وبا اڃا ختم ناهي ٿي
گھڻن ملڪن ۾ اهو سمجھيو پئي ويو ته بيماري تي ضابطو ٿي ويو آهي ۽ ان ڪري انهن پابنديون نرم ڪري ڇڏيون هيون پر اتي وري نئين سر ان ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آهي. تازا انگ اکر ان ڳالھه جي تصديق ڪن ٿا. پوري دنيا ۾ ٻه ڪروڙ ٽيھه لک کان وڌيڪ ماڻهو ان بيماري جو شڪار ٿيا آهن. انهن مان اٺ لک کان وڌيڪ مري ويا آهن جڏهين ته هن وقت روزانو اڍائي لک کن ماڻهو ان جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ نون مرڻ وارن جو روزانو تعداد پنج هزار آهي. صحت جي عالمي تنظيم جو چوڻ آهي ته وٽس اهڙا ذريعا موجود آهن جن سان ٻن سالن جي عرصي ۾ ان وبا کي ضابطي ۾ آندو ويندو. ان وقت تائين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو. اهو ايترو ته منجھيل مسئلو بڻجي ويو آهي ته روس سميت مختلف ملڪ ويڪسين ٺاهڻ جي دعوا ڪن ٿا پر ٻيا ملڪ ان تي اعتبار نه ٿا ڪن ۽ متفق نه ٿا ٿين. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته هر ملڪ ۾ اتان جي حالتن موجب بيماري جي نوعيت مختلف آهي.
چين ۾ ووهان، جتان اها وبا شروع ٿي هئي ۽ جيڪو ان جو مرڪز هو، مان جيتوڻيڪ پارٽين ۾ ماسڪ وغيره جي پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي پر اها وبا ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ظاهر ٿي آهي. ساڳي ريت اٽلي جيڪو شروعاتي ڏينهن ۾ خبرن جو مرڪز هو ۽ پوء حالتن ۾ سڌاري اچڻ ڪري پسمنظر ۾ هليو ويو هو، هڪ ڀيرو وري خبرن ۾ آهي. هتي نوان ڪيس تيزي سان ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ موڪلن دوران ماڻهن احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪيو جيڪا ڳاله وبا جي وڌڻ ۽ ڦهلجڻ جو سبب بڻي.
آمريڪا، برطانيا ۽ برازيل اهڙا ملڪ آهن جيڪي ان وبا جي ڪري گھڻو متاثر ٿيا آهن ۽ تازو ڀارت به ان فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ متاثر مريضن جو تعداد ڇاونجاه لک ۽ برازيل ۾ ڇٽيھه لک کان وڌيڪ آهي جڏهين ته ڀارت ۾ اهو ٽيھه لک کان وڌيڪ آهي. مختلف ڪارڻن جي ڪري مريضن جي اصل تعداد جي ڪٿ ڪرڻ ڏکي ڳالھه آهي. ان جو دارومدار ساڳي وقت ان ڳالھه تي به آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪيترا ٽيسٽ ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن وٽ ان جي لاءِ ڪيتري صلاحيت آهي. جيئن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ انهن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ ايشيا ۽ آفريڪا وغيره جي ملڪن ۾ انهن جو تعداد گھٽ آهي. اهو فرق ملڪ جي مختلف رياستن ۽ صوبن ۾ پڻ موجود آهي. ان حوالي سان بيلجيئم اهڙو ملڪ آهي جتي وڌيڪ مريض هئڻ جو ڪارڻ وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڻ ته آهي پر ساڳي وقت اهي اهو به چون ٿا ته اهي رڳو شڪ جي بنياد تي به ڪنهن فوت ٿيل ماڻهو کي ڪورونا جي مريضن ۾ شامل ڪري ڇڏيندا آهن.
ساڳي ريت ڪنهن ملڪ جي آبادي جي جوڙجڪ جو به ان ۾ ڪردار آهي. شروع کان اها ڳاله مشهور ڪئي ويئي آهي ته وبا جو اثر وڏي عمر جي ماڻهن تي وڌيڪ ٿئي ٿو جڏهين ته نوجوان ان کان گھٽ متاثر ٿين ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته يورپ ۾ ان بيماري جي ڪري جيڪي ماڻهو مري ويا انهن ۾ وڏو تعداد وڏي عمر جي ماڻهن جو هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته انهن مان گھڻن ملڪن ۾ ڪل آبادي ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جو تناسب وڌيڪ آهي. بيو ڪارڻ اهو به آهي ته انهن ملڪن ۾ جيڪي اولڊ ايج هوم آهن اتي رهندڙ ماڻهن جي ان وبا دوران مناسب سنڀال نه ڪئي ويئي جنهن جي ڪري پڻ گھڻا موت ٿيا. خاص طور برطانيا جي حوالي سان اهي خبرون ميڊيا تي هليون. ساڳي ريت پاڪستان ۾ مريضن جي گھٽ ٿيندڙ تعداد ۽ بيماري جي ضابطي ۾ اچڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هتي ڪل آبادي ۾ نوجوانن جو تعداد اڌ کان وڌيڪ آهي. پر ساڳي وقت ان جي ٻين ڪارڻن تي پڻ غور ڪرڻ گھرجي. شروعات ۾ پاڪستان وٽ ٽيسٽ ڪرڻ جي محدود صلاحيت هئي جنهن کي پوء وڌايو ويو. هن وقت به ٽيسٽ گھٽ تعداد ۾ ڪيا پيا وڃن.
اها ڳالھه به اهم آهي ته گھڻن ملڪن جا اڳواڻ پنهنجن سياسي مقصدن جي ڪري به پنهنجي ملڪ ۾ بيماري جي شدت کي گھٽ ڪري ٻڌائين ٿا يا ان کي لڪائين ٿا ته جيئن دنيا آڏو سڀ ٺيڪ آهي واري ڳالھه پيش ڪري سگھن.
سويڊن وٽ ته Herd Immunity جو هڪ نظريو هو جنهن تحت ان سمجھيو ٿي ته اهڙي ريت اها وبا نزلي زڪام جيان هڪ عام بيماري بڻجي ويندي ۽ ان جو زور ٽٽي ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ مريضن جي تعداد وڌڻ جي ڪري حڪومت تي لاڪ ڊائون ۽ ٻين قدمن کڻڻ لاءِ زور وڌو ويو. پر ڀارت ۽ پاڪستان جهڙا گھڻا ملڪ پنهنجن معاشي ڪارڻن ۽ غريب ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد جي ڪري گھڻي عرصي تائين لاڪ ڊائون وغيره جي سٽ نه ٿا سهي سگھن. ڀارت ۾ مريضن جي تعداد ۾ واڌاري جو هڪ ڪارڻ جون ۾ لاڪ ڊائون کي ختم ڪرڻ به ٻڌايو وڃي ٿو.
پاڪستان ۾ ماڻهن کي اهو چيو پيو وڃي ته وبا اڃا ختم ناهي ٿي ۽ کين احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. پر ايستائين اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته ماڻهن ان ڳاله تي ڪو توجھ ناهي ڏنو. اهي وبا جي هئڻ کي ئي نه ٿا مڃين ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آهي. وبا جي جنهن ٻي لهر جي اچڻ جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي اها پاڪستان کي ڪيترو ٿي متاثر ڪري ان متعلق ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي.