مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

فطرت، جيوت ۽ انسان

ڪووڊ 19 دنيا لاء هڪ تنبيھه آهي. انسان ۽ فطرت هڪ ٻئي سان اڻ ٽٽ نموني ڳنڍيل آهن. هينئر انسان کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته فطرت انسان لاءِ رڳو سونهن ۽ مزي وٺڻ واري شي ناهي پر انسان لاء ضروري آهي ته هو فطرت ۽ ڌرتي ۽ اتي رهندڙ ٻي جيوت ڏانهن پنهنجي رويي کي بدلائي. ٻي صورت ۾ ان ڌرتي تي سندس پنهنجو جياپو خطري ۾ پئجي سگھي ٿو، بلڪ هڪ لحاظ کان اهو پئجي ويو آهي ۽ گھڻا ماهر ته ان جو مدو به ٻڌائين ٿا جيڪو سو سالن کان وڌيڪ ناهي.
اڃا دنيا ان وبا مان نڪري نه سگھي آهي. پر گھڻي معاشي ۽ سماجي نقصان ۽ صحت جي مسئلن جي باوجود لڳي ائين ٿو ته ٿوري وٿي ملڻ ۽ وبا جي زور جي ٿوري گھٽ ٿيڻ تي هو وري ساڳي ڪرت کي لڳي ويو آهي ۽ سندس زندگي گذارڻ جي طريقن ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي آهي. تازو ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي هڪ رپورٽ موجب هن سندس انسان جي درجي تي پهچڻ وقت ۽ ان کان اڳ جانورن ۽ مجموعي طور فطرت سان جيڪو رويو رکيو هو ۽ جنهن نموني پنهنجن خسيس مفادن لاءِ ان جي تباهي جو عمل شروع ڪيو هو ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ واڌارو ايندو ويو آهي. رپورٽ موجب گذريل پنجاه سالن کان گھٽ جي عرصي ۾ انسان پنهنجي فطرت دشمن سرگرمين، جھنگلن کي باه ڏيڻ، جانورن جي رهڻ جي جاين کي ختم ڪرڻ، وڏي تعداد ۾ مڇين کي مارڻ ۽ ٻي آبي جيوت کي نقصان پهچائڻ ۽ سمنڊ ۽ دريائن کي گندو ڪرڻ ذريعي وڏي تعداد ۾ جانورن جي لاتعداد قسمن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت جنهن رفتار سان اهو سڀڪجھ ٿي رهيو آهي ان جو گذريل وقت ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. ساڳي وقت رپورٽ جو چوڻ آهي ته انسان جنهن رفتار سان اهو سڀڪجھ ڪري رهيو آهي ان ۾ گھٽتائي اچڻ جو ڪو امڪان نظر نه پيو اچي.
اها واقعي حيرت جي ڳالھه آهي ته ڌرتي جنهن کي اسان پنهنجو گھر چئون ٿا پنهنجن هٿن سان تباه ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي صحت، سلامتي ۽ جياپي کي پڻ خطري ۾ وجھڻ جو جوکم کڻي رهيا آهيون. هن وقت انسان فطري ماحول جي ايتري خراب حالت ڪري ڇڏي آهي جو ڌرتي کي هاڻي پنهنجي جياپي لاءِ SOS ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
رپورٽ هزارين جھنگلي جانورن جي قسمن جو جائزو وٺي ٿي. رپورت موجب ويه هزار کان وڌيڪ کير ڏيندڙ جانورن، مچين ۽ ٻي آبي جيوت، پکين ۽ جيتن جو اٺهٺ سيڪڙو تعداد گھٽجي ويو آهي. گھڻي گھٽتائي گرم ملڪن ۽ خاص طور لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين ۾ ٿي آهي جتي ان جيوت ۾ چورانوي سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي ۽ اڃا آبي جيوت ۽ پکين جي معدوم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي.
2019 جي هڪ بين الحڪومتي سائنسدانن جي پينل جي رپورٽ موجب پنج لک جانور ۽ ٻوٽن ۽ پنج لک جيتن جي معدوم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي ۽ انهن مان گھڻا ڪجھ ڏهاڪن ۾ ختم ٿي ويندا.
ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي رپورٽ ان حوالي سان ٽن اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي. هڪ اهو ته سن 2000 کان وٺي هيستائين جانورن جي رهڻ جي جاين ۾ اوڻويھه لک چورس ڪلو ميٽر جي گھٽتائي ٿي آهي. پنهنجين پناهگاهن کان محروم ٿيڻ جي ڪري گھڻا پکي ۽ جانور ويڳاڻا ٿي ويا آهن ۽ سندن لاء جيئڻ هڪ مسئلو بڻجي ويو آهي. ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ته هن وقت ڏه لک کن جانورن جي قسمن جي معدوم ٿيڻ جو خطرو آهي. ان سان گڏوگڏ انسان پاران کاڌي جي چونڊ ۽ کاڌو واپرائڻ جو طريقو پڻ اهم آهي. جيڪو کاڌو ضائع ڪيو وڃي ٿو اهو پنهنجي ليکي هڪ وڏو مسئلو آهي. انسان کانسواءِ هر جانور کي بک لڳي ٿي ته اهو کاڌو کائي ٿو ۽ ضرورت موجب ۽ پنهنجي پارٽنر جي رضامندي سان پنهنجيون جنسي ضرورتون پوريون ڪري ٿو. پر انسان لاء چيو ويندو آهي ته اهو اهڙو جانور آهي، جيڪو بک نه هوندي به کاڌو کائيندو آهي ۽ ضرورت نه هوندي رڳو مزي ۽ لذت خاطر مخالف جنس ڏانهن ويندو آهي. ان عادت ۽ روئي جو ئي نتيجو آهي ته هڪ اندازي موجب ساليانو هڪ ارب ٽيھه ڪروڙ ٽن کاڌو ضائع ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ساڳي وقت معيشت لاء پڻ هڪ وڏو نقصان آهي.
اها ڌرتي تي جيوت جي ختم ٿيڻ جي ڇهين وڏي لهر آهي. ان کان اڳ ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ ۽ خلائي پٿرن جي زمين سان ٽڪرائڻ ڪري اهو سڀڪجھ ٿيندو رهيو آهي ۽ اهڙي ئي هڪ حادثي ۾ ڊائنوسار ۽ ٻيا جانور ختم ٿي ويا هئا. پر هي موجوده تباهي ڪنهن فطري عمل جو نتيجو نه پر انسان جي پنهنجن عملن جو نتيجو آهي. هن وقت اها جيوت پنهنجي معمول جي معدوم ٿيڻ واري فطري عمل جي ڀيٽ ۾ سو ڀيرا وڌيڪ رفتار سان معدوميت ڏانهن وڃي رهي آهي. اهو عمل ان کان به وڌيڪ آهي جڏهين ڇھه ڪروڙ سٺ لک سال اڳ خلائي پٿرن جي زمين سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ ڊائنوسار ۽ ٻيا جانور ختم ٿي ويا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي نتيجي ۾ دنيا جي مختلف علائقن جي ماحول ۾ تبديلي آئي آهي ۽ آلودگي وڌڻ سان گڏ ماحولياتي توازن خراب ٿي ويو آهي. ساڳي وقت ان ڳالھه انساني تهذيب لاءِ پڻ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
هن وقت به اهو ممڪن آهي ته انسان ان وقت جيان جڏهين هن انسان جي طور تي پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون هيون فطرت سان پنهنجي تعلق کي بحال ڪري سگھي ٿو. پر ان لاءِ ان کي جانورن جي جاين کي بحال ڪرڻ، جھنگلن جي تباهي کي روڪڻ ۽ سمنڊ ۽ آبي جيوت وغيره جي حوالي سان پنهنجي نڪتي نظر ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ فطرت کي رڳو هڪ سونهن جي ذريعي طور سمجھڻ بجائي ان کي پنهنجو اهڙو دوست ۽ ساٿي سمجھڻو پوندو جنهن جو جياپو انسان جو پنهنجو جياپو آهي.ساڳي ريت کيس پنهنجي کاڌي جي طور طريقن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته کيس ڪهڙي خوراڪ ۽ ڪيتري مقدار ۾ استعمال ڪرڻي آهي. جيڪڏهين ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته ماحولياتي توازن يقيني طور خراب ٿيندو.جنهن جي نقصان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.