مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ڌرتي ڪيترو بار سهي سگھندي؟

دنيا ۾ وبائون اينديون رهيون آهن ۽ دنيا جي وڏي آبادي ان کان متاثر ٿيندي رهي آهي. ڇهين صدي عيسوي ۾ ته پليگ جي وبا جي ڪري دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ختم ٿي ويئي هئي. چوڏهين صدي جي وچ ڌاري وبا جي ڪري انگلينڊ جي اڌ آبادي ۽ يورپ جي مختلف حصن ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو مري ويا هئا. هن وقت ڪورونا وائرس سڄي دنيا جون متون منجھائي ڇڏيون آهن. دنيا جا اٽڪل سڀ ملڪ ان کان ڪنهن نه ڪنهن نموني متاثر ٿيا آهن. فطرت جي اندر اهڙا جرثوما لڪل آهن جن جي انسان کي اڃا تائين ڄاڻ ناهي ۽ هو انهن جو ڪو تدارڪ نه ڪري سگھيو آهي. گھڻو ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي وبائون ۽ بيماريون انسان جي پنهنجين غلطين ۽ افعالن جي ڪري ظاهر ٿينديون آهن. ڪڏهين گند ڪچري ۽ صفائي نه هئڻ ڪري ته ڪڏهين فطرت ۽ ماحول سان غيرضروري هٿ چراند جي ڪري. ساڳي وقت ان ڳالھه کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي ته مختلف ملڪن ٻين هٿيارن سان گڏ اهڙا حياتياتي هٿيار پڻ ٺاهيا آهن، جيڪي اهي پنهنجن مخالف ملڪن ۽ پنهنجي عوام خلاف استعمال ڪن ٿا ۽ ڪڏهين ڪڏهين انهن جا نتيجا سندن هٿن مان نڪري به وڃن ٿا.
ڏٺو وڃي ته ان سڄي ڪائنات ۾ انسان جي ذري جيتري به حيثيت ناهي پر ڌرتي تي به ڏسجي ته سندس ڪا وڏي حيثيت ناهي. سڄي مخلوق جيتن ۽ جانورن ۾ مس هو ڪو ذري جيترو آهي. ڌرتي تي موجود قدرت جي ڪل مخلوق ۾ هو هڪ سيڪڙي جو به هڪ سيڪڙو ٿيندو. سندس جياپو سڄي ڌرتي ۽ ان جي سڄي مخلوق جي جياپي سان لاڳاپيل آهي. اها ڌرتي رڳو سندس نه پر سڄي مخلوق جو گھر آهي. پراها ڳالھه هن جي سمجھڻ کان مٿي رهي آهي ۽ پنهنجن انفرادي ۽ گروهي فائدن لاءِ سڄي توازن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي. ان صورتحال کي ڏسندي اسٽيفن هاڪنگ اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڌرتي زندگي کي شايد وڌيڪ سو سال مس برقرار رکي سگھي ۽ انسان کي پنهنجي لاء ڪنهن نئين سياري جي ڳولها ڪرڻي پوندي. هن وقت دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ لاڪ ڊائون، ڪارخانن ۽ ٻي معاشي سرگرمي جي بند ٿيڻ ۽ گاڏين موٽرن جي بند ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ماحول مان آلودگي گھٽجي ويئي آهي ۽ هوا صاف ٿي ويئي آهي. چين ۽ يورپي ملڪن اهي اندازا لڳايا آهن ته ان صاف هوا جي ڪري ماڻهن جي زندگي بهتر ٿي ويئي آهي ۽ انهن جي جيئڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
