امازون جھنگل جي تباهي ۽ نين وبائن جا امڪان
لڳي ائين ٿو ته ان سڀڪجھ جي باوجود انسان اهو فرض ڪري ورتو آهي ته ٻين بيمارين جيان اها به هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا باقي رهڻي آهي ۽ انسان کي ان سان گڏ گذارو ڪرڻو آهي. پر ساڳي وقت هو پنهنجن طور طريقن کي بدلائڻ لاء تيار ناهي. سندس فطرت سان هٿ چراند ۽ ٻي جيوت کي نقصان پهچائڻ، جنهن جا نتيجا سندس آڏو آهن، اڃا وڌيڪ شد و مد سان جاري آهي.
هن سلسلي ۾ خاص طور تي فوري مسئلو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مينهن جي ڪري آباد ٿيندڙ امازون جھنگل آهي. ان جي وسعت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته اهو پنجونجاه لک چورس ڪلو ميٽر جي رقبي تي ڦهليل ۽ لاطيني آمريڪا جي نو ملڪن ۾ آهي. ان جو اٽڪل سٺ سيڪڙو برازيل، تيرنهن سيڪڙو پيرو، ڏه سيڪڙو ڪولمبيا ۽ ٿورو ٿورو حصو بوليويا، گيانا ايڪوڊور، سرينام، فرينچ نيو گني ۽ وينزويلا ۾ آهي.
ان جھنگل ۾ ڪيترن قسمن جي جانورن، پکين سان گڏوگڏ ماڻهن جي هڪ وڏي آبادي آهي. ساڳي وقت هتي معدنيات به موجود آهي. اهڙي ريت اهو ڄڻ گھڻن قدرتي وسيلن سان ڀرپور سرزمين آهي. لاڳاپيل ملڪن ۽ خاص طور برازيل جي حڪومت ۽ نجي ڪمپنين سان گڏوگڏ آمريڪي ڪمپنين جي انهن وسيلن تي نظر رهي آهي. هڪ پاسي وڻن کي وڍي زمين کي اهڙين فصلن جي پوک لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، جن کي صنعتي استعمال ۾ آڻي ۽ ٻين ملڪن ۾ برآمد ڪري وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگھجي ۽ ٻئي پاسي جھنگل جي وچ مان هائي وي وغيره ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن کاڻين ۽ زمينن وغيره تائين پهچ وڌيڪ سولي ٿي سگھي. ساڳي وقت پاڻي گڏ ڪرڻ لاء ڊيم وغيره پڻ ٺاهيا ويا آهن ۽ نون شهرن جي تعمير ڪئي ويئي آهي. هن وقت اهو عمل وڏي پئماني تي جاري آهي. هڪ اندازي موجب 1978 کان ايستائين لاڳاپيل ملڪن ۾ جھنگل جو ساڍا ست لک چورس ڪلوميٽر تباه ڪيو ويو آهي. هونئن انساني تاريخ ۾ ننڍا آبادگار پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پوک ڪرڻ لاءِ وڻن کي وڍي زمين کي صاف ڪندا هئا، پر ويهين صدي جي پوئين اڌ ۾ اهو لاڙو بدلجي ويو ۽ جھنگل جو صنعتي مقصدن لاءِ وڏي پئماني جي زراعت لاء استعمال وڌي ويو. سن ٻه هزار جي ڏهاڪي ۾ پنجهتر سيڪڙو کان وڌيڪ وڻن جي وڍائي وغيره جانورن جي پالڻ ۽ افزائش لاءِ ڪئي ويئي. 2004 ۾ برازيل جي حڪومت ماحوليات لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن وغيره جي دٻاءَ تي ان عمل کي روڪڻ لاء ڪجھ پابنديون وغيره لاڳو ڪيون هيون. اهي پابنديون 2010 تائين رهيون ۽ 2012 کان جھنگل کي ختم ڪرڻ جي عمل ۾ هڪ ڀيرو وري تيزي اچي ويئي آهي ۽ برازيل جي حڪومت آمريڪا سان علائقي ۾ تيل وغيره جي ڳولها لاءِ گھڻا ٺاه ڪيا آهن.
حڪمرانن جي بيحسي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته اهو چيو وڃي ٿو ته برازيل جي صدر گھڻ قومي ڪمپنين سان سازبازڪري باقاعدي جھنگل کي صاف ڪرڻ لاء باهيون ڏنيون. 2019 ۾ برازيل ۾ 72843 باه لڳڻ جا واقعا ٿيا جن مان اڌ امازون جي علائقي ۾ ٿيا. آگسٽ 2019 ۾ ريڪارڊ تعداد ۾ باه لڳڻ جا واقعا ٿيا. ان مهيني برازيل ۾ جھنگل جي ختم ٿيڻ جي رفتار ۾ 2018 جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ اٺاسي سيڪڙو واڌارو ٿيو.
جھنگل جي وسعت ۽ جانورن، پکين ۽ ٻوٽن وغيره جي تنوع کي ڏسندي اها ڳالھه يقيني آهي ته ان عمل جا اثر رڳوڪنهن هڪ ملڪ يا علائقي تائين محدود نه هونڌا بلڪ پوري دنيا ان کان متاثر ٿيندي.
