽر جي مختلف سامان تي نظر پئي. ننڍڙيون پليٽون، ائش ٽري، گلدستا، ڪُنجين جا ڇلا، گلاس وغيره هئا. انهن شين اڳيان قيمتون پڻ لکيل هيون _ جيڪي بنھه واجبي هيون. هن کان اڳ ملاڪا ۾ هڪ دڪان تان معلوم ڪيو هوم ته پيوٽر جي شين جا اگهه تمام ڳرا هئا. پيوٽر ڌاتو رنگ ۾ چاندي ۽ پلاٽينم جھڙو اڇو ٿئي ٿو. ٽامي پتل وانگر وقت سان گڏ ميرانجهڙو نٿو ٿئي. پيوٽر ۾ اهم ڌاتو ٽين (Tin) ٿئي ٿو، جنھن جون ملائيشيا ۾ تمام گهڻيون کاڻيون آهن _ خاص ڪري هن پيراق رياست ۾ _ جنھن جو اپوح پڻ هڪ شھر آهي. اپوح لاءِ ته مشھور آهي ته هن شهر ۾ هيءَ دولت ۽ رونق ٽين جي ڪري آئي.
ڪوالالمپور جو شھر جنھن هنڌ تي آهي اتي پڻ ڪنھن زماني ۾ ٽين جون کاڻيون هيون ۽ ٽين ۾ ٻيا ڌاتو ملائي پيوٽر جون مختلف شيون ٺاهڻ جو آڳاٽو ڪم سلنگور پيوٽر (Selangor Pewter) ڪمپنيءَ شروع ڪيو، جيڪا هڪ سؤ سالن کان به جهوني آهي. ھن جي ٺھيل هر شيءِ تي سون وانگر گئرنٽيءَ سان گڏ باقاعدي رسيد به ڏني وڃي ٿي.
ان هوٽل تان پيوٽر جون هڪ ٻه شيون ورتم ٿي ته ياد اچي ويو ته مڪاڊو هوٽل ڏي ويندي، ساڄي پاسي بريوسٽر روڊ (Brewster Road) تي هڪ پيوٽر جو تمام وڏو دڪان نظر آيو هو. ٿي سگهي ٿو ان تي اهي ساڳيون شيون اڃا به سستيون ملن.
هوٽل ايڪسيلشر جي گيٽ تي بيٺل ڳاڙهي يونيفارم ۾ قداور تامل همراهه مرڪي در کوليو. ڪارن ۽ بسن جي درياهه مان پاڻ کي بچائيندو، رستا ڪراس ڪندو بريوسٽر روڊ تي بامبي شاپ جي ڀر ۾ پيوٽر جي دڪان تي پھتس. سڄو دڪان پيوٽر جي مختلف شين سان ڀريل هو. هوٽل ۾ ڏٺل شين سان ڪجهه ملندڙ جلندڙ شين جو اگهه جائزي خاطر پڇيم. دڪاندار هيڪاندو ڳرو ملهه ٻڌايو.
ٻي وڏي جنگ بعد انگريز فوج جا ڪافي پنجابي مسلمان سپاهي اپوح ۾ رهي پيا هئا. هي دڪاندار همراهه قد ڪاٺ ۾ پنجابي لڳي رهيو هو. جي پنجابي (پاڪستاني) آهي ته مون جهڙي هڪ هم وطنيءَ لاءِ مناسب اگهه ڪري سگهي ٿو.
“Are you Pakistani?” مون پڇيومانس.
No, I am a Srilankan” منھنجو پيءُ ڏاڏو سلون کان آيو هو. بھرحال هاڻ آئون هتي ملائيشين ٿيس.“
دل ۾ چيم ڏاڍي ٻڌائي. اگهه گهٽ ڪرائڻ جو ٿورو آسرو هو سو به ڇٽو. نيٺ هوٽل ۾ ڏٺل سامان جو اگهه ٻڌائي چيومانس:
”ان حساب سان تنھنجي دڪان ۾ رکيل سامان جو اگهه اڃا به گهٽ هجڻ کپي.“
”سائين منھنجا توهان بلڪل بجا فرمايو.“ هن بيحد سٺي انگريزي ۽ سٺي انداز ۾ مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پر اهو پيوٽر جيڪو توهان ڏسي آيا آهيو اصلي نه اٿانوَ. ان ڪري ئي سستو آهي. هي جيڪي مون وٽ آهي اهو جڳ مشھور ’سلينگور پيوٽر‘ (Selangor Pewter) آهي. آئون توهان کي سامان جي خريداريءَ جي گئرنٽي ۽ رسيد پڻ ڏيندس. توهان ڪٿي به ڀيٽي سگهو ٿا جو سلينگور پيوٽر جي شين جي قيمت جتي ڪٿي ساڳي رکيل آهي. ڪو به دڪاندار ان ڪمپنيءَ جون شيون گهٽ وڌ قيمت ۾ وڪڻي نٿو سگهي. ڪمپنيءَ وارا مٿس ڪيس ڪري وجهن.“
”پر هوٽل ۾ به هھڙي ساڳي ڌاتوءَ جون شيون ڏسي آيو آهيان، جيڪي تمام گهٽ اگهه تي هيون.“
”هرگز ٿي نٿو سگهي، منھنجا راڻا! سڄي اپوح شھر ۾ ’سلينگور پيوٽر‘ جي ايجنسي فقط مون وٽ ئي آهي. ان ڪري اهو سامان اپوح ۾ ٻيو ڪٿي به نه ملندو.“
مون کي سندس ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي هوٽل واري پيوٽر سامان اڳيان ڪنھن ٻيءَ ڪمپنيءَ جو نالو لکيل هو ۽ ڪا اهڙي شيءِ ٿوري سستي اگهه ۾ وٺي پنھنجي ملڪ پھچي پوءِ افسوس ڪجي ته اها اصل ڌاتوءَ جي ناهي، ان کان بھتر آهي ته ڪجهه وڌيڪ ڊالر ڏيئي ڪو سٺو سووينر وٺجي.
