الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون آھن ڳچ

نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي: ”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن  تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳالھيون آھن ڳچ

مڙس کي وَسَ ۾ ڪرڻ جا ڏَسَ

اسان جي نيول اڪيڊميءَ جي نوجوان ملئي ليڪچرر ’انچڪ احمد ظھاريءَ‘ جي آفيس مان هڪ ڏينھن لنگهڻ ٿيو. سندس ٽيبل تي پڪل ڪيلن جو ڇڳو ڏسي تعجب مان پڇيومانس:
”ڪر خبر، هيترا ڪيلا کائيندين ڇا؟“ (ملئي ٻوليءَ ۾ انچڪ معنا ’مسٽر‘، ’جناب‘).
”نه يار، توهان به کائو.“ هن کلندي ڪيلا مون ڏي وڌايا، ”پليز ڪجهه ته کاءُ.“
مون هڪ ٻئي پٺيان هتي جا بندري قد وارا ٻه ٽي ’پيسانگ اماس‘ (سون ورنا ڪيلا) کائيندي چيومانس: ”واهه جا آهن، Beli dari mana (ڪٿان ورتئي؟)“
شرمائي چيائين: ”سمجهي وڃ ڪنھن ڏنا آهن.“
”چئبو ته چِڪ شريفان موڪليا اٿئي؟“
جواب ۾ وري کلڻ لڳو ۽ وڃڻ وقت اڌ کن ڇڳو ٻيو به مون کي ڏنائين، جيئن پنھنجي آفيس ۾ پنھنجي ساٿي انجنيرن: آصف غيور ۽ راج ببر کي به کارايان. ملئي ٻوليءَ ۾ ڪنواري ڇوڪريءَ کي چِڪ (Cik) ۽ پرڻيل عورت کي پُئان (Puan) سڏين.
’چِڪ شريفان‘ ڀر واري ڳوٺ جي ملئي ڇوڪري، اسان جي ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾، ڪم ڪري ٿي. ساڻس اسان جي دوست احمد ظھاريءَ جو ڪجهه هفتن کان معاشقو هلي رهيو آهي. هن کان اڳ سندس برٿ ڊي تي، شريفان، تحفي طور کيس قميص ڏني هئي ته هن اها به اسان کي اچي ڏيکاري هئي. قميص جھڙين شين مان کيس ته فائدو ٿيو ٿي پر اسان دوستن کي ڪھڙو فائدو. البت ڪيلن وارو تحفو اسان کي ڀلو لڳو. ان ڪري ٻن ٽن ڏينھن بعد مون سان گڏ آصف ۽ ببر به احمد ظھاريءَ کان پڇيو ته ”يار شريفان وري ڪڏهن ڪيلا آڻيندي؟“
”ڪيلا جام! اهي ته سندس گهر ۾ ئي لڳل آهن.“
ڏينھن ٻن بعد شريفان هن ڏي وري ڪيلا موڪليا ۽ چانھه جي ٽائيم تي اسان مڙيئي چٽ ڪري وياسين. پوءِ ته ڪڏهن ائڊمنسٽريشن آفيس ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته سنئون سڌو شريفان کي چئي ايندا هئاسين ته احمد ظھاري چوي ٿو ته ڪيلا ڇو نٿي موڪلين. هوءَ به سمجهي ويئي هئي ته پيٽ جو سور اسان کي آهي، سو جواب ۾ مرڪندي رهي ٿي ۽ جنھن ڏينھن ڪيلا آڻڻ لڳي ته احمد ظھاريءَ ته ٻڌائيندو هو پر پاڻ به فون ڪري اطلاع ڪندي هئي: ”ڪيلا آندا اٿم، اڄ احمد وٽ پھچي وڃجو.“
پر ڪيلا کائڻ جي عياشي پوءِ سگهو ئي بند ٿي ويئي، جو هڪ ڏينھن اوچتو سندن شاديءَ جو ڪارڊ آيو، ان بعد شادي ڪري ٻئي ڄڻا نئون گهر وٺي وڃي رهيا_ جتي نه هئا ڪيلن جا وڻ ۽ نه رمبوتان يا چَڪن جا وڻ. وڏي ڳالهه اها دوري، سڪ ۽ عشق جي آڳ ئي ختم ٿي ويئي، جيڪا شاديءَ کان اڳ هئي.
جنھن دور ۾ احمد ظھاريءَ عشق پئي ڪيو (۽ ڪيلا اسان پئي کاڌا)، انهن ڏينھن ۾ هڪ ٻئي ملئي آفيسر مسٽر راملي اسان کي ڀائپيءَ واري صلاح ڏني: ”مھرباني ڪري اهي شريفان جا ڪيلا نه کائو. اهي پڪ پڙهيل هوندا ۽ احمد ظھاريءَ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ انهن تي ٽوڻا ڦيڻا ڪرائي ايندي هوندي.“
راملي جي وڃڻ کانپوءِ آصف کي چيم ته راملي واهه جي ڳالهه ٻڌائي. بيھه ته احمد ظھاريءَ کي ڇتو ٿا ڪريون.
شام جو موڪل مھل، آفيس جي مين گيٽ وٽ جھڙو احمد ظھاري ۽ شريفان گهر ڏي وڃي رهيا هئا ته احمد ظھاريءَ کي چيم:
”يار مون کي الائي ٻن ڏينھن کان ڇا ٿي ويو آهي. مٿو پيو ڦري.“
احمد ظھاري حقيقت کان اڻ ڄاڻ، سچ سمجهي همدرديءَ ڪارڻ چوڻ لڳو: ”خير ته آهي، ڊاڪٽر وٽ وٺي هلانءِ.“
”نه يار. هي مرض ڊاڪٽر جي علاج کان مٿي آهي.“
احمد ظھاري ويتر وائڙو ٿي ويو. ”تڏهن به، ڇا ٿيو آهي. پليز؟“
”بس يار ڪيلا کائي تنھنجي گرل فرينڊ تي ايڏي دل اچي ويئي آهي جو هر وقت ان جو خيال دماغ ۾ ڦرندو رهي ٿو.“
اهو ٻڌي هو يڪدم ڳالهه سمجهي ويو ته مسٽر رامليءَ سندس اڳيان اسان کي ڪيلا پڙهيل هجڻ جو ٻڌايو هو. کلندي چيائين:
”ڪم آن! الطاف! سڌري وڃ.“
”يار رڳو منھنجي سڌرڻ جو سوال ناهي. مون سان گڏ آصف ۽ راج ببر _ سڄو انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٻن ٽن ڏينھن کان شريفان تي عاشق ٿي پيو آهي. تون ان کي چرچو نه سمجهه، ’هڪ انار سؤ بيمار‘ وانگر هڪ شريفان س‍ؤ عاشق. هاڻ ٿيندو سو ٿيندو ڇا؟“
ٻئي ڏينھن راملي کي چيم: ”يار! ڳالهه ته ٻڌ! اهي تعويذ ڳنڍا، ڦيڻا ٽوڻا ۽ ساٽ سوڻ هتي توهان وٽ ملائيشيا ۾ به هلن ٿا ڇا؟“
”ٻيو نه ته وري.“ رامليءَ وراڻيو، ”نه فقط ملئي مسلمانن ۾ پر تامل مدراسي هندن توڙي چينين ۾ پنھنجي پنھنجي نموني جا آهن.“
ان بعد ڪيترن مھينن تائين کائنس ۽ ٻين انيڪ ماڻهن کان ان بابت خبرون چارون گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويس.
هتي جا ماڻهو اهڙن ڪمن لاءِ اڪثر بومي (Bomoh) وٽ وڃن ٿا، جيئن اسان وٽ جادو منتر، ڦيڻي ٽوڻي، جن ڀوت، لڳت توڙي ذهني ۽ جسماني بيماري، مايوسي، مونجهه ۽ ٻئي اهنجن لاءِ جوڳين، جوتشين، ڀوپن فقيرن، سيدن پيرن وٽ پھچن ٿا، تيئن هتي ملائيشيا ۾، جيڪو علم، سائنس ميڊيڪل وغيره ۾ اسان کان به اڃا پٺتي پيل آهي، اتي وسوڙيل ماڻهوءَ جي من جو علاج بومو (Bomoh) ڪري ٿو. ڪنھن تي جادو ڪرڻو هجي يا جن ڪڍائڻو هجي، عورت جو ڏکيو ويم آسان ڪرائڻو هجي يا اولاد ٿيڻ لاءِ علاج ڪرائڻو هجي_ ملائيشيا ۾ سڀني ڳالهين جو جواب هڪ ئي همراهه آهي_ جنھن کي ”بومو“ سڏجي ٿو.
