اهڙي شاديءَ مان ڪھڙو فائدو؟
تازو ڪالهه جي اخبار ۾ هتي جي خبر رسان ايجنسي_’برناما‘ جي حوالي سان هڪ خبر آيل هئي. عنوان هوس: ”ٻلي جي چڪيل ماڻهوءَ جي صحت ۾ سڌارو.“ خبر ڪجهه هن ريت هئي:
تائيپنگ (شھر جو نالو) سومر، 35 سال عمر واري هڪ همراهه جي حالت سڌري رهي آهي، جنھن جي ذاتي عضوي کي ڪمپونگ توپائي ڳوٺ ۾ ڇنڇر ڏينھن هڪ ٻلي چڪي وڌو هو. سندس هڪ ويجهي مائٽ ٻڌايو آهي ته هن جي حالت هاڻ گهر ۾ ئي سڌري رهي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته گهر جا ڀاتي ان پالتو ٻلي کي هرگز نه ڪڍندا جو اهو سانحو هڪ حادثو چئبو، جنھن ۾ غريب ٻلي جو ڪو به ڏوهه ناهي. هن ٻڌايو ته اهو ”تومپاڪ“ نالي وارو شيرو ٻلو ڏيڍ سال کان هن گهر ۾ پالتو جانور وانگر رهندو اچي.
اهو قصو هن ريت ٿيو ته همراهه گوڏ پائي منجهند جي وقت وڻ هيٺان ستو پيو هو ته هوا جي زوردار جهوٽي تي سندس گوڏ مٿي کڄي ويئي. تومپاڪ ٻلو جيڪو ڀر ۾ ئي ويٺو هو، خبر ناهي ڇا سوچي لامارو ڏيئي کڻي سندس خاص عضوي کي چڪ پاتو. ان بعد همراهه کي بيھوشيءَ جي حالت ۾ امالڪ ڀر واري اسپتال ۾ پھچايو ويو _ ’برمانا‘ (خبر رسان ايجنسي).
اها خبر جيئن ته پھرين ئي صفحي تي نمايان طور ڏنل هئي، ان ڪري آفيس ۾ پھچڻ سان هر هڪ جي نظر مان گذري. ڏهين بجي چانھه تي سڀني جي وات تي اها ڳالهه هئي. اسان واري انڊيا جي سِک ڪئپٽن تيجپال سنگهه چيو ته اهو جانور ”پالتو“ ته چئي نٿو سگهجي. پالتو جانور پنھنجي مالڪ کي ڪڏهن به نقصان نه رسائيندو آهي.
سريلنڪا جي ڪئپٽن مانيڪ رڊرا ڪمار چيو: ”ٻلي کان ته ڪتو پالجي جيڪو واقعي وفادار ۽ انسان دوست جانور آهي.“
تنھن تي پوڙهي برمي ڪئپٽن پيٽر چيو: ”بابا ڪيئن ٿا چئو ته اهو پالتو ٻلو همراهه جو خير خواهه نه هو. هوا ۾ گوڏ کڄڻ تي ٻلي کي ڪھڙي خبر ته اهي ٽپڙ سندس مالڪ جا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هن ان کي پھريون دفعو ڏسڻ ڪري سمجهيو هجي ته اهو ڪو ڪوئو، سانڊو يا ڪا ٻي بلا آهي! سو مالڪ جي جان بچائڻ لاءِ هن هڪدم کڻي ان تي حملو ڪيو. ان ۾ ٻلي جو ڪھڙو ڏوهه؟“
سڀ اچي کِل ۾ پيا. سک ڪئپٽن سڀ کان وڏا ٽھڪ ڏيندي آهستي چيو: ”پوءِ ته چڱو جو همراهه ڪتو نه پاليو نه ته ان جو چڪ رسيس ها ته حالت سڌرڻ بدران ٻئي جھان ۾ هجي ها.“
ڪانفرنس روم ۾ آياسين ته اسان جو ڪليگ _ هتي جو چيني انجنيئر مسٽر لائوسينگ پنھنجي هڪ ملئي دوست آفيسر کي فون ڪرڻ ۾ رڌل هو. پاڻ به اخبار ۾ اها خبر پڙهي چڪو هو تڏهن ته جيئن ئي ملئي همراهه فون کنيو ته مسٽر لائوءَ کلندي چيس:
”انچڪ (مسٽر) يوسف! سڀان کان سرونگ (گوڏ) ٻڌي نه سمهجانءِ.”