خير اها ته عارضي ڳالھه آهي باقي اها پڪ آهي ته جيئن اهو بحران ۽ وبا ختم ٿي تيئن انسان وري پنهنجي ساڳي ڪرت کي لڳي ويندو. ان حوالي سان آمريڪي صدر ٽرمپ جهڙن اڳواڻن جي بيچيني ڏسڻ وٽان آهي جيڪي معمول جون سرگرمين کي شروع ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪرڻ چاهين پوء ڀلي ان جا نتيجا ڪهڙا به نڪرن. هڪ ڊگھي عرصي کان اها ڳالھه ٿيندي رهي آهي ته دنيا ۾ آلودگي وڌي رهي آهي، گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ ماحول ۾ تبديلي اچي رهي آهي. گليشئرن جي ڳرڻ جي رفتار وڌي ويئي آهي، دريائن جا رخ بدلجي ويا آهن ۽ ڪي ڪي دريا ته ماڳيئي غائب ٿي ويا آهن. سمنڊ جي سطح بلند ٿي رهي آهي ۽ انڊونيشيا جي گادي جي هنڌ جڪارتا جهڙن گھڻن شهرن، جن ۾ ڪلڪتو ۽ ڪراچي به شامل آهن، جي ٻڏڻ ۽ سمنڊ هيٺ اچڻ جا امڪان موجود آهن. اهو ته هڪ عام مشاهدو آهي ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ موسمن ۾ تبديليون آيون آهن. ڪٿي گرمي ۽ ان جو مدو وڌي ويو آهي ته ڪٿي سي معمول کان گھڻا ٿا پون. ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي ماهرن ۾ ڪو اختلاف ناهي ته مختلف معاشي سرگرمين جي ڪري هوا ۾ جيڪي هاڃيڪار گيس موجود آهن انهن کي گھٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي لاء صنعتن کي بند ڪرڻ نه پر اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان انهن گيسن جي اخراج کي ضابطي ۾ آڻي سگھجي. پر اهڙن قدمن کڻڻ لاءِ سرمائيدارن کي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو جنهن جي لاء اهي تيار ناهن. اهڙن گھڻن معاهدن مان خاص طور آمريڪا ڌار ٿي چڪو آهي ۽ گھڻن ۾ ان شامل ٿيڻ کان ئي انڪار ڪيو آهي. ان جي لاء هڪ دليل اهو ٿو ڏنو وڃي ته ماحول ۾ ايندڙ تبديليون قدرتي طور اچي رهيون آهن جيئن ماضي ۾ به ٿيندو رهيو آهي ۽ معاشي سرگرمين جو ان ۾ ڪردار معمولي ۽ غير اهم آهي.
درياءَ انساني تهذيب لاء بنيادي حيثيت رکن ٿا. وڏن ڊيمن جي ماحول ۽ انساني آبادين تي ناڪاري اثرن متعلق ماهرن جي رائي ۾ هاڻي ڪو اختلاف نه رهيو آهي. پر اها هڪ عجيب ڳالھه آهي ته عالمي مالياتي ادارا ان جي متبادل کي اڳتي وڌائڻ جي بجائي انهن جي لاء امداد ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هجن ٿا. جيڪڏهين رڳو سنڌو جو مثال ورتو وڃي ته اها خبر پوندي ته ڊيمن جو مسئلو رڳو پاڪستان ۾ ناهي پر دريا جن جن ملڪن مان گذري ٿو انهن سڀني ان مان پنهنجو حصو ڪڍڻ لاء دريا تي بند ٻڌا آهن ۽ ڊيم ٺاهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ڊيلٽا لاء پاڻي کي زيان خيال ڪيو ٿو وڃي جنهن جي ڪري نه رڳو گھڻا علائقا سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ ٺٽي ۽ اوسي پاسي وارن شهرن لاءِ به اهو امڪان موجود آهي. ساڳي وقت هڪ پاسي ته دريائن کي پوتر سمجھيو وڃي ٿو ۽ انهن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي ته ٻئي پاسي ان ۾ ايترو انساني ۽ ڪارخانن جو گند اڇلايو وڃي ٿو جو ان جو انسان لاء استعمال هاڃيڪار بڻجي وڃي ٿو.
