حلال پورهئي ۾ ڪھڙو عيب
”ڏينھون ڏينھن مھانگائي وڌندي وڃي،“ هن ٻڌايو، ”عيال وڏو اٿئون، مڙس جي ڪمائي فقط پيٽ لاءِ ئي پوري مس ٿي ٿئي. آخر گهر جي ٻئي خرچ کي منھن ڏيڻ لاءِ حلال جي پورهئي ۾ ڪھڙو عيب آهي؟“
اياشپال ڪور ٻڌايو ته ٽئڪسي هلائڻ کان اڳ هن چار سال ’اسڪول بس‘ پڻ هلائي. ”پر هر مھيني ٻارن جي مائٽن کان بس جي ڀاڙي جي اوڳڙ ڪرڻ ’وقت جو زيان‘ ۽ مٿي جو سور هو. پنڌ ڪري وڃ ته ڪي ته گهر ۾ ئي نه هوندا. ۽ جيڪي هوندا ته انهن مان وري ڪي بروقت ڀاڙو ڏيڻ بدران چوندا هئا ته سڀاڻ اچ، پرينھه اچ. هاڻ ڪنھن کي ايترو فالتو وقت آهي جو وتي پنڌ ڪندو. انهيءَ ئي ڪري اسڪول ڇڏي ٽئڪسيءَ جي لائسنس لاءِ درخواست ڏنم. پيراق رياست ۾ شايد آئون ئي اڪيلي ٽئڪسي ڊرائيور (Cabby) آهيان.“
”پوءِ ڀلا ٽئڪسيءَ مان ڪمائي ڪيئن آهي؟“ مون پڇيومانس.
”ٽئڪسيءَ مان منھنجي سٺي ڪمائي ٿئي ٿي. وڏي سفر ۽ اڻانگن هنڌن تي وڃڻ لاءِ عورتون ۽ ڇوڪريون منھنجي ئي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهندي خوشي محسوس ڪن ٿيون.“
اپوح جي سک عورت اياشپال ڪور، نه فقط ڊرائيور آهي پر سٺي مڪينڪ پڻ. پاڻ ٻڌائين ته ڪار جي سروس ڪرڻ، پلگ صاف ڪرڻ، پئانٽ يا بيلٽ بدلائڻ جھڙا ڪم هوءَ پاڻ ئي ڪري پئسو ۽ وقت بچائي وٺي ٿي. سندس 45 ورهيه ڄمار جو مڙس ’سردار اتم سنگهه‘ پڻ ٽئڪسي ڊرائيور آهي جيڪو رات جي وقت ٽئڪسي هلائي ٿو. هوءَ نه فقط شھر جو شھر ۾ ٽئڪسي هلائي ٿي پر ڀاڙو ملڻ تي ڀر وارن ڳوٺن ۽ شھرن: تائپنگ، باتو ڪرائو، ترانگ، ڪئالا، سپتانگ، لموت وغيره تائين پڻ وڃي ٿي. “هڪ دفعي ٿائلينڊ جي بارڊر واري شھر _ ڪوٽابارو تائين مون ۽ مڙس، واري وٽيءَ تي ڊرائيونگ ڪري مسافرن کي پھچايو هو.”
اياشپال ڪور کي اَٺَ ٻار آهن. ست ڌيئون ۽ هڪ پٽ. سڀ ٻارهن کان ايڪيھه ورهيه ڄمار جا آهن. پاڻ ملائيشيا جي هڪ پنجابي اسڪول مان فقط ڇھه درجا پڙهي آهي.
”آئون پاڻ ته پڙهي نه سگهيس پر چاهيان ٿي ته منھنجا ٻار سٺن اسڪولن ڪاليجن مان ضرور تعليم حاصل ڪن ۽ زندگيءَ جون اهي خوشيون ماڻين جن کان آئون غربت ڪري محروم رهيس.“
”ڀلا سڄو ڏينھن ٽئڪسي هلائيندي ورچو نٿيون؟“
”ٽئڪسي هلائيندي،“ اياشپال ڪور وراڻيو، ”منھنجو سٺو وقت گذري ٿو. شھر جي خبرچار معلوم ٿيڻ کان علاوه ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ۽ ڄاڻ سڃاڻ ٿئي ٿي ۽ سٺن سٺن ڏينھن تي ته پنجاهه کان سٺ ڊالرن تائين به ڪمائي ٿيو وڃي.“