ماحوليات ۽ گلاسگو ڪانفرنس جي ناڪامي
اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان گڏيل قومن پاران ان مسئلي جي حل لاء ڪوششون ٿي رهيون آهن. اها ان سالياني ڪانفرنسن جي سلسلي جي ڇويهين ڪانفرنس آهي جنهن کي COP 26 يا ڪانفرنس آف پارٽيز جو نالو به ڏنو ويو آهي. 2015 ۾ پيرس ۾ ٿيلCOP 21 کي هڪ اهم قدم ليکيو وڃي ٿو. ان ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته گرمي پد ۾ واڌاري کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ لاء ڪوششون ورتيون وينديون. مختلف ملڪن پاران ان سلسلي ۾ فنڊ وغيره مهيا ڪرڻ جا واعدا پڻ ڪيا ويا هئا. انهن سڀني ڳالهين جو پنج سالن کانپوء 2020 ۾ جائزو وٺڻ لاء چيو ويو هو پر ڪووڊ 19 جي ڪري اها ڪانفرنس گذريل سال نه ٿي سگھي ۽ هن سال برطانيا جي ميزباني ۾ گلاسگو ۾ ٿي. ٽرمپ جي آمريڪا ان سڄي معاملي کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي صدر بائيڊن ان سڄي معاملي ۾ شموليت ڪئي آهي ۽ اهو واعدو ڪيو آهي ته آمريڪا 2030 تائين ڪاربن جي اخراج ۾ ٻاونجاه سيڪڙو جي گھٽتائي ڪندو.
اهو مسئلورڳو دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن سان لاڳاپيل ناهي پر هن وقت ان جا اثر دنيا جا سڀ ملڪ محسوس ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي معيشت ۽ عام زندگي متاثر ٿي رهي آهي. پاڪستان جهڙن ملڪن تي ان جا اثر نهايت واضح آهن. هن وقت لاهور کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آلودو شهر ليکيو وڃي ٿو ۽ سياري جي مند ۾ هر سال ڪجھ مهينن تائين ڪوهيڙي جي ڪري معمول جي زندگي ڄڻ گھڻي ڀاڱي معطل ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهن ۾ ساه جون ۽ ٻيون مختلف بيماريون ڦهلجن ٿيون. ساڳي صورتحال ڀارت جي گادي جي هنڌ دهلي جي آهي جتي تازو سپريم ڪورٽ حڪومت کي چيو آهي ته ان صورتحال جي ڪري ماڻهن جي تحفظ لاء سندن گھر ۾ ڪم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو وڃي. جڏهين ته تازو آيل هڪ نيوز رپورٽ موجب بلوچستان جو شهر سبي جتي هونئن ئي گرمي وڌيڪ ٿيندي آهي پر هاڻي ان جي شدت ۾ اڃا واڌارو اچي ويو آهي ۽ گرمي جا ٻه ٽي مهينا ته اهڙا هوندا آهن جو گھر کان روزگار خاطر ٻاهر نڪرڻ ۽ زمين تي پير رکڻ ئي ممڪن نه هوندو آهي. مينهن گھٽ پوڻ جي ڪري اڳ جيڪا پوک ٿيندي هئي اها به نه ٿي ٿئي. ان صورتحال ۾ ماڻهو ان موسم جي اچڻ کان اڳ جيڪڏهين ٻين علائقن ڏانهن نه ٿا لڏين ته بک مرن ٿا. ساڳي ريت آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ گرمي جي مند ۾ ايتري گھڻي گرمي ٿئي ٿي جو هاڻي ان کي گرمي جي ان شدت جي ڪري موت جي ماٿري جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان ايشيائي ترقياتي بينڪ پنهنجي 2014 جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته گذريل صدي کان ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي پد ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهين عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گھٽائڻ لاء ڪوششون نه ورتيون ويون ته ڏکڻ ايشيا کي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي سطح تي وڏو نقصان کڻڻو پوندو. ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته گليشيئرن جي ڳرڻ ۽ سمنڊ جي سطح جي وڌڻ جي ڪري مالديپ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو ۽ هڪ ملڪ طور ان جو وجود ئي ختم ٿي ويندو. ساڳي ريت بنگلاديش جو ڊيلٽا وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ ان سان بنگلاديش سان گڏوگڏ ڀارت جون اهي رياستون به متاثر ٿينديون جن جي سرحد بنگلاديش سان ملي ٿي.
ساڳي ريت گرمي پد ۾ واڌاري جي ڪري گليشيئر، جن جي سطح اڳ ئي سنهي ٿي چڪي آهي، جي ڳرڻ جو عمل وڌيڪ تيز ٿي ويندو. اها صورتحال ان وقت اڃا به وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿي جڏهين انهن گليشيئرز کي جنگ جو علائقو ڪيو وڃي جيئن 1980 کان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سياچين ۾ ٿي رهيو آهي. اها صورتحال هڪ پاسي ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن جو ڪارڻ بڻبي ته ٻئي پاسي پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري مختلف علائقن ۽ ملڪن ۾ اختلاف ۽ تنازعا جنم وٺندا. ان ڳاله جي باوجود ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ دريائن جي پاڻي متعلق سنڌ طاس ٺاه آهي پر ڀارت پاران وقت به وقت ان ٺاه کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي پاڻي روڪڻ جي ڳاله ڪئي وڃي ٿي. ڀارت ۽ چين ۾ اهڙي قسم جو ڪو ٺاه ناهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي پاران ان ڳاله لاء هدايتون ڏنيون ويون آهن ته برهم پترا دريا تي چين جي پاسي تبت ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي. ظاهر ڳاله آهي اها ڳاله ٻنهي ملڪن ۾ موجود ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۾ اڃا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ان کانسواء ڀارت جي اندر مختلف رياستن ۽ پاڪستان ۾ خاص طور سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست واري معاملي تي اختلاف موجود آهن جيڪي صورتحال جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھن ٿا. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب همايه جي جبلن ۾ برف جي ختم ٿيڻ ۽ سمنڊ جي سطح جي وڌڻ جي ڪري بنگلاديش، مالديپ، نيپال، سري لنڪا ۽ ڀوٽان جي اٽڪل ويھه ڪروڙ ماڻهن جي زندگي ۽ روزگار متاثر ٿيندو. ڪنهن قسم جي گڏيل قدم جي غير موجودگي ۾ بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال ۽ سري لنڪا جي معيشت 2050 تائين هر سال 1.8 سيڪڙو ۽ 2100 تائين سراسري طور 8.8 سيڪڙو.گھٽبي.
