الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون آھن ڳچ

نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي: ”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن  تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳالھيون آھن ڳچ

ڪاڪوس ۾ ڪسٽرڊ کائڻ

اسان وٽ هند سنڌ ۾ انب فقط اونهاري جا ٻه ٽي مھينا هلن ٿا. پر ملائيشيا ۾ جيئن ته ٻارهوئي هڪ جھڙي موسم آهي سو سڄو سال انبن جون مختلف جنسون مارڪيٽ ۾ نظر اينديون. ساڳي طرح ڪيلا پڻ.
جيتوڻيڪ ڪيلي ۽ انب جي اصل جڳھه ملائيشيا آهي پر افسوس جو انهن ٻنهي ميون تي ملائيشيا وارن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي. انڊيا ۽ پاڪستان ۾ جتي اهي ٻئي ميوا گهڻو گهڻو پوءِ پھتا، سندن جنسون سڌاري کين لذيذ بنايو ويو آهي. انبن ۽ انبڙين مان به گهڻي ئي شيون: کٽائيءَ جو چورو، چٽڻيون، آچار، مربا، شربت، اسڪائش وغيره ٺاهيا وڃن ٿا ۽ سندن پئڪنگ پڻ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪري رهي آهي.
هتي ملائيشيا ۾ ڪيلي جون جيتوڻيڪ چاليھارو کن جنسون آهن پر ڪا به اهڙي سٺي ناهي جھڙي سنڌ، پنجاب، بنگال يا انڊيا ۾ آهي. هتي جو ڪيلو نه فقط ميوي طور پر ڀاڄيءَ خاطر پڻ کاڌو وڃي ٿو. پسانگ اميون (جئميڪي ڪيلو) پسانگ اماس (سون ورنو ڪيلو) ۽ پسانگ رستالي وغيره اهڙا ڪيلا آهن، جيڪي فقط ميوي خاطر کاڌا وڃن ٿا. پسانگ اماس سڀ ۾ ننڍو ۽ لذيذ ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا جو اهو ئي هڪ ڪيلو آهي، جيڪو ٻين ملڪن ۾ _ ويندي جپان ۾ پڻ، ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي ڪيلن جون گهڻيون جنسون ڀاڄي _ ٻوڙ طور رڌي يا تري کائڻ ۾ اچن ٿيون. ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ڪيلي جا پڪوڙا يا ٽانڊن تي پڪل ڪيلو ائين وڪامندي نظر ايندو، جيئن پاڻ وٽ ٻٽالن جا پڪوڙا، ڇولا يا بھه پٻڻ. پسانگ ابو، پسانگ اواڪ، پسانگ ٽنڊوق ڪجهه اهڙا ڪيلا آهن جيڪي ڀاڄيءَ طور ڪم اچن ٿا. (ڪيلي کي ملئي زبان ۾ Pisang چون.)
گذريل مھيني ملاڪا ۾ رهندڙ اسان جي هڪ سنڌي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هڪ انب موڪليو ۽ فون تي ٻڌايو: ”اهو اسان جي گهر پٺيان لڳل انب جي وڻ جو آهي. چکي ٻڌائجان ته کائڻ ۾ ڪيئن آهي؟“
”يار انب پاڻ سالن کان کائڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻ ڪڏهن اونهاري ۾ سنڌ وڃڻ ٿيو ته اتي ئي کائبو.“ مون وراڻيومانس.
”پر هي انب سٺو اٿئي.“ احمد زور ڀريو.
”شروع وارن ڏينھن ۾ سڄي ملائيشيا جا انب چکي ڏٺم. هتي جو ڪو به سر ۾ ناهي. سنڌ جي انبن سان ڪنھن جو به جوڙ ناهي.“
”چڱو هي ضرور کائجانءِ.“ احمد وري چيو.
“کائيندس ته سھي پر موڪليو به هڪ اٿئي؟” مون چيومانس.
