انسان
جيتوڻيڪ جسماني طور ڪمزور پر انسان کي ڏنل ذهني صلاحيت نه رڳو سندس ان گھٽتائي جو پورائو ڪري ٿي پر کيس ان ڌرتي تي ٻي مخلوق تي فوقيت پڻ ڏئي ٿي. ساڳي وقت سندس اها ذميواري به ٺهي ٿي ته هو ان ڌرتي ۽ اتي موجود ٻي مخلوق جي پنهنجي گھر ۽ گھر ڀاتين جيان حفاظت ڪري. اها ڳالہه سندس آڏو موجود آهي ته کانئس اڳ هن ڌرتي تي رهندڙ مخلوق جڏهين پنهنجي جياپي ۽ فائدي لاءِ محدود پئماني تي ئي پنهنجي ماحول ۽ هتي رهندڙ ٻين جانورن کي ختم ڪيو ته سندن پنهنجو وجود به خطري ۾ پئجي ويو. وڏي ڳالھه اها آهي ته انسان ان ڳالھه کي سمجھي ٿو جڏهين ته کانئس اڳ جي مخلوق ۾ ان ڳالھه جي سمجھڻ جي ذهني صلاحيت موجود نه هئي.
اها ڳالہه ته پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ماحول ۾ تبديلين ۽ ان جي نتيجي ۾ گھڻين شين جي ختم ٿيڻ ۽ نين شين جي پيدا ٿيڻ جو عمل فطري به هوندو آهي. ڌرتي پنهنجي اربين سالن جي ڄمار ۾ ڪيئي مرحلن مان گذري آهي ۽ هر ڀيري نئين سر جنم ورتو ٿس. چيو ٿو وڃي ته ڌرتي جي ڪجھ حصن ۾ برفاني دور جون باقيات اڃا به موجود آهن يا اهو ته ڪجھ علائقا وري برفاني دور ڏانهن موٽي رهيا آهن. پر هن وقت جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان سلسلي ۾ انسان جو ڪردار بجائي مثبت جي منفي ئي رهيو آهي. سندس آڏو پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي آئندي جي بجائي رڳو فوري فائدي جو حصول آهي. سندس تعداد سان گڏ سندس اها لالچ ۽ هوس به ڏينهون ڏينهن وڌنڌي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ نه رڳو ڌرتي ۽ اتي رهندڙ ٻي مخلوق پر سندس پنهنجو جياپو به خطري ۾ پئجي ويو آهي.
گھڻا ماڻهو ان ڳالہه جي اهميت کان واقف آهن ۽ وقت بوقت ان جي نشاندهي پڻ ڪندا رهيا آهن پر سندن ڳالھه کي ڪا گھڻي اهميت نه ٿي ڏني وڃي.
تازو آيل هڪ رپورٽ موجب 1970 کان هيستائين جهنگلي جيوت ۾ اٺونجاه سيڪڙو جي گھٽتائي ٿي آهي. اها رپورٽ هر ٻن سالن کانپوء تيار ڪئي ويندي آهي. 2014 جي رپورٽ موجب اهو انگ پنجاه سيڪڙو هو. ان سلسلي ۾ سڀ کان خراب صورتحال آبي جيوت جي آهي جنهن ۾ ايڪاسي سيڪڙو جي گھٽتائي ٿي آهي. ان جو ڪارڻ دريائن تي ڊيمن جي تعمير، وڏن ٽرالن وسيلي وڏي پئماني تي شڪار ۽ ڪيميڪل وغيره جو استعمال آهن. ساڳي وقت دريائن ۽ سمنڊن کي انساني ۽ صنعتي ڪچري سان جنهن وڏي پئماني تي آلودو ڪيو ويو آهي ان جي ڪري آبي جيوت سان گڏ سڄي ماحول کي نقصان پهتو آهي. هن وقت دنيا جا سڀ وڏا دريا ان آلودگي جو شڪار آهن ۽ نشاندهي جي باوجود به ان سلسلي ۾ ڪي جوڳا قدم نه ٿا کنيا وڃن.ِ اها صورتحال وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ گنڀير ٿيندي پئي وڃي.
رپورٽ جون جيتوڻيڪ پنهنجيون حدبنديون آهن ۽ ان تي اها تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اها گھڻو ڪري يورپ جي ملڪن تائين محدود آهي پر رپورٽ جي ٺاهيندڙن جو چوڻ آهن ته خاص طور تي ايشيا ۽ آفريڪا جي گھڻن ملڪن مان ان سلسلي ۾ انگن اکرن جو ملڻ ڏکيو آهي. ان جي باوجود سندن اها ڪوشش رهي آهي ته رپورٽ جو دائرو جيترو وسيع ۽ جامع هجي اوترو بهتر آهي ۽ اهي پنهنجي ان ڪوشش مان مطمئن آهن.
اهو سڄي مسئلي جو رڳو هڪ پاسو آهي. ماڻهو جي منافقت جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي هو وڻڪاري جا ڏينهن ۽ هفتا ٿو ملهائي ۽ پنهنجن ٻارن کي وڻن پوکڻ جي اهميت ٿو سمجھائي پر ٻئي پاسي اهو ساڳيو ماڻهو وڏي پئماني تي هزارين وڻن کي هڪ ئي ڌڪ سان ان ڳاله جي سمجھ رکندي به ته ان جا سڄي ماحول ۽ ڌرتي تي رهندڙ ٻي جيوت تي ڪهڙا اثر پوندا پنهنجي فوري ذاتي فائدي لاء تباه ڪري ڇڏي ٿو. ساڳي ريت اها ڳالھه ته گھڻي عرصي کان بحث هيٺ آهي ته خاص طور تي ترقي يافتا ملڪن جون صنعتي سرگرميون ڌرتي تي گرمي پد جي وڌڻ جو اهم ڪارڻ آهن جنهن جي ڪري سڄي ڌرتي جي جيوت کي خطرا لائق ٿي پيا آهن. پر ان سلسلي ۾ تشويش جي ڳالہه اها آهي ته ان حوالي سان عالمي پئماني تي جيڪي ڪوششون ٿين ٿيون انهن ۾ صنعتي ملڪن ۽ خاص طور تي آمريڪا، جنهن جو سڄي دنيا جي مجموعي پيداوار ۾ پنجويھه سيڪڙو حصو آهي، جو سهڪار نه هئڻ برابر هوندو آهي. ڪارڻ اهو آهي ته اهي پنهنجن صنعت ڪارن تي ماحول کي بهتر ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ بار وجھڻ نه ٿا چاهين جنهن سان سندن شين جي قيمتن ۾ واڌارو اچي ويندو ۽ اهي عالمي منڊي ۾ چٽاڀيٽي نه ڪري سگھندا.
ان سلسلي ۾ رڳو ٿوري سوچ ويچار جي ضرورت آهي. ڌرتي تي موجود زندگي هڪ ايڪو آهي. سڀ جيو ۽ سڄو ماحول هڪٻئي سان هڪ جسم جيان ڳنڍيل آهن. ڪنهن هڪ جو نقصان سڀني جو نقصان آهي. دنيا جا ڏاها ان ڳالھه کي سمجھن ٿا ۽ ان ڳالھه تي زور ڀرين ٿا ته خاص طور تي دنيا جي شاهوڪار ماڻهن کي ان ڳالھه کي سمجھڻ گھرجي ته دولت رڳو ناڻو ناهي پر عقل، شعور، ڏاهپ، غريبن جي سهائتا ۽ پنهنجي ماحول جي حفاظت ان جا لازمي جز آهن جيڪي ساڳي وقت انهن ماڻهن جي ايندڙ نسلن جي آئندي جي پڻ ضمانت بڻجن ٿا. پر دنيا جي سرمايادارن جي اکين تي هن وقت وڌيڪ ناڻي ڪمائڻ جي هوس انڌ جو پردو وجھي ڇڏيو آهي ۽ کين اهي سڀ ڳالهيون چرين جي بڪواس لڳن ٿيون. اها صورتحال جيڪڏهين ائين ئي جاري رهي ٿي ته پوء اهڙي نڪتي تي پهچي سگھجي ٿو جو موٽڻ جي گنجائش باقي نه رهي.