مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ڪراچي جا ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا

ڪراچي جي لاءِ عام تاثر اهو آهي ته هتي بس مائي ڪلاچي جي نالي سان هڪ ڳوٺ هوندو هو جيڪو سمنڊ جي ڪناري هئڻ ڪري هڪ اهم تجارتي مرڪز ۽ اڳتي هلي هڪ ڪاسموپوليٽن شهر بڻجي ويو. جڏهين ته باقي هڪ غيرآباد علائقو هو جتي ڪا انساني آبادي نه هئي. حقيقت اها آهي ته هتي شهر جي ٻنهي اهم ندين، لياري ۽ ملير، جي ڪنارن تي سوين ڳوٺ آباد هئا جتي ڳوٺاڻا ٻني ٻاري ۽ جانورن وغيره پالي پنهنجو گذران ڪندا هئا. مختلف قبيلن جهڙوڪ جوکيا، نومڙيا، برفت، ڪلمتي وغيره هتي صدين کان آباد هئا جن کي ڪلهوڙن ۽ ٻين حڪمرانن پاران گھرن ۽ زمينن جي ملڪيت جون سندون مليل هيون. هڪ واپاري رستي هئڻ ڪري انهن قبيلن جو ڪم تجارتي قافلن جي حفاظت ڪرڻ پڻ هوندو هو. انهن جا بلوچستان جي ماڻهن سان خاص ۽ ويجھا ناتا هوندا هئا.
انگريزن جي ڪراچي تي قبضي کانپوءِ سندن سڄي توجھ بندرگاه ۽ ان جي چوڌاري علائقن تي هئي. صدر ۽ وڌ ۾ وڌ به گرومندر تائين شهر جي حد ختم ٿي ٿي ويئي. ايستائين ته لياري ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي به شهر کان ٻاهر ليکيو ٿي ويو. اهي ڳوٺ ڇڙوڇڙ ۽ هڪ ٻئي کان ڪٽيل هوندا هئا جتي تعليم، صحت، پاڻي ۽ سيوريج وغيره جي ڪا سهولت نه هئي. انگريزن پاران اهي سهولتون به سندن مقرر ڪيل شهر جي حدن تائين هيون. انهن ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي استعمال جو پاڻي به انهن ندين مان حاصل ڪندا هئا.
هئڻ ائين کپندو هو ته شهر جي واڌ ويجھ جو هتان جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن کي فائدو ملي ها. پر ڳاله ان جي ابتڙ ٿي. گھڻي ڀاڱي ڳوٺاڻا شهر جي ترقي جي ڪري پنهنجن اجھن ِ۽ روزگار جي ذريعن کان به محروم ٿي ويا.
ورهاڱي کانپوء ڪراچي ۾ وڏيون تبديليون واقع ٿيون. هڪ ته وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري شهر جي آبادي ۾ گھڻو واڌارو ٿيو ۽ ٻيو شهر نئين ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو. هندوستان لڏي ويل هندن جون جايون نون آيلن لاء ڪافي نه هيون. ان لاء نين آبادين کي ٺاهڻ جي ضرورت هئي. ان سلسلي ۾ اهو فرض ڪيو ويو ته ڪراچي جي پراڻي شهر کانسواء باقي سڄو ويران پٽ آهي ۽ اتي ڪا انساني آبادي ناهي.
شهر کي وڌائڻ ۽ نين آبادين کي ٺاهڻ ۾ ڪراچي جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جو اهو ڪردار هو ته انهن کي انهن ڳوٺن مان لڏايو ويو، انهن جي گھرن کي ڊاٿو ويو ۽ جيڪڏهين ڪجھ .باقي به رهڻ ڏنو ويو ته انهن کي هڪ غيراهم ۽ بيڪار شي وانگر هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. شروع ۾ لالو کيت ۽ ان کان اڳتي فيڊرل ايريا ۽ نيو دهلي جي طرز تي نيوڪراچي جون وستيون قائم ڪيون ويون. هتي ڪي ڪي ڳوٺ ائين رهجي ويا. لالو کيت جي بلڪل وچ ۾ ڊاڪخاني جي اسٽاپ جي ويجھو حاجي مريد ڳوٺ، جتي ڪجھ عرصو ليکڪ، صحافي ۽ اسان جو دوست فقير محمد لاشاري به رهيو هو ۽ عزيز آباد ويجھو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر ۽ اسان جي دوست فتح محمد برفت جي ڀنگوريا ڳوٺ کي ڏسي سگھجي ٿو.
