مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

رڳو وڻڪاري مسئلي جو حل ناهي

سڄي دنيا جي موسم تبديل ٿي رهي آهي. اسان جي ملڪ سميت گھڻن علائقن ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي. گليشيئر پگھرجي رهيا آهن. دريائن ۾ ٻوڏ ۽ سمنڊن ۾ طوفانن جا خطرا وڌي ويا آهن. گھڻا ماهر چون ٿا ته اهو هڪ فطري عمل آهي ۽ ان ۾ انسان جو ڪردار نهايت گھٽ آهي. جيئن ڌرتي مختلف دورن مان گذري آهي ائين اهو به هڪ اهڙو ئي مرحلو آهي. انهن ۾ گھڻائي اهڙن ماهرن جي آهي جيڪي انهن سرمائيدارن جي حمايت ڪن ٿا، جيڪي پنهنجين صنعتن ۾ ماحول کي محفوظ ڪرڻ لاء عالمي طور تجويز ٿيل قدم نه ٿا کڻڻ چاهين. پر اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ماحول ۾ تبديلي جو گھڻو حصو انسان جي معاشي ترقي جي ڊوڙ ۾ رڌل رهڻ جو لازمي نتيجو آهي. گرمي جو علاج وڻڪاري تجويز ڪيو وڃي ٿو. گھڻا وڻ هوندا، ٿڌڪار هوندي، مينهن گھڻا پوندا ۽ گرمي ضابطي ۾ هوندي. اها ڳالھه بلڪل صحيح آهي. ان سان گڏوگڏ وڻن کي ختم ڪرڻ جو هڪ وڏو نقصان اهو به آهي ته جڏهين انهن کي وڍيو ويندو آهي ته اهي اها سڄي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جيڪا انهن ان سڄي عرصي ۾ جذب ڪئي هوندي آهي ماحول کي واپس ڪري ڇڏيندا آهن.
پر ڇا ڪجي، جيئن چوندا آهن ته جتي آبادي هوندي، اتي جھنگ ۽ وڻ ٽڻ ختم ٿي ويندا ۽ جتي ويراني هوندي، اتي جھنگ ۽ وڻ ٽڻ جام هوندا. انسان پنهنجي فائدي لاء وڻ ٽڻ ۽ جھنگ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه سمجھندو آهي. سنڌ ۾ مختلف بهانن سان ڪچي جي ٻيلن، جتي وڻن ٻوٽن کانسواء جيوت جا انيڪ قسم موجود هئا، کي ختم ڪري بااثر ماڻهن جي قبضي ۾ ڏنو ويو آهي. ساڳي ريت شهرن جو ڦهلاءُ وڻن ۽ باغن کي ختم ڪرڻ جي قيمت تي ٿيو آهي. هن وقت ڪراچي ۾ ملير جا اهي باغ ڪٿي آهن جتي ماڻهو موڪلن ۾ پنهنجن ٻارن کي گھمائڻ وغيره لاء وٺي ويندا هئا. شهرن جي ترقي ۽ ماحول جي بهتري جي توازن کي برقرار رکڻ لاء جنهن سمجھ جي ضرورت هوندي آهي، ان جو هتي استعمال نه ٿو ڪيو وڃي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اهڙا پبلڪ پارڪ موجود آهن، جن جي هڪ وڏي حصي تي مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن مختلف بهانن سان قبضا ڪيا آهن. نيٺ چائنا ڪٽنگ جو اصطلاح ائين ته استعمال ۾ نه آيو آهي.
ساڳي وقت ان ڳالھه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته وڻ لڳائڻ ان سڄي مسئلي جو رڳو هڪ پاسو آهي جڏهين ته ان کي پوري سياق ۽ سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي جو ايشيا جو صاف ترين شهر هئڻ ته هاڻي رڳو ماضي جي هڪ خوشگوار ياد ئي آهي. ملير جا باغ جتي شهر جا ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ ۽ موڪلون گذارڻ لاء ويندا هئا هاڻي رڳو نالو ئي رهجي ويو آهي. هن وقت ڪراچي هڪ گندي شهر جي حوالي سان هڪ مثال بڻجي ويو آهي. ماڻهو هاڻي اهي ڏينهن ٿا ياد ڪن جڏهين شهر ۾ اهڙي ئي گندگي جي ڪري پليگ جي وبا ڦهلجي ويئي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو ان ۾ مري ويا هئا.
سڄو شهر بدنظمي ۽ بحران جو شڪار آهي. لياري ۽ ملير نيون جيڪي شهر جي سونهن هونديون هيون ۽ هتان جي ٻنين ۽ باغن لاء پاڻي جو اهم ذريعو هونڌيون هيون هن وقت گندن نالن کان وڌيڪ ڪجھ به ناهن ۽ انهن جي ڀر مان لنگھڻ مهل بدبوء کان بچڻ لاء ماڻهو کي نڪ تي هٿ رکڻو پوندو آهي. انهن نين جي پيٽ مان لاڳيتو ريتي ۽ بجري جي ڪڍڻ جي ڪري پاڻي جا کوه سڪي ويا آهن ۽ شهر جي سڄي زرعي معيشت جتان ان جي ڀاڄين ۽ ميون جي وڏي ضرورت پوري ٿيندي هئي تباه ٿي ويئي آهي.
ساڳي ريت شهر جو سڄو ڪچرو ۽ ڪارخانن جو گند سمنڊ جي حوالي ٿئي ٿو، جنهن شهر جي ماحول کي خراب ڪرڻ سان گڏ سامونڊي جيوت کي وڏو نقصان پهچايو آهي. مختلف وقتن تي شهر جي مختلف علائقن ۾ اهڙي بدبو ڦهلجي ويندي آهي جنهن جو ڪارڻ سمجھ ۾ نه ايندو آهي.
سڄي دنيا ۾ دريائن، ڍنڍن ۽ پاڻي جي ٻين ذخيرن کي انسان پنهنجي فائدي لاءِ ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. رڳو سنڌ جي مٺي پاڻي جي هڪ وڏي ذخيري منڇر ڍنڍ جي صورتحال تي نظر وجھڻ سان گھڻيون ڳالهيون واضح ٿين ٿيون. اهو ساڳي وقت هڪ فطري ۽ انساني الميو آهي. مسئلو اهو آهي ته اهو سڀڪجھ سرڪار جي پاليسين تحت ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري ملڪ جي مٿائهين حصي مان ايندڙ گند ڪچري کي ڍنڍ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري اتي موجود جيوت کي نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ مهاڻن جا اهي هزارين خاندان جن جي زندگي سالن کان ان ڍنڍ سان لاڳاپيل رهي آهي بيروزگار ۽ اٻاڻڪا ٿي ويا آهن. ان مسئلي کي مختلف طريقن سان سامهون آندو ويو آهي پر ان جو ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي.
سياحت ماڻهن جي روزگار ۽ حڪومت لاء آمدني جو ذريعو ته آهي پر ساڳي وقت اها ماحول جي حوالي سان مسئلن جو ڪارڻ پڻ بڻجي ٿي. پاڪستان جا جابلو علائقا جتي هاڻي اچ وڃ جي ذريعن جي ترقي جي ڪري پهچ سولي ٿي پيئي آهي ۽ هرسال هزارين ملڪي ۽ پرڏيهي سياح انهن علائقن جو رخ ڪن ٿا اتي گھمڻ سان گڏوگڏ اهي پويان کاڌي پيتي جي شين، پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۽ پاڻي جي بوتلن وغيره جا ڍير ڇڏي اچن ٿا جيڪي اتان جي جيوت ۽ ماحول لاء هاڃيڪار هجن ٿا. ان سلسلي ۾ ان ڪچري کي صاف ڪرڻ ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لا۽ ته اهي ائين نه ڪن مختلف رضاڪارن جون ٽيمون وقت بوقت انهن علائقن ۾ وينديون رهيون آهن پر ان جو ڪو خاص مثبت نتيجو نه نڪري سگھيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي ڪرت کي جاري رکندا پيا اچن. جيڪڏهين ڪراچي شهر جي سامونڊي ڪناري ۽ مختلف پارڪن وغيره کي ڏسئون ته صورتحال ڪا گھڻي مختلف نظر نه ايندي. ان جي باوجود ته ڪچري لاء ڊسٽ بن وغيره رکيل هوندا آهن پر ماڻهو انهن کي استعمال ڪرڻ جي بجائي باقي سڄي جاء کي گند سان ڀريندا رهندا آهن.
ان ڪري اها ڳالھه ته واضح آهي ته رڳو وڻ پوکڻ مسئلي جو حل ناهي. مسئلو سڄي ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ جو آهي ۽ ماحول ڏانهن پنهنجي نڪته نظر ۾ تبديلي آڻڻ جو آهي. ان ۾ گھڻا اهڙا ڪم آهن جيڪي رڳو ٿورڙو پنهنجين عادتن کي بدلائڻ سان ٿي سگھن ٿا. ان سان جيڪڏهين گھڻو نه ته ٿورڙو فرق پئجي سگھي ٿو ۽ اسين گھٽ ۾ گھٽ هڪ صاف سٿري ماحول ۾ رهي سگھون.