انسان ۽ جانورن جو تعلق ۽ وبائي بيماريون
گھڻيون تنظيمون ۽ فرد گھڻي عرصي کان ان پاسي لاڳيتو ڌيان ڇڪائي رهيا آهن ته ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلي ڌرتي ۽ ان جي جيوت سان گڏ انساني حياتي کي پڻ جوکم ۾ وجھي ڇڏيو آهي. عالمي پئماني تي ان حوالي سان ڪوششون پڻ هلندڙ آهن پر انسان جي لالچ ۽ حوس انهن سڀني ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ ٻين وڏن صنعتي ملڪن جو عالمي معيشت ۾ هڪ وڏو ۽ اهم حصو آهي ۽ ساڳي ريت انهن جو آلودگي جي سلسلي ۾ پڻ اهم ڪردار آهي. پر اهي وقتي فائدن جي ڪري ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪرڻ لاء تيار ناهن. آمريڪا خاص طور اهڙن ڪيترن ٺاهن کي سبوتاز ڪري چڪو آهي. ڪارڻ اهو آهي ته ان حوالي سان جيڪي قدم تجويز ڪيا وڃن ٿا انهن سان شين جي لاگت ۾ واڌارو اچي ٿو ۽ آمريڪا جيڪو هن وقت ئي چين ۽ يورپي ملڪن سان هڪ معاشي ڇڪتاڻ ۾ ورتل آهي اڃا وڌيڪ بحران ۾ وٺجي ويندو. اهو دليل ڏيڻ ته اهو سڀ قدرتي عمل آهي ۽ ان ۾ صنعتي آلودگي جو هڪ غير اهم ڪردار آهي ڪووڊ 19 واري موجوده صورتحال ۾ غلط ثابت ٿي چڪو آهي. ان وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ جيڪو لاڪ ڊائون رهيو ان سڄي ماحول تي نهايت اهم مثبت اثر وڌا آهن. ايستائين ته چيو وڃي ٿو ته آلودگي جي ڪري اوزون کي جيڪو نقصان پهتو هو ان لاڪ ڊائون جي ڪري ان جي تلافي ٿي ويئي آهي. ان دوران ماحول ۽ جانورن جي زندگي ۾ هڪ واضح تبديلي ۽ فرق کي محسوس ڪيو ويو. هماليه جيڪو آلودگي ڪري ڪوهيڙي ۾ لڪل رهندو هو ان جي چوٽين جو ڀارت جي گھڻن مقامي رهاڪن پهريون ڀيرو ڀرپور نظارو ڪيو.
هن وقت ڪووڊ 19 جي وبا ان معاملي جي اهميت ۽ ان لاء فوري قدمن کڻڻ جي ضرورت کي اڃا وڌائي ڇڏيو آهي. گذريل صدي ۾ نوول ڪورونا ڇه ڀيرا وڏي پئماني تي ظاهر ٿي آهي پر هن ڀيري ان جي شدت ۽ پيچيدگي سڄي دنيا لاء معاشي ۽ صحت جي مسئلن کي سامهون آندو آهي ۽ معمول جي زندگي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهين ته ايبولا، سارس ۽ ويسٽ نائل وائرس به زونوٽيڪ بيماريون آهن جيڪي ڪووڊ جيان جانورن ۾ شروع ٿيون ۽ انسان ۾ منتقل ٿيون.
انساني تاريخ ۾ جانورن مان انسان ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين جو سلسلو لاڳيتو هلندو آيو آهي. 1998 ۾ ملائيشيا ۾ نيپا وائرس کان 2014 ۾ سڄي اولهندي آفريڪا ۾ ڦهلجندڙ ايبولا وائرس ۽ تازو ڪووڊ 19 ان جا تازا مثال آهن. اهي وبائون هاڻي عام ٿي ويون آهن ۽ انهن ۾ وقفو پڻ گھٽجي ويو آهي. رڳو گذريل ڏهاڪي ۾ WHO ان حوالي سان چار ڀيرا هنگامي حالتن جو اعلان ڪري چڪي آهي.
