مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

دريائن سان ورتاءُ

دريا رڳو پاڻي جو ذخيرو ناهن هوندا. ساڳي وقت اهي پاڻ سان ڏورانهن هنڌن کان زرخيزمٽي پڻ کڻي ايندا آهن جيڪا ميدانن ۾ پاڻي کي جذب ڪرڻ، زيرزمين پاڻي جي سطح کي وڌائڻ ۽ ساڳي وقت زمين جي زرخيزي کي وڌائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. پر حيرت جي ڳالھه آهي ته دريائن کي انسان انهن جي اصل صورت ۾ رهڻ ئي نه ڏنو آهي. هو پنهنجن فوري فائدن لاء ان سڄي وايو منڊل ۽ ماحول کي تباه ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي جنهن هزارين سالن تائين ان جي زندگي کي برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن وقت ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙو ڪو گھر، سڙڪ ۽ پل وغيره ناهي جيڪا رڳو قانوني طور حاصل ڪيل مٽي مان ٺهي هجي. ان مقصد لاء وڏن ننڍن دريائن ۽ ڍنڍن جي پيٽ مان روزانو هزارين لکين ٽنن جي حساب سان مٽي ڪڍي وڃي ٿي جيڪا تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ان ڪم ۾ اربين کربين روپين جي ڪمائي آهي ۽ ان ۾ وڏا سياستدان، سرمائيدار ۽ ڪامورا وغيره سڀ ڀاڱي ڀائيوار آهن. اها ڄڻ باقاعدي هڪ مافيا آهي ۽ ان عمل جي مخالفت ڪرڻ هڪ نهايت ڏکيو عمل آهي. گذريل ڪجھ سالن ۾ ئي ڀارت ۾ ان عمل جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوه ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽن صحافين ۽ هڪ راهب کي قتل ڪيو ويو آهي. ان ڪم لاء انتهائي جديد مشنيري استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ اربين روپين جي سيڙپ ٿيل آهي. ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال ۽ چين وغيره جي مختلف دريائن ۽ ڍنڍن مان ايڏي وڏي پئماني تي مٽي ڪڍي ويئي آهي، جو ان انهن پاڻي جي ذخيرن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي آهي ۽ ماڻهن جي لاء گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. ساڳي وقت دريا تي ٺهيل پلن ۽ ٻين تنصيبات وغيره کي پڻ ان سان نقصان پهچي ٿو. ڀارت ۾ جمنا دريا تي ٺهيل هڪ پل مٽي ڪڍڻ جي ڪري بنيادن جي ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري استعمال جهڙو ئي نه رهيو آهي. ساڳي ريت نيپال ۾ 1991 ۾ ان ڪارڻ هڪ پل ڪرڻ جي ڪري حڪومت دريائن مان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وجھي ڇڏي پر پوء به اهو عمل ساڳي ريت هلندو رهيو آهي ۽ هڪ اندازي موجب کٽمنڊو ماٿري ۾ تعميرات ۾ چاليھه سيڪڙوغير قانوني طور حاصل ڪيل مٽي استعمال ٿئي ٿي.
ملير جا ڳوٺاڻا اڪثر اهو چوندا آهن ته ڪراچي جو ڦهلاء ۽ ترقي سندن معاش ۽ روزگار جي قيمت تي ٿي آهي. ملير نئين جي پيٽ مان روزانو ٽنن جي حساب سان ريتي ڪڍي وڃي ٿي جيڪا ڪراچي جي مختلف تعميراتي ڪمن لاء استعمال ٿئي ٿي. ان جي ڪري نئين جي پيٽ ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي قوت ناهي رهي ۽ نتيجي ۾ کوه، جيڪي علائقي جي زراعت لاء پاڻي جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن، سڪي ويا آهن يا انهن ۾ پاڻي جي سظح گھڻو هيٺ هلي ويئي آهي جنهن جو اثر زرعي پيداوار ۽ ماڻهن جي روزگار تي پيو آهي. هن وقت اهو ساڳيو عمل حب ندي، جيڪا لسٻيلي ۽ ڪراچي جي گھڻن علائقن جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي ۽ هن وقت جنهن جو پيٽ مينهن نه پوڻ ڪري سڪل آهي، سان ٿي رهيو آهي. ان جي خلاف علائقي جي ماڻهن احتجاج به ڪيا آهن، عدالتن ريتي بجري نه ڪڍڻ جا حڪم به جاري ڪيا آهن، واٽر بورڊ پاران پڻ ان ڳاله کي واضح ڪيو ويو آهي ته ان سان ان جي ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارين تنصيبات کي نقصان رسي رهيو آهي پر انهن مان ڪنهن به ڳالھه جو ڪو اثر نه ٿي رهيو آهي ۽ اهو عمل ساڳي ريت جاري آهي. اهو ساڳيو عمل ملڪ جي ٻين وڏن دريائن سنڌو، جهلم، نيلم ۽ ڪنر وغيره سان به جبلن کان وٺي سمنڊ تائين سندن سڄي وهڪري ۾ جاري رهي ٿو.
بنگلا ديش ۾ ان عمل ۾ نه رڳو اهو ته سياستدان ۽ پارليامينٽ جا ميمبر شامل آهن پر اها هڪ لحاظ کان ڄڻ ته حڪومت جي پاليسي بڻجي ويئي آهي. حڪومت پارانِ دريا جي مٽي کي سنگاپور ۽ مالديپ وغيره کي برآمد ڪرڻ لاء باقاعدي رٿائون جوڙيون ويون آهن ۽ ان جا اگھ مقرر ڪيا ويا آهن. ساڳي ريت چين جي گذريل سالن ۾ معاشي ترقي جي ڪري شهرن جي واڌ ويجھ ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. سيمنٽ جي پيداوار ۾ مٽي استعمال ٿيندي آهي ۽ گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي رپورٽ موجب گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ چين ۾ سيمنٽ جي استعمال ۾ چار سو سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي ۽ اهو به ته گذريل چار سالن ۾ چين جيتري سيمنٽ استعمال ڪئي آهي اها آمريڪا جي سڄي ويهين صدي ۾ استعمال ڪيل سيمنٽ کان به وڌيڪ آهي. اها سڄي مٽي گھڻي ڀاڱي چين جي دريائن مان ئي حاصل ڪئي وڃي ٿي. نوي جي ڏهاڪي جي آخر تائين ينگزي دريا مان ايتري مٽي ڪڍي ويئي جنهن پلن کي ڪمزورڪري ڇڏيو، جهازراني ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ دريا جي ٻنن کي نقصان پهچايو. ان جي ڪري حڪومت پاران جڏهين سن 2000 ۾ هتان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وڌي ويئي ته اها سرگرمي مٺي پاڻي جي هڪ وڏي ذخيري پويانگ ڍنڍ، جيڪا ينگزي دريا ۾ ئي ڇوڙ ڪري ٿي، ڏانهن منتقل ڪئي ويئي. ناسا پاران ڍنڍ جون جيڪي تصويرون جاري ڪيون ويون آهن انهن مان اها خبر پئي ٿي ته ڍنڍ جيڪا 1995 ۾ هئي 2013 ۾ ان سڄي سرگرمي جي ڪري ان جي صورت ئي تبديل ٿي ويئي آهي. اها ڍنڍ سائيبيريا کان ايندڙ پکين جو وڏي ۾ وڏو مسڪن رهي آهي، جيڪو پڻ ان سڄي سرگرمي جي ڪري متاثر ٿيو آهي. چين جي هڪ ٻيو وڏو دريا ميڪانگ پڻ ان سرگرمي جو شڪار آهي. پر ان جي حوالي سان ڪي انگ اکر دستياب ناهن.
اها ته هڪ طئي شده ڳالھه آهي ته ان سڄي سرگرمي جي ڪري دريا، زراعت، وڻن ٻوٽن ۽ مختلف جانورن ۽ پکين وغيره کي نقصان رسي ٿو ۽ سڄو ماحول متاثر ٿئي ٿو پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان سلسلي ۾ ڇا ٿو ڪري سگھجي. پهرين ڳالھه ته جنهن شي جي گھرج آهي اها پابندي سان ختم نه ٿي ٿئي پر ٻي صورت ۾ موجود رهي ٿي جيئن شراب ۽ جسم فروشي تي پابندي باوجود اهي هڪ يا ٻي صورت ۾ سماج ۾ موجود آهن. ٻي ڳالھه ته جڏهين به حڪومت يا عدالتن پاران ان تي پابندي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ان جو نتيجو گھرن جي قيمتن وڌڻ جي صورت ۾ نڪتو آهي. اهڙي ريت ترقي جو عمل ۽ دريائن ۽ نتيجي ۾ فطرت کي ٿيندڙ نقصان هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.