Tiada Traffic Jam
سٺي صحت ۽ قدبت ڪري سِکَ ملائيشيا جي پوليس ۽ فوج ۾ به آهن ته راندين ۾ به چڱا خاصا اڳڀرا آهن. ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جي سڄي آدمشماريءَ جو فقط ڏهه سيڪڙو انڊين (ننڍي کنڊ جا ماڻهو) آهن ۽ ان ڏهه سيڪڙو ۾ به ست سيڪڙو تامل، ٻه سيڪڙو کن ملباري، ملايالم ۽ گجراتي آهن، باقي هڪ سيڪڙي ۾ سِکَ، هندو، سنڌي، بنگالي، پاڪستاني پنجابي ۽ پٺاڻ اچي وڃن ٿا. سو ان حساب سان ملائيشيا ۾ سِکَ بلڪل ٿورا آهن، پر راندين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي پروگرامن ۾ ٽي ويءَ تي اڪثر نظر اچن ٿا. ڪيترا ته ملڪي ليول تي اهم حيثيت به رکن ٿا.
انهن مان هڪ ته ’هرجيت سنگهه‘ آهي _ ڏاڙهي ۽ پٽڪي وارو. ٽي ويءَ تان روزانو ملئي زبان ۾ خبرون پڙهندو آهي. جيئن اسان وٽ سالن کان پروفيسر سليم ميمڻ روزانو سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهي ٿو ۽ کيس ٻچو ٻچو ٿو سڃاڻي. اهڙيءَ طرح هتي ملائيشيا ۾ هرجيت سنگهه کي! ٻين وانگر اسان کي به تشويش ٿي ته هتي جي ملئي سرڪار ملئي خبرن لاءِ هڪ سِکَ کي ڪيئن نوڪري ڏني _ جڏهن ته هو ان ڳالهه لاءِ چينين کي ئي گهڻو موقعو نٿا ڏين _ اهو سوچي ته جيئن ملڪ ملئي ماڻهن جو آهي سو گهڻي کان گهڻيون نوڪريون ۽ وڌڻ ويجهڻ جا موقعا بوميپترن (ڌرتيءَ جي پٽڙن) کي ڏنا وڃن. پر پوءِ ان ڳالهه کي مڃڻو پيو ته هرجيت سنگهه جي صحيح لھجي، رواني، ادائگي ۽ رنگ ڍنگ جو واقعي جواب ناهي. ڏکيا ڏکيا ملئي لفظ جيڪي جلديءَ ۾ اچاريندي ڪڏهن ڪڏهن ملئي نيوز ڪاسٽر به هٻڪي پوندا آهن، هرجيت سنگهه لَس ئي لَس ائين پڙهي ويندو آهي ڄڻ ملئي زبان سندس مادري ٻولي هجي. ملئيءَ ۾ ڪتب ايندڙ عربي لفظ جھڙوڪ: انشاءَ الله، الحمدلله وغيره ته ڇا پر هڪ دفعي پيراق جو سلطان گذاري ويو ته ان جي موت جي خبر، جيڪا لڳي ٿو ڪنھن مسلمان خبرون پڙهندڙ کي پڙهڻي هئي، پر هرجيت سنگهه جي ڊيوٽي هجڻ ڪري هن ئي پڙهي، جنھن جي آخر ۾ ’انا لله و انا اليه راجعون‘ ائين صحيح پڙهي ويو ڄڻ ڪو ملئي مولوي پيو پڙهي.
هرجيت سنگهه کانپوءِ ٻئي نمبر تي ڊي. جي. ديوسنگهه ٽي وي ڏسندڙن جي دلپسند سِکُ شخصيت آهي. ڏاڙهي ڪوڙيل، سھڻو ۽ ڊگهي قد وارو هي جوان ملائيشيا جي مٿاهن ڳائڻن مان هڪ آهي. پاڻ مختلف هوٽلن، اسٽيج ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ ملئي، پنجابي ۽ هندي گانا ڳائي ٿو. سندس هڪ فلمي هندي گانو: ”ايک دو _ ڪھني ڀي دو، تين چار _ هو گيا هي پيار.“ اڄ ڪلهه ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تمام مشھور آهي _ جيڪو هن ملئي ڇوڪرين سان گڏ ڊانس ڪندي هتي جي ٽي وي پروگرام ”پشپا ورنا“ ۾ پيش ڪيو هو.
’ديو سنگهه‘ تازو هڪ مسلمان ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ پنھنجي نالي مان ’سنگهه‘ جو لفظ ۽ ’کولو‘ ڪترائي مسلمان ٿيو آهي. هاڻ هو فقط ڊي. جي. ديو (D.J. Dave) سڏرائي ٿو. جنھن ملئي ڇوڪريءَ سان سندس شادي ٿي آهي، اها هن ملاڪا رياست جي آهي جنھن ۾ اسين رهون ٿا. سندس گهر اسان جي ڀر واري ڳوٺ مسجد تاناح ۾ آهي. پاڻ ملئي زبان جي شاعره آهي. ديوَ جا ڪيترائي ڳايل ملئي گانا سندس زال جا لکيل آهن.
