الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون آھن ڳچ

نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي: ”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن  تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳالھيون آھن ڳچ

عوام جون دليون جيتڻ جو راز

ڪالهه (18 جون 1986ع) ملاڪا جي گورنر ٽي. واءِ. ٽي (Tuan Yan Terutama) تانسري ’سيد احمد بن شھاب الدين‘ جي ڄم جو ڏينھن هو، ان ڪري سڄي ملاڪا رياست جي اسڪولن ڪاليجن، آفيسن وغيره کي موڪل هئي.
سڄي ملائيشيا ۾ هڪ ڏينھن بادشاهه جي ڄمڻ جي ڏينھن جي موڪل هوندي آهي ۽ هڪ ڏينھن هر رياست کي ان رياست جي سلطان جي ڄمڻ جي موڪل ٿيندي آهي. جن رياستن جا سلطان نه آهن _ جيئن ته ملاڪا، پينانگ، صباح ۽ سرواڪ _ اتي، انهن جي گورنر جي ڄم جي ڏينھن موڪل ٿئي.
ملاڪا ۾ هيستائين ٽي سال کن رهڻ دوران ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ملاقات ٿي آهي، سواءِ گورنر جي. هونءَ اها ڳالهه آهي ته ملائيشيا جو ڪو به وڏو آفيسر پاڻ کي عوام کان پري نٿو رکي. هڪ عام ماڻهو به وڏي کان وڏي سياسي ليڊر يا حاڪم سان ايترو ئي بنا رنڊڪ ۽ سولائيءَ سان ملي سگهي ٿو، جيترو ڪنھن دوست سان. شايد ان ڪري جو ملئي ماڻهو فطرت ۾ نياز نئڙت ۽ نھٺائيءَ وارا آهن ۽ وڏا آفيسر ٿيڻ بعد به اهي خاصيتون سندن ڪردار ۾ قائم رهن ٿيون. ٻيو ته هتي جي آدمشماري به ايتري گهڻي ناهي. ان ڪري ٿورن ماڻهن کي منھن ڏيڻ ايترو مسئلو ناهي، جيترو گهڻن ماڻهن کي ڏيڻ ۾ ٿئي ٿو. بھرحال ان هوندي به اها ملئي ماڻهن جي عظمت جي ڳالهه آهي، جيڪا هرهڪ ڌاريون محسوس ڪري ٿو ته ملئي آفيسر، سياستدان، حاڪم ۽ سرڪاري ڪاموري کي مغروري بنھه ناهي _ پوءِ چاهي هو گورنر يا چيف منسٽر هجي يا پوليس ڪمشنر يا ڪنھن کاتي جو وڏو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ڪو هو ڊيوٽي، انتظاميا ڊسيپلين ۾ ڍرا آهن. قاعدي قانون جي معاملي ۾ هو بيحد سخت آهن.
ملاڪا جي گورنر جو گهر Seri_ Melaka نالي وچ شھر ۾ بندر روڊ (Jn. Bandar Hilir) تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جتان ڪالهه لنگهڻ وقت ماڻهن کي اوڏانھن ويندو ڏسي آئون به ڪار کي موڙي مٿي ٽڪريءَ تي چڙهي پيس جو هي ڏينھن اهڙو آهي جنھن تي هر عام خاص بنا ڪنھن اڳ جي وقت وٺڻ جي، گورنر سان ملي سگهي ٿو.
ڪار کي پارڪ ڪندي ڀر واري ڪار مان لھندڙ همراهه کان پڪ ڪيم: ”ماڻهو گورنر کي مبارڪباد ڏيڻ پيا وڃن ڇا؟“
”مبارڪباد لاءِ ته صبح جو نائين کان هڪ بجي تائين سلسلو هو. هينئر فقط چانھه پاڻيءَ جي دعوت آهي.“
دل ۾ چيم ته هاڻ ڪجهه به ٿئي ته هلڻ کپي. گورنر سان ملڻ جو سٺو موقعو آهي پوءِ نڄاڻ ڪير ملن ڪنھن سان. گورنر صاحب جي گهر ۾ ايترو ضرور وڌيڪ رڌو پڪو هوندو ۽ ويھڻ لاءِ فالتو ڪرسيون هونديون جو جتي ٻه هزار دعوتي ويھي کائي پي سگهن، اتي هڪ مون جھڙو بي دعوتو به گذارو ڪري سگهي ٿو.