هوشيار دڪاندار منھنجي اها سوچ، منھنجي چھري مان پڙهي ورتي. هو دڪان جي ٻي ڪنڊ مان هڪ فريم کڻي آيو، جنھن تي ڪجهه لکيل هو جيڪو خاص ادا سان پڙهي ٻڌايائين:
Why compromise?
The bitterness of poor quality remains long after the sweetnees of bargain prize has been forgotten.
مون کي سندس ڳالهائڻ ۽ گراهڪ کي مطمئن ڪرڻ جو اسٽائيل بيحد وڻيو. دل ۾ چيم: ”ڪا ويھين ٽيھين ڊالرين جي سوغات وٺان يا نه وٺان _ ان ڳالهه کي هڻ کڏ ۾. في الحال هن جون دلچسپ ڳالهيون ضرور ٻڌان. شام جو اڃا ست ٿيا هئا. هينئر ئي واپس هوٽل ۾ هلي سمهڻ بدران هتي ئي ڪجهه وقت پاس ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي“
فريم وٺي هڪ دفعو وري پڙهيم. لکڻ واري _ بلڪ ٺاهڻ واري سٺو ڊائلاگ گهڙيو آهي. هي ان اڙدو پھاڪي جو نعم البدل چئي سگهجي ٿو: ’مهنگا روئي ايڪ بار، سستا روئي بار بار‘
”پر سائين“، مون دڪاندار کي چيو، ”ڪيئن ٿا چئو ته هُن هوٽل جو سامان اصلي پيوٽر ناهي. ماڻهن ته ورتو پئي.“
منھنجي اها ڳالهه ٻڌي، مون سمجهيو ته دڪاندار لاجواب ٿي ويندو پر هن عارضي خفي ۽ چڙ جو اظھار ڪندي، هٿ ۾ جهليل پيوٽر جا گلدستا واپس ڪٻٽ ۾ کڻي اڇلايا. وات سان ڪجهه چوڻ بدران هن مون ڏي ڏسي اهڙي شڪل ٺاهي ڄڻ چئي رهيو هجي: ”سائين ڀلا هاڻ توهان جاهلن کي ڇا سمجهائجي.“ ۽ مون کي به ذري جهٽ لاءِ اهو محسوس ٿيو ته وٺڻو مون کي به نه آهي دڪاندار جو اجايو ويٺو وقت وڃايان ۽ بحث ڪريان _ جيڪو هاڻ رُسي پنھنجي ڪرسيءَ ڏي پئي موٽيو. پر ڪرسيءَ وٽ پھچڻ کان اڳ يڪدم ’ابائوٽ ٽرن‘ ڪري وري مون ڏي وڌيو. منھنجي ڪلهن تي هٿ رکي آمريڪن فلمن جي خدائي فوجدار (شيرف) ۽ غريبن جي هڏ ڏوکي ڌاڙيل هيرو وانگر سرٻاٽ ۾ چيائين:
“Imitation. My friend! All imitation.”
”ادا سڄو نقل اٿئي! تڏهن ته سستو وڪڻن ٿا. ’نقل‘ هميشه ’اصل‘ کان تکو وڪامي ٿو ۽ عارضيءَ طرح، ظاهري ڏيک ۾ وڌيڪ چمڪ تجلو رکي ٿو.“ ۽ پوءِ پنڊت، پادري يا مُلين جي واعظ واري نموني چتاءُ ڏيندي چيو:
“My dear brother! When there is something moving fast it is bound to be imitation.”
آئون سمورو وقت مرڪندو رهيس. نيٺ چيومانس ته يار دڪاندار! ماڻهو واهه جو آهين. هونءِ سچ پڇين ته زندگيءَ ۾ پھريون سلوني سنھالي ڏٺو اٿم جيڪو سٺو واپاري چئي سگهجي ٿو.
”ٿئنڪ يو“ پاڻ به کليو.
”آئون سريلنڪا جو ضرور آهيان پر سنھالي نه آهيان. آئون تامل ڪرسچن آهيان.“
”اها ڳالهه ڪر نه،“ مون وراڻيومانس، ”آئون به چوان سنھالي ويچارا ڪٿي ايترا تيز آهن. بھرحال مسٽر اراسو (Mr. Arasu)! انگريزي واهه جي ڳالهائين ٿو. اهڙي انگريزي ويهه سال اڳ، ’ڪراچي فليٽ ڪلب‘ ۾ ڏٺل هڪ انگريزي ڊرامي ۾ ٻڌي هيم. آئون هڪ دفعو وري هوٽل تي ’پيوٽر‘ جو سامان ڏسي دلجاءِ ڪري پوءِ ايندس.“
”بلڪل، بلڪل.“ هن پيوٽر جي مختلف شين جي قيمتن جو ڪتابڙو (ڪئٽلاگ) مون کي ڏيندي موڪلايو.