هتي انساني آبادي جا آثار اٽڪل يارنهن هزار سال اڳ جا ملن ٿا. قديم آثارن جي ماهرن موجب سن 1500 عيسوي ۾ هن جھنگل جي آبادي اٽڪل پنجاه لک هئي. ساڳي وقت ٻي جيوت جي حوالي سان اهو دنيا جو شاهوڪار ترين جھنگل رهيو آهي. هتي هزارين وڻ ۽ ٻوٽا آهن. دنيا ۾ موجود جيتن، جانورن ۽ پکين جي ڏهن جنسن مان هڪ هتي موجود آهي. هتي جيتن جا پنجويھه لک قسم ۽ پکين ۽ کير ڏيندڙ جانورن جا ٻه هزار قسم موجود آهن. ان کانسواءِ ٻي جيوت جا ڪيترا قسم پڻ هتي موجود آهن.
هڪ اندازي موجب دنيا جي ماحولياتي نظام جو اٽڪل ڏه سيڪڙو ڪاربن امازون جو نظام جذب ڪري ٿو.
ڪمپيوٽر ماڊل وغيره ذريعي اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته جهنگل جي تباه ٿيڻ جي ڪري سالن کان گڏ ٿيل گرين هائوس گيس جي اخراج جي ڪري گرمي پد ۾ واڌ ايندي ۽ مينهن گھٽجي ويندا. جيڪڏهين گرمي پد ۾ چار ڊگري واڌ اچي ٿي ته پنجاسي سيڪڙو ۽ جيڪڏهين ٽي ڊگري واڌ آئي ته پنجهتر سيڪڙو امازون ختم ٿي ويندو. اهڙي ريت موسم ۾ جيڪا تبديلي ايندي، ان جي نتيجي ۾ امازون ۾ گرمي پد ۾ واڌاري ۽ مينهن ۾ گھٽتائي جي ڪري جھنگل لاءِ پاڻ کي باقي رکڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 2100 تائين ختم ٿي ويندو.
ان جھنگل جو ختم ٿيڻ رڳو لاڳاپيل ملڪن ۽ لاطيني آمريڪا لاءِ نه پر انسان ذات لاء خاص طور هڪ وڏو الميو آهي. اتي صدين کان رهندڙ مختلف قبيلن ۽ ٻي جيوت کي اتان لڏڻ ۽ نون علائقن ۾ وڃڻو پوندو. اتي انهن کي پاڻ کي نئين ماحول سان ٺهڪائڻ لاء هڪ ڏکئي مرحلي مان گذرڻو پوندو. ان جا نتيجا اڳتي هلي سڀني کي ڀوڳڻا پوندا، اهو چيو وڃي ٿو ته ان تبدييلي جي ڪري گھڻا جانور جن ۾ ڀولڙا، چمڙا ۽ مڇر وغيره شامل آهن، هتان ٻين علائقن ۾ هليا ويندا، جڏهين ته ڪوئن وغيره لاءِ ماحول سازگار ٿي ويندو. ساڳي ريت جھنگل ۾ پري تائين انساني سرگرمي وڌڻ جي ڪري ماڻهن جي جانورن سان لاڳاپي ۾ واڌارو اچي ويندو جنهن جي ڪري بيڪٽيريا ۽ فنگس وغيره جا امڪان وڌي ويندا. بيلم شهر جي هڪ صحت جي تحقيقي اداري جو چوڻ آهي ته امازون ۾ 220 مختلف قسم جا وائرس موجود آهن، جن مان 37 انسانن ۾ بيمارين جو سبب ٿي سگھن ٿا ۽ 15 وبائي صورت اختيار ڪري سگھن ٿا. انهن ۾ پيلو بخار ۽ ويسٽ نائل بخار جهڙيون اهڙيون بيماريون به شامل آهن، جن کي انسان اڳ به ڀوڳي چڪو آهي. ساڳي وقت ان ۾ ان ئي فيميلي جو ريسيو برازيلي وائرس به شامل آهي. برازيل جي اڪيڊمي آف سائنسز جي شائع ٿيل هڪ مضمون ۾ چيو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ خاص طور اربو وائرس تشويش جوڳو آهي جيڪو مڇرن جهڙن جيتن ذريعي ڊينگي ۽ زڪام جهڙين بيمارين جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو. ماهرن نقشن ۽ ميٿميٽڪس جي ماڊلز ذريعي انهن تبديلين جي ڪٿ ڪئي آهي جيڪي برازيل جي ماحول ۽ هتان جي جانورن ۾ واقع ٿيون آهن. ان ڪري ان ڳالھه جا گھڻا امڪان آهن ته هتان جيڪي جانور ٻين علائقن ۾ ويندا، اتي اهي ٻين جانورن سان تعلق ۾ ايندا، جنهن سان ڪنهن نئين بيماري جا امڪان وڌي ويندا. جيئن ڪووڊ 19 جي سلسلي ۾ چين ۾ ٿيو آهي. اهڙا ملڪ جتي ماحول کي نقصان پهچايو ٿو وڃي، اتي جانورن مان انسانن ۾ بيمارين جي منتقلي جا امڪان وڌيڪ آهن. برازيل کي ان سلسلي ۾ اڳ ئي واضح تنبيھه ملي آهي. اتي مختلف بيمارين جهڙوڪ هيمريج بخار، ڪوئن ذريعي ڦهلجندڙ هانٽا وائرس ۽ مڇرن ذريعي ڦهلجندڙ اربو وائرس جو ظهور ٿي چڪو آهي.
انسان اڃا تائين فطرت جي تنبيهن مان ڪو سبق سکي ناهي سگھيو ۽ سندس ماحول سان هٿ چراند وڏي پئماني تي جاري آهي. لڳي ائين ٿو ته هو ڄڻ پاڻ پنهنجي آئيندي کي اونداهو ڪرڻ ۽ اهڙي ريت پنهنجي انت ڏانهن وڌي رهيو آهي.