ملائشيا ستل بدران بيٺل هجي ها
هونءَ انناس سٺو ميوو آهي. نئين ماڻهوءَ کي پھريان ٻه چار ڏينھن شايد ٿورو کٽو ۽ عجيب لڳي ۽ ڇلڻ ۾ به ڏکيائي ٿئي. پر جي تکو ۽ وڏو ڪپ آهي ته منٽن ۾ ڇلجيو وڃي. انناس ڏکڻ هندوستان ۽ سريلنڪا ۾ به جام ٿئي ٿو پر منھنجي خيال ۾ ته سستي ۾ سستو ملائيشيا ۾ آهي. ڊالر (ڇھين رپئي) ۾ چار انناس. ۽ جي تمام وڏا آهن ته ٽي يا ٻه. ملئي ماڻهو اڌ ڪچا اڌ پڪا انناس ٻوڙ ۾ ڪم آڻين ۽ سلاد پڻ ٺاهين.
گهڻو وقت رکڻ يا ولايت ۾ موڪلڻ لاءِ انناس کي ڇلي، گول چڪرن ۾ وڍي دٻن ۾ بند پڻ ڪيو وڃي ٿو. انناس جون هتي ٽي خاص جنسون آهن: سراواڪ، موريشش ۽ سنگاپور اسپينش. لڳي ٿو ته اهي جنسون اصل انهن ملڪن کان ئي آيون آهن، جيئن پاڻ وٽ ميڪسي پاڪ ڪڻڪ يا قنڌاري ڏاڙهون. پھريون ٻه جنسون تازي ميوي طور ڪتب اچن. آخري واري جنس دٻن ۾ بند ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي.
اسان جي ملڪ جا ماڻهو ٿائلينڊ، سنگاپور يا هيڏانھن ملائيشيا پاسي جو پپيتو ڏسي / کائي هڪدم فرق محسوس ڪن ٿا. اڄڪلهه پاڪستان ۾ پپيو ٿئي ٿو _ خاص ڪري سامونڊي ڪنارن تي يعني بدين، ٺٽي ضلعي ۾. پر اهو گول يا بيضوي شڪل جو ۽ رنگ ۾ زردو _ هيڊو آهي پر هن پاسي پپيو قد ۾ ڊگهو ۽ اندران ڳاڙهو يا سونھري نڪري ٿو. ميٺاج ۾ به سندس جواب ناهي ۽ تمام سستو آهي. هتي جي ڳوٺاڻن گهرن ۾ ٻين وڻن سان گڏ پپيئي جو وڻ به نظر ايندو. ٻيو ميوو وڪڻندا پر پپيو گهڻو ڪري مفت ڏيئي ڇڏيندا. پپيئي ۾ اي ۽ سي وٽامن تمام گهڻي آهي. هتي جي موسم پپيئي لاءِ ڪا اهڙي سازگار آهي جو جنھن وقت به ٻج هڻ ته ڦٽيو پوي. اٺن نون مھينن ۾ ڦر ڏئي ٿو _ اها ٻي ڳالهه آهي ته پپيئي جو هر وڻ ميوو نٿو ڏئي جو پپيئي ۾ نر ۽ ماد جو چڪر آهي. رڳو مادي وڻ ڦر ڏئي. انهن جي اوسي پاسي ۾ هڪ نر وڻ هجڻ ضروري آهي.
گذريل مھيني مون کي به خيال آيو ته گهر اڳيان ڪجهه ميون جا وڻ هڻجن. سو پپيئي جو ٻج ڪونڊين ۾ هڻي، وڏو ڪري، انهن مان پندرهن وڏا ٻوٽا ٿوري ٿوري فاصلي تي قطار ۾ هنيا اٿم. هاڻ وڏا ٿين ته خبر پوي ته ڪيترا نر آهن، ڪيتريون ماديون. PIA جي شيور مرغي خاني وانگر سڀ نر نه نڪرن. ان کان علاوه مارڪيٽ مان ٽي ٽي ڊالرن جي رمبوتان ۽ دورين جي چڪي پڻ وٺي هنئي اٿم. اهي وڻ، چون ٿا ته ٽن ۽ ڇھن سالن بعد ميوو ڏين ٿا.