تازو گڏيل قومن جي ماحوليات ۽ جانورن جي عالمي تحقيق جيِ اداري (UN Environment programme and the International Livestock Research Institute) ان حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ تفصيل سان ان مسئلي تي بحث ڪيو ويو آهي. رپورٽ جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين کي Zoonotic Diseases جو نالو ڏئي ٿي. اهي بيماريون جانورن جي پروٽين جي گھڻي گھرج، زراعت ۾ نامناسب طريقن جي استعمال ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. هر سال اٽڪل ويه لک ماڻهو انهن بيمارين جي ڪري مرن ٿا جڏهين ته ڪووڊ جي ڪري ٻن سالن ۾ نو کرب ڊالر جي نقصان جو اندازو آهي.
اها ڳالھه ظاهر آهي ته فطري ماحول کي زمين جي بيجا استعمال، جھنگلي جيوت جي ڦرمار، قدرتي وسيلن جي وڏي پئماني تي ڦرمار۽ موسمياتي تبديلي وڏو هاڃو رسايو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني سرگرمين ڌرتي جي پنجهتر سيڪڙو ۽ سمنڊ جي اٽڪل ڇاهٺ سيڪڙو کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن پاران تازو اها وارننگ جاري ڪئي ويئي آهي ته ان سڀ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي ڏڪر جي صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.
اها ڳالھه ته واضح آهي ته جانور۽ انسان هميشه کان گڏ رهندا آيا آهن ۽ ان ڳالھه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جانور انسان لاء هاڃيڪار ناهن پر انسان انهن جانورن لاء هاڃيڪار آهي. هر طرح سان ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ انساني آبادي جي وڌڻ ۽ نون شهرن وغيره جي قيام جانورن کي سندن گھرن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي آهي جتان جي ماحول انهن لاء گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي.
انهن سڀني ڳالهين گڏجي انسان ۽ ٻين جانورن وچ ۾ تعلق کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ جو چوڻ آهي ته گذريل ويھن سالن ۽ ان کان اڳ جي زونوٽيڪ بيمارين معاشي طور هڪ سو ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي. جڏهين ته هر سال گھٽ ۽ وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن ۾ اٽڪل ويه لک ماڻهو اينٿرڪس، بووائن ٽي بي ۽ پاڳل ڪتن جي چڪن ڪري نظر انداز ڪيل زونوٽيڪ بيمارين جي ڪري مري وڃن ٿا.
رپورٽ جو چوڻ آهي ته ماڻهن جا منجھيل ترقياتي مسئلا، جانورن تي گھڻو دارومدار ۽ جھنگلي جيوت جي ويجھڙائي به انهن بيمارين جا ڪارڻ آهن. گذريل پنجاه سالن ۾ گوشت جي پيداوار ۾ 260 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. گھڻيون ترقياتي رٿائون انهن جاين تي شروع ڪيون ويون آهن جتي جانورن جي رهائش آهي. ساڳي وقت ڊيمن، آبپاشي جي رٿائن ۽ فيڪٽري فارمن کي پنجويه سيڪڙو وچڙندڙ بيمارين سان ڳنڍيو وڃي ٿو. موسمياتي تبديلي جو پيٿوجين جي بيماري کي وڌائڻ ۾ به هڪ اهم ڪردار آهي.
هن وقت هڪ بحران واري صورتحال آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون انسان جي آڏو آهن. پر هن وقت به اها ڳالھه نظر نه ٿي اچي ته انسان واقعي ان جي تدارڪ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار هجي. لڳي ائين ٿو ته سندس اها ڪرت جاري رهندي ۽ نتيجي ۾ وبائن، بيمارين، ڀوڳنائن ۽ معاشي ڏکيائين جو سلسلو به جاري رهندو بلڪ اڃا وڌي ويندو.