سنڌو ۽ دريائن جي آلودگي
سنڌ طاس ٺاه کانپوءِ پاڪستان جي لاء راوي هڪ مئل دريا بڻجي ويو آهي. تازو هڪ رپورٽ آئي آهي، جنهن مطابق راوي دنيا جو آلودو ترين درياءُ آهي، جنهن جو مک ڪارڻ دوائن جي ڪمپنين پاران پنهنجي ڪن ڪچري کي دريا ۾ ڦٽو ڪرڻ آهي. جڏهين ته ساڳي وقت ڀارت دريا جو صاف پاڻي ته پنهنجي استعمال ۾ آڻي ٿو، پر گٽر جو پاڻي ۽ سيويج پاڪستان واري پاسي موڪلي ٿو. راوي هائوسنگ رٿا دريا جي لاءِ وڌيڪ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اهڙي ريت 3180 ڪلوميٽر کان وڌيڪ ڊگھو سنڌو گھڻن ملڪن مان گذري ٿو. اولھه تبت مان شروع ٿي مختلف ملڪن مان گذري لداخ ۽ گلگت مان ٿيندوهڪ ڊگھو سفر ڪري، سمنڊ تائين پهچي ٿو. مختلف ملڪن پاران دريا تي ڊيم ۽ بيراج وغيره ٺاهيا ويا آهن. انهن سڀني علائقن، جتان دريا گذري ٿو، جا ماڻهو دريا جو پاڻي پنهنجي ذاتي ۽ زرعي ۽ صنعتي مقصدن وغيره لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙي ريت اهي پنهنجو سڄو گند ڪچرو به دريا جي حوالي ڪن ٿا، جيڪو اهو پاڻ سان سمنڊ تائين کڻي اچي ٿو.
آلودگي جي حوالي سان سنڌو جي صورتحال به ڪا گھڻي چڱي ناهي. اهو دنيا جي ڊگھن دريائن مان هڪ آهي جيڪو هڪ وڏو فاصلو طئي ڪري اچي سمنڊ سان ملي ٿو. ان سڄي سفر ۾ ان کي گھڻو گند ڪچرو ۽ زرعي ۽ صنعتي ڪچرو جنهن ۾ مختلف ڪيميڪلزوغيره شامل هجن ٿا کڻي اچڻو پئي ٿو.
پلاسٽڪ جي استعمال خاص طور پاڻي جي ذريعن جي آلودگي جي حوالي سان دنيا جي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ شامل ڪيميڪلز، جلد حل نه ٿي سگھڻ ۽ آبي جيوت لاء هاڃيڪار هئڻ متعلق گھڻو ڪجھ چيو ۽ لکيو ويو آهي. اهي پلاسٽڪ جون شيون سمنڊ وسيلي اهڙن ٻيٽن تي به پهچي ويون آهن جتي انساني آبادي ناهي. انهن هاڃيڪار اثرن جي ڪري مختلف وقتن تي ان تي پابندين جو به اعلان ڪيو ويو آهي پر ان تي ڪو موثر عمل نه ٿي سگھيو آهي. ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي هڪ اندازي موجب ساليانو سمنڊ ۾ اسي لک ٽن پلاسٽڪ داخل ٿئي ٿو ۽ سمنڊ جي ڪن ڪچري جو سٺ کان اسي سيڪڙو پلاسٽڪ آهي.
تازو هڪ اسٽڊي موجب سنڌو پلاسٽڪ جي ان آلودگي جي حوالي سان دنيا جو ٻيون نمبر آلودو دريا آهي جڏهين ته پهرئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي دريا چين ۾ آهن ۽ پنجين نمبر تي نيل دريا آهي. پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جي صنعت جي سالياني واڌ پندرنهن سيڪڙو آهي ۽ پلاسٽڪ جي سالياني پيداوار 624200.ٽن آهي. سنڌو سمنڊ ۾ 164332 ٽن کڻي وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ پلاستڪ جو پنجانوي سيڪڙو دنيا جي ڏهن دريائن مان اچي ٿو جن مان اٺ ايشيا ۾ آهن ۽ ٻه آفريقا ۾ آهن. صنعتي آلودگي خاص طور کنڊ ۽ دوائن جي ڪارخانن وغيره جي گند ڪچري جو دريا جي آلودگي ۾ هڪ وڏو ڪردار آهي. ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ سروي وغيره ڪرايا ويا آهن پر ان جي تدارڪ لاء ڪي جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن.
دريا جي آلودگي مختلف طريقن سان انساني ۽ ٻي جيوت کي متاثر ڪري ٿي. مختلف علائقن ۽ شهرن مان جتان دريا گذري ٿو اتان جا ماڻهو ان جي پاڻي کي پيئڻ ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن لاء استعمال ڪن ٿا. اها ڳاله طئي ٿي چڪي آهي ته اهو پاڻي آلودگي جي ڪري انساني استعمال لاءهاڃيڪار آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ملڪ جي ٽن وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد جا مثال ڏنا وڃن ٿا. ان آلودگي جي ڪري دريا جو پاڻي زمين ۾ جذب نه ٿو ٿي سگھي ۽ نتيجي ۾ مختلف شهرن ۾ زمين جي هيٺان پاڻي جي سظح گھٽبي پيئي وڃي. مڇي جا گھڻا قسم ختم ٿيندا پيا وڃن. ان جو گھڻو نقصان انهن ماڻهن کي آهي جيڪي دريا جي ان پيداوار تي گذارو ڪن ٿا.