انسان جي منافقت کي ان ڳالھه مان پرکي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي ته اهو چيو وڃي ٿو ته وڻ لڳايو پر ٻئي پاسي پنهنجي فائدي لاءِ جيڪي وڻ موجود آهن انهن کي به وڍيو ۽ تباه ڪيو وڃي ٿو. اٽڪل ستاويھه لک چورس ميلن تي ڦهليل لاطيني آمريڪا جو امازون جھنگل دنيا جي وڏن جھنگلن مان هڪ آهي. اهو نو ملڪن ۾ آهي. اٽڪل سٺ سيڪڙو برازيل ۾ آهي جڏهين ته باقي ٻين مختلف ملڪن جهڙوڪ پيرو، وينزويلا، ايڪوڊور، بوليويا ۽ سرينام وغيره ۾ آهي. ان جھنگل ۾ اٽڪل 390 ارب وڻ آهن ۽ دنيا ۾ جيڪي مينهن جي ڪري آباد ٿيندڙ جھنگل آهن اهو انهن جو اڌ آهي. انساني سرگرمي ۽ ترقي جي نالي ۾ 2018 تائين جھنگل جو سترنهن سيڪڙو تباه ٿي چڪو هو. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهين اهو ويه کان پنجويھه سيڪڙو تائين پهچي ٿو ته پوءِ اهو جھنگل جھنگلن جي ماحولياتي نظام مان نڪري ويندو. لڳي ٿو ته تازو وڏي پئماني تي جيڪا باه لڳي آهي ان جي ڪري اهو نڪتو اچي چڪو هونڌو. ان حوالي سان گھڻن ماڻهن برازيل جي صدر ڏانهن آڱر کنئي ٿي، جنهن جھنگل جي زمين کي صاف ڪرڻ لاء اهو ڪيو هو. ان سان گڏو گڏ جھنگل جي وچان امازون هائي وي ٺاهيو پيو وڃي جنهن جا پڻ ماحول تي ناڪاري اثر پوندا. جيڪڏهين ڏٺو وڃي ته اها ساڳي صورتحال پاڪستان ۾ آهي. هتي جيتوڻيڪ اربين وڻن جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي پر ساڳي وقت ملڪ جي مٿين علائقن ۾ جھنگلن ۽ سنڌ جي ٻيلن سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي.
ڪورونا جي وبا ته ختم ويندي پر امڪان اهي ئي آهن ته انسان پنهنجي ساڳي ڪرت کي لڳو پيو هونڌو ۽ پنهنجن فائدن لاء ماحول کي تباه ڪرڻ جو عمل جاري رکندو ايندو. ان جا نتيجا ڌرتي جي سڄي جيوت سميت کيس ۽ سندس ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻا پوندا. هن وقت ڪورونا ته رڳو هڪ تنبيھه آهي جڏهين ته چيو وڃي ٿو ته اڃا به اهڙا ڪيترا جراثيم موجود آهن جن جي انسان کي ڄاڻ ناهي. اهي هزارين سالن کان گليشيئرن وغيره ۾ دٻيل آهن ۽ جيئن ئي گرمي پد وڌڻ ڪري اهي ڳرڻ شروع ڪندا، جيڪو عمل هاڻي هلندڙ آهي، ته اهي ظاهر ٿيندا ۽ انسان کي نشانو بڻائيندا. ان جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته وبائن جي فريڪيونسي وڌي ويئي آهي ۽ اها 1980 کان وٺي سال ۾ ٽيڻ تي پهچي ويئي آهي.
ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته پنهنجين ترجيحن جو وري جائزو وٺجي. ماحول سان گڏوگڏ بجائي هٿيارن تي اربين کربين ڊالر خرچ ڪرڻ جي عام ماڻهن جي ڀلائي، انهن جي صحت، تعليم، روزگار ۽ کاڌ خوراڪ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. اها ڳالھه ئي ڌرتي ۽ انسان سميت ان جي سڄي جيوت جي باقي رهڻ جي امڪانن کي وڌائي سگھي ٿي.