”سڄي وڻ ۾ ٿيا ئي چار انب آهن. هڪ توکي موڪليو اٿم، هڪ اڪيڊميءَ واري پرنسپال ڪئپٽن حمزي ڏي ۽ ٻه پاڻ لاءِ رکيا اٿم.“
”تو وٽ وڻ به فئملي پلاننگ پيا ڪن ڇا؟“ مون پڇيومانس.
جواب ۾ پاڻ رڳو کليو ۽ مون جڏهن ان انب کي چکيو ته واهه جو لڳو. شام جو ئي چيومانس ته يار ان انب خبر اٿئي سنڌ جي انبن جون سڪون لاٿيون آهن _ يا ته کڻي چئجي ته سنڌ لاءِ سڪ تازي ڪرائي آهي. دماغ توائي ٿي ويو آهي. سچ ٻڌاءِ ته اهو انب ڪٿان آندئي. ان ڊينڊي وڻ کي ڪو خاص ڀاڻ ڀتر ڏنو اٿئي يا ڪو دوا جو ڦوهارو هنيو اٿئي؟
ان تي ٻڌايائين ته سندس گهر جي پويان، اهو جيڪو انب جو وڻ آهي، ان جي چڪي سنڌ کان آئي هئي. کانئس اڳ هتي هندستان جو هڪ سنڌي ڪئپٽن دادلاڻي رهندو هو. هو اها انب جي چڪي ٺارو شاهه مان کڻي هتي آيو هو. سو اهو انب ان وڻ جو پھريو ن فصل هو.
هتي رهندڙ اسان جي هڪ ٻئي پاڪستاني ڪليگ ڪئپٽن عرفان فاروقيءَ جي زال _ ڊاڪٽر نرگس قاضي ٻه چار ڏينھن اڳ ڊليوريءَ لاءِ حيدرآباد پئي ويئي. تنھن کي چيوسين:
”ادي! واپسيءَ تي پنھنجي ٻار سان گڏ سنڌڙي انب جي هڪ چڪي به آڻجو ته هتي ملاڪا ۾ پوکي ڇڏيون. ٻار سان گڏوگڏ اها به وڌندي رهي. ٽن چئن سالن بعد _ پوءِ کڻي اسان هتي نه به هجون، پر ٻيا کائي اسان جي ملڪ کي ياد ته ڪندا.“
هن پاسي جا ملئي توڙي چيني ماڻهو ٻار ڄمڻ تي هڪدم ڪنھن ميوي جو وڻ پنھنجي گهر اڳيان پوکيندا آهن. هڪ اهڙي ملئي گهر ۾ اتي لڳل وڻن جو پڇيوسين:
”هي رمبوتان جو وڻ ڪيڏو پراڻو آهي؟“
”فريده جيڏو_ يعني ٻاويھن سالن جو.“ سندس پيءَ هڪدم ٻڌايو.
”۽ هي چَڪُن جو وڻ؟“
”ٻارهن سال ٽن مھينن جو _ اسان حارث جي ڄمڻ تي اهو پوکيو هئو.“
ڪئپٽن تيجپال سنگهه ٻڌايو ته سندس ڏاڏي سندس پيءَ جي ڄمڻ تي بورنيو واري گهر ۾ دورين پوکيو هو. سندس ڏاڏو انگريزن جي فوج ۾ هو ۽ هو ڪافي عرصو بورنيو (انڊونيشيا جو ٻيٽ) تي رهيو.
”تو ڪڏهن دورين (Durian) کاڌو آهي؟“ ڪنھن سردارجيءَ کان پڇيو.
”بابا آءٌ ته رهيو ئي هن پاسي آهيان. آئون ته ننڍپڻ کان جاوا، سماترا، ملايا ۽ سيام جا ميوا ڀاڄيون کائيندو اچان. مون کي دورين مان ڌپ ٻپ صفا نه اچي.“
”شاباس هجنئي! ڪيئن ٿو دورين کائين!“ ڪنھن مٿس تعجب کاڌو.