۽ پوءِ جيئن مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ ان ڍونگ پٺيان ٿيندڙ سماجي بدڪارين جا راز پنھنجن ڪتابن: مرشد جي ڪانچ، مرشد جي واچ، مرشد جي جهاڙ وغيره وغيره ۾ ظاهر ڪيا آهن، تيئن هتي جي اخبارن ۾ پڻ ان قسم جا واقعا ايندا رهن ٿا ته ڪيئن هڪ اهڙي بومي کي جهلجڻ تي ڪورٽ هن کي ڏهه ڦٽڪا ۽ ڏهه سال ٽيپ ڏني _ جنھن هڪ ڇوڪريءَ کي بند ڪوٺيءَ ۾ پاڻ وٽ هفتو رهائي جن ٿي ڪڍيو يا ٻار نه ٿيڻ جو علاج ٿي ڪيو.
اهڙيون خبرون پڙهڻ جي باوجود به اڃا تائين هتي جي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ ڪيترائي ماڻهو جسماني توڙي نفسياتي علاج لاءِ سرجن يا سئڪالاجسٽ وٽ وڃڻ بدران ‘بومي’ وٽ پھچن ٿا. ان سلسلي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪي سنسني خيز آهن ته ڪي دلچسپ ۽ کِل جھڙيون.
راملي جي ٻڌائڻ بعد، هتي ڪيترن ئي ماڻهن، عورتن، مردن، ڇوڪرن ڇوڪرين ۽ انهن نجومين (بومن) کان ان قسم جون ڳالهيون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. خبر پيئي ته هتي جا ماڻهو جن ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو به ڪجهه حصو اچي وڃي ٿو _ محبوب يا محبوبا کي هٿ ڪرڻ لاءِ بومي وٽ پھچن ٿا. علاج يا من جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ساٽ سوڻ ۽ تعويذ استعمال ۾ اچن ٿا. ڪجهه ته اهڙا آهن جيڪي سڄي ملائيشيا ۾ مشھور آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان بابت ٻڌايو _ جيتوڻيڪ ڪنھن به هڪ پاڻ نه مڃيو، پر پنھنجن مائٽن ۽ واقفڪارن لاءِ هنن ٻڌايو ته محبوب کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ هنن هي طريقو استعمال ڪيو يا فلاڻي بومي جو ڏسيل ساٽ يا جادو هنن واپرايو. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙي قسم جا جادو يا ساٽ سوڻ آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ ناقابل اشاعت ۽ غير اخلاقي ڪم ٿيندو. بھرحال ڪجهه سادا سودا ٽوڻا ڦيڻا ۽ استعمال ۾ ايندڙ جادو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيڻ بي محل نه ٿيندا.
ملئي زبان ۾ ڀت کي ناسي (Nasi) سڏبو آهي. پنھنجي محبوب يا مڙس کي قابوءِ ۾ رکڻ لاءِ ملئي عورتون کين ’ناسي ڪانگ ڪانگ‘ کارائينديون آهن. هي ڀَتُ ڪانگ ڪانگ اهو ناهي جنھن ۾ ڪڪڙ بدران ڪانگ وجهي رڌجي. پر هڪ عام خشڪو ڀت ٿئي. ڪانگ ڪانگ ان ڪري سڏجي ٿو جو رڌڻ وارو ٽنگون ڦاڙي ديڳڙي جي ڀرسان ٿي بيھندو آهي. ملئي لفظ ڪانگ ڪانگ (Kang-Kang) جي معنيٰ آهي ٽنگون ڦاڙي بيھڻ. ۽ هن ڀت جو اهو نالو رڌڻ واري جي بيھڻ واري نموني تان پيو آهي. هن ڀت کي رڌڻ مھل، پٽ تي ٻاريل چلهه مٿان ڀت جو ديڳڙو رکي، عورت کي گوڏ پائي (جيڪا هتي جي عام ڊريس آهي) ديڳڙي مٿان ٽنگو ڦاڙي بيھڻ کپي، جيئن عورت جي جسم جي خوشبوءِ خشڪن چانورن ۾ اچي وڃي.
