پاڻي جي مسئلي کي سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي
جيستائين سنڌ جي مختلف شهرن کي پيئڻ جي آلوده پاڻي ڏيڻ جو سوال آهي ته ان کي سڄي سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهو مسئلو اٽڪل سڀني ترقي پذير ملڪن سان لاڳاپيل آهي. رڳو اهو تصور ته وهندڙ پاڻي صاف هوندو آهي نه ڪڏهين صحيح هو ۽ نه ئي هاڻي صحيح آهي. جتي انسان جي وڌنڌڙ آبادي جي ڪري پاڻي جي ضرورت ۽ استعمال ۾ واڌارو ٿيو آهي، اتي ان دريائن ۽ پاڻي جي ٻين ذريعن کي به آلوده ڪري ڇڏيو آهي. گنگا، جنهن ۾ رڳو دهلي جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي روزانو ڪروڙين گيلن گند ڦٽو ڪري ٿي، هندن جي پوتر دريا هئڻ سان گڏوگڏ هڪ گندي ۽ آلوده دريا طور به مشهور ٿي چڪو آهي. ساڳي وقت دنيا جي ٻين وڏن دريائن جي صورتحال به ڪا گھڻي چڱي ناهي. چين جي مختلف دريائن جي به اها ساڳي صورتحال آهي. ساڳي ريت تازو مصر جي هڪ مشهور ڳائڻي کي ان ڪري سزا ڏني ويئي ۽ مٿس قومي ٽيليويزن تي ڳائڻ تي پابندي وڌي ويئي ته هن نيل کي گندو دريا ڪوٺيو هو، جنهن جي پاڻي پيئڻ سان هو بيمار ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح سان ماڻهن ۽ حڪومت چواڻي هڪ ته مصر جي سياحت تي اثر پيو ٿي ۽ ٻيو مصر جي ماڻهن، جن جي لاء نيل هڪ پوتر دريا ۽ قومي نشان آهي، جي جذبن کي ڌڪ لڳو ٿي. نيٺ ان ڳائڻي کي ائين چوڻ تي معافي وٺڻي پيئي. پرسوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته ڇا سندس ان معافي سان نيل صاف ٿي ويندو. اها ساڳي حالت پاڪستان ۾ سنڌو ۽ ملڪ جي ٻين دريائن سان به آهي ۽ ڪنهن جو ان پاسي ڌيان به ناهي.
پهرين ڳالھه ته ملڪ جا گھڻا اهڙا علائقا آهن جتي ماڻهن کي پاڻي لا۽ ميلن تائين پنڌ ڪرڻو پئي ٿو. ايستائين ته ميٽروپوليٽن شهر ڪراچي جي ٻهراڙي جي گڏاپ ۽ ٻين گھڻن علائقن جو ته آئون پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان، جتي عورتن کي پاڻي لاءِ ميلن تائين پنڌ ڪرڻو پئي ٿو. ان مسئلي تي ساڳي وقت صاحب لوڪن کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيستائين پيئڻ جي آلوده پاڻي جو مسئلو آهي ته اهو سڄي ملڪ ۽ ملڪ جي سڀني صوبن ۽ علائقن سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر اسٽڊيز جي هڪ اسٽڊي موجب هن وقت ملڪ جي چوراسي سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي. جڏهين ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيڪو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو ان ۾ چوڏنهن سيڪڙو ڪيميڪلز جو تعداد انسان جي لاء هاڃيڪار آهي. ان اسٽڊي موجب سڄي ملڪ ۾ واٽر سپلائي جون ٻاهتر سيڪڙو اسڪيمون عمل ۾ ناهن.
آلوده پاڻي وارو مسئلو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ سان ان ڪري به وڌيڪ آهي ته سنڌ درياءَ جي پڇڙي وارو علائقو آهي. مٿين علائقن جو سڄو گند ڪچرو دريا جي پاڻي سان گڏ سنڌ ڏانهن اچي ٿو. اها ڳالھه ته سڀني جي آڏو آهي ته منڇر جنهن کي ايشيا جي مٺي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي ۽ جيڪا سياحت کاسواءِ هزارين مهاڻن جي روزي جو وسيلو رهي آهي، هن وقت وفاقي حڪومت جي گند نيڪال ڪرڻ جي مختلف اسڪيمن جي نتيجي ۾ گندي ۽ زهريلي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ بڻجي ويئي آهي ۽ ڪيترن خاندانن کي پنهنجي جياپي لاء اتان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آهي. ساڳي ريت لاڙ جي مختلف علائقن جو مسئلو آهي، جتي انهن اسڪيمن جي گندي پاڻي سان گڏو گڏ سمنڊ به اڳتي وڌي آيو آهي ۽ مٺو پاڻي ناپيد ٿي ويو آهي. دراصل اهي سڄي ملڪ جا مسئلا آهن، جيڪي سنڌ جي خاص جاگرافيائي نوعيت جي ڪري اتي گڏ ٿي ويا آهن. ظاهر آهي انهن جي حل لاءِ صوبائي سطح سان گڏوگڏ ملڪي سطح ته قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
گھڻ قومي ڪمپنين پاران ماڻهن جي هر تڪليف ۽ مسئلي کي پنهنجي نفعي ڪمائڻ ۽ وڌائڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. مختلف ڪمپنين جي مالڪن پاران ميڊيا وسيلي اها مهم پڻ هلائي ويئي ته پاڻي ماڻهو جي لاءِ هڪ قدرتي نعمت جيان مفت هئڻ بجائي ٻين شين جيان هڪ شي آهي ۽ اهڙي ريت ان جي هڪ قيمت آهي ۽ ان جي مفت هئڻ وارو تصور غلط آهي. انهن ڪمپنين لاطيني آمريڪا جي ڪجھ ملڪن ۾ اتان جي حڪومتن سان گڏجي پاڻي جي ذريعن تي قبضي ڪرڻ ۽ اتان جي ماڻهن کي قيمت تي پاڻي ڏيڻ جي رٿا ٺاهي هئي پر ماڻهن جي مزاحمت جي ڪري هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا هئا. پر هن وقت به پاڪستان سميت گھڻن ملڪن ۾ وسندي وارا پيئڻ لاءِ نل جي پاڻي کي مناسب نه ٿا سمجھن ۽ انهن ڪمپنين جو بوتل وارو پاڻي استعمال ڪن ٿا جڏهين ته ليبارٽري ٽيسٽ گھڻا ڀيرا ان پاڻي جي آلودگي کي به ثابت ڪيو آهي.
پاڻي جي ان مسئلي کي رڳو هڪ نڪتي تي مرڪوز ڪرڻ اصل مسئلي کان جان ڇڏائڻ ۽ ان کي پسمنظر ۾ ڌڪڻ آهي. ان سڄي مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ان کي پوري سياق ۾ ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي.