مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

لياري، ملير نديون ۽ ڪراچي

ڪراچي شهر جي ماحوليات جي حوالي سان ننڍين وڏين موسمي ندين جي وڏي اهميت آهي. انهن ۾ لياري ۽ ملير نديون مرڪزي حيثيت رکن ٿيون. لياري ندي پنهنجي ڪيچمينٽ مان مينهن جو پاڻي گڏ ڪري اتر اوڀر مان ٿيندي شهر جي مرڪز مان لنگھندي اٽڪل پنجاه ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان نئين جي پاڻي جو ڪراچي شهر ۾ مينهن سان گھڻو واسطو ناهي. مون اهڙي وقت ۾ نئين کي ڪنارن تائين وهندي ڏٺو آهي جڏهين ڪراچي ۾ مينهن ۽ ڪڪر جو نالو نشان نه هو.
1970 جي ڏهاڪي تائين نئين ۾ صاف پاڻي ۽ مڇي هوندي هئي. ٻني ٻارو ٿيندو هو ۽ باغ هوندا هئا. خير ان ڳالھه جي مونکي گھڻي يادگيري ناهي پر پراڻا دوست ٻڌائيندا هئا ته اهي لياري کان گارڊن تائين نئين مان باغن مان ٿيندا ويندا هئا. جيتوڻيڪ اهي ٻنيون ۽ باغ ختم ٿي ويا پر لالو کيت سميت اڃا تائين به شهر جي مختلف علائقن جا نالا پراڻن ڳوٺن جي نالن سان مروج آهن.
انگريزن جي دور ۾ شهر جي نئين سر ترتيب جي حوالي سان نئين جي رخ کي به بدلايو ويو.ان جا نشان پراڻي شهر ۾ اڃا نظر اچن ٿا. اسان جي بغدادي واري گھر جي سامهون ڌوٻي گھاٽ هوندو هو جنهن کي پوء گارڊن واري پاسي منتقل ڪيو ويو پر اهو پوء به ڌوٻين جي استعمال ۾ رهندو هو ۽ ان کي پراڻو ڌوٻي گھاٽ چيو ويندو هو جڏهين ته گارڊن واري کي نئون ڌوٻي گھاٽ. پراڻو ڌوٻي گھاٽ هاڻي ختم ٿي چڪو آهي پر ان جو نالو اڃا برقرارآهي. ساڳي ريت نئين لياري کي کارادر ۽ مٺا در کان ڌار ڪندي هئي. ڪڪري گرائونڊ کي اهو نالو ان ڪري ڏنو ويو ته هتي نئين ڪڪريون ۽ پثر کڻي ايندي هئي. نئين جي رخ موڙڻ کانپوء هتي کارادر مٺادر تي مشتمل اولڊ ٽائون جي علائقي کي ٺاهيو ويو.
لياري جي هڪ پراڻي رهاڪو جو چوڻ آهي ته هن نئين کي خاص طور مون سون جي مينهن ۾ وهندي ڏٺو آهي. سٺ ۽ سترجي ڏهاڪن ۾ آهستي آهستي ان جي خشڪ حصن تي خاص طور هندوستان جي مختلف حصن مان آيل پناهگيرن ۽ ميانوالي جي ماڻهن قبضا ڪري پڪا گھر ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ هن وقت نئين ساڳي ريت نٿي وهي. ڀٽو جي دور ۾ اهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته نئين جي پيٽ کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ماريپور روڊ کان سهراب ڳوٺ تائين هڪ سرڪلر بوٽ سروس شروع ڪئي ويندي پر ڀٽو حڪومت جي خاتمي کانپوء لياري جي ٻين گھڻين رٿائن جيان اها رٿا به ختم ٿي ويئي. نئين ۾ مينهن جي ڪري وقت بوقت ٻوڏ اتي ويٺل ماڻهن کي متاثرڪيو ٿي. ان کان بچاء لاء رڪاوٽون ۽ بند وغيره ٺاهيا ويا.