سنڌو جو ڊيلٽا دنيا جي دريائن ۾ پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي. اهو ڊيلٽا 41440 ڪلوميٽر تي ڦهليل آهي. ان جو گھڻو حصو ته سنڌ ۾ آهي جڏهين ته هڪ ننڍو حصو ڀارت ۾ ڪڇ ۾ اچي ٿو. تمر جا وڻ دريا جي ڊيلٽا واري علائقي ۾ هوندا آهن. سنڌو جي ڊيلٽا ۾ تمر جي وڻن جو اهو جھنگل دنيا جو ستون نمبر وڏو جھنگل آهي. پر سنڌو جي ان ڊيلٽا لاء هاڻي اهو چيو ٿو وڃي ته اهو هڪ ختم ٿيندڙ ۽ مرندڙ ڊيلٽا آهي. ڇاڪاڻ ته دريا تي جيڪي مختلف ڊيم ۽ بئراج وغيره ٺاهيا ويا آهن، ان جي ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ پئجي ٿي ۽ ڊيلٽا کي تازو پاڻي نه ٿو ملي. نتيجي ۾ سمنڊ ڊيلٽا ۾ نفوذ ڪندو ٿو وڃي جنهن جي ڪري گھڻو علائقو سمنڊ حوالي ٿي ويو آهي. ڊيلٽا وارا شهر ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ وغيره جن جي ماضي ۾ بندرگاه ۽ تجارتي مرڪز هئڻ ڪري وڏي اهميت رهي آهي هن وقت ويران ٿي ويا آهن. خاص طور مٺي پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري ماڻهن جي گھڻائي ٻين علائقن ۽ شهرن ڏانهن لڏي ويئي آهي. اهو به چيو ٿو وڃي ته سمنڊ ٺٽي ۽ بدين کي ته ٻوڙيندو پر اهو حيدرآباد تائين به پهچي سگھي ٿو. ان صورتحال هڪ پاسي آبي جيوت کي متاثر ڪيو آهي ۽ مڇين جا مختلف قسم ختم ٿيندا پيا وڃن جنهن جو نقصان خاص طور ننڍن ماهگيرن کي کڻڻو پئي ٿو. ساڳي ريت تمر جي وڻن کي مڇيون آنا وغيره ڏيڻ لاء استعمال ڪنديون آهن. اهي وڻ ڊيلٽا جي انهي صورتحال، آلودگي ۽ ڪراچي شهر جي ڦهلاء جي ڪري گھڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن جو وڏو حصو ختم ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي بحالي لاء حڪومت ۽ مختلف اين جي اوز ۽ فردن پاران ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون پر اهي ناڪافي آهن ۽ تمر جي انهن جھنگلن کي بحال ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. ماحولياتي لحاظ کان اها هڪ تشويشناڪ صورتحال آهي جنهن انساني زندگي ۽ آبي جيوت کي متاثر ڪيو آهي.
سنڌو جي تهذيب جي هڪ خاص ڳالھه اها رهي آهي ته ان جي شهرن ۾ واڌو پاڻي ۽ گند جي اخراج لاء هڪ ترقي ڪيل نظام موجود هو جنهن وسيلي ان گند جو اخراج ڪيو ويندو هو. هن وقت اهو پاڪستان جو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن جي ڪري گھڻا مسئلا جنم وٺن ٿا. شهرن ۾ گندگي کانسواء اهو ملڪ جي زراعت لاء هڪ وڏو مسئلو آهي. زراعت جو گھڻو دارومدار نهري پاڻي تي آهي. سنڌ جي اسي سيڪڙو ڪڻڪ نهري پاڻي تي دارومدار رکي ٿي. انهن نهرن جي مناسب سار سنڀال نه هئڻ جي ڪري گھڻو پاڻي ٻنين تائين پهچڻ کان اڳ ضائع ٿي وڃي ٿو. ورلڊ فوڊ پروگرام جي اندازي موجب سنڌ ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد گھٽ خوراڪ جو شڪار آهي ۽ ان جو هڪ ڪارڻ نهرن جي مناسب سار سنڀال نه هئڻ ڪري زمينن جو سم ۽ ڪلر جي ڪري خراب ٿيڻ ۽ پوک لائق نه رهڻ آهي. سنڌ جي لکين ماڻهن کي ورلڊ فوڊ پروگرام جي تحت کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي ٿي.
دريا ۽ سنڌو ماٿري جي ماڻهن جو جياپو هميشه کان هڪٻئي سان لازم و ملزوم رهيا آهن. هن وقت دريا گھڻن مسئلن جو شڪار آهي بلڪ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته اهو پنهنجي بقاء جي جدوجهد ۾ ورتل آهي. انهن مسئلن جي گھڻي ذميواري هتان جي ماڻهن تي ئي عائد ٿئي ٿي جن پنهنجن ننڍن وڏن مفادن لاءِ دريا جي سڄي نظام ۽ ماحول کي متاثر ڪيو آهي. اها ڳالھه ته طئي ٿيل آهي ته دريا کي نقصان آخري نتيجي ۾ انهن ماڻهن جو ئي نقصان آهي. پر ان ڳالھه ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي في الحال محسوس نه ٿو ڪيو وڃي.