دورين ميوو ڇانھينءَ جيڏو وڏو گول ٿئي. سندس سائي يا هيڊائين رنگ جي ٿلهي کل تمام سخت ٿئي ٿي، جيڪا سڄي ڪنڊن سان ڀريل هوندي آهي. اهي ڪنڊا گلاب جي ڪنڊن جھڙا پر سائيز ۾ ان کان پنجوڻا ڇھُوڻا ٿلها ٿين. ملئي زبان ۾ ڪنڊي کي Duri چئبو آهي. ان تان هن ميوي جو نالو دورين (Durian) پيو آهي)_ يعني ڪنڊن وارو. دورين پري کان ڄاھي وانگر پڻ لڳندو آهي. دورين جي مٿين کل لاهڻ بعد اندران ٽماٽي جيڏا اٺ ڏهه وڏا ٻج نڪرن ٿا، جن مٿان چڙهيل زردي رنگ جي ڳر کائبي آهي. يعني ڏٺو وڃي ته جيڪا شيءِ کاڌي وڃي ٿي اها سڄي ميوي جي پنج سيڪڙو به مَس آهي، باقي پنجانوي سيڪڙو ٻج، ٿلهي کل ۽ ڪنڊا آهن.
هي ميوو _ دورين تمام گهڻو مٺو ۽ گرم ٿئي ٿو. گهڻو ڪري پپيئي ۽ انناس سان ملائي کائبو آهي. دورين ميوو معجونن ۽ ڪشتن کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو وڃي ٿو. سندس گهڻي گرم هجڻ ڪري ملئي زبان ۾ پھاڪو عام آهي ته:
“Apabila Durian Turun. Sarong Naik.”
’سرونگ‘ معنيٰ گوڏ ۽ ’تورون‘ معنيٰ هيٺ ڪِرڻ ۽ ’نائيڪ‘ معنيٰ مٿي چڙهڻ. يعني دورين جي موسم ۾ مردن جي گوڏ مٿي رهي ٿي. (لفظي معنيٰ ٿيندي، ”جڏهن دورين ڪري ٿو، يعني پَچَڻ لائق ٿئي ٿو ۽ ان کي کاڌو وڃي ٿو، ته گوڏ مٿي کڄي ٿي.“) مطلب صاف ظاهر آهي.
هتي جي ماڻهن کي دورين ڏاڍو وڻي ٿو، پر سندس هنڱ جھڙي اُگري بوءِ جي ڪري ڌاريان ۽ نوان ماڻهو پري ڀڄن ٿا. پر ڪمال اهو آهي جو نئون ماڻهو به جيڪڏهن همت ڪري، ڌپ جي پرواه نه ڪندي هڪ ٻه دفعا هي ميوو کائي ٿو ته پوءِ يڪدم هن جو سچو عاشق ٿيو وڃي _ پر ان ڌپ تي قابض ٿيڻ ڪا آسان ڳالهه ناهي. ان جي اُگري ڌپ ڪري هن پاسي جي ملڪن: ٿائلينڊ، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وڏين هوٽلن ۾ _ جتي گهڻو تعداد ڌارين ملڪن جي ماڻهن جو آهي، دورين کائڻ جي اجازت ته نه آهي، پر هوٽل ۾ آڻڻ تي به بندش آهي. ڇو جو سندس ڌپ ايڏي تکي آهي جو ڪو پنجن ڇٻن ۾ بند ڪري اچي ته به هوٽل ۾ موجود هرهڪ کي پنھنجي ڪمري ۾ خبر پئجيو وڃي. ڪيترن جي ته ايتري دل ڪچي ٿئي ٿي جو اٻڙاڪ اچيو وڃن. پر هتي جا ماڻهو ان ميوي کي ميون جو سرتاج (King of Fruits) سڏين ٿا. کائڻ وارا تعريف مان ڍاپندا ئي نه آهن. پر نئون ماڻهو ان ميوي جي دڪان اڳيان لنگهڻ به نه چاهيندو آهي. بقول هڪ ڌارئين جي ته هي ميوو اهڙو ته ذليل آهي جو کائڻ بعد به ماڻهوءَ جي پگهر مان هن جي بوءِ اچي ٿي _ اها ٻي ڳالهه آهي ته کائڻ ۾ ضرور سوادي هوندو.