سندس دڪان تان لھي ڀر واري ’بمبئي شاپ‘ نالي دڪان تي چڙهيس، جيڪو ارجن نالي هڪ سنڌي هندوءَ جو پراڻن ڪتابن جو آهي. اپوح ۾ جڏهن پھريون دفعو آيو هوس ته پراڻن ڪتابن جو پڇائي پڇائي نيٺ هن دڪان تي پھتو هوس. سڄي ملائيشيا ۾ سيڪنڊ هئنڊ (پراڻن) ڪتابن جو دڪان ڪو ورلي نظر اچي ٿو. ان جو اهو به سبب آهي ته هتي جي ماڻهن کي پڙهڻ جو گهڻو شوق ناهي. حڪومت جي ڪوششن ڪري هاڻ مڙيئي ننڍي ٽھيءَ ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به ڪي گهڻيون لئبرريون يا ڪتابن جا دڪان نه آهن، جيترا هھڙي ملڪ ۾ هئڻ کپن. ان ڪري سکر يا بھاولپور جيڏي هن شھر اپوح ۾ فقط هن بريوسٽر روڊ تي آمهون سامهون ٻه لولا لنگڙا پراڻن ڪتابن جا دڪان آهن. بلڪ دڪانن جا حصا آهن، جو ارجن جو دڪان به ڪتابن جو دڪان گهٽ درزيءَ جو دڪان وڌيڪ آهي، جنھن ۾ چوڌاري ٽي چار درزي سلائي ڪن ٿا. فقط هڪ ڪنڊ ۾ ٻه کن ڀت جا ڪٻٽ ۽ هڪ شو ڪيس ڪتابن جو رکيل آهي، جنھن جي ڦڏين ٽنگن جا پير جست جي پيالن منجهه هئا _ اڏوهيءَ جي بچاءَ کان شايد.
اهڙيءَ طرح رستي جي ٻئي پاسي تامل دڪان ۾ ته ان کان به گهٽ ڪتاب آهن _ سي به گهڻي ڀاڱي تامل _ جيڪي ڪاغذ، ڇپائي ۽ جُلد سازيءَ جي معيار کان ايئن لڳندا ڄڻ فلمي ڪھاڻين جون چوپڙيون. ارجن جا ڪتاب جيڪي ٻه سؤ کن ٿيندا، چڱيءَ طرح اُٿلائي پُٿلائي ڏٺم پر ڪو به منھنجي ڪم جو نه لڳو. ڪيترا ته رام رامائڻ، سيتا لڇمڻ يا چيني ڏند ڪٿائن ۽ ڌرمي قصن جا ڪتاب هئا. انگريزيءَ جو هڪ ٻه چڱيرڙو هو ته پويان يا وچيان صفحا ڦاٽل هئا يا وري گهڻي قيمت ڪري واپس رکڻو پيو ٿي _ جيتوڻيڪ لڳاتار هو اها ئي تسبيح پڙهندو رهيو: ”سائين ڪتاب کڻي وڃو. قيمت جي چنتا نه ڪريو.“
دل ۾ چيم ڌوڙ چنتا نه ڪريان. نئين ڪتاب جي قيمت ڏهه ڊالر ۽ هن سيڪنڊ هئنڊ (بلڪ سيونٿ يا ايٽٿ هئنڊ) ڪتاب جي قيمت اٺ ڊالر پيو ٻڌائين ته پوءِ پراڻي ڪتاب وٺڻ مان ڪھڙو فائدو. ۽ چنتا ڇو نه ٿئي. هم زبان سنڌي همراهه سان خريداريءِ کان سنئون سڌو انڪار ڪندي به خراب ئي لڳو. سو ’وري ٿو اچان‘ جو بھانو ڪري سامهون تامل همراهه جي دڪان تي پھتس، جتي ڪتابن جي نالي ۾ الائي ڪھڙي سن، ڪھڙي پني ۽ ڪھڙي مس جي ڇپائيءَ جا ڪتاب رکيل هئا. جن کي پڙهڻ وارو مفت ۾ به کڻڻ کان انڪار ڪري. ڇيڻن جي باهه دُکائڻ لاءِ انهن ڪتابن جا پنا ٻارڻ لاءِ سو صحيح هئا. ڪتاب نه ملڻ ڪري ڏاڍي اٻاڻڪائي ٿي. پر جيئن تيئن ڪري اپوح جھڙي پرديس ۾ وقت گذاري ملاڪا موٽيس. ڪتابن جي ڳالهه تان اپوح جي بمبئي شاپ وارو ارجن ياد ضرور ايندو هو. چي:
”سائين ڪتاب کڻي وڃو، قيمت جي چنتا نه ڪريو.“
اڄ جڏهن هڪ دفعو وري ان دڪان جي ڀر ۾ بيٺو هوس ته سوچيم ته ليئو پائي ڏسان ته ‘چنتا نه ڪريو’ وارو همراهه آهي يا نه؟ هن دفعي ڪتابن جو تعداد ڪجهه وڌيڪ هو. پاڻ غائب هو. چيني درزين کان سندس پڇيم ته ٻڌايائون ”هينئر هينئر ڪتابن جا ڪٻٽ بند ڪري چاٻي کڻي نڪتو آهي ۽ ڏهين کان اڳ نه موٽندو. سڀان آچر (موڪل جو ڏينھن) آهي، هاڻي پرينءَ سومر تي اچجو.“
هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي ته پھرين دفعي ڪتابن جي پچر ڇڏي ارجن کان پتلون سبرائڻ جي ارادي سان سلائيءَ جو پڇيم. هن چيني درزين سان سرٻاٽ ڪري ٻڌايو ته سنڌي هجڻ ڪري هو مون کان پتلون جي سلائيءَ جا فقط پنجٽيھه ڊالر وٺندو. ان کان گهٽ بنھه نٿي ڪيائين. تنھن تي چيومانس ته ”لالا سنگاپور ۾ ته ڪپڙي سميت ٽيھه ڊالر ٿا وٺن. ملاڪا ۾ پنجٽيھه ڊالر، پر ڪپڙي سميت. هتي اپوح ۾ تو وٽ فقط سلائيءَ جا پنجٽيه ڊالر ڇو؟ سوني تند سان سبرائي ڏيندين ڇا؟“
جواب وري ساڳيو ڏنائين: ”سائين اگهه جي چنتا نه ڪريو ...“ ۽ آئون به ان ’چنتا‘ مان اهڙو بيزار ٿي ڀڳو هوس جو اڄ جڏهن خبر پئي ته هو موجود نه آهي ته ڪو اهڙو افسوس نه ٿيو، جيتوڻيڪ نون آيل ڪتابن مان هڪ ٻه ڪتاب منھنجو ڌيان ڇڪائي رهيا هئا.