”ناسي ڪانگ ڪانگ“ جي رڌڻ جي هن روايتي ترڪيب لاءِ چيو وڃي ٿو ته محبوب کائيندي ئي اچي رڌڻ واريءَ جي قدمن ۾ ڦھڪو ڪندو آهي.
اهو ڪيتري قدر سچ آهي، ان لاءِ ڪنھن هڪ عورت به نه مڃيو ته آيا مرد کي هٿ ڪرڻ لاءِ هن واقعي ڪانگ ڪانگ واري نموني سان بيھي ڀت رڌيو.
(انهن نون عاشقن لاءِ، جيڪي هي مضمون پڙهي متان ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، اهو چتاءُ ضروري آهي ته ٻاڦ هڪ تمام گرم ۽ طاقتور شيءِ آهي، جنھن جي زور تي ’جيمس واٽ‘ ريل گاڏي هلائي ڇڏي، ۽ ٻاڦ مٿان ڪانگ ڪانگ پوزيشن ۾ بيھي ڀت رڌڻ سان ٻاڦ نه قط ڀت کي پر بيٺل جي جسم کي به ساڙي سگهي ٿي.)
بھرحال محبوب کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ناسي ڪانگ ڪانگ کان وڌيڪ سولو ڏس چوچوڪ هدنگ (Chucuk-Hidung) آهي _ جنھن جي لفظي معنيٰ نڪ ٽوپڻ يا مينھن جي نڪ مان رسو لنگهائڻ آهي _ جنھن بعد کيس جيڏانھن وڻناوَ تيڏانھن وٺي ڇڪيوس. مينھن جي ته ڇا مجال پر سَانُ به توهان جي پٺ وٺي هلندو. ٻين لفظن ۾ بقول اڙدو شاعر جي: ڪچي ڌاڳي ۾ بندهي آئين گي سرڪار ميري.
’چوچوڪ هدنگ‘ لاءِ اوسي پاسي جي ڪنھن بومي وٽ وڃڻو پوندو آهي. هتي جي بئنڪ جي هڪ اڪائونٽنٽ ڇوڪري ’نُور زيتون‘ پنھنجي يار کي قبضي ۾ ڪرڻ جو مون سان نه فقط ذڪر ڪيو پر ڀرواري ڳوٺ (ڪمپونگ) ’آير ملوڪ‘ (Ayer Melok) جي هڪ بومي وٽ پڻ وٺي هلي .
بومي لفافي مان هڪ ڪاري رنگ جي پائوڊر جون چار پنج چپٽيون ڪڍي ان تي ڪجهه منتر شنتر شوڪاري، هن کي ٻڌايو ته اهو پائوڊر ليمي جي وڻ جي پنن کي ساڙي ٺاهيو ويو آهي، جنھن تي جادو تمام گهڻي عرصي لاءِ اثر ڪري ٿو. منتر پڙهڻ وقت مِس زيتون کان سندس محبوب جو نالو پڻ پڇي ان پائوڊر تي ٽي دفعا شوڪاريو.
اهو پائوڊر ٿورو ٿورو ڪري کارائڻو آهي. ان لاءِ بھتر طريقو آهي ته همراهه ماني کائڻ جي ڪري ته ٻوڙ مٿان ٻُرڪي ڏجيس ۽ جي ماني کائڻ لاءِ راضي نه ٿئي ۽ فقط ڪجهه پيئڻ چاهي ته ليمي جي شربت مٿان وجهي ڏجيس. پڇڻ تي ٻڌائجيس ته ڪارا مرچ اٿئي. يا اڃا به سٺو ۽ حفاظت وارو طريقو ڪافيءَ ۾ ملائي ڏيڻ ۾ آهي. (ڇو جو ملئي ماڻهو بنا کير واري ڪاري ڪافي پيئن ٿا. ان ۾ اهو ڪاري رنگ جو ٻورو نظر به نه ايندو.)
ان ’چوچوڪ هدنگ‘ ۾ اثر آهي يا نه پر نور زيتون ته قسم کڻي اڄ به ٻڌائي ٿي ته منتر پڙهيل پائوڊر کائڻ بعد نه فقط محمد سفيان ساڻس جهٽ شادي رچائي پر شاديءَ بعد اڄ به سال ٿي ويا آهن پر سندس چئي ۾ ائين آهي جيئن آفريڪا جو رڇ ناڪيلي پوڻ سان.
ائين به نه آهي ته ملائيشيا ۾ رڳو عورتون جادو ڦيڻا ڪرائين ٿيون پر اهي مرد پڻ جن جو پنھنجي سونھن سوڀيا، عقل ۽ همت جو جادو نٿو هلي، سي ان قسم جي پڙهيل پائوڊرن جي جادوءَ تي ئي ڀاڙين ٿا. پر اهو ضرور آهي ته ملائيشيا جي هن رياست ملاڪا ۾ _ جتي آئون رهان ٿو، ان ۾ اهي ڪم عورتون گهڻو ڪن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته ان جو اهو به سبب هجي ته ملاڪا رياست ۾ مرد کان وڌيڪ عورت جي وڏي اٿارٽي آهي ۽ شاديءَ بعد مرد عورت جو مطيع ٿي رهي ٿو. صدين کان هلندڙ رواج موجب ملاڪا رياست ۾ شاديءَ بعد ڪنوار گهوٽ جي گهر نه ويندي آهي پر گهوٽ ٽپڙ کڻي اچي ڪنوار جي گهر رهندو آهي. ان ڪري ٻين رياستن جا ڇوڪرا جيڪي ملاڪا رياست ۾ پڙهڻ يا نوڪريءَ لاءِ ايندا آهن سي ملاڪا جي ڇوڪرين کان ڪن هڻندا آهن. هڪ ٻئي کي خبردار ڪندا آهن ته متان ڪنھن ملاڪا جي ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو اٿانوَ. مائٽ مٽ ڇنائي ڇڏيندانوَ. ( ڇو جو پوءِ ڇوڪري کي سھري جي گهر اچي رهڻو پوندو آهي ۽ طلاق ڏيڻ مھل کيس هٿين خالي زال جو گهر ڇڏڻو پوندو آهي.) ان ڪري اسان جي آفيسن ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي آهي ته اها نوڪري نه ڇڏيندي آهي، جو هن کي ته اتي ئي ملاڪا ۾ رهڻو پوندو آهي. نوڪري سندس مڙس ڇڏي، زال جي شھر ۾ ٻي نوڪريءَ جي اچي ڳولا ڪندو آهي.
بھرحال ملاڪا ۾ رهي نه فقط ڪيلا کائڻ کان خبردار رهجي پر ڪنھن جي گهر وڃي ٻوڙ يا ڪافي پڻ خبرداريءَ سان پيئڻ کپي جو ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪارامرچ نه پرليمي جي پنن جو پڙهيل ڦلهير هجي _ يا اڃا به ڦلهير کان به خراب شيءِ ڇوڪريءِ جي جسم جي ڌوڙ پيل هجي _ جنھن جادوءَ کي هتي بئات جُمپي (Buat-Jumpi) سڏجي ٿو.
مٿئين ٽوڻي لاءِ ڇوڪري لڳاتار ٻه ٽي هفتا هڪ ئي وڳو پائڻ بعد ڪنھن ٽب جي سوراخ تي سنهي ڄاري رکي ڪپڙن سوڌو وهنجندي آهي. جيئن پاڻي ته ان ڄاريءَ مان نڪري وڃي باقي جسم ۽ ڪپڙن جي مَرُ (ڌوڙ) ان ڄاريءَ تي رهجي وڃي. پوءِ اها مٽي سڪائي ٻورو ڪري بومي کان ان مٿان منتر پڙهائي پنھنجي دل گهرئي کي کاڌي ۾ ملائي کارائيندي آهي.
انهن شين کان علاوه منتر ۽ ڪاري جادوءَ لاءِ ماهواريءَ جي رت جو پڻ استعمال ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ان کي جنھن پاڻيءَ ۾ ڌوئين ان ۾ ئي چانور يا ٻئي کاڌي يا ميوي کي ڌوئي مڙس / محبوب کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ کارائين.
محبوب کي هٿ ڪرڻ لاءِ محبت جو تيل مِنياڪ پينگاسيح (Minyak Penagasih) پڻ عام نسخو آهي. تعويذ لکندڙ ۽ منتر پڙهندڙ بومو (Bomoh) چوڏهين جي ‘سڄي چنڊ’ واري رات جو پلٿ ماري ڪپيءَ ۾ پيل تيل تي ڪجهه منتر پڙهندو آهي. عورت کي اهو تيل نرڙ تي هڻي بومي کان ٻڌايل ڪجهه شوڪارا پڙهڻا پوندا آهن، هي جادو اهڙو يڪ ٽڪ آهي جو محبوب سڄي دنيا جون عورتون وساري ڇڏيندو _ سواءِ نرڙ تي تيل مکي شوڪارا پڙهڻ واريءَ جي. پر اهو ضرور آهي ته تيل هڻڻ واري ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪنھن اهڙي گهر ۾ نه وڃي جتي ڪو ويجهڙائيءَ ۾ مري ويو هجي ۽ نه ڪپڙن سڪائڻ واري رس هيٺان لنگهي.
ان قسم جا شرط شروط هتي جو هر بومو (Bomoh) وجهي ٿو، جيڪي حَقيقت ۾ بومي جي فائدي لاءِ آهن، جيئن سڀاڻ ڪنھن عورت جي مراد پوري ٿئي ته لئه بومي جي ۽ جي ڪم نه ٿئي ته ڏوهه عورت تي ئي ٿاڦيو وڃي ته هوءَ ضرور بي خياليءَ ۾ ڪنھن ڪپڙن سڪائڻ واري رس هيٺان لنگهي هوندي. يا ضرور هوءَ ڪنھن اهڙي گهر ويئي هوندي جنھن ۾ ڪو ماڻهو مري ويو هوندو.
ڪيترين ئي پراڻين ملئي فلمن جي هيروئينن لاءِ ڳالهيون مشھور آهن ته هنن جي سونھن جو جادو فلاڻي يا فلاڻي بومو کان مليل تعويذ، پڙهيل پاڻي يا پائوڊر کان آهي.
جھڙيءَ طرح سان پنھنجي يار، دوست، محبوب کي پنھنجو ڪرڻ جا جادو آهن، تھڙي طرح پنھنجي مڙس يا ڦاٿل محبوب کي هيڏانھن هوڏانھن ڀٽڪڻ کان روڪڻ لاءِ ملائيشيا ۾ منتر ۽ تعويذ پڻ عام آهن. ان لاءِ بومي وٽ هن جو استعمال ٿيل ڪڇو کڻي وڃڻ ضروري آهي. بومو ڪجهه منتر پڙهي ڪڇي جي اڳئين حصي کي ڪنھن نوڙيءَ سان ڳنڍ ٻڌندو آهي. يعني هو ائين ڪرڻ سان هن جي خاص عضون کي سوگهو ڪري ٿو. پوءِ سندس زال اهو ڪڇو گهر جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيندي آهي، جيئن مڙس جي مڙسي فقط گهر ۾ ئي رهي.
هڪ عورت جنھن بابت ٻين کي خبر هئي ته هوءِ بومي وٽ ان جادوءَ لاءِ ويئي هئي، تنھن ٻڌايو ته هوءَ ان جادوءَ جي سچي هجڻ جي پڪ ڏيئي نٿي سگهي جو پھرين ڏينھن ئي سندس پاليل ڪتي کڏ کوٽي اهو ڪڇو ڪڍي ڦاڙي اڳڙيون اڳڙيون ڪري ڇڏيو.
هونءَ انھيءَ جادوءَ لاءِ بومي طرفان عورتن کي سخت تاڪيد ڪيل هوندي آهي ته هو ڪڇي کي اهڙي هنڌ کڏ کوٽي پوري ڇڏين جتي هو _ يعني گهر وارو (۽ نه گهر جو ڪتو) هرگز ڏسي نه سگهي.
جيڪڏهن ڪنھن عورت جو مڙس گوڏ يا پتلون تي ڪڇو نٿو پائي يا هن جو ڪڇو حاصل ڪرڻ ۾ کيس خوف خطرو آهي ته هن لاءِ ڪا دنيا ختم ٿي ويل نه سمجهڻ کپي. مڙس کي وفادار _ ڪتي جھڙو، چئيوان _ ڪمپيوٽر جھڙو ٺاهڻ لاءِ، ملائيشيا جي بومن وٽ ٻيا به طريقا آهن. جن مان هڪ بنتانگ ڪلاڊي (Bantang- Keladi) آهي.
نالي مطابق هي جادو بومو ’ايام ٻوٽي‘ جي ڏنڊيءَ تي پڙهي ڏيندو آهي. سوالي عورت پنھنجي مڙس جي عضوي جي ماپ جو ڏندڻ وڍي بومي وٽ پھچندي آهي. (اها ڄاڻ نه پئجي سگهي ته اها ماپ ڪھڙي وقت جي هجڻ کپي). بومو ان ڏندڻ تي ڪجهه جادو منتر پڙهي پوءِ ٻن سرن کي چلهه وانگر بيھاري انهن جي وچ ۾ اهو ڏندڻ ڦاسائيندو آهي. يعني همراهه جا خاص عضوا ٿيا هڪ هنڌ سوگها. ۽ هاڻ هو ڪنھن ٻئي هنڌ لوڻو به گهمائي نٿو سگهي _ سواءِ ان عورت ڏي جنھن ان جادوءَ لاءِ بومي کي خرچ پکو ڏنو.
بتانگ ڪلاڊي نه ملي سگهي ته ان جادوءَ لاءِ جمبو _ يعني زيتون جي وڻ جي ٽاري به استعمال ڪري سگهجي ٿي. پر زيتون جي ڏندڻ کي سرن جي وچ ۾ سوگهو جهلڻ بدران سنهي منھن واري شيشيءَ ۾ وجهي ساڙيو ويندو آهي. پوءِ ان ڦلهير کي واريءَ ۾ پوري ڇڏبو آهي.
جنھن ماڻهوءَ ان جادوءَ بابت مون کي ٻڌايو تنھن پاڻ قسم کڻي چيو ته هن پنھنجي مڙس تي اهڙو جادو نه ڪرايو آهي پر سندس هڪ ساهيڙيءَ ‘ڪمپونگ پنٽائي’ ڳوٺ جي بومي کان جادو ڪرايو ۽ ان ڏينھن کان وٺي مڙس هر جمعي رات ائين حاضري ڀري ٿو جيئن ڪو عقيدتمند ڪنھن پير جي درگاهه تي.
اهي سڀ جادو ۽ ٽوڻا ڦيڻا نه لڳن ته ڪٽ لڳل ڪوڪن کان به ڪم وٺي سگهجي ٿو. مڙس کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪٽ لڳل ڪوڪا ٽي دفعا مڙس جو نالو وٺي ڪنھن چوواٽي تي هڻي اچڻ سان به هي جانور سڌري سگهي ٿو.
انهن ٽوڻن ڳنڍن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي جادو منتر ۽ ڪارا جادو چيا وڃن ٿا. اهي سڀ نه فقط ملائيشيا ۾ پر هر انھيءَ سوسائٽيءَ ۾ قائم دائم رهندا، جنھن جا باشندا وهمي ۽ ايمان جا ڪچا هوندا. لوڀي ۽ وسوڙيل ماڻهن جا ڪچا عقيدا اتي جي ٺڳ، جادوگرن ۽ بومن کي صحتمند بنائين ٿا. هتي جي حڪومت سادن ۽ سٻاجهڙن ڳوٺاڻن کي انهن بومن جي چنبن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اڄڪلهه پوري ڪوشش ڪري رهي آهي_ ڏسجي ته ڪيترو جلد هو سمجهي سگهن ٿا.