زيتون، گدرو ۽ ڇانھين _ هتي ٽيئي ٿين ٿا پر اسان جي ملڪ وانگر اهي ميوا هتي ايترو سستا نه آهن. جپان کان وري به سستا آهن. هتي جو گدرو بيحد مٺي جنس جو ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ به اڄڪلهه گدري ۽ ڇانھينءَ جون مٺيون جنسون ٿين ٿيون _ جن جو ٻج سعودي عرب جي وارياسين پٽن ۽ اسرائيل ۽ لبنان جي ڀؤنچ سمنڊ جي آبھوا وارن ملڪن کان آيل ٻڌجي ٿو. زيتون انب جيڏو ٿئي ٿو. جنھن ۾ ٻج گهڻو ٿئي ٿو اهو سستو ملي. ٿوري ٻج وارو ڏيڍ کان ٻي ڊالرين ڪلو ملي. زيتون کي ملئي زبان ۾ Jambu سڏين.
رمبوتان جھڙو، پر قد ۾ ان کان ننڍو ميوو _ ليچي پڻ هتي ٿئي ٿو. ليچيءَ سان ملندڙ جلندڙ ۽ ان جھڙو مٺو ۽ لسي ڳر وارو هڪ ٻيو ميوو ’ماتا ڪچنگ‘ پڻ ٿئي ٿو. Mata-Kucing ملئي لفظ آهي، ماتا معنيٰ اکيون، ڪُچنگ معنيٰ ٻلي _ يعني ٻليءَ جون اکيون. هن ميوي جو رنگ ۽ شڪل ڪجهه ٻليءَ جي اکين جھڙو آهي. ماتا ڪچنگ نالي ملاڪا ۾ هوٽل ۽ سپر مارڪيٽ پڻ آهي.
’ماتا‘ (اک) تان ياد آيو ته شعر و شاعريءَ ۾ هتي ملائيشيا ۾ به اسان وانگر اک (Mata)، دل جگر (Hati) جو گهڻو واهپو آهي. اڄڪلهه هڪ ٽاپ تي گانو، ’نور ڪلماساري‘ نالي هڪ ڳائڻيءَ جو هلي رهيو آهي:
Dari Mata la Datang
Barulah Ke Hati
”اکين مان (پيار) ٿيندو ٿيندو، هينئر منھنجي دل ۾ آيو آهي.“ (داري معنيٰ منجهان، داتنگ معنيٰ اچڻ، بارو معنيٰ نئون، تازو، هينئر هينئر..)
رمبوتان، ليچي ۽ ماتا ڪچنگ جي خاندان جا ٻيا به ڪيترائي ميوا آهن جن جي اندر ککڙيءَ مٿان اڇي رنگ جي ڳر ٿئي ٿي. جھڙوڪ لانگ سات ۽ دُوڪو (Lansium-Domesticum) پر اهي ليچيءَ جهڙا مٺا نه آهن. ڪي کٽا به ٿين ٿا. هنن جو وڻ پندرهن سالن بعد ميوو ڏئي ٿو.
هتي چڪون (Manilkara-Achras) به جام ٿئي ٿو. چَڪون پاڪستان ۾ به ڏينھون ڏينھن وڌي رهيو آهي، پر هتي جو چَڪون وڌيڪ سوادي ٿئي ٿو، سائيز ۾ پڻ اسان جي چڪونءَ کان وڏو ٿئي ٿو.