ٻئي ڏينھن (آچر تي) هوٽل ۾ پنھنجي ميري قميص ۽ پتلون ڌوتم. جيسين سڪن تيسين هوٽل جي ’روم ميڊ‘ (ڪمرا صاف ڪندڙ عورت) هلي ويئي، جنھن ڪپڙا پڻ استري ڪيا ٿي. هتي ملائيشيا ۾ ڌوٻيءَ جو دڪان شايد ئي ڪنھن ڳوٺ يا ننڍي شھر ۾ هجي. جيتوڻيڪ اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ئي ڊزن کن کٽي/ ڌوٻي/ لانڊري مين، ڊراءِ ڪلينر _ يا جيڪي سمجهو، جا دڪان هوندا. پاڻ سان استري نه آندي هيم سو ان لاءِ نيٺ سوچي اهو گس ڳوليم ته ارجن جي دڪان تي هلي هن جي درزين جي استري استعمال ڪجي.
اسان جي ڳوٺ جي ڪتابن جي مشھور ۽ پراڻي دڪان ’ميمن بڪ اسٽور‘ جي مالڪ شمس الدين ميمڻ وانگر ارجن به سدائين حيران پريشان، ڏاڙهي وڌيل ۽ پير اڌ چمپل ۾ اڌ ٻاهر، کِٿر کِٿِر ڪري اچي اڳيان بيٺو. ٿورو ئي اشارو ڏنومانس ته يڪدم سڃاڻي ويو.
”اڙي يار ڪٿي آهين تون؟ چئي وئين ته اچان ٿو، اڄ ستن مھينن بعد وريو آهين.“
دل ۾ چيم ته ڏاڍي ٻڌايائين! يا ته سندس يادگيرو تمام تيز آهي جو بلڪل صحيح مدو ٻڌايو اٿس، يا ته ڪو گراهڪ ئي ڪونه ٿو اچيس. چيومانس:
”اچان ڪيئن؟ تنھنجي ڪتابن جا اگهه اهڙا آهن جو خريد ڪرڻ پنھنجي وس جي ڳالهه ناهي.“
مون اٿندي ئي اها ڳالهه ان ڪري ڪئي جيئن سندس وڏي اگهه جو احساس ٿئيس ۽ شرم کان هن دفعي گهٽ اگهه ٻڌائي. پر سائين ارجن پنھنجي ڇاتي کنهندي، اسان جي ڳوٺ واري شمس الدين ميمڻ وانگر سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو:
“ڀاءُ مٺا! ڀلا ڇا ڪريان؟ منھنجي ڪتابن جي چونڊ ئي ڪجهه اهڙي آهي، ان ڪري مجبور ٿي اگهه وڏا رکيا اٿم.”
مون کان ٽھڪ نڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ بولٽن مارڪيٽ جي ڀر ۾ گوري گارڊن ۾ جيڪي تور جي حساب سان پراڻا ڪتاب ملن ٿا ۽ اڪثر پان وارا ۽ ٻيا پڙيون ٻڌڻ لاءِ وٺندا آهن، اهي به مواد ۽ منھن مھانڊي ۾ هنن کان بھتر هوندا آهن. پر ارجن جي اها ڳالهه مون دل ۾ نه ڪئي ۽ نه ارجن منھنجو ٽوڪ طور ڏنل ٽھڪ دل ۾ ڪيو. بلڪ منھن جو پڪو ٿي چيو: “ادا نوانوي سيڪڙو ڪتاب آءُ پاڻ چونڊي آڻيندو آهيان. منھنجا گراهڪ ئي ڪجهه اعليٰ معيار ۽ ٽيسٽ وارا آهن.“
ٻين لفظن ۾ هاڻ جي ڪتاب نٿو وٺان ته ارجن جي حساب سان آئون سندس اعليٰ معياري گراهڪن مان نه آهيان. پر يڪدم بان ڪرڻ بدران چيومانس:
”ارجن! تنھنجي دڪان ۾ هي منھنجون ٽيون دفعو آهي. مون کي ته پاڻ کان علاوه ڪو ٻيو نڀاڳو گراهڪ نظر نٿو اچي.“ چرچي خاطر مون اڃا وڌيڪ چوڻ پئي چاهيو پر نه چيم، جو ڀر واري سلوني دڪاندار ۽ اسان جي ڳوٺائي شمس الدين وانگر سندس ڳالهيون پڻ مزيدار هيون ۽ هن وانگر پڙهيل ڳڙهيل به لڳو ٿي. پر پوءِ خبر پيئي ته ارجن پڙهيو مئٽرڪ تائين به نه آهي، باقي اسان واري ماسات شبير گهلوءَ وانگر جهونن انگريز ليکڪن جا اُٺَ ڪتابن جا پڙهي، انگريزي ڳالهائڻ ۾ اهڙو ڀڙ ٿي ويو آهي جھڙو شيڪسپيئر جي دور جو ماڻهو.