جيئن انب جي آئيس ڪريم يا ڪشمش جا ڪيڪ ۽ بسڪيٽ اسان وٽ مشھور آهن، تيئن هتي دورين جي آئيس ڪريم، ڪيڪ، بسڪيٽ ۽ ٽافيون چاڪليٽ به اوترو ئي مشھور آهن، جيترو ميوو پاڻ. آمريڪن کاڌي جي ڪمپني ’مئڪڊونالڊ هئمبرگر‘ _ جن جون چاليھه کن ملڪن ۾ شاخون آهن، ۽ جتي فقط ٽن قسمن جا ملڪ شيڪ وڪامن ٿا: ونيلا، چاڪليٽ ۽ اسٽرابيري، اهي هتي دورين جي ايڏي کپت ڏسي هنن کي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ملڪن لاءِ گذريل سال کان دورين جو ملڪ شيڪ پڻ شروع ڪرڻو پيو آهي، جيڪو باقي ٽن قسمن (Flavours) کان وڌيڪ وڪامي ٿو.
هونءَ هي ميوو ڪو اهڙو سستو به نه آهي. سڀ ۾ مھانگو آهي. هتي جو هڪ ڊالر (اڄڪلهه ڇھين رپئي آهي) ۾ ٽي کن ناريل ملن ٿا. پپيئو هڪڙو يا ٻه ننڍا، انناس ٽي يا چار، رمبوتان ويھه پنجويھه کن پر دورين فقط هڪڙو ٻن يا ٽن ڊالرن جو ملي ٿو سو به وچ موسم ۾ نه ته چار پنج ڊالر في ڪڻو عام ڳالهه آهي.
دورين جي کل ڪنڊن واري، ٿلهي ۽ سخت هجڻ ڪري هي ميوو خريد ڪرڻ بعد کائڻ اهڙو سولو ناهي جھڙو ڪيلو، صوف يا گدرو. ڄاھي جھڙي هن ميوي کي جهلي کل ڦاڙي منجهانئس ٻج ڪڍڻ لاءِ اٽڪل ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت آهي ۽ ان سان گڏ ڪات جھڙي پرانگ (Parang) ۽ طاقت جي پڻ. اخبارن ۾ اڪثر ڪارٽون ايندا آهن، جن ۾ دورين کي ڇلڻ جا نت نوان خيالي اوزار ڏيکاريا ويندا آهن. يا هڪ يورپي همراهه ملائيشيا گهمڻ بعد اهو ميوو سوکڙيءَ طور پنھنجي ملڪ کڻي ويو آهي ۽ اتي هٿن تي ٿلها جوراب پائي، نڪ ڪپڙن ٽنگڻ واري ٻليءَ سان بند ڪري، ڪارائيءَ سان هن ڪنڊن ۽ ٿلهي کَل واري ميوي کي چيري رهيو آهي.
پاڪستان ۾، منھنجي جھاز تي هڪ دفعي اسان جو سکر جو ايڪانامسٽ يار فضل قريشي اچي ويو. کارائڻ لاءِ ڪجهه ڳوليم. ٻيو ڪي نه مليو سواءِ ڏاڙهونءَ جي. جيڪو اڳيان رکيومانس. ڏسي چيائين:
”آيل مھمان کي ذليل ڪرڻو هجي ته ڇري ۽ ڏاڙهون ڏيئي ڇڏجيس ته ويٺو ملهه وڙهي ۽ هٿ ۽ ڪپڙا ڳاڙها ڪري.“
پر هتي ملائيشيا اچڻ ۽ هن ميوي دورين کي ڏسڻ بعد اسان جي حاضر جواب دوست کي پڻ محسوس ٿيندو ته دورين اڳيان ڏاڙهون ته ڪجهه به نه آهي.
