ملائيشيا ۾ عيد نماز ۽ شادي مرادي
۽ هاڻ ملائيشيا جي پھرين عيد هئي. ڀر ۾ مون سان گڏ آيل پاڪستاني چيف انجنيئر آصف ويٺو هو. تنھن کان پڇيم: ”استاد هتي ڪيترا ڀاڪر پائڻا آهن؟“
”نماز پوري ٿيڻ تي ئي خبر پئجي سگهندي.“ هن وراڻيو.
”پر يار جي ٽن کان وڌيڪ ڀاڪر پائڻ جو چڪر نڪتو ته پاڻ پنھنجو ٽن وارو ئي قائم رکنداسين.“ مون آصف کي چتاءُ ڏنو. جواب ۾ هن رڳو مرڪيو.
جڏهن نماز ۽ خطبو پورو ٿيو ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇا جي ڀاڪرن جي لانڍ ڇا جي هرهڪ سان عيد مبارڪ. هر هڪ فقط پنھنجي ڀر واري سان هٿ ملائي اٿي کڙو ٿيو. مسجد جي گيٽ تائين ۽ گيٽ کان ٻاهر ڪار تائين فقط هڪ ٻن گهڻي ڄاڻ سڃاڻ وارن هٿ ڏيئي ”سلامت هَري رايا“ (عيد مبارڪ) چيو نه ته الا الا، خير سلا.
آصف کي چيم: “جزاڪ الله. مون کي ملائيشيا جي عيد جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. وس پڄي سگهيو ته ڀر واري ملڪ ۾ هجبو تي به عيد نماز هلي اچي ملائيشيا ۾ پڙهبي.”
هونءَ عيد نماز ۽ جمعي نماز سڄي ملائيشيا ۾ هڪ ئي وقت تي پڙهي وڃي ٿي. منھنجي خيال ۾ ان کان اسان وارو طريقو سٺو آهي ته نماز لاءِ مختلف مسجدن ۾ مختلف وقت رکيل آهن. جيئن ڪنھن کي دير ٿي وڃي ته هو هڪ بدران ٻي مسجد ۾ پڙهي سگهي. يا کيس ڪيڏانھن ڪم سانگي وڃڻو هجي ته سوير وقت واري مسجد مان نماز پڙهي، ڪم ڪار لاءِ روانو ٿي وڃي.
پاڻ عيد تي سويون ٺاهيون، ملئي ماڻهو بسڪيٽ ٺاهين. رمضان جو سڄو مھينو ملئي مائيون دڪانن تان اٽو، مئدو، مکڻ، مارجرين، بيضا، ناريل ۽ ڏونگهين جي ڪاتر، رنگ ، خوشبو ۽ ٻيون بسڪٽ ۽ ڪيڪ ٺاهڻ جون شيون خريد ڪري گهر ۾ قسمين قسمين بسڪٽ ٺاهين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بسڪٽ ڪيڪ ٺاهڻ ۾ ٻئي ڪنھن ملڪ جو عوام ايڏو هوشيار نه هوندو، جيڏو ملائيشيا جو ننڍو وڏو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ جي گهر ۾ بسڪيٽ کائي کائي دل ڪچي ٿي پوندي آهي. ملئي سڄو سال ڪنھن جي گهر نه وڃن پر عيد تي ضرور ويندا. ۽ عيد فقط هڪ يا ٽي ڏينھن نه پر شوال جو سڄو مھينو ملهائين. يعني ضروري ناهي توهان عيد واري ڏينھن ڪنھن جي گهر وڃو پر ڪنھن به ڏينھن وڃي سگهو ٿا. ميزبان ٺھيل بسڪٽ جي هر قسم مان لپ لپ پيالن ۾ وجهي مھمانن اڳيان اچي رکندو آهي. مھمان جيڪي ٻه چار کاڌا اهي کاڌا باقي پراڻي زماني جي گاسليٽ جي خالي دٻن ۾ واپس رکي ڇڏيندا. بسڪٽ کارائڻ بعد پيئڻ لاءِ چانھه، ڪافي، گلاب جو شربت يا ڪجهه ٻيو ڏين. ڏٺو وڃي ته ان ۾ نه ميزبان کي تڪليف نه مھمان تي گهڻو بار. سادي سودي مزمانيءَ تي ويھي ٻه چار دل جون ڳالهيون ڪن ۽ ٽھڪڙا ڏين. ملئي ماڻهن ۾ پرائي پچار، جهيڙو جهٽو يا گارگند بنھه ناهي. انھيءَ جي ساک هتي جا چيني، هندو ۽ سک پڻ ڏيندا.