جواب ۾ هن ته الاهي ڇا وراڻيس پر لائوءَ چيس:”بھرحال جي پاڻ جھڙو ٿلهو ٻلو نه پاليو اٿئي ته پوءِ ڀلي سرونگ پائي سمهجانءِ.“
ان سان ڳالهائي بس ڪيائين ته اسان سان گڏ بيٺل فزڪس جي هڪ ملئي ليڪچرار کي راز واري انداز ۾ چيائين ”انچڪ محمد صالح گوڏ پائي سمهڻ مھل هاڻ تون به خيال رکجانءِ _ خاص ڪري جي تکي هوا ۽ جهڪ لڳي رهي هجي ته.“
”اسان کان وڌيڪ،“ هن وراڻيس، ”توهان چينين کي خبردار رهڻ کپي جيڪي ڪڇا پائي سمهو ٿا ۽ وري پاليو به رڇن جھڙا ڪتا ٿا.“
بھرحال سڄو ڏينھن اها خبر چرچي طور گشت ڪندي رهي _ نه فقط مردن ۾ پر آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ پڻ _ خاص ڪري اهي ڇوڪريون شڪي ٿي رهيون هيون جيڪي آفيسن ۾ ملئي ڊريس _ سرونگ (گوڏ) ٻڌي اچن ٿيون.
منجنهد مھل موٽي پنھنجي آفيس ۾ آياسين ته اسان جي پاڪستاني چيف انجنيئر آصف غيور ويھڻ سان چيو: ”يار ڪمال آهي هتي جي اخبارن ۾ سياسي يا عالمي خبرون گهٽ باقي ان قسم جون جام اچن ٿيون ته پتالنگ جايا شھر جي هڪ لفٽ ۾ نرس هڪ نوجوان عاشق کي چڪ هڻي چپ وڍي ڇڏيو _ جنھن هن کي ڀاڪر پائي زوريءَ چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. يا وري ڪئانتان شھر ۾ هڪ زال پنھنجي مڙس کي ٻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪرڻ جي ساڙ ۾ رات جو ننڊ ۾ هن جو خاص عضوو ڏاڙهي ڪوڙڻ واري پاڪيءَ سان ڪپي ڇڏيو ۽ آڌيءَ رات جو دانھن ڪوڪن تي پاڙي وارن رتوڇاڻ حالت ۾ کيس اسپتال پھچايو ۽ پوليس غائب ٿي ويل زال ۽ پاڪيءَ جي ڳولا ۾ آهي.
“يا وري فلاڻي شھر جي نوي سالن جي پوڙهي حاجي عثمان بن احمد اسي سالن جي حاجاڻي فاطمه بنتي غزاليءَ سان شادي ڪئي آهي. سندس عشق سٺ سال پراڻو هو پر شادي تڏهن ان ڪري نه ٿي سگهي جو فاطمه جي شادي مائٽن ڪنھن ٻئي سان ڪرائي ڇڏي ۽ حاجي صاحب پنھنجي سوٽ سان في الحال وڃي پرڻيو. جيڪا يارهن سال اڳ فوت ٿي ويئي ۽ هاڻ جڏهن فاطمه جو مڙس گذريل سال لاڏاڻو ڪيو ته هنن پراڻن عاشقن هڪدم قاضيءَ کي گهرائي پنھنجو نڪاح پڙهائي ورتو.“
هندوستان کان آيل اسان جو هڪ ڪليگ چيف انجنيئر راج ببر جيڪو ان وقت آفيس ۾ گهڙيو، تنھن آصف غيور جي اها آخري خبر ٻڌي وراڻيو: ”اهڙي شادي ڪھڙي فائدي جي؟ ان شاديءَ ۾ حاجي صاحب کي فقط موڙ ٻڌڻ ۽ گهوڙي تي چڙهڻ نصيب ٿيو هوندو، باقي ٻيو مڙيئي خير! ان شاديءَ مان نه دائيءَ جي ڪمائي ۽ نه وري ٻار تي نالو رکڻ واري مُلئين جي خرچي.“