ڪتاب ڪڍڻ لاءِ ارجن کي ڪٽ چڙهيل ڪلفن کي کولڻ لاءِ چڱو منھن مٿو پٽڻو پيو. پوءِ جڏهن ڪٻٽ کليو ته ڪا دير ڪتابن تان مٽي ڇنڊيندو رهيو.
”ارجن اهو ته ٻڌاءِ ته اصل ڪٿان جو آهين؟“ مون پڇيومانس.
”حيدرآباد سنڌ جو آهيان. تلڪ چاڙهيءَ کان مٿي رهندا هئاسين.“
چوڌاري فقط چيني ڇوڪرين کي درزڪو ڪم ڪندو ڏسي پڇيومانس ته آيا زال چيني اٿئي يا انڊين؟
”يار شادي شده ئي نه آهيان.“
”ڇو ڀلا. چاليھن سالن جو اچي ٿيو آهين. اڃا ڪڏهن شادي ڪندين؟“ مون کيس ٻين ڳالهين ۾ بزي رکڻ چاهيو ٿي، جيئن آئون آرام سان ڪتابن جي جانچ ڪري وٺان.
”شادي ڪئي هيم، هڪ سنڌي ڇوڪريءَ سان پر گذارو نه ٿي سگهيو. مون کي هن Divorce ڪري ڇڏيو. (طلاق ڏيئي ڇڏي.)“
”هن شهر اپوح جي هئي؟“ مون پڇيومانس.
”نه ملاڪا جي.“
”ملاڪا ۾ ته ڪي سنڌي فئمليون نه آهن. هڪ ته پارواڻي وارا آهن، جن جو ملاڪا شھر کان ٻاهر دڪان آهي.“
”هينئر سڀ ملاڪا مان لڏي ويا آهن. منھنجي زال وارا به تڏهن ئي ملاڪا ڇڏي ويا هئا.“ ارجن ٻڌايو.
”پوءِ ارجن هُن وڃي ٻي شادي ڪئي يا نه؟“ مون پڇيومانس.
ارجن سگريٽ جو وڏو ڪش هڻي، پنھنجي وڌيل ڏاڙهيءَ کي کنهندي چيو: “Tidak-Tahu” (ملئي عام اصطلاح: معنيٰ ’ڪا ڄاڻ ناهي‘) ۽ پوءِ گاڏڙ ساڏڙ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ چيو: ”جڏهن ڪو هاڻ واسطو ئي نه رهيو ته خبر چار رکڻ مان اجايو درد پرائڻ ٿيو. جنھن جي واٽ نه وڃجي ان جو پنڌ ڇو پڇائجي. ان ڪري زندگيءَ جي ان باب کي ميساري ڇڏيو اٿم. هاڻ وري شادي ڪبي. ڳولا ۾ آهيان.“
”اپوح جھڙو شھر جنھن ۾ چوڌاري چيني ۽ چيني آهن، ڪنھن پروفيشنل _ نوڪري يا واپار ڪندڙ چيني عورت جي ڳولا ۾ ته نه آهين.“ مون پڇيومانس.
”نه. چيني عورت ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس. ”اهي ڏينھن جو هڪڙيون ۽ رات جو ٻيون آهن ڇا؟“
”نه، نه. منھنجو مطلب آهي سندن ڪلچر ۽ اسان جي ڪلچر ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. چينين جي رهڻي ڪھڻي، کاڌو پيتو، اٿڻي ويھڻي، ڪپڙو گندي سڀ مختلف آهن. ڪٿي ٿو گذارو ٿي سگهي.“
“پوءِ ڀلا ڪنھنجو سوچيو اٿئي؟ ملئي، تامل، سک يا ڪا يوريشين ڇوڪري؟“
”نه. شادي ته وري به پنھنجي ئي هم زبان ۽ ڪلچر واريءَ سان ئي ڪندس. هڪ اهڙي ٿي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته سڀ سنڌي اهڙا آهن.“
مون کانئس سندس واپار جو پڇيو ته آيا سندس دڪان ۾ ڪم ڪندڙ چيني درزي سندس رکيل آهن يا انهن جو الڳ ڪاروبار آهي.
”هن دڪان ۾ منھنجا فقط هي ڪتاب آهن. يعني رڳو هيءَ ڪنڊ منھنجي آهي باقي سڄو دڪان هنن چينين کي مسواڙ تي ڏنو اٿم. هي سڄو دڪان ۽ ان سان مليل پٺيون گهر ۽ ماڙي منھنجي آهي. سواءِ ٻن ڪمرن جي رهائش وارو حصو پڻ مسواڙ تي ڏنو اٿم.“
”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب مان پڇيومانس، ”تون پاڻ سڄو دڪان ڇو نٿو هلائين؟“
”ادا ڪٿي آهي ڌنڌو؟ بزنس سڄو ڊائون آهي. واپار ۾ ڪو مزو نه رهيو آهي.“ هن ويجهو ٿي اها ڳالهه ائين سُرٻاٽ ۾ ڪئي، ڄڻ اهم راز ٻڌائي رهيو هجي.