ڪن ڪن گهرن ۾ آيل ٻارن کي هڪ ڊالر خرچيءَ طور ڏين ۽ اهو هڪ هڪ ڊالر غريب توڙي امير هڪ جيترو هرهڪ ٻار کي خرچيءَ طور ڏئي. چيني پڻ سندن نئين سال تي گهر ۾ آيل ٻارن کي فقط هڪ هڪ ڊالر خرچيءَ طور ڏين _ جنھن کي ”انگ پائو“ سڏجي ٿو. غريب توڙي امير جي ٻار جي هٿ ۾ شام تائين ذري گهٽ هڪ جيترائي پئسا هوندا. نه ڪنھن کي غربت ۽ ننڍي هجڻ جو احساس ۽ نه وري ڪنھن کي احساس برتري ۽ اميريءَ جو اجايو شان. يعني گهڻي گِھَلَ، کوکلي شان ۽ شوبازيءَ کان هتي جي ماڻهن اڃا تائين پاڻ کي ڪافي بچائي رکيو آهي.
اهڙيءَ طرح ‘ملئي شاديءَ’ تي به گهٽ خرچ ۽ گهٽ کٽراڳ ٿئي ٿو _ چاهي امير جي شادي هجي يا ڪنھن غريب جي. نڪاح هڪ ڏينھن اڳ ۾ چند مائٽن اڳيان ٿئي ٿو. ٻئي ڏينھن اوڙي پاڙي جا مٽ مائٽ دوست يار وليمي جي دعوت تي اچن جيڪا هر هنڌ يارهين بجي کان چئين بجي تائين هوندي آهي. ان مقرر وقت ۾ جنھن کي جنھن وقت سھوليت لڳي، اچي ماني کائي وڃي. مانيءَ جو مينو به هر هنڌ ذري گهٽ ساڳيو. ڪڪڙ جو مٺو کٽو ٻوڙ، مڪس ڀاڄين جو ٻوڙ. ڳائي گوشت جو ڇڊو ٻوڙ، انناس جو آچار ۽ ڦڪرا پاڻيءَ پسيا چانور. مِٺي ۾ رنگين جيليءَ جون برفي وانگر چڪيون چڪيون. ڪنھن ڪنھن وٽ کڻي گيھه ۽ بصر تي داغ ٿيل ڀت هوندو. پاڻيءَ بدران گلاب جو هلڪو مٺو ۽ ڳاڙهو شربت. چئن چئن ماڻهن لاءِ هڪ خومچو پوري پني مانيءَ جو آڻي رکندا آهن. ڪڪڙ جي ٻوڙ ۾ به هڪ يڪو وڏو ٽڪر هوندو آهي، جنھن مان چارئي ورهائي کڻن. دعوت ۾ اچڻ وقت هرهڪ پنھنجي دوستي موجب هڪ ڊالر، ٻه ڊالر يا پنج ڏھه ڊالر پوئو ڏين، جيڪو در وٽ ويٺل همراهه رجسٽر ۾ نوٽ ڪري _جيڪا پرائي ڀاڄي سمجهي ان همراهه کي ان جي ڪاڄ تي موٽائي ويندي آهي. پوري ٻي بجي گهوٽ ڄڃ سميت ڪنوار جي گهر پھچندو آهي. ساڻن گڏ بئنڊ باجي وارن بدران اٺ ڏهه ڄڻا هڪ ئي ورديءَ ۾ دڦ وڄائيندا، درود شريف ۽ حمد پڙهندا، پھچندا آهن. گهوٽ در وٽ اچي بيھندو آهي. باقي ڄاڃي اندر هليا ايندا آهن. پوءِ ڪنوار پنھنجين ٻن ساهيڙين سان گڏ گهر مان نڪري اچي گهوٽ جي ڀر ۾ بيھندي آهي. ٻنهي ساهيڙين کي اُس ۽ مينھن جي بچاءَ لاءِ رنگين ڇٽيون هونديون آهن، جيڪي گهوٽ ڪنوار مٿان جهلي بيھن. انهن جي ڀر ۾ ننڍا ٻار بانس جا ڊگها لڙها جهلين، جن ۾ پني جا گل ۽ پنيون چنبڙيل هونديون آهن. مولودي وري دڦ وڄائڻ شروع ڪندا آهن ۽ گهوٽ ڪنوار اندر اچي وڏين ڪرسين تي ويھن. ڪجهه ساٽ سوڻ هلندا آهن جن ۾ گهڻن جو واسطو مذهب _ اسلام سان نه پر هتي جي گڏيل تھذيب ۽ ڪلچر سان آهي، جن ۾ ڪجهه ڪجهه رسمون هندن ۽ چيني ٻڌن ۽ پورچوگيزن جون پڻ هلنديون اچن _ جيئن پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ ٻُڪي، وَنھه ۽ شاديءَ رات لانئن مھل جيڪي ساٽ سوڻ ۽ رسمون سر انجام ڏنيون وينديون آهن، اهي سالن کان هلنديون اچن ۽ انهن جو واسطو سنڌ ۽ اوسي پاسي جي علائقي: ڀوڄ، ڪڇ، مڪران، راجستان ۽ پنجاب جي ڪلچر سان آهي _ ۽ نه مذهب سان.