اهو سلسلو هڪ جاء تي نه بيٺو بلڪ جيئن شهر ڦهلجندو ويو، نوان ڪارخانا لڳا، ملڪ جي ٻين علائقن ۽ ٻين ملڪن مان ماڻهو مختلف ڪارڻن جي ڪري هن بندرگاه واري شهر ۾ ايندا ويا، نيون آباديون قائم ٿيون ۽ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا ان جو شڪار ٿيا. گلشن اقبال 1970 جي ڏهاڪي ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿيو. لڳندو ائين هو ته هتي ڪا انساني آبادي ناهي. گرومندر کان ڪراچي يونيورسٽي تائين پراڻي سبزي منڊي، حسن اسڪوائر، اڙدو سائنس ڪاليج ۽ نيپا جون عمارتون ئي هونديون هيون. پر اهو سڄو علائقو مختلف ڳوٺن تي مشتمل هو جن جو جديد شهري سهولتن نه هئڻ ڪري شهر سان ڪو سرگرم لاڳاپو نه هو. انهن مان گھڻن ڳوٺن کي ڊاهي هڪ نئون شهر اڏيو ويو جتي تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ ٻيون شهري سهولتون آهن جيڪي ان کان اڳ اتي رهندڙ ڳوٺاڻن کي ميسر نه هيون. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ رهجي ويا اهي به آهستي آهستي بلڊرز ۽ شهر جي رٿابندي ڪندڙ ڪامورن جي مهربانين سان نئين آبادي ۾ ضم ٿيندا ويا ۽ ڳوٺن جا رڳو نالا رهجي ويا.
ٻين ڳوٺن ۾ ٻني ٻارو ته ختم ٿي ويو هو ۽ ڳوٺاڻا گھڻو ڪري مال تي گذر بسر ڪندا هئا پر ملير اهڙو علائقو هو جتي ٻني ٻارو به ٿيندو هو ۽ مختلف ميون وغيره جا باغ به هوندا هئا. هتان مختلف قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا وغيره شهر جي مارڪيٽ ۾ ويندا هئا. هتان جي باغن وغيره ۾ گھڻا ماڻهو خاص طور ويڪ اينڊ گذارڻ ويندا هئا. منهنجو به ڪڏهين گھمڻ ۽ ڪڏهين دوستن سان ملڻ لاء مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. خاص طور ڄام ڳوٺ، ڪالا بورڊ وٽ صديق وليج، کوکرا پار ۾ ملير نئين جي ٻئي پاسي سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۽ منزل پمپ جي ويجھو جاجي پير ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو. جيتوڻيڪ اڃا تائين ملير ۾ اهڙا ڳوٺ آهن جتي باغ آهن ۽ ٻني ٻارو ٿئي ٿو پر گھڻن علائقن ۾ شهر گھڙي آيو آهي ۽ اهو عمل اڃا جاري آهي.
ملير هڪ وسيع علائقو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوء پي اي سي ايچ ايس، سنڌي مسلم سوسائٽي، ڪي ڊي اي اسڪيم نمبر ون ۽ محمد علي سوسائٽي وغيره کي ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هتي وفاقي حڪومت جي ڪامورن ۽ نئين ملڪ جي ٻئي ايليٽ کي عاليشان ۽ آرام ده بنگلا ٺاهي ڏجن جتي زندگي جي هر آسائش موجود هجي. ريوينيو ريڪارڊ ۾ هن وقت به سنڌي مسلم سوسائٽي واري چوواٽي کي ملير ناڪي جي نالي سان سڏجي ٿو. ساڳي ريت سڄي شاهراه فيصل ۽ اڳتي نيشنل هائي وي هن وقت جديد سهولتن وارين نين آبادين سان ڀريا پيا آهن. ڊرگ روڊ واري پل جي ٻئي پاسي واري علائقي کي اڃا به ناٿا خان ڳوٺ چيو وڃي ٿو. منهنجو اڪثر ان پل تان گذر ٿيندو آهي ۽ بسن ۽ ويگنن جي ڪنڊڪٽرن کي ناٿا خان جون رڙيون ڪندو ٻڌندو آهيان پر مون کي اوسي پاسي اهڙي ڪنهن نالي جو ڳوٺ نظر نه آيو آهي. ان کان اڳتي به جيتوڻيڪ ملير جو علائقو آهي پر ڪٿي به ڳوٺن جو نالو نشان نه ٿو ملي. صديق وليج ۽ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ جي گھرن ۽ رستن وغيره جي صورتحال اهڙي آهي ڄڻ اها ڪا ڪچي آبادي هجي. اها ساڳي صورتحال قائد آباد کان اڳتي منزل پمپ جي ويجھو حاجي پير ڳوٺ جي آهي جتي اسان جو دوست ۽ اسٽيٽ بينڪ جو سينيئر آفيسر شوڪت بزنجو رهندو آهي. ان جي ويجھو ئي ڪوهي ڳوٺ آهي جتي ڊاڪٽر شيرشاه سيد عورتن جي بيمارين جي علاج لاء اسپتال قائم ڪئي آهي جيڪا سڄي سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل عورتن جي خدمت ڪري رهي آهي.
پاڪستان اسٽيل ۽ پورٽ قاسم جي ٺهڻ وقت هتان گھڻن ڳوٺن کي لڏايو ويو. پر اڃا به انهن جي ڀرپاسي ۾ گھڻا ڳوٺ موجود آهن جتي اسڪول ۽ صحت وغيره جون ناڪافي سهولتون آهن جڏهين ته ان جي ڀر پاسي وارين آبادين گلشن حديد، اسٽيل ٽائون ۽ پورٽ قاسم جي سوسائٽي جي رهائشين کي جديد سهولتون حاصل آهن. هن وقت بحريا ٽائون، ڊي ايچ اي ۽ ٻيا انيڪ هائوسنگ پروجيڪٽ ڳوٺن وغيره کي ڊاهي ۽ ڳوٺاڻن جي زمينن تي قائم ڪيا ويا آهن. ان ڪم ۾ بلڊرز، ريوينيو جا ڪامورا ۽ سياستفان شامل آهن جن ريڪارڊ ۾ هير ڦير ڪري انهن زمينن جي ملڪيت کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
شهر جي جيڪا صنعتي ترقي ٿي ۽ پاڪستان اسٽيل ۽ پورٽ قاسم جهڙيون وڏيون رٿائون ٺاهيون ويون اهي سڀ ڳوٺن کي ختم ڪري ئي ٺاهيون ويون.
هتان جي ماڻهن ۽ سندن ڳوٺن جي حالت کي ڏسندي اها ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته انهن کي اتي ئي ڇڏيو ويو آهي جتي اهي نين آبادين جي قائم ٿيڻ کان اڳ موجود هئا. انهن جي پسماندگي ۽ سماجي طرح پٺتي رهڻ لاء مختلف ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون گھڙي ان جو سڄو ڏوه انهن تي ئي مڙهيو ويو آهي. ان ڳالھه کي وڏي پئماني تي هلايو وڃي ٿو ته اهي ماڻهو سست آهن، ڪم نه ٿا ڪرڻ چاهين ۽ انهن پاڻ ٻين ماڻهن کي پنهنجون زمينون وغيره وڪرو ڪري ڏنيون آهن. ڏٺو وڃي ته دنيا جي جن به ملڪن ۾ ڪالونائيزيشن ٿي آهي ۽ مقامي ماڻهن جي گھرن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن اتي انهن ماڻهن لاءِ اهي ئي ڳالهيون هلايون ويون آهن. اهي سڀ پنهنجي قبضي کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لاء جواز گھڙيا ويندا آهن. جيڪڏهين انهن ماڻهن کي تعليم، صحت، سڙڪون ۽ ٻيون شهري سهولتون ڏنيون وڃن ها ۽ انهن جي زندگي گذارڻ جي طريقي کي جديد طرز تي استوار ڪيو وڃي ها ته انهن جي صورتحال مختلف هجي ها. اهڙا انفرادي مثال موجود آهن پر اهي رڳو استثنا آهن. ان صورت ۾ اهي ماڻهو هڪ پٺتي پيل ۽ پسمانده زندگي نه گذارين ها پر ان شهر جو ضروري حصو هجن ها جيئن ٻين ملڪن ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا هوندا آهن.
انهن ماڻهن کي سندن گھرن ۽ روايتي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪيو ويو جڏهين ته انهن کي ان قابل به نه ڪيو ويو ته اهي شهر جي جديد زندگي ۾ ضم ٿي پنهنجي لاء روزگار جا نوان ذريعا حاصل ڪري سگھن. ان ڪريِ انهن ۽ انهن جي ڀر ۾ رهندڙ نين آبادين جي ماڻهن ۾ هڪ واضح فرق پيدا ٿي پيوآهي جن کي تعليم صحت، صاف پاڻي ۽ ٻيون شهري سهولتون حاصل آهن جن کان اهي ڳوٺاڻا محروم آهن .انهن جي زندگي گذارڻ جو طريقو اهو ئي پراڻو آهي. اهڙي ريت شهر ۽ ان جا ماڻهو اڳتي وڌي ويا ۽ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا پوئتي رهجي ويا. منهنجو هڪ دوست مون کي چوندو آهي ته خاص طور ڪراچي جي ڳوٺاڻن سان جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي اهي ريڊ انڊين واري سطح جي ويجھو آهن. پر آئون اڃا ان کان ٿورو اڳتي ويندي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪيان ته اهي اڳ ئي ان سطح تي پهچي چڪا آهن. اهي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان نه رڳو هڪ پسمانده زندگي گذاري رهيا آهن پر ان زندگي ۾ ئي انهن کي قيد رکڻ لاء اهڙو وڏيرڪو ۽ سرداري سرشتو ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به ريت ان شڪنجي مان آزاد ٿيڻ نه ٿو ڏئي.