مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ڪووڊ 19: اثر ۽ غربت ۾ واڌ

ڪووڊ 19 اڃا ختم ناهي ٿيو. جن ملڪن ۾ ان کي ختم سمجھيو ٿي ويو اتي به اها وبا وري زور شور سان وڌڻ شروع ٿي آهي. خاص طور يورپ جي ڪجھ ملڪن ۽ برازيل جي امازون واري علائقي ۾ ان وري زور ورتو آهي.هن وقت وبا جي ڪري مري ويلن جو تعداد ڏه لک کان وڌي چڪو آهي.
ڏٺو وڃي ته نيوزي لينڊ جهڙو ڪو هڪ اڌ ئي اهڙو ملڪ آهي، جنهن وڏي سوچ ويچار ۽ جاچ جوچ کانپوء پابندين کي ختم ڪيو آهي جڏهين ته گھڻن ملڪن ان ڳالھه تي گھڻي توجھ نه ڏني آهي. ان جي باوجود گھڻن ملڪن ۾ ماڻهن ان سلسلي ۾ گھڻي احتياط ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيا، جيڪو ان وبا سان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ۾ اسي سيڪڙو ماڻهو احتياط نه ٿا ڪن ۽ هن وقت اتي اهي ڪيس وڌڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪجھ عرصو اڳ ته گھڻن ماڻهن لنڊن جي سڙڪن تي نڪري مظاهرا به ڪيا هئا ۽ ان وبا کي ڪوڙ ۽ بل گيٽس جي سازش قرار ڏنو هو.
پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ حيرت انگيز حد تائين گھٽتائي ٿي آهي جنهن تي دنيا جا گھڻا ماڻهو حيرت جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته ماڻهن جي چڪاس جي تعداد کي گھٽايو ويو آهي. هڪ ٻيو اهم ڪارڻ هڪ اهم نجي اسپتال جي اها تحقيق آهي ته ڪورونا جا پنجانوي سيڪڙو اهڙا مريض آهن جن ۾ بيماري جون علامتون ظاهر نٿيون ٿين ۽ ان ڪري اهي ڳڻپ ۾ نه ٿا اچن. پاڪستان ۾ هونئن ئي شروع کان ماڻهن ان وبا کي هڪ ڪوڙ سمجھيو ٿي ۽ حڪومت جي لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ۽ ٻين پابندين کي قبول نه ٿي ڪيو. رمضان، عيد ۽ محرم ۾ ماڻهن ۽ حڪومت ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت رهي. هن وقت صورتحال ۾ سڌاري اچڻ جي ڪري گھڻي ڀاڱي معاشي سرگرمي بحال ڪئي ويئي آهي ۽ تعليمي ادارن وغيره کي به کوليو ويو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهن کي اهو چيو ٿو وڃي ته وبا اڃا ختم ناهي ٿي ۽ احتياط ضروري آهي. پر ماڻهن جن وبا جي زور هئڻ واري وقت ئي احتياط نه ٿي ڪئي اهي هن وقت ڪهڙي احتياط ڪندا. عام تاثر اهو ئي آهي ته وبا ختم ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي زندگي معمول موجب گذاري سگھجي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪيسن جي تعداد ۾ واڌارو اچڻ شروع ٿي ويو آهي.
وبا جا معاشي اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين هلندا. جيتوڻيڪ شاهوڪار ملڪن جي معيشت ۽ اتان جا عام ماڻهو به ان کان متاثر ٿيا آهن پر ان جو اثر گھٽ ترقي ڪيل ملڪن ۽ خاص طور ان جي غريب ماڻهن تي گھڻو پيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ته انهن ملڪن جي ماڻهن جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ جي صلاحيت محدود آهي ۽ ٻيو ته جيڪي رعائتون ڏنيون ويون آهن انهن جو گھڻو حصو ٽئڪسن ۾ ڇوٽ، بينڪن جي رعائتي قرضن ۽ ٻين سهولتن ۽ مراعاتن جي صورت ۾ وڏن واپارين ۽ سرمايا دارن کي ڏنو ويو آهي جڏهين ته غريب پورهيت ماڻهن کي رڳو خيرات جي صورت ۾ ڪجھ ٽڪڙا ڏنا ويا آهن. انهن ملڪن جو اهو مسئلو ان ڪري به وڌيڪ منجھيل آهي ته سندن چوڻ آهي ته سندن معيشت هڪ ڊگھي عرصي تائين لاڪ ڊائون جي متحمل نه ٿي ٿي سگھي. پاڪستان جي حوالي سان ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته آئي ايم ايف جي هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ گذريل سالن ۾ غربت ۾ گھڻي گھٽتائي ٿي هئي ۽ اها 2015 ۾ 24.3 سيڪڙو ٿي ويئي هئي. پر ڪوود 19 جي ڪري نه رڳو معاشي واڌ ۾ ٽي سيڪڙو گھٽتائي ٿيندي پراهڙن ماڻهن جو تعداد تيزي سان وڌي چاليھه سيڪڙو ٿي ويندو جيڪي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. ڀارت صورتحال جي سنگيني جي باوجود لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ لاء اهو ئي جواز پيش ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪيسن جي تعداد ۾ وڏي پئماني تي واڌارو آيو ۽ ملڪ معاشي بحران سان گڏ هڪ صحت جي بحران ۾ به وٺجي ويو.
گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم جي ڊائريڪٽر جرنل جو چوڻ آهي ته اها خاص طور غريب ماڻهن لاء هڪ ٻٽي وبا آهي. هڪ پاسي انهن جي صحت جا مسئلا آهن ۽ ٻئي پاسي بک ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي.
خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم پنهنجي تحقيق مان ان نتيجي تي پهتي آهي ته هن وقت بک عالمي سطح تي وڌي رهي آهي. سندس چوڻ آهي ته ايشيا جي معاشي ترقي جي باوجود هن وقت اتي سڄي دنيا جي اهڙن ماڻهن جو اڌ تعداد رهي ٿو جن کي پوري خوراڪ ميسر ناهي. وبا جي ڪري معاشي واڌ ۾ اڃا گھٽتائي ٿيندي جنهن جي ڪري خوراڪ جي تحفظ وارو معاملو اڃا گنڀير ٿي ويندو. ان حوالي سان ڏکڻ ايشيا جي صورتجال اڃا وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي جتي گھٽ خوراڪ وارن ماڻهن جو تعداد 2030 تائين ٽيٽيھه سيڪڙو وڌي ٽيٽيھه ڪروڙ ٿي ويندو. اهو دنيا جو واحد علائقو آهي جتي غريب ترين ويھه سيڪڙو آبادي جي اڌ کان وڌيڪ ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ متاثر ٿئي ٿي. اهي ساڳي قسم جا مسئلا پئسيفڪ ۽ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي غريب ٻارن سان به آهن.
اهو امڪان به آهي ته ان معاملي تي ڪجھ ملڪن جا ناتا به خراب ٿين. آمريڪا ۽ چين ۾ ان حوالي سان اختلاف ته شروع کان آهن. آسٽريليا جي وزيراعظم جي ان بيان تي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ان ڳالھه جي تحقيق ٿيڻ گھرجي ته، ان وبا جنهن سڄي انسان ذات کي وڪوڙي ڇڏيو، ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا، آسٽريليا ۽ چين جي ناتن ۾ هڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. تازو آسٽريليا جي وزيراعظم پاران گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي کي خطاب ۾ اها ساڳي ڳالھه چئي ويئي آهي. جيتوڻيڪ هرڪو آئندي متعلق پنهنجو رايو ڏيئي رهيو آهي. هڪ ڊجيٽل دور، ڪم جي جاين جو گھرن ۾ منتقل ٿيڻ وغيره پر اهم سوال اڃان به باقي آهن. اها ڳالھه نه ٿي ڪئي وڃي ته اجتماعي طور حڪومتن ۽ ماڻهن جو فطرت ۽ ٻين جانورن ڏانهن رويو ڇا هوندو. ان جو اندازو رڳو ان ڳاله مان لڳايو ته ان وبا لاءِ جيڪا ويڪسين تيار ڪئي پيئي وڃي ان جي لاء شارڪ جو جگر استعمال ڪيو ويندو. اهو چيو وڃي ٿو ته ان مقصد لاء ڏه لک شارڪن کي ماريو ويندو، جنهن جي ڪري انهن جي آبادي ۾ وڏي گھٽتائي ايندي. اهڙي ريت اهو چئي سگھجي ٿو ته ماڻهو جي رويي ۽ زندگي گذارڻ جي طريقن ۾ ڪنهن مثبت تبديلي اچڻ جو امڪان نه هئڻ برابر آهي. ساڳي وقت عالمي ادارا ۽ ٻيا ماهر غربت ۽ بيروزگاري جا ممڪنه انگ اکر ته ٻڌائين ٿا پر ان جي تدارڪ لاءِ ڪي تدبيرون نه ٿا ٻڌائين. ان جي نتيجي ۾ سماجي بيچيني ۽ سياسي اٿل پٿل جي امڪانن کي پڻ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.