گذريل هفتي هڪ ’اسٽيج‘ پروگرام ٽي ويءَ تان ڏيکاريو ويو، جنھن ۾ هتي جي مشھور ڳائڻن سڌيرمن، فرئنسز، چندرواش، صفر غفار، ازلينا کان علاوه ڊي. جي. ديو پڻ هڪ گانو _ اڌ تامل ۽ اڌ هندي زبان ۾ ڳايو. ناظرين خوب ساراهيو ۽ تاڙيون وڄايون. ان زبردست داد جو ٿورو مڃڻ لاءِ ديو هيٺ لھي آيو ۽ اڳئين سيٽ تي ويٺلن مان ڪجهه ماڻهن سان هٿ ملايو. هڪ سک به ويٺو هو، تنھن سان هٿ ملائي اڙدو / هنديءَ ۾ چيو: ”ڪيسا هي؟“
اسين اهو پروگرام اسان واري سک ڪئپٽن تيجپال سنگهه سان گڏ ڏسي رهيا هئاسين. جھڙو ديو سک مهمان سان هٿ ملائي : ”ڪيسا هي؟“ چيو ته اسان کان کِل نڪري ويئي. ڪئپٽن تيجپال شڪي ٿي چيو: ”ڏس ڪھڙو ٺڳ آهي. پنھنجن مائٽ کي ته وساري ڇڏيو اٿس پر پنھنجي پنجابي ٻولي ڳالهائيندي به شايد شرم محسوس ٿو ڪري.“
ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ٻئي ڏاڙهي ڪوڙ سک جي شادي هڪ چيني ڇوڪريءَ سان ٿي گذري. هن جو نالو جڳجيت سنگهه آهي. پاڻ ملائيشيا جي رگبي (Rugby) ٽيم جو ڪئپٽن آهي. چيني ڇوڪري مارينا جان پاڻ به راندين جي دنيا جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. لڳاتار ٻه ٽي سال ڊوڙن ۽ ٽپن جي چئمپين ٿي ٽرافيون کٽي چڪي آهي. شاديءَ بعد مارينا جان_ يعني مارينا جڳجيت راندين کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سندس سک سان شادي ۽ راندين تان رٽائر ٿيڻ جي اعلان تي هتي جي هڪ مشھور ڪارٽونسٽ لات (Lat) اخبار ۾ ڪارٽون ڏنو هو ته مارينا جان کي هاڻ ميدان تي ڊوڙڻ ۽ ٽپ ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي، جو هن کي هاڻ اهي موقعا سک جي رڌڻي ۾ اٽو ڳوهيندي ۽ اڦراٽا پچائيندي تمام گهڻا ملندا.
ملائيشيا ۾ رهندڙ سڀني سکن جي زبان ٽي وي نيوز ڪاسٽر جڳجيت سنگهه جھڙي سٺي نه آهي. بلڪ سک ته پرائي ملڪ ۾ به پنھنجي پنجابي ايتري ڳالهائين ٿا جو ڄڻ امرتسر ۾ ويٺا هجن. جي ڌارئين زبان _ هندي، انگريزي يا ملئي ڳالهائين ٿا ته ان مان به سواد پنجابيءَ جو اچي ٿو. ان سلسلي ۾ پڻ ساڳي ڪارٽونسٽ جو هڪ ڪارٽون سک پوليس آفيسر بابت ڇپيو هو جيڪو سکن جي سادي طبيعت ۽ پنجابي لھجي ۾ ملئي ڳالهائڻ جي ترجماني ڪري ٿو.
يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن شھرن وانگر ڪوالالمپور ۾ به مشغول رستن جي حالتن کان ڊرائيورن کي ريڊيو ذريعي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪھڙي رستي تي گهڻي ٽرئفڪ جام آهي ۽ ڪھڙي تي گهٽ، جيئن ڪارن، لارين وارا گهڻي ٽرئفڪ واري رستي ڏي وڃي وڌيڪ جئم ڪرڻ بدران خالي رستن تان لنگهي وڃن. ريڊيو اسٽيشن کي وقت بوقت مختلف رستن جي حالت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ سينئر پوليس آفيسر وائرليس رستي نياپا موڪليندا آهن.
ڪارٽون ۾ هڪ سک سارجنٽ جاسبير سنگهه ڪوالالمپور جي هڪ اهم رستي _ جالان بنگسار بابت اکين ڏٺو احوال ريڊيو اسٽيشن وارن کي موڪلي رهيو آهي جيئن اتان نشر ٿيڻ تي ڊرائيورن کي خبر پئجي سگهي. رستو گهڻي مينھن پوڻ ڪري پاڻيءَ سان ايڏو ٻڏل آهي جو پاسي کان بيٺل ڪار ۽ پاڻ گوڏن تائين اندر آهي. ايڏو پاڻي گڏ ٿيڻ ڪري رستو گاڏين کان خالي آهي، پر اها حقيقت ٻڌائڻ بدران سک جي رڙ پيئي پوي:”هلو (هيلو!) ريڊيو ملائيشيا! جالان بنگسار ’تا ادا‘ (تيادا) ٽرئفڪ جئم“ (جالان بنگسار تي ٽرئفڪ بلڪل جئم ناهي.)
’نه آهي‘ کي ملئي زبان ۾ ’تيداق ادا‘ چئبو آهي يا شارٽ فارم ’تيادا‘ پر سک ’هيلو‘ ۽ ’تيادا‘ چوڻ بدران پنجابي لهجي ۾ ’هلو‘ ۽ ’تا ادا‘ چئي رهيو آهي.
هاڻ پوليس آفيسر سک جي ان رپورٽ تي هلي جيڪو موٽر لاريءَ وارو درياه جهڙي جالان بنگسار جو رُخ ڪندو ان جي ٻيڙي ته شايد تري وڃي پر موٽر لاري ضرور ٻڏنديس ۽ ٻڏنديس.