مٿين ميون کان علاوه اسٽار فروٽ ۽ مئنگو اسٽين پڻ ملائيشيا ۾ عام ميوا آهن ۽ هاءِ وي (رستن) تي جتي ڪٿي چيني ۽ ملئي عورتون اُهي ۽ ٻيا ميوا وڪڻندي نظر اينديون. (۽ انڊين عورتون رستي جي مرمت ڪندي). اسٽار فروٽ ڪيئن کائين ٿا_ ڪنھن کي کائيندي نه ڏٺو اٿم. پر وڪامي جام ٿو. دڪانن تي جام نظر ايندو يا وري چيني گهرن اڳيان ٺھيل سندن ابن ڏاڏن جي ننڍين درگاهن اڳيان. اسان جي ڪليگ ڪئپٽن تيجپال سنگهه ٻڌايو ته اسٽار فروٽ اسڪولن ۾ ڏاڍو وڪامي ٿو. ٿورو کٽيڙو هجڻ ڪري ملئي ۽ چيني ڇوڪريون رسيس ۾ ائين کائين جيئن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڇوڪريون گدامڙي ۽ ڪچيون انبڙيون کائين ٿيون.
مئنگو اسٽين (Garcina-Mangostana) جيڪو نالي مان لڳي ٿو ته انب (مئنگو) جھڙو هوندو پر ان کان آهي بلڪل نرالو _ شڪل توڙي سواد ۾! هي ميوو ڏسڻ ۾ ننڍي واڱڻ جھڙو آهي. مٿيون سائو ٽوپ لاهي هٿن سان مروڙي، يا ڪپ سان سندس واڱڻائي کل کي چوڌاري هلڪو چيهڪ ڏيئي کولي سگهجي ٿو. منجهائنس ٿوم جي ڳڙين جيڏيون ۽ جھڙيون ککڙيون نڪرن جنھن مٿان چھٽيل گودو کائبو آهي. هر مئنگو اسٽين جي تري ۾ گل ٺھيل ٿئي ٿو. جيتريون ان مٿان پنکڙيون اوتريون ئي اندران ڳڙيون نڪرن.
بنگلاديش وانگر هتي به ڪَٺل _ جنھن کي ملئي زبان ۾ Nangka انگريزيءَ ۾ ’جئڪ فروٽ‘ چون ٿا، سڄو سال نظر اچي ٿو. ڪٺل (Artocraous-Heterophyllus) ميوي طور به کاڌو وڃي ٿو ته ٻوڙ طور به ڪم اچي ٿو. هي فروٽ ڪٿي به ڪو گهڻو پسند نٿو ڪيو وڃي. اسان جي هڪ عرب دوست چواڻي_ جنھن کي ڪٺل تي چڙ آهي، جيڪڏهن ميوي ۽ ڀاڄيءَ ۾ به حلال، حرام ۽ مڪروه جو حساب هجي ها ته ڪٺل ميوو مڪروه ۽ گوگڙو مڪروه ڀاڄي چئي سگهجي ها جن جي شڪل توڙي سواد کان ڪراهت اچي ٿي.
’ڪَٺل‘ سائيز ۾ ٻانھن جيڏو، تور ۾ ڏهن ٻارهن سيرن تائين ٿئي ٿو. هاڻ توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته اهو ميوو ٿيو يا رڍ ڇيلو!
انهن ڍير ميون کان علاوه ملائيشيا ۾ ٻيا به ڪيترائي ٿورا گهڻا ميوا ٿين _ ٻيرن ۽ پيرن کان پوميلو، جمبو آئر جھڙا ٿين ٿا. جي نٿا ٿين ته ٿڌ وارا ميوا: انگور، ناسپاتيون، زردالون، صوف، گرما، سردا، ڪينا، نارنگيون ۽ ڏاڙهون _ جن لاءِ هتي جا ماڻهو ڏاڍو سڪن ٿا. ڪاش جاگرافيءَ جي لحاظ کان ملائيشيا جو ملڪ دنيا جي گولي تي اولهه اوڀر ۾ ستل هجڻ بدران پاڪستان وانگر اتر ڏکڻ ۾ اڀو هجي ها ته جيئن ڏکڻ ۾ گرم موسم وارا ميوا: انب، چڪون، ڪيلا، پَپيا، گدرا، ڇانهيون ٿين ها ته اتر ۾ سرد موسم وارا ميوا: انگور، نارنگيون، ناسپاتيون، صوف ۽ ڏاڙهون هجن ها.