1986 ۾ نئين جي ڪنارن کان شهر ۾ مختلف علائقن کي ڳنڍڻ لاء هڪ ايڪسپريس وي ٺاهڻ جي رٿا جوڙي ويئي. پر پوء اهو ڏسندي ته ان سان اٽڪل هڪ لک ماڻهو ان وقت متاثر ٿيا ٿي ان کي ترڪ ڪيو ويو. مشرف جي دور ۾ ان جو وري احياء ڪيو ويو. اهو نئين جي ٻنهي ڪنارن کان اٽڪل سورنهن ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. 2002 ۾ ان تي ڪم شروع ڪيو ويو پر ان وقت ان تي ڪو اتفاق رائي پيدا نه ڪيو ويو هو ۽ نتيجي ۾ گھڻن گھرن، اسڪولن ۽ بين جاين کي غيرقانوني قرار ڏيئي ڊاٿو ويو جنهن جي ڪري هڪ وڳوڙ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي هئي. انهن مسئلن جي حل نه ٿيڻ جي ڪري ان ايڪسپريس وي جو ڪم گھڻي عرصي تائين ملتوي رهيو.
ڪراچي جي ٻي اهم نئين مليرآهي ان جون ٻه اهم شاخون ٿڌو ۽ سکڻ آهن. اها اتر اوڀر مان شهر جي وچ مان ٿيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها مينهن جي مند ۾ لکين گيلن پاڻي کڻي اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ان پاڻي کي ڪنهن حدتائين ذخيري ڪرڻ لاء ملير ڊيم ٺاهيو ويو آهي ته جيئن خشڪ سالي وقت ان پاڻي کي ڪم ۾ آڻي سگھجي.
ملير جا ماڻهو چوندا آهن ته ڪراچي شهر جي تعمير ۽ ترقي سندن روزگار ۽ ٻني ٻاري جي قيمت تي ٿي آهي. ان جو ڪارڻ آهي ته شهر جي تعميراتي ڪمن لاء وڏي پئماني تي نئين جي پيٽ مان ريتي ۽ بجري ڪڍي وڃي ٿي. ان جي ڪري نئين جي پيٽ ۾ پاڻي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھتجي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ گھڻن کوهن جي پاڻي جي سطح هيٺ هلي وڃي ٿي يا اهي سڪي وڃن ٿا. ان جي خلاف ملير جي ماڻهن به احتجاج ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻهن به. پر اهو پنهنجي ليکي هڪ منجھيل سمئلو آهي. هڪ ته ان کانسواء ڪراچي ۾ تعميراتي ڪمن جو ٿيڻ ممڪن ناهي ۽ ٻي ڳاله ته ان ۾ گھڻا مستقل مفاد شامل آهن. ان ڌنڌي ۾ رڳو ٻاهريان ماڻهو نه پر ملير جا وڏيرا ۽ معتبر ماڻهو به شامل آهن جن جا اربين روپيا دائو تي لڳل آهن. جن ماڻهن ان سلسلي ۾ ڪوششون ڪيون آهن اهي نه رڳو ناڪام ٿيا آهن پر گھڻن کي ان سلسلي ۾ پنهنجي جان جو جوکم به کڻڻو پيو آهي. ليکڪ بدر ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته هڪ ڀيري سندس سگنل تي بيٺل ڪار کي پويان ڪنهن ريتي بجري جي ٽرڪ اچي ٽڪر هنيو جنهن ۾ ڪار ته تباه ٿي ويئي پر معجزاتي طور هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ ويٺل دوست بچي ويا. ان جو ممڪنه ڪارڻ هو ٻڌائي ٿو ته هن اخبار ۾ ريتي بجري مافيا خلاف لکڻ شروع ڪيو هو جنهن کان سندس ڪنهن دوست کيس منع به ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ڪجھ ماڻهن وٽ ان جي لاء اجازت ناما به آهن. پر هن کيس ان ڳالھه تي قائل ڪيو هو ته اجازت نامي جو مطلب اهو ناهي ته ڪوبه غلط ڪم ٿيندو رهي.
