ڪورونا جا نفسياتي اثر
جن ماڻهن ان کي هڪ ويڪيشن سمجھيو ٿي انهن جي لاءِ به وبا جو مدو ڊگھو ٿي ويو آهي. ان کي شروع ٿئي ته اٺ نو مهينن جو عرصو ٿيو آهي پر پاڪستان ۾ به ان کي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي جڏهين تهWHO ساڳي وقت اهو به چيو آهي ته اها شايد ختم نه ٿئي ۽ ماڻهو کي ويڪسين اچڻ کانپوء به ان سان ائين ئي رهڻو پوندو جيئن هو مختلف ٻين موتمار بيمارين سان رهي رهيو آهي. هن بيماري سان مسئلو اهو آهي ته اڃا تائين ان جي ڪا ويڪسين تيار نه ٿي سگھي آهي. ساڳي وقت پاڪستان ۾ هن وقتHerd Immunity جو جيڪو طريقه ڪار اختيار ڪيو ويو آهي ان صورتحال کي اڃا منجھائي ڇڏيو آهي.
هن وبا ماڻهن لاء ذهني مونجھارن ۽ گھڻن نفسياتي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. ماڻهن پنهنجو پاڻ کان پڇڻ شروع ڪيو آهي ته ڪتابن پڙهڻ ۽ فلمن ۽ ٽيليويزن وغيره ڏسڻ جي به ڪا حد ٿيندي آهي۽ نيٺ اهي ڪيستائين گھرن ۾ قيد رهندا. اهم ڳالھه اها آهي ته جيڪي ماڻهو گھرن تائين محدود آهن اهي به پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجھن. کين پاڻ يا سندن گھر جي ڪنهن ڀاتي کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ضرور نڪرڻو پئي ٿو. هزار احتياطن جي باوجود به وائرس جي لڳڻ جو امڪان موجود رهي ٿو. خاص طور هن وقت جڏهين وبا گھڻو ڦهلجي چڪي آهي ته اهو امڪان اڃا وڌي ويو آهي. اهڙي ريت پنهنجو ۽ پنهنجن پيارن جي صحت جو اونو ان وقت اڃا وڌي وڃي ٿو جڏهين ٽيسٽنگ جو نظام پڻ اعتبار جوڳو نه هجي ۽ ساڳي ماڻهو جا مختلف جاين تي ٽيسٽ جا مختلف نتيجا ڏيکاريا وڃن.
ان صورتحال سڀني ماڻهن لاء مختلف قسم جي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. صحت جا مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي آهن. معاشي ۽ نفسياتي مسئلن صورتحال کي اڃا خراب ڪري ڇڌيو آهي. خاص طور نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ گھڻن ماڻهن کي پنهنجي روزگار کان محروم ٿيڻو پيو آهي. گھڻين نجي اسڪولن جي استادن کي پگھار نه ٿي ملي. حڪومت جو ريليف عارضي ۽ محدود هو ۽ اهو ماڻهن جي ڊگھي عرصي جي تڪليفن کي ختم نه ٿو ڪري سگھي.
ساڳي ريت مختلف ڳالهين ماڻهن کي منجھائي ڇڏيو آهي. ميڊيا ۾ روز هڪ پاسي بيمار ۽ مرندڙ ماڻهن جي وڌنڌڙ تعداد هڪ ڊپ ۽ هراس واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. پاڻ کان وڌيڪ پنهنجن ويجھن ماڻهن جو اونو هوندو آهي. معمولي بخار، کنگھ ۽ مٿي جو سور به وڏي تشويش جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. ٻئي پاسي صلاحن ڏيڻ ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪندڙ ايترا ماڻهو آهن جن ماڻهن کي منجھائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ماڻهن کي اها صلاح ڏني وڃي ٿي ته گھڻو وقت انهن ميڊيا ۽ خبرن کي نه ڏين.
ماڻهو جوارتقاء ان جي سماجي زندگي جي ڪري آهي. هن وقت اها ڄڻ هڪ لحاظ کان معطل ٿي ويئي آهي. هڪٻئي سان ملڻ محدود ٿي ويو آهي. هڪ ڊپ واري ڪيفيت آهي. شادي ته پري جي ڳالھه آهي پر ماڻهو پنهنجي ڪنهن عزيز جي ميت تي وڃڻ کان به ڪيٻائي ٿو. گھڻو ڪري ان ڳاله کي ترجيح ڏني ويندي آهي ته اهڙي موقعي تي گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو شريڪ ٿين. خاص طور انهن لاء جن کي محفلن جي عادت آهي ۽ ان کانسواء رهي نه ٿا سگھن اهي ان اڪيلائي واري ماحول ۾ ڊيپريشن، فڪر۽ پريشاني واري ڪيفيت جو شڪار ٿي ذهني طور بيمار ٿي پيا آهن. اهي هڪ بي يقيني جو شڪار آهن. کين اهو يقين ناهي ته ڪڏهين سندن اهو محاصرو ختم ٿيندو. لاڪ ڊائون ڪڏهين نرم ٿو ٿئي ته ڪڏهين سخت ٿو ٿئي، ڪڏهين ماڳيئي ختم ٿي ٿو وڃي ته وري لاڳو ٿي ٿو وڃي. هڪ بي يقيني واري ڪيفيت آهي جنهن ماڻهو جي ذهني حالت کي ويتر خراب ڪري ڇڏيو آهي.
ساڳي وقت اهو مسئلو پڻ آهي ته گھڻين اسپتالن پنهنجي اوپي ڊي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري گھڻا مريض پنهنجي معمول جي سار سنڀال کان به محروم ٿي ويا آهن جڏهين ته پاڙي ۾ جيڪي ڊاڪٽر پنهنجي نجي پريڪٽس ڪندا هئا انهن به ڪرونا جي ڊپ کان پنهنجيون ڪلينڪ بند ڪري ڇڏيون آهن.
هڪ اسٽڊي موجب اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته ان وبا جي ڪري خاص طور يونيورسٽي جي شاگردن ۾ مذهب ڏانهن رجحان وڌيو آهي ۽ گھڻن ان کي هڪ ذهني سڪون جو ذريعو ڪري ورتو آهي. ساڳي وقت گھڻن ٽوٽڪن ۽ ديسي نسخن تي ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي جن مان ڪي ته بيضرر آهن جڏهين ته ڪي اڃا تڪليف کي وڌائي ڇڏين ٿا. انهن ۾ گھڻو ڪري شهرن ۾ رهندڙ اهي ماڻهو آهن جن کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمجھ وارو سمجھيو وڃي ٿو.
اها ماڻهو جي نفسيات آهي ته هو پنهنجين تڪليفن ۽ اهنجن لاءِ ڪنهن فرد يا گروه کي ذميوار قرار ڏيندو آهي ۽ پوء سڄو بار ان تي وجھي ڇڏيندو آهي. جيئن وبا جي شروع وارن ڏينهن ۾ بلڪ اڃا تائين به آمريڪا جي صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سميت گھڻا آمريڪي ۽ يورپ جا ماڻهو چين ۽ چينين کي ان وبا جو ذميوار قرار ڏيندا آهن. اهڙا ڪجھ واقعا پاڪستان ۾ به ٿيا جتي چينين کي هراسان ڪيو ويو جڏهين ته يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ ته هڪ لحاظ کان ڄڻ دوڪاندارن وغيره چينين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ انهن کي هر چيني ۾ وبا جو وائرس ٿي نظر آيو. اها صورتحال ماڻهن جي ڪنهن به گروه لاءِ انتهائي تڪليف جو باعث بڻجي ٿي. ان ڳاله کي محسوس ڪندي ئي پاڪستان جي انساني حقن جي وزارت تازو اهڙو هدايت نامو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ماڻهن کي چيو ويو آهي ته اهي وبا جي حوالي سان ڪنهن ماڻهو يا ماڻهن جي ڪنهن گروه سان امتيازي ورتاءُ نه ڪن جيڪا ڳالھه ان صورتحال ۾ اڃا وڌيڪ تڪليف جو باعث بڻجي ٿي.
اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ڪيترو عرصو ان صورتحال سان گڏ رهڻو پوندو. بهرحال اهو طئي آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ وبا جي معاشي اثرن سان گڏ ماڻهن کي ان جي ذهني ۽ نفسياتي اثرن کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. ان جي لاءِ ضروري ڳالھه ماڻهن جي تربيت ڪرڻ سان گڏ انهن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته اهي اڪيلا ناهن.