”واقعي ارجن! هوٽلون به خالي نظر پيون اچن ۽ دڪانن تي به خريدارن جي اها ريل پيل ناهي. هي رڳو هتي آهي يا سڄي ملائيشيا جو اهو حال آهي؟“ مون پڇيو.
”سڄي ملائيشيا بلڪ هن سڄي ريجن جو اهو حال وڃي ٿيو آهي. اڄڪلهه بزنس ۾ پئسو لڳائڻ کان بھتر آهي ته بئنڪ ۾ رکي ڇڏجي. گهٽ ۾ گهٽ پئسو ته صحيح سلامت رهندو. مٿان ست اٺ سيڪڙو وياج، ڪميشن، نفعو يا فائدو_ يا ٻيو جيڪو نالو ان تي رکين _ اهو به ملندو رهندو. واپار ۾ ته ٿوري به سستي يا اڀاڳ جهڳو جهڻ ڪريو رکي.“
”يار هي ڳالهيون ته هاڻ پيون ٻڌجن ته بزنس ۾ جوکم آهي. نه ته، ته اهو ئي ٻڌبو هو ته نوڪري ٽوڪري آهي. وڌندڙ ڪم واپار آهي. خاص ڪري توهان جھڙا سنڌ ورڪي ته وڌيائي واپار مان. هينئر تنھنجو هي حال ۽ ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳي ٿو ته واپار ته ڪا به شيءِ ناهي.“
”واپارسڀ ڪجهه هو“، ارجن درستي ڪندي چيو، ”پر اهو هاڻ نه رهيو آهي. 1960ع ٻاهٺ تائين ٻه اڍائي سؤ سال واپار جو سونھري دور هو. يعني انگريزن جي دور وارو زمانو ۽ ان کان ڪجهه اڳ وارا سال سنڌي ۽ چيني واپاري نه فقط هن تڙ: بئنڪاڪ، بورنيو، بجنگ ۽ باليءَ کان مسقط، موريشس، ممباسا ۽ موزمبق تائين کٽي کاڌو پر ويندي ڏورانھين علائقي: لاس پاماس، جئميڪا، فجي ۽ ٻين دور دراز ٻيٽن تائين پڻ واپار ذريعي راڄ ڪيو.“
”پر اڃا به ڪي ڪي ڊپارٽمينٽل اسٽور، شاپنگ آرڪيڊ ۽ سپر مارڪيٽون ڏسجن ٿيون ته گراهڪن سان اٿلن ٿيون.“ مون چيومانس.
”ها ائين آهي. مولا جو ملڪ هلي ضرور پيو. بيھڻو ناهي، پر هن وقت ڪمائين فقط اهي پيا جن جي سيڙپ هيڪاندي گهڻي آهي. باقي اسان جھڙا اٽي ۽ لٽي جي فڪر ۾ آهن.“
”تنھن جي معنيٰ ته واپار کان پاسو ڪرڻ چاهين ٿو.“
”نه، نه. اها ڳالهه ناهي. انتظار پيو ڪريان. جائزو پيو وٺان، جيئن ئي بھتر ڏينھن آيا ته وري شروع ڪبو. هونءَ بنھه بس به ناهي ٿيو. علائقو علائقو ضرور بدلجندو رهي ٿو. ڪو وقت هو هي بروسٽر روڊ واپار کان بلي بلي هو. پوءِ اپوح شھر جي نئين علائقي ۾ دڪان کليا. منھنجي ڀر ۾ دڪانن جا ڪپڙي جا واپاري اوڏانھن لڏي ويا. مون سستي ڪئي. اسان جو ئي هڪڙو دڪان رهجي ويو. سو هڪ تي ڪير ڪپڙا وٺڻ ايندو.“
”پر اڪثر واپاري ساڳي ئي شيءِ وڪڻندڙ کي ڀر ۾ رهڻ نه ڏيندا آهن، جيئن انهن جي هڪ هٽي رهي.“ مون پڇيومانس.
”نه. گراهڪ اتي گهڻا ايندا جتي هڪ ئي وکر جا گهڻا دڪان هجن، جتي جهجهي کنڊ هوندي اتي ئي گهڻيون ڪيئليون (ماڪوڙيون) مڙنديون. ٿوري چپٽيءَ تي ڇا اينديون. ساڳيو حال وکر ۽ گراهڪن جو آهي.“
”پوءِ تون ڇو نٿو شھر جي نئين حصي ۾ هليو وڃين؟“
”مون کي تڏهن ئي وڃڻ کپندو هو. اها منھنجي غلطي هئي. اڄ جي منھنجو دڪان شھر جي نئين حصي ۾ هجي ها ته حالتون ڊيفنيٽلي وُوڊ هئوِ بِن بيٽر (Definitely would have been better.) ان وقت اسان وٽ جيڪو ناڻو هو ان مان آرام سان هي دڪان وڪڻڻ بنا نئون خريد ڪري سگهيس ٿي، پر اسان اها غلطي ڪئي جو منھنجي ڀاءُ پينانگ ۾ وڃي دڪان کوليو ۽ اهو هلي نه سگهيو. تمام وڏو گهاٽو پيو. پٽ تي وڃي ڦھڪو ڪيوسين. هاڻ جيسين ڪجهه پئسو ٿئي. شھر جي نئين حصي وارن دڪانن جي قيمت به هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک ڊالر (تيرهن لک رپيا کن) ٿي ويئي آهي.“
انهن ڳالهين دوران مون هڪ ڪتاب جيمس مچنر جو ڳوليو. سوچيم ته ٻيو کڻڻ بدران اهو وري به غنيمت آهي. پر شوڪيس مان ٻاهر ڪڍي ڏٺم ته آخري صفحا غائب هئا.
