ڀارت: لاڪ ڊائون ۽ پورهيتن جي لڏپلاڻ
پورهيتن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته 2011 ۽ 2016 جي وچ واري عرصي ۾ ڀارت ۾ نوي لک ماڻهن هڪ رياست کان ٻي رياست ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي. 2011 جي مردم شماري موجب هڪ ڪروڙ اوڻيتاليھه لک اهڙا ماڻهو آهن جن ملڪ اندر روزگار لاء نقل مڪاني ڪئي آهي. اهو تعداد به حقيقي نه ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته ننڍن شهرن مان آيل مزدورن جو وڏو تعداد جيڪو اٽڪل چار ڪروڙ آهي رڳو تعميراتي شعبي سان لاڳاپيل آهي جڏهين ته گھرن ۾ ڪم ڪندڙن جو تعداد اٽڪل ٻه ڪروڙ آهي، ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ اهڙن پورهيتن جو تعداد اٽڪل هڪ ڪروڙ ڏھه لک آهي جڏهين ته سرن جي بٺين تي هڪ ڪروڙ مزدور ڪم ڪن ٿا. ان کانسواء ٽرانسپورٽ، کاڻين ۽ وڏين ٻنين تي پورهيتن جو هڪ وڏو تعداد ڪم ڪري ٿو. ملڪ جا اٽڪل چورانوي سيڪڙو پورهيت غير رسمي شعبي ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ ان جو ملڪي معيشت ۾ پنجيتاليھه سيڪڙو حصو آهي.
ان پئماني تي ٿيل لڏپلاڻ کي ماڻهو 1947 ۾ ورهاڱي واري لڏپلاڻ سان ڀيٽين ٿا جڏهين اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ کن ماڻهن سرحد جي ٻنهي پاسي لڏپلاڻ ڪئي هئي. اهو ان جي باوجود آهي ته ان جي لاءِ ماڻهن کي ڪا ٽرانسپورٽ ميسر نه هئي. ماڻهو پنڌ ئي نڪري پيا هئا. سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته اهو ٽي سو ۽ ڪن حالتن ۾ ست سو ڪلوميٽر پنڌ ڪو سولو نه رهيو هوندو. حڪومت پاران جيتوڻيڪ پوء بسن جو انتظام ڪيو ويو هو پر اهو ناڪافي هو ۽ ماڻهو ڇتن تائين سٿيا پيا هئا. گھڻا ماڻهو رستي ۾ ئي ۽ گھڻا پنهنجي گھر پهچندي ئي ٿڪ جي ڪري مري ويا آهن. اهو سڄو سفر ماڻهن ٻارن ۽ بيمار ماڻهن سان ڪيو آهي جڏهين ته رستي لاء کين پورو کاڌو ۽ پاڻي به ميسر نه هو. اها ساڳي صورتحال 2005 ۾ ممبئي ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري ٿي هئي جڏهين گھڻا ماڻهو لڏي ويا هئا.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته دهلي جي وڏي وزير ڪجروال پاران ماڻهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ شهر ۾ 568 کاڌي جا مرڪز قائم ڪرڻ، پورهيتن جي گھرن جي مسواڙ ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ ۽ مرڪزي حڪومت پاران 23 ارب ڊالر جي پيڪيج جي اعلان جي باوجود ماڻهن اها لڏپلاڻ ڇو ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سڀڪجھ انهن ماڻهن لاءِ ناڪافي هو. معاشي ماهر ماڻهن جي تعداد ۽ مسئلن کي ڏسندي ان کي رڳو سمنڊ ۾ هڪ قطري مثل ڄاڻائين ٿا. گھڻن ماڻهن کان روزگار سان گڏ اجھو به کسجي ويو هو ۽ اهي مسواڙ ڏيڻ جي لائق نه رهيا هئا. گھڻا پنهنجن پوين جي مدد ڪندا هئا ۽ انهن کي پئسا موڪليندا هئا. جڏهين ته پنهنجي ڳوٺ ۾ انهن کي اجھو به ميسر هوندو ۽ رکي سکي ماني به پيئي ملندي. سڀ کان وڏي ڳالھه ته هڪ سماجي تحفظ ۽ پنهنجن سان گڏ هئڻ جو احساس به ان معاملي ۾ هڪ اهم عنصر آهي.
ڀارت جي معيشت جيڪا ڪجھ سال اڳ تائين پنهنجي واڌ جي حوالي سان دنيا جي تيزرفتار معيشتن ۾ ڳڻي ويندي هئي هن سال 4.7 سيڪڙو سالياني واڌ تي اچي ويئي آهي جيڪا گذريل ڇهن سالن ۾ سڀ کان گھٽ آهي. هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري گذريل پنجيتاليھه سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ساڳي ريت زراعت جو معيشت ۾ سورنهن سيڪڙو حصو آهي جيڪو اٽڪل 265 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. زراعت ان ڪري به متاثر ٿيندي ته هڪ ته هن وقت فصل تيار آهي، پر ان کي لڻڻ وارا جيڪي ٻين رياستن ۽ ڳوٺن جا آهن، اهي پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ ڪير ڪم ڪرڻ وارو ناهي. اهڙي ريت ٽرانسپورٽ نه هئڻ ڪري زميندار ان کي منڊي ۾ نه ٿا آڻي سگھن ۽ ساڳي وقت ان کي برآمد ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن. ان بحران جي ڪري زراعت سميت معيشت جا مختلف شعبا متاثر ٿيندا ته ٻئي پاسي بيروزگاري ۾ اڃا واڌارو ايندو.
ڀارت جي اٽڪل سوا ارب آبادي جي حوالي سان هن وقت تائين ڪرونا جا گھڻا ڪيس ناهن. پر اهو چيو وڃي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ انهن جو تعداد وڌي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي گھڻن علائقن ۾ ڳتيل آبادي وارا علائقا آهن. ان سلسلي ۾ خاص طور ممبئي جي دنيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي دراوي جو مثال ڏنو وڃي ٿو جتي هڪ ننڍي هڪ چورس ميل کان گھٽ علائقي ۾ ڇھه لک کن ماڻهو رهن ٿا ۽ اتي تازو ڪجھ ڪيس ظاهر به ٿيا آهن. ٻي ڳالھه ته ايڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ان وبا جي ڦهلجڻ جا امڪان آهن. پر ان کي روڪڻ ڀارت جي اڳواڻن جي وس ۾ نه هو. چيو وڃي ٿو ته اهڙي ساڳي صورتحال 1896 ۾ آيل پليگ ۽ پهرين مهاڀاري جنگ کان پوء اسپينش فلو جي ڪري به جنم ورتو هو ۽ ان وقت جي بمبئي جو اڌ شهر خالي ٿي ويو هو. انگريزن زوري تشدد ذريعي ماڻهن کي شهر ڇڏڻ کان روڪيو هو. ان کانپوءِ 1994 ۾ پليگ جي وبا جي ڪري لکين ماڻهو گجرات جي شهر سورت مان لڏي ويا هئا ۽ پاڻ سان اها بيماري به کڻي ويا هئا، جيڪا ٻين علائقن ۾ به ڦهلي. ان سلسلي ۾ اڳ ئي ڀارت جي اڳواڻن کي هوشيار رهڻ ۽ ضروري قدمن کڻڻ لاء چيو پيو وڃي، ته جيئن صورتحال کي سنڀالي سگھجي.
اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ لڏي ويندڙ ماڻهن مان گھڻا موٽي ايندا.