ان سان گڏوگڏ لاطيني آمريڪا جي امازون جھنگل جي تباهي ماحوليات جي حوالي سان هڪ وڏو الميو آهي. پکين ۽ جانورن وغيره کي نقصان ته پنهنجي جاء تي پران سان ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ جو جيڪو اخراج ٿيندو اهو ان مقدار کان گھڻو وڌيڪ هوندو جيڪو هاڻي امازون جا وڻ ۽ ٻوٽا جذب ڪن ٿا ۽ ان جا اثر پوري دنيا تي پوندا. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته برازيل، جتي امازون جو هڪ وڏو حصو آهي ۽ جيڪو ان جي تباهي جو مک ذميوار آهي، جو صدر انهن ڪجھ ملڪن جي اڳواڻن ۾ شامل آهي جيڪي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيا.
قدرت جنهن پنڊ پهڻ، جانورن جي هڏنFossil) ) کي صديون اڳ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو ان کي انسان تيل، ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات جي صورت ۾ کوٽي ڪڍي پنهنجن معاشي مقصدن لاء ڪتب آڻي رهيو آهي. تيل جي استعمال سان گڏ گھڻا ملڪ ڪوئلي جو وڏي پئماني تي استعمال ڪري رهيا آهن. انهن ۾ سڀ کان اڳتي چين آهي جنهن جي ڪوئلي جي کپت پنجاه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ٻئي نمبر تي ڀارت آهي جنهن جي کپت 11 سيڪڙو آهي ۽ ٽئين نمبر تي آمريڪا آهي جنهن جي کپت 8 سيڪڙو آهي. جڏهين ته پاڪستان سميت دنيا جا ٻيا گھڻا ملڪ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين معاشي سرگرمين لاء ڪوئلي جو استعمال ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ڀارت سميت گھڻا ملڪ في الحال ان سلسلي ۾ ڪي اهم قدم کڻڻ لاء تيار ناهن. ڀارت جو چوڻ آهي ته سندن معيشت جو گھڻو دارومددار ڪوئلي تي آهي ۽ 2050 تائين ئي ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪري سگھندا.
هن وقت توانائي جي ذريعي طور ميٿون جو استعمال وڌي رهيو آهي. اهو زمين جي هيٺان پر گھڻي ڀاڱي سمنڊ جي هيٺان ملندو آهي. 1750 عيسوي کان ان جي مقدار ۾ ڏيڍ سو سيڪڙو واڌارو آيو آهي. ان جي ان گھڻي مقدار ۾ دستيابي ان جي استعمال کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. ان ۾ هڪ عنصر ڪاربن ۽ چار عنصر هائيڊروجن جا هوندا آهن. گئس واري شڪل ۾ هئڻ ڪري ان کي ذخيرو ڪرڻ ۾ تيڪنيڪي مسئلا آهن. ان جي لاء چيو وڃي ٿو ته اهو زمين کي گرم ڪرڻ ۾ ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ کان اٺاويھه ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي ۽ اهو استعمال کانپوءِ ختم ٿيندي به پويان ڪاربن ڇڏي وڃي ٿو. گرين هائوس گيسن جي تابڪاري شعائن کي پکيڙڻ ۾ ان جو ويھه سيڪڙو حصو آهي. اهڙي ريت گرمي پد جي حوالي سان ان تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
گلاسگو ڪانفرنس پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ان ڳالھه جي نشاندهي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. ڊگھي بحث مباحثي ۽ ڇڪتاڻ کانپوء مختلف اهم ڳالهين تي شريڪ ملڪ متفق نه ٿي سگھيا. چين ۽ ڀارت خاص طور ڪوئلي جي استعمال کي گھٽائڻ تي راصي نه هئا جڏهين ته آمريڪا ۽ يورپي يونين جا ملڪ غريب ۽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري متاثر ٿيندڙ ملڪن جي امداد لاءِ ٻه ارب ڊالر جي امداد جي واعدي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ڪجھ متاثر ملڪن پاران پريس ڪانفرنس ڪري ان ڪانفرنس جي ناڪامي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو ويو.
ان ڳالھه جي ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته جيڪڏهين گرمي پد کي صنعتي دور کان اڳ واري گرمي پد کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ لاء قدم نه ٿا کنيا وڃن ته اهو صدي جي آخر تائين 2.7 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان آهن ۽ ان جا جيڪي اثر ٿيندا اهي هاڻي ئي واضح طور نظر اچن ٿا. ناسا جي هڪ تازي رپورٽ موجب زمين جو ماحولياتي ڪور اڃا وڌيڪ سنهو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهي. موجوده صورتحال کي ڏسندي اهو چئي سگھجي ٿو ته ان سڀ جي باوجود گھڻن ملڪن کي ڌرتي ۽ انسان جي آئيندي ۽ جياپي کان وڌيڪ پنهنجا ٿوري مدي وارا معاشي مفاد وڌيڪ اهم نظر اچن ٿا.