”هينئر ڪجهه ڪتاب انڊيا کان گهرايا اٿم. اهي ڀلا ڏس.“ ارجن هڪ ڪنڊ مان اٺ ڏهه ڪتاب کڻي ڏيکاريا. چار پنج ته يوگا، انڊين جادو ۽ هندو مئٿالاجيءَ جا هئا. ٻن ڪتابن منھنجو ڌيان ڇڪايو. هڪ `A Spy in Pakistan` هو جيڪو جاسوسي قسم جو ناول ٿي لڳو، جنھن جو نالو ڪجهه به ٿي سگهيو ٿي پر پنھنجي ملڪ جو نالو ڏسي ان لاءِ کنيم ته پاڙي واري ملڪ ڇا لکيو آهي. ٻيو ڪتاب هندوستان جي مشھور تاريخدان، سرڪاري ڪاموري، وڪيل، اخبار جي ايڊيٽر، سک_ خوشونت سنگهه جو لکيل هو. ٻئي هڪ سؤ کن صفحن جا ٿيندا. هندستان ۾ سندن قيمت ڏهه ۽ چوڏهن رپيا آهي جيڪا پھرين صفحي تي لکيل هئي. پر ارجن جو ضد ته هڪ هڪ جا ڇھه ڊالر (چاليھ چاليھه رپيا) وٺندس.
”ٻيلي ڪجهه ته گهٽ ڪر.“
”سائين اگهه تي ڪمپپرومائيز نه.... “
”چڱو چڱو، ڀلا هي به کڻانءِ ٿو،“ کيسي مان پئسا ڪڍندي چيومانس، ”ڀلا هڪ ٻيو ڪم، استري ملي ويندي؟ قميص ۽ پتلون استري ڪرڻي اٿم.“
”ها، ها. ضرور، اچو هيڏانھن رکي آهي.“
اندر جتي دڪان ختم ٿي، گهر شروع ٿيو ٿي، اتي هڪ ننڍي ٽيبل تي ڪجهه خاڪي وڏا پنا پيا هئا، جنھن مٿان هڪ پراڻي زماني جي استري رکي هئي. ڀر ۾ ايتري ئي پراڻي زماني جي هڪ سبڻ جي مشين هئي، جنھن جو نالو به گسي چڪو هو. ان کي هڪ چيني ڇوڪري هلائي ڪو وڳو سبي رهي هئي ته ٽيپ رڪارڊر تي وڄندڙ ڪنھن چيني گاني تي ڪنڌ ڌوڻي رهي هئي. گانو پڪ ڪو Latest Hit لڳو ٿي، جو جيسين گانو ختم ٿيو تيسين ٻه ٽي دفعا انگريزيءَ ۾ Where is the Switch? ۽ ٻه ٽي دفعا ملئيءَ ۾ `Mana Suis` (سئچ ڪٿي آهي) پڇندو رهيس، پر جواب نه ڏنائين. گاني ختم ٿيڻ تي ڪنڌ لوڏڻ به بند ڪيائين ته سبڻ جي مشين به _ جنھن جي موٽر جي تار، ٽيپ رڪارڊر ۽ پکي جي تار هڪ ئي اڌ پوائنٽ ۾ پيل هئي. ماچيس جي تيلي کڻي استريءَ جون اگهاڙيون تارون به ان اڌ پوائنٽ ۾ ٻين اگهاڙين تارن سان گڏ ٽنبي بٽڻ کي آن ڪيم. ڪو به ڌماڪو نه ٿيو، ٽيپ رڪارڊر وري وڄڻ لڳو، مشين جو ڦيٿو ۽ چيني ڇوڪريءَ جو ڪنڌ وري ڌڏڻ لڳو ۽ انهن مڙني شين سان گڏ هن دفعي، استريءَ ۾ حرارت پڻ وڌڻ لڳي. اتي هڪ اڇن وارن واري پنجاهه کن سالن جي انڊين عورت اڇي ويڪري پجامي ۽ چولي ۾ ڀر واري ڪمري مان نڪري سامهون اچي ويٺي. ارجن ان وقت لنگهندي ٻڌايو ته هوءَ سندس فوت ٿي ويل ڀاءُ جي زال آهي. مون کان سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ خبرچار وٺڻ لڳي. پاڻ سنڌي پڙهي به سگهي ٿي جو سنڌ ڇڏڻ وقت ويھه پنجويھه ورهيه کن ڄمار جي هئي.
”سنڌ ڇڏڻ بعد مدراس آيس. پوءِ شاديءَ بعد هتي ملائيشيا ۾.“ هن ٻڌايو.
”ٻئي دفعي آيس ته تولاءِ سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون کڻي ايندس.“ مون چيومانس.
”دل ڏاڍي چوي ٿي ته هڪ دفعو حيدرآباد هلي ڏسجي. پر اسان کي الائي اچڻ ڏيندا يا نه.“ هن چيو.