ان جا ملير جي زراعت تي نهايت اگرا ثر ٿيا آهن. هاڻي ٿيندو ائين آهي ته پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھٽجڻ جي ڪري مينهن جي مند ۾ ڪيچمينٽ ۾ ٿوري به مينهن جي ڪري نئين پنهنجن ڪنارن کان نڪري ايندي آهي ۽ شهر جي مختلف علائقن کي ٻوڙي ڇڏيندي آهي. اٽڪل ٽيه پنجٽيه سال اڳ جي ڳالھه آهي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هوس. پارٽي پاران ڪالابورڊ ملير ويجھو صديق وليج ۾ لطيف ڊي ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. ان ڏينهن ڪراچي ۾ سخت مينهن وسي رهيو هو. صورتحال اهڙي هئي جو پروگرام جو ٿيڻ اٽڪل ناممڪن هو. پر اسان ٻه ڄڻا لي مارڪيٽ کان بس ۾ ڪالا بورڊ پهتاسين. اتي جنهن گرائونڊ ۾ پروگرام ٿيڻو هو اهو سڄو پاڻي سان ڀريل هو. نئين اٿلي هئي ۽ روڊ رستا سڀ پاڻي ۾ ٻڏل هئا. واپسي لاء ڪنهن سواري جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. جيئن تيئن ڪري ناٿا خان تائين پهتاسين پر اتي پاڻي نئين جي ڪنارن کان ٿيندو پل تائين پهچي ويو هو. اسان ٻيئي ڄڻا هٿ ۾ هٿ ڏيئي وڏي ڏکيائي سان پل پار ڪري سگھياسين. هن وقت به نئين جي چاڙه جي وقت خاص طور ڪورنگي روڊ ته پاڻي جي ڪري بند ٿي ويندو آهي.
انگريزن جي دور ۾ شهر کي پاڻي ڏيڻ لاء ملير نئين جي پيٽ ۾ هاڻوڪي گڏاپ ٽائون جي ويجھو مختلف مرحلن ۾ کوه کوٽيا ويا جن جو ٿعداد سورنهن تائين پهتو. انهن کي ڊملوٽي جا کوه چيو ويندو آهي ۽ هتان شهر کي روزانو ٻه ڪروڙ گيلن پاڻي ملندو هو. نئين مان مٽي لاڳيتو نڪرندي رهي. سرڪار ان کي ته روڪي نه سگھي پر ان انهن کوهن جي ويجھڙ کان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وجھي ڇڏي. پر اها به گھڻو عرصو برقرا ر نه رهي ۽ ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان هتان به مٽي نڪرڻ شروع ٿي ويئي. نتيجي ۾ اهي کوه سڪي ويا ۽ انهن مان شايد هڪ اڌ هلندڙ آهي جنهن مان واٽر بورڊ جي عملي جي ڪالوني کي پاڻي ملي ٿو. علائقي جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته انهن کوهن جي سڪڻ جي ڪري سندن زمينن ۽ زراعت کي نقصان پهتو آهي. سندن چوڻ آهي ته هن وقت زير زمين پاڻي جي سطح مٿي ٿي آهي ۽ انهن سرڪار کي چيو آهي ته انهن کوهن جي بحالي لاء ڪوششون ورتيون وڃن پر صوبائي حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي ان ۾ ڪا دلچسپي نظر نه ٿي اڇي. سندن ڇوڻ آهي ته اهي هاڻي فائديمند ناهن رهيا.
سمنڊ ۾ ان ٻنهي ندين جو صاف پاڻي رڳو مينهن جو هوندو آهي جڏهين ته وڏي مقدار ۾ گندو پاڻي ۽ ٻيو گند ڪچرو انهن ندين وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. اٽڪل ٽيھه ڪروڙ گيلن کان وڌيڪ گندو پاڻي روزانو سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. انهن ندين جي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ چمڙي، دوائن، پيٽرو ڪيميڪل، ڪاغذ، گتي، ٽيڪستائيل، انجينيئرنگ ورڪس جا ڪارخانا ۽ ٿرمل پاور اسٽيشن آهن جن جو سڄو گند ڪچرو انهن ندين وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. ان سان سامونڊي جيوت ۽ ڪراچي پورٽ ترسٽ لڳ جيڪي مينگرو آهن انهن کي نقصان پهچي ٿو ۽ نتيجي ۾ پوري ماحوليات متاثر ٿئي ٿي.
جيتوڻيڪ انهن ندين ۾ مختلف وقتن تي سير تفريح ۽ آمدرفت لاء ٻيڙي سروس وغيره جون تجويزون ۽ ڳالهيون پڻ ٿيون آهن پر شهر جي ماحول کي بهتر ڪرڻ لاء ڪا رٿابندي ناهي. بلڪ ان کي ڏينهون ڏينهن اڃا وڌيڪ ابتر ڪيو پيو وڃي.