گيٽ وٽ دربانن ۽ پوليس وارن آڌرڀاءُ ڪيو. گورنر جي سيڪريٽري انچڪ ملڪ ڀليڪار ڪئي ۽ ان وقت دعوت نامي جي ڪارڊ سان گڏ سڄي ڏينھن جو پروگرام (Perayaan) ڏنو. ان ئي وقت اسان جي ڀر واري فوجي اسپتال Terandak-Camp ۾ ڪم ڪندڙ اسان جو يار ڪرنل موهن سنگهه به پھتو _ جيڪو پاڻ ريڊيالاجسٽ آهي ۽ سندس زال ملاڪا جي جنرل اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر.
”يار الاهي ڏينھن ٿي ويا آهن جو پاڻ مليائي نه آهيون.“ هن روايتي سکن واري نموني ۾ مرڪندي کيڪار ڪئي.
”ڪرنل موهن! ڳالهه اها آهي ته مون فٽ بال کيڏڻ ڇڏي ڏنو آهي،“ مون هٿ ملائيندي وراڻيومانس، ”نه ڄنگهه يا پير ڀڄي نه تو وٽ ايڪسري لاءِ اچان.“
”او ياران! مون سمجهيو ته واپس پاڪستان هليو ويو آهين.“
”بس هاڻ موڪل تي وڃڻ وارو آهيان.“
اڱڻ لتاڙي گورنر جي گهر اڳيان ڇٻر تي پھتاسين. دير سان پھتا هئاسين سو اڳھين چڱا ماڻهو اچي چڪا هئا. چوڌاري شاميانا ۽ تنبو لڳل هئا. وچ تي کاڌن سان سينگاريل ٽيبلون هيون. گورنر جي ويھڻ لاءِ ڪجهه مٿڀري اسٽيج هئي. ڪرنل موهن کي چيم: ”تون ڀلي جتي وڻنئي اتي ويھه. مون کي آزاد ڇڏ ته آئون هن موقعي جو فائدو وٺي گهڻي کان گهڻن ماڻهن سان ملي وٺان.“
هاڪي ٽيم جو وائيس پريزيڊنٽ داتڪ تامبي چِڪ بن حسن، اسان جي علائقي جو ميمبر نمائندو داتڪ محمد بن جائس، اميگريشن جو ڊائريڪٽر جميل بن جنتان، داتڪ ڊاڪٽر ناگا ۽ ٻيا ڪيترائي پھرين جا سڃاڻا ۽ واقفڪار پڻ هئا.
داتڪ تامبي چڪ بن حسن پاڪستان مان ايندڙ هاڪي ٽيم جو ٻڌايو ته اپوح (پيراق) ۾ کيڏڻ لاءِ اچي رهي آهي. سندس ڀر ۾ ويٺل ٻين معزز سياستدانن ۽ ملاڪا جي اهم عهديدارن پاڪستان جي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي تعريف ڪئي. اهي رانديون اهڙيون آهن جيڪي هن پاسي گهٽ کيڏيون وڃن ٿيون. هتي جي ماڻهن لاءِ جيتوڻيڪ فوٽ بال راند سڀ ڪجهه آهي، پر دنيا ۾ ٿيندڙ ٻيون رانديون پڻ ٽي ويءَ تي شوق سان ڏسن ٿا. هتي جون اخبارون هميشه راندين جي خبرن سان ڀريل هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو پاڪستان کي هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ اسڪاش ڪري سڃاڻن ٿا. هنن کي ڪيترن عرب، آفريڪن ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جي سربراهن جا نالا يا انهن ملڪن ۾ ٿيندڙ اهم سياسي، سماجي، سائنسي ۽ ٻين اهم ڪمن ۾ حصو وٺندڙن جي نالن جي خبر هجي يا نه پر مٿين راندين جي پاڪستاني رانديگرن ڪليم الله، حسن سردار، حنيف خان، فيروز وسيم، شاهد علي، عمران خان، جاويد ميانداد، محسن خان، مدثر نذر، عبدالقادر ۽ جهانگير خان، قمر جھان ۽ جمشير خان کان چڱيءَ طرح واقف آهن.
ٿوري دير بعد ملاڪا جو چيف منسٽر داتڪ رحيم بن تامبي چڪ ۽ سندس زال داتن زبيده آئي ۽ ان کان پوءِ سگهو ئي گورنر ٽِي. واءِ. ٽِي سيد احمد شھاب الدين ۽ سندس زال پُئان سري داتن شريفان حنيفان پهتي. گهاٽي جهڙ ۽ رنگين ڪپڙن ۾ ماحول وڻندڙ لڳي رهيو هو. هھڙين دعوتن ۾ ملائيشيا ۾ باتڪ جي قميص پرتڪلف ڊريس سمجهي وڃي ٿي، جنھن جا نمونا ڏسڻ وٽان هوندا آهن. انهن قميصن تي مختلف پورَن ۽ رنگن جي ڇُرَ ۾ هن پاسي جو آرٽ ۽ ڪلچر سمايل ٿئي ٿو. مختلف آرٽسٽ پنھنجي اندر جي اڌمن کي ڪپڙي تي ائين ظاهر ڪن ٿا، جيئن شاعر پنھنجا جذبا شاعريءَ ذريعي ڏيکارين ٿا. هڪ ڌارئين کي ملائيشيا ۾ اچي باتڪ (ڇُرَ) جي ڪپڙي جون مختلف ڊيزائنون ضرور ڏسڻ کپن. ان لاءِ ڪوالالمپور جي تنڪو عبدالرحمان روڊ جا ڏهه ٻارهن ڪپڙي جا دڪان (گلوب سلڪ اسٽور سميت) ڏسڻ کپن يا وري ڪنھن گورنر، وزير يا سلطان جي هڪ ئي دعوت ۾ حاضري ڀرڻ ڪافي آهي. اهڙن ڪاڄن ۾ کيس ڪيداح، پيرلس، ترنگانو، ڪئانتان رياستن کان وٺي جڪارتا، بالي، سنگاپور، برونائيءَ جي باتڪ جا نمونا هڪ ئي وقت نظر ايندا.
اهڙن موقعن تي ملئي رڌڻي جي آرٽ جي پڻ خبر پوي ٿي. ملئي ماڻهو اٽي، چانور، ناريل، کنڊ ۽ بيضن جون گهڻيئي مٺيون شيون ٺاهين ٿا. (کير جون مٺايون بنھه نه برابر ٺاهين). اهڙن دعوتن ۾ خاص خاص مٺيون ۽ چھريون شيون: ڪئيح ڪوچي (Kueh-Koci)، اونڊي اونڊي، گُولا ملاڪا، ڪئيح ڪيريا (Keria)، Seri-Muka، چُوچُو اڊانگ وغيره وغيره ٿين.
چانھه دوران گورنر کان پاڪستاني کاڌن بابت پڇيم:
“پاڪستاني ڪيترائي ڊش مون کاڌا آهن.” هن ٻڌايو: “قيمون نان، اڦراٽا، برياني وغيره. برياني ته هاڻ ڄڻ ملئي کاڌو ٿي ويو آهي. اڦراٽو پڻ هتي ايترو عام ٿي ويو آهي جو لڳي ٿو ته اصل کان هتي جو آهي ۽ اهو روٽي چنائي (Roti-Canai) جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪوالالمپور جي ”ڪولوسل سئنيما“ سامهون ڪنهن زماني ۾ هڪ پاڪستاني هوٽل، شايد عظمن نالي، هوندي هئي. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ ان تي آئون اڪثر کائيندو هوس، خاص ڪري ڊگها نان، جن تي تر به لڳل هوندا هئا. هوٽل وارا انهن نانن کي استنبولي سڏيندا هئا. ان کان علاوه مختلف ٻوڙ ۽ ڀاڄيون پڻ. پر آئون ڪيداح رياست جو هجڻ ڪري _ جتي مرچ مسالي جو واهپو تمام گهڻو هلي ٿو، مون کي ڏکڻ هندستانين (مدراسين) جا کاڌا وڌيڪ پسند آهن، جو هو ڳاڙها مرچ گهڻا ڪم آڻين ٿا.
”ڪوالالمپور ۾ پاڪستان مسجد جي پٺيان هڪ سلوني ريسٽورنٽ جو کاڌو ۽ پينانگ ۾ دائود هوٽل جو کاڌو مون کي ڏاڍو وڻندو هو. سستائيءَ جو زمانو هو. ڊالر ۾ پيٽ ڀري ڀت ۽ ٻوڙ جي پليٽ کائبي هئي. اهو اڄ کان ٽيھه پنجٽييھه سال اڳ جو زمانو هو. هينئر ڪوالالمپور واري هوٽل ته الائي آهي به يا نه. پر پينانگ واري ننڍڙي دائود هوٽل هاڻ جيتوڻيڪ ٻماڙ يا ٽماڙ ٿي ويئي آهي. ان سان گڏ کاڌي جا اگهه به وڌي ويا آهن جيتوڻيڪ کاڌي جو اهو سواد ۽ لذت نه رهي آهي.“
ملاڪا جو گورنر تان سري سيد احمد شھاب الدين عمر جو 61 سالن جو هجڻ جي باوجود ڏسڻ ۾ عمر کان گهڻو ننڍو ۽ چست لڳي ٿو. اهو حال ٻين به ڪيترن ئي هتي جي رهاڪو ملئي ۽ چيني ماڻهن جو آهي. ان جو وڏو سبب ننڍي هوندي کان تمام گهڻو پنڌ ڪرڻ ۽ پيريءَ تائين رانديون کيڏڻ آهي. اسان جو هي ملاڪا جو گورنر پڻ هن عمر ۾ به هفتي جا ٻه ڏينھن گولف کيڏي ٿو. صبح جو اٿڻ سان ڪثرت ڪري ٿو. هن پاسي جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه کڻي وڏي نه هجي جو هو ته سنگاپور جي پرائيم منسٽر کي به جاگنگ ڪندو ڏسن ٿا، جيڪو ستر ٻاهتر سالن جو آهي ۽ جنھن جي مقابلي ۾ اسان وارو گورنر سٺ ٻاهٺ سالن وارو نوجوان ٿيو، پر اسان جي تر جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه ضرور تعجب جوڳي هوندي، جتي جا ڪيترائي ٿلها سياستدان، وزير، سرڪاري عملدار، ائڪٽر، مولوي ۽ واپاري گهڻي کائڻ، گهڻي آرام، ۽ گهڻي سمهڻ ڪري صبح جو هنڌ تان اُٿي باٿ روم تائين ويندي وڏي ڳالهه سمجهن ٿا. پر ملئي ماڻهن جي ان چستي ۽ ڦڙتائيءَ جو مغربي ماڻهو به قدر ڪن ٿا.
تانسري (Tan Sri) سيد احمد شھاب الدين جي ڳالهين مان لڳو ته هو غريبن، دردمندن ۽ ضرورتمندن جو تمام گهڻو هڏڏوکي آهي ۽ هي عھدو هن لاءِ جيتوڻيڪ نئون آهي، جيڪو فقط ڏيڍ سال کان هن سنڀالڻ شروع ڪيو آهي، پر ان هوندي به عوام ۾ بيحد مشھور آهي. ان جو سبب فقط ۽ فقط عوام سان رلي ملي ۽ حال ڀائي ٿي رهڻ آهي.
”تون جمع نماز ڪھڙي مسجد ۾ پڙهين؟“ هن مون کان اوچتو سوال ڪيو.
”ڪمپونگ تينگا (Kg- Tengha) واري مسجد ۾ يا وري ڪمپونگ لِنگيءَ ۾“ تعجب مان جواب ڏيئي هن ڏي ڏسڻ لڳس ته هن اهو سوال ڪھڙي خيال کان ڪيو.