”توهان ته هاڻ ملائشين ٿيائو. پاڪستان ۾ ته انڊيا جا رهاڪو به گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.“
”ڀلا سنڌي اڃا آهن؟“
”جڏهن توهان سنڌ ڇڏي تڏهن به هئا ۽ اڄ به آهن. هر شھر، هر ڳوٺ ۾ سنڌي رهن ٿا _ مسلمان به ته هندو به.“
”اهو ڪيئن ڀلا. هندو مسلمانن جا جهيڙا نٿا ٿين؟“
” ائين ته هندستان ۾ به ٿيندا رهن ٿا پر جيستائين منھنجي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي، هندو مسلمانن کان وڌيڪ ته چانڊين، مگسين ۽ شيخن، ميمڻن جا جهيڙا ٿين ٿا.“
“هندو سنڌي روزگار لاءِ ڇا ڪن؟” هن پڇيو.
”اهو ئي اڳ وانگر واپار ۾ به آهن ته سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ به.“
”مون ته ٻڌو آهي ته انهن کي نه نوڪري آهي نه واپار.“
”اهي ڪنھن دشمن جا اڏيل افواهه ٿي سگهن ٿا، منھنجا هندو دوست ۽ واقفڪار ته واپاري ۽ واڍا آهن ته مئجسٽريٽ ۽ مرچنٽ نيوي جا آفيسر پڻ. باقي عام بيروزگاري ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ ضرور آهي.“
پوڙهي تعجب مان ٻڌندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”تنھن جي معنيٰ اسان بيوقوف هئاسين جو سنڌ ڇڏيسين. اسان ته اهو ئي ٻڌندا رهياسين ته سنڌ ۾ سنڌين کي ماري ڇڏيائون. بچيلن کي زوريءَ مسلمان ڪيو اٿن. ۽ هاڻ وري اهو پيا ٻڌون ته سنڌين وٽ جيڪي ڪجهه گهر گهاٽ، زر زمينون آهن انهن تي قبضو ڪيو پيو وڃي.“ هوءِ هندستان کان آيل ڪجهه پراڻين اخبارن کي جن ۾ اهو پڙهيو هئائين، ڳولڻ لاءِ اٿي.
”توهان اخبارون ڳولڻ جي اجائي تڪليف ٿيون ڪريو.“ مون کانئس موڪلائيندي چيو، ”آئون انڊيا جي اخبارن ۾ پاڪستان بابت ايندڙ هر خبر سچي نه سمجهندو آهيان ۽ ساڳي طرح پاڪستان جي اخبارن ۾ انڊيا بابت ڏنل خبر کي.“
”پر انڊيا ۾ ڊيموڪريسي آهي.“
”بلڪل ڊيموڪريسي آهي. ۽ ڊيموڪريسيءَ جي جياپي لاءِ آزاد پريس ضروري آهي. پر اها آزادي ماڻڻ جي ڪيتري آزادي آهي. ڪنھن ٻئي ملڪ جي مسئلن کي Exploit ڪرڻ يا ان بابت گهٽ وڌ لکڻ ته سنسرشپ وارن ڏينھن ۾ به ڪري سگهجي ٿو.”
آئون استري ختم ڪري چڪو هوس. ارجن ڪتاب ۽ باقي پئسا منھنجي اڳيان رکي چيو:
”يار آئون ڀلا هلان ٿو، ڪجهه ڪم اٿم.“
”بس آئون به نڪران ٿو.“ ڪتابن واري ٿيلهي ۾ پتلون ۽ قميص وجهي ٻاهر نڪتس. ارجن سان گڏ پندرهن سورهن سالن جي هڪ ڪارسري ڇوڪري به هئي _ جيڪا تامل کان گهٽ ۽ ملئين کان وڌيڪ ڪاري لڳي رهي هئي. ڪتاب ڳولڻ مھل هوءَ دڪان ۾ آئي هئي ۽ سڄو وقت هڪ ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي رهي.
”هيءَ ڪير آهي؟ تنھنجي ڀاءُ جي ڌيءُ ته نه آهي؟“ مون هن کي ارجن جي مائٽياڻي سمجهي پڇيو.
”نه. ادا کي ته اولاد نه ٿيو. هيءَ نوڪريءَ لاءِ آئي آهي. ماءُ تامل اٿس ۽ پيءُ سلوني. منھنجي دوست جي زال کي گهر ۾ ڪم لاءِ ڇوڪري کپي. سو کيس انهن وٽ وٺيو ٿو وڃان.“
”هن ملڪ ۾ ماڻهن جو ڪيڏو نه چمپور (ملئي لفظ معنيٰ مڪسچر، ملاوت) آهي. تامل، سلوني، عرب، سک، انڊونيشي، جاواني، بالي، چيني، ملئي، يورپي هڪ ٻئي ۾ ايڏو مڪس اپ ٿي ويا آهن جو اصل نسل جي خبر نٿي پوي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
ارجن ايڏو تکو تکو هلي رهيو هو ڄڻ ڪا ريل ڇٽڻ واري هيس. جيتوڻيڪ منھنجي هوٽل جو رستو به ساڳيو هو پر ارجن سان گڏ ماراٿان ڊوڙ ڊڪڻ کان کِلي موڪائڻ بھتر سمجهيم. هو مون کي وري سندس دڪان تي اچڻ لاءِ پارتون ڪندو ’تامل سلوني‘ ڇوڪريءَ کي ٻانھن کان وهٽ وانگر ڇڪيندو گاڏين ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ گم ٿي ويو.