گهڻو ۽ اعليٰ جنس جو دورين ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح ۽ پيرلس کان اچي ٿو يا وري ڏکڻ ٿائلينڊ کان سنگاپور تائين پھچندي پھچندي هن ميوي جو اگهه اٺ نو ڊالر ٿيو وڃي. انبن ۽ ڪيلن وانگر دورين جا به ڪيترائي قسم آهن ۽ رنگ، سائيز، سواد، خوشبوءِ موجب هر قسم تي مختلف نالو آهي. چٻرو پکي (Burung-Hantu)، ننڊاکڙي ٻلي (Kucing-Tidur)، زلزلو (Gentar Bumi)_ اهي ڪجهه دورين جون جنسون آهن. ملائيشيا ۾ پينانگ ڀرسان ٻالڪ ٻيٽ (Balik Pualu) انهن جنسن کان مشھور آهي. ان کان علاوه دورين جون ٻيون به ڪيتريون ئي جنسون آهن. جھڙوڪ: غمگين ڪتو (Angut-Anjing)، هيڊ وارو ڀت (Nasi Kunyit)، ٽامو پتل (Tembaga)، اڏوهي (Semut-Api)، وڃڻو (Kepas) ۽ ويندي ’ڏڍ وارو ڪينئون‘ (Kurap) پڻ.
دورين جو وڻ تمام اتاهون ٿئي ٿو ۽ اٺن سالن کانپوءِ فصل ڏئي ٿو. پھريان ٻه سال گهٽ ڏئي ٿو، ڏهين سال کانپوءِ صحيح طرح ڏئي ٿو. هر وڻ ۾ ٻه سئو کن داڻا ٿين. دورين ڳرو، وڏو ۽ ڪنڊن سان ڀريل هجڻ ڪري ايترو مٿي وڻ تي چڙهي پٽڻ کان ماڻهو ته ڇا پر ڀولڙا به ڪيٻائين ٿا _ جيڪي ناريل جي وڻ تي ته چڙهي ناريل پٽي سگهن ٿا، پر دورين هرگز نه. ڳوٺ ڪئالا سنگائي باروءَ جي حبيب الرحمان ٻڌايو ته اهو هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو پٽبو ناهي. جڏهن پچي راس ٿيندو آهي ته پاڻهي ڪِري پوندو آهي.
”هيترو مٿان کان ڪِرڻ تي ڦاٽي نٿو پوي؟“ مون پڇيومانس.
”ان لاءِ قدرت هن ميوي جي کل اهڙي ته ٿلهي رکي آهي جو ايتري مٿاهينءَ تان ڦھڪو ڪرڻ تي به بچيو وڃي.“ هن ٻڌايو.
دورين جي وڻ مان وڏا فائدا آهن. سڄي ملائيشيا ۾ هن ميوي جي چڱي گهرج آهي ۽ مهانگو وڪامڻ ڪري ڪافي ڪمائي ڏئي ٿو. ناريل وانگر پٽڻ جي به تڪليف ناهي. بس رڳو اهو نقصان آهي ته هن وڻ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ جانور توڙي ماڻهو سمهي يا ويھي نٿو سگهي. ناريل جو ڦٽيل ته شايد بچي وڃي پر آئون نٿو سمجهان ته دورين جو ڌڪيل گهر يا اسپتال به پھچي سگهندو هوندو _ سڌو قبرستان کڻي ويندا هوندس.
دورين ميوي مان نه فقط آئسڪريم، ملڪ شيڪ، بسڪيٽ ۽ چاڪليٽ ٺاهيا وڃن ٿا پر دورين کي ڀاڄيءَ وانگر رڌبو پڻ آهي_ جيئن هتي ڪيلي ۽ انناس جو ٻوڙ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ان ٻوڙ ۾ پڻ دورين جي ڌپ قائم رهي ٿي.
هڪ دفعي ملئي دوست ابراهيم بن معروف اسان جي گهر دورين جو ٻوڙ کڻي آيو. سندس پٺ ڏيڻ تي نوڪرياڻيءَ کي ڏنوسين ته مھرباني ڪري هينئر جو هينئر هتان کڻي وڃ. نوڪرياڻيءَ خوشيءَ مان وٺي اسان ڏي وائڙن وانگر نھاريو. دل ۾ پڪ چئي رهي هوندي ته اسين ڌاريان (Expatriates) ڪيڏا نادان آهيون. هھڙي نعمت کي ڌڪاريون ٿا.
ٻئي ڏينھن آفيس ۾ اها ڳالهه ڪئپٽن سليم سان ڪيم _ جيڪو تازو پاڪستان کان آيو آهي. تنھن چيو: ”ابراهيم صاحب اهو ٻوڙ مون وٽ به کڻي آيو هو ته چکي ڏسان. مون ته بنا رک رکاءُ جي سنئون سڌو چيومانس ته اسان کي نه کپي.“
”پوءِ دل ۾ ته نه ڪيائين؟“ اسان پڇيس.
”نه. دل ۾ نه ڪيائين. رڳو چيائين، `Your are a Stupid` “
اسان جي هڪ پاڙيسري ملئي همراهه _ ڪئپٽن عبدالرحيم، جنھن کي دورين تمام گهڻو وڻي ٿو، تنھن ٻڌايو ته هي ميوو ملائيشيا ۾، گهڻو اڳ تمام سستو هو، رڳو ملئي ماڻهو ئي کائيندا هئا. چيني هرگز هٿ نه لائيندا هئا پر پوءِ انهن جي به ڏاٺ هري ۽ چشڪو آين جو هاڻ شل نه دورين تي نظر پوين. چيني ماڻهو شاهوڪار هجڻ ڪري، هو هن ميوي کي، هر قيمت تي خريد ڪن ٿا. اهڙي طرح دورين سڄو سال ڊمانڊ ۾ رهي ٿو.“
ملاڪا ڊينٽل ڪلينڪ جي ڊاڪٽر ميجر داس هڪ ڏينھن دورين جي تعريف ڪندي چيو:”ڏاڍو سوادي ميوو آهي. هڪ دفعو ٽيسٽ ته ڪري ڏسو. انب ۽ کيرڻيون به وسري ويندانوَ.“
”اهو ته صحيح آهي پر ڌپ کي ڪيئن منھن ڏجي؟“ مون چيومانس.
کلي چيائين: ”اها ڳالهه صحيح ٿا ڪريو. دورين هڪ پاسي سيري ۽ ماکيءَ جھڙو سوادي ۽ مٺو آهي ته ٻئي پاسي سخت ڌپ وارو. ان ڪري هن ميوي لاءِ عام چوڻي آهي ته دورين ميوو کائڻ ائين آهي جيئن عوامي ڪاڪوس (Public-Toilet) ۾ ويھي دنيا جو لذيذ ترين ڪسٽرڊ کائڻ.“
دورين، جيڪو ڪن لاءِ جنت جو ميوو آهي ته ڪن لاءِ دوزخ جو _ ملئي زبان ۾ نه فقط چوڻيون ۽ پھاڪا مشھور آهن، پر ڪيترائي شعر ۽ ڳجهارتون ٺھيل آهن. نموني لاءِ هڪ پنتون (چوسٽي) ۾ چيل، هن ميوي بابت ڳجهارت هن ريت آهي ته:
Kalau Terlanggar Berdarah Dikaki,
Lsinya Kuning Kulit berduri,
Kalau tuan bijak bistari,
Cubalah teka buah ini.
واٽ ويندي هن سان ٽڪر ٿيڻ تي پير رتو ڇاڻ ٿيو وڃي:
سندس ڳر زردي رنگ جي آهي ۽ کل سڄي ڪنڊن سان ڀريل:
سائين منھنجا پاڻ سياڻا آهيو:
ته ڪوشش ڪري ڳجهارت سَليو ته اهو ميوو ڪھڙو آهي.
ڪو به ميوو ڪن کي گهڻو وڻندو آهي ته ڪن کي گهٽ ۽ ڪن کي وري بنھه نه. پر دورين ئي هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو هڪڙن کي تمام گهڻو وڻي ٿو ته ٻين کي نفرت جي حد تائين بنھه نه. هن ميوي لاءِ چيو وڃي ٿو ته
“Love it or hate it, you can never be indifferent to the durain.”
سائوٿ ايسٽ ايشيا جو هي واحد ميوو آهي جيڪو جھڙو ڏکيو پوکڻ آهي، اهڙو ئي ان جو لُڻڻ. ۽ سڀ ۾ مهانگو وڪامي ٿو.
دورين وڻ فقط ان زمين تي ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ گهڻي مقدار ۾ سلفر هجي ۽ لوڻ بلڪل نه. ٿورو به کارو پاڻي ميوي تي اثر اندازٿئي ٿو ۽ ميوو صحيح طرح پچڻ کان اڳ ڪريو پوي. هن وڻ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته جيترو دير سان ڦر ڏئي ٿو اوترو سٺو.
دورين سماترا کان فلپين، ميامار (برما) کان انڊونيشيا ۾ پوکيو وڃي ٿو ۽ دورين جي تيز سڳنڌ/ خوشبوءِ/ ڌپ ميڊان (انڊونيشيا جو شھر) کان ملينال ۽ منڊالي (ميامار) کان منا ڊائو جي مارڪيٽن تي ڇانيل رهي ٿي.
دورين جي ٻاهران اهڙا ته ٿلها ۽ سخت ڪنڊا آهن جو ماڻهوءَ کي زخمي ڪريو وجهن. ٿائلينڊ ۾ ڪنھن کي دورين هڻڻ ائين ڏوهه جو ڪم آهي جيئن ڪھاڙي هڻڻ. ان جي سزا ۽ ڏنڊ دورين کي اڇلي هڻڻ جي طاقت ۽ پھتل زخم موجب ٿئي.
دورين جنھن کي ميون جو بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو، ان جي لذت جو قدر ۽ شان پھرين ملائيشيا ۾ مڃيو ويو. هن ميوي جو سائنسي نالو Duri Zibethinus ۽ عام نالو Durian ملئي زبان مان نڪتل آهي. جيڪو شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته دوري (Duri) معني ڪنڊو ۽ دورين معنيٰ ڪنڊن وارو. Zibethinus اطالوي (Italian) زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي تکي بوءِ وارو.
دورين ميوي جي ٿلهي کل ٽڙڪائڻ سان اندر ٺهيل ڇھه اٺ ڳڙکين مان بيضوي شڪل جا ٻج (ککڙيون) نڪرن ٿيون، جن جي مٿان انب جهڙي هئڊي رنگ جي ڳرُ چڙهيل ٿئي ٿي، جيڪا چُوپي وڃي ٿي. يعني ککڙي وات ۾ وجهي بيضي جي اڇ جھڙي سنهي لئه چوسي ککڙي اڇلي وڃي ٿي. ڏٺو وڃي ته ٽي چار ڪلو جي دورين ۾ کائڻ، بلڪ چَٽڻ جو مال ڪو اڌ پاءُ به نٿو ٿئي. هونءِ ته هن پاسي _ يعني ملائيشيا، انڊونيشيا ڏي (جيڪي ملڪ خط استوا جي ويجهو آهن)، ٻارهوئي هڪ جھڙي موسم آهي، چوڌاري سمنڊ آهي، هر وقت رُگهه (Humidity) ۽ مينھن آهي، ۽ جيڪي به ميوا ٿين ٿا _ ناريل، انناس، ڪَٺل، ليچي، رمبوتان وغيره، انهن جون کلون ۽ اندريون ککڙيون اهڙيون ته ٿلهيون آهن جو منجهن کائڻ جو مال ڪو نالي ماتر ٿئي ٿو. اهڙي ٿلهي کل، هتي جي هر ميوي جي بچاءُ لاءِ، ضروري به آهي، نه ته هھڙي مينھن ۽ ڪينئن جيتن جي دنيا ۾ ڪو به فروٽ پچڻ تائين پھچي نه سگهي. دورين ميوي جي کل ۽ ککڙي ڪجهه وڌيڪ ئي ٿلهي ۽ ڳري آهي. آئون هتي جي دوستن کي چوندو آهيان ته دورين ميوو ايئن آهي جيئن آمريڪا مان نڪرندڙ آچر جي مفت ورهائي ويندڙ اخبار _ ٻه ڪلو وزن جي اخبار ۾ ڪو دڪو ٻه خبرن جو مس ٿئي، باقي رڳو اشتھار ئي اشتھار.
اڃا تائين دورين کائڻ جي آئون همت ڪري نه سگهيو آهيان. هڪ ٻه دفعا پنھنجو Will Power استعمال ڪري چڪو آهيان پر دورين جي هنڱ جھڙي تکي ڌپ اهڙيون وايون بتال ڪيون جو سواد جي سڌ نه اٿم ته ڪھڙو هو. هونءَ هرڪو اهو چوي ٿو ته هڪ ٻه دفعا کائڻ سان پسند اچي ويندو ۽ اهو به آهي ته جنھن کي کائڻ جي عادت يا سواد مان مزو اچيو وڃي اهو هن ميوي پويان جھڙو ديوانو. اسان ويھارو کن ڌارين ۾ هاڻ فقط ڪئپٽن سليم هن ميوي جو ٽيسٽ ڊيولپ ڪري سگهيو آهي ۽ جتي آفر ٿيندي اٿس اتي مقامي ماڻهن سان گڏ وات مان سڙپ سڙپ جا آواز ۽ چشڪا ڏيئي کائڻ ۾ جنبي ويندو آهي، جيتوڻيڪ شروع ۾ ته اسان سڀني کان وڌيڪ، ڪئپٽن سليم هن ميوي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. سو ان معاملي ۾ هي عجيب ميوو چئي سگهجي ٿو، جنھن لاءِ ٻڪ پئسن جا هڪ طرف ڏيڻا پون ٿا ته هيڏو ڳرو ڇپ جهڙو گهر تائين ڍوئڻو پوي ٿو. پوءِ ان کي ڇلڻ مھل هٿن جو ڦٽجڻ ۽ کائڻ بعد صابڻ سان هٿ ڌوئڻ تي به، هن ميوي جي بوءِ مان جان ڇڏائڻ آسان ڪم ناهي.
هن ميوي کي وٺڻ مھل چونڊ ڪرڻ لاءِ نه فقط گدري وانگر هن جي خوشبُوءِ سونگهي سڃاڻڻ کپي پر رنگ ڏسڻ به ضروري آهي ۽ ڪي همراهه ته ان ۾ آڱوٺي جو ننھن ٽنبي کل جي ٿولهه ۽ سختيءَ جو اندازو لڳائيندا آهن. خريداريءَ بعد ڪي ڪار جي ڊڪين ۾ پيا رکائيندا ته ڪي پوئين سيٽ تي. ڪي رستي تي پيا کائيندا ته ڪي آفيس ۾ به، جيڪا ڪا دير دورين جي هڳاءَ هيٺ هوندي ۽ اسان نه کائڻ وارن مان به دورين جي ڌپ پئي ايندي. اهو ايئن آهي جيئن سنڌ جا وڏيرا، سياستدان، زميندار اڇيون ڪلف لڳل برقعن جھڙيون قميصون پائي، ڪراچي ۾ انبن جا کوکا ورهائيندا وتندا آهن _ سندن جسم ۽ ڪار مان هر وقت ڪئلشيم ڪاربائيڊ جي بوءِ پئي ايندي آهي، جنھن جون پڙيون انبن کي جلدي پچائڻ لاءِ کوکن ۾ وڌيون وڃن ٿيون.