انهن ريتن رسمن بعد گهوٽ ڪنوار ۽ سندن ويجها عزيز ۽ دوست ماني کائيندا آهن. ان ٽولي لاءِ مڙيئي ٻه چار وڌيڪ شيون ٺھيل هونديون آهن: جھڙوڪ مڇي، گانگٽ ۽ هڪ اڌ ڪا ٻي مٺائي به. ماني بعد ڪنوار گهوٽ سان گڏ سندس گهر رواني ٿيندي آهي. پر هتي ملاڪا رياست ۾ گهوٽ کي ڪنوار جي گهر ۾ رهڻو هوندو آهي. ان ڪري ٽي چار ڏينھن گهوٽ جي گهر رهي، سامان سڙو کڻي هميشه لاءِ گهوٽ ڪنوار جي گهر اچي رهندو آهي.
هلڪي ڦلڪي ماني گهوٽ جي گهر به ٿيندي آهي، جيئن باقي سنگتي ساٿي جيڪي ڪنوار جي گهر اچي نه سگهيا سي کائي سگهن، پر جي گهوٽ ڪنوار جو گهر ويجهو آهي ته پوءِ هڪڙي ئي ماني ڪنوار جي گهر سندس خرچ تي ٿئي يا اڌو اڌ پئسا ڏين. شاديءَ يا ٻي ڪاڄ جي ماني هوٽل تان يا بورچيءَ کان نه پچرائين پر پاڙي جون عورتون ۽ مرد گڏجي رڌين. ٿانوَ ۽ چادرون به پاڙي مان وٺي اچن. مانيءَ بعد هرهڪ مھمان کي گهر وڃڻ وقت اوٻاريل بيضو ڏنو ويندو آهي. اها در اصل چينين جي پراڻي رسم آهي جيڪا هتي جي ملئي مسلمانن ۽ هندن ۾ پڻ هلندي اچي. چيني بيضي کي ويجهه (Fertility) جي علامت سمجهن ٿا.
شاديءَ وارا ٻه ڏينھن گهوٽ ڪنوار پنج ڇھه مختلف وڳا بدلائي فوٽو ڪڍرائين، جنھن جو پوءِ آلبم ٺاهي سڀني کي ڏيکارين. شاديءَ وارن ڏينھن ۾ پھريل وڳا چڱا قيمتي ٿين ۽ اهڙا جهڳ مڳ وارا ڪپڙا فقط شاديءَ تي ئي پاتا وڃن ٿا يا وري چيني ڊرامن ۽ اوپيرا شوز ۾. پاڻ وٽ به ڪنوار جو شاديءَ رات وارو ڳاڙهو وڳو ڪافي قيمتي هوندو آهي _ جيڪو فقط ان ئي رات پاتو وڃي ٿو باقي عمر ان کي اڏوهي ۽ تٿو کائيندو آهي. پر هتي مزي جي ڳالهه اها جو شاديءَ جا وڳا ٺھرائڻ تي خرچ ڪرڻ بدران شاديءَ تي گهوٽ ڪنوار اهي وڳا دڪان تان مسواڙ تي وٺي ايندا آهن. ملائيشيا جي هر شھر ۾ ڪيترائي اهڙا دڪان آهن جتي هر ماپ جون ملئي، انڊين ۽ چيني ’شاديءَ جون ڊريسون‘ مسواڙ تي ملن. نه فقط ڊريسون پر ڪوڙا ڳھه پڻ. خاص ڪري مٿي تي رولڊ گولڊ جو ڇٽ ته هرڪا ملئي ڪنوار پائي _ جنھن جي ٽن ڏينھن جي مسواڙ ڏهه پندرهن ڊالر مس ٿئي.
هڪ ملئي جوڙي کان سندس شاديءَ جو خرچ پڇيم:
”مانيءَ ۽ ڪپڙن تي ڏيڍ هزار ڊالر خرچ آيو.“ هن ٻڌايو. ”پر ماڻهن کان جيڪي اڍائي هزار ڊالر تحفي ۾ مليا انهن مان ماني ٽڪيءَ جو خرچ لاهي باقي بچيل هزار ڊالرن مان نئين ورتل گهر لاءِ فرنيچر ۽ ٻيو سامان ورتوسين.“
”۽ گهر؟“ مون پڇيومان.
”سرڪار کان جيڪو شاديءَ لاءِ اسان کي قرض مليو هو اهو سمورو ڏيئي سرڪار طرفان ٺھيل سستو گهر (Rumah- Awam) ورتوسين. باقي رهيل پئسا ننڍين قسطن ۾ ويھن سالن اندر پيارڻا آهن. پر اها قسط اسان لاءِ آسان آهي جو هونءَ جيڪي سؤ ڊالر پرائي گهر جي مسواڙ تي ڏيندا هئاسين اها هاڻ قسط ۾ ڏينداسين.“
منھنجي خيال ۾ شاديءَ جو ان کان وڌيڪ سادو، سٺو ۽ سستو نمونو ٻيو شايد ئي ڪٿي هجي. شاديءَ بعد قرضي ٿيڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ گهوٽ ڪنوار جو صحيح معنيٰ ۾ نئون گهر ٺھيو وڃي.