”آئون دراصل جمعي نماز هر دفعي نئين مسجد ۾ پڙهندو آهيان،“ گورنر ٻڌايو، ”نماز بعد ان مسجد جي جماعتين سان گڏ ويھي کانئن خبرون چارون ۽ مسئلا پڇندو آهيان. ڇو جو ڪيترا ڳوٺ ايڏو ڏورانھان آهن جو انهن جا غريب ۽ پوڙها ڳوٺاڻا مون تائين هلي ته اچي نٿا سگهن. سو ان ريت مون کي انهن سان ملڻ جو موقعو مليو وڃي. گذريل ٻن سالن ۾ اٽڪل سؤ کن مسجدن ۾ وڃي چڪو آهيان پر لڳي ٿو ته ملاڪا رياست ۾ اڃا به ايتريون مسجدون آهن جو اڃا توهان پاسي وارين مسجدن جو وارو نه آيو آهي نه ته توسان پھرين ملاقات ٿي چڪي هجي ها.“
رياست جي حاڪم جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي خوشي ۽ تعجب ٿيو. هي جو اسان ننڍي هوندي آکاڻيون ٻڌندا هئاسين ته هارون رشيد جھڙا اسلامي دنيا جا حاڪم چمڙا پوش ڪري غريبن، پوڙهن، بيواهن ۽ ڪمزورن جا ڏک درد معلوم ڪندا هئا، سو اهڙا حاڪم هھڙي ماڊرن ۽ مشغول دور ۾ به موجود آهن. اهي فقط تواريخ جي ٿلهن ڪتابن ۾ دٻجي نه ويا آهن.
ملاڪا شھر جي سونھن ۽ واڌاري ۾ جتي هتي جي چيف منسٽر داتڪ رحيم تامبي چڪ جو هٿ آهي اتي گورنر تانسري سيد احمد جون نيڪ صلاحون ۽ ساٿ پڻ شامل آهي. اهو ملاڪا جنھن ۾ فقط ٻه سال کن اڳ ڪا فائيو اسٽار هوٽل به نه هئي، تنھن ۾ هاڻ ڪيتريون ئي فائيو ۽ فور اسٽار هوٽلون، پارڪ، ويڪرا رستا ٿي ويا آهن. ٽوئرسٽن جي ڏسڻ لاءِ مِني ملائيشيا (Mini Malaysia) هوتان ريڪريسي، Bukit- Cina، ملاڪا جايا جھڙيون ڪيتريون ئي نيون شيون ۽ مسجد تاناح، الور گاجاح، تنجنگ بدارا، تنجنگ ڪِلنگ جھڙين جڳھين جو ايترو سڌارو ٿي ويو آهي، جو ڏسندي ئي ڏسندي پينانگ ۽ ڪوالالمپور بعد ملاڪا شھر گهمڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ ميڙا ڪري اچن ٿا.
تانسري سيد احمد لاءِ هي گورنريءَ جو عھدو نئون ضرور آهي، پر پاڻ ايڏن ئي اهم عھدن تي پھرين به ڪم ڪندو رهيو آهي. پاڻ هن کان اڳ ڪيداح رياست جو وڏو وزير (Mentri-Besar) رهي چڪو آهي. هڪ قومي سياسي ليڊر طور پڻ ڪم ڪيو آهي ۽ ان بعد ملائيشيا حڪومت طرفان سنگاپور جو سفير پڻ رهيو آهي.
”توهان کي هي نئون عھدو ۽ ملاڪا شھر ڪيئن لڳي ٿو؟“ مون پڇيو.
” ٽيھه سال هڻ هڻان جي نوڪري ڪرڻ بعد هن شھر ۽ هن عهدي ۾ فرحت محسوس ڪريان ٿو.“ هن ٻڌايو.
”توهان جڏهن ننڍا هئائو تڏهن ملائيشيا ۾ اسڪول ڪي ورلي هئا ۽ انگريزي پڙهائيءَ کان هرڪو ونءُ ويندو هوندو. پوءِ ان وقت پڙهائيءَ لاءِ توهان ۾ ڪنھن اتساهه پيدا ڪيو.“ گورنر کان مون ٻيو سوال پڇيو.
”مون پرائمري اسڪول جا چار درجا پنھنجي رياست ڪيداح جي ڳوٺ ڪُلِم (Kulim) ۾ پڙهيا،“ گورنر ٻڌايو، ”ويجهي ۾ ويجهو انگريزي اسڪول ’الور اسٽار‘ شھر ۾ هو، جيڪو اسان جي ڳوٺ کان سٺ ستر ميل پري آهي. آئون غريب جو ٻار هوس. بابا وٽ نه ايترو پئسو هو ۽ نه سگهه جو مون کي ٻئي شھر موڪلي سگهي. پر خوش قسمتيءَ سان الور اسٽار ۾ منھنجي پيءَ جي سوٽ رهندي هئي_ جيڪا اڄڪلهه جي پرائيم منسٽر داتڪ ڊاڪٽر مھاتير جي ماءُ ٿئي. آئون ان وٽ اچي رهيس. ڊاڪٽر مھاتير جو پيءَ محمد اسڪندر اتي جي انگريزي اسڪول جو ماستر هو. بلڪ اهو اسڪول هن جي ڪوشش سان کليو هو. هن مون ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو جذبو ۽ روح ڦوڪيو. الور اسٽار بعد ڪوالالمپور ۾ پڙهيس.“
گورنر (Yang Di Petrua Negri) جو جيتوڻيڪ رياست جي انتظام ۾ سنئون سڌو هٿ نٿو ٿئي، پر تانسري سيد احمد شھاب الدين هميشه پنھنجي سياسي ۽ ائڊمنسٽريٽو تجربي مان ٻين کي صلاح مشورو ڏيندو رهي ٿو. کيس ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اهي سياسي مسئلا جن ۾ قوم، مذهب ۽ ذات نيات جا چڪر ٿين ٿا، اهي ملائيشيا ۾ بنھه گهٽجي ويا آهن ۽ ملاڪا ۾ ته بنھه نه برابر آهن. اهو ڏينھن خالي ناهي جنھن تي ٽوئرسٽن جون بسون ۽ ٽئڪسيون ڀرجي ملاڪا نٿيون اچن ۽ ملاڪا ۾ ٽوئرسٽن جي ڏسڻ جي جاين مان ڪيتريون ئي: ميوزيم، ٽاور ڪلاڪ، ڊچن جا ٺھيل Standhuys، پراڻو سينٽ پال چرچ _ سڀ گورنر جي گهر ’سري _ ملاڪا‘ جي ڀر ۾ آهن. ”مون جهڙا اڌ مغزي ٽوئرسٽ توهان سان ملي توهان کي ضرور بيزار ڪندا هوندا.“ مون چيو.
”جيتوڻيڪ ٽوئرسٽن ۽ مھمانن جو وڏو تعداد کيڪارڻ لاءِ مون وٽ اڪثر ايندو رهي ٿو. پر مون لاءِ اهي باعث خوشي آهن. انهن مھمانن ۾ ڪيترا ته اسڪولي شاگرد هوندا آهن، جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هلي اچن ٿا. وڏي عھدي وارو ٿيڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته آئون پاڻ کي عوام کان پري رکان.“
گورنر جو ڏينھن نائين بجي کان شروع ٿئي ٿو جيڪو سندس آفيس ۾ پھچڻ جو ٽائيم آهي. منجهند جي مانيءَ تائين هن کي گهڻو ڪري رياست جي ڪم ڪارين ۾ مشغول رهڻو پوي ٿو. ڪنھن ڏينھن وزيرن، سفيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن جي اچڻ ڪري ڪاغذي ڪم رهجي ويندا آهن، جيڪي ٻپھريءَ ڪرڻا پون ٿا.
تانسري سيد احمد شھاب الدين گولف راند جو پڻ تمام گهڻو شوقين آهي ۽ شام جي وقت سندن ملاڪا جي Ayer-Keruh ڪنٽري ڪلب گولف ڪورس تي گولف کيڏڻ ٿيندو آهي. گولف کان علاوه فٽ بال سندس دلپسند راند آهي جنھن ۾ اسڪولي ڏينھن ۾ تمام گهڻو حصو ورتو هئائين.
سياست بابت ڪتاب ۽ سياسي اڳواڻن جون آتم ڪھاڻيون پڙهڻ سندس دلپسند وندر آهي. ان کان علاوه گلن ۽ پکين سان پڻ پيار اٿس.
”وندر جون گهڙيون گهر ۾ پوکيل گلن ۽ پاليل پکين سان ئي گذاريندو آهيان.“ پاڻ ٻڌايائين.
موڪلائڻ وقت پاڻ وري وري ملڻ لاءِ چيو. مون سندس ٿورا مڃيندي کيس ٻڌايو ته هن ملڪ جي وڏن ماڻهن جي اها عظمت ۽ وڏي ڳالهه آهي جو هو ڪنھن کي به ننڍو نٿا سمجهن. کين هٺ وڏائي ناهي ۽ سندن عزت ۽ شان جو راز ان ۾ آهي جو هو پڻ ٻين کي عزت ڏين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح عوام جون دليون جيتين ٿا.