مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحول جي تباهي ۽ ڌرتي جو آئيندو

اهو مسئلو لاڳيتو بحث هيٺ آهي ته انسان جو گدلاڻ کي وڌائڻ ۽ ڌرتي جي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ ڪيترو نه اهم ڪردار رهيو آهي. سندس سرگرمين جا اثر اتي به آهن جتي هو پهتو آهي ۽ اتي به جتي هو نه پهچي سگھيو آهي. فطرت ڄڻ سندس لاءِ هڪ رانديڪو آهي جنهن کي هو پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪندو رهيو آهي ان کان قطع نظر ته ان جا مٿس ۽ سندس ايندڙ نسلن، ڌرتي ۽ ان تي موجود ٻي جيوت تي ڪهڙا اثر پئجي سگھن ٿا. جبل، ڍنڍون، جھنگل مطلب ته سڀ شيون سندس پهچ ۾ آهن ۽ انهن کي هن جنهن بيدردي سان استعمال ڪيو آهي ان جا اثر نه رڳو هاڻي ظاهر ٿي رهيا آهن پر هينئر ئي کيس ۽ سندس ٻارن کي ڀوڳڻا پڻ پئجي رهيا آهن. جيڪي ماڻهو جبلن جي سير وغيره لاء وڃن ٿا اهي اتي کاڌي پيتي جي سامان ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين وغيره جي صورت ۾ ٽنن جي حساب سان ڪچرو ڇڏي اچن ٿا. هماليه وغيره جي حوالي سان اهڙيون خبرون گھڻي عرصي کان لاڳيتو اچن ٿيون ته اتي مختلف جاين تي ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ ساڳي وقت رضاڪارن جا جٿا پڻ ان ڪچري کي صاف ڪرڻ ۾ سڄو سال رڌل رهن ٿا ۽ ماڻهن کي ان ڳالھه تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ائين نه ڪن پر ان جو ڪو اثر نه پيو آهي. اها ساڳي ڳالھه دنيا جي ٻين جبلن جي سلسلن سان پڻ آهي. ساڳي ريت تازو اها رپورٽ آئي آهي ته ڪوئيٽا جي مشهور حنا ڍنڍ، جيڪا شهر جي گھڻين انساني ۽ معاشي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي، گھڻي عرصي کان سڪي ٺوٺ ٿي ويئي آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته مينهن گھٽ پوڻ جي ڪري ڍنڍ کي جبلن کان ايندڙ پاڻي گھٽ مقدار ۾ دستياب هوندو آهي پر ساڳي وقت جيڪو پاڻي اچي ٿو ان کي به ماڻهن مختلف جاين تي پاڻي ڇڪڻ جا پمپ ۽ مشينون وغيره لڳائي پنهنجي استعمال ۾ آندو آهي جنهن جي ڪري اهو پاڻي به ڍنڍ تائين نه ٿو پهچي سگھي. ان جي ڪري هڪ ته زير زمين پاڻي جي سطح وڌيڪ هيٺ هلي ويئي آهي ۽ ٻيو ته علائقي ۾ زردالن ۽ صوفن جي باغن جي پيداوار پڻ متاثر ٿي آهي. اها ساڳي صورتحال سنڌ ۾ هاليجي ۽ ٻين مختلف ڍنڍن جي حوالي سان بيان ڪئي وڃي ٿي جن کي گھربل پاڻي نه ملي رهيو آهي. ان جي ڪري وڻن ٻوٽن، مڇي جي پيداوار ۽ ڏورانهن ڏيهن کان ايندڙ پکين جي تعداد تي پڻ اثر پيو آهي. ان ڳالھه جو ذڪر ئي نه ٿا ڪيون ته ڪراچي جون ٻه وڏيون موسمي نديون ملير ۽ لياري جيڪي شهر جي زرعي پيداوار ميون ۽ ڀاڄين وغيره جو اهم ذريعو هيون هن وقت وڏا گندا نالا بڻجي ويون آهن جتي روز ٽنن جي حساب سان گند ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو ۽ جن جي ڀر مان گذرڻ ئي ڃڻ ماڻهو جي حواسن لاءِ هڪ امتحان هوندو آهي. ساڳي ريت ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي گدلاڻ جي جيڪا صورتحال آهي ان سمنڊ جي سڄي سونهن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پئسيفڪ سمنڊ جي اڀرندي ڏکڻ پاسي هيندرسن جي نالي سان اٽڪل اٺ هزار ايڪڙن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. اهو ٻيٽ مختلف ٻوٽن ۽ پکين وغيره جي حوالي سان هڪ خاص اهميت رکي ٿو پر هتي ڪا به انساني آبادي ناهي ۽ انساني پهچ کان گھڻو پري آهي. اهو يونيسڪو جي محفوظ ڪيل جاين ۾ پڻ شامل آهي. گھڻن ماهرن جو ڪجھ عرصو اڳ تائين اهو خيال هو ته اهو ٻيٽ جيئن ته انساني پهچ کان ٻاهر آهي ان ڪري هتي اهو گند ڪچرو به نه هوندو جيڪو انساني سرگرمي جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿو. پر هاڻي اهو خيال غلط ثابت ٿي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ روز ٽنن جي حساب سان جيڪو ڪچرو سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ان جي اثرن کان اهو ڏورانهون ٻيٽ ۽ اتان جي جيوت به محفوظ نه رهي سگھي آهي.
خاص طور تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۽ بوتلن وغيره جي استعمال جي حوالي سان گھڻي عرصي کان هڪ تشويش جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي شيون ٻئي ڪچري جيان پاڻي ۾ حل نٿيون ٿين ۽ ٻي ڳالھه ته انهن جي ٺاهڻ ۾ جيڪي ڪيميڪل وغيره استعمال ٿين ٿا اهي انساني جيوت سان گڏوگڏ ٻي جيوت لاءِ به هاڃيڪار بڻجن ٿا. اهو ٻيٽ ان سڄي صورتحال جو هڪ نمونو پيش ڪري ٿو. هتان پلاسٽڪ جا ٽي ڪروڙ اسي لک يا ارڙنهن ٽن پلاسٽڪ جا استعمال ٿيل ٽڪڙا مليا آهن جن تي دنيا جي مختلف ملڪن جرمني، فرانس، برطانيا ۽ نيوزي لينڊ وغيره جا نالا لکيل آهن. ان کانسواءِ روز اٽڪل تيرنهن هزار پلاسٽڪ جا استعمال ٿيل ٽڪڙا ٻيٽ تي پهچن ٿا. ان سڄي ڪچري جو اٽڪل اٺهٺ سيڪڙو واري ۾ دٻجي ويو آهي ۽ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. گھڻن جانورن انهن پلاسٽڪ جي ٿيلهين وغيره ۾ پنهنجا گھر ٺاهي ڇڏيا آهن. ان سان سمنڊ جي سڄي جيوٽ متاثر ٿي رهي آهي.
دنيا ۾ جنهن وڏي پئماني تي پلاسٽڪ جي پيداوار ٿي رهي آهي ان جو اندازو رڳو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هيندرسن ٻيٽ جو ارڙنهن ٽن پلاسٽڪ دنيا جي پلاسٽڪ جي ڪل سالياني پيداوار جي رڳو ٻن سيڪنڊن کان به گھٽ ۾ ٿيندڙ پيداوارجيترو آهي. ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جون ڪانفرنسون وغيره ٿين ٿيون جنهن ۾ ان مسئلي جي حل لاء مختلف رٿائون پيش ڪيون وڃن ٿيون ۽ اربين دالرن جا فنڊ مختص ڪرڻ جا واعدا ڪيا وڃن ٿا پر في الحال ان سلسلي ۾ ڪي ٺوس نتيجا سامهون نه آيا آهن.
ان مسئلي جو حل ان صورت ۾ ئي نڪري سگھي ٿو جڏهين ان ڳالھه کي مڃجي ته انسان پاڻ ان سڄي فطرت جو هڪ حصو آهي ۽ سندس ۽ سندس نسلن جو جياپو ان ڳالھه ۾ آهي ته فطرت ۽ ٻي جيوت کي تباه ڪرڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي بجائي ان ۾ توازن قائم رکي ۽ بقائي باهمي جي اصول تي عمل ڪري.
ٻي صورت ۾ جيئن ڪجھ ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪجھ عرصي ۾ ئي ڌرتي سندس رهڻ لائق نه رهندي ۽ ان جو ڪارڻ ڪي موتمار هٿيار ۽ بم وغيره نه هوندا پر انسان جو ان ماحول کي تباه ڪرڻ هوندو جنهن ڌرتي تي جيوت کي ممڪن بڻايو آهي. ان صورتحال ۾ کيس پنهنجي وجود جي بقاء لاء ٻين سيارن جو رخ ڪرڻو پوندو پر اهو پڻ ڪو گھڻو